سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو19

مخدوم سليم الله صديقي

 

 

ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ٿر تان ڀيرو

صبح جو 11:00 وڳي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سڏ تي سندن اوطاق تي گڏ ٿياسين. هيءَ ڪوٺ نه صرف قرب وچان هئي، بلڪ وقتائتي به هئي. ٿر، جنهن ۾ رڻ جون رڙيون ۽ بر جون بلائون ڪر کنيو انساني حياتيءَ کي پيون للڪارينديون آهن، اتي اڄ سايون ٽاريون پکي پکڻ سان ملي اُٺي جي واءَ سان پيون لڏن ۽ لمن. اڳئي پئي دل سٽون کاڌيون، مٿان ساڻيهه جو سڏ، ڪير پاڻ کي جهلي، هونئن به وسڪاري کان پوءِ ٿر ڏسڻ وٽان آهي.

اڳي هئس ماندي، مٿان ٿيم هوڪار،
جهليو ڪين جهلجان، اکين اڳيان انڌوڪار،
پهچي ننگرپار، سچ سليندس سڀن سين.
***

رَمن ريجهن ڪين، گهومين اندر گهاءَ،
هِتِ هُتِ ڳولين، وجهن ٿا پڙاءَ،
جيءَ جا جڙاءَ، رُلڻ سين ماٺا ٿين.
***

مونجهن موٽن ڪين، چڙهيو وڃن ڪاڪ،
اوندهه ۽ طوفان جا، سڏبا سي هيراڪ،
روح ٿين رولاڪ، مرڻ جيئڻ ساڳيو.
                                           (سليم الله)

جلدي ڊاڪٽر صاحب جي گهران عمرڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين جتي مانجهاندو جهليل هو. عنايت راهمون (اڳوڻو ايم.پي.اي) پنهنجي دسترخوان تي طرحين طرحين جا کڻي ڪمام ڪيا، جنهن کي اسان جي هڪ مهربان دوست شوڪت راهمون، جيڪو هن سڄي سفر جي لاهن چاڙهن ۾ سونهون هو، کيس اڳي ئي اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. عمرڪوٽ مان اسين شوڪت صاحب جي اباڻن ڪکن لاءِ روانا ٿياسين، جيڪي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ مولوي عبدالعظيم ترائي گوڏانگڙي ۾ آهي. سندس والد جنهن جي نالي تي ڳوٺ آهي، پنهنجي وقت جو اهلِ دل ۽ اهلِ سخن مڙس هو. هينئر به سندس وڏي ڀاءُ سگهڙ احمد علي راهمون اسان جي سفر کي سجايو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ته گاڏيءَ مان لهڻ سان ساڻس ڪچهريءَ لاءِ ڪرسي رکي ويهي رهيو. محترم عبدالغفار سومري صاحب به پاڻ ملهايو. اسان ته حيدرآباد مان ننڊون پوريون ڪري سفر سنڀاليو هو پر هن مانجهي مڙس اسلام آباد جي ”مارگله کان ڪارونجهر“ لاءِ عزم ڪيو هو سو گاڏيءَ مان لهندي ڀرسان رکيل کٽ تي آهلي پيو. مون سمجهيو ٿڪ ٿي ڀڳائون، پر نه، متل ڪچهريءَ جو مزو پئي ماڻيائون، اکيون پوري ٻڌڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، جو وهي سو لهي.

ننڊ نه ڀانءِ تن، ڏسي اکين اوٽ،
ايءُ اوجاڳي جا گهوٽ، ڪڇن پُڇن ڪينڪي.
                                      (سليم الله)

سگهڙ احمد علي راهمون جا گفتا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي مڻيا سان ڀريل گفتگو، اهو احساس ئي ڪونه ڏياريو ته تيرهينءَ جو چنڊ ايترو ته اڀري آيو هو جو پوري جوڀن ۽ جوش سان اونداهيءَ کي پوئتي پئي ڌڪيائين.

ساجهر اٿي ڀٽن تي وڇايل ساون غاليچن تي نظر ڦيرائڻ سان روح کي جا راحت ملي ٿي، سا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

سامين ڪيا سانڀاهه، ٿاريلن جا ٿاڪَ،
ساريان تنهن الله، جنهن ساوڪَ ڪئي هاڪَ،
وڇيل هئا غاليچا، پکين ڪيا ٿي ورلاڪ،
اهڙي هئي ڪرلاڪ، ڄڻ وقت هجي وصال جو.
***

تَرِ هيون ترايون، ڀٽن ڦريا ڀاڳ،
ساوڪَ ۽ ساڳ، سائو ڪيو ديس کي.
                                            (سليم الله)

هاڻي ته ائين پيو لڳي ته سگهڙ به گهٽبا پيا وڃن، رڳو مڙهيون وڃي بچيون آهن. وري جيڪي سگهڙ وڃي بچيا آهن تن کان اهي ضروري روايتون، ڳجهارتون، بيت سکڻ وارن جو انگ ئي ڪونهي. نفسانفسي هتي به وڌي وئي آهي.

ڪڪر موٽيا ڪين، اُٻن ڪئي ڇانوَ،
رهيا وڃي ناءَ، ڪانگ ٽهوڪيا ڏيهه ۾.
                                       (سليم الله)

ٻئي ڏينهن صبح جو ننگرپارڪر لاءِ پنهنجا ننگ سنڀالياسين. رستي تي ڊاڪٽر لياقت علي راهمون صاحب جي ساٿ مان گهڻو ڪجهه پرايوسون. وڻ ٽڻ، ٻوٽن ۽ جڳهين جا نالا کيس ائين ياد هئا، جيئن هڪ وطن واسي کي هجڻ کپي.

اسلام ڪوٽ ۾ مکي نهال چند جي اوطاق هڪ وڏي عرصي کان ٿر گهمندڙن لاءِ ”نئون سنئون“ ٿيڻ ۽ مهمان نوازيءَ جون ريتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڻ مَلهايو آهي. سندس جاءِ تي هاڻي وشنداس وڪيل پنهنجي وڏن جو نالو قائم رکيو اچي. وٽس منجهند ڌاري اطلاع مطابق پهتاسين. اسين وياسين ته پنهنجي مرضيءَ سان، پر موڪلائڻ مهل ايترا ته بي وس هئاسين جو مانجهاندي کان پوءِ به پنهنجي مرضيءَ سان ڇڏيائين. اسلام ڪوٽ تائين ته پڪو رستو ٺهيل آهي، جتان ننگرپارڪر تائين پيچرا پاڻ رهنمائي ڪندا رهن ٿا. وري شل نه ڪو اُٺ پيچري تي هلندي اوهان جي گاڏي آڏو اچي، پوءِ اڳيان اُٺ پويان گاڏي. جڏهن وڃي ڪو هٽڻ جو خيال پويس. تيسين اوهان به سُڪَ ۽ اُٺ به پريشان.


جاڏي ڪنڌ تاڏي پنڌ، پيچري ڪر پچار،
ڪرهي واري ڪار، ٿر گهمائي گهومين کي.
                                            (سليم الله)

اسلام ڪوٽ جي آسپاس وارو علائقو قدرت جي اڻکٽ خزانن سان مالامال آهي پر ان ڌرتي جي سيني تي اهو الڙ ٻارڙو گڏهن کي هر ٻڌي ڪاهيندڙ ڇا ڄاڻي ته سندس اگهاڙا پير ڪهڙن خزانن کي لتاڙي رهيا آهن. دنيا جو دستور رهيو آهي ته قدرتي خزانا مقامي ماڻهن لاءِ هميشه ڏچو بڻيا آهن. اهي نصيب وري به انهن کي ئي ٿين ٿا جن جو ان سان واسطوئي نه هجي.

جنهن ڌرتيءَ مٿي ٿاڪ، مورک مول نه ڄاڻن،
بک ڀرم ۽ ڀل جا، سڏبا سي هيراڪ،
ڪُ ڄاڻان ڪاڪ، ڪير واسائيندو واٽئين.
                                            (سليم الله)

ٿرپارڪر جي ڀونءِ جتي تقريباً نو هزار ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل 175 ارب ٽن ڪوئلي کان سواءِ چيني مٽي، لوڻ ۽ گرينائيٽ وغيره جهجهي انداز ۾ موجود آهي، ان ڪوئلي ۾ لگنائيٽ قسم جو ڪوئلو گهڻو آهي جنهن ۾ گندرف ۽ ڇار گهٽ ٿئي ۽ ماحول کي گهٽ متاثر ڪري ٿو.

اهو ڪوئلو مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن تي ڏکڻ اُتر ۾ 140 ڪلوميٽر ۽ اولهه- اوڀر ۾ 65 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. هن وقت تائين فقط ڪوئلي جي چئن وڏن بلاڪن جو معائنو ڪيو ويو آهي: (1) سينهار وڪيا، وروائي (2) سينگهارو ٻٽڙا،
(3) سونل ٻهه ۽ (4) صالح جو تڙ.

ٿر جي ڪوئلي مان نه رڳو صدين تائين بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، بلڪ اهو مقامي ماڻهن ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ بهترين ذريعو آهي.

ڪوئلي کان سواءِ هن علائقي ۾ لوڻ پڻ گهڻي انداز ۾ موجود آهي. ڏيپلي تعلقي ۾ لوڻ جا ڪيترا ئي ”سن“ موجود آهن. انهن مان سارڻ وارو سن ننڍي کنڊ جي وڏي کاڻ ٻڌائي وڃي ٿي. ننگر ۾ موکئي جي آيوڊائيز لوڻ وارو سن پڻ مشهور آهي. سوراچند ۾ هڪ سن مان سائو، ڳاڙهو ۽ پِيلو لوڻ به نڪري ٿو.

مطلب ته اڻکٽ قدرت جا خزانا موجود آهن، جن جي صحيح ورڇ ۽ استعمال جي ضرورت آهي. ساڳي طرح ٿر جي دستڪارين کي به پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي پر ”وچ واري“ ماڻهو ڪري مناسب اجرت نه ملڻ سبب کيس وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان ۾ وقت سان گڏ جدت نه اچڻ جو پڻ اهو وڏو سبب آهي. خدا ڪري ٿر ترقي ڪري، سڀ سهولتون اچن، سک، سهنج ۽ سڻايون منهن ڪڍن، پر ترقيءَ جي نالي ۾ شال سندس قدرتي حسن سان مذاق نه ٿئي.

ننگرپارڪر ڏي ويندي رستي تي ڀالوا وٽان لنگهندي مارئيءَ جو ذڪر نڪتو. ٿر کي اها به فضيلت حاصل آهي جو سنڌ جي نياڻي مارئيءَ جو تعلق هن ئي ڀونءِ سان آهي. هن ڪردار عصمت، حب الوطني ۽ اخلاق جي بلنديءَ جو اهو معيار پيش ڪيو جيڪو تاريخ انسانيءَ ۾ اعليٰ اخلاقيات جو درس ڏيندو رهي ٿو. جتي مارئي هزار ڪمزورين باوجود پنهنجو وطن نه وساريو، اتي وقت جي بادشاهه هزار طاقتن جي باوجود حدون نه اورانگهيون. آخر ۾ پشيمان ٿيو ۽ آڻ مڃيائين:

صد فخر مٿي مارئي ماٺ،
مايا ڪئي موٽ، ڏسي تو چانٺ،
غيرت ۽ اڻاٺ، ڏاڍي ڪئي ڏاڍ سان.
***

ڌوڙ وڌائين ڌنَ، ماندي ٿي ملير،
اُچاريو اُچاري ماروئڙن اڪير،
ليا پائي لير، باسون باسيائين موٽڻ جون.
***

عمر تو شاباس، هيڻن اڳيان هيڻو،
نفس ۽ شيطان، پڙهي هنيئي ڦيڻو،
ڀلي ٿئي ٻيڻو، نانءُ تنهنجو ڏيهه ۾.
***

ڦاسايو تو ڦوڳ، تنهن شيطاني شام،
واٽ وٺين ها واحد جي، بچي تَنهن گام،
اڳي هن مام، جڙيو هئين جنت ۾.
***

لا اِلہٰ اِلا انت سبحانک اني کنت من الظالمين،
توبهه ۽ استغفار کي بخشيو رب العالمين،
اشراف مان مشرف ٿئين، واٽ وتئي ڪاملين،
رب تون راحمين، پار ڪيو پشيمان کي.
***

عمر تو آزار ۾، وڌو پنهنجو پاڻ،
جڙيو هئين جنت، تهمت کنيئي ساڻ،
هاڻ تنهنجي آڻ، سوڀ لائي سيني.
***

گناهن جي گهاگهر، ڪلهي، کنيئي اجائي،
هلاکُ ٿئين هيڪاندو، هٿ نه آيئي پائي،
ڪفن جي ڪمائي، اکيون پسن ڪينڪي.
***

هِتان آئي هُتان وئي، دوکو ۽ دولاب،
مارئي جي روپ ۾، ڏٺئي تو سراب،
ڳچيءَ پئي گيراب، ڳاٽي ڏئي نه ٽيڪَ.
***

جهمريون هنيون جيءَ، ماريو مارئي محبت،
ڦوڳ ڪيس لاچار، ڇڏائي جند ڪيئنءَ؟
ڄڻ الوٽ هو ننڊ، سڀڪي ٿيس ائين،
جاڳئي پٺيان ڏينهن، سانڀر پئي سچ جي.
***

اصل هئس هُتي، جيءُ لاتم هِت،
نفس ۽ شيطان جيم ڳالهين ڪيم چِتِ،
ڦاٿو هئس بند، موٽڻ مون نه وِتِ،
ڪي ڄاڻان ڪِٿِ، قبر ۽ ڪانڌين کي.
***

سومري طعام هزار، پوءِ به هٻڇ حيران،
مِلڻ جا مهانگي، سائي وڻي انسان،
حرص ڪري حيوان، ماڻهو بس نه ٿئي.
***

ڌڌڙ جي دونهين، دُکي ڪڏهن باهه؟
خوشامدي خواهش تي، چادر مَ لاهه،
اي لائين اهڙي راهه، جا بڇڙو ڪري بادشاهن کي.
***

وطن جو واس، عطرسين نه ڀيٽ،
آزادي اُتم ٿي، بندياڻي ڄڻ ڪيسُ،
حياتيءَ جو ويسُ، هيڪلائي هاڃو ٿئي.
                                            (سليم الله)

اسلام ڪوٽ کان ننگر تائين پيچرن تائين سفر ڪندا پهتاسين. انهيءَ رستي کي ٺاهڻ جا اڃا پهه پيا پچائجن.

ڏونگر ترايون لنگهي، پياسين ننگر پار،
عضون ڀڳا آر، تان سچيون ڪيونسين سورن جون.
                              (سليم الله)

گاڏيءَ تان لهڻ سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن فرمايو ته ويهڻ اجايو آهي، هلو ته برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ جيڪي نوان ڊيم ٺاهيا اٿن، تن کي ڏسي اچون. اهي ننڍڙا ڊيم جن مان ڪجهه ناقص هجڻ جي باوجود علائقي جي ماڻهن لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن.

ڪوئلي جي کوٽائيءَ دوران زمين هيٺ پاڻيءَ جا ٽي تهه مليا آهن. انهن مان آخري تهه سڀني کان وڏو آهي. ان مان ٽيوب ويلن ذريعي زمين کي سرسبز و شاداب ڪري سگهجي ٿو. اهي ننڍڙا ڊيم ڪارونجهر تان وهي ايندڙ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. ڪارونجهر ساروئي سون آهي، منجهس سنگ سليماني ۽ سنگ مرمر وڏي مقدار ۾ موجود آهي. ڪارونجهر کان علاوه ننگر مان ملندڙ چاڪُ، رنگ سازي ۽ دوائن ۾ ڪتب اچي ٿو. ڊيڊ ويرو مان چيرولي ٺهي ٿي، جنهن مان چينيءَ جا ٿانوَ وغيره ٺهن ٿا، سو به گهڻي انداز ۾ موجود آهي.

ننگر ۾ چوڏهينءَ جي رات وساريو نه ٿي وسري. سڄي ڪارونجهر تي چانڊوڪيءَ جي ورکا ۽ مورن جا ٽهوڪا ٿڌڙي هوا جي جهوٽن سان گڏ ڪنهن حسين خواب جي احساس کان گهٽ نه هئا. مصور جي رنگ ڏيڻ جي ڪاريگري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي.

ڪارونجهر پٻ تي، پاڻيءَ جا ڇير،
چانڊوڪي چوڏهين جي، لاٿي سڀ مير،
ننڊ پڻ راحت، ڪن جاڳڻ جي هير،
جيڪي اٿيا سوير، سي مزو ماڻن ملير جو.
***

ڪارونجهر ڪهوٽ، ڏونگر ٻاري ڏيون،
مور توسين هينئون، هنجون ٿي هاريون.
                              (سليم الله)

خير جي رات گذري ته صبح صادق جو سڀڪو تيار ٿي اچي چانهه لاءِ ويٺو، جتي چانهه جي ئي موضوع تي گرماگرم بحث ٿيو. چانهه جي عادت به عجيب رنگ وٺي ٿي. ڪي ته نيراني چانهه نه پيئن ته ڄڻ صبح ئي نه ٿيو. ڪي ڏينهن ۾ 25، 20 ڪوپ خلاص ڪيو وڃن. حيراني ته اها ٿيندي آهي ته جون جي مهيني ۾ تنور تي ماني پچائيندڙ پگهر پيا اگهندا ۽ چانهه جو چسڪو به وٺندا. اهڙي ئي ڪنهن چانهه پياڪ کي ٽاڪ منجهند ڌاري اوچتي نظر پوڻ تي چيم: ”هينئر چانهه؟“ ته وراڻيائين: ”ادا لوهه کي لوهه ڪپيندو آهي. گرميءَ کي گرمي ماريندي.“ تڏهن چيومانس:

”پوءِ گڏوگڏ هٿ به سيڪيندو وڃ.“

ڪچهريءَ دوران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن ٻڌايو ته جڏهن چانهه مارڪيٽ ۾ نئين نئين آئي هئي ته ڪمپنين ان جي تشهير لاءِ وڏا وڏا بينر هڻي ڇڏيا هئا جنهن تي نمبرن سان چانهه جا فائدا لکيل هوندا هئا. سڀني کان پهرئين نمبر تي لکيل هوندو هو ته: ”چانهه جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ان جي پيئڻ سان ڪوبه نقصان نه آهي.“ ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته: ”هڪ دفعي حڪيم سعيد صاحب جن چيو ته مون کي ڪو هڪ به چانهه جو فائدو ٻڌايو ته آءٌ به ان کي پيئڻ شروع ڪريان.“

ڳڻين ڪين ڪوپ، چانهين جا پياڪ،
اونهاري سياري، تنهن ساٿي جا هيراڪ،
محل هجي يا ڪاڪ، پرت نڀاهين شوق سان.
                                      (سليم الله)

ٿر ۾ به چانهه هر مند ۾ واپرائي وڃي ٿي. ٿر جي وهنوار تي موسم جو وڏو اثر ٿئي ٿو. هتان جون ريتون رسمون، ڪرت ڪاروبار مندن مطابق ادا ٿين ٿا. هتان جي مُندن کي عام طرح پنج نالا ڏنا ويا آهن:

سيارو، ڦوٽهڙو، اونهارو، وسڪارَو، سوڪهڙو،
اجهو، لٽو نه اٽو، پيرين اگهاڙو،
دل جو آهه متارو، ماڻهو منهنجي ملير جو.
                                      (سليم الله)

سياري جا مهينا نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ٿين ٿا، تن کي انگريزي نالن بجاءِ ناهري، پوهه ۽ مانگهه سڏين. ٿڌڪار جي هن موسم ۾ گرم ڪپڙا ۽ ڪانڀ ٻڌي مچ جي چوڌاري وهڻ جو مزو هن موسم ۾ ئي ٿئي. ڪاڄ به هر پاسي نظر اچن. سهرا يا سهوڙا، لاڏيلا، هلراڻا، ڦوٽاڻن جا آواز هر طرف پيا ٻڌبا.

سڀ ڪو سهي نه سيءُ، سمهڻ جاڳڻ وهه،
ليڙون لٽا، اوڇڻ اڌ، ڏک اندر ڳهه،
هي حياتي مهه، مهڻو ٿئي نه ماڻهئان.
                                      (سليم الله)

سياري کان پوءِ ڦوٽهڙي جي مند منهن ڪڍي، جا فيبروري ۽ مارچ يعني ڦڳڻ ۽ چيٽ ۾ ٿئي. هر شيءِ ڦُٽيو پوي. وڻ ٽڻ، گل جوڀن جي مستيءَ ۾ اچن ٿا. هن مند ۾ نمون، ٻيريون، ڪونڀٽ، کٻڙ، سرنهن ۽ ڦوڳ ٻور جهلين ٿا.

نمن جهليا ٻور، ٻيرين ڏنا ٻير،
دلئون ڪڍ وير، آئي مند بهار جي.
                                       (سليم الله)

بهار کان پوءِ اونهارو جيڪو چيٽ ۽ ويساک يعني اپريل ۽ مئي ۾ ايندو آهي. ماڻهن جون طبعيتون ئي ٻيون ڪريو ڇڏي. جيئن ٽوڀن ۽ کوهن مان پاڻي سُڪيو وڃي، تيئن ماڻهن جي جسمن مان به پگهر ريلا ڪيو وهي. لُڪون ۽ تيز هوائون هن مند جي سڃاڻپ ٿيو پون.

بهار مَ بيٺو ڀانءِ، اونهاري پڻ اِها،
جتيون جن پير، ڪنڊا تن مَ لڳا،
ساجهر سانبر پيا، سک ملهائن شام.
                                      (سليم الله)

اونهاري کان پوءِ ورساڙي يا وسڪاري جي مند ٿئي جا، انگريزي حساب سان جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر آهي. يعني اکاڙ، سانوڻ، بڊو ۽ اَسو.

مولا ڪري وسڪار، موٽي مونجهه ماڻهئان،
ٿر بر ترايون، ٽوڀا ڀرجي ٿين تار،
وڏا ۽ ٻار، جهونن سان جهونگارين.
---

ڀٽن ڏي پوشاڪ، سُکيا ٿيا سنگهار،
هرسون هرپل گلن ٿئي هٻڪار،
چڀڙ، ڇانهيان، گِدرا، کنڀيون ڀرن بازار،
مريئڙو، ڪونڍير، پپون، للُر ٻگهر ڪن گلزار،
سکيا ٿين لاچار، لانئن لهر وٺن.
                                       (سليم الله)

آڪٽوبر يا ڪَتي جنهن ۾ سوڪهڙو منهن ڪڍندو آهي، هن مند ۾ ٿري چڀڙ، ڪريون، ڪچريون، ڪوڪلا، ٽوهه، سيڻ، مرٽ، کپ، ڀرٽ گڏ ڪري رکندا آهن. ڀرٽ جو ٻِجُ ڪيتري عرصي تائين حفاظت سان رکيو ويندو آهي. جيڪو کائڻ جي ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڊگها سلا جيئن”کپَ“ رسيون وٽڻ جي ڪم ايندي آهي، جن سان چؤنرن جي ڇتين جون ڪاٺيون ٻڌبيون آهن ۽ اهي ڏاڍيون پائيدار ۽ مضبوط ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪن سلن سان ٽاٽ (کانڀاڻي) ٺاهي جهار هڪلڻ جو ڪم وٺبو آهي.

الله رب العزت ٿر جي ٻوٽين ۾ انيڪ طبي حڪمتون پڻ رکيون آهن. سرحدن تي سختي ٿيڻ کان اڳ هندستان مان ڪيترائي جوڳي وسڪاري کان پوءِ هتي اچي ناياب ٻوٽين جي ڳولا ۾ جبلَ جهاڳيندا هئا.

ٿر ۾ جتي مادي ترقيءَ جا وڏا وسيلا موجود  آهن، اتي ريتن، رسمن ۽ روايتن جا اڻ کٽ خزانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ? کان وٺي موجوده دور جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب تائين گهڻو ڪجهه ڪم ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته ٿيندو رهندو. اسان ٿَرَ متعلق جيڪي ٻڌو، اهڙوئي ڏٺوسين، ٻه ڏينهن ٻه راتيون گهاري 11- سيپٽمبر 2003ع تي موٽڻ لاءِ سنبرياسين.

ٿرُ ناهي بَرُ، ڀليو آهين ڀاءُ،
خزانن جي کاڻ آ، ريءَ پني پڙهه،
جهاڳي تون ڳڙهه، ته سگهڙ ٿين سڀن ۾.
                                      (سليم الله)

ڊاڪٽر ناهيد پروين

سنڌي اساسي شاعري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي وٺڻ سان ذهن ۾ سنڌي ٻولي، لسانيات، لطيفيات، لوڪ ادب، تعليم، تاريخ، موسيقي ۽ سنڌي اساسي شاعريءَ سوڌو ڪيئي موضوع ذهن جي پردي تي تريو اچن.

انهن سڀني ميدانن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو علمي، ادبي، کوجنائي پورهيو سنڌي ٻوليءَ جو اهو املهه سرمايو آهي جنهن تي فخر ڪري ٿو سگهجي.

سنڌي اساسي شاعري جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. سنڌي اساسي شاعري ئي سنڌي ادب کي زندهه جاويد رکندي اچي ٿي. اها سنڌي اساسي شاعري ئي آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اعليٰ انساني اخلاقي قدر ۽ ڳُڻ سيکاريا، جنهن ماڻهن ۾ ماڻهپي جهڙي وصف کي ٻيهر جياريو.

عام پڙهندڙن ليکي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ کان اڳ ۽ پوءِ اساسي شاعريءَ جو ميدان خالي هو، پر لاکيڻي سنڌ جي ناميارن محققن پنهنجي کوجنائن وسيلي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي اساسي شاعريءَ جي ڌرتي تمام زرخيز آهي.

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پنهنجي مضمون ”شاهه کان اڳ جا شاعر“ ۾ لکي ٿو ته:

”عام خيال ڪيو ويندو هو ته شاهه صاحب کان اڳ شاعريءَ جو ميدان سُڃو ۽ سکڻو هو ۽ پڙهندڙ شاهه جي ڪلام جي حُسن کي ڏسي ائين ڀائيندا آهن ته اهو جمال لازوال هنهئين حاصل ٿيو آهي. ان جي خط ۽ خال سينگارڻ ڪنهن ٻئي مشاط جو هٿ نه هو پر ائين نه آهي، شاهه صاحب کان اڳ ڪيتائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن(1).“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جتي لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي اتي سندن جاکوڙي طبيعت اساسي شاعريءَ جي ڏس ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏياريا، جيڪي هر ڏاهي جي نظر مان گذريا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪلاسيڪي شاعري کي اساسي شاعري ۽ اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي لفظن سان پڌرو ڪيو.

دراصل ڏٺو وڃي ته اساسي شاعريءَ جي تحقيق، ترتيب ۽ اشاعت جو اصل مقصد آهي، سنڌي علم و ادب جي ان اهم سرمائي کي ترتيب سان يڪجا ڪجي ۽ هر سنڌي ۽ غير سنڌي جي اها سوچ تبديل ڪئي وڃي ته شاهه کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي اساسي شاعري ۾ ڄڻ ڪجهه به ناهي. سنڌي ادب ۾ اساسي شاعرن جي مالها وڏي آهي جنهن ۾ هڪ شاهڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. سنڌي اساسي شاعريءَ جو محور مرڪز ”پاڻ سڃاڻ، الله سڃاڻ“ ۽ انسان دوستي ۽ انسانيت پسندي آهي. انهن سڀني پهلوئن تي نظر رکندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه سائين کان اڳ جا شاعر ۽ شاهه کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ ضروري سمجهيو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي کوجنا موجب اساسي شاعريءَ جي سلسلي ۽ فڪر جو پهريون باني مباني شاعر قاضي قادن هو. بظاهر ائين محسوس ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر صاحب قادن جو رسالو مرتب ڪيو، پر اهو رسالو رڳو ترتيب تي ٻڌل نه آهي بلڪه ان تي مڪمل ۽ جامع تحقيق ڪئي آهي. ’قاضي قادن جو رسالو‘ جي مهاڳ جي ابتدا ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄاڻائي ٿو ته:

شاهه عبدالڪريم پنهنجي سلوڪ جي محفلن ۾ تصوف جي ڳوڙهن رازن ۽ ٻين نصيحت آميز موضوعن جي سمجهاڻي ڏيندي، پنهنجا ۽ ٻين سالڪن جا بيت فقيرن آڏو پڙهيا، جيڪي پوءِ سندن مريد محمد رضا ”بيان العارفين“ ۾ ملفوظات طور قلمبند ڪيا، انهن ۾ ست بيت اهڙا هئا جن بابت نالو وٺي چيائين ته قاضي قادن جا آهن. هڪ وڏي عرصي تائين اهي ست بيت ئي قاضي قادن جي نالي سان سنڌي عالمن ۽ اديبن آڏو رهيا ۽ ٻئي وڌيڪ ڪلام بابت ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ ڪانه هئي(2). “

راجا رام شاستري جو راڻيلا جي مُٺ ۾ سانڍيل ڪتاب ”سنتون ڪي واڻي“ ۽ ان ۾ قاضي قادن جي بيتن وارو باب ڳولي لهڻ ۽ پوءِ هيري ٺڪر جو ان کي سنڌي صورتخطيءَ ۾ سنواري شايع ڪرڻ قاضي قادن جي بيتن جي وڌيڪ ڳولا لاءِ نيڪ فال بنيا.

’سنتون ڪي واڻي‘ واري باب مان اهو معلوم ٿيو ته قاضي قادن جا بيت وڌيڪ به آهن پر سڀ بنا نالي آهن. انهي اهڃاڻ مان، قاضي قادن جي ٻين بيتن کي ٻين ماخذن مان ڳولي لهڻ لاءِ راهه روشن ٿي.

ايترن سارن گهڻن بيتن جو دستياب ٿيڻ قاضي قادن تي نئين سر تحقيق لاءِ هڪ پيغام هو. انهيءَ ڪري وڌيڪ معلومات لاءِ جون 1979ع ۾ آءٌ دهلي ۾ وڃي هيري ٺڪر ۽ راجا رام شاستري سان مليس(3).

اساسي شاعري جي اهڙي امُلهه خزاني جي ڳولا ۾ جيڪا جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي، اها ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي، ڊاڪٽر صاحب نه رڳو هندستان جو سفر ڪيو بلڪ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ ڏاهن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جي ڄاڻ مان به لاڀ پرايائين. جنهن ۾ راجا رام شاستري، هيرو ٺڪر، راجسٿان يونيورسٽي جيپور جي پروفيسر ڊاڪٽر ناٿ، ڊاڪٽر سخي قبول محمد، ٿر جي مانائتي شخصيت آنجهاني مسٽر ماڻڪاڻي ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال پروفيسر شيام داس جوشيءَ جا نالا ذڪر جوڳا آهن.

”قاضي قادن جي رسالي“ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي.

محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قاضي قادن جي سوانح حيات ۾ سڀ کان پهريائين شاعر جي صحيح (درست) نالي تي بحث ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ادبي تاريخ جي آڳاٽن ماخذن ۾ قاضي قادن جو نالو ٿورو مختلف نوع ۾ آندو ويو هو، تنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تحقيق ڪري حوالا ڏيندي لکي ٿو ته:

”پوئين دور جي تحريرن ۾ سندس نالو قاضي قاضن ڪري لکيو ويو آهي. باقي ٽن ٻين ماخذن ۾ ”قاضي قادن“ ڪري لکيل آهي. مير معصوم جي تاريخ کان اڳ جي ”تاريخ طبقات اڪبري“ جي مصنف نظام الدين بخشي قاضي قادن لکيو آهي. ’قادن‘ پيار ڀريو تفسير جي صورت وارو نالو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي سلڇڻو، ملنسار ۽ پيارو ٻار هو جو کيس پيار واري نالي سان قادن ڪري سڏيائون ۽ پوءِ ان سان ئي مشهور ٿي ويو(4).“

قاضي قادن ئي اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي ڀٽن ۽ ڀانن جي روايتي شاعريءَ کان ڪڍي صوفياڻي فڪر ۽ عرفان پاسي آندو. قاضي قادن جي بيتن جا موضوع مختلف ۽ نوان، الفاظن ۽ اصطلاحن جو بهترين ميلاپ آهن.

سر هيڪڙي وسن، جر ۾ نينهن نه گڏيو،
سار نه سالورن، مٿي ڪنول ڦلاريو.

(قاضي قادن جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص: 127)

مطلب ته قاضي قادن جي شاعرن ۾ ڏاهپ ۽ دانائي جا نُڪتا سمايل آهن، جن جي وسيلي هو پنهنجي ماڻهن کي اهو شعور ۽ آگاهي ڏي ٿو ته تلاءَ جي ڏيڏر جيان نه ٿيو جنهن کي اها خبر ئي ناهي ته تلاءَ ۾ مٿي ڪنول جو گل به ٽڙيو بيٺو آهي. ڪنول جي گُل سان ڏيڏر جو نينهن نٿو ڳنڍجي، رڳو پنهنجي اڻڄاڻيءَ جي ڪري هو ايڏو وڏو موقعو وڃائي ويهي ٿو، ڪٿي قاضي قادن استعارن ۽ تشبيهن کان ڪم وٺي ٿو ته ڪٿي وري سڌو سنئون پنهنجن کي نصيحت ڪندي نظر اچي ٿو ته:

ثُنڌُ مَ ٿاءِ ڪٿاءِ، ٻوڏ چونئي جيءَ چئهَ،
جي ڀانئين پرينءَ مڙان ته ڏوهنئون ڳڻ ڀانءِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص: 132)

 

انسان جو سڀ کان اهم ڳُڻ عجز، انڪساري، نيازمندي ۽ نوڙت آهي. اهي ڳُڻ اڄ جي ماڻهن وٽان ذري گهٽ گم ٿي ويا آهن. قاضي قادن ان بابت چوي ٿو ته جيڪر تنهنجي اها خواهش آهي ته محبوب سان هڪ ٿيان ته پوءِ ”ٻوڏ“ ۽ ”جي“ ٻنهي کي پاڻ لاءِ ڳُڻ ڪري سمجهه. ته يقيناً حياتيءَ جو سفر سڦل ٿي ويندو.

 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قاضي قادن جي ڪلام جي ڳولا، تحقيقي اهميت ۽ افاديت ۽ تاريخي حيثيت مطابق جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي تنهن جو اندازو قاضي قادن جي رسالي ۾ هڪ هڪ اکر کي پڙهائي لڳائي سگهجي ٿو.

شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام:

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطف الله قادري جي سنڌي رسالي جي ملڻ تي لکي ٿو ته:

”شاهه لطف الله قادري (1020-1090 هجري) جي سنڌي رسالي جو دستياب ٿيڻ ۽ پڻ سندس ٻئي ڪتاب ”منهاج المعرفت“ جو ملڻ سنڌي علم و ادب لاءِ هڪ نيڪ فال آهي. انهن ٻن ڪتابن مان هٿ ڪيل ساڍن ٽن سون کي بيتن جو هيءُ آڳاٽو ۽ ناياب ذخيرو سنڌيءَ جي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جي تاريخ کي روشن ڪري ٿو(5).“

ڏٺو وڃي ته شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ملڻ سان ميين شاهه عنايت جي ڪلام ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بي مثال بيتن جي وچ واري ڪڙي ملي ۽ اهڙي ريت اساسي شاعريءَ جو زنجير جهڙوڪر مڪمل ٿئي ٿو.

گهڻو وقت اڳ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته، شاهه ڪريمؒ جي وفات کان پوءِ وري شاهه عنايتؒ جي شهادت تائين ڪو اهڙو نالي وارو شاعر سنڌ ۾ ڪونه پيدا ٿيو، پر حقيقت ۾ اها وڏي ڀل هئي. ڏٺو وڃي ته ادب يا شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي. جنهن جو سلسلو ڪڏهن به نٿو ٽٽي. هڪڙي پوڻي مس پوري ٿئي ٿي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. انهي پس منظر ۾ سنڌي اساسي شاعريءَ جي زنجير جي ڪڙي ملائڻ ۽ ڳولهڻ ۾ اسان جي محققن پنهنجي وس آهر لاڀائتيون ڪوششون ڪيون. اهڙي هڪ ڪوشش ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پڻ ڪئي. جنهن جو تذڪرو ڪتاب ”مضمون ۽ مقالا“ جي هڪ مضمون ”قديم سنڌي شاعري شاهه ڀٽائي کان اڳ“ ۾ فاضل مصنف لکي ٿو ته:

”ٽيون سال اتفاق سان عزيزم پروفيسر قاضي نبي بخش جي معرفت ’بيان العارفين‘ جو هڪ نسخو مليو، جنهن ان گڏ لطف الله قادريءَ جو هڪ نادر فارسي ڪتاب ’منهاج المعرفة‘ به شامل هو، جو هن 1078هه ڌاري لکڻ شروع ڪيو، يعني شاهه لطيفؒ جي ولادت کان چوٽيهه ورهيه اڳي منجهس قادري طريقي موجب 13 باب سلوڪ جا ڏنل آهن. هر هڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻه بيت سنڌي ۾ ڏنا اٿس. اهڙا بيت ڪل ڏهه آهن، جن مان هڪ ٽن سٽن وارو، ڏهه چئن سٽن وارا، ٻه پنج سٽا، هڪ ڇهه سٽو ۽ ست سٽو بيت آهي. انهن مان خبر پوي ٿي ته، شاهه ڪريم جي وفات کان ٿورو پوءِ سنڌي بيت ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي وئي هئي. اها ڳالهه غلط آهي ته شاهه لطيف ئي دوهري جي سٽن ۾ واڌارو آندو. مثال طور نموني جو بيت ڏجي ٿو:

”لا“ سين لهه ٿئون، پار اِلہ“ جي آئيا،
ڪين کنيائون پاڻ سين، سچو پهه پدن،
وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان سين(6).“
 

جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اساسي شاعريءَ جي کوجنا شروع ڪئي ته کين پڻ اها طلب محسوس ٿي ته ”منهاج المعرفت“ هٿ ڪجي، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي مضمون ۾ فقط پنج بيت نموني طور ڏنا هئا. ڊاڪٽر بلوچ کي اهو شوق هو ته باقي بيت پڙهي پوءِ شايع ڪجن، تنهن لاءِ بلوچ صاحب پنهنجي وس آهر ڪوشش شروع ڪئي. ان بابت پهرين ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کان پڇا ڪيائين، جنهن کين اهو ٻڌايو ته اهو قلمي ڪتاب لائبريري جو هو ۽ مون ڊاڪٽر دائود پوٽي جي حوالي ڪيو جو پوءِ وٽن ئي رهجي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهو ٻڌي اتي ئي ماٺ ڪري نه ويٺو، پنهنجي ڳولا جاري رکيائين. تنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:

”پنجن سالن بعد سن 1963ع ۾ حافظ احمد لاکي جي ڳوٺ (تعلقو ميرپور بٺورو) وڃڻ ٿيو، جتي سندس وڏن جي ڪتبخاني جا باقي بچيل ڪتاب ڏٺا ويا. حافظ احمد صاحب مهرباني ڪري هڪ قلمي جلد تحفي طور ڏنو، جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل هئا: 1. منهاج المعرفت، 2. نظم سنڌي (قافيه الف اشباع)، 3. رساله ميان سلامت رحمت الله عليہ يعني شاهه عبدالڪريم صاحب بلڙي وارو قدس سره ”فدائي نام محمد صدام ابراهيم“ جي سجع مان مالڪ ”حافظ ابراهيم ولد مرحوم مغفور عبدالوا.....“ جي مهر لڳل آهي ۽ پڻ هڪ آخري ورق تي ”بتاريخ سيز دهم روز دوشنبه ماهه مبارڪ ذوالحج سنه 1202“ لکيل آهي.

هن مجموعي ۾ ”منهاج المعرفت“ جملي 107 ورقن تي شامل آهي ۽ آخر ۾ ڪتابت جي تاريخ هن طرح ڄاڻايل آهي:

”تمت تمام شد نسخه منهاج المعرفت از تصانيف شيخ لطف الله مرحوم قادري واز تحرير فارغ شد بتاريخ 14 ماه ربيع الاول سنه 1208هجري(7).“

ڏٺو وڃي ته قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارا شاهه لطف الله قادريؒ جا پيش ور هئا. پر شاهه لطف الله قادريؒ پنهنجي آڏو فقط ”سلوڪ ۽ طريقت“ جو هڪ مکيه مضمون رکيو. جنهن بابت سالڪن کي ڄاڻ ڏيڻ ٿي چاهيائين ته حق ۽ حقيقت جي ڳولا ڪهڙيءَ ريت ڪرڻ گهرجي.

انهي سلسلي ۾ شاهه لطف الله قادريؒ پهريون ڀيرو سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ ”سامونڊين ۽ ناکئن“ ۽ ”جوڳين ۽ آديسين“ وارا نوان تمثيل مضمون رائج ڪيا جي کانئس اڳ ٻئي ڪنهن شاعر ڪتب نه آندا هئا، پر کانئس پوءِ اهي مضمون ۽ عنوان ميين شاهه عناتؒ توڙي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٻنهي لاءِ مثال بنيا.

شاعراڻي فن جي لحاظ کان ”وراڻ“ يا ”تڪرار“
  شعر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿي. شعر جي ان خوبي جو خوبصورت استعمال پهريون ڀيرو شاهه لطف الله قادريؒ جي بيتن ۾ ڀرپور نموني سان نظر اچي ٿو:

 

عقل ات اوڇئون ٿئو، ڪا جا ڏسي ڀت،
پسيو پر پرين جي، منجهيو وڃي مت،
ان وائي ڀير ٻئو، آت ابتي ڀت،
نڪو ڳاڃ نه ڳت، حيرت هنيو سڀ ڪو.

(شاهه لطف الله قادري جو ڪلام، ص:54.)

 

شاهه لطف الله قادريؒ کان پوءِ وري ”وراڻ“
يا ”تڪرار“ شاهه لطيف جي شاعري ۾ جابجا نظر اچي ٿي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام جي ڀيٽ شاهه لطيفؒ جي ڪلام سان ڪئي. ٻنهي باڪمال شاعرن جا بيت آمهون سامهون رکيا ۽ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون ڳولهي لڌيون.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطيفؒ جي هڪ سؤ ٽيٽيهن هڪجهڙن بيتن جو موازنو ڪيو جيڪي ڪٿي خيال ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا، ڪٿي لفظن توڙي معنيٰ ۾ هڪجهڙائي اٿن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”صاف ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب اهي بيت شاهه لطف الله قادري جي بيتن کان متاثر ٿي چيا(8).“

ٿلهي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطف الله قادريؒ جي ڪلام کي مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ شايع ڪرايو ۽ شاهه لطف الله قادريؒ جي ڪلام جي ڀيٽ کانئس اڳ جي ۽ پوءِ جي ٻنهي شاعرن سان ڪئي، پوءِ سندس شاعريءَ جون خاصيتون بيان ڪيون آهن.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي اساسي شاعريءَ جي هن آڳاٽي اهم ذخيري کي هٿ ڪري، ان جي قدامت، فني سٽاءَ، علمي ۽ ادبي فضليت ۽ افاديت کي سمجهي ان تي نهايت عالماڻو مقدمو لکي اساسي شاعريءَ کي روشن ڪرڻ لاءِ قابلِ قدر ڪوششون ڪيون. ان سلسلي ۾ سندس هڪڙو وڏو ڪارنامو ”شاهه لطف الله قادري جو ڪلام“ پهريون ڀيرو 1968ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ٿيو.

ميين شاهه عناتؒ جو ڪلام: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪلاسيڪي شاعري جي ذخيرن کي سهيڙڻ جو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ ان ڪم لاءِ کيس وڏي جاکوڙ ۽ عرق ريزيءَ کان ڪم وٺڻو پيو. ميين شاهه عنات جو ڪلام سيهڙيندي ڪتاب جي مهاڳ جي شروعات ۾ لکي ٿو ته:

”شاهه عنات الله عرف ”ميين شاهه عنايت“ جو ڪلام اعليٰ سنڌي شاعري جو پهريون شاهڪار آهي. مگر اتفاق سان ورهين جي وٿي بعد سڀ کان پوءِ شايع ٿي رهيو آهي. هن قيمتي ڪلام جي قلمي نسخن جو محفوظ رهڻ ڄڻ هڪ معجزو آهي، ۽ ان جي اشاعت ”ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ جي ميدان ۾ هڪ وڏي انقلاب کان ڪنهن پر ڪم نه اهي. هن ناياب ذخيري جي شايع ٿيڻ سان سنڌي شاعري جي عروج جي تاريخ ۾ پنجاهه سٺ سالن جو اضافو ٿئي ٿو(9).“

ميين شاهه عناتؒ جهڙي آڳاٽي شاعر جي ڪلام ۽ سوانح کي سهيڙڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي برک عالم، ڏاهي ۽ محقق 1944ع کان شاهه عناتؒ جي ڪلام ڏانهن نظر ڊگهي ڪئي ۽ 1950ع کان ان تي وڌيڪ ڌيان ڌري هٿ ڪرڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جي جاکوڙ جاري رکي. نيٺ چوڏهن سالن جي لاڳيتي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. هڪ سؤ نون صفحن تي مشتمل نهايت اهم مهاڳ لکي آڪٽوبر 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

اهڙي ريت ڊاڪٽر بلوچ جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري شاهه عناتؒ جا 469 بيت ۽ 42 وايون سرودن وار ۽ ٻيا وڌيڪ موقعي وار بيت عام پڙهندڙن تائين پهتا.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ميين شاهه عناتؒ جي املهه ڪلام کي هٿ ڪري، ان تي جو نور نچويو آهي، تنهن جي پروڙ ۽ پرک ڪتاب جي صحيح اڀياس سان پئجي سگهندي.

اساسي شاعريءَ ۾ بيت جي ابتدا ته قاضي قادن ڪئي پر سنڌي وائي بابت اساسي شاعري جي پارکن ۽ محققن جو اهو مڃڻ آهي ته سندس وائي جو مؤجد ميين شاهه عناتؒ آهي، جنهن جي ڪلام ۾ سنڌي وائي هيئت توڙي مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان اوج تي نظر اچي ٿي.

بلوچ صاحب شاهه عناتؒ جي ڪلام ۽ شاهه لطيفؒ جي ڪلام جو تقابلي جائزو پيش ڪري ان کي هر رُخ کان روشن ڪيو آهي. ٿلهي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي اساسي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جو واڌارو ڪيو آهي. ان اعليٰ شاعري جي تسلسل ۽ ارتقا جي چٽائيءَ لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. جنهن مان سندس سنڌي ٻولي، ادب توڙي فڪر سان جيڪا محبت هئي، تنهن جي بي مثال ثابتي ملي ٿي.

خليفي صاحب جو رسالو:

سنڌي اساسي شاعري جو هڪ بي بها موتي خليفو نبي بخش لغاريءَ جو رسالو به آهي. خليفي نبي بخش لغاريءَ جو جنم اباڻي ڳوٺ مٺي ۾ سن 1190هجري 1776ع ڌاري ٿيو ۽ 1280هجري 1863ع ڌاري وفات ڪيائون. خاندان جي روايتن موجب خليفي صاحب وڏي ڄمار ۾ وفات ڪئي. هڪ اندازي موجب سندس عمر گهٽ ۾ گهٽ نوي ورهيه هئي.

سندس تعلق ميرن جي دربار سان هو. خاص طور تي مير ٺاري خان جي دربار سان ۽ مير باگي جو سٺو دوست پڻ هو. پير صاحب محمد راشد روضي ڌڻي جي فيض جي پالوٽ مٿس ٿي. پاڻ فقيري ۽ معرفت ڏانهن مائل ٿيو. خليفو نبي بخش لغاري نهايت اعليٰ پايي جو شاعر هو. پاڻ سنڌي، سرائيڪي، هندي، ريخته، ڍاٽڪي ۽ اردو ۾ به شرع چيو اٿس.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”خليفي صاحب جو رسالو“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:

”خليفي صاحب جو سنڌي رسالو ۽ ٻيو ڪلام قلمي صورت ۾ باقي رهيو. جنهن جي ڄاڻ سندس اولاد ۽ جماعت جي فقيرن تائين محدود رهي ۽ علمي حلقا عموماً هن قيمتي ڪلام جي وجود کان بي خبر رهيا. شاهه عبداللطيفؒ سنڌي شاعريءَ جي آسمان ۾ سج ٿي اڀريو، جنهن جي پرتوي جي آب ۽ تاب کان اڪثر پويان شاعر ذرن مثل چمڪيا، مگر خليفي صاحب جو شمار انهن نامور شاعرن ۾ آهي، جي چنڊ ٿي اڀريا، بلڪه خليفو صاحب پنهنجي بلند حوصلي ۽ فڪر جي يگانگت سببان چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي چمڪيو(10).“

ڊاڪٽر بلوچ ننڍپڻ ۾ پنهنجي ناني مرحوم لعل بخش خان کان خليفي صاحب جو چيل ”سسئيءَ“ ٻڌو، کيس ان وقت کان وٺي خليفي صاحب جي سنڌي ڪلام بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. پنهنجي انهي شوق جي تڪميل وڃي کيس 1944ع ۾ حاصل ٿي.

خليفي نبي بخش لغاري جي رسالي ۾ 29 سُر آهن، جن ۾ 745 بيت ڏنا ويا آهن ۽ 101 وايون پيش ڪيون ويون آهن. خليفي صاحب پنهنجي رسالي جي سُرن ۾ وڏي تخليقي ندرت پيدا ڪئي آهي.

خليفي نبي بخش لغاري جي سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ اهم سڃاڻپ سندس ”قومي شاعري“ آهي، جنهن ۾ خليفي صاحب جي فڪر ۾ سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ وطنيت جو ڀرپور ۽ زوردار جذبو اوتيل آهي.

خليفو نبي بخش لغاري سنڌ جي سورهين سرويچن جا اوصاف ڪجهه هن ريت پيش ڪيا آهن:

 

ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، ڪا نئين مور نه ڪن،
ايندي لاٿو آسرو، توڙئون مٿان تِن،
جوڳ مچائي جن، پوک پچندي تن جي.
 

(خليفي صاحب جو رسالو، سُر ڪيڏارو، فصل پهريون، بيت 9، ص:41)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي اساسي شاعريءَ جي سلسلي جي نهايت اهم شاعر خليفي نبي بخش جي ڪلام کي ان جي اهميت ۽ افاديت مطابق جنهن علمي ۽ ادبي جذبي ۽ شوق تحت سوڌي سنواري شايع ڪرايو آهي، تنهن تي کيس جيترو به ساراهجي اوترو گهٽ آهي.

ڪليات حمل:

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اساسي شاعريءَ جي سلسلي جي هڪ مکيه شاعر حمل فقير لغاريءَ جي ڪلام کي سهيڙي ۽  سموهي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو.

حمل فقير لغاري سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل، شاعرن ۾ اهم مقام رکي ٿو. سندس سنڌي توڙي سرائڪي ڪلام سان سنڌ جي ماڻهن کي گهڻي انسيت رهي آهي. سندس ڪلام تصوف، فقيري، عشق و جذب، لوڪ روايتن سنڌي عام چوڻين سان ڀرپور آهي.

حمل فقير جي ڪلام سيهڙڻ بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڪليات حمل“ جي ديپاچي ۾ لکي ٿو ته:

”فقير جي قبيلي سان خانداني تعلقات هئڻ سبب بنده کي سندس ڪلام سان ننڍي هوندي کان ئي دلچسپي هئي. مگر سندس مڪمل ڪلام ۽ سندس حياتي جي مستند احوال بابت پوري خبر ڪانه هئي.

حمل خان جي حياتيءَ جو احوال ”حمل خان لغاري“ جي عنوان مان پهريون دفعو راقم الحروف جي هڪ تحرير ذريعي ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو ۽ ان بعد زياده تفصيل سان رسالي ”عام راءِ“ ماه جنوري ۽ مارچ 1951ع ۽ ان بعد رسالي ”نئين زندگي“ ماه جون ۽ جولاءِ 1951ع ۾ شايع ٿيو. بس حمل جي ڪلام ۽ حياتيءَ بابت اها ئي معلومات پبلڪ جي آڏو پيش ٿي چڪي هئي. ”ڪليات حمل“ کي مرتب ڪرڻ جو نوبت آئي(11).“

”ڪليات حمل“ ۾ حمل فقير جي شاعريءَ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اساسي شاعرن وٽ شاعري ۽ فقيري لازم ملزوم جزو رهي آهي. انهيءَ ڪري هر اساسي شاعر، شاعريءَ کي خدا پرستي ۽ فقيري جي تلقين جو ذريعو بنايو. ساڳيو ئي حال حمل فقير جو به آهي، تنهن بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته:

”حمل پنهنجي شعر ۾ عام حقيقتن ۽ حالتن کي نهايت دانائيءَ سان بي نقاب ڪيو آهي. بقول راضي فقير: ’حمل، حقيقت حال واري پڌري چوندو آيو آهي، جام عام توڙي خاص کي سگهي ۽ سُکي سمجهه ۾ اچي ٿي.‘ يعني ته حمل پنهنجي شعر ۽ شاعريءَ جي هر موضوع کي عام فهم، سليس ۽ دلچسپ پيرايي ۾ ادا ڪيو آهي، مگر هر ڳالهه کي اهڙو ته تڪي توري پيش ڪيو اٿس، جو اها ٻڌندڙ جي نه صرف ذهن نشين، بلڪه دلنشين ٿي وڃي ٿي(12).“

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جڏهن به ڪنهن اساسي شاعر جي ڪلام جي ذخيري جي ڳولها ڪئي، ته ان لاءِ وسان ڪونه گهٽايائين. شاعر جي ڪلام ۽ سوانح بابت ان خاندان جي پونئيرن سان مليو ۽ جملي ڪلام هٿ ڪري سڄي، بياض جي گهري اڀياس کان پوءِ ڇنڊڇاڻ ڪري نئين سر ترتيب ڏنو. سنڌي، سرائيڪي ۽ هندي ڪلام کي جدا ڪري، ان کان پوءِ هرهڪ ڀاڱي کي مناسب داستانن ۽ فصلن ۾ ورهايو ويو، ڪلام جي صحيح صورتخطي قائم ڪئي وئي، ان ٺاهه ٺوهه کان سواءِ ٻي ڪابه ترميم يا ترديد نه ڪيائين. ٿلهي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڪليات حمل“ نهايت سنواري سينگاري ترتيب ڏنو. ان تحقيقي ڪم ۽ سهيڙڻ جي جيتري ساراهه ڪجي اوتري گهٽ آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا جاکوڙي ڏاها، محقق ۽ مدبر اديب ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندا آهن. قومن جي تاريخي علمي ادبي ورثي کي سهيڙڻ وارا قوم جا وڏا محسن ٿين ٿا. سو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به سنڌي قوم جي بهترين سڃاڻپ ۽ عظيم محسن آهي.

اساسي شاعري جي کوجنا جو سلسلو مٿي ذڪر ڪيل شاعر تي ختم نه ٿو ٿئي، اهو سلسلو اڃا اڳتي وڌي ٿو.

راڳ نامون:

فقير محمد صديق سومرو عرف صوفي صادق شاهه جو تعلق سنڌ جي مشهور ۽ فيض جي مرڪز درگاهه جهوڪ شريف سان هو. ان درگاهه تي راڳ جي رسم جو باني مباني به صوفي محمد صديق ئي هو. سندس رسالو ”راڳ نامون“ ستاويهه سُرن جنهن ۾ 1406 بيتن ۽ 148 واين تي ٻڌل آهي. ڊاڪٽر بلوچ چواڻي: ”فقير صاحب جو راڳ نامو“ اعليٰ اساسي شاعرن توڙي آڳاٽي شاعريءَ جو هڪ قيمتي ذخيرو آهي.

شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو:

هيءُ رسالو به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙيو. شاهه شريف پاڏائي شاهه لطيف واري روحاني رهبري جي واٽ اختيار ڪئي. سندس تخلص ”شريف“ هو. سندس ڪلام چويهن سُرن ۾ چيل آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪجهه ڪلام ضايع ٿي ويو، تنهن هوندي به سندس 1268 بيت ۽ 112 وايون محفوظ آهن.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چواڻي موجب شاهه شريف جي بيتن ۾ توحيد ۽ معرفت سان گڏ غنائي رنگ ڀريل آهي جو هو ٻئي جي ڳالهه ڪندي به پنهنجو حال وڌيڪ اوري ٿو. شاهه جو ڪلام به سندس آڏو آهي جن جي ڀران بيت چوندي ڀٽائي صاحب جي بنيادي خيالن کي جدا جدا طريقن سان ورجائي ٿو. هيءُ رسالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

رسالو غلام محمد خانزئي جو:

هن رسالي جو مرتب ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي. جنهن هن رسالي جو انتساب ”شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي“ جي نالي جنهن ”اعليٰ سنڌي شاعري“ جي آڳاٽن ذخيرن کي سهيڙيو ۽ تحقيق سان شايع ڪرايو.“ (نبي بخش بلوچ)

هن رسالي جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان حقيقت کي مڃيو ته:

”هيءُ رسالو ”غلام محمد خانزئي“ جو سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جي شاهڪارن مان آخري شاهڪار آهي، هيءُ رسالو شاهه عبداللطيف جي رسالي جو تعبير ۽ تفسير آهي، ۽ رسالي جي سُرن ۽ موضوعن بابت معياري بيان معنيٰ جي لحاظ سان ساڳئي هڪ شاعر جي چيل بيتن ۽ واين ۾ ”رسالي جي هيئت ۽ ترتيب“ جي هڪ تڪميلي صورت آهي.“ (12)

هن رسالي جي خالق غلام محمد خانزئي جي سوانح حيات بابت ڪو گهڻو احوال دستياب نه ٿي سگهيو پر سندس پنهنجي تصنيف ۾ جيڪي ڪجهه موجود هو، ان کي ترتيب ڏئي ڊاڪٽر بلوچ ڪجهه هن ريت پيش ڪيو:

”غلام محمد ولد خان محمد خانزئي اندازاً 1250 هجري ڌاري ڄائو. غالباً سندس ”خانزئي“ خاندان، بلوچن جي بروهي قبيلي جي نک مان هو جيڪي پير صاحب جهنڊي واري جا مريد هئا. غلام محمد به ابتدائي تعليم انهيءَ ساڳي مڪتب ۾ پوري ڪئي، جنهن ۾ بزرگن جا ٻار پڙهيا. اهڙي چڱي ماحول جو سندس ترتيب تي وڏو اثر پيو. مڪتبي تعليم پوري ڪري سمجهه وارو ٿيو ته پاڻ به پير صاحب جهنڊي وارن جو مريد ٿيو. ساڳئي وقت سندس طبع ۾ شاعرانه شعور پڻ پيدا ٿيو، جو پوءِ ان وقت جي سجاده نشين پير صاحب جهنڊي واري جي تعريف ۾ هيٺيون ڪلام چيائين ته:

سهڻو چڙهيو سفر تي وو، نيزو کڻي نيشان لو،
ٿيو سوار سقب تي، ساراهيو سبحان،
منهنجو مُرشد آيو جهنڊي وارو جوان، منهنجو مُرشد آيو(14).“

مٿي ڏنل حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اساسي شاعري جي کوجنا ۾ پنهنجو ڪردار تمام سهڻي نموني نڀايو. اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اعليٰ سنڌي اساسي شاعري جي ناياب گوهرن کي سلسليوار سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪيو. جنهن ڪم جي ابتدا ورهاڱي کان اڳ پوءِ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب ڪئي. تنهن ڪم کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مڪمل ڪيو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قاضي قادن کان وٺي غلام محمد خانزئي تائين جي شاعرن جو ڪلام ترتيبوار شايع ڪرايو. ڪجهه شاعر جهڙوڪ: سچل ۽ بيدل انهن جي ڪلام کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرتب نه ڪيو آهي. باقي اعليٰ سنڌي اساسي شاعري کي ڪتابي صورت ۾ آڻي سنڌي عالمن، محققن ۽ طالب علمن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي اٿائون. سندس اها جاکوڙ سنڌ ۽ سنڌ واسين کان صدين تائين نه وسرندي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ان سموري ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ ٽيهه سال لڳا. ٽيهه سال ڪو معمولي عرصو نه آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي محنت، ذاتي ڪاوشن ۽ جاکوڙ جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گهٽ آهي. سندس نالو سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو.

حوالا

1.           دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، ”مضمون ۽ مقالا“، سهيڙيندڙ: خديجه خانم دائود، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڪميٽي حيدرآباد، سنڌ، 1978ع، (ص: 24،25)

2.         بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”قاضي قادن جو رسالو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1999ع، ص: 1 ۽ 2

3.         ساڳيو، ص: 13۽ 15

4.         بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطف الله قادري جو ڪلام“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع، مهاڳ

5.          دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، ”مضمون ۽ مقالا“، سيهڙيندڙ: خانم خديجه دائود، شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڪميٽي حيدرآباد، سنڌ، 1978ع ص: 20 ۽ 21

6.         بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع، ص:9

7.         ساڳيو، ص: 41

8.         بلوچ، نبي بخش خان، بلوچ، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1963ع، ص: 1

9.         بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”خليفي صاحب جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005ع، ص:1

10. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”ڪليات حمل“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1961ع، ص: (الف) ديباچو

11.   ساڳيو، ص: 45

12. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”رسالو غلام محمد خانزئي جو“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، سنڌ، 1985ع، ص: 1

13. ساڳيو، ص: 4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com