ڊاڪٽر
انور فگار هڪڙو
هڪ ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سرت هئي!
سنڌي رسم الخط جي نئين تشڪيل (1853ع) کان پوءِ سنڌ
۾ جيئن ئي جديد تعليم جو سلسلو رائج ٿيو، تيئن ئي
نصاب جي ترتيب ۽ اشاعت سان گڏ علم ۽ ادب جي
ڇپائيءَ جو به آغاز ٿيو. شروع ۾ جن مصنفن جا ڪتاب
ڇپيا، انهن ۾ ننديرام ميرچنداڻي، ڪوڙومل کلڻاڻي ۽
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي پنهنجي علميت ۽ محنت
سبب نمايان نظر آيا. انهن جي تحريرن تي نظر ڌرڻ
سان اهو ئي تصور قائم ٿئي ٿو ته انهن عالمن ۽
آخوندن رڳو تعليمي نصاب جي بنيادي ضرورتن کي پورو
ڪرڻ تي پنهنجو توجهه مرڪوز ڪيو. سندن موضوع به
انهن نصابي عنوانن جي گرد گهمندا رهيا.
اسان جي سنڌ ۾ رائج ان نئين نظام ۾ ان سان لاڳاپو
رکندڙ ۽ جڙندڙ ماحول جو اسرڻ ۽ ارتقا پذير ٿيڻ ۽
سنڌ جي عربي ۽ فارسي علومن ۾ ڪمال تي پهچڻ ۽ وري
پوڻو پوڻ واري تبديليءَ سنڌ جي علمي، ادبي ۽
تعليمي تشخص جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي صورتحال تي هڪ اهڙي
مليل جليل ڪيفيت کي قائم ڪيو، جيڪا غير يقيني ۽
يقينيءَ جي پلصراط پار ڪرڻ واري چئي سگهجي ٿي. ان
صورتحال ۾ سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻولي کي اهڙي تقويت جي
گهرج هئي، جنهن سان هن جي تاريخي تشخص جو گراف
بلند ۽ بالا محسوس ٿئي. ظاهر آهي ته ان ايڏي وڏي
گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪي ادارا ئي هجن، جي مسلسل
محنت سان اهڙو عروج حاصل ڪن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا
ڀاڳ جاڳي پيا، جو هڪ اهڙو عظيم انسان پيدا ٿيو،
جنهن اڪيلي سر ادارن جو ڪم ڪري توقع کان وڌيڪ
نتيجا نروار ڪيا. اهو هو سنڌ جو مايه ناز عالم
اديب شمس العلماء مرزا قليچ بيگ. جنهن مختلف صنفن،
مختلف موضوعن ۽ مختلف زبانن ۾ اٽڪل روءِ 457 ڪتاب
لکي ٻوليءَ جي جهولي جواهرن سان ڀري مالا مال ڪري
ڇڏي. سندس علم ۽ قلم، تصنيف ۽ تاليف جي مسلسل اثر
سنڌي سماج جي علمي ۽ تعليمي، ادبي ۽ تاديبي تشخص
جي ڊهندڙ ڍانچي کي اعليٰ عمارت وانگر کڙو تڙو ڪري
سموري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنسار ۾ سرهو ڪيو.
مرزا صاحب جي ٻاريل لاٽ اسان جي ترقيءَ جي واٽ کي
اهڙو ته روشن ڪيو جو ان زماني جي هيبتناڪين ۽
حيرتناڪين جيڪي عالمي حالتون پيدا ڪيون، تن دنيا
کي هاڃيڪار ڌوڏا ڏنا، جو تهذيبن ۽ تمدن جو شيرازو
وکرڻ لڳو. 1857ع جو بلوو، مذهبي رساڪشي، لساني
تفرقه، ٻه عظيم جنگيون ۽ هندستان جو ٽڪرا ٿيڻ، ڪي
گهٽ واقعا يا حادثا نه هئا، جن جا ڪي اثرات مرتب
نه ٿين!
انهن انتهائي خطرناڪ حالتن کان علاوه وڏي جٺ ته
اها به هئي ته سموري ڌرتي ۽ قوم، تمدن ۽ تهذيب
محڪوم ۽ مجبور هئي، ڌاري قوم جي تسلط ۾ وجود
برقرار رکڻ ۽ سنئين لڱين سڌو ٿي بيهڻ، ڪيترو نه
ڏکيو هو! ان زماني ۾ قوم جي علم ۽ آگهي، تصور ۽
اظهار جون قوتون ئي وجود جي برقراريءَ جي ضمانت
هيون. انهن قوتن جي پيداوار ۽ واڌ ويجهه ۾ مرزا
قليچ بيگ جي ڏاهپ، دورانديشي ۽ دانشمندي، محنت ۽
مشقت ئي زبان ۽ ادب توڙي قوم جي جاودانيءَ جو سبب
بڻي.
مرزا صاحب جي هستيءَ جو قوم جيترو به قدر ڪري، گهٽ
آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب دنيا جي تبديل ٿيندڙ
حالتن جي اثرن سبب رياستي پٺڀرائيءَ کان وڌيڪ جيڪي
شخصي ۽ سماجي قوتن سان مهاڏا ڏنا آهن، تن ئي هن
ڏيهه کي ڏسڻ جهڙو ڪيو آهي.
ٻي جنگ عظيم دوران سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾
دنيا سان گڏ سجاڳي اچڻ لڳي، تنهنجي فڪر ۽ عمل جي
نتيجي ۾ سنڌ پرڳڻي جي آزاديءَ واري ڏينهن کان،
جيڪو ”نئين سنڌ“ جو تصور قائم ڪيو، تنهن گويا سنڌ
جي جديد دور جي ابتدا ۽ ارتقا جو سڏ ڏنو. جنهن کي
دورانديش ۽ دانشمند عالم ۽ اديب ورنائي ڪي
گڏجاڻيون، ميٽنگيون، ڪانفرنسون ۽ وياکيا ڪرڻ لڳا.
جنهن جو رڪارڊ جوڙيندي بولچند راجپال، ”سنڌو“
رسالي جي سنسار سماچار، سمالوچنا، ۽ مهتممي نوٽ ۾
پڌرو ڪندو رهيو. انهيءَ ئي عرصي ۾ ترقي پسند تحريڪ
شروع ٿي، جنهن تهائين وڌيڪ سوچ ۽ لوچ جو کهنبي
رتڙو پلوءَ پلي ٻڌو ۽ نئين فڪر جنم ورتو ته ”ادب
انسان جي لاءِ ئي ڪارآمد ۽ ڪارج مند هجي. جنهن جو
مقصد همه گير ۽ هماليه جيڏو هجي.“
سنڌ ۾ جيڪا سماجي سجاڳيءَ جي لهر اڀري، تنهن نه
رڳو سياسي ۽ ادبي ترقيءَ ڏانهن سوچيو، پر تعليمي
بيٺلائيءَ لاءِ به لوچيو ۽ سنڌ ۾ اعليٰ تعليمي
اداري جي سخت ضرورت محسوس ڪندي، سنڌ ۾ سنڌ
يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري جدوجهد شروع
ڪئي، جنهن وڃي 9 اپريل 1947ع تي ان جو بنياد وجهي
ڪاميابي ماڻي. هاڻي جڏهن اعليٰ تعليمي ادارو قائم
ٿيو ته ان کي متحرڪ رکڻ ۽ مثالي بڻائڻ لاءِ جن
عالمن ۽ استادن جي ضرورت هئي، تنهن کي ڪيئن پورو
ڪجي!؟ اها ڳالهه ڳڻي مشهور سنڌي فلسفي علامه
آءِ.آءِ.قاضي کي ان جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو
ويو، جنهن سنڌ ۽ پاڪستان جي چونڊ عالمن ۽ استادن
جي مقرري عمل ۾ آڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اصلي مقصد
حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي تعليم ۽ تحقيق جي عملي ترقيءَ
لاءِ وسيع بڻائيندي مختلف شعبن قائم ڪرڻ جو عمل
شروع ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪو پهريون شعبو
قائم ٿيو، سو ايجوڪيشن جو شعبو هو، جنهن جو
سربراهه ان وقت جو نوجوان اديب جنهن ڪولمبيا
يونيورسٽي نيويارڪ ۾
"A Programme of teacher Education for the new
state of Pakistan"
جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي جي اعليٰ
سند حاصل ڪئي هئي، تنهن کي مقرر ڪيو ويو. سندس اها
مقرري سيپٽمبر 1951ع ۾ ٿي. اهو جوان سال اديب ۽
محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ توڙي جو سندس مقرريءَ
وقت سنڌ ۾ سن 1927ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان
"The Influence of Arabic poetry on Persian
poetry"
جي موضوع تي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪري ايندڙ شمس
العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب
به موجود هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي علمي،
تعليمي ۽ تحقيقي خدمتن جي هاڪ نه رڳو سنڌ ۾ هئي،
پر سنڌ کان ٻاهر به، ان وقت تائين ڊاڪٽر دائود
پوٽي جا ڇويهه ڪتاب شايع ٿي چڪا هئا ۽ سن 1940ع ۾
جڏهن سرڪار پاران کيس ”شمس العلماء“ جو اعليٰ
اعزاز عطا ڪيو ويو، تڏهن ان جي مشهور ماهوار رسالي
”سنڌو“ جتي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مبارڪباديءَ جو
نوٽ شايع ڪيو، اتي ان وقت جي وڏي ودوان ڪاڪي
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي علمي خدمتن جي قدرداني
ڪرڻ لاءِ به سرڪار جو ڌيان ڇڪائيندي، ان ئي صفحي
تي اوتروئي نوٽ شايع ڪيو هو، جنهن جو مقصد ۽ مطلب
به اهو ئي هو ته ڪاڪي ڀيرومل کي به اهڙو اعزاز عطا
ڪيو وڃي.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب ۽ تاريخ
تي ڪاڪي ڀيرومل جو پورهيو ڪو پُوڻو پَوڻو آهي. نه
ڪو سندس لکيل اٽڪل روءِ پنجهٺ ڪتاب ۽ ڪيترائي
مضمون ڪو سٿرو ساءُ ڇڏي ويندا. ڪاڪي ڀيرومل جو وڏو
ڪارنامو ته ”قديم سنڌ“ آهي، جنهن جهڙو پختو پستڪ
سنڌيءَ ۾ ورلي ڪو لکيو ويو هوندو. جيترو منجهس
علمي مايو ۽ سواد موجود آهي، تيترو ئي ڪاڪي جو
ڏانءُ دل کي وڻندڙ آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڊاڪٽر
دائود پوٽي دنيا جي تبديل ٿيندڙ گهڻ طرفين حالتن ۾
علمي ۽ ادبي دنيا ۾ به ايندڙ تبديليءَ کي سمجهي
مغربي تحقيق جي جديد اصولن مطابق تحقيقي ۽ تقابلي
نوعيت جا ڪارناما سرانجام ڏيئي، سنڌيءَ کان سواءِ
ٻين ٻولين ۾ به اهڙا اٺاويهه، شهپارا شايع ڪرايا،
جن جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ اهڙا مختلف ماخذ ڪتب آندا،
جن کي اڳ به مستند مقام حاصل هو. ان کان علاوه
ڊاڪٽر دائود پوٽي کي جيڪا اعليٰ سند حاصل هئي ۽
ڪاليج جي استاد توڙي تعليم کاتي جي ٻين منصبن جي
سربراهيءَ واري حيثيت حاصل هئي، تنهن کيس منفرد
مقام تي رسائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي.
اهوئي زمانو هو جو علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪي نوان
نوجوان پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي گهرائي ۽ بلند
پرواز سبب نروار ٿيا، جن ۾ لطف الله بدوي، علي
محمد راشدي، حسام الدين راشدي ۽ مولائي شيدائي
پنهنجي علم ۽ آگهي، موضوع ۽ عبارت آرائيءَ سبب
عالمن ۽ اديبن کي متوجه ڪرڻ لڳا. ڏهن ٻارهن سالن
جي مدت ۾ سندن تحريرن جو ايترو ذخيرو ڇپجي پڌرو
ٿيو هو، جو هو نه رڳو هڪجيڏن، مگر پاڻ وڏن جي به
وچ ۾ ويهڻ لڳا. ان جي باوجود به اعليٰ تعليمي
اداري هلائڻ جون گهربل ڪي اصولي ۽ قانوني گُهرجون
درڪار هيون، جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۾ ئي علامه
آءِ.آءِ.قاضي جهڙي مفڪر کي نظر آيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي علم ۽ دانش توڙي
سوچ ۽ فڪر ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب جو پيروڪار
هو ۽ عمل ۾ وري سڀني کان يگانو هو. ڇاڪاڻ ته ان
وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام واري زماني ۾ ”سنڌي
ادبي بورڊ“ جي نئين تشڪيل ٿي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي
ترقي جي راهن کي روشن ڪرڻ لاءِ جنهن تاريخي ڪردار
جو تعين ڪيو، تنهن تي عمل ڪرڻ سان وڏين ڪمين پورين
ٿيڻ سان گڏ ڪي اهڙا نوادرات به آڏو اچڻ جا امڪان
هئا، جن جي اڳ ۾ ڪا شايد سوجهه ٻوجهه به ڪنهن کي
هجي. اڳتي هلي ائين ٿيو به. سنڌي ادبي بورڊ پاران
سنڌي زبان جي جامع لغات ترتيب ڏيڻ، تاريخي ماخذن
جي سنڌي ترجمي ۽ تحقيق توڙي اشاعت ۽ سنڌي لوڪ ادب
سهيڙڻ ۽ شايع ڪرائڻ جهڙين اهم رٿائن جوڙڻ ۽ منظور
ڪرائڻ کان علاوه انهن تي اٿاهه علمي، ادبي ۽
تحقيقي ڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪرڻ وارا ڪارناما
ڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيشڪ سنڌ کي فخر ڪرڻ
جو موقعو فراهم ڪيو.
سن 1951ع ۾ جامع سنڌي لغات جي ترتيب جي رٿا تي ڪم
شروع ڪيو ويو ۽ ڊسمبر 1951ع ۾ ان جي مرڪزي آفيس
سنڌ يونيورسٽي (ايلسا قاضي ڪيمپس) ۾ قائم ٿي، جنهن
۾ تجويز جو خاڪو جوڙيو ويو. 1952ع ۾ باقاعده ڪم
شروع ٿيو ۽ 1954ع ۾ اهو تڪميل تي رسيو ۽ 1957ع
تائين ان تي نظرثاني پئي ٿي. آخرڪار 1960ع ۾ ان جو
پهريون جلد پڌرو ٿيو. سال 1981ع ۾ ان جو ٻيون جلد
ڇپيو، سال 1984ع ۾ ٽيون جلد شايع ٿيو. سال 1985ع ۾
چوٿون جلد آيو ۽ سال 1988ع ۾ پنجون جلد ڇپجي پڌرو
ٿيو. پنجن ئي جلدن جا جملي صفحا 2088 وڃي بيٺا.
ميگزين سائيز ۾ شايع ٿيل ان اهم ۽ جامع لغات سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ اهڙي ڪمي پوري ڪئي، جا هر علمي،
تعليمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي ادارن توڙي ٻولي
ڳالهائيندڙن کي نهايت شدت سان محسوس پئي ٿي.
لغت نويسيءَ جي ڳالهه هلندڙ آهي ته ڀلا ڊاڪٽر صاحب
جي لغت نويسيءَ جي شعبي ۾ ڪيل ٻين خدمتن جو به
مختصر ذڪر ڪجي. جامع سنڌي لغات جي ترتيب جي تڪميل
کان پوءِ حڪومت پاڪستان جي مرڪزي وزارت تعليم
پاران سنڌ يونيورسٽيءَ کي سنڌي- اردو لغت ۽ اردو-
سنڌي لغت ترتيب ڏيڻ جي منصوبي جي آڇ سال 53-1954ع
۾ ٿي. ان وقت علامه آءِ.آءِ.قاضي سنڌ يونيورسٽي جو
وائيس چانسيلر هو، جنهن اها آڇ قبولي ۽ لغتن جي
ترتيب جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾
خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کي
سونپيو. سندن رفاقت ۾ اهو ڪم تڪميل تي پهتو ۽
وزارت تعليم جي مالي مدد سان ٻيئي لغتون شايع
ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ قدردان انسان هو. سنڌ جي
آڳاٽن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڇڏيل قلمي ذخيريءَ
کي ضايع ٿيڻ کان بچائيندي، انهن جي اهميت، افاديت
۽ حيثيت تي پنهنجا خيالات قلمبند ڪري، جڏهن اشاعت
۾ آندائين، تڏهن اسان جي تاريخي ذخيري جي حفاظت
سان گڏ جيڪو علمي تاريخي تسلسل قائم ٿيندو رهيو،
سو گهڻ طرفو مفيد ثابت ٿيو. لغت نويسيءَ جي سلسلي
۾ به پاڻ آخوند عبدالرحيم وفا عباسي (1840ع-1952ع)
جي جوڙيل صورتخطي ۽ ترتيب مطابق جوڙيل ”جواهر
اللغات“ کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران
ڇپائي پڌرو ڪيائين. اهڙيءَ طرح پاڻ هڪ جلدي لغت
کان سواءِ شاهه جي ڪلام جي لغت ”روشني“ (2002ع)
ترتيب ڏيئي شايع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب هن لغت کي
”ڪلاسيڪي اصطلاحي سنڌيءَ جي پهرين معياري لغت“
سڏيو آهي.
بيشڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌيءَ جو ڄاڻو لغت
نويس (Lexicographer)
هو. سندس همعصر دور ۾ ٻيو ماهر لغت نويس، ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو هو، جنهن جي ڄاڻ ۽ خدمتن کان ڪير
واقف ڪونهي!
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لغت نويسيءَ جي خدمتن
کان علاوه لوڪ ادب جي سهيڙي ۽ ترتيب جو ڪشالو ۽
ڪارنامو به قابلِ ذڪر آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سن 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ آڏو سنڌي لوڪ ادب جي
سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جي هڪ جامع رٿا پيش ڪئي، جنهن
چاليهن جلدن تي مشتمل لوڪ ادب جي نثر ۽ نظم جي
صنفن پيش ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. سن 1956ع ۾ بورڊ
اها رٿا منظور ڪئي ۽ 1957ع کان ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب تعلقي وار ڪارڪنن جي مقرري عمل ۾ آڻي
باقاعده ۽ باضابطا ڪم شروع ڪيو. لوڪ ادب جي منظوم
ذخيري ۾ مداحون، مناجاتون، معجزا ۽ مولود شايع
ٿيا. هنري سٽائن ۾ سينگار، ڏور ڳجهارتون، پروليون،
ڏٺون ۽ معما وغيره. لوڪ گيتن ۾ ڪافيون، بيت، ڳيچ،
نڙبيت آهن ته ٽيهه اکريون، مناظرا، هفتا ڏينهن ۽
راتيون، واقعاتي بيت، جنگناما به شايع ٿيا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ ترتيب
وقت پاڻ به سموري سنڌ جو سير ۽ سفر ڪندو رهيو ۽
پنهنجي ساٿين ۽ ڪارڪنن جي پڻ تربيت ڪندو رهيو. لوڪ
ادب جو سمورو خزانو گويا سنڌ جو اهو صدري خزانو
آهي، جنهن ڳوٺن ۾ رهندڙ سگهڙن ۽ سياڻن جا سينا سدا
سهائا پئي رکيا، انهن جي ڏاهپ ۽ مشاهدي جي قوت ۾
جيڪا واڌ ويجهه پئي پيدا ڪئي، تنهن ديني، سماجي،
علمي ۽ ادبي قصن ۽ داستانن توڙي ڪهاڻين ۽ ڪهاوتن
کي نسل در نسل محفوظ پئي رکيو. سگهڙن ۽ سياڻن جون
اهي دُڻيون ۽ دنگ، محفلين جا مزا ۽ رنگ، جن ۾ ڪانڀ
ڪڍي جو پڪا پوڙها ۽ نوجوان ويهي هڪٻئي کي بيت ۽
ڏور ڏين يا ڏهس ۽ ڏِٺ ٻڌائن ته ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ دنگ
رهجيو وڃن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سهيڙيل
لوڪ ادب جي هرهڪ صنف جو جيڪو تعارف ۽ تعريف، هيئت
۽ سٽاءُ، پيش منظر ۽ پس منظر پيش ڪندي، ڪتاب جو
جڏهن مهاڳ لکيو، تڏهن سندس مطالعي، مشاهدي ۽ ڄاڻ
توڙي اظهار تي کيس ڄاڻن ۽ پارکن خوب ساراهيو، کيس
جَس ڏنا. واقعي سنڌ ۾ اهو هڪ ئي سدا ملوڪ مرد
مجاهد هو، جنهن اهو قيمتي ذخيرو قلمبند ڪري، اسان
کي ان تي فخر ڪرڻ سيکاريو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هر علمي ۽ ادبي، تاريخي
۽ تحقيقي ڪم بيشڪ هڪ بنيادي ۽ دائمي حيثيت رکندڙ
آهي، جو ايندڙ نسلَ ان تي سدائين سرها ٿي پيا
جيئندا. سندس تحقيقي ڪم جو هڪ اهم ۽ افاديت ڀريو
رخ اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي تحقيقي ڪم به
آهي. ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جيڪو فني ۽ فڪري جوهر
موجود آهي، تنهن جي ابتدا ۽ ارتقا توڙي سهڻي تسلسل
کي جڏهن غور سان ڏسجي ٿو تڏهن هڪ اهڙو ذهني ۽
نفسياتي، روحاني ۽ هيجاني ڪيف ۽ اعتماد پيدا ٿئي
ٿو، جو دنيا جي ٻي علمي ۽ ادبي ذخيري جي ڀيٽ ۾
نهايت ئي منفرد ۽ مٿاهون پيو محسوس ٿئي. ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ انهن عظيم ۽ اعليٰ شاعرن جي ڪلامن جي
قلمي نسخن هٿ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ پرکڻ سمجهڻ ۽ پروڙڻ کان
پوءِ حتمي پڙهڻين قائم ڪرڻ تي جيڪو نور نچويو ۽
وقت صرف ڪيو آهي، تنهن جو ڪير ڪاٿو ڪري! اهو ته
ٿيو انهن جو هڪ پهلو، ٻيو پهلو وري ٿيو زندگيءَ جي
واقعن ۽ حياتيءَ جي حقيقتن کي هٿ ڪرڻ، روايتن جو
ملڻ، راوين جي حيثيت ڏي ڏسڻ زمان ۽ مڪان توڙي
همعصر دور جي تاريخي ڪسوٽين تي پرکي نتيجا حاصل
ڪرڻ ۽ يقيني صورتحال تائين پهچڻ کان پوءِ ڇپيل ۽
لکيل ڪتابن ۽ قلمي نسخن ۾ موجود مواد جي ڳولها
ڦولها ڪرڻ ۽ آخر ۾ حتمي متن تيار ڪرڻ جي مرحلي
تائين جيڪي ڪشالا ڪاٽيا تن تي تحسين جو اظهار به
اهي ئي ڪري سگهندا، جن جو پنهنجو به ڪو مشاهدو
هوندو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن ڪلاسيڪي شاعرن کي ڳولهي
نروار ڪيو، تن ۾ قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري،
شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف، شاهه شريف ڀاڏائي،
خليفو نبي بخش ’قاسم‘ لغاري، صوفي محمد صديق، غلام
محمد خانزئي، حمل فقير لغاري ۽ نواب ولي محمد
لغاري. انهن سڀني ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام تي پاڻ
جيڪي مقدما ۽ مهاڳ لکيا آهن، تن جي علمي ۽ تحقيقي
اهميت ۽ افاديت جو همعصر دور ۾ ٻيو ڪوبه مثال ڪونه
ٿو ملي.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ترتيب ۽ تدوين کان علاوه سنڌ
جي تاريخي ماخذن جي ترجمي ۽ انهن تي تحقيق ڪري،
جيڪي شاندار مقدما لکيا آهن، تن جي به اهميت ۽
افاديت قائم آهي. سندس ايڊٽ ڪيل تاريخي ڪتابن مان
”بيگلارنامو“ (ادراڪي بيگلاري) ”تاريخ طاهري“
(طاهر محمد نسياني) ”لب تاريخ سنڌ“ (خداداد خان)
اچي وڃن ٿا. انهن کان علاوه ”تاريخ معصومي“
(مير محمد معصوم بکري)، ”فتح نامو عرف چچ نامو“ ۽
”تحفة الڪرام“ جا ترجما ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب جي نگرانيءَ ۾ ٿيا ۽ پاڻ انهن جا قلمي نسخا
ڀيٽي تصحيح ۽ حاشيه نگاريءَ کان سواءِ، جيڪو مقدمه
نگاريءَ جو اهم ڪم ڪيو، اهو وڏو جاکوڙ ۽
جانفشانيءَ وارو پورهيو آهي. فتح نامه سنڌ عرف چچ
نامه جو مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تاريخ
نويسيءَ ۽ قابليت جو واضح ثبوت آهي. پاڻ ان جي
تاريخي اهميت، افاديت، اصل نالي، مصنف ۽ مترجم ۽
اهم تاريخي ڪتابن جي متعلق ڄاڻ ڏني آهي، تنهن جي
مطالعي سان هر دور جو نئون تاريخ نويس ان جي
مطالعي مان وڏي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيل ڪتاب به سنڌ جي
ٻوليءَ جي قدامت ۽ ادبي تاريخ تي منفرد ۽ اهم ڪتاب
آهي. ٻوليءَ جي بڻ بنياد متعلق تحقيق کان پوءِ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي
سنسڪرت جي ڄائي واري نظريي کي رد ڪري، اهو نظريو
پيش ڪيو ته:
”سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل ناهي، پر سنسڪرت کان
اڳ واري سنڌو ماٿر جي مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان
اسري آهي. اپڀرنش مان نڪتل ناهي. ”جنهن جو اڳين
لکندڙن ذڪر ڪيو آهي، سنڌي جو خمير سنڌ جي سر زمين
۾ تيار ٿيو.“
ان کان علاوه ٻوليءَ جي سٽاءَ، انفراديت، بين
الاقوامي حيثيت، تعمير توسيع ۽ زباني ادبي روايت
کان علاوه سومرن جي دور، سمن جي دور، ارغون،
ترخان، مغليه دور، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور تي جيڪو
گهرو مطالعو پيش ڪيو آهي، تنهن ۾ هر هڪ دور جي
عالمن، اديبن، تصنيفن، تاليفن، تذڪرن ۽ روايتن تي
تفصيلي ۽ وضاحتي روشني وڌي آهي، سا ادبي تاريخ کي
سمجهڻ لاءِ هڪ جدا طبعي لاڙي جي تقاضا ڪري ٿي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علمي ڪارنامن مان هڪ
اهم ڪارنامو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي
جو جامع، مستند ۽ معياري متن تيار ڪرڻ آهي. پاڻ
اها تجويز سن 1966ع ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت
سان مذڪوره ڪاميٽي آڏو پيش ڪئي. ڪاميٽي جي 30-
سيپٽمبر 1966ع جي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته
پهريائين ”شاهه جي رسالي“ جي مختلف قلمي نسخن توڙي
شاهه جي سوانح حيات بنيادي ماخذن کي سوڌي سنواري
شايع ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ رسالي جي مستند معياري
متن تيار ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. ڪاميٽي پاران
انهيءَ ڪم جي ذميداري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي
ڪئي ويئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اها ذميواري قبول ڪندي،
رٿا کي ٻن حصن ۾ ورهائي، پهريائين شاهه صاحب جي
حياتيءَ متعلق بنيادي ماخذن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مير
عبدالحسين خان سانگي جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب
”لطائف لطيفي“ 1967ع ۾ ڇپايو ۽ مرزا قليچ بيگ جو
ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ 1972ع ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو. اهڙيءَ طرح بيدل سائين جو ”پنج گنج“
جيڪو صوفي سبحان بخش ترتيب ڏنو هو ۽ ”راڳنامو“
فقير صوفي محمد صديق جو 1976ع ۽ 1981ع ۾ شايع
ڪرايا.
انهن ڪتابن جي اشاعت کان پوءِ رسالي جي معياري متن
تيار ڪرڻ کان اڳ رسالي جا پهريان پنج متن تحقيق ۽
تصحيح سان شايع ڪرايا. 1- سن 1969ع ۾ برٽش ميوزم
وارو قلمي نسخو، 2- 1974ع ۾ سرڪلياڻ سان شروع
ٿيندڙ رسالو، ٽن اهم قلمي نسخن کي ڀيٽي شايع ڪيو
ويو ۽ 3- 1977ع ۾ سر سسئي سان شروع ٿيندڙ رسالو،
جيڪو ڏهن قلمي نسخن کي ڀيٽي شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ
طرح 1972ع ۾ رسالي جي چوئيتاليهن (44) قلمي نسخن ۽
ڇاپن جي تحقيقي مطالعي کي ”شاهه جي رسالي جا
سرچشما“ جي عنوان سان شايع ڪرڻ کان سواءِ 1974ع ۾
پنجيتاليهن (45) قلمي ۽ ڇاپي رسالن جي سُرن،
داستانن، بيتن ۽ واين جي مطالعي کي ”شاهه جي رسالي
جي ترتيب“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري
بنيادي تحقيقي ڪم ڏهن سالن جي محنت سان پڄاڻيءَ تي
رسيو.
جنوري 1980ع کان رسالي جي جامع، مستند ۽ معياري
متن جي تياريءَ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو. ٻن سالن ۽
ستن مهينن تائين تحقيقي ڪم هلندو رهيو ته ڪن
دشوارين سبب آگسٽ 1982ع کان مارچ 1983ع تائين اٺ
مهينا ڪم ۾ رڪاوٽ پئجي ويئي. ان هوندي به ڊاڪٽر
بلوچ صاحب رسالي جي معياري متن جي رسالي ۾ سر
ڪلياڻ ۽ سر يمن جو معياري متن مڪمل ڪيو، جنهن تي
29- ڊسمبر 1988ع تي 6 صفحا مهاڳ لکيو ويو. شاهه جي
رسالي جي جامع، مستند ۽ معياري متن جو جلد پهريون
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ جي عنوان سان
1410هه/1989ع ۾ ميگزين سائيز ۾ ”شاهه عبداللطيف
ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه“ پاران تفصيلي مقدمي،
ڀيٽ ۽ سمجهاڻي سميت شايع ٿيو. جلد پهرين جي سٽاء
جو مختصر خاڪو هن ريت آهي:
ٻه سؤ ڇٽيهه صفحا مقدمي جي باب پهرين ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي حياتيءَ جو احوال. باب ٻئي ۾
شاهه جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت ۽ رسالي جي قلمي
نسخن ۽ ڇاپن جي سڃاڻپ. باب ٽئين ۾ رسالي جي تدوين
۽ تاريخ. باب چوٿين ۾ رسالي جي ترتيب. باب پنجين ۾
شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار. باب ڇهين ۾ جامع
مستند متن لاءِ صورتخطي. اهڙيءَ ريت 662 صفحن تي
سر ڪلياڻ جو مهاڳ، سر يمن جو مهاڳ، سر ڪلياڻ ۽ سر
يمن جو متن ۽ معنيٰ.
جلد ٻيون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1992ع ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“
حيدرآباد پاران ساڳئي سائيز ۾ 518 صفحن تي مشتمل
ڇپجي پڌرو ٿيو. هن جلد ۾ سر کنڀات، سر بروو، سر
سري راڳ ۽ سر سامونڊي شامل ڪيل آهي.
جلد ٽيون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1994ع ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“
حيدرآباد پاران ساڳئي سائيز ۾ ڇهه سؤ صفحن تي
مشتمل آهي. چوهٺ صفحن جي مقدمي سان هن جلد ۾ ستن
سُرن: سر گهاتو، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي، سر بلاول،
سر پرڀاتي، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر شامل آهن.
جلد چوٿون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1997ع ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ست سؤ ڇهاسي صفحن تي
مشتمل هن جلد ۾ سسئي وارا پنجئي سر: سر آبري، سر
معذور، سر ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر حسيني شامل آهن.
جلد پنجون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1996ع ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو. هن جلد ۾ سر ليلان، سر
راڻو، سر ڪاموڏ ۽ سر سورٺ شامل آهن.
جلد ڇهون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1995ع ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو. پنج سؤ ڇاهتر صفحن تي
مشتمل هن جلد ۾ ٻاهٺ صفحن تي مقدمي سان گڏ چار سر:
سر روپ، سر پورب، سر رامڪلي ۽ سر آسا شامل ڪيل
آهن.
جلد ستون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1998ع ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ڇهه سؤ اٺيتاليهن صفحن
تي مشتمل هن جلد ۾ ايڪيتاليهن صفحن جي مقدمي سان
گڏ ٽي سُر: سر مارئي ۽ سر سهڻي شامل ڪيل آهن.
جلد اَٺون- ”شاهه جو رسالو- شاهه عبداللطيف جي
پنهنجي ڪلام جو سڄو سربستو صحيح رسالو“:
1999ع ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جو پنج سؤ اٺيتاليهن
صفحن تي مشمل آهي. هن جلد ۾ اُڻٽيهه سر: سر ڪلياڻ،
سر يمن، سر کنڀات، سر بروو، سر سري راڳ، سر
سامونڊي، سر گهاتو، سر ڪاپائتي، سر بلاول، سر
پرڀاتي، سر ڪارايل، سر ڏهر، سر آبري، سر معذور، سر
ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر راڻو، سر ليلان،
سر ڪاموڏ، سر سورٺ، سر رپ، سر پورب، سر رامڪلي، سر
آسا، سر مارئي، سر سهڻي ۽ سر سارنگ شامل ڪيل آهن.
جلد ڏهون- ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“:
1996ع ۾ ”علامه قاضي جو رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
حيدرآباد پاران شايع ٿيو. اٺ سؤ پنجونجاهه صفحن تي
مشتمل هن جلد ۾ ”رسالي جو ڪلام“ شامل آهي. يعني
اهڙو ڪلام جيڪو رسالي جي اڳين ۽ بعد ۾ ڇپيل يا
قلمي رسالن ۾ موجود آهي، پر اهو شاهه لطيف جو نه،
پر ٻين شاعرن ۽ سگهڙن جو چيل آهي. اهو شاهه جي
ڪلام کان جدا ڪري رسالي جي ڪلام طور واضح ڪري،
سهڻي ترتيب ۽ سليقي سان رکيو ويو آهي.
شاهه جي رسالي جي جامع، مستند ۽ معياري متن جي
تياريءَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قابليت، محنت،
تحقيق ۽ حاصلات کي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي
دنيا ۾ بيشڪ قدر جي نظر سان نهاريو ويندو. مستند
متن جي تياري لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هر هڪ بيت ۽
وائي کي ڇهن تحقيقي معيارن تي پرکيو آهي. جي هي
آهن: (1) مطالعي ۾ رسلي جي تعداد جو معيار، (2)
رسالن جي قدامت جو معيار، (3) رسالن جي ڀيٽ جو
معيار، (4) سنڌي ٻوليءَ ۽ بيان جي سهڻائيءَ جو
معيار، (5) اعليٰ شاعريءَ جو معيار ۽ (6) اعليٰ
فهم ۽ فڪر جو معيار. اهڙيءَ طرح هن تحقيقي مطالعي
لاءِ رسالي جا 54 قلمي ۽ 16 ڇاپي رسالا اڀياس هيٺ
آندا ويا. ان کان علاوه ان تحقيقي ڪم دوران ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ايڪيتاليهن ڄاڻن، فقيرن ۽ ماهرن سان
مشورن جو سلسلو جاري رکيو، جن جو تعلق مختلف خطن ۽
شهرن سان هو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وقت بوقت وٽن ويندو
رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن به علمي ۽ ادبي رٿائن تي
تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تن جي طريقئه ڪار ۽ عمل جي
سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ جيڪا
به لکپڙهه موجود آهي، ان کي شايع ڪري، نوجوان ۽
نون تحقيقي سکيا حاسل ڪندڙن لاءِ عام ڪيو وڃي، ته
جيئن سنڌ جي هن عاشق عالم جي سکيا ذريعي پنهنجو
علمي ادبي ۽ تحقيقي تشخص قائم رکي سگهجي. ان کان
سواءِ شاهه جي رسالي جي جامع، مستند ۽ معياري متن
لاءِ جيڪي رسالا، قلمي توڙي ڇاپي، ڪتاب، ٻيا قلمي
نسخا ۽ لکپڙهه وغيره گڏ ڪري هڪ اهڙو ”شاهه جو
رسالو تحقيقي ادارو“ قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ انهن
نوادرات جي حفاظت سان گڏ نئين فڪر ۽ تحقيق جو
سلسلو قائم رکيو وڃي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انهن علمي، ادبي ۽
تاريخي خدمتن کان علاوه ثقافتي ۽ ادارتي خدمتون به
مثالي آهن. پاڻ سنڌ جي موسيقي، سازن ۽ آوازن تي به
ڌيان ڌريو ۽ سن 1950ع کان ان تي لکندو به رهيو. ان
سلسلي ۾
"Introduction of classical and Sindhi music''
''Development of music in Sindh''
کان سواءِ پاڻ امير خسروءَ جي
موسيقي جي خدمتن تي
Amir'' khusrau's discourse on differntiation in
the fundamental and the subsidiary principles of
music"
جي عنوان هيٺ جامع مقالو سن
1975ع ۾ لکيائين. سن 1978ع ۾ ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي
موسيقي جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهم ڪتاب
لکي سنڌ ۾ موسيقي سان چاهه رکندڙن آڏو پيش ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ ۾ نهايت ئي گهڻ پهلو
عالم هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻ پهلو ۽ گهڻا
ڪارناما سرانجام ڏيئي، اهڙي مثالي حيثيت حاصل ڪئي
آهي، جنهن جو ڪو ٻيو دعويدار ٿي نه ٿو سگهي. سندس
ٻولين جي ڄاڻ (عربي، فارسي، انگريزي، هندي،
سرائڪي، اردو، بلوچي، براهوي وغيره) ايڏي ته وسيع
هئي، جو انهن جي صرفي، نحوي، لغوي، تاريخي، لساني
۽ سماجي رخن جو به گهرو ادراڪ رکندڙ هو. هو تاريخ،
جاگرافي، ارضي، فلڪي، ماحولياتي، سماجي، انساني،
نسلي، عقلي، احساساتي ۽ ادراڪي معلومات سان مالا
مال هو. سندس لکيل ڪتابن ۽ مقالن توڙي مضمونن کان
سواءِ قائم ڪيل ادارن، انهن جي اهميت، افاديت،
ڪارج ۽ نتيجن جي خدمتن جو ڄاڻو ۽ اڳواڻ هو. جيڪڏهن
ورهاڱي کان پوءِ جي عالمن ۽ اديبن جي خدمتن تي هڪ
سرسري نظر ڌري راءِ قائم ڪئي وڃي ته بيشڪ ادب جي
دنيا ۽ علم جي ميدان ۾ شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ پنهنجو ڪو ثاني ڪونه ٿا رکن. اهو وقت پري
نه آهي ته سنڌي قوم انهن ٻنهي عالمن ۽ اديبن جي
علم، فڪر ۽ نظريي تي عمل ڪري ان نئين سنڌ جي تعمير
ڏانهن تڪڙو توجهه ڏيندي ۽ جنهن جو تسلسل اسان
پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سبب برقرار رکي نه سگهيا
آهيون.
]هن
مقالي جي تياريءَ دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا
مختلف ڪتاب مطالعي رهيا.[
ڊاڪٽر علي اڪبر
ايم.ڍڪڻ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچؒ
(سنڌ
جو جڳ مشهور محقق، شارح، عالم ۽ اديب)
ويٺي جَنين وَٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تن تنين سين ڪَٽ، وڏا اَڏي پکڙا.
(شاهه لطيفؒ)
سنڌ ڌرتي ۽ اسان سنڌين کي وڏو فخر ۽ شڪر آهي جو
الله پاڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچؒ جهڙو حليم ۽
عليم، مدبر ۽ دانشور، محقق ۽ محنت ڪش، عالم ۽ فاضل
عطا فرمايو. ڊاڪٽر بلوچ جهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا
ٿيندا آهن.
شاهه لطيفؒ فرمايو آهي ته:
”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.“
دنيا ۾ هن ڌرتيءَ تي ڪئين ماڻهو پيدا ٿيا آهن، ۽
ٿيندا رهندا مگر تاريخي ۽ جڳ مشهور ڪي ڪي پيدا ٿيا
آهن جن جي عملن سان پوري دنيا سڳنڌ ۽ سُرهاڻ حاصل
ڪئي آهي.
علامه اقبال مطابق:
”بڙي مشڪل سـﻶ هوتا هـﻶ چمن مين ديده ور پيدا“
شاهه لطيف سائين فرمايو ته:
”سي پونجارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، مُل مهانگو اُن جو.“
چند ٻهراڙيءَ ۾ ڄاول ٻارڙي جا نصيب ڏسو ته هو
پنهنجي محنت ۽ مشقت، ايمانداري ۽ سچائي واري عظمت
سان دنيا جو هڪ عظيم ۽ اعليٰ پايي جو عالم ۽ محقق
بنجڻ ۽ سڏجڻ وارو مقام حاصل ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي شان
۽ شوڪت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سانگهڙ ضلعي ۽
سنجهوري تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾
علي محمد خان لغاريءَ جي
گهر ۾ 16- ڊسمبر 1917ع تي اکيون کولي
نوشهروفيروز،
جهوناڳڙهه، عليڳڙهه ۽ آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا
مان وچولي، اعليٰ ۽ مٿانهين درجن جي تعليم پرائي
اچي وري سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ۾ مصروف زندگي
گذاريائين ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان جو نالو اوچو
ڪيائون. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بين
الاقوامي ادارن ۾ وڏين نوڪرين جون پيشڪشون ٺُڪرائي
پنهنجي محترم استاد ۽ دانشور علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ
جي صلاح ۽ مشوري مطابق پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ
کي ترجيح ڏنائون. هتي هن نه صرف پڙهائڻ جو ڪم ڪيو
مگر تعليمي اوسر لاءِ ادارن کي مضبوط ڪيائون.
تعليمي ۽ تحقيقي پاليسيون ٺاهي تعليم جي سرشتي ۾
جدت ۽ نواڻ پيدا ڪيائون. استادن ۽ شاگردن ۾ نظم،
محنت، شوق ۽ جذبي جو اُتساهه وڌائي سنڌ جي ماڻهن
جون دعائون ورتائون. پاڻ اورچائي ۽ ايمانداريءَ
سان زندگي گذاري پنهنجي رب جي خوشنودي حاصل ڪيائون
۽ زندگي پُرسڪون ۽ احترام ۽ وقار واري گذاريائون.
ڪنهن عهدي وٺڻ لاءِ ڪا خوشامند ۽ چاپلوسي نه
ڪيائون مگر عهدا هن جي خدمت لاءِ مُتلاشي رهندا
هئا، جنهن ڪري جڏهن به وڏن عهدن جون کين آڇون آيون
ته اهي عهدا عزت ۽ احترام سان ادا ڪيا ۽ وڏي وقار
۽ اعليٰ درجه جون منزلون سر ڪري پُرسڪون زندگي
ماڻيائون. آمريڪا کان ايجوڪيشن ۾ پي ايڇ.ڊي ڪري
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايجوڪيشن واري شعبي ۾ ڊائريڪٽر
جا فرائض ادا ڪيائون جتي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ جون
وڏيون مشقون ۽ مشقتون ڪيون، جتي سنڌ جي لوڪ ادب تي
اٽڪل چاليهه ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا. ان سان گڏوگڏ سنڌ
جي مٺي پاڻي جي مڇي ۽ کاري جي مڇي، جانورن، هنرن،
ڌنڌن ڌاڙين تي تحقيق ڪيائون ۽ ڪتاب ڇپرايا. شاهه
لطيفؒ جي رسالي جي شرح لکيائون ۽ ان جا اٽڪل ڏهه
جلد ڪرائون سائيز 8000 صفحن تي مشتمل ڇپرايا. شاهه
صاحب جي هر لفظ ۽ محاوري جي شرح ڳوٺن، واهڻن ۽
جڳهن تي وڃي پاڻ ڏسي ۽ ماڻهن سان ڪچهريون ڪري
سمجهي پوءِ لکيون ۽ ڇپرايون. اهڙيءَ طرح لوڪ ادب
جو مواد حاصل ڪرڻ لاءِ سگهڙن سان پنهنجن ڳوٺن ۾
ڪچهريون ڪري سندن ياد ٿيل سينن مان بيت ۽ خيال گڏ
ڪري ڪتاب ڇپرايا، مطلب ته ڊاڪٽر صاحب عملي ماڻهو
هو جن پاڻ ڪشالا ڪڍي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، شهر شهر
گهمي اکين سان شيون ڏسي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ رڪارڊ ڪري
ڪتاب ڇپرايا. جنهنڪري ڊاڪٽر صاحب کي ٻهراڙيءَ جي
ڳوٺن لاءِ ۽ اتان جي رهندڙ ماڻهن لاءِ وڏو چاهه ۽
دلچسپي هوندي هئي. پاڻ به دعوتون ۽ شڪار ڪري ايندو
هو، ته ان کان وڌيڪ اتان جي ماڻهن جي مهمان نوازي
ڪندو ۽ کين پاڻ وٽ رهائيندو هو. انهن سمورين
ڪچهرين جو بندوبست سندس صالح پٽ ڊاڪٽر محمد شريف
بلوچ ۽ سندن ساٿي عبدالرحمان مهيسر ڪندا هئا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب طبعيت جو صابرين ۽ حليم هو، ڪير
تنقيد ڪندو هو سا برداشت ڪري ڇڏيندا هئا، صرف
ايترو چوندا هئا ته سڀڪو پاڻ سڌاري. هجره ڪائونسل
اسلام آباد ۾ ائڊوائيزر به ٿيا ته تعليم کاتي جا
سيڪريٽري به ٿيا، ان کان پوءِ سنڌ حڪومت کيس نگران
وزيرِتعليم به ڪري مقرر ڪيو جيڪي عهدا هن بخوبي
سرانجام ڏنا.
اسلام آباد وارن جو رويو:
وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسلام آباد وارا سنڌ
جي ماڻهن کي وڏي عهدي تي رهڻ نه ٿا برداشت ڪن،
پوءِ ڪيترو نه ڪو ايماندار، اورچ ۽ محنتي هجي.
عموماً ڏٺو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ جن به سنڌ جي
ماڻهن کي ادارن جي سربراهه طور رکيو ويو آهي تن کي
اتان جي ماڻهن نه سَٺو آهي ۽ کين تنگ ڪري اتان
هٽرايو ويو آهي، سائين غلام علي الانا صاحب جڏهن
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سربراهه
هو ته کين ڪيترو نه پريشان ڪري واپس ڪيو ويو هو.
هن راقم الحروف کي به جڏهن ايم.ڊي سمال بزنس فنانس
ڪارپوريشن اسلام آباد اسٽيٽ بئنڪ مان ڊيپوٽيشن تي
موڪليو ويو ته اسلام آباد جي ڪامورن ۽ ملازمن ساڻس
حسد ڪري کيس پريشان ڪيو هو، ڇو ته سندس حساب ڪتاب
پڇيو ويو ته هو حاسدن ۽ چورن واري چال هليا ۽ آخر
۾ راقم الحروف کي واپس اسٽيٽ بئنڪ ڪراچي واپس اچڻو
پيو هو. سو ڊاڪٽر بلوچ صاحب به جڏهن اسلامڪ
يونيورسٽي اسلام آباد جو پهريون سربراهه مقرر ٿيو
ته هن کي به، پروفيسر ڊاڪٽر محمد غازي جي هيٺين
لفظن مطابق، پريشان ڪيو ويو هو:
"It is pity that the services the dedications
and sincerity of Dr. N.A.Baloch were not
appreciated what happened to him has happened in
our history to many sincere and dedicated
people. He soon attracted the wrath and
displeasure of many who did not want his project
to take off. Jealousies of the peers and at her
position hunters added to his difficulties,
problems were created in his way which he
continued to face with courage, dedication and
selflessness.
He was unceremoniously removed from the office
of the Vice Chancellor."
”افسوس ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر اين.اي.بلوچ صاحب جون بي
لوث ۽ پُرخلوص خدمتون پسند نه ڪيون ويون، ڇا ٿيو
هتي سو تاريخ ۾ ايماندار ۽ مخلص ماڻهن سان دنيا ۾
ٿيندو آهي، هن تي حاسد ۽ ساڙيلا ماڻهو حسد وچان
ڪاوڙيا ۽ اعليٰ عهدن تي قابض بيوروڪريٽن کيس ڪم
ڪرڻ نه ڏنو. جنهنڪري حاسدن سندن لاءِ پريشانيون ۽
مسئلا پيدا ڪيا جيڪي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي
ايمانداري، اورچائي ۽ همت سان سَٺا ۽ مقابلو ڪيو
پر وڏو ڏک تڏهن ٿئي ٿو جڏهن کيس وائيس چانسلري
واري عهدي تان ظالمانه طور هٽايو ويو.“
بهرحال هن ملڪ ۾ بيورو ڪريٽن جي هڪ هَٽي آهي ۽
ايماندار ۽ جفاڪش ماڻهن جي ڪارگذارين ۾ مداخلت سان
کين مسئلن ۾ پريشان ڪري ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ
جي ڪامورن جي سروي ڪئي وڃي ته معلوم ٿي ويندو ته
هڪ هَٽي رکندڙ ڪامورن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو هرڪوئي شڪار
ٿيل نڪرندو. هاڻي اهڙن ظالم طبقي کان صرف الله ئي
کين حفاظت ۾ رکي سگهي ٿو. ”آهه غريبان قهر خدائي.“
سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرحوم و مغفور جن اعليٰ
درجي جا اديب، عالم، محقق، تعليمي ماهر ۽ قابل
استاد هئا. ملڪ اندر ڇا پر پوري دنيا جي مفڪرن ۽
ماهرن سندس تعريف جاڳڻ ڳايا آهن. ضياءالدين’بلبل‘
چيو ته:
”ڊاڪٽر موصوف، علي ڳڙهه جي سنڌي پيدا ڪيلن مان
پهرين صف وارن منجهان آهي.“
محمد عمر چنڊ صاحب چيو ته: ”علم جي پوئين زماني جي
سمنڊن مان هڪ سمنڊ جو نالو آهي- ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ“.
مراد علي مرزا مرحوم چيو ته:
”سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، موسيقي ۽ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ جي موضوعن تي سنڌ جي برک محقق،
تاريخدان، عالم ۽ دانشور محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي.“
نياز همايوني چيو ته:
”محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ’هڪ ئي رانجهو
لکان دا مٽ‘ چئي سگهجي ٿو.“
امداد حسيني صاحب چيو ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت
آهي.“
ممتاز مرزا مرحوم چيو ته: ”ڊاڪٽر بلوچ ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز جو حقيقي معمار آهي.“
غلام محمد لاکي چيو ته:
”ويهين صدي جي سنڌ جيڪي به وڏا اديب، دانشور،
محقق، تاريخدان ۽ نقادَ پيدا ڪيا آهن، مان واري
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو انهن سڀني ۾ نهايت
نمايان نظر اچي ٿو.“
تاج جويي صاحب فرمايو ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو عظيم لغات نويس
هو“.
ٻن حوالن سان خاص ڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
نالو اول صف جي عالمن ۽ محققن ۾ شمار ٿئي ٿو: (1).
لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ (2) لغات نويسي.
محمد يوسف شيخ صاحب جن فرمايو ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ عظيم ماهرِ تعليم هو.“
ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو، جيڪڏهن ائين چئي ته
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان جي تعليمي نشاة
ثانيه جي بانين مان هڪ آهي ۽ شعبه تعليم جي قيام
جو باني آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب چيو ته:
”سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ زندگيءَ جي گوناگون ۽
اهم پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو عالم آشڪار آهي.“
محمد حسين ڪاشف صاحب جن لکيو آهي ته:
”علمي ۽ ادبي طور سنڌ ڌرتيءَ جيڪي ماڻهو پيدا ڪيا
آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت سڀني
کان منفرد مقام واري آهي.“
ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري فرمايو آهي ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نهايت اورچ اسڪالر هو.“
ڊاڪٽر صاحب جي انهن لاجواب علمي ادبي خدمتن جي
اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت کيس تمغهء پاڪستان ۽
صدارتي تمغهء حسن ڪارڪردگي ۽
2001ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان تمغهء
امتياز مليو. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمن ٽن
سالن لاءِ رهيو، ۽ سنڌ جي مختلف حصن جي لهجن تي
ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائون. پاڻ هڪ طرف پروفيسر
ايمريٽس رهيو ته ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي طرفان قائم
شده علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر جو چيئرمن پڻ رهيو.
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب لکيو ته:
”ڊاڪٽر صاحب جي ذهن، زبان ۽ سيني ۾ سنڌ جي تاريخ،
علم، ادب ۽ ثقافت جا خزانا لڪل آهن، اهو اسان جي
مفاد ۾ آهي، ته سندن جاکوڙ، جستجو، محنت، مواد ۽
معلومات کي اسان هٿ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي
محفوظ ڪريون.“
حميد سنڌي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ڪن گهاريل
گهڙين جي باري ۾ لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر صاحب جي ساراهه ته هاڻ دوست ۽ دشمن پيا ڪن،
جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي محنت ۽ پورهئي وسيلي سڀني کي
مڃايو آهي. هونئن به تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جي
ڪاميابي ٿئي ٿي جيڪي پنهنجي قلم ۽ ڪردار وسيلي وقت
جا وهڪرا اُڪري، حق ۽ سچ جي ڳالهه کي اڳڀرو ۽
مٿانهون رکڻ لاءِ جاکوڙ ۾ رُڌل رهن ٿا. مون ڊاڪٽر
صاحب کي اڄ تائين اهڙي عمل ۾ رُڌل ڏٺو آهي، جو هن
ڪٿي به ساهي نه کنئي آهي. هو اڄ به سنڌ جو وڏو
محقق، ڄاڻو، ڏاهو ۽ قلمڪار آهي جيڪو قلم جي مس ئي
سُڪڻ نه ٿو ڏئي ڇاڪاڻ ته سندس گهڻ پاسائين شخصيت ۾
ڪئين راز، رمزون ۽ هنر لڪل آهن.“
شيخ محمد اسماعيل لکيو ته:
”ڊاڪٽر صاحب جي انشاء اسلوب جي هڪ خاص ڳالهه اها
آهي جو هُن هن وقت تائين هڪ سؤ کان مٿي موضوعن تي
ڪتاب لکيا آهن، پر جنهن به موضوع تي لکيائين،
اصطلاح ۽ ٻولي، ان موضوع مطابق استعمال ڪيائين.
انشاء جو اهو انداز هن کان اڳ ڪنهن به اديب نه
اختيار ڪيو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ سنڌيءَ، فارسيءَ،
عربيءَ ۽ انگريزي جو ڄاڻو عالم آهي.“
سگهڙ عبدالرحمان مهيسر چيو ته:
”ڊاڪٽر صاحب جن مُني صدي کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌي
ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ان جو مثال ڪونهي.“
پرواني ڀٽي چيو ته:
”ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي چپي چپي تي پنهنجن پيرن جا
نشان ڇڏيا آهن، اسان انهن پيرن جي نشانن کي ئي
سمجهي ۽ ڏسي اڳتي وڌياسين ته پوءِ اسان کي اُهائي
منزل هٿ اچي ويندي جنهن جا اسين ڳولائو آهيون.“
پروفيسر ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ لکيو ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو عالم ۽ دانشور
آهي جنهن تي سنڌي قوم بجا طور تي فخر ڪري سگهي
ٿي.“
عبدالرحمان پليجي لکيو ته:
”سنڌ جي لوڪ ادب، لوڪ گيتن، بيتن، آکاڻين، ڏِٺن،
ڏورن، ڳيچن، ڪافين، مولودن، مداحن، عشقيه داستانن،
لوڪ ڪهاڻين، مطلب ته صدين کان سنڌين جي سيني ۾
سانڍيل خزانن کي آڻي سنڌ جي ڪاڇن، ٿر کان ڇپر، سري
کان لاڙ تائين گڏ ڪيو آهي.“
عزيز جعفراڻي چيو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ جا ڪئين عرب مداح ۽ معترف آهن.“
حافظ حبيب سنڌي ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌ جو ابن بطوطه
سڏيو آهي. رسول بخش تميمي ڊاڪٽر بلوچ کي ”شاهه جو
شارح چيو آهي.“
ڊاڪٽر محمد سليم اختر اردو ۾ لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر بلوچ جيتوڻيڪ زندگيءَ جو گهڻو حصو شهرن ۾
گذاريو آهي پر بنيادي طور هو ٻهراڙي جي ماحول جي
پيدائش آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن ٻهراڙيءَ
جي زندگيءَ جا سمورا روپ پنهنجي ذات ۾ سمائي ڇڏيا
آهن.“
پروفيسر آفاق صديقي ڊاڪٽر بلوچ کي اردوءَ ۾ ”شيداء
علم و ادب سڏيو آهي.“
خالد اطهر اردو ۾ چيو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون آثارِ قديمه، موسيقي ۽ لوڪ
ادب ۾ گرانقدر خدمتون آهن.“
پروفيسر چاند بيبي سلطانه اردو ۾ لکيو ته:
”جديد مستند ايڊيشن شاهه جي رسالي جو ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جو مرتب ٿيل آهي.“
حميده کهڙو صاحبه انگريزيءَ ۾ لکيو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ هڪ فطري ڄاول محقق آهي جنهن پنهنجي
سموري زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تحقيق کي ارپي
ڇڏي.“
کهڙو صاحبه وڌيڪ چيو ته:
"It would not be an
exaggeration to call Dr. Baloch an encyclopedia
of Sindh."
يعني: ”ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا چوڻ ۾
ڪو مبالغو نه ٿيندو.“
پروفيسر نذير احمد انگريزيءَ ۾ چيو ته:
"In
my official dealings with Dr. N.A Baloch, I was
struch by his sagacity".
يعني: ”آفيس جي ميٽنگن ۾ مون کيس دانشور ۽ سياڻو
ڏٺو.“
عزيز ملڪ انگريزيءَ ۾ لکيو ته:
"Those who know Dr. Baloch, the renaissance man
of Sindh, also know how busy he is. He reads,
sleeps, drinks, eats and writes books."
يعني: ”جيڪي ماڻهو بلوچ صاحب کي سنڌ جي روشني يا
سوجهرو سمجهن ٿا، انهن کي خبر آهي ته هيءُ ڪيترو
مشغول رهي ٿو. هي پڙهي ٿو، سمهي ٿو، پيئي ٿو، کائي
ٿو ۽ گڏوگڏ ڪتاب لکي ٿو.“
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي
"Living Legend of Sindh"
سڏي ٿو يعني ”سنڌ جي زنده جاويد يادگار شخصيت.“
سيما قريشي صاحبه بلوچ صاحب بابت انگريزيءَ ۾ لکيو
ته:
"Dr. Nabi Bux Baloch never retires."
”ڊاڪٽر نبي بخش نه ٿڪجندڙ ماڻهو.“
محمد عثمان منگي صاحب فرمايو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم (جلد ٽيون) جي ڇپائڻ ۽
مرتب ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان ته جيئن
مايه ناز عظيم اسڪالر جي تحقيقي ڪمن کان واقف ٿي
ٻيا به اديب اڳتي قدم وڌائي سگهن.“
محترم عنايت بلوچ صاحب جن چيو ته:
”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران سائين ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب جن سان پهرين روح رهاڻ، تمام وڏي
پيماني تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز آڊيٽوريم
۾ 19- فيبروري 2002ع تي ملهائي وئي هئي. هن رهاڻ ۾
ڊاڪٽر صاحب جي متعلق لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مبني
هڪ ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم“ جي پڌرائي پڻ
ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان ٿي هئي جڏهن سڄي آڊيٽوريم ۾
ٻه چار منٽ تاڙيون وڄنديون رهيون هيون ۽ حاضرين
طرفان ڊاڪٽر صاحب جن سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو
ڀرپور اظهار ڪيو ويو هو، ان ادبي رهاڻ جو اکين ڏٺو
احوال ڊاڪٽر هڪ مثالي عالم جي ٻئي ڀاڱي ۾ تفصيل
سان ڇپيو آهي.“
پروفيسر محمد فاضل شيخ صاحب جن جي خيال ۾ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب کي ”شمس العلماء“ جهڙا ڏهه خطاب ڏجن ته
به گهٽ آهن.
سائين محمد فاضل شيخ صاحب جن سکر ڪاليج ۾ پروفيسر
رهيا ۽ سائين بلوچ صاحب جن جا پي ايڇ.ڊي لاءِ
پيارا شاگرد ٿي رهيا آهن، پني عاقل ۽ ميرپورماٿيلي
۾ سگهڙن سان ٿيل ڪچهرين ۾ ساڻ رهيا ۽ ان کان سواءِ
بلوچستان ۾ ٻيلي طرف سگهڙن سان ڪچهرين لاءِ فاضل
صاحب پنهنجي فرزند حسنين شيخ جيڪو ان وقت اسسٽنٽ
ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي بلوچستان ۾ خدمتون
حاصل ڪرايون.
پروفيسر بيگم خديجه بلوچ جن چيو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ هڪ اهو عالم آهي جنهن جيڪي به لکيو
آهي سو پنهنجي ميز تي ويهي محض پنهنجي مفروضات تي
ٻڌل نه لکيو آهي، هو جيستائين سندن هٿ ڪيل يا ٻُڌل
ڳالهين يا ڪن ڪتابن ۾ پڙهيل ڳالهين جي بذات خود
تحقيق نه ٿو ڪري، يا ڪڏهن پاڻ انهن کي پرکڻ ۽
پرجهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري تيسين ڪڏهن به انهن کي
پنهنجن مضمونن ۽ مقالن ۾ شامل نه ڪندو آهي. سندن
دل جي آپريشن جڏهن لنڊن ۾ ٿيو ته آءٌ ساڻس گڏ هئس.
جيئن ئي کين ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي اجازت ملي ته
لنڊن جي ڪتابن جي دڪانن جي ووڙ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر
صاحب جي جستجو جي مان ڪهڙي ڳالهه ڪريان. آءٌ ائين
چونديس ته اهو فقط ”يڪ مُشت نمونو خروار“ آهي.
سندس زندگي سڄي تحقيق ۾ کوجنا جي ور چڙهيل آهي،
پاڻ هر وقت سوچ ۾ گُم يا ڪتابن ۽ قلم ۾ گُم هوندا
هئا…
وڏي فرزند ارجمند ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ صاحب جن
لکيو آهي ته:
”قبله ڊاڪٽر صاحب جن نهايت شفيق ۽ مهربان والد
هئا، کائڻ پيئڻ جا آداب به ننڍي لاءِ سيکاريندا
هئا، هٿ ڌوئي ماني کائجي، کير پيئڻ وقت سُرڪي
آهستي ڀرجي جيئن آواز نه ٿئي، ڏهڪار وڏو نه ڏجي
ورنه گڏ ويٺل ماڻهو کِلندا…“
سال 52-1951ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جن جي ڳوٺ لاءِ ڪيل
خدمات ۽ اصل وڏي واري پڳ جي ڪري ڳوٺ ۽ آسپاس جي
ڳوٺن جي ماڻهن کين پڳ ٻڌرائڻ جو بندوبست ڪيو، جنهن
جو وڏو اهتمام ڪيو ويو ۽ سوين ماڻهو آيا ۽ پڳ جا
وَرَ ڏنائون. 200 پڳون ڊاڪٽر صاحب آڏو پيش ڪيائون،
اهڙي طرح جيئن اديبن ۽ عالمن ڊاڪٽر صاحب جن کي هڪ
عالم جي حيثيت ۾ حيدرآباد ۾ پڳ ٻڌرائي آهي، تيئن
ڳوٺن جي ماڻهن کين ستن راڄن جي پڳ ٻڌرائي آهي،
ڇاڪاڻ ته ڏاڏو جعفر خان لغاري اسان جي خاندان جو
وڏو هو، جنهن جي نالي تي ڳوٺ ٻڌل آهي، اُها وڏن
واري پڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کي ٻڌرائي وئي.“
راقم جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب رابطو:
(1)
مون جڏهن 1969ع ۾ ايم.اي ايڪانامڪس ۾ ڪئي ته
ليڪچرر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي چاچا مرحوم احمد علي
ڍڪڻ صاحب سان ڳالهه ڪيم ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
کي چون ته منهنجي مدد ڪن. چاچا چيو ته بلوچ صاحب
سندن آڊيٽر هجڻ ڪري مهربان آهي سو پنهنجو ڪارڊ
ڏنائون ته مان ڊاڪٽر صاحب سان ملان. اولڊ ڪئمپس ۾
وڃي سائين محترم بلوچ صاحب جي آفيس ۾ ڪارڊ موڪليم،
جلدي گهرايائون. چاچا احمد علي ڍڪڻ جي ڪارڊ کي
اهميت ڏنائون پر ڪم لاءِ چيائون ته مشڪل آهي، سو
مون جڏهن کين چيو ته مون کي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ جو شوق
آهي، مون ڏانهن نهاري واعدو ورتائون ته محنت
ڪندين، مون کيس پنهنجي سيني تي ٻئي هٿ رکي واعدو
ڪيم، ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيائون ته اهو ڪم واسطيدار
پروفيسر اڪنامڪس واري کي، جيڪو ان وقت مسٽر اين.اي
جي خان هو چوندس. پر واقعي ٿيو به ائين جو حڪومت
سنڌ جي اسڪالرشپ ملي ۽ اين.اي.جي.خان جي انڊر ۾ پي
ايڇ.ڊي 1971ع ۾ شروع ٿي وئي.
(2)
جڏهن مان اسلام آباد ۾ ايم.ڊي سمال بزنس فنانس
ڪارپوريشن 1990ع ۾ مقرر ٿيس ته انهن ڏينهن ۾ بلوچ
صاحب جن به اسلام آباد ۾ هجره ڪائونسل جا سربراهه
هوندا هئا، اتي ڪچهريون رات جو ٿينديون هيون، مان
جڏهن سائين جن کي چيو ته سائين سنڌي قوم کي علم ۽
ادب پرائڻ سان گڏ ڪمرشل ٿيڻ جي به تلقين ۽ هدايت
ڪريو، ته پاڻ ان کان پوءِ سنڌ جي هنرن تي ڪتاب
لکيائون ۽ هنرن ۾ ۽ ڌنڌن ڌاڙن ۾ وڌيڪ دلچسپي
وٺرائڻ لاءِ تجويزون لکيائون.
(3)
رٽائرمينٽ کان پوءِ مظهرالحق صديقي صاحب سنڌ
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر هجڻ وقت مون کي
اقتصاديات جي پئنل تي رکيو ۽ پروفيسرن جي تقرر ۽
ترقي لاءِ ڪميٽي ميمبر طور گهرائيندو هو. سال
2004ع ۾ جڏهن صديقي صاحب گهرايو ته سائين بلوچ
صاحب کي به سندس مضمون لاءِ ماهر جي طور تي
گهرايو، اتي انٽرويو وٺڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽
منهنجي وڏي ڪچهري ٿي. سنڌ ۽ سنڌي نسل جي بگڙيل
حالتن لاءِ مون جڏهن سائين بلوچ صاحب جن کي چيو ته
سنڌي نسل لاءِ ڪا ايجنڊا ڏين ته جيئن ايندڙ نسل
ڪنهن سڌاري واري طرف اچي سگهن ۽ موجوده بگڙيل دور
مان جند ڇڏائي سڌاري طرف اچي سگهن، اُتي سائين جن
خاموش ٿي چيو ته ادا سڀڪو پاڻ سڌاري.
(4)
اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيهر ملاقات دوران
2004ع ۾ سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پنهنجي لکيل
آتم ڪهاڻيءَ لاءِ فورورڊ لکي ڏيڻ لاءِ گذارش ڪيم،
ته واعدو ڪيائون ته هڪ هفتي اندر موڪليندا ۽ ماشاء
الله ٿيو به ائين جو هڪ هفتي اندر سائين فورورڊ
لکي موڪليو ۽ مون پنهنجي سوانح حيات انگريزيءَ ۾
لکي ڇپرائي ۽ کيس جڏهن ڪتاب جي ڪاپي ڏيڻ اولڊ
ڪئمپس واري گهر تي آيس ته ڪتاب ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽
گهڻو وقت ويهاري حالي احوالي ٿيا.
ڊاڪٽر بلوچ لاءِ حقيقي خراج تحسين:
برناڊشا سچ چيو آهي ته:
”جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندڙ ماڻهو اتي گهڻو وقت
نه ٿو رهي سگهي.“
انسان هميشه هن دنيا ۾ نه ٿو رهي مگر پنهنجا عمل ۽
ڪارناما ڇڏي وڃي ٿو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب به هن دنيا
کي ڪوچ ڪري ويو جسماني طور مگر سندس بي بها ۽
بيشمار لکيل ڪتاب ۽ تحريرون اسان کي خزاني جي شڪل
۾ ڏئي ويو آهي، سي هميشه اسان سان هن دنيا ۾
رهنديون ۽ ايندڙ نسل انهن مان فائدو وٺي ڊاڪٽر
صاحب کي دعائون ڏيندو ۽ نيڪ خواهشن سان پيو ياد
ڪندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب بي لوث ايماندار ۽ اورچ ماڻهو هو،
هن جهڙا ماڻهو محنتي ۽ موتيءَ داڻا ورلي پيدا
ٿيندا. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت،
لوڪ ادب ۽ شاهه جي رسالي تي تمام گهڻو انمول خزانو
اسان وٽ ڇڏي ويو آهي. اسان جو ڪم آهي ته اسان سندس
قدمن ۽ نسخن مطابق محنت جا قائل بنجي سندن نالو
روشن ڪندا رهون ۽ سندس روح جي ڇوٽڪاري لاءِ دعائون
ڪندا رهون. بهتر ائين ٿيندو ۽ کيس حقيقي خراج
تحسين تڏهن ڏئي سگهنداسون جو سندن نالي تي ورلڊ
اسڪالر سوسائٽي ٺاهجي ۽ زندهه اسڪالرن ۽ اديبن جي
همت افزائيءَ لاءِ جوڙيل اداري طرفان زندهه اديبن
جي نالي تي ۽ کين همت ڏيارڻ لاءِ سيمينار ۽
ڪانفرنسون ڪوٺائي ڊاڪٽر صاحب جو نالو روشن ڪندا
اچون.
تاڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
هو جي ويا هنگلور، ڪرمين ملندءِ ڪاپڙي.
(شاهه) |