مرزا ڪاظم رضا بيگ
ڊاڪٽر بلوچ: محقق، دانشور ۽ لطيف شناس
هن فاني جهان ۾ هونءَ ته جيڪو به اچي ٿو، تنهن کي
هڪ نه هڪ ڏينهن هتان ضرور لڏڻو پوي ٿو. مگر اهڙي
برگزيده هستيءَ جو لاڏاڻو، جن جي حياتيءَ سان
هزارين انسانن جي قلب ۽ روح جو جياپو وابسته هجي ۽
جنهن جي سرچشمهء فيض مان هڪ صديءَ کان زياده عرصي
تائين عالم انسانيت سيراب ٿيندي رهي، ان جو موت
ناقابلِ برداشت آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي هڪ عالم جي
موت کي سڄي عالم جو موت سڏيو ويو آهي، يعني:
”موت العالِم، موت العالَم“
اهڙين سرمايه صد افتخار شخصيتن کي موت سان همڪنار
ٿيڻو پوي ٿو، پر دراصل هو فنا ڪونه ٿا ٿين، پر موت
جي دروازي مان لنگهي، ابدي زندگيءَ جي منزل ۾ داخل
ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن لازوال ڪارناما کين فنا ٿيڻ
نٿا ڏين، بلڪه جريده عالم تي سندن نالي کي بطور
يادگار جي، هميشه قائم رکيو وڃي ٿو. اهڙن تاريخ
ساز ۽ عهد آفرين انسانن جو موت، عام ماڻهو جي موت
وانگر حقيقي موت نه هوندو آهي، پر سندن برقعي
مٽائڻ تي موت جو لفظ محض اصطلاحي طور استعمال ڪيو
ويندو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به انهن قابلِ احترام
شخصيتن مان هو، جن موت جي ذائقي کي چکڻ جي باوجود
موت کي شڪست ڏني ۽ پنهنجي قابلِ فخر ڪارنامن جي
ڪري ابديت جي سند حاصل ڪيائون. آءٌ دعويٰ سان ليڪن
پوري غور و فڪر ۽ انتهائي ديانتداريءَ سان چوان ٿو
ته مستقبل جو مؤرخ جڏهن موجوده دور جي علمي ۽
ادبي خدمات جي علمي تاريخ مرتب ڪندو ته ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي ذڪر کان سواءِ ان کي هرگز مڪمل
ڪري نه سگهندو. ڇو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن،
ادبي، ديني، تاريخي، لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ علمي
خدمات جي سلسلي ۾ موجوده دور جي تاريخ جي ورق ورق
تي اهڙا يادگار نقش چٽيا آهن، جن کي ڪهن به صورت ۾
ميٽي نه ٿو سگهجي، ڇو جو هو پنهنجي دور جو گهڻو ۽
مختلف موضوعن تي لکندڙ عالم، محقق، مؤرخ،
تاريخدان، لطيف جو پارکو ۽ علم و ادب جو روشن
ستارو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي محسن ۽ عظيم الشان عالم،
محقق، دانشور ۽ تاريخدان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو
سگهجي. ضرورت آهي ته سندن علمي ڪارنامن ۽ سوانح
حيات تي ڪو مفصل ڪتاب لکيو وڃي.
ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگهڙ ۾ 16 ڊسمبر 1917ع
تي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ نبي بخش، وڏو ٿي
سنڌ بلڪ پاڪستان جي علم و ادب ۽ تاريخ و تحقيق جي
آسمان تي آفتاب و ماهتاب جيان جرڪندو ۽ چمڪندو.
پاڻ اڃا ننڍو ئي هو ته پنهنجي والد علي محمد خان
جي سايهء عاطفت کان محروم ٿيو. چاچي ولي محمد سندن
پرورش ڪئي، ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن هر اها مدد
ڪئي جيڪا کين درڪار هئي. خود ڊاڪٽر صاحب فرمائيندا
هئا ته، منهنجي والد مرحوم جي وصيت هئي ته آءٌ
اعليٰ تعليم حاصل ڪري، علم جي روشني کي پري پري
تائين ڦهلايان، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد جي اهڙي
وصيت تي عمل ڪري ثابت ڪيو ته بزرگن جي وصيت ۽
هدايت تي ثابت قدم رهڻ وارا ماڻهو ئي عظمت ۽
بلنديءَ جون آخري حدون پار ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر
صاحب جي تعليمي نظرين مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي
ته ٻارن جي تعليم ۽ ترتيب خصوصاً اسلامي تعليمات
انتهائي ضروري آهي. هن نظريه تحت، ڊاڪٽر بلوچ صاحب
علم و ادب جي خدمت ۾ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري
ڇڏي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن نظريه جو اظهار ان
يادگار ۽ شاندار تقريب ۾ ڪيو هو، جيڪا سندن اعزاز
۾ 16 اپريل 1992ع تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان جي
انتظام هيٺ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي هئي.
ڊاڪٽر صاحب، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.
1929ع ۾ نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين.
1935ع ۾ بمبئيءَ يونيورسٽي مان ميٽرڪ، 1941ع ۾
بي.اي (آنرز) فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. 1943ع ۾ عليڳڙهه
مسلم يونيورسٽي مان عربي ۾ ايم.اي (فرسٽ ڊويزن،
فرسٽ پوزيشن) ۽ ايل.ايل.بي (فرسٽ ڊويزن) جون
ڊگريون حاصل ڪيائون. عليڳڙهه ۾ ڊاڪٽر صاحب جي
تعليم و تربيت ۾، ان دور جي مشهور پروفيسر ڊاڪٽر
ضياء الدين احمد جو ڪافي اثر هو، جنهنجو ذڪر ڊاڪٽر
صاحب اڪثر پنهنجي مقالن ۾ ڪيو آهي. عليڳڙهه ۾
ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻي محنت ۽ لڳاءَ سان تعليم حاصل
ڪئي. پاڻ ان دوران پڙهائي سان گڏوگڏ تحريڪ آزادي ۽
شاگرد تنظيمن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، پر ملڪ جي
سياسي حالتن جي ٺيڪ نه هجڻ سبب پاڻ سنڌ موٽي آيو.
خاڪسار تحريڪ لاءِ به سندن ڪردار قابلِ تعريف آهي.
اها تحريڪ پنهنجي مجاهدانه ڪردار جي حيثيت سان ملڪ
جي ٻين سڀني تحريڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فعال، جاندار
۽ سرفروش تحريڪ هئي، جنهن تحريڪ بهادر يار جنگ
جهڙا جليل القدر ماڻهو پيدا ڪيا. ائين چوڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه آهي ته ان ئي تحريڪ مان پيدا ٿيل ڪيترائي
ماڻهو وڏن وڏن عهدن ۽ وزارتن تي پڻ وڃي پهتا. ان
تحريڪ ۾ ذوقِ جهاد، جدوجهد، جان نثاري، قرباني،
اخوت، خدمتِ خلق، مساوات ۽ انسان دوستيءَ جا اهڙا
ته ولوله انگيز ۽ روح پرور اجزاء ملايا ويا، جن
کان ڪيترا هندو ۽ سک به متاثر ٿيا. ڊاڪٽر صاحب
باقاعده ان تحريڪ ۾ شامل رهيو ۽ رات ڏينهن خدمت ۾
مصروف رهيو. سندن مقصد نه فقط سنڌ جي آزادي هئي،
پر ان سان گڏ سڀني قومن جو گڏيل ۽ وفاقي ۽ بين
الاقوامي نظام جي تشڪيل ۽ تعمير پڻ هئي. افسوس جو
سندن ان بلند درجه مقصدن ۾ بين الاقوامي نصب العين
جي عملي ظهور پذير ٿيڻ جي راهه ۾ سندن شرڪاء ڪار
جي سستي ۽ انگريزن جي غلط بيني سد راهه رهيا ۽
تحريڪ ڪامياب نه ٿي. ان سلسلي ۾ انگريز سرڪار هن
تحريڪ کي برداشت نه ڪري سگهي، جنهن ڪري، ان وقت جي
مصلحت آميز ۽ سرد مزاج ليڊرن، هن ولوله انگيز ۽
مجاهدانه تنظيم جو ساٿ نه ڏنو، جنهن جو اهو نتيجو
نڪتو جو انگريزنن بهانو بنائي، هن تحريڪ کي ڪچلي
ڇڏيو.
ڊاڪٽر صاحب 6 آگسٽ 1946ع جي بمبئي جي رستي کان
آمريڪا روانو ٿيو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي (نيويارڪ)
مان کيس ايم.ايڊ ۽ ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن سان گڏوگڏ
ڊاڪٽر آف فلاسفي جون ڊگريون مليون. سندن پي ايڇ.ڊي
جي تحقيقي مقالي جو موضوع هو.
“A Programme of Teacher Education for the new
State of Pakistan.”
نيويارڪ ۾ رهائش دوران کيس تحقيقي ڪم جا ڪيترائي
موقعو ميسر ٿيا. سندن ذهانت، صلاحيت لڳاءَ ۽
تحقيقي ڪم کي ڏسندي ئي يونيورسٽي جي پروفيسرن سندن
گهڻي مدد ڪئي، ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو.
آمريڪا جي جن تعليمي ماهرن ۽ تحقيقدانن کان ڊاڪٽر
صاحب سڌو سنئون فيض پرايو، انهن مان (1) ڊاڪٽر
ڪليرس لنٽن (2) ڊاڪٽر ٽيوڪسيري (3) ڊاڪٽر ٿامسن
(4) ڊاڪٽر ڪاؤنٽس
(5) ڊاڪٽر اي. ايس. ايونڊن (6) ڊاڪٽر ڪارل ڊبليو
بگلو قابلِ قدر استاد هئا.
ڊاڪٽر صاحب اگرچه هڪ غريب خاندان مان پيدا ٿيو هو،
پر پنهنجي ذاتي صلاحيت ۽ جدوجهد سان فضل و ڪمال جي
ان مقام تي پهتو، جنهن تائين پهچڻ رڳو ڪن خاص
ماڻهن لاءِ مخصوص سمجهيو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب
پنهنجيءَ مثالي جدوجهد سان اهو به واضح ڪري
ڏيکاريو ته ”انسان پنهنجي زندگي پاڻ ٿو سنواري“ هڪ
مشقت پسند ۽ محنتي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جا مادي
اسباب ۽ عوامل پاڻ ٿو پيدا ڪري، ۽ دل لائي ڪم ڪرڻ
سان، هر مخلص فنڪار، خاڪ کي اڪسير ۽ پٿر کي گوهر
بنائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. فقط يقين ڪامل، مسلسل
جدوجهد، عمل پيهم ۽ دلِ بينا جي ضرورت آهي، جنهن
سان زندگيءَ جي جهاد ۽ جهد اللبقاء واريءَ ڪشمڪش ۾
ڪامياب ٿيڻ هڪ حقيقي امر آهي. ڊاڪٽر صاحب جي
زندگيءَ ۽ سيرت جا ٻه مکيه ۽ اهم حصا هئا: هڪ هو
علم جي تحصيل ۽ تڪميل لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻ، ۽
ٻيو سليقي ۽ نيڪ شعاريءَ سان وقت گذارڻ، ۽ خرافات
کان بچي علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ مقام پيدا ڪرڻ. سندن
زندگي ۽ مثالي جدوجهد مان ثابت ٿئي ٿو ته مشڪل ۽
عملي ماڻهو لاءِ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون خود رهبريءَ
جو ڪم ڏين ٿيون، ۽ ڏاکڙا مورڳو سونهان ۽ ساٿي ٿي
ساڻ هلن ٿا:
تن سورن کي شاباس، جن پرت پچائي پنهل سين!
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ذهني ۽ فڪري، علمي ۽ ادبي
حيثيت سان سنڌ جي تاريخ، ادب، لطيفيات، لوڪ ادب،
لغت نويسي وغيره ۾ انفرادي مقام تي پهتو هو. سندن
شخصيت ۾ اوچائي ۽ نيڪي، محبت ۽ مروت، رعب ۽ عظمت
جا جوهر سمايل هئا.
سدائين شگفته مزاج ۽ رلڻو ملڻو رهيو. سندن گفتگو
شگفته ۽ شڪسته، علمي ۽ ادبي هوندي هئي. ڊاڪٽر صاحب
سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ هرڪو افسرده ۽ رنجيده شخص،
شگفته ۽ دلي سرور حاصل ڪري موٽندو هو. پاڻ نهايت
ساده دل، اهلِ نظر، صوفي منش ۽ مرنج مرنجان شخصيت
جو مالڪ هو. کين سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو نمائندو
ڪري تسليم ڪيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
اها به سنڌ جي تاريخ، ادب، لوڪ ادب، لطيفيات ۽ لغت
نويسيءَ جي خوش قسمتي چئجي، جو ان هڪ مصروف شخصيت
کان به پنهنجو خراج اڳاڙيو، جنهن زندگي جي اوائلي
دور وارا قائم ڪيل ادبي واسطا، ناتا، سڳا ۽ ڌاڳا
ٽوڙي، سرڪاري ڪامورڪي واري نظم و نسق، انتظام
انصرام لاءِ گويا پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي،
جنهن جي ڪامورڪي ٺاٺ ۽ شغل کي ڏسي اهو اندازو نٿي
ٿي سگهيو، ته هيءُ ڪامورو باوجود اهڙين خشڪ ۽
پريشان ڪن مشغولين جي سنڌي ادب ۽ تاريخ جو اهڙو
پاڪيزه ۽ سنجيده سهڻو ۽ سلوڻو ادبي ذوق به ساهه
سان سانڍيندو رهيو، ۽ جي سرڪاري مسئلا سندن خطري
ذوق ۽ طبعي رحجان جي آڏو درجه ثانوي رکندا هئا.
هيءُ عالمانه دماغ ۽ دل، محققانه فڪر و نظر وارو
انسان هو. سرڪاري ڪار وهنوار کي پنهنجي زندگيءَ تي
حاوي ته رکيائون، پر انهيءَ پنهنجي ذوق کي غالب ۽
حاوي رکندو آيو، ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جي پوري
جدوجهد ۽ جهاد کي مجاز قرار ڏنو، ۽ هميشه حقيقت
شناس رهندو آيو. جيڪا سندن زندگي مان نمايان طور
نظر ايندي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مطالع جي وسعت جي اها حيثيت
هئي، جو پاڻ ڪنهن ۾ علمي يا تحقيقي مسئلي تي،
ڪلاڪن جا ڪلاڪ مسلسل گفتگو ڪندا رهندا هئا. سندن
ڪلام ۽ گفتگو ۾ مٺاس ۽ نرمي، سندن اندازِ بيان
شستو ۽ شائستو هو، سندن پيرائيه بيان دلنشين ۽
جاذب نگاهه هو. سندن گفتگو ٻڌڻ وارن هميشه ائين ئي
پئي محسوس ڪيو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب جي زبان مان علم
۽ عرفان جي بارش وسي رهي آهي. ڪلام جي پختگي، دليل
جي پختگي نتيجي جي تختگي، فڪر و نظر وارن ماڻهن کي
حيرت ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. وڏا وڏا صاحبِ مطالع
ماڻهو اهو ئي محسوس ڪندا هئا ته گويا جيڪو ڪجهه به
ڊاڪٽر صاحب فرمايو آهي، اهو هنن نه ڪٿي پڙهيو آهي
۽ نه ڪٿان ٻڌو آهي! ڊاڪٽر صاحب جي نگاهه جي اها
اهليت ۽ جزالت، سندن وسيع مطالعي، وسيع غور و فڪر،
رياض ۽ مشقت جو نتيجو هئي، ۽ حقيقت ۾ اسان سندن
لکڻيون ايتريون پڙهيون ناهن جيترو ڊاڪٽر لکيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي آمريڪا مان پي ايڇ. ڊي جي جيئن ئي
ڊگري ملي ته سندن علمي ۽ تحقيقي ڪم جي اعتراف ۾،
کين اقوام متحده طرفان اعليٰ منصب لاءِ چونڊيو
ويو، پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وطن ۾ رهي ڪري ملڪ
آيو. ان وقت کين پرڏيهي ۽ سڌ سماء واري وفاقي کاتي
۾ 20 گريڊ جي نوڪري ملي. پر اها نوڪري ڪجهه عرصي
کان پوءِ ڇڏي، سنڌ جي عظيم المرتبت عالم ۽ بين
الاقوامي شهرت يافته اسڪالر علامه آءِ.آءِ قاضي
صاحب جي خواهش تي، 18 گريڊ جي عهدي تي فائز ٿي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تدريسي سفر جو آغاز
ڪيائين. بلڪه ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن جو پڻ بنياد
رکيائون، جيڪا اڳتي هلي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي
نالي سان اڄ تائين موجود آهي. هن اداري جو به
ڊاڪٽر صاحب ئي پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ان کان
پوءِ پاڻ سنڌي شعبي جو پڻ چيئرمن رهيو. سن
75-1973ع ۾ کين ”نيشنل ميرٽ پروفيسر“ جي اعزاز سان
نوازيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت دوران ڊاڪٽر
صاحب، اداري جي تعليمي، نصابي، اخلاقي ۽ تحقيقي
معيار کي وڌائڻ، استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کي
ڀرپور نموني حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپيون ورتيون ۽
نهايت محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندو رهيو، بلڪه ڪيتريون
ئي اسڪيمون پڻ منظور ڪرايائين. شاگردن ۽ استادن ۾
تعليم جو سکڻ ۽ سيکارڻ وارو شوق ۽ ذوق به پيدا
ڪيائون. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ،
پاڪستان اسٽڊيز ۽ سنڌي لئنگيئج اٿارٽي ۽ ٻين انيڪ
ادارن جي قيام، استحڪام، ترقي ۽ ترويج ۽ فروغ لاءِ
قابلِ فخر ڪردار ادا ڪيائون.
ڊاڪٽر بلوچ 1951ع کان وٺي 1976ع تائين پروفيسر آف
ايڊيوڪيشن رهيو ۽ 1962ع کان 1976ع تائين ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ ۽ ڊسمبر 1973ع
کان جنوري 1976ع تائين وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي
جي عهدي تي فائز رهيو. 1976ع کان 1990ع تائين
اسلام آباد ۾ وفاق ۾ وڏن عهدن تي ڪم ڪيائين، جن ۾
تعليم کاتو، ثقافت کاتو، آثار قديمه، نيشنل هجره
ڪائونسل جو مشير، ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف
هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ، ۽ چيئرمن قومي ڪميشن
براءِ تحقيق، تاريخ، ثقافت قابلِ ذڪر آهن. 1980ع ۾
اسلام آباد ۾ اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي
يونيورسٽي) قائم ٿي ته پاڻ ان جو باني وائيس
چانسيلر مقرر ٿيو ۽ پنهنجون ذميواريون احسن طريقي
سان سر انجام ڏيندي، اسلامي دنيا جي نامور مفڪرن ۽
محققن مثلاً: علامه سيوطي، ابن خلدون، البيروني،
ابن نديم، بزرگ بن شهريار، المقدسي، الاصطخري، عمر
خيام، الرازي، شاهه ولي الله محدث دهلوي، ابن
سينا، الفارابي، الڪندي، ابن رشد، ابن نفيس وغيره
جي ڪتابن کي جديد انداز ۾ انگريزيءَ ۾ مرتب ڪري
انهن جي اشاعت لاءِ هڪ مڪمل منصوبو پڻ جوڙيائون.
ڊاڪٽر صاحب انهن عربي ڪتابن مان ڪي خود پاڻ
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا.
ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ۽ تاريخي مقالن جو وڏو
تعداد، سنڌ، پاڪستان بلڪه پرڏيهي ملڪن جي معياري
رسالن ۾ محفوظ آهي. سندن هر مقالو، تحقيق ۽ مطالعي
جو نچوڙ آهي. سندن لکڻي رنگين ۽ اندازِ بيان شيرين
آهي، جنهن ڪري تاريخ جهڙن خشڪ مضمونن ۾ به هڪ قسم
جي ڪشش پيدا ڪئي اٿن. پاڻ پنهنجي صوري ۽ معنوي
انفراديت جي لحاظ سان، پنهنجي معاصر عالمن ۽ اديبن
۾ هڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ رهيو. سندن علمي خدمتون
۽ ادبي تحريرون هڪ خاص فني ۽ انتقادي معيار تي
رسيل هيون، جيڪي پنهنجي دلنشين اسلوب بيان ۽ سليس
اندازِ تحرير جي ڪري هڪ مثالي حيثيت جون حامل آهن.
سندن تحقيقي، تنقيدي مقالات، جيڪي سنڌي، اردو،
فارسي، عربي، سرائيڪي ۽ انگريزي ۾ آهن، کي باقيات
الصالحات جو درجو حاصل آهي، جن جي زندگي ۽ تازگي
تيسين قائم رهندي، جيسين سنڌي زبان قائم ۽ دائم
رهندي ۽ جيستائين سنڌي سٻاجهڙا هن ٻاجهاريءَ ٻولي
کي جهنگن، جهرن ۾ جهونگاريندا رهندا.
ڊاڪٽر صاحب جي مقالن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي جهلڪ نظر
اچي ٿي. سندن لفظن جو انتخاب نهايت وڻندڙ ۽ اندازِ
بيان دلنشين هو. سندن زبان استادانه ۽ منطقي
پختگيءَ سان ڀرپور نظر اچي ٿي. سندن مقالا،
پڙهندڙن ۾ شگفتگي ۽ ڪشش پيدا ڪن ٿا. سندن اندازِ
بيان ٿڪائيندڙ ۽ منجهائيندڙ نه آهي. بلڪه، پرائڻ ۽
پرجهڻ آهي. لطافت ۽ جامعيت، رنگيني ۽ اثر انگيزي
سندن تحريرن جا اهم عنصر آهن. ٻوليءَ جي سلاست،
صحت، بندش جي پختگي، استدلال جي منطقي سٽاءَ، لفظن
جو انتخاب ۽ ترڪيبن جي جامعيت جي لحاظ سان، ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي سنڌي، عربي، فارسي، اردو، سرائيڪي ۽
انگريزي ٻوليون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۽
ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ خاص طرح سان
سندن عالمانه ۽ محققانه مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
خصوصاً سندن لکڻيون مهراڻ رسالي جي قديم دور 1946ع
کان شروع ٿيون. سندن اُهي مقالا سنڌ جي تاريخ،
ادب، لوڪ ادب، لغت نويسي ۽ لطيفيات ۾ سنگ ميل جي
حيثيت رکن ٿا. اهڙن مقالن ۾ تحقيقي ۽ عالمانه فڪر
جي اپٽار نهايت سليس ۽ وجد آور انداز ۾ ڪيل آهي.
سندن قلم جي جولاني ۽ خيال جي رواني درياء جي اٿل
وانگر آهي. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن 1955ع ۾ مهراڻ
رسالي جو ٻيو دور شروع ٿيو تڏهن پاڻ مستقل طور
مقالا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي تاحيات شايع ٿيندا رهيا.
ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفات ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جو رسالو ۽ شرح جا ڏهه جلد، سڄن سارن چاليهن سالن
جي عرق ريزيءَ جو نتيجو آهن. شاهه سائين تي ڊاڪٽر
صاحب جو اهو ڏهه جلدي مرتب ڪيل رسالو سندن وسيع
مطالعي، محققانه ڪاوش، لغت تي عبور، تصوف ۽ ويدانت
جي ڄاڻ، تاريخ تي دسترس، لطيف شناسي ۽ صحيح ادبي
ذوق جو هڪ بيّن ۽ مسلم ثبوت آهي. ڊاڪٽر صاحب، رات
ڏينهن ويهي پنجاهه قلمي ۽ ڇاپيل نسخن جي ڇنڊڇاڻ
ڪري، شاهه سائين جو رسالو مرتب ڪيو. اهو هڪ عظيم
علمي ڪم آهي، پر ان تي اڪتفا نه ڪيائون، ۽ هڪ نقاد
۽ زباندان لغوي ۽ صوفي محقق ۽ عالم جي حيثيت سان
شرح پڻ لکيائون، ۽ اڳين سڀني رسالن کان گوءِ
کنيائون، بلڪه اڄ تائين اهڙي محققانه ۽ عالمانه
بلڪه معياري شرح اڃا تائين نه لکي وئي آهي. ڊاڪٽر
صاحب جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو، جيڪو سنڌ جي
عالمن ۽ فاضلن جي نقطهء نظر سان هڪ تاريخي،
تحقيقي، ادبي، علمي، لغوي ۽ صوفيانه لحاظ کان هڪ
محققانه انداز جو حامل ڪارنامو آهي، جنهن جا معترف
سنڌ، پاڪستان بلڪ هندستان ۽ يورپين عالم ۽ اديب به
آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي متعلق ڪن
عالمن ۽ اديبن تنقيدون به ڪيون، پر ڊاڪٽر صاحب ان
معاملي تي اٽل رهيو ۽ متن ۽ شرح کي پنهنجي
عالمانه، محققانه ۽ صوفيانه نقطهء نظر سان لکندو
رهيو. بلڪه هڪ عالمانه، محققانه ۽ تاريخي مقدمو پڻ
تحرير ڪيو، جنهن ۾ شاهه سائين جي سوانح حيات جا
مختلف پهلو، نهايت تحقيقي انداز ۾ پيش ڪيا آهن. هن
مقدمي ۾ سوانح حيات کان علاوهه
شاهه سائين جو دور، تاريخي واقعن، سير و سفر،
شاهه سائين سان لاڳاپيل تاريخي ماڳن ۽ شهرن جو
ذڪر، شاهه سائين جي ٻولي ۽ ان جي صرفي ۽ نحوي
بناوت تي عالمانه سير حاصل بحث پڻ ڪيو اٿن.
حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي وجد انگيز ڪلام ۽
سيرت کان به ڏاڍو متاثر رهيو. لطيف سرڪار جي رسالي
جي شرح لکندي، جيڪي توجيهات، تغيرات، ڊاڪٽر صاحب
جن جي زبان فيض ترجمان مان ٻُڌا ويا هئا، اهي سندن
خيال ۽ فڪر جي وسعت ۽ گهرائيءَ جي ساک ڀرين ٿا.
لطيف سائين جي هر لفظ، هر بندش، هر بيت، هر ڪافي ۽
هر وائي تي سندن عالمانه ۽ عارفانه نگاهه هئي.
شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن ۽ فڪر جي تعارف ۾ جيڪي
سندن لکڻيون آهن، اهي لطيفيات ۾ وڏو مقام حاصل ڪري
چڪيون آهن. ڊاڪٽر صاحب کان لطيفيات متعلق جن به
ٻڌو هو، انهن جو چوڻ هو ته رسالي تي سندن دسترسي،
هڪ ماهر فن کان گهٽ نه هئي. اهڙي طرح شاهه سائين
جي سوانح ۽ فلسفيانه افڪار و فن تي پڻ سندن
مجتهدانه نگاهه هئي. اهوئي سبب آهي جو رسالي جي
شرح ۾ سندن اسلوب نگارش به اهڙو شسته ۽ پاڪيزه هو،
اهڙو مدلل ۽ سهل ممتنع هو، جو ان جو ڪنهن کان به
تتبع ٿي نٿو سگهي.
ڊاڪٽر صاحب اقوام متحده، يونيسڪو ۽ عالمي ڪانفرنسن
۽ فورمن ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ پاڻ ايشيا، وچ
ايشيا، يورپ، آمريڪا، مشرق وسطيٰ ۽ دنيا جي ٻين
ملڪن ۾ مقدس مقامن جي زيارت ۽ سير و سفر پڻ ڪيو.
جتي جتي به ويو ۽ جنهن به ملڪ ويو اتي جي ڪتب
خانن، علمي ۽ ثقافتي مرڪزن جو دورو ڪيو. ان
کانسواءِ اڪابرن ۽ مشاهيرن سان ملاقاتون ۽ خيالن
جي ڏي وٺ پڻ ڪيائون. 1948ع ۾ اقوام متحده جي دعوت
تي يونائيٽيڊ نيشنس انٽرنشپ پروگرام ۾ حصو
ورتائون. بلڪه 49-1948ع ۾ اقوام متحده لاءِ معتمد
مقرر (Un
Aceredited Speaker)
ٿيو. 1956ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ پرائمري تعليم بابت
يونيسڪو علائقائي سيمينار ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر
طور شرڪت ڪيائون. 1960ع ۾ انڊو پاڪ ڪلچرل ڪانفرنس،
نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر طور شريڪ
ٿيو. 1962ع ۾ ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز ڪانفرنس، نئين
دهليءَ ۾ پاڪستاني وفد جي طور شرڪت ڪيائون. 1963ع
۾ يونيسڪو طرفان منيلا ۾ ايشيائي ملڪن جي ٽيچرس
ٽريننگ بابت ماهرن جي سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ پاڪستاني
وفد جي نمائندي طور شرڪت ڪيائون. 1963ع ۾ ڪامن
ويلٿ يونيورسٽيز ڪانفرنس، لنڊن ۾ پاڪستاني وفد جي
ميمبر طور شريڪ ٿيو. 1965ع ۾ تهران (ايران) ۾
آر.سي.ڊي جي ”ڪامن ڪلچرل هيريٽيج“ سيمينار ۾
پاڪستاني وفد جي ميمبر طور شرڪت ڪيائون. 1969ع ۾
يونيسڪو جي ”استادن جي تربيت“ بابت ماهرن جي
ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾، پئرس ۾ شرڪت
ڪيائين. 1973ع ۾ ”انٽرنيشنل مولانا رومي سيمينار“
انقره ۾ ”مولانا جلال الدين رومي ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيؒ بابت مقالو پڙهيائين. 1977ع ۾ انڊونيشيا
حڪومت جي دعوت ٿي ”هاير اسلامڪ ايجوڪيشنل
انسٽرڪشنس انڊونيشيا“ ۾ ڏهن هفتن جي پروگرام دوران
ليڪچر ڏنائون. نومبر 1978ع ۽ اپريل 1979ع ۾ ويهين
يونيسڪو جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر جي
حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. 1980ع کان 1986ع ”وچ ايشيائي
تهذيبن جي تاريخ“ بابت يونيسڪو جي عالمي ماهرن جي
سائنٽيفڪ ڪاميٽيءَ جي ايڊيٽوريل ڪميٽيءَ جي ميمبر
طور شريڪ ٿيو. ”ايشين ڪلچرل سيمينار“ ۾ آسٽريليا
جي ائڊيليٽ شهر ۾ پاڪستان مان ماهر جي حيثيت ۾
شريڪ ٿيو. پاڪستان ۽ فرانس ڪلوڪيم ۾ پاڪستاني وفد
جي ميمبر طور شرڪت ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب جي تعليمي ۽ انتظامي خدمتن کي مدنظر
رکندي حڪومت پاڪستان کين ڪيترائي ڀيرا پرڏيهي ملڪن
جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۾ موڪليو. ڊاڪٽر صاحب
نه فقط اتي جا تعليمي، ادبي ۽ سماجي ادارا ڏٺا پر
عالمن ۽ ماهرن سان پڻ رهاڻيون ڪيون، اڪثر ادارن ۾
نهايت پُر مغز ۽ پرجوش تقريرون ۽ مقالا به
پڙهيائون ۽ پنهنجي ملڪ جي تعليمي اصلاح لاءِ گهڻو
ڪجهه حاصل ڪري، پنهنجي سموري زندگي تعليم و تربيت
لاءِ صرف ڪيائون.
اهو ئي سبب آهي جو سندن تعليمي ۽ ادبي خدمتن جو
اعتراف نه فقط ڏيهه ۾ ڪيو ويو پر پرڏيهي مستشرقين
به سندن تخليقن مان استفادو حاصل ڪيو. يورپ جا وڏا
وڏا محقق، سندن تاريخي ۽ تحقيقي مقالن ۽ ڪتابن مان
گهڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪا آهن. هت اهو چوڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب جي ذات هڪ سند جي
حيثيت سان علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ وڏي مقام تي
فائز تصور ڪئي وئي آهي. پاڻ پنهنجي جامع خصوصيات
جي لحاظ سان، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو هو.
جديد سنڌ جي فڪري ۽ علمي ارتقا جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر
صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون بلند مقام حاصل ڪري
چڪيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب ڪچهريءَ جو مور هو. جنهن به ڪچهريءَ ۾
پاڻ هوندو هو، ڄڻ اها ڪچهري بنهه پيئي ٻهڪندي هئي.
ڪڏهن ته گرجدار ۾ پيو گجندو هو، ته ڪڏهن ڪنن تي هٿ
رکي پيو سرگوشيون ڪندو ۽ مشڪندو ۽ مرڪندو هو. سندن
مرڪڻ ۽ مشڪڻ ۾ به حسن ۽ دلاويزيءَ جا عجيب رنگ
پسبا هئا. سندن مرڪن ۾ بشاشت ۽ دلي پاڪيزگي هوندي
هئي. منافقت ۽ ڪج ادائي کان پري هو، تنهنڪري هر
ڳالهه ڦهڪائي ڏيندو هو. ڳالهين جو ڳهير هو. ڳالهه
مان ڳالهه ڪندي تحقيق جا نوان موڙ پيو نروار ڪندو
هو. پر ٻڌندڙن جو سرور جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويندو
هو. ٿڪ جو ته وٽس نالو ئي ڪونه هو. اهوئي سبب آهي
جو سندن دماغ، قلم ۽ زبان، تحقيق ۽ علميت جي رنگ
سان رڱيل هو.
ڊاڪٽر صاحب، هڪ علمي ۽ ادبي ڪتبخانو پڻ ڇڏي ويو
آهي، جنهن ۾ سندن جمع ڪتاب لکن جي تعداد ۾ موجود
هئا، جن مان ڪجهه ڪتاب پنهنجي حياتيءَ ۾ مختلف
ادارن کي تحفي طور ڏنائون. باقي رهيل ڪتابن مان
ڇپيل ۽ قلمي نسخا هڪ بيش بها شهپارن جي صورت ۾
سندن ڪتبخاني ۾ موجود آهن. اهڙي طرح سنڌي، اردو،
انگريزي ۽ فارسي ۾ علمي ۽ ادبي رسالن جو پڻ وڏو
تعداد سندن ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي وسيع ۽ غير معمولي خدمتن جي اعتراف
۾ کين ڪمال فن ايوارڊ، تمغهء پاڪستان، ستاره
قائداعظم، صدارتي اعزاز براءِ حسن ڪارڪردگي، شاهه
عبداللطيف ايوارڊ، تصوف ايوارڊ، ڪمال ستاره امتياز
جهڙن اعليٰ اعزازن سان پڻ نوازيو ويو. آخر ۾ کين
صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري کين ”ستاره هال
امتياز“ جهڙي اعليٰ اعزاز سان نوازڻ جو اعلان ڪيو.
جيڪو پاڻ 23 مارچ 2011ع تي علالت سببان وصول ڪري
نه سگهيا، ۽ اهو ايوارڊ ايوان صدر اسلام مان خصوصي
طور تي ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب کڻي حيدرآباد ۾
ڊاڪٽر صاحب کي 3 اپريل 2011ع تي سيد آفتاب علي
شاهه ڄاموٽ طرفان ڊاڪٽر صاحب جي اعزاز ۾ ڏنل هڪ
تقريب ۾ پيش ڪيو.
سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت صدين کان قديم آهي،
جنهن جا نقش ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ۽ مقالن ۾ تمام
گهڻي تحقيقي ۽ علمي انداز ۾ چٽيل آهن. ڊاڪٽر صاحب
کي عربي، فارسي، سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ انگريزي
ٻولي ۽ ادب تي مڪمل عبور حاصل هو. انهن سڀني ٻولين
۾ ڪتاب، مقالا ۽ تقريرن جي هڪ ڊگهي فهرست موجود
آهي، جن جي وضاحت هن مضمون ۾ ممڪن نه آهي، جيڪي
ڪتاب پاڻ تاليف يا مرتب ڪيائون، جيڪي ترجمو
ڪيائون، انهن مان چند ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:
عربي ڪتاب (ترتيب وتدوين)
1. نشف من شعر ابي عطا 2. مصلح المفتاح
3. غزة الزيحات 4. فتح نامه سنڌ 5. ڪتاب الجبر و
المقابله 6. ڪتاب الحيل 7. الجامع بين العلم و
العمل النافع في ضاعة الحيل 8. ڪتاب الجماهر في
معرفته الجواهر.
فارسي ڪتاب (ترتيب وتدوين)
سنڌ جي تاريخ تي فارسي ۾ جن ڪتابن کي ڊاڪٽر صاحب
مرتب ڪيو، اُهي هن ريت آهن:
1. تاريخ معصومي 2. چچ نامو 3. تحفة الڪرام
4. لب تاريخ سنڌ 5. تاريخ طاهري 6. بيگلارنامو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لوڪ ادب جي حوالي سان ڪم هڪ
عالمگير شهرت جو حامل آهي. پاڻ لوڪ ادب جو وڏو
پارکو ۽ ماهر هو، ۽ 40 سال لوڪ ادب تي ڪم ڪندي هن
صنف تي 42 ڪتاب مرتب ڪري، انهن جا تعارف ۽ مقدمه
نهايت ئي عالمانه ۽ محققانه انداز ۾ تحرير ڪيائون.
منهنجي نظر ۾ لوڪ ادب تي دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾
ايتري وڏي تعداد ۾ ايترا ڪتاب شايع ناهن ٿيا. جس
لهڻي ڊاڪٽر صاحب مرحوم، جنهن نهايت جفاڪشي سان
جهرجهنگ وڃي سگهڙن جو سينو چاڪ ڪري هن لوڪ ادب کي
محفوظ نه ڪري ها ته، هوند سنڌ جو اهو لوڪ ورثو
انهن سگهڙن جي ئي سيني ۾ انهن سان دفن ٿي وڃي ها.
سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ، سندن تصنيفن ۾ هڪ اهم
ڪارنامو آهي. سنڌي شاعرن جا ديوان ۽ ڪلياتون مرتب
ڪرڻ، سندن سنڌي ادب سان والهانه عشق جو لڳاءُ، هڪ
فطري عمل آهي. سنڌي اردو- ۽ اردو- سنڌي لغت، شاهه
سائين جي ڪلام متعلق سندن لغت ”روشني“، هڪ جلدي
سنڌي لغت ۽ پنج جلدي سنڌي لغت سندن زندگي جي تمام
گهڻي عرق ريزيءَ جو نتيجو آهن.
ڊاڪٽر صاحب عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان فارغ
التحصيل هو، ۽ اتي جي علمي، ادبي ۽ تهذيبي ماحول ۾
سندن پرورش ٿي. سنڌي ۽ سرائيڪي سندن مادري زبان
هئي. اردو ٻولي سان به کين بيحد محبت هئي. اهل
زبان واري لهجي ۾ اردو ڳالهائيندا هئا. سندن اردو
۾ تحريرون ۽ تقريرون اردو دانن وانگر فصيح، شسته ۽
روان هيون. اردو ۾ لاتعداد مقالا لکيائون جيڪي
مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. اردو ادب ۾ کين
اهوئي مقام حاصل هو، جيڪو سنڌي ادب ۾.
اردوءَ ۾ سندن هيٺيان ڪتاب قابلِ تحسين آهن.
1. سنڌ ۾ اردو شاعري 2. ديوان ماتم ۽ 3. مولانا
آزاد سبحاني، حيات و سيرت، ڪارنامه ۽ ڪلام.
ڊاڪٽر صاحب جا انگريزي مقالا پڻ عالمي شهرت جو
درجو رکن ٿا، جيڪي پاڻ ملڪي ۽
بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙهيا هئا.
ڏيهي توڙي پرڏيهي ملڪن جي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندن
اهي شاهڪار پڻ شايع ٿيل آهن. جن ۾ تعليمي ۽ نصابي
رپورٽون پڻ شامل آهن. پاڻ عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين
جي ڪتابن کي پڻ انگريزيءَ ۾ مرتب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب
جي انگريزي ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست جو ڪاٿو ئي نه
آهي.
عربيءَ ۾ لکيل سيف الملوڪ جي قصي جو منظوم ترجمو
بهاولپور رياست جي مشهور مولوي لطف علي ڪيو هو.
محمد صادق راڻي پوري پنهنجي تعارف ۽ مقدمي سان هن
ترجمي کي سن 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع
ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جو مقدمو سرائيڪي زبان
۾ (62 ص) لکيو، جنهن ۾ مولوي لطف علي جي سوانح کان
سواءِ سندن شاعري تي پڻ سير حاصل بحث ڪيل آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي علمي و ادبي خدمت جي سلسلي ۾ سندن
آخري تحقيقي ڪاوش ”تڪملة التڪملة“ کي وڏي اهميت
حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب هيءُ ڪتاب مير علي شير قانع
ٺٽوي جي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۽ مخدوم محمد
ابراهيم خليل ٺٽوي جي ”تڪلمهء مقالات الشعراء“ ۾
رهيل سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو مع فارسي
ڪلام، نهايت عالمانه ۽ محققانه انداز ۾ تحرير ڪيو
آهي. هيءُ ڪتاب اول الذڪر ٻن ڪتابن جو ٽيون حصو
سمجهڻ گهرجي.
وفات کان ڪجهه عرصو اڳ پاڻ گوشه نشين رهيا. سندن
اها گوشه نشيني به علمي ۽ فڪري فيوضات جي سلسلي ۾
علم جي پياسن لاءِ مڪتب بنجي پئي. 09- جولاءِ
2010ع تي جڏهن منهنجي ساڻن ملاقات گل محمد عمراڻي
صاحب جي معرفت ٿي ته پاڻ عمراڻي صاحب کي فرمايائون
ته هيءُ ڪير آهي؟ تنهن تي عمراڻي صاحب جن ڊاڪٽر
صاحب کي ٻڌايو ته هي مرزا ڪاظم رضا بيگ آهي، اسان
وٽ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪري ٿو. جنهن تي پاڻ مون سان
مخاطب ٿيندي فرمايائون ته بابا اوهان جو تعلق ٽنڊي
ٺوڙهي جي مرزا خاندان سان آهي يا ٽنڊي آغا جي مرزا
صاحبان سان؟ مون عرض ڪيو ته سائين، منهنجو تعلق
ٽنڊي آغا جي مرزا گهراڻي سان آهي ۽ آءٌ مرزا عباس
علي بيگ جو ڀاڻيجو آهيان. جنهن تي وري ڊاڪٽر صاحب
جن فرمايو ته مرزا عباس علي بيگ منهنجو گهاٽو دوست
هو ۽ هڪ وڏو عالم ۽ داناء هو. وٽس ڪتابن جو تمام
وڏو ذخيرو هو. منهنجي ۽ گل محمد عمراڻي صاحب جي
ڊاڪٽر صاحب سان اها ملاقات سندن مقالن جي اشاعت جي
سلسلي ۾ هئي، جن کي حڪومت سنڌ جي نوادرات کاتي جي
سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري صاحب جي هدايت ۽
حڪم مطابق شايع ڪرائڻو هو. ان وقت ڊاڪٽر صاحب مون
کي چيو ته اوهان علمي ۽ ادبي گهراڻي جا فرد آهيو.
مون کي اوهان تي اعتماد آهي جنهن ڪري هي مقالا
اوهان جي سپرد ڪريان ٿو، جن کي حفاظت سان فوٽو
ڪاپي ڪرائي وري مون ڏانهن اماڻجو.
ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي ملاقات 20 ۽ 19، 18 مارچ
2011ع تي سندن بنگلي تي ٿي. صبح جو 10 بجي کان
منجهند جو 2 بجي تائين ٽئي ڏينهن سندن فيض مان
فيضياب ٿيس، ۽ وري آخري ملاقات 3- اپريل 2011ع تي
سيد آفتاب علي شاهه ڄاموٽ جي سندن اعزاز ۾ ڏنل
دعوت جي موقعي تي ٿي ۽ وري 6 اپريل 2011ع جو هڪ
المناڪ خبر ذريعي سندن وفات جو اطلاع مليو. جنهن
سڄي سنڌ، بلڪه سڄي ملڪ کي ڏکوئي ڇڏيو.
حقيقت ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌ جي سماجي زندگيءَ جو
هڪ نه وسرندڙ هيرو آهي. وسيع مطالعي، وسيع فڪر ۽
وسيع مشرب وارو صوفي صافي هو. تصوف ۽ ويدانت جي
ڪتابن جو ڪافي علم هئس. شاهه سائين جي ڪلام ۽ رمزن
جو ته وڏو ڄاڻو هو. سندن زبان سلوڻي ۽ مٺي، هلڪي ۽
دلپذير هئي. سندن زندگي هڪ آدرشي استاد جي حيثيت
سان شروع ٿي، ۽ هڪ ممتاز ۽ نامور انٽرنيشنل بلڪ
يونيورسل تاريخدان، محقق ۽ دانشور جي حيثيت سان
گذري.
”مرڻ مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا.“
(شاهه)
(تاثرات)
منهنجو شفيق والد
قلم کڻڻ کان پوءِ گهڻيءَ دير تائين سوچيندو رهيس
ته پنهنجي پياري والد سائينءَ جي ڪهڙي خوبي لکي،
ڪهڙي لکان؟ والد سائين هڪ غريب خاندان سان تعلق
رکندڙ هو، ان ڪري پاڻ تعليم جي حصول ۾ وڏيون
تڪليفون ڏٺائين. اباڻي ڳوٺ کان وٺي نوشهري فيروز
تائين ۽ پوءِ جهوناڳڙهه ۽ علي ڳڙهه کان وٺي
ڪولمبيا (آمريڪا) تائين سندس تعليمي سفر ڪامياب
رهيو. قيام وطن کان اڳ هڪ مسڪين خاندان جو ٻار
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن ۾ اعليٰ اعزاز
سان ’ڊاڪٽريٽ‘ ڪري موٽيو، اها وڏي ڳالهه هئي.
بابا سائين جتي هڪ بهترين ۽ مثالي استاد هو، هڪ
مثالي منتظم هو، هڪ مثالي محقق ۽ اديب هو، اتي هڪ
مثالي ’والد‘ پڻ هو. پاڻ پنهنجي اولاد، پُٽن ۽
نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياريائين ۽ اولاد جي
تربيت ۽ ضرورتن جو پورو خيال رکيائين. بابا سائين
هڪ راڄوند ماڻهو به هو، پنهنجي برادري ۽ مٽن مائٽن
سان تعلق کي ڀرپور انداز سان نڀايائين. پير سائين
پاڳاره جن جي جماعت ۾ داخل هئڻ ڪري، پنهنجي مرشد ۽
درگاهه سان عشق ۽ عقيدت برقرار رکيائين. حُر جماعت
سان واسطيداري ۽ هر ڏک سُک ۾ ساٿ ڏنائين. پنهنجي
دوستن ۽ ساٿين جي وسيع حلقي واري سڳي کي ٽُٽڻ نه
ڏنائين، پر مضبوط ڪيائين.
بابا سائين جيترو وڏو عالم هو، اوترو سندس مزاج ۽
طبعيت ۾ نوڙت ۽ نيازمنديءَ جو رنگ نمايان هو.
نهايت سادي طبعيت وارو ۽ سادگي سان زندگي گذاريندڙ
هو. وڏن سرڪاري ۽ انتظامي آسائشن ۽ سهولتن کي
پنهنجي مخصوص مزاج تي قابض ٿيڻ نه ڏنائين. پاڻ
تحقيق دوران سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جو چپو چپو ڏٺائين
۽ تاريخي ماڳ مڪان ۽ تاريخ سانڍيل ماڻهن کان
معلومات گڏ ڪيائين. کين سنڌ ۽ سنڌ جي هر شيءِ سان
محبت هئي. پاڻ ٿر، بر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ رڻ ڪڇ
تائين هفتن جا هفتا رهي، معلومات ميڙيائين ۽ وڏا
سفر ڪيائين ۽ پوءِ روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سنڌ جي
لوڪ ادب کي محفوظ ڪيائين.
بابا سائين پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کي به وقت ڏنو. ڳوٺ
جعفر خان لغاري ۾ جامع مسجد، مدرسي ۽ ڪتب خاني کي
قائم ڪيائين. گڏوگڏ بوائز ۽ گرلس لاءِ پرائمري کان
هاءِ اسڪول تائين سڀ سندن ڪوششن جو نتيجو آهن،
جنهن ڪري ڳوٺ جا سؤ سيڪڙو ماڻهو تعليم يافته آهن.
پاڻ صبر جا سمنڊ هئا، ڪڏهن به مخالفن ۽ بي جا
تنقيدون ڪندڙن کي جواب نه ڏنائين. بابا سائينءَ جي
اخلاق ۽ ڳالهين لکڻ لاءِ وڏو وقت ۽ وڏا دفتر
گهرجن.
منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ، بابا کي جنت
الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ اسان کي سندن نقشِ قدم تي
هلڻ جي توفيق ڏئي. (آمين).
آءٌ شڪرگذار آهيان انهن دوستن، خيرخواهن ۽ مٽن
مائٽن جو، جيڪي بابا سائينءَ جي وڇوڙي تي اسان سان
ڏک ۽ غم ۾ برابر جا شريڪ رهيا. آءٌ پنهنجي ۽
پنهنجي خاندان طرفان انهن صاحبن لاءِ
ڌڻيءَ در
دعاگو آهيان ته خداوند ڪريم کين اجر عظيم عطا
فرمائي. (آمين).
ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ
(فرزند)
•••
اسان جو عظيم والد
اسان جي وڏڙن تي الله جو راضپو ٿيو جو هن ڌرتيءَ
تي بابا سائين کي پيدا ڪيائين، جنهن پنهنجي محنت،
ڪوشش ۽ علم سان نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان، پر دنيا جي
ليول تي عزت ماڻيائين. بابا جن پنهنجي اولاد ۽
عزيزن کي شفقت جي نظر سان ڏسندو هو. هر ماڻهوءَ
سان سندس محبت جو رشتو هو. بابا جن جي والد جو
نالو علي محمد خان هو، جنهن ڪري مون کي هميشه
”بابا علي محمد“ ڪري سڏيندا هئا. نوڪريءَ جي دوران
اگر ڪڏهن مون کين چيو هوندو ته بابا فلاڻي صاحب کي
منهنجي سفارش ڪريو ته پاڻ چوندا هئا ته ”منهنجون
دعائون توسان گڏ آهن. سفارش جي ضرورت نه آهي“.
1990ع ۾ آءٌ ايس.اِي ڊرينيج سرڪل حيدرآباد هئس.
بابا جن چيو ته ’کاري پاڻيءَ جي مڇي‘ ۽ ’مٺي
پاڻيءَ جي مڇيءَ‘ بابت مهاڻن کان معلومات وٺڻي آهي
۽ تون انتظام ڪر ته مهاڻن کان مڇين بابت خبر وٺون.
مون چيو ته بابا فشريز کاتي وٽ ته مڇين جي باري ۾
سڀ خبر ڪتابي شڪل ۾ هوندي. اڃا به وڌيڪ خبر وٺڻي
آهي ڇا؟ پاڻ چيائون ته هائو، انهن ڪم ڪيو آهي، پر
اڃا به وڏي تحقيق جي ضرورت آهي. مون ٻه گڏجاڻيون
مهاڻن سان ڪرايون، هڪ ڳاڙهي جي پاسي ۽ ٻي احمد
راڄو ۾ ڪرائي. بابا جن مهاڻن سان مليا ۽ ڪافي نيون
خبرون ورتيون. 1993ع ۾ وري سکر جي مهاڻن سان بابا
جي گڏجاڻي ڪرائي. اُتان به بابا ڪافي معلومات حاصل
ڪئي. جڏهن بابا جن ٻه ڪتاب ”کاري جي مڇي“ ۽ ”مٺي
جي مڇي“ شايع ڪرايا ته گهڻا ماڻهو حيران ٿي ويا ته
ڊاڪٽر صاحب جن وڏي تحقيق ڪري مڇين بابت وڌيڪ ڄاڻ
ڏني آهي. خود فشريز کاتي وارن به حد کان وڌيڪ
ساراهه ڪئي.
1996ع ۾ بابا سائين چيو ته پنهنجي ڳوٺ جعفر خان
لغاري تي ڪتاب لکجي. مون چيو ته بابا هن وقت سڄاڻ
۽ وڏڙا ماڻهو جن
کي ڳوٺ بابت خبر هئي، سي ته ٿورا رهيا آهن. بابا جن چيو ته 1935ع ۾
مون پنهنجي
ڳوٺ بابت سڀ مواد پنهنجن وڏڙن مردن ۽ عورتن کان
پڇي لکي ڇڏيو هو، جنهن ڪري تڪليف نه ٿيندي.
1999ع ۾ اهو ڪتاب شايع ٿيو ۽ هن ڪتاب کي ڇپرائڻ جو
اعزاز مون ماڻيو. بابا هن ڪتاب
۾ لکيو آهي ته
هيءُ ڪتاب لکي، اسان پنهنجي ڳوٺ جي مشهوري ڪرڻ
ڪونه ٿا گهرون، پر چاهيون ٿا ته سجاڳ ماڻهو پنهنجن
ڳوٺن تي ڪتاب
لکن ته جيئن اهي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻجي
سگهن.
1996ع ۾ بابا جن مون کي چيو ته بلوچستان جي بارخان
ضلعي جي هيڊڪوارٽر ڀرسان ’وٽاڪڙي‘ جو علائقو آهي،
اتي هلڻو آهي. مون چيو ته بابا! ’وٽاڪڙي‘ تاريخ جي
لحاظ سان ڪيئن مشهور آهي؟ پاڻ چيائون ته تاريخي
ڪتابن ۾ ’وٽاڪڙي‘ علائقي ۾ مري قبيلي جو ذڪر اچي
ٿو ۽ اتي هلڻ سان مري قبيلي جي خبر پوندي ۽ اُتي
جي مقامن ۾ قبرن تي ضرور ڪي نالا هوندا، اهي به
ڏسبا. آءٌ ان وقت چيف انجنيئر گڊو بئراج هئس.
سيڪريٽري آبپاشي بلوچستان محمد اعظم منهنجو دوست
هو ۽ مون کيس ٻُڌايو ته بابا سائين تحقيق جي خيال
سان بارخان اچڻ چاهين ٿا ۽ اوهان اسان جو ڪوئيٽا
کان اڳتي سڄو
بندوبست ڪري ڏيو. پاڻ هائوڪار ڪيائين ۽ ان طرح
اسان ڪوئيٽا پهچي بارخان پهتاسون. ’وٽاڪڙي‘
جي علائقي ۾ وياسون،
جتي مري
قبيلي جي ماڻهن سان بابا ڪچهري ڪئي. مرين جا پراڻا
مقام هئا، اتي وياسون ۽ قبرون تمام پراڻيون
پر زبون حالت ۾ هيون. ڏاڍي
ڪوشش ڪئي سون
ته ڪنهن قبر تي ڪو نالو ملي، پر اهو نه ملي سگهيو.
رات جو ڊپٽي ڪمشنر بارخان بابا سان ملڻ آيو ۽ صبح
جو ناشتي تي
سڏيائين. 1996ع ۾ ملڪي حالتون ٺيڪ نه هيون. ناشتي
وقت ڪچهري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته ملڪ
۾ مانڌاڻ متل آهي، پر ڪي ماڻهو آهن، جيڪي ’وٽاڪڙي‘
علائقي جي تحقيق لاءِ آيا آهن. بابا جن سڄي زندگي
تاريخي ماڳن کي ڏسڻ ۽ معلومات حاصل
ڪرڻ ۾ گذاري ۽
هر علم جي ڄاڻ کي پرکي، ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيائين.
آءٌ پنهنجي ۽ ڀائرن طرفان انهن سڀني عزيزن ۽ بابا
سائينءَ جي دوستن جا ٿورا مڃان ٿو، جن پنهنجا
تعزيتي تاثرات پيش ڪيا آهن. بابا هڪ عظيم انسان
هو. الله تعاليٰ بابا سائينءَ کي جنت الفردوس نصيب
ڪري. (آمين)
علي محمد بلوچ
(فرزند)
•••
منهنجو بابا – صبر ۽ تحمل جو سمنڊ
مون کي بجا طور تي فخر حاصل آهي ته هاڪارو محقق،
سنڌ جو سپوت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ منهنجو والد
صاحب هو ۽ آءٌ سندس ٽيون نمبر پُٽ آهيان. (مون سان
گڏ منهنجن سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن کي به بجا طور تي
اهو فخر حاصل آهي). بابا سائينءَ جي مون سان خاص
محبت هوندي هئي، جو مون کي 2001ع ۾ پاڻ سان گڏ
اولڊ ڪئمپس واري گهر ڀرسان اچي رهايائون. بابا
سائينءَ کي علم ۽ ادب ۾، تعليم ۽ تدريس ۾، تاريخ ۽
تحقيق ۾، لوڪ ادب ۽ لغت ۾، لطيفيات توڙي ثقافت ۾
جيڪا عالمي شهرت حاصل ٿي، تنهن کان اهل وطن خوب
واقف آهن. علمي دنيا جا سمورا ماڻهو اها ڳالهه پڻ
خوب ڄاڻن ٿا ته هاڻي کان نه، پر هڪ زماني کان وٺي،
بين الاقوامي علمي ڪانفرنسن ۽ ڪانگريسن ۾ بابا
سائينءَ جي ڪُرسي هميشه اولين صف ۾ سَجايل هوندي
هئي، جيڪا ڳالهه مملڪت پاڪستان لاءِ به ناز جو سبب
آهي. ذاتي طرح سان بابا سائين نهايت نهٺو ۽ نماڻو،
ٻاجهارو ۽ مهر و محبت جو صاحب هو. ڪريمي ۽ شفقت
سندس نَس نَس ۾ سمايل هئي ۽ هر ڪنهن سان نهايت
شفقت سان پيش ايندا هئا.
هر انسان کي رب سائينءَ صبر ۽ تحمل جو حصو ڏنو
آهي، ڪنهن کي گهڻو، ڪنهن کي ٿورو، پر سچ ته اهو
آهي ته اسان جي بابا سائينءَ کي الله تعاليٰ صبر ۽
تحمل جو هڪ وڏو خزانو عطا ڪيو هو. بابا سائين قوت
برداشت جو هڪ سمنڊ هو. پراون جا ڏنگ ۽ پنهنجن جا
زخم، بابا سائين نهايت ئي ڌيرج ۽ معامله فهميءَ
سان برداشت ڪيا ۽ ڪڏهن به اُف به ڪانه ڪئي ۽ بدلي
۾ پيار ڀريون نصيحتون ۽ دعائون ڏيندا رهندا هئا.
اسان سڀني خاندان وارن تي الله تعاليٰ جي رحمت
آهي، جو اسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اولاد
آهيون. الله سائين بابا کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي
۽ اسان کي سندن ڏسيل رستي تي هلڻ جي توفيق ڏئي.
محمد رفيق بلوچ
(فرزند)
•••
منهنجو پيارو بابا سائين
الله تعاليٰ جي آسري کان پوءِ ماڻهوءَ لاءِ پيءُ
جهڙو ڪو ٻيو آسرو ۽ ڏڍ آهي ئي ڪونه ۽ وري پيءُ به
اهڙو جڳ مشهور هجي ته ويتر اولاد جو ڳاٽ فخر وچان
اوچو ٿي ويندو آهي. اسان جو بابا ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ به اهڙي قابلِ فخر ۽ جڳ مشهور شخصيت هو.
بابا سائين اوچتو اسان کان وڇڙي ويو آهي. بابا
سائينءَ جو وڇوڙو ڏاڍو ڏک ڀريو ۽ دردناڪ آهي.
ويساهه ئي نٿو اچي ته اسان ڪي يتيم ٿي ويا آهيون.
اڄ جڏهن يادگيرين جي رنگين ڌاڳن کي کوليان ٿو ۽
ماضيءَ ۾ جهاتي پايان ٿو ته ڏسان ٿو ته اڻ ڳڻيون
مٺيون مٺيون يادگيريون ۽ بابا سائينءَ جي پيار ۽
پاٻوهه جو ڇانورو پري پري تائين پکڙيل نظر اچي ٿو.
آءٌ بابا سائينءَ جي پهرين گهر مان سڀني کان ننڍو
پٽ هوس، جنهنڪري مون کي سڀني کان گهڻو ڀائيندا
هئا، اولڊ ڪئمپس واري گهر ۾ آءٌ ساڻس گڏ رهندو هوس
۽ جيڪي انگل آرا ڪندو هوس، بابا سائين اُهي پورا
ڪندو هو. بابا سائين زندگيءَ جي سمورين ذميوارين
کي سهڻي نموني سان نڀايو. هو عظيم ليکڪ هجڻ سان
گڏوگڏ نهايت شفيق پيءُ پڻ هو. اولاد سان سندس شفقت
وارو رويو نه وسارڻ جهڙو آهي.
جيتوڻيڪ اڄ بابا سائين هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، پر
سندس پيار، محبت، دعائون ۽ کوڙ ساريون هدايتون اڄ
به اسان سان گڏ آهن ۽ هميشه رهنديون.
محمد شفيق بلوچ
(فرزند)
•••
امر انسان
هن ڪائنات ۾ ڪي ڪي اهڙيون نامور، مانائتيون ۽
تاريخ ساز شخصيتون هونديون آهن، جن جي ڳُڻن بابت
جڏهن لکڻ شروع ڪبو آهي ته، لفظ کٽي پوندا آهن پر
انهن عظيم شخصيتن جا ڳُڻ نه ڳڻي سگهبا آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو شمار پڻ سنڌ ڌرتيءَ
تي جنم وٺندڙ انهن مهان شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جن جي قلم
ذريعي ڪيل پورهئي تي لکڻ، مون سميت شايد هر ڪنهن
جي وس جي ڳالهه نه هجي. ڊاڪٽر صاحب جن جي هٿان
سَرجيل علم و ادب جي املهه خزانن سان ڀريل ڪتابن
تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ دل
بنا ”رياء“ جي اهو چوڻ تي مجبور ٿيو پوي ته بيشڪ
هن ڏاهي انسان پنهنجي سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جي
خدمت لاءِ ارپي ڇڏي. حقيقت اها آهي ته سنڌ جي لوڪ
ادب تي جيڪا تحقيق ڪري ڊاڪٽر صاحب جن موجوده توڙي
آئنده نسل لاءِ خزانو ڇڏيو آهي. اهو سندن پاران
سنڌ واسين تي هڪ ناقابلِ فراموش ۽ وڏو احسان آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ تي ڪيل سندن ڪم هجي،
سنڌي لغت تيار ڪرڻ يا سندن هٿان سنڌ جي تاريخ تي
ڪيل ڪم هجي، يا سندن قلم هٿان ادبي خدمتن کي
جاچجي ٿو ته اندر اهو چوڻ تي مجبور ٿيو پوي ته،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا عالم شايد صدين ۾
پيدا ٿيندا آهن. جيڪي نه صرف امر انسان هوندا آهن
پر اهڙين شخصيتن کي جيڪڏهن ادارو يا درسگاهه سڏجي
ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لاءِ لکندي دنيا جي هڪ
مڃيل شاعر ”گلزار“ جو هڪ شعر دل تي تري ٿو اچي ته:
دفن هوجائين که زرخيز زمين لگتي هـﻶ،
کل اسي مٽي سـﻶ شايد ميري شاخين نکلين.
آءٌ سنڌي ادبي بورڊ پاران ”مهراڻ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ نمبر“ شايع ڪرڻ تي مهراڻ جي ايڊيٽر مسٽر
ڪلهوڙي سميت سنڌي ادبي بورڊ جي سمورن ڪارڪنن کي
دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
پروفيسر نذير اي. مغل
وائيس چانسيلر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
•••
اسان جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن سان منهنجي پهرين
ملاقات سال 59- 1958ع ۾ ٿي، جڏهن پاڻ سندن دوست
محمد اسماعيل نون (ڊپٽي ڪليڪٽر) سان ٽنڊي محمد خان
۾ ملڻ آيا، جو نون صاحب سان گڏ ڪٿي وڃڻو هو. اتي
نون صاحب کين پٽهه جي پنن سان ٺهيل هڪ رنگين تڏو،
جنهن تي سٺي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هو، سوکڙيءَ طور
پيش ڪيو، جيڪو پاڻ ڏسي گهڻو خوش ٿيا. ان وقت آءٌ
نون صاحب وٽ زيردست هئس.
ٻي ملاقات ڊاڪٽر صاحب جن سان سال 1970ع ۾ ٿي، جڏهن
پاڻ حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رهيا هئا. مون سمجهيو
ته سندن گاڏي خراب ٿي ويئي آهي، سو آءٌ پنهنجي
گاڏي موٽائي اچي ساڻن مليس، جنهن تي خوش ٿي چيائون
ته ” آءٌ پنهنجي گاڏيءَ کي بيهاري ڪجهه لکي رهيو
آهيان، باقي گاڏي صحيح آهي“. خير عافيت کان پوءِ
مون کانئن اجازت ورتي.
اسان جي ٽين ملاقات 1990ع ۾ ٿي، جڏهن آءٌ ٿرپارڪر
جو ڊپٽي ڪمشنر هئس ۽ مون ’ڀالوا‘ ۾ مارئيءَ جو
ميلو لڳرائڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ آءٌ ساڻن صلاح
مشوري لاءِ وٽن ملڻ آيس، پر پاڻ چيائون ته ”هن وقت
ٿر ۾ ڏڪار آهي، تنهن ڪري مناسب نه ٿيندو ته هن وقت
ميلو لڳرائجي“. مون سندن مشوري تي عمل ڪندي، ميلي
جو پروگرام ڪينسل ڪيو. ان کان پوءِ ملاقاتن جو
سلسلو شروع ٿيو، جيڪو پوءِ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
جن جي صحبت ۾ وڌيڪ گَهِرو ٿيندو ويو ۽ آخر تائين
جاري رهيو.
وفات کان هڪ هفتو اڳ مون ساڻن ڪراچيءَ مان ڳالهايو
هو ۽ پاڻ چيائون ته ڪراچيءَ مان واپسيءَ تي رات جي
ماني مون وٽ کائي، ڪچهري ڪري، پوءِ ڳوٺ وڃجو، پر
پروگرام آخر ۾ اهو ٿيو ته ايندڙ آچر تي ملاقات ڪبي
۽ ماني گڏجي کائبي. پر ان دوران ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري صاحب جن جي اسلام آباد مان فون آئي ته 23
مارچ 2011ع تي ڊاڪٽر صاحب اسلام آباد ڪن مصروفيتن
سبب اچي نه سگهيا، تنهن ڪري حڪومت پاڪستان طرفان
صدر پاڪستان هٿان جيڪو کين ”هلال امتياز ايوارڊ“
وصول ڪرڻو هو، اهو وٺي نه سگهيا ۽ سندن پاران اهو
ايوارڊ مون وصول ڪيو آهي، جيڪو آءٌ حيدرآباد آڻي
رهيو آهيان. تنهنڪري ايندڙ آچر تي دوستن جي گڏجاڻي
حيدرآباد ۾ هيڊڪوارٽر (يعني سائين آفتاب شاهه
ڄاموٽ جي بنگلي) تي رکي وڃي ۽ اهو ايوارڊ سائين
آفتاب شاهه جي هٿان کين ڏياريو وڃي. سائين آفتاب
شاهه جو بنگلو هن وقت ادبي ۽ سماجي گڏجاڻين جو
هيڊڪوارٽر سمجهيو وڃي ٿو. بهرحال ان پروگرام کي
آخري شڪل ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح هي گڏجاڻي آچر
ڏينهن تاريخ 3 اپريل تي ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جن
جي ڪافي دوستن ۽ مداحن شرڪت ڪئي ۽ مذڪوره ايوارڊ
سائين آفتاب شاهه طرفان کين پيش ڪيو ويو.
هيءَ هڪ يادگار گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جن
کي تمام گهڻو خوش ڏٺو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري، گل محمد عمراڻيءَ، پروفيسر قلندر
شاهه لڪياريءَ، جهمٽ مل، انعام شيخ، ڊاڪٽر عابد
لغاريءَ، نفيس احمد ناشاد، عنايت الله زنگيجي،
سائين آفتاب شاهه ڄاموٽ ۽ ٻين مداحن، ڊاڪٽر صاحب
جي خدمتن تي روشني وجهي، عقيدت جو خراج پيش ڪيو.
عمراڻي صاحب ڪمپيئرنگ جا فرض به واهه جا ادا ڪيا.
آخر ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي صدارتي
ڪلمات لاءِ عرض ڪيو ويو ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾
آيل خوشيءَ جي واقعن جو ذڪر گهڻو ڪيائون، جن
حاضرين مجلس کي گهڻو متاثر ڪيو. آخر ۾ چيائون ته
هيءَ گڏجاڻي به منهنجي لاءِ خوشيءَ جو موقعو آهي.
بس سومر ڏينهن ڇڏي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات
(فجر مهل) اوچتو ئي اوچتو سڀني گهر وارن، دوستن،
عزيزن ۽ چاهيندڙن کان هي علم جو سج هميشه هميشه
لاءِ موڪلائي ويو، پر سندس يادون، ڪچهريون ۽ علم
جي ميدان ۾ سندس ڪيل ڪم هميشه ياد رهندا.
ڊاڪٽر صاحب جي گفتگو پڪي، وزن ۽ اثر واري هوندي
هئي. جڏهن پاڻ ڳالهائيندا هئا ته باقي حاضرين مجلس
چپ ٿي، سندن گفتو غور ۽ پوري خيال سان ٻُڌندا هئا.
پاڻ سڀ ڪنهن سان پيار ڪرڻ وارا ۽ سٺا دوست هئا.
الله تبارڪ وتعاليٰ جيڪو سڀ کان وڌيڪ رحم ۽ خطائون
معاف ڪرڻ وارو آهي، ان کان دعا آهي ته سندن مغفرت
فرمائي، کين جنت فردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.
(آمين).
دُرمحمد ڀٽي
ٽنڊومحمد خان
•••
ڪلجڳ ڪاپڙي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو علمي سرمايو هو،
جيڪو پنهنجي اندر ۾ هڪ صديءَ جو سفر رکندڙ هو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو واحد عالمي
اسڪالر هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي آڏو ذاتي ترجيحات
رکي، ڪم نه ڪيو، پر ڊاڪٽر صاحب جون جيڪي به
ترجيحات رهيون، اهي فقط ئي فقط سنڌ ۽ سنڌ سان
لاڳاپيل هيون. ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب
سنڌ جي عشق ۾ سراپا رڱيل هو. هن کي ڪم دوران سنڌ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. هن جيڪو
ڪجهه لکيو ۽ پڙهيو ان جو محور فقط ئي فقط سنڌ هئي.
هو پنهنجي جنم ڀومي ”سنڌ“ کي دنيا جي نقشي ۾ سڀ
کان مٿانهون ڏسڻ گهرندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ملڪ کان ٻاهر پرڏيهه ويندو هو ته
اتي به سنڌ جي حوالي سان ڪانه ڪا يادگار قائم ڪري
ايندو هو. پرڏيهه جي ريسٽورانٽ ۾ سندن قائم ڪيل
”سنڌي هومز“ هر وقت سنڌ جي ثقافت ۽ ڌرتيءَ جي
نمائندگي ڪندا رهن ٿا.
سنڌي قوم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي انمول اسڪالر جي
مقروض آهي. قوم جيترو به قرض لاهڻ چاهي، لاهي نه
سگهندي. سنڌي ادبي بورڊ سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
رشتو بورڊ جي قيام کان ئي قائم رهيو جو سندن وصال
تائين برقرار رهيو. بورڊ لوڪ ادب اسڪيم کان وٺي
لغت اسڪيم سان سلهاڙيل سمورا ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪيا ۽
گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب جي لطيفيات تي ڪم ڪرڻ لاءِ بورڊ
جي پگهار تي کين هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر سندن اولڊ
ڪيمپس واري رهائشگاهه تي مقرر ڪري ڏنو، جنهن کان
ڊاڪٽر صاحب جن ”شاهه جي رسالي جو مستند متن“ جو
سمورو مواد ڪمپوز ڪرايو، جيڪو پوءِ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن ثقافت کاتي طرفان شايع ڪرائي پڌرو ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو علمي ڪم ڪار تمام گهڻو آهي،
ان تي لکڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. ڊاڪٽر
صاحب جي علمي خدمتن تي اهو ئي لکڻ جو سندرو ٻڌي
سگهي ٿو جيڪو سندن پايي ۽ معيار جو اسڪالر هجي،
مون جهڙو ادنيٰ ماڻهو وڌيڪ لکڻ کان قاصر آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان گڏ مون کي به ڪم ڪرڻ جو موقعو
نصيب ٿيو. پاڻ جڏهن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾
قائم ڪيل آفيس ۾ لغت تي ڪم ڪندا هئا، جتي شيخ محمد
اسماعيل، عابد لغاري، شهباز علي ۽ ٻيا نوجوان
ڪارڪن ڪم ڪندا هئا، اتي انهن دوستن سان گڏ مون کي
به ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. آءٌ بورڊ ۾ ڪلارڪ جي
حيثيت ۾ صبح جو ڪم ڪندو هئس ۽ شام جو ڊاڪٽر بلوچ
جي آفيس ۾ شيخ محمد اسماعيل جي نگرانيءَ ۾ 3 سال
ڪم ڪيو، اهو 1980ع وارو ڏهاڪو هو. ڪم دوران ڊاڪٽر
صاحب جن جو پنهنجي عملي سان رويو انتهائي شانائتو
۽ سمجهڻ، سمجهائڻ وارو هو. ڊاڪٽر صاحب جن اڪثر ڪري
سگهڙن ۽ شاعرن سميت سنڌ جي مختلف علائقن جي سالڪ ۽
ڄاڻو ماڻهن کي گهرائي کانئن انٽرويو ڪندا هئا،
جنهن مان گهڻي معلومات ۽ لاڀ حاصل ٿيندو هو ۽
انهيءَ بنياد تحت لغت ۽ لوڪ ادب اسڪيم جو ڪم هلندو
هو. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن تي ڪم به ڊاڪٽر
صاحب اهڙي ئي طريقهء ڪار سان سرانجام ڏنو هو. پکي،
پکين جا قسم. مڇي، مڇين جا قسم. شڪار، شڪار جا
قسم. شڪاري، شڪارين جا قسم. زراعت، زراعت جا
نمونا. هر، پاڃاري، نار، هُرلو، جبل، ڍنڍون،
عمارتون، اسڪول، وڻ ٽڻ. جانور، جانورن جا قسم ۽
نسل، مطلب ته هر اها ڄاڻ جيڪا سنڌ سان سلهاڙيل
هئي، ڊاڪٽر صاحب اهڙن ڪاريگر ۽ سمجهو ماڻهن کان
حاصل ڪئي ۽ پوءِ اها معلومات گهڻي غور ويچار ۽
ڇنڊڇاڻ کان پوءِ لغت يا لوڪ ادب ۾ داخل ڪئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن وقت اسان وٽ موجود نه
آهي، پر سندن ڪيل ڪم اسان وٽ موجود آهي ۽ اهو ڪم
اهڙو ته ڪيل آهي جو هر وقت اسان جي موجوده اسڪالرن
جي نگراني ڪندو رهي ٿو ۽ گڏوگڏ ان ڪم کي ان ئي
نوعيت ۽ معيار سان اڳتي وڌائڻ جا پڻ اُتساهه ڏئي
ٿو. هاڻي اسان کي ۽ اسان جي ادارن کي گهرجي ته
ڊاڪٽر صاحب جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي.
سنڌي ادبي بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن
قبله مخدوم جميل الزمان صاحب، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي
نالي تي قائم ڪيل اداري ڊاڪٽر اين.اي بلوچ
انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ هسٽاريڪل جا چيئرمن ۽
ان ئي کاتي جا منسٽر آهن، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي
لاڏاڻي جي موقعي تي بورڊ طرفان ”مهراڻ ڊاڪٽر بلوچ
نمبر“ ۽ ”بينظير ڊاڪٽر بلوچ نمبر“ پڌري ڪرڻ جو
اعلان ڪيو هو. ان اعلان تحت ”بينظير ڊاڪٽر بلوچ
نمبر“ ڪجهه عرصو اڳ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ هيءُ
”مهراڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر“ پڙهندڙن
جي هٿ ۾ آهي. قبله مخدوم جميل الزمان ڊاڪٽر اين.اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ جي نئين عمارت جي پيڙهه جو پٿر
انڊس هاءِ.وي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ 6- فيبروري
2012ع تي رکڻ فرمايو.
منهنجي دعا آهي ته هيءُ ادارو وڏي ترقي ڪري ۽ ملڪ
۾ پنهنجو نالو روشن ڪري.
الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو
انٽرويو: مراد علي
مرزا
اسان سخت غربت ۽ مشڪلاتن ۾ پڙهياسين!
(نامور
عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ ريڊيائي
انٽرويو)
]نامور
عالم ۽ ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هيءُ
انٽرويو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبرريءَ ۾
محفوظ هو، جيڪو ڪيترائي سال اڳ کانئس نامور مترجم
۽ شاهه سائينءَ جي زندگيءَ تي ’سامي سج وڙاءُ‘ جي
نالي سان ناول لکندڙ مراد علي مرزا صاحب ورتو هو.
هن انٽرويو ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ تعليمي
زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪئين اهم ڳالهيون بيان ڪيون
آهن، جن کي پڙهي، اسين هن جي زندگيءَ جي ڪئين لڪل
پاسن کان واقفيت حاصل ڪريون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ جي
لاڏاڻي کان پوءِ هن انٽرويو جو ڇپجڻ، سندن ياد کي
تازگي بخشي ٿو. اسين هيءُ انٽرويو ”سارنگا“ شمارو
14-13 جنوري- مئي 2011ع تان کنيو آهي، جنهن لاءِ
اسان ”سارنگا“ سٿ جا نهايت ئي ٿورائتو آهيون.
ادارو[
مراد علي مرزا:
سائين ڊاڪٽر صاحب! اوهان اسان جي اسٽوڊيوز ۾ اڳي
به آيا هئا، مون کي ياد آهي ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾
اسان اوهان کان مختلف انٽرويو ڪيا هئا. مثال طور
تي سنڌ جي تاريخ بابت اوهان جو انٽرويو هو. انهيءَ
کان پوءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر ۽
حياتيءَ بابت انٽرويو هو، ٽيون انٽرويو هو سنڌ جا
قديم آثار ۽ شهر - پر اڄوڪي انٽرويو ۾ اوهان جو
تعليمي سفر جيڪو رهيو آهي، ٻاراڻي تعليم کان وٺي
اعليٰ تعليم تائين، ان حوالي سان مهرباني ڪري اسان
کي ٻڌايو؟
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: منهنجي تعليم جو سلسلو
1930ع کان ٻه چار سال جيڪي اڳ وارا آهن، ان وقت
کان شروع ٿئي ٿو، ۽ هڪڙي عجيب ڳالهه آهي ته ان وقت
پرائمري اسڪول هوندا ئي ڪونه هئا. اسان جي ڳوٺ کي
جيڪو ويجهي ۾ ويجهو پرائمري اسڪول هو، اهو به ڳوٺ
کان 5 ڪلوميٽر پري سنجهوري ۾ هو، جيڪو تعلقي جو
شهر هو. ڪجهه اهڙو اتفاق ٿيو ته منهنجو والد گذاري
ويو، جڏهن آءٌ چار يا پنجن مهينن جو هئس. وفات وقت
منهنجي والد وصيت ڪئي هئي ته منهنجي پٽ کي
پڙهائجو. اهي لفظ چئي هو گذاري ويو، تنهنڪري
منهنجي چاچي کي تمام گهڻو خيال هو ته مون کي
پڙهائي، پر جيئن ته اسڪول هئا ڪونه، تنهنڪري ڳوٺ ۾
هَسو مل نالي همراهه ڀٽ هو، مون کي منهنجي چاچي
پٽي وٺي ڏني ۽ ان وٽ ويهاري ڇڏيائين، هسومل کي
چيائين ته هن کي پڙهايو. پوءِ هن مون کي واڻڪا اکر
پڙهايا، هٽ وارا اکر، سومون اها پٽي پڙهي واڻڪن
اکرن جي وسومل وٽ، مون کي اڃا تائين اهو اسڪرپٽ
ياد آهي ۽ واڻڪي اسڪرپٽ ۾ مختلف نالا لکي ويندس.
ان کان پوءِ منهنجي امڙ مون کي قرآن شريف جو
سيپارو پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ وري اسان جو هڪ
عزيز هو- الهڏنو فقير لغاري، ان وٽ قرآن شريف جي
سيپاري جا سبق ورتا. ان کان پوءِ اسان جي ڳوٺ کان
ميل ڏيڍ پنڌ تي هڪ ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو.
اها ممڪن آهي ته 1923ع يا 1924ع جي ڳالهه هجي،
پوءِ اسان ان اسڪول ۾ پڙهڻ وياسون. استاد محمد
يوسف کڏڙي جو هو. سو کڏڙي شهر مان ايندو هو پڙهائڻ
۽ هر ڇنڇر تي واپس کڏڙي ويندو هو، پر هو اهڙو ته
لائق ۽ فرض شناس استاد هو، جو ڪڏهن به مون کي ياد
ناهي ته استاد محمد يوسف اسڪول ۾ نه آيو هجي. ان
استاد کان ٻئين جا سبق يا ٻاراڻو ڪتاب پڙهياسين.
ان وقت پهرين پٽي پڙهبي هئي ۽ پوءِ ٻاراڻو ڪتاب
پڙهبو هو ۽ ان کان پوءِ وارن سالن ۾ هڪ هڪ ڪتاب
پڙهڻو پوندو هو، سنڌي ڪتاب درجو پهريون، درجو
ٻيون، درجو ٽيون، درجو چوٿون هوندو هو- پڙهندا
هئاسين، ۽ اها ڳالهه به هوندي هئي ته اسان غريب
هوندا هئاسين. ٻاجهري هوندي هئي، ڪڻڪ ڪانه هوندي
هئي. ٻاجهريءَ جي ماني پاڻيءَ سان کائيندا هئاسين،
اها ماني اسان ٻڌي کڻي ايندا هئاسين. پوءِ جڏهن هن
(استاد) کي خبر پئي ته ان استاد چيو ته هاڻي پاڻ
سڀ گڏجي دال ٺاهينداسين، پوءِ اسان مان ڪنهن کي
جيڪڏهن ڪا خرچي ملندي هئي ته اها اسان استاد کي
ڏيندا هئاسين. باقي پيسا هو پاڻ وجهندو هو ۽ پوءِ
اسان دال جو ٻوڙ رڌيندا هئاسين. اهو دال جو ٻوڙ
منجهند جو استاد قادر بخش پاڻ چاڙهيندو هو ۽ پوءِ
اسان جيڪا گهران ماني کڻي ايندا هئاسين، اها گڏجي
کائيندا هئاسين.
پوءِ چوٿين درجي ۾ اسان جو استاد مسٽر ڄيٺانند
آيو. اهو نهايت قابل عالم قسم جو ماڻهو هو. ان جو
ان ڳالهه ۾ اعتبار هو ته جيستائين ٻار کي مار نه
ڏبي، تيستائين اهو نه پڙهندو. ان صاحب مون کي به
ٻه چار مارون ڏنيون. پوءِ هڪ دفعو آءٌ اسڪول مان
ڀڄي ويس، پر منهنجي چاچي کي منهنجي والد صاحب جا
لفظ ياد هوندا هئا، سو مون کي ڳولي، ٻه چار ٿڦڙون
هڻي وٺي ايندو هو ۽ وري اچي اسڪول ۾ ڇڏيندو هو.
پوءِ سختي ته هئي، پر اسان چوٿين درجي ۾ سکياسين.
چوٿين درجي جي امتحانن لاءِ نوشهروفيروز جو ميان
بخش امتحان وٺڻ آيو. ان صاحب امتحاني نتيجي ۾ لکي
ڇڏيو هو ته هيءُ ڇوڪرو هوشيار آهي، هن کي انگريزي
پڙهائجو.
مراد علي مرزا:
اڇا، سائين هڪڙو عرض آهي ته چوٿين درجي تائين
ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا ڪهڙا مضمون پڙهائيندا هئا.
مثال طور: حساب، جاگرافي، تاريخ اهي پڙهائيندا
هئا؟
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:
مون عرض ڪيو ته ڪتاب جدا ڪونه هئا، پر اهي سڀ گڏ
پڙهائيندا هئا. سمجهو ته حساب جوڙ، ونڊ، ڪٽ، ضرب
اهو پڙهائيندا هئا. چوٿين درجي تائين باقي وڌيڪ
نه. جاگرافي اسان جي ضلعي جي اها استاد زباني
ٻڌائيندو هو. ساڳيءَ طرح استاد اسان کي تاريخ بابت
ٻڌائيندو هو. مثال طور اسان کي خبر هئي ته هتي
سومرا به حاڪم هئا، سما به حاڪم هئا. مطلب ته
جاگرافي، حساب ۽ تاريخ جا ڪجهه زباني سبق ڏيندا
هئا. باقي اسان جي دؤر ۾ هوندا هئا زباني حساب.
مثال طور اسان کي پڙهائيندا هئا ته هيترا رپيا هڪ
سير جو ملهه، ته هيترن سيرن جو ملهه ڪيترو ٿيندو.
اهي زباني حساب اسان کي ڪرايا ويندا هئا.
مون ڳالهه پئي ڪئي ته چوٿين درجي جو امتحان وٺڻ
جيڪو صاحب آيو هو، ان زماني ۾ امتحان وٺڻ واري
آفيسر کي صاحب سڏيو ويندو هو. ان مون لاءِ لکي
ڇڏيو ته هن ڇوڪري کي انگريزي پڙهائجو، پر ان وقت
منهنجي استادن کي به اها خبر نه هئي ته انگريزي
ڪڏهن پڙهائبي آهي ۽ ڪٿي پڙهائبي آهي. پوءِ منهنجي
چاچي کي، جنهن کي منهنجي پڙهڻ جو شوق هو، ان کي
خبر پئي ته نوشهري ۾ هڪ مدرسو آهي، جيڪو سنجهوري
کان 50-60 ڪلوميٽر پري آهي، جتي انگريزي پڙهائين
ٿا. ٻيو انگريزي پڙهائڻ جو شايد ڪراچيءَ وغيره جو
ڏس مليو، پر منهنجو چاچو نوشهري فيروز وٺي آيو.
اتي انگريزي پڙهائڻ واري مدرسي جو پرنسپال هو-
سائين عثمان علي انصاري. انصاري صاحب منهنجي چاچي
کي ٻڌايو ته بابا توهان دير سان آيا آهيو، مارچ
مهيني ۾ داخلا ٿيندي آهي، هيءُ مئي جو مهينو آهي،
هاڻي ته وئڪيشن ٿيڻ واري آهي پر منهنجي چاچي
انصاري صاحب کي گذارش ڪئي ته سائين اسان تمام گهڻو
پري کان آيا آهيون ۽ هتي تمام ڏکيا پهتا آهيون،
تنهنڪري مهرباني ڪري هن کي داخل ڪريو، جو هن کي
ضرور پڙهائڻو آهي. پوءِ هن ٻڌايس: بابا مون اوهان
کي چيو آهي ته دير ٿي ويئي آهي، اوهان دير سان آيا
آهيو، اوهان ايندڙ سال اچجو. آءٌ هن ڇوڪري کي مفت
رهائش ڏيندس ۽ في پڻ معاف ڪندس. پوءِ اسان موٽي
آياسين، پر منهنجي چاچي همٿ نه هاري ۽ پوءِ هڪ
اسڪول هو ٻاويهين ديهه ۾، جتي سنڌي پنجابين جو هڪ
ڳوٺ هو، اتي سنڌي اسڪول هو، جتي ٽي درجا پڙهائيندا
هئا. اتي فوج جو رٽائرڊ استاد فيض علي انگريزي
پڙهائيندو هو ۽ ساڳيو استاد محمد يوسف جنهن مون کي
سنڌي پڙهائي هئي، اهو اتي سنڌيءَ جو هيڊماستر هو.
اتي سوال اٿيو ته آءٌ رهان ڪٿي، پوءِ اتي ڳوٺ جو
هڪ لائق ماڻهو هو- ميان علي محمد. ان چيو ته هيءُ
ڇوڪرو ڀلي مون وٽ رهي، پر ساڍا ست رپيا مهيني جا
اوهان ڏجو. ساڍا ست رپيا ان وقت ۾ وڏي ڳالهه هوندي
هئي، پر منهنجي چاچي اهو به قبول ڪيو، ڇو ته هن کي
پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. پوءِ آءٌ اتي رهي
پيس. هر ڏهين پندرهين ڏينهن کان پوءِ آءٌ 14 ميل
پنڌ ڪري ڳوٺ ايندو هئس. ان زماني ۾ ڇنڇر ۽ آچر
موڪل هوندي هئي، پوءِ جڏهن منهنجي دل ڀربي هئي ته
ڳوٺ هليو ايندو هئس ۽ وري ويندو به پنڌ هئس. پوءِ
هڪ سال آءٌ اتي انگريزي پڙهيس. پوءِ ان ۾
انگريزيءَ جي
ABC
۽ ڪجهه ٻيو به، پر مون کي انگريزي گهڻي سمجهه ۾ نه
ايندي هئي، پر جون- جولاءِ کان وٺي ٻئي سال مارچ
تائين اتي پڙهيس. پوءِ وري منهنجو چاچو مون کي وٺي
آيو، نوشهري جي انصاري صاحب چيو هو ته هن کي ڀلي
وٺي اچجو. پوءِ انصاري صاحب مون کي داخلا ڏني.
داخلا فيس ته ورتائين، پر باقي فيس مون کي معاف
ڪيائون.
پهرئين درجي جو جيڪو استاد هو سو وڏو قابل هو،
ميان عبدالخالق نالو هئس. جنهن پهريون درجو
انگريزي ان وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ اٺاويهه سال
پڙهايو هو. جنهن کي تجربو هو ته پهريون درجو
پڙهائجي ڪيئن؟ ڇو ته وڏو قابل استاد اهو آهي، جيڪو
پهرين ايندڙ ڪنهن شاگرد کي پڙهائي ٿو ۽ ڪنهن راهه
تي لڳائي ٿو. انهيءَ استاد عبدالخالق وٽ اسان
پهريون درجو انگريزي پڙهياسين. نوشهرو مدرسو
پنهنجي خيال ۾ ان وقت سٺي حالت ۾ هو.
ان وقت اتي پري جي شاگردن لاءِ رهائش جو انتظام
هوندو هو، ماني ٽڪي مفت ۾ هوندي هئي، ڪپڙا به
ڌوپجي ملندا هئا. اتي 120 شاگرد بورڊنگ ۾ رهندا
هئا، جن کي ضلعي لوڪل بورڊ نواب شاهه جي طرفان
اسڪالر شپ مليل هئي، اتي مسجد شريف هئي، نماز جو
بندوبست هوندو هو. راندين لاءِ بندوبست هوندو هو.
مطلب ته سادگيءَ سان، پر سمجهو ته هر ڪا ڳالهه اتي
پوري هوندي هئي.
اهو هڪ مثالي ادارو هو. ان اداري جو پرنسپال
انصاري صاحب لنڊن مان
M.A
ڪري آيو هو. هو تمام گهڻو شاندار ماڻهو هو ۽ هن جا
تمام وڏا خيال هوندا هئا، مسٽر هڱورائي فرسٽ
اسسٽنٽ هو، جيڪو گهڻو تڻو ڪم ڪار هلائيندو هو.
پوءِ ست سال هن اداري ۾ رهياسين، سمجهو ته اتي
اسان اٻوجهه ٻار ٿي وياسين ۽ اتان سمجهه وارا ٿي
نڪتاسين. استاد تمام گهڻا لائق ۽ فرض شناس هئا.
يعني ڪنهن ڏينهن به مون کي ياد ڪونهي ته ڪو استاد
اسڪول نه آيو هجي. يعني اسان کي اهو خيال ئي ڪونه
هوندو ته ڪو استاد ڪڏهن غير حاضر به ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ وقت هندو ۽ مسلمان استاد گڏجي مدرسي/ اسڪول
کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
تڏهن کان پوءِ راندين جو خاص اهتمام ٿيندو هو. ان
دؤر ۾ سمجهان ٿو ته آءٌ ڪجهه حرڪتي ٻار هوندو هئس
يا ائين سمجهو ته رانديون گهڻيون ڪندو هئس. جڏهن
آءٌ پهرئين يا ٻئي درجي ۾ پڙهندو هئس ته ڇهين ستين
درجي وارن وڏن ٻارن سان گڏ راند ڪندو هئس. هاڪي ۽
فوٽ بال آءٌ خاص طور تي کيڏندو هئس. ڪرڪيٽ ۾ به
نوشهرو مدرسو تمام اڳتي هوندو هو. خيرپور جو
مدرسو، سوبه اڳتي هوندو هو. نوشهرو ۽ خيرپور مدرسو
سمجهو ته هڪٻئي جا مدِمقابل هوندا هئا. رانديون
باقاعده روزانو ٿينديون هيون. ڊرل ٽيچر هوندو هو
مسٽر ڪمال خان، روزانو 20 منٽ ڊرل ٿيندي هئي. هڪ
فونو هوندو هو، جنهن ۾ رڪارڊ هلندو هو ۽ ان تي
اسان ڊرل ڪندا هئاسين، پر وڌ ۾ وڌ جيڪا آفاقي
حيثيت جنهن استاد کي هئي، اهو هو ڊرائنگ ٽيچر مسٽر
گل محمد پٺاڻ. هڪ عجيب انسان، هو ٻارن جي نفسيات
جو تمام وڏو ماهر هو. ڊرائنگ ۾ تمام سٺا سبق ڏيندو
هو. ان ڪري ئي منهنجي ڊرائنگ ۾ دلچسپي ٿي ۽ مون
ايليمينٽري ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو. ان کي شڪار
جو شوق هوندو هو. انصاري صاحب کي به شڪار جو شوق
هوندو هو. شڪار ۾ جيڪي ڇوڪرا ويندا هئا، انهن ۾
منهنجو نالو پهرين نمبر تي هوندو هو. ڇاڪاڻ ته آءٌ
تِکو هوندو هئس ڀڄڻ ۾، سو آءٌ تترن کي ورائڻ وغيره
جي ڪم ۾ گهڻو تيز هوندو هئس. مڪتب جو پيش امام
آخوند ڪريم بخش هوندو هو. اهو به وڏو لائق انسان
هو. هر صبح اچي سڀني کي اٿاريندو هو. هن اسان کي
مذهب ۽ فقهه جون ڪافي ڳالهيون سيکاريون.
مراد علي مرزا:
اوهان ميٽرڪ جي ڪوس ۾ ڪهڙا سبجيڪٽ پڙهيا؟
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ان وقت ميٽرڪ ۾ ڇهه ست
مضمون هوندا هئا. سڀ کان وڌيڪ زور انگريزيءَ تي
هوندو هو. ان کان پوءِ سنڌي به باقاعده سٺي نموني
پڙهائي ويندي هئي. ان وقت استاد امام بخش هوندو
هو، اهو سنڌي گرامر پڙهائيندو هو. گرامر پڙهائڻ تي
تمام گهڻو زور هو. چوٿين درجي انگريزي کان الجبرا،
جاميٽري ۽ سائنس شروع ڪرائيندا هئا، حساب، الجبرا،
جاميٽري ۽ ارٿميٽڪس جا سبجيڪٽ هئا. ان کان پوءِ
سائنس هوندي هئي. سائنس ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا
سبجڪيٽ هئا.
مراد علي مرزا:
سائنس جا سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهائيندا هئا يا
سنڌيءَ ۾؟
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:
سائنس، انگريزيءَ ۾ پڙهائيندا هئا، پر جيڪڏهن ڪا
ڳالهه نه سمجهه ۾ اچي ته اسان سنڌيءَ ۾ پڇندا
هئاسين. هڪ ٻيو هڱوراڻي صاحب هوندو هو، جيڪو اسان
کي سائنس پڙهائيندو هو. ڇٽو نالي اسان جي ليبارٽري
جو هڪ اسسٽنٽ هوندو هو، ان کي وڏو تجربو هو ۽
انهيءَ اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريو. اهي ست اٺ
سبجيڪٽ هوندا هئا ميٽرڪ ۾. پوءِ ميٽرڪ جي شاگردن
کان اسڪول جي طرفان پريليمينٽري امتحان ورتو ويندو
هو، ان امتحان ذريعي اسڪول مان اهڙن شاگردن جي
چونڊ ڪئي ويندي هئي، جيڪي ميٽرڪ جي امتحان لاءِ
تيار هجن. جيڪي تيار نه هوندا هئا، اهي اتي ئي
رهجي ويندا هئا. پريليمينٽري امتحان ٿيندو هو،
جنوري فيبروريءَ ۾ ميٽرڪ جو امتحان ٿيندو. مارچ ۾
ميٽرڪ جي امتحان لاءِ مرڪز ٽي هوندا هئا- هڪ
حيدرآباد، ٻيو ڪراچي ۽ ٽيون شڪارپور. اسان کي
ميٽرڪ جي امتحان لاءِ موڪليائون حيدرآباد.
حيدرآباد ۾ هوم اسٽيڊي هال قلعي جي ڀرسان اسان جو
سينٽر هو. مون حيدرآباد پهريون دفعو تڏهن ڏٺي، ان
کان اڳ مون حيدرآباد ڪانه ڏٺي هئي. مون کي اها به
خبر ڪونه هئي ته حيدرآباد آءٌ امتحان ڏيڻ ٿو وڃان،
ته رات جو ٽڪندس ڪٿي. پوءِ بس حيدرآباد آيس. اتي
نظاماڻي هوٽل هو. نالو پڙهي انهيءَ هوٽل تي
پهتاسين. اتي فيض محمد نظاماڻي هو. ڏاڍو لائق
انسان هو. ان جو ڏٺو ته شاگرد آهن، آيا آهن گهڻو
پري کان، سو کٽون وجهي ڏنائين. اٺ آنا الائي
ٻارنهن آنا مسواڙ هوندي هئي، سا وٺندو هو. سو اتي
رهي اسان امتحان ڏنو.
ميٽرڪ ۾ اهو ٿيو جو آءٌ سنڌ ۾ مسلمان شاگردن ۾ ٻيو
نمبر آيس. پهريون نمبر ڪراچيءَ جو ڪو صاحب هو. ان
زماني ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ
شاگردن کي 20 رپيا اسڪالرشپ ملندي هئي. ميٽرڪ ڪرڻ
کان پوءِ منهنجي چاچي مون کي چيو: تنهنجي والد
صاحب جي وصيت موجب اسان توهان کي ميٽرڪ پڙهائي
سين، هاڻي تنهنجي مرضي آهي. جي وڌيڪ پڙهين يا
نوڪري ڪرين، جو وڌيڪ پڙهائيءَ جو خرچ اسان ڪونه ٿا
ڀري سگهون. اها بلڪل صحيح ڳالهه هئي، پر مون چيو:
جيئن ته مون کي 20 رپيا اسڪالرشپ ملي ٿي، تنهن ڪري
آءٌ وڌيڪ پڙهندس. جيڪڏهن اسڪالرشپ نه ملي ها ته
شايد آءٌ وڌيڪ پڙهڻ نه وڃان ها.
پوءِ آءٌ ڪراچيءَ ويس. اتي سائنس ڪاليج هو، ان ۾
پڙهيس. اهو ڪاليج ڏيارام ڄيٺمل جو هو. ان ۾ سڀ
مسلمان ۽ هندو گڏ پڙهندا هئا، پر مسلمان شاگردن جي
رهائش جي لاءِ هاسٽل هئي. هاسٽل جنهن کي هاڻي اسان
جناح ڪورٽس سڏيون ٿا. اهي پيسا سنڌ ۾ مسلمانن
خيرپور جي وزير مسٽر قادر داد خان ۽ ٻين گڏجي جمع
ڪيا هئا، جنهن مان اها هاسٽل ٺهي. حيدرآباد ۾ به
ڪاليج هو، پر هاسٽل ڪانه هئي. ان ڪري اسان وڃي
ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، ڇو ته
رهڻ جي جڳهه ڪراچيءَ ۾ هئي. ان زماني ۾ ڪاليج جي
پهرين سال ۾ سائنس ۽ آرٽس جا سڀ مضمون پڙهڻا پوندا
هئا. پهرين سال ۾ منهنجون اکيون خراب ٿي پيون، سو
پڙهي نه پيو سگهان. پوءِ ٻيا ڇوڪرا پڙهندا هئا ته
آءٌ ٻڌندو هئس. ان وقت مون کي شوق هو ته آءٌ
انجنيئرنگ پڙهان، پر منهنجون اکيون گهڻيون خراب ٿي
ويون ۽ مون کي پڙهائي ڇڏڻي پئي، پر پوءِ هڪ حڪيم
صاحب سُرمو ڏنو، ان مان مون کي شفا ٿي. ڊاڪٽري
علاج اثر ڪونه ڪيو. پوءِ ان سُرمي جي ڪري آءٌ پڙهي
سگهيس، پر اسڪالرشپ جي ختم ٿيڻ ڪري وڌيڪ پڙهائي
جاري رکڻ لاءِ پيسو ڪونه هو. ان ڪري آءٌ هليو ويس
جهوناڳڙهه، انٽر مون وڃي پڙهي جهوناڳڙهه ۾. اتي
مسلمان شاگردن لاءِ في معاف هوندي هئي، مفت هاسٽل
هوندي هئي. ڪاليج جو نالو هو بهاؤالدين ڪاليج
جهونا ڳڙهه. بهاؤالدين وزير هو جهونا ڳڙهه جو، ان
جي نالي سان اهو ڪاليج هو، اتي اسان کان اڳ ۾ سنڌ
جا ڪافي غريب شاگرد ويا هئا پڙهڻ. مسٽر بروهي به
مون ٻڌو، اتي ويو هو پڙهڻ ۽ ان کان اڳ ۾ مرحوم مير
الله بخش ٽالپر جيڪو الوحيد جو ايڊيٽر هو ۽ قاضي
عبدالرحمان، اهو به الوحيد جو ايڊيٽر ٿيو هو. اهي
به جهونا ڳڙهه ۾ پڙهيا هئا. سو آءٌ انٽر ڪرڻ لاءِ
ويس جهوناڳڙهه. وڏو هتان سفر هوندو هو، هتان ويندا
هئاسين جوڌپور مارواڙ، پوءِ جهونا ڳڙهه پهچندا
هئاسين. راتيون واٽ تي پونديون هيون، پوءِ پهچندا
هئاسين. ڇهه مهينا اتي ويٺا هوندا هئاسين، ٽرم
پورو ٿيندو هو ته پوءِ ڳوٺ ايندا هئاسين. اتي
جهونا ڳڙهه ۾ پڙهائيءَ جو سلسلو ايڏو تيز ڪونه هو.
انٽر کان پوءِ بي. اي به مون پڙهي جهونا ڳڙهه ۾.
مون حسابن ۽ عربيءَ ۾ انٽر ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ڪئي. اتي استاد هئا- مسٽر جوشي ۽ مسٽر رائو، انهن
مون کي چيو ته ميٿاميٽڪس ۾ تنهنجون سٺيون مارڪون
آهن، تون ميٿاميٽڪس کڻ. ٻيو انهن ۾ هو پروفيسر
طاهر علي، انهيءَ مون کي چيو ته عربي کڻ، پوءِ آءٌ
ميٿاميٽڪس کڻان هان، پر ان ۾ هڪ سبجيڪٽ هو
ارٿميٽڪس جاميٽري، اهو مون کي سمجهه ۾ ئي نه آيو،
ان ڪري مون عربي مضمون جي چونڊ ڪئي. |