سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:3

20 صديءَ جو باڪمال عالم

”...اسان جي سنڌي اسڪالرن سان اها ناانصافي آهي جو انهن کي پنهنجي اصل مڃتا نه ملي آهي، جن جا هو صحيح معنيٰ ۾ حقدار آهن. سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن ۾ جهڙيءَ ريت پير حسام الدين راشديءَ جو نالو نمايان ۽ معتبر آهي تيئن ادب، ٻولي، لوڪ ادب ۽ خاص طور تي لطيفيات ۾ وري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نالو وڌيڪ اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ.آءِ قاضي کان پوءِ سنڌ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ئي واحد استاد ۽ اسڪالر هئا، جن گهڻي کان گهڻا سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پرڏيهه ۾ به پنهنجا قابل ۽ سٺا شاگرد/استاد پيدا ڪيا...“

مخدوم جميل الزمان

ڊاڪٽر بلوچ ۽ مرزا قليچ بيگ

 

”... ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ وانگر انهن اسڪالرن مان آهي، جن هڪ صدي (ع) ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻي صديءَ ۾ پهتا. عام ڳڻپ ڪجي ته مرزا قليچ بيگ 80-1879ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ 1929ع تائين مصروف عمل رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اندازاً 1945ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ 2011ع تائين لکندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب 2 مارچ 2011ع واري خط ۾ مون کان بدين ۽ ڪڇ جي جيلاني پيرن بابت معلومات گهري. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ان تاريخ تائين هڪ ڪم ۾ هٿ هوس...“

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

بين الاقوامي دانشور

 

”...ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تعارف ڪيئن ڪرائجي ۽ ڪهڙن لفظن سان ڪرائجي. اهو تمام مشڪل آهي. اسان جو هيءُ بزرگ، علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسيءَ، لطيف شناسيءَ، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسيءَ تي وڏي دسترس رکندڙ، بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو اهو فرزند هو، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن، اهو ٿورو آهي...“

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو،
اُن جِي عبداللطيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، آڳَ اَچيو اُن جي.

                                                     (شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ)

                                                   سُر سريراڳ، 2-2

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

ڊاڪٽر بلوچ:

 

      ڪم جي ابتدا، رٿابندي، تحقيق ۽ ترتيب جو طريقو

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ وانگر انهن اسڪالرن مان آهي، جن هڪ صدي (ع) ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻي صديءَ ۾ پهتا. عام ڳڻپ ڪجي ته مرزا قليچ بيگ 80-1879ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ 1929ع تائين مصروف عمل رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اندازاً 1945ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ 2011ع تائين لکندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب 2 مارچ 2011ع واري خط ۾ مون کان بدين ۽ ڪڇ جي جيلاني پيرن بابت معلومات گهري. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ان تاريخ تائين هڪ ڪم ۾ هٿ هوس. اُهو ڪم هو ”پير غوث محمد جو ڪلام“ هن ڪتاب جي مقدمي جي تياريءَ ۾ مشغول هئا.

مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ڀيرومل، گربخشاڻي، دائودپوٽو، ڏيپلائي، محبوب علي چنه، مولائي شيدائي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر سنديلو ۽ ٻيا سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب بابت تحقيق ڪري رهيا هئا. انهن ۾ مولائي صاحب تاريخ تي ڪتاب ۽ مقالا لکي رهيو هو. ڏيپلائي ناولن ۽ افسانن جي صورت ۾ اسلام جي عظمت ۽ پير پرستيءَ خلاف لکي رهيو هو. قليچ جو ڪم وسيع نوعيت جو هو. تعداد جي لحاظ کان اُن جا ڪتاب گهڻا (457) آهن. ڀيرومل سنڌ جي تاريخ ۽ شاهه عبداللطيف بابت لکي رهيو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي فقط ”شاهه جو رسالو“ ايڊٽ ڪيو ۽ ”لواريءَ جا لال“ ڪتاب لکيو. ڀيرومل ۽ گربخشاڻيءَ جي اندازِ تحرير م تحقيق جو عنصر نسبتاً وڌيڪ نمايان آهي. هنن سڀني ليکڪن ۽ محققن جو ڪم معياري ۽ ڳڻپ ۾ اچي ٿو پر ڊاڪٽر بلوچ هڪ ادبي اُٿل آهي، جنهن سنڌ کي ته سيراب ڪيو، پر دنيا ۾ به نالو ڪڍيو. اِن لحاظ سان فقط پير حسام الدين راشدي هو جنهن دنيا ۾ نالو ڪڍيو. هنن ٻنهي اڪابرن جي علمي ۽ تحقيقي ڪم کي ڏسي ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻئي اڪابر نابغهء روزگار ۽ قومي هيرو آهن. سندن ڪم جي رٿابندي بيمثال آهي. اچو ته هڪ قومي هيري ڊاڪٽر بلوچ جي بيمثال خدمتن ۽ سندن رٿابنديءَ بابت ٻه اکر نذر عقيدت طور پيش ڪريون:

پهريان ٻه ڪتابڙا مختصر ضخامت جا آهن، پر ڊاڪٽر صاحب جي ابتدائي دور جي فڪر ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جن ۾ پهريون آهي ’گڏهه‘ جيڪو 1946ع ۾ ڇپيو. هن جا ٻيا به ٻه ڇاپا (1952ع ۽ 1956ع) ڇپيا. ڪتاب ڪل 28 صفحن جو آهي. ڊاڪٽر صاحب اُن تي پنهنجو نالو ايڊيٽر طور لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي صاحبِ اقتدار ۽ مسلمان اسيمبلي ميمبرن تي ٽوڪ طور لکيو ويو. هنن ۾ هندو ميمبرن وانگر تعليم جو شعور نه هو ۽ رڳو سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيٽن تي ڪنڌ لاڙي ننڊون ڪري رهيا هئا. سر ورق تي سوٽ بوٽ ۽ ٽوپلو پهريل صاحبِ تقرير مائيڪرو فون تي محوِ گفتگو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته هن جانور جا به ڳُڻ ڳڻڻ کان ٻاهر آهن پر مسلم ميمبر حضرات سنڌ جي عوام جي تعليم لاءِ ٻه اکر به ڳالهائي نٿا سگهن. اصل ۾ هيءَ تعليم لاءِ دردمند دل جي پڪار هئي.

ٻيو مختصر ڪتاب ’لاکو ڦلاڻي‘ آهي. هيءُ ڪتاب تڏهن ڇپيو جڏهن 1958ع ۾ مون سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ اسان جي سنڌي مجلس هيءُ ڪتاب ڇپايو. ڊاڪٽر صاحب شعبهء تعليم جا مستقل ڊائريڪٽر ۽ سنڌيءَ جا انچارج هيڊ هئا. سنڌ جي هن سُورهيه سردار بابت هيءُ ڪتاب ڪل 31 صفحن جو آهي.

اندزاً 50-1949ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪم جي ابتدا ٿي، جنهن کي ڪم جي رٿابندي چئون ٿا، البت انهن ڏينهن ۾ ڪي مضمون خليفي نبي بخش، حمل فقير ۽ مفيد شاعريءَ تي سنڌي ادبي (صلاحڪار) بورڊ جي رسالي مهراڻ ۽ عام راءِ ۾ ڇپيا. انهن موضوعن ۽ شاعرن تي اڳتي هلي مڪمل رٿابنديءَ سان ڪم ڪيائون. جن شاعرن جو ڪلام ايڊٽ ڪيائون انهن ۾ حمل فقير، خليفو نبي بخش لغاري، شاهه شريف ڀاڏائي، لطف الله قادري، نواب ولي محمد لغاري نشانبر آهن. انهن ڪتابن جا مقدما ڪلام جي ترتيب، تصحيح ۽ تدوين اعليٰ سطح تي ڪيائون.

جيڪڏهن سال وار تحقيقي ڪم جو جائزو وٺون ته هن سلسلي ۾ پهريون ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ آهي. هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب اُهو ٻڌائين ٿا ته ڪتاب ترتيب هيٺ آيو. سندن رٿابنديءَ کي ته داد ڏبو پر اُن شگفته بيانيءَ جي تعريف ڪبي جنهن سان رٿابنديءَ جي ڳالهه ڪئي اٿنِ. پنهنجي لفظن توڙي ڊاڪٽر صاحب جي زباني اُها ڳالهه هيئن ڪبي:
علي ڳڙهه مان ايم.اي، ايل.ايل.بي ڪرڻ کان پوءِ پي ايڇ.ڊي جي تياريءَ لاءِ عنوان ”سند تحت سيطرت العرب“ مقرر ٿيو ۽ رهبر پروفيسر عبدالعزيز الحسيني ٿيو. پاڻ موڪل تي سنڌ آيا ته ملڪ جي تقسيم سبب واپس نه وڃي سگهيا ۽ اسڪالر شپ تي 1946ع ۾ آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ ڊي. ايڊ (
عام معنيٰ ۾ پي ايڇ. ڊي) جي پڙهائي ۽ ٿيسز ۾ مشغول ٿيا، 1949ع ۾ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪري وطن وريا. کين بيروزگاريءَ جي نعمت نصيب ٿي. سنڌ گهمڻ ۽ سنڌ جي ادبي توڙي ثقافتي ورثي جي تلاش، پروڙ توڙي دستيابيءَ لاءِ ڪوشان رهيا. ”ٻيلاين جي ٻول“ واري رٿا کي آمريڪا ويندي گهڻي ڀاڱي سامونڊي جهاز ۾ مڪمل ڪيائون. باقي ڪم فرصت ملڻ وقت ڪندا رهيا. هيءُ ڪتاب مڪمل ٿي، 1951ع ۾ ڇپيو. هي لس ٻيلي جي عام شاعريءَ جو مختصر جائزو آهي. سگهڙن سان ڪچهرين مان بيت قلمبند ڪيائون. خاص طور سنڌ جي شاعر ڪبير شاهه ۽ لسٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم جي شعري معرڪي ۽ ٻنهي خاندانن جي شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي(1). ڪتاب ۾ 12 باب ۽ 295 صفحا آهن جڏهن ته ٻئي آيل ايڊيشن (زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1970ع) ۾ 21 باب ۽ 515 صفحا آهن. هن مان ڊاڪٽر صاحب جي ان طريقهء ڪار جي خبر پوي ٿي ته پاڻ وڌيڪ مليل مواد ڪتاب ۾ شامل ڪندا آيا آهن. جيئن هر ايڊيشن اڳ واري بنسبت مڪمل صورت وٺي. ڊاڪٽر صاحب ”ٻيلاين جا ٻول“ تي پنهنجو نالو سهيڙيندڙ، سموهيندڙ ۽ سُلجهائيندڙ طور لکيو آهي. هيءُ انداز انهن ٽنهي پهلوئن جي پوري ترجماني به ڪري ٿو جن ۾ ڪلام جي سهيڙ (ترتيب) سموهه (شموليت) ۽ سلجهائڻ (معنيٰ مطلب جي اُکيڙ) اچي وڃي ٿي. اڳتي محمد سومار شيخ جي ڪتاب جو مسودو سندن اڳيان آيو ته ان کي ”ڪڇين جا قول“ جو نالو ڏنائون ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

ٻي رٿا:

سنڌي زبان لاءِ هيءَ هڪ رٿا هئي، جنهن لاءِ پهرين سنڌي ادب لاءِ صلاحڪار بورڊ 1940ع ۾ تجويز ڏني ۽ عالمن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي پر ڪم ابتدائي مرحلي کان اڳ نه وڌيو. سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل ٿِي ته هيءُ اهم ڪم 1951ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب مڪمل رٿابندي ۽ تندهيءَ سان ڪم جي ابتدا ڪئي. سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر صاحب جي آفيس (ڊائريڪٽر ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن) جي ڀرسان هڪ ڪمرو ڊڪشنري آفيس طور مليو ۽ ڪي ڪارڪن به مقرر ٿيا. ڊاڪٽر صاحب پهريون جلد تيار ڪيو. سڀني جلدن جي تڪميل تائين مختلف مرحلا آيا، ڪي رنڊڪون به وقت به وقت وڌيون ويون، انهن جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ڪيو آهي. پهريون جلد 1960ع ۾ شايع ٿيو ۽ باقي جلدن لاءِ بورڊ ڪي ٻيا نالا به ڊاڪٽر صاحب جي نالي سان گڏ شامل ڪيا ۽ نهايت نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو. ٻيو ڪو هجي ها ته ميدان ڇڏي وڃي ها، پر هن پاسي به هڪ عاشق صادق ۽ سچو خادم بيٺل هو. بد دل ته ٿيو پر هٽيو نه(2). هن ڳالهه جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ڏکاري انداز ۾ پر مهذب ۽ شريفانه زبان ۾ جامع سنڌي لغات جي پنجين جلد جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي(3). ههڙي روش مان اِهو پڌري پٽ معلوم ٿئي ٿو ته اسين پنهنجي عظيم اسڪالرن جو ڪهڙو قدر ڪريون ٿا.

بهرحال لوڏن لمن کان پوءِ جامع سنڌي لغات، سنڌي ادبي بورڊ هيٺين سالن ۾ ڇاپي:

جلد پهريون          1960ع

جلد ٻيو              1981ع

جلد  ٽيون           1984ع

جلد چوٿون          1985ع

جلد پنجون          1988ع

صاحبِ لغات جي نظر پوءِ به لغات تي رهي ۽ سڌارا واڌارا شامل ڪندو ويو ۽ نيٺ لغات کي اڃا به بهتر ڪري چڪو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري جي حوالي ڪيائون ۽ اُها ٽن جلدن ۾ باالترتيب 2004ع، 2005ع ۽ 2007ع ۾ شايع ٿي. اُن کان سواءِ اٿارٽيءَ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار اداري) ڊاڪٽر صاحب جون ٻه ٻيون به لغات شايع ڪيون. هڪ ”هڪ جلدي سنڌي لغت“ (1998ع) ۽ ٻي ”روشني“ (شاهه جي رسالي جي لغات 2002ع). اِن کان سواءِ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي ساٿ سان پاڻ سنڌي- اردو لغت (1959ع) ۽ اردو- سنڌي لغت (1960ع) به تيار ڪيائون جيڪي مرڪزي سرڪار جي مالي مدد سان سنڌ يونيورسٽيءَ شايع ڪيون(4).

اِن لساني ۽ لغاتي جاکوڙ سان گڏ آخوند عبدالرحيم وفا عباسيءَ جي تاليف ”جواهر اللغات سنڌي اڪيچار“ کي به مهاڳ سان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان شايع ڪيائون. ههڙو ڪم هڪ مڪمل عزم ۽ مؤثر رٿابنديءَ کان سواءِ ٿي نٿو سگهي. ڊاڪٽر صاحب مڪمل رٿابنديءَ سان جامع ۽ ٻين لغتن جو اٺ ڪاٺيو ڪم مڪمل ڪيو.

ٽين رٿا:

هيءَ رٿا سنڌ جي تاريخ جي ماخذن جي تدوين ۽ حاشيه نويسي آهي. هن سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخ جي ٽن بنيادي ماخذن جي سنڌي ترجمي جا مسودا ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيا ويا. اهي هئا: تاريخ معصومي، چچ نامه ۽ تحفة الڪرام.

ٽنهي تاريخن جو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد صاحب ڪيو. هي بزرگ ڊاڪٽر صاحب جن جو اُستاد به هو. تاريخ معصومي جو ترجمو اُن فارسي متن جو هو جيڪو 1938ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي تعليقات ۽ فوٽ نوٽس سان ڇپيو هو. ڪن ڳالهين جي وڌيڪ سمجهاڻين جي ضرورت هئي، جن جي پورائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪئي. هيءَ تاريخ سنڌي ادبي بورڊ 1953ع ۾ شايع ڪئي. ساڳي طرح ٻيو ماخذ علي ڪوفي جو ڪتاب ”فتح نامه سنڌ عرف
چچ نامو“ هو. اصل ڪتاب عربيءَ ۾ هو جو علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾ آندو. فارسي متن تي ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تعليقات آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن تي واڌارا ڪيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ هيءُ ڪتاب 1954ع ۾ شايع ڪيو.

هن ئي سلسلي جو ٽيون ڪتاب تحفة الڪرام مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو آهي. هن کي به ڊاڪٽر صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڏنل ڪن فارسي تاريخن کي به ڊاڪٽر صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ بورڊ شايع ڪيو. اُهي آهن: تاريخ طاهري (1964ع)، بيگلارنامه (1980ع)، لب تاريخ سنڌ (1959ع). اُن کان سواءِ ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي پاران ڊاڪٽر صاحب جا ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڇپيا جيڪي هي آهن: باقيات از احوال ڪلهوره (1996ع) ۽ تاريخ بلوچي از جوکيو (1996ع) هي ٻئي ڪتاب خود ڊاڪٽر صاحب ذاتي جاکوڙ سان لڌا.

ڊاڪٽر صاحب جڏهن اسلام آباد ۾ تاريخ تي تحقيق جي اداري جو سربراهه هو تڏهن تاريخ بابت 25 ڪتابن جي رٿا مرتب ڪيائين. اُن مان ”فتح نامه سنڌ“ انگريزي ۾ تيار ڪيائين ۽ تفصيلي مقدمي توڙي 140 صفحن جي وضاحتن سان 1983ع ۾ شايع ڪيائين. ٻيو به تاريخ ۽ تهذيب بابت ڪم ڪيائين جنهن ۾ يونيسڪو طرفان لکايل ”وچ ايشيائي تهذيبن جي تاريخ“ بابت چوٿين جلد جو خاڪو تيار ڪيائين. 1995ع ۾ سندس ڪتاب “Lands of Pakistan” مشرقي فائونڊيشن اسلام آباد طرفان ڇپيو. سنڌ جي تاريخ تي سندن ڪتاب انگريزيءَ ۾ به آهن. اُن کان سواءِ انگريزيءَ ۾ به سندن ڪتاب ڇپيا آهن.

اسلام آباد جي قيام دوران سنڌ ۽ هند جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت بابت هڪ تفصيلي رٿا به جوڙي پر واپس موٽڻ ڪري اُهو ڪم مڪمل نه ٿيو.

چوٿين رٿا:

هيءَ لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي اُها رٿا آهي. جنهن هڪ طرف سنڌ جي منتشر لوڪ ادب کي محفوظ ڪيو ۽ ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب کي دنيا کان داد تحسين ڏياريو. يونيسڪو کين خاص ڪميٽيءَ ۾ ميمبر طور شامل ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ هن رٿا جي منظوري ڏني ۽ هن اسڪيم جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي مقرر ڪيو. تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن کي مواد موڪلڻ جو ماهيانو معاوضو ڏنو ويندو هو ۽ مرڪزي ڊڪشنري آفيس ۾ ئي لوڪ ادب جو ڪم شروع ٿيو. اڪثر ڪارڪن اُهي ئي هئا جن سان ڊاڪٽر صاحب جون هنڌ هنڌ ڪچهريون به ٿي چڪيون هيون. ڪي ٻيا به مددي ڪارڪن حاصل ڪيا ويا هئا.

طريقئه ڪار هيءُ هو ته جيڪو به مواد ايندو هو سو مرڪزي آفيس ۾ موجود هيڊ ڪارڪن شيخ محمد اسماعيل ۽ ٻيا ڪارڪن ڇنڊ ڇاڻ ڪندا هئا. ڊاڪٽر صاحب شام جو ڇهين بجي ايندا هئا، اُن مواد کي ڏسندا هئا، ڪارڪنن سان صلاح ڪندا هئا ۽ درستيون ڪندا هئا. مختلف روايتن مان هڪ جي چونڊ ڪندا هئا ۽ اُهائي روايت متعلقه جلد ۾ موڪليندڙ تعلقه ڪارڪن جي نالي سان شامل ٿيندي هئي، جيڪا فوٽ نوٽ ۾ ڏني ويندي هئي. مون به 1957ع ۾ سانوڻ فقير جا ڪي بيت محمد سومار شيخ جي ذريعي روانا ڪيا. 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيس ته ڊڪشنري/ لوڪ ادب آفيس ۾ ويندو هوس. هڪ اهڙي شام جو اُتي ويس ته ڊاڪٽر صاحب آيا. ڪارڪنن سان هٿ ملائڻ کان پوءِ هڪدم مواد ڏسڻ ۽ شيخ محمد اسماعيل کي صلاح ڏيڻ ۾ مشغول هئا ته گهران چانهه اچي وئي. ايلاچيءَ جي خوشبوءِ واري خوش ذائقه چانهه جو ڪوپ مون کي به مليو. چانهه جي هن ڪوپ مان مون کي ڊاڪٽر صاحب جن جي خوش ذوقيءَ جو به اندازو ٿيو. آءٌ موڪلائڻ لڳس ته شيخ محمد اسماعيل کي چيائون ته ميان عبدالجبار کان به مدد وٺندا رهو. اُن همت افزائيءَ واري جملي مون ۾ جذبو پيدا ڪيو ۽ جڏهن به ڪا شيءِ ملندي هئي اُها ڪارڪنن کي ڏئي ايندو هوس. شيخ محمد اسماعيل ۽ ممتاز مرزا سان ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هليو ويندو هوس، متان ڪارڪنن جو وقت ضايع ٿئي! ڊاڪٽر صاحب جن جو مٿيون جملو منهنجي ڪنن ۾ پيو ٻُرندو هو. انهن ئي ڏينهن بلڪه 1953ع ۾ جڏهن ”تاريخ معصومي“ ۽ ”ٻيلاين جا ٻول“ جو مطالعو ڪيو هوم ته ڊاڪٽر صاحب جن کي پنهنجو اُستاد، رهبر، مثالي محقق ۽ هيرو سمجهڻ لڳو هوس. سندن باقي زندگيءَ جي کاهوڙ ۽ جاکوڙ ثابت ڪيو ته منهنجي سندن باري ۾ عقيدت ۽ راءِ صحيح هئي(5).

سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب جي هيءَ رٿا ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪئي ۽ 1957ع کان مواد گڏ ٿيڻ شروع ٿيو. پوري رٿا بندي ۽ صنف وار مواد جي تقسيم ڪئي وئي. 42 جلدن جو هيءُ مواد تيار ٿيو. نثر ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، سنڌ جا عشقيه داستان، ٻاهريان عشقيه داستان هڪ طرف هئا ته نظمي مواد ٻئي طرف هو. ڪن صنفن تي هڪ کان وڌيڪ جلد به تيار ٿيا ۽ ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب جن هر صنف بابت مفصل مقدما لکيا ۽ موضوع جو ڪوبه پهلو تِشنه نه ڇڏيو. لوڪ ادب جي هنن جلدن جي موضوع وار تقسيم، مواد جي چونڊ، ترتيب ۽ رٿابندي ڌيان ڇڪائي ٿي. لوڪ ادب جي دنيا ۾ هيءَ رٿا منفرد ۽ نشانبر آهي(6).

پنجين رٿا:

ڊاڪٽر صاحب جن جي علمي شعور ۽ رٿابنديءَ جو هيءُ چمڪندڙ مثال آهي جو پاڻ سنڌي زبان جي تاريخ ۽ ماهيت لاءِ جوڙيائون. هن سلسلي ۾ پهرين هڪ مقالو ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت پڙهيائون. هيءَ ڪانفرنس 12-13 آڪٽوبر 1950ع تي منعقد ٿي. هيءُ مقالو پهريائين ”تحفة لاڙڪاڻه“ ۾، ۽ پوءِ سماهي ”مهراڻ“

(1/1959ع) ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي هن مقالي ۾ جا ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي ڳالهه هئي، سا چڻنگ مان ڀنڀٽ جي مثل هئي. هيءَ بنيادي رٿا پهرين ڪتاب جي صورت ۾ 1962ع ۾ ظاهر ٿي ۽ فقط ٻوليءَ بابت هئي. ڊاڪٽر صاحب اُن کي ٻئي ايڊيشن ۾ وڌايو ۽ هاڻي اُها فقط ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ نه هئي، بلڪه ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ (1980ع) هئي. اُن کان پوءِ به مطالعو جاري هو ۽ ٽيون وڌايل ايڊيشن ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان 1990ع ۾ شايع ٿيو. چوٿون ڇاپو 1999ع ۾ نڪتو جيڪو به ساڳيو رهيو. ڪتاب جي اضافن جو وچور هيءُ بيٺو: پهريون ايڊيشن چار باب ۽ 138 صفحا، ٻيو ايڊيشن چار باب ۽ 313 صفحا ٽيون ۽ چوٿون ايڊيشن اٺ باب ۽ 521 صفحا.

ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ تي هيءَ محققانه تصنيف نه رڳو ابتدائي بابن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڊاڪٽر صاحب جو موقف ظاهر ڪري ٿي بلڪه وچ وارن بابن ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل گذريل چار سؤ سالن ۾ اسلاميات ۽ ادبيات جي قلمي ڪتابن جي به نشاندهي ڪري ٿي. آخري بابن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ کي ساميءَ تائين آڻي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ بڻ بنياد بابت راءِ ڀيرومل کان مختلف رهي ۽ پاڻ سنڌيءَ کي سامي سٿ جي زبان سڏيائون. هن موضوع تي ٻين اسڪالرن به پنهنجا رايا ڏنا. اڃا به ايئن سمجهڻ کپي ته سنڌيءَ جي بڻ بنياد وارو معاملو اڻ نبريل آهن. مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي زبان جي ماهيت“ (2007ع) ۾ سنسڪرت سان لاڳاپي واري ڳالهه بابت سوچڻ جي گذارش ڪئي آهي. عجيب اتفاق آهي ته ڊاڪٽر صاحب جو KTN جو هڪ انٽرويو (6 مارچ 2011ع تي ٽيليڪاسٽ ٿيو. مهينو ٻه اڳ ورتل هو) آيو، جنهن ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ سنسڪرت سکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيائون. بهرحال هڪ عالم جي سکڻ ۽ پروڙڻ جو سلسلو جاري رهي ٿو.

ڇهين رٿا:

شاهه جي رسالي جي نئين ايڊيشن تيار ڪرڻ جو ڪم ته ڊاڪٽر صاحب جن کي پوءِ مليو، پر شاهه جي رسالي جي پرک ۽ پروڙ جو سلسلو گهڻو اڳ شروع ڪيائون. اُن سلسلي ۾ ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“

(1972ع) ۽ ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“ (1974ع) نالي ڪتاب شايع ڪيائون. تنهن سان گڏ شاهه جي رسالي جو برٽش ميوزيم وارو نسخو 1969ع ۾، ٽن قلمي نسخن جي ڀيٽڻ سان شاهه جو رسالو 1974ع ۽ ڏهن قلمي نسخن جي ڀيٽڻ سان رسالي جو هڪ ڇاپو 1977ع ۾ شايع ڪيائيون. مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب شايع ڪيا ويا. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب رسالي جي رٿا ۾ هٿ وڌو ۽ رسالي کي ڏهن جلدن ۾ ترتيب ڏيڻ جي رٿا تيار ڪيائون ۽ ڪم شروع ڪيائون. پهرئين جلد ۾ 300 صفحن جو تفصيلي مقدمو لکيائون. ڏهون جلد اُن ڪلام لاءِ مخصوص رکيائون جنهن کي اڳ ڌاريو ڪلام چيو پئي ويو. ڊاڪٽر صاحب ڌاريو ڪلام بدران رسالي جو ڪلام جو نئون ۽ مناسب اصطلاح ڪم آندو. ايئن جنوري 1980ع کان ڪم شروع ڪيائون. هيءُ وڏو محنت طلب ۽ صبر آزما ڪم هو. اهڙو هڪ مثال ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو ٽن جلدن ۾ ڪيل هو جنهن ۾ 18 سُر اچي سگهيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي جوڙيل هن رٿا جي جلدن جي ترتيب ۽ اشاعت هن ريت ٿي:

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد پهريون 1989ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد ٻيو 1992ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد ٽيون 1994ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد چوٿون 1997ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد پنجون 1997ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد ڇهون 1995ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد ستون 1998ع

* شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد اٺون ۽ نائون 1999ع

* شاهه جو رسالو، رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون 1996ع.

(پهرين ستن جلدن ۾ آيل سمورو ڪلام سربستو جلد 8 ۽ 9 ۾ وري آيو).

هيءَ سڄي جاکوڙ 1950ع کان مقالن لکڻ سان شروع ٿي هئي جا انهيءَ حساب سان پنجاهه سال هلي سا پنجاهه قلمي نسخن ۾ ڇاپي رسالن جي ڀيٽا ڀيٽيءَ سان مڪمل ٿي. خود رسالي جي هن ڏهه جلدي رٿا جي تڪميل ۾ ويهه سال لڳا. لوڪ ادب رٿا وانگر هيءَ رٿا به سنڌي زبان ۾ هڪ منفرد رٿا آهي. هيءُ سڄو ڪم رٿا بنديءَ سان ٿيو. اسلام آباد جي ادارن جي سربراهيءَ دوران به ڪم رٿابنديءَ سان ڪيائون. اُهو به بيمثال آهي. سندن انگريزي ڪتاب به مڪمل رٿابنديءَ سان لکيل آهن. اُنهن ۾ هي ٻه ڪتاب نمايان آهن:

1. Sindh: Studies Cultural

2. Sindh: Studies Historical  

سندن ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو ۽ ٻيو مواد به انگريزيءَ ۾ محمد عمر چنڊ ايڊٽ ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان آهي- ‘World of Work’ اهڙي طرح ادب ۽ موسيقيءَ توڙي ٻين موضوعن تي به ڊاڪٽر صاحب جن جا مقالا ۽ ڪتاب شايع ٿيا جيڪي سندن همه گير عالمانه معيار جا شاهد آهن.

خاتمه ڪلام- هڪ مثالي رٿا:

هيءَ رٿا سندن هجره ڪائونسل ۾ هجڻ واري دور جي حوالي سان آهي. پاڪستان جي ادارن ۾ اهڙو ٻيو مثال ڪونهي. مون جيڪو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب بابت لکيو پئي، تنهن جي تياريءَ دوران هڪ شام حاضر ٿيس ته اسلام آباد واري دؤر ۾ ڪيل ڪم جو ٻڌايائون. آءٌ نوٽس وٺندو ويس. موڪلائڻ وقت ٻه ڪتاب عنايت ڪيائون. اُهي هي هئا:

1. Great books of Islam Civilization

2. 100 books of Islamic thought, Culture and Civilization.

مون گهر اچي اُهي پڙهيا ۽ پنهنجي ڪتاب جو باب تيار ڪيم. اُن ۾ هجره ڪائونسل جي هيءَ رٿا هن ريت درج ڪيم(7).

”هن اداري ۾ 1983ع ۾ بحيثيت صلاحڪار جي اچڻ سان ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪم جي دائري کي وڌايو. هجره ڪائونسل طرفان ڪانفرنسون، سيمينار ۽ اشاعت جو ڪيترو ئي ڪم ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ وڏي رٿا تيار ڪئي، جنهن جو مقصد هو ته محض اسلام جي نعري بدران اسلامي دؤر ۾ جيڪا تعليمي ۽ علمي تحقيق ۽ سائنسي کوجنا ٿي، اُن کي دنيا جي سامهون آندو وڃي ته جيئن مسلمانن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ دنيا ۾ عزت به ٿئي. اُن سلسلي ۾ مسلمان محققن جي لکيل هڪ سؤ چونڊ ڪتابن کي شايع ڪرڻ جي رٿا: ‘The Great Books project’ جي نالي سان تيار ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب هن رٿا جو باني ۽ نگران هو. اُها ڊاڪٽر صاحب جي همت هئي جو سوچيائون ته هڪ سؤ ڪتابن جي هن منصوبي کي ڪامياب به ڪندا. اسلامي دنيا جي وڏن پروفيسرن ۽ محققن توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي ڪن پروفيسرن سان بين الاقوامي سطح تي مشورا ڪري هڪ سؤ چونڊ ڪتابن، ڪٿي وڌيڪ ۽ متبادل ڪتابن جون فهرستون تيار ٿينديون رهيون ۽ ڪم هلندو رهيو. آخرين اٺين فهرست سميت رٿا جو رهنما مسودو (Document VIII/A) 1989ع ۾ شايع ٿيو.

هن چونڊ موجب اصل ڪتابن جا نسخا جيڪي عربي يا فارسيءَ ۾ هئا، تن جا انگريزيءَ ۾ ترجما ڪرائي اُنهن تي تحقيقي مقدما لکڻا هئا. ڊاڪٽر صاحب انهن ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ تعارف تيار ڪيو ۽ هڪ سؤ مان ڇاهتر ڪتابن جو تعارف 1989ع ۾ هجره ڪائونسل شايع ڪيو. هن جلد جو عنوان آهي: “Great books of Islamic Civilization”

هن رٿا ۾ شامل ڪتابن جو تعلق سيرت، تاريخ، تهذيب، حديث، فقهه، سياسيات، معاشيات، سماج، سوانح عمري، ثقافت، طبعي علوم، علم هيئت، نباتات، رياضي، حيوانات، طب، زراعت ۽ ادب وغيره سان آهي. دنياءِ اسلام جي وڏن محققن، سائنسدانن، طبيبن ۽ رياضي دانن جي ڪاوشن تي مشتمل هن رٿا مان ڊاڪٽر صاحب جي محنت جي پروڙ پوي ٿي. هن رٿا ۾ خوارزمي، فارابي، البيروني، ابن سينا، ابن نديم، الڪندي، ابن نفيس، ابن رشد، المقدسي، الاصطخري، عمر خيام، الرازي ۽ شاهه ولي الله جا ڪتاب شامل ڪيا ويا.

1983ع ۾ ڊاڪٽر صاحب هن رٿا جي شروعات ڪئي. رٿا کي منظور ڪرائڻ ۾ ٻه سال لڳا. ڊاڪٽر صاحب ڏينهن رات محنت ڪري جدا جدا ملڪن جي محققن ۽ مصنفن جو تعاون حاصل ڪيو. 1989ع تائين چار ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائون. ڇهن ٻين جي ڇپائي مڪمل ڪيائون ته حڪومت جي تبديليءَ سان 1989ع ۾ ئي کين هجره ڪائونسل جي صلاحڪار جي منصب تان سبڪدوش ڪيو ويو ۽ رٿا وچ ۾ رهجي ويئي. جيڪي ڪتاب شايع ڪيائون، انهن جو وچور هي آهي:

1. الخوارزميءَ جو نائين صدي عيسوي ۾ لکيل ڪتاب آلجبرا (Algebra)، جنهن جي تصنيف سان آلجبرا جو علم آب و تاب سان وجود ۾ آيو. هيءُ ڪتاب 1989ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب تي ڊاڪٽر صاحب جو پيش نامو (Preface) 29 مئي 1989ع جو لکيل آهي. خوارزميءَ جو اصل عربي متن، ان جو انگريزي ترجمو ۽ وضاحتون شامل آهن. ڪتابن جو مقدمو ڊاڪٽر صاحب جي دوست ۽ اتاترڪ ڪلچر سينٽر انقره جي صدر ڊاڪٽر آبدين سايل جو لکيل آهي. ترڪ عالم ملڪ دوسي وضاحتون لکيون.

2. بنو موسيٰ جو نائين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ”ڪتاب الحِيل“ (خود ڪار مڪينيڪي حرفتون) جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هڪ عرب پروفيسر ۽ انگريز انجنيئر ڊاڪٽر ڊونالڊ هِل گڏجي ڪيو هو. هن ڪتاب تي ڊاڪٽر صاحب جو پيش نامو 1988ع جو لکيل آهي.

3. ٽيڪنالاجيءَ جي ماهر الجزري جو ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ڪتاب هئڊرالڪ انجنيئرنگ بابت هو، جنهن جو عربيءَ مان انگريزي ترجمو ڊاڪٽر ڊونالڊ هِل ڪيو ۽ شهرت ماڻي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر هِل سان لنڊن ۾ ذاتي رابطو رکي تيار ڪرايو. هن ۾ هڪ باب هُرلي بابت به آهي. ڪتاب 1989ع ۾ شايع ٿيو.

4. البيرونيءَ جو يارهين صدي عيسويءَ ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن بابت لکيل ”ڪتاب الجماهر في معرفته الجواهر“ 1988ع ۾ شايع ٿيو. انگريزي ترجمي جو مسودو حڪيم محمد سعيد تيار ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ان کي سنواريو، ايڊٽ ڪيو ۽ اعليٰ معيار جو مقدمو لکيو جنهن کي بين الاقوامي شهرت ملي. ڪي ٻيا ڪتاب ڇپائي به ڇڏيا ۽ مهاڳ به لکيائون پر ادارو ڇڏي آيو ته مهاڳن تي ٻئي عملدار کان صحيحون وٺي ڪتاب شايع ڪيا ويا. اُهي هي آهن:

5.       ابن ماجه جو نفسياتي فلسفي تي لکيل ”ڪتاب النفس“.

*       شمس الدين العتاقي جو Anatomy تي لکيل ڪتاب

    ”تشريح الابدان“ 1990ع ۾ شايع ٿيو.

*       ابو عبيد جو ”ڪتاب الاموال“(Book of Finance) 1991ع ۾ شايع ٿيو.

*       ابن جُماعته جو تعليمي طريقه ڪار تي لکيل ڪتاب 1991ع ۾ شايع ٿيو.

*       احمد قزويني جو ”ڪتاب السرد“، جنهن مان حديث جي اوائلي تدوين جي خبر پوي ٿي سو 1989ع ۾ شايع ٿيو.

*       الاجدابي جو موسمن جي مٽ سٽ ۽ آب و هوا بابت لکيل ”ڪتاب الازمنه و الانواء“ 1989ع ۾ شايع ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حوصلي سان ۽ دنيا جي شهرت يافته اسڪالرن جي تعاون ۽ شموليت سان اٽڪل ٻين به ڏهن ڪتابن تي ڪم شروع ڪيو هو پر عهدو ڇڏڻ کان پوءِ ڪم اڌ ۾ رهجي ويو.

سئو ڪتابن مان 76 جا تفصيلي خاڪا (Abstracts) هن ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڊاڪٽر صاحب جن جو عزم ۽ جوان همتيءَ، ڪم جي رٿابنديءَ واري صلاحيت ۾ ڪڏهن به ڪمي نه آئي. زورِ قلم وڌندو ئي ويو، 76 اسلامي ورثي جا ڪتاب، 4 ڪتاب هڪ سال جي حساب سان ڳڻجن ته اسلام آباد مان آئي ڊاڪٽر صاحب کي 22 سال ٿيا. 22x4=88 (ڪتاب). 76 بجاءِ پاڻ 88 ڪتاب شايع ڪري چڪا هجن ها. 76 ڪتابن جا اختصار (Abstracts) اختصار نه رهن ها! ڪتابي جامو پهري چڪا هجن ها. ڪوهه پيما لاءِ هماليه ڪهڙي چيز هو! ٻيلو ٻه وکون هو!!

حوالا

1. بلوچ، نبي بخش خان، ”ٻيلاين جا ٻول“، منڍ صفحا، الف ب ج د.

2. تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب- ’ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو‘ 1998ع ص ص 48، 49 ۽ 50.

3. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) جامع سنڌي لغات، سنڌي ادبي بورڊ (ج-5) 1988ع مهاڳ.

4. ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو، ص 53.

5. ايضاً- عرض حال صفحا، 1-2-3 ۽ 4.

6 ڏسو لوڪ ادب رٿا جو ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“

    (مهاڳ)

7. ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو، ص ص 33، 44.

مددي ڪتاب

1.   ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1998ع

2. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2006ع.

3. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، زنبيل، سنڌي ادبي بورڊ، 2010ع.

4. تاج جويو (مرتب) مثالي عالم (جلد پهريون) ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد 2001ع.

5. محمد عثمان منگي (مرتب) مثالي عالم (جلد ٻيو) ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد 2002ع.

6. نئين زندگي، ڊاڪٽر بلوچ نمبر.

آءُ سڄڻ آءُ.

وريو دل سندو داءُ.

لڳو هير گنبذ واءُ.

ڇڏ تک تڪڙ تاءُ.

جنهن ۾ لاءُ نڪو ساءُ.

نڪي سير، نڪي پاءُ.

مٺو سڪ سندو ساءُ.

مٺي آ امڙ ماءُ.

ڀلو آهه ڀيڙو ڀاءُ.

لهي سور ۾ سماءُ.

ي

اول ’الف‘، پوءِ ’بي‘

پڙهن ٻار الف- بي.

سهڻو سڏ ’ادا اي‘

ٻاڙو ٻول ’ڙي‘ ’اڙي‘

ٻولي ٻڪري جي ’ٻي‘

رڙي رڍ، ڪري ’مي‘

ڳائن ’يار‘، ’ميان‘، ’وي‘.

چوين رِيءَ توڙ رٖي

سوا، بِگر، بنا، بي.

اتئون، تان توڙي تي؛

چٽو حرف جر ’کي‘.

’جهانء‘ مِنهِن سندي ’جهي‘.

سنڌي ’وٺ‘، هندي ’لي‘

کڻي وڃ، نيئي، نـٖـي.

ڪي وٺ، ڪي ڏي

سچا يار آهن ڪي

ڌُريون ڌُڻُ وڃي سي

سڻي سڏ ڏين جي.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ٽماهي ”مهراڻ“ 1-2/1969ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com