سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :7

 

 

 

”ڀون“ سنڌي

لهندڙ لهر ـــ ويندڙ وقت

 

سنڌو جڏهين ڪنڌيءَ تي ٿي ڇوهه مان ڇوليون ماري،
منهنجي دل ٿي ساري تو کي منهنجي دل ٿي ساري.

 

وير سان گڏ ان وقت جي وير اچي ٿي ذهن تي اُڀري،
هاءِ! تون ۽ مان ڀي ملندا هئاسين سنڌو ڪناري.

 

ياد اٿم اهي روح رهاڻيون ۽ قرب ڪهاڻيون پيارا،
نينهن نڀائڻ جا ئي ٿيندا وچن هئا واري واري.

 

چاندي جھڙين چٽين راتين ۾ دنيا کان بي پرواهه،
ڪيئن نه ڇڏيندا هاسين پنهنجون پيار جون گھڙيون گھاري.

 

وقت وري جو ويري ٿيو ۽ اهڙو واءُ وريو جو،
تنهنجي منهنجي وچ ۾ ويو، فرقت جي ڀت بيهاري.

 

من ويڳاڻو رهندوآهي، اوسيئڙي ۾ اڄ ڀي،
پر تون ساجن ڪو نه اچين ٿو، هاڻي سنڌو ڪناري.

 

بن بن ڀٽڪي، پن پن ۾ مون جھاتي پائي ڀڻڪيو،
پر تن گونگن ڪانه ڏني ڪا مون کي ورندي واري.

 

لهندڙ لهر ڪنان ٿي تنهنجا،پار پتا مون پڇيا،
ڏس نه ملي ٿو، وقت وڃي ٿو، لوڻ ڦٽن تي هاري.

 

ڇا منهنجي پيڙا جي توکي، ڪا سڌ ناهي سائين؟
لهندڙ لهر، ويندڙ وقت جيان تون ويٺين يار وساري.

 

ها پر پيارا، جت ڀي هونديون، روئي پوندو هوندين،
مندون اينديون وينديون هونديون توکي ياد ڏياري!

 

 

نصير مرزا

سپنو

هيءُ جو ڏسان پيو سندر سپنو

 

سانجھيءَ ٽاڻي

 

ساڀيا ڪڏهين ماڻيندو

 

انگ اگھاڙا بُکيا ٻار
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڀٽڪن ڇو پيا
هٿ هٿ ۾ ڪشڪول سڀن کي
بک جي جنڊ ۾ پيسجن ڇو پيا
ماءُ جي پاٺين ڇاتين ۾
ٿڃُ به ڪڏهين موٽي ايندي!

 

هيءُ جو ڏسان پيو سندر سپنو

 

سانجھيءَ ٽاڻي

 

ساڀيا ڪڏهين ماڻيندو

 

ڀوري باک ڦٽيءَ جي ڪارڻ
جاڳي جھاڳيو رات جو رڻ
سانت ستارا گم سم چنڊ
اٿي ڪوئي ٻاريو ٻارڻ
هن ڌرتيءَ تي ڪڏهين سائين
سورج سُک جو چڙهندو!

 

 

سارنگ

واءَ لڳن، پن ڇڻن
پرين پنهنجا ياد پون
ڇوههَ منجھان ڇوليون ڇُلن
ڪنارن جا چپ چمن
ننگيون ننگيون ٽاريون پسي
اندر مان اڌما ٿا اٿن
هوائن جي ڌنن تي ٿيون
وڻ وڻ جون ٽاريون نچن
دل به ترڻ چاهي جڏهن
جَرَ تي پيلا پن ترن
تن بدن ۾ آڳ لڳي
واءَ جڏهن جسم ڇُهن
ڪنن ۾ سوساٽ هوا جا
ڪائي ڳجھڙي ڳالهه چون
پيلا پيلا پن هوا ۾
ڪنهن شاعر جان ٿا رلن
واءُ لڳن، پن ڇڻن
پرين پنهنجا ياد پون.

 

”سليم“ ڳاڙهوي

غزل

 

منهنجا حضور، منهنجي محبت کي داد ڏي،
انسان جي عظيم عقيدت کي داد ڏي.

 

ذري جو آفتاب کي چاهڻ عجيب ڳالهه،
هن ذوق، انتخاب ۽ جرئت کي داد ڏي.

 

تنهنجو رکي ٿي تير امانت ۾ دل سدا،
هن قرب، هن وفا ۽ ديانت کي داد ڏي.

 

تنهنجي ڪرم ۽ قرب جي قابل نه ٿيو مگر،
پنهنجي گناهگار جي چاهت کي داد ڏي.

 

جنهن بار کان ملڪ به ڊنا سو بشر  کنيو،
هن ناتوان جي عزم ۽ همت کي داد ڏي.

 

بک ڏک رهن سرير ۾ ۽ مرڪ مُنهن مٿان،
ڪنهن بينوا غريب جي حالت کي داد ڏي.

 

ساري جھان ۾ اهم ٻه چيزون چوڻ کپن،
منهنجي نظر ۽ پنهنجي نزاڪت کي داد ڏي.

 

ڪنهن چور ۽ جفا  جي شڪايت ڪئي نه جنهن،
ان جي ”سليم“ سڪ ۽ صداقت کي داد ڏي.

 

عبدالواحد ”عابد“

غزل

 

آءُ اڱڻ تون منهنجي آءُ،
سهڻا ساجن لهج سماءُ،

 

نينهن اوهان جي ننڊ ڦٽائي،
گھُور ڪيو آگھرو گھاءُ.

 

چٽ ڏئي وئين چريو بنائي،
پوءِ ڪرين ٿو ڇو نه نڀاءُ.

 

پن ڇڻي ويا، وڻ اگھاڙا،
اهڙو آهي گھليو واءُ.

 

مطلب جي آ دنيا ساري،
غرض بنا هت دوست نه ڀاءُ.

 

مزو محبت ويو ملڪ مان،
سهڻا سِڪ ڇڏي وئي ساءُ.

 

سالڪ سمجھن منهنجو شعر،
سچ آهي يا آهي رياءُ.

 

روسامي مان ڪجھه به نه ورندو،
ڪر ”عابد“ سان تون سرچاءُ.

 

رفيق

غزل

سوريءَ سر سٽينداسين،
بازي پوءِ به کٽينداسين.

 

لوڪ کڻي مصلوب ڪري،
توکان منهن نه مٽينداسين.

 

اچي بهار ڀلي ته گلن تي،
دل کي اسين به ڦٽينداسين.

 

جيڪو ويري آ سنڌڙيءَ جو،
ان جي پاڙ پٽينداسين.

 

ڪيسين بار ڪلهن تي رهندو،
نيٺ ته لاش لٽينداسين.

 


 

امين ٿيٻو

غزل

 

گھايل من جو گھايل گيت،
ڇا لئه ڇيڙين ٿو سنگيت.

 

سوئي نڪتو ماري من جو،
جنهن کي سمجھيم پنهنجو ميت.

 

هيرا موتي هر ڪو چاهي،
ماڻهوءَ سان ڇو ناهي پريت!

 

بُک ۾ ڏس هي ابهم ٻار،
ٿُڪ ٿو ڳيهي ڏيئي ڳيت.

 

پوري ٿيندي نيٺ ’امين،‘
جوٺي جڳ جي کوٽي ريت.

 

 

نظام الدين ”زائر“

غزل

قرب حاصل ٿيو آ منزل جو،
حال آهي عجيب اڄ دل جو.

 

ڏيئي ان جي هٿن ۾ خنجر کي،
حوصلو مان ڏسان ٿو قاتل جو.

 

دل جي عيوض گھران ٿو مان توکي،
مختصر آ سوال سائِل جو.

 

اڄ سسي لاهي ڇڏ، جي حسرت ٿي،
امتحان ڇو وٺين ٿو بسمل جو.

 

منهنجي دل ٿي ڪري سدا مون سان،
ذڪر خلوت ۾ تنهنجي محفل جو.

 

هاڻي طوفان جي دل ۾ حسرت آ،
ڪنهن کي ارمان آ ساحل جو.

 

عشق جي زندگيءَ ۾ اي ”زائر“،
ڪنهن کي احساس آهي مشڪل جو.

 

 

اياز گل

غزل

 

درد جنهين ۾ ناهي دوست،
سا دل پٿر آهي دوست!

 

منهنجيءَ دل ۾ پيار آ تنهنجو،
تنهنجيءَ دل ۾ ڇا هي دوست؟

 

جيون سهڻو  ٿي پوندو آ،
ڪو جي، ڪنهن کي چاهي دوست.

 

ڪوڙين قُرب اوهان جا آهن،
ڪهڙا لاهيون، لاهي دوست!

 

ڀاڳ ته پنهنجي وس ۾ آهن،
ڇڏبا ڪنهن ڏينهن ٺاهي دوست!

 

سچ ته پٿر تي ليڪو آ،
ڪير انهيءَ کي ڊاهي دوست!

 

ميريءَ ڦاٽل جھوليءَ ۾،
هڪڙو ڀي گل ناهي دوست!

 

 

”تاج“ جويو

 

غزل

 

(1)

ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ،
گيت، سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ،

 

سوچ جا گل ٽڙيا، سونهن جو سج ڦُٽو،
روشني، روشني، رات ٿيڻي نه آ،

 

اڄ قلم جي رکڻ لڄ وڏي ڳالهه آ،
سنڍُ ذهنن ۾ پرڀات ٿيڻي نه آ.

 

باک جي ساک کڻ، پرهه ڏي پيرُ  وجھهُ،
سچ جي سونهن خيرات ٿيڻي نه آ.

 

نينهن نورا ٻڌايا، نچيا سوين،
ڪيئن چوان، برهه ــ برسات ٿيڻي نه آ.

 

همسفر! تون سڪن تي ڇڪن ٿي پئين،
ڏات ­­­_ ويڪوءَ سان بات ٿيڻي نه آ.

 

تو چپن کي سبيو، سوچ کي تو گھُٽيو،
سوچ ساڄي سندم، گهات ٿيڻي نه آ.

 

(2)

 

جتي سونهن، سرهاڻ جي آ خدائي،
اتي ”تاج“! ڇڪجي اسان اک اڙائي.

 

پتڻ پيار واري تي پهتس پُڇائي،
سدا جت ورهائي وڃي ٿي سچائي.

 

جنين سوُنهن سان ساهه پنهنجا سلهاڙيا،
امرتا انهن جي ئي ڀاڱي ۾ آئي.

 

ونين کي وسيلو بنائي وڌڻ جو،
ڪنڌيءَ نينهن جي ناوَ شاعر لڳائي.

 

اڄاتي حقيقت، اڳاتي صداقت،
اکين جي اشاري اسان کي ٻڌائي.

 

جتي جڳ وارا جبينون جُھڪائن،
اُتي ”تاج“ ڪئن سر جھُڪائي، ڀٽائي!؟
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com