شرجيل
سمنڊ جي ڦيڻ
1977ع جي هنگامي وئڪيشن ۾ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ آهي –
حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هنگاما شروع آهن، هو پنهنجي
وڏي ڀاءُ جي سيڌي جي دڪان جي مٿان ٺهيل ڪچي اوطاق
جهڙي ننڍڙي ڪمري ۾ رهيل آهي، سندس ڀائرن ننڍڙي ڪچي
جاءِ مسواڙ تي ورتي آهي (سندس اباڻو گهر 1976ع جي
خوفناڪ ٻوڏ ۾ لڙهي چڪو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن جا
ٻار گڏ رهيل هئا). سندس ٻئي ڀائر جيتوڻيڪ گهڻو
پڙهيل ڪونه هئا، تڏهن به هو ٻئي هن جو خيال ڪندا
هئا، ان ڪري نه جو هو انهن کان ننڍو هو ۽ نه ئي
وري ان ڪري جو سندن گذاري ويل پيءُ ماءُ هن کي
وڌيڪ ڀائيندا هئا. هو هن جو خيال ڪندا هئا هر
لحاظ کان هر ڳالهه کان جو هو بي ڊپو، حساس، گهٽ
ڳالهائڻو، سلڇڻو ۽ ذهين هوندو هو. ٻنهي ڀائرن گڏجي
ته کيس بي اي ڪرائي هئي، ۽ پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ
هن ماستري کي اهميت ڏني هئي. هو ٽن مهينن کان
لاڳيتو اتي رهيل هو، صبح ۽ شام جو شهر جي ٻاهرين
پاسن ڏانهن نڪري ويندو هو. هو هڪڙي قسم جي مختلف
ماڻهن سان ملندو هو، ۽ انهن جي ذهني ۽ مادي اوسر
جا اهوال نوٽ بوڪ ۾ اچي لکندو هو، باقي ٻيو وقت
اخبارون پڙهڻ، لکڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ ۾ گذاريندو هو.
ڪيڏا نه ماڻهن جا ذهن ڪنهن ساز جي تارن وانگر
تاڻجي ۽ ڇڪجي ويا آهن! هو مونجهه محسوس ڪندو هو، ۽
اها مونجهه مٿس وڏا وڏا راز ۽ حقيقتون ظاهر ڪري
ويندي هئي ( جنهن کي هو هر وقت نوٽ بوڪ ۾ لکي
ڇڏيندو هو) هن ڪڏهن به ماڻهن وانگر پنهنجي ذهن کي
تاڻيل ۽ موڳو محسوس نه ڪيو هو، گهڻو تڻو ۽ جيترو
به ٿي سگهندو هو، هو ٻين جي ذهن جي تارن کي ڍلو
ڪري کين عملي بنجڻ جي هدايت ڪندو هو. پر ان کان
گهڻو هو لکڻ پڙهڻ ۾ وڌيڪ وقت گذاريندو هو. هن جا
دوست به هئا سٺا، پڙهيل ڳڙهيل،نوڪرين وارا، سمجهو،
هو ڪڏهن ڪڏهن هنن سان نه ملڻ چاهيندو هو ته هن جا
دوست ان خواهش جو خيال رکندا هئا، البت هڪ اڌ اهڙا
به هئا، جيڪي پرپٺ هن لاءِ ”ذهني مريض ۽ ذات پرست“
هئڻ جهڙا رمارڪ پاس ڪندا هئا. هو اهڙن رمارڪس کي
اهميت نه ڏيندو هو ۽ نه وري اُنهن لاءِ جوابي
رمارڪ گهڙيندو هو. ائين به ڪونه هو ته ڪو هو گڏهه،
گهوڙي ۾ فرق محسوس نه ڪندو هو. هومعصوميت ۽
بربريت، ظالم ۽ مظلوم، ڏاڍ ۽ برداشت جي حيثيتن کان
هرگز اڻڄاڻ ڪونه هو. اهي ئي ته حيثيتون هيون، جن
جا هو سنڌا ٺاهي اڳتي وڌي رهيو هو، هفتو کن اڳ جي
ته ڳالهه آهي، ٽاڪ منجهند جو جڏهن ته ننڍي ڇت وارو
ڪمرو سرن جي کوري جيان ٻري رهيو هو. هو بنا هنڌ جي
کٽ تي صرف ڪڇي سان، مٿي هيٺان وهاڻو ڪري سنئون سڌو
ليٽيو، قتل ڇت کي تڪي رهيو هو، ان وقت هن جو ذهن
تڪڙو تڪڙو ڪم ڪري رهيو هو، ٽيبل تي پيل اڌ پراڻي
پکي جي هوا نسورو ڄرون پئي محسوس ٿيس، اوچتو ٽپ
ڏئي کٽ تان اٿيو. مٿن کان پيل ٽيبل تان قلم ۽ نوٽ
بڪ کڻي کٽ تي پلٿي هڻي لکڻ شروع ڪري ڏنائين.
” چوڌاري سخت گرمي آهي، باهه جا اُلا آهن، ساهه ۾ مونجهه آهي،
نڙي ڪنڊا ڪنڊا ٿو محسوس ڪريان، مان ان سخت گهُٽَ ۽
ٻوسٽ جي ڇوٽڪاري لاءِ ايترو ته ڪري سگهان ٿو جو
ڪپڙا پائي، هيٺ وڃي برف وٺي اچان.!“
”هو نوٽ بڪ ۽ قلم ٽيبل تي رکي سلوار ۽ قميص پائي ڪمري جو در
کولي ننڍڙو اڱڻ لتاڙي سامهون ڏاڪڻ تان هيٺ لهي
وڃي برف وٺي آيو. ٿڌي پاڻي جا ٻه گلاس پي جسم ۾
ڏاڍي ٿڌاڻ ۽ فرحت محسوس ڪيائين. سلوار قميص لاهي
ڪڇي سان وري کٽ تي ليٽي پيو، ٿڌي پاڻي پيئڻ سان
جسم تي اڀري آيل پگهر جي ڦڙن تي، پکي جي گرم هوا
ٿڌي هير جيان لڳس، هن جي اکين جا ڇپر ڍرڪڻ لڳا. ان
کان اڳ جو هو سمهي پوي، هن اٿي وري نوٽ بڪ ۽ قلم
کنيو.
” مون ايتري ڪرڻ جي ننڍڙي جرئت ڪري، پنهنجي ننڊ ۽ آرام جو ممڪن
طريقو اختيار ڪيو آهي.“
هو وري ليٽي پيو، اکين جا ڇپر ڍرڪڻ لڳس ۽ هو ننڊ جي ڪوشش ۾
ذهني طرح مصروف ٿي ويو، پکي جو سوسٽ آهستي آهستي
هن جي ڪنن جي پردن سان ٽڪرائڻ بند ٿي ويو، ۽ اوچتو
ان وقت ڪنهن ٻئي خارجي آواز سندس ننڍڙي گرم ڪمري
جي چئن ڀتين ۾ هلڪي گونجار پيدا ڪئي، هن جي جسم ۾
حرڪت پيدا ٿي ۽ اکيون کلي پيس، ڪو سندس ڪمري جو
دروازو کڙڪائي رهيو هو، هن اتان وراڻيو!
“Yes come in”
در ٻيڪڙيل هو هڪي ڪي کن سانت رهي، هن اٿي ويهي
ورجايو. ” اندر اچ“ آهستي آهستي در کليو، ”
عورت“! هو چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ جلدي جلدي سيرانديءَ کان
پيل ٽوال کڻي چيلهه جي چوڌاري ويٺي ويٺي
ويڙهيائين. هڪ اڌڙوٽ عمر جي ڀريل بدن سان فقيرياڻي
سندس ڪمري ۾ داخل ٿي رهي هئي، سندس هٿ ۾ جست جو
وٽو هو ۽ رئي جي پلاند ۾ هڪ ننڍي ڳنڊ ٻڌل هيس،
جيڪا پٺئين پاسي چيلهه تائين لڙڪي رهي هيس.
سندس ڀرسان پيل کٽ تي اچي ويهي رهئي، هن ان وچ ۾ قميص به پائي
ورتي هئي، هن سوچيو مون هن کي ڪٿي ڏٺو آهي.
” مان تو وٽ ڪي گهڙيون ساهي پٽڻ چاهيان ٿي، ٻاهر ڏاڍي گرمي
آهي.“
عورت رئي جي ٻئي پلاند سان پنهنجي منهن ۽ ٻانهن تان پگهر اگهندي
چيو. هن کي ياد اچي ويو، برف وٺڻ مهل هيءَ آئي برف
واري کان خيرات گهري رهي هئي، ”مان ڪي گهڙيون آرام
ڪري هلي وينديس“ فقيرياڻي ان کي ڪجهه پريشان ٿيندي
ڏسي وري چيو۽ معمولي مرڪ سان سندس راءِ به معلوم
ڪرڻ چاهيائين.
” توهان ڀلي آرام ڪريو“ هن ائين چئي اٿي وري بند ٿيل دروازي کي
کولي سِرَ ڏئي ڇڏي، در کلڻ سان ٻاهران گرم هوا
اندر ڌوڪي پئي.
” دربند ڪري ڇڏ، ٻاهران گرم هوا ٿي اچي!“ فقيرياڻي کيس معنيٰ
وارين نگاهن سان ڏسندي چيو. هو هن اوچتي واقعي تي
پيدا ٿيل گهٻراهٽ کي لڪائي نه سگهيو هو. دربند نه
ڪيائين، پنهنجي کٽ تي ٽنگون هيٺ ڪري اچي ويهي
رهيو، وري اٿي هن پکي جو منهن فقيرياڻي ڏانهن ڪري
ڇڏيو، کٽ تي ويهي هو در کان ٻاهر نٽهڻ ۾ ڏسڻ لڳو.
” ايڏانهن ڇا پيوڏسين؟ ڇا مان توکي نٿي وڻا!“
فقيرياڻي اصل مقصد تي ايندي سوال ڪيو، هن جون نظرون فقيرياڻي
ڏانهن پوري ڌيان سان کڄي ويون، فقيرياڻي جي
سانوري، ڪجهه ڳاڙهاڻ مائل منهن تي ٻن وساڻل ۽
مبجور اکين کي ڏسي هن چيو ته ” توهان کي ڪجهه
گهرجي“
فقيرياڻي جون نگاهون هيٺ ٿي ويون، سامهون جاري ۾ پيل بريف ڪيس
مان ڏهين رپئي جو نوٽ ڪڍي هن ڏانهس وڌايو.
”مان خيرات ڏيڻ واري کي ۽ وٺڻ واري کي ٻنهي کي پسند نه ڪندو
آهيان.
پر توهان مون کي ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺڻ چاهيو ٿيون، ڳالهه صحيح آهي.
بس، توهان هي رکي ڇڏيو.“
”مان مفت ۾ نه وٺنديس.“
فقيرياڻيءَ ڪنڌ هيٺ ڪندي جهيڻي آواز ۾ چيو.
”مان سمجهان ٿو، توهان کي ڏهين رپئي جي بدران جيڪي ڪجهه گهڙيون
تڪليف ايندي، اها پيٽ ۽ ٻين ضرورتن جي ڪري برداشت
ڪيو ٿيون، مان توهان کي شايد سمجهائي نه سگهان جو
توهان پڙهيل نه آهيو، مون جهڙا ماڻهو ائين سوچيندا
به ڪو نه آهن! هان، هي وٺو.“
هن ڀرسان بيهي نوٽ سندس هٿن ڏانهن وڌايو، فقيرياڻي ناڪار ۾
پنهنجي ٻنهي هٿن جون مٺيون پڪڙي ڇڏيون.
” چڱو، اٿي بيهو ته آءُ توهان کان ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ چاهيان ٿو.“
هن فقيرياڻيءَ جي ٻنهي ڪلهن کان وٺي اٿاري بيهاريو، سندس ڪنڌ
اڃان به هيٺ هو. هن ساڄي هٿ جي آڱر کاڏي هيٺان رکي
سندس منهن کي مٿي ڪيو. هن جون سر سري نظرون چپن تي
گهمي ويون، هلڪا لوساٽيل چپ، ڏڪيا، ڪو نه پئي ۽ نه
وري انهن ۾ شرمائڻ هو. هن ڪنڌ جهڪائي ڏهين رپئي
واري ڄڻ چمي حاصل ڪري ورتي، ڏهين جو نوٽ هن
فقيرياڻي جي جست واري وٽي ۾ وجهي ڇڏيو ۽
فقيرياڻيءَ جي وڃڻ جي انتظار ۾ اٿي کٽ تي ويهي
رهيو، فقيرياڻي نوڙي کٽ تان وٽو کنيو، جنهن ۾
ريزگاري ۽ ڪجهه گدري جون ڦارون پيل هيون ۽ مٿان
ٻيڻو ٿيل ڏهين جو نوٽ – هن ڏهين جو نوٽ کڻي واپس
ڪندي چيو ” هي تمام گهڻا آهن، مون کي رڳو اٺ آنا
ڏي.“
هن ميز تي پيل ريزگاري مان اٺ آنا ڳڻي فقيرياڻي کي ڏنا، ۽ ڏهين
جو نوٽ وٺي ميز تي پيل نوٽ بڪ جي هيٺان رکي ڇڏيو،
فقيرياڻي اٺ آنا وٺي وٽي ۾ وڌا، ۽ آهستي آهستي
پراڻي اسپنچ جي چمپل کي گهليندي ، سامهون ڏاڪڻ تان
هيٺ لهي وئي، هن جو سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو،
پکي جو منهن پاڻ ڏانهن ڪري نوٽ بڪ ۽ قلم کڻي لکڻ
لڳو.
” غير انساني مادو پنهنجي اهميت ۽ حيثيت مطابق مٽا سٽا طور
انساني سماج ۾ استعمال ٿيندڙ آهي، اهي فرق ۽
حيثيتون انساني سماج کي عقلي طرح تارازي جي ٻن پڙن
وانگر برابر بيهارين ٿيون- انساني وجود ۽ سندس
جذبا فطري آزاديءَ وري مٽا سٽا تي ٻڌل هوندا آهن،
پر اسان جي ڌرتي جي عورت وڪامبي هئي۔ عورت وڪامجي
ٿي، عورت ڪانه وڪامبي، عورت وڪامي هئي، چونڪن تي
نيلام ٿيندي هئي، بصرن ۽ ٽماٽن وانگر مٿس واڪ
هلندا هئا، عورت وڪامجي ٿي پوئتي پيل ملڪن ۾ پيٽ
خاطر، علاج خاطر، اگهاڙي انگ خاطر، عورت ڪانه
وڪامبي، برابري جو درجو ماڻيندي، يا مرد کان اڳ ۾
نڪري ويندي، ۽ مرد چوواٽن تي نيلام ٿيندا، گهرن ۾
مانيون پچائيندا ۽ ٻار پاليندا.“
نوٽبوڪ ۽ قلم ٽيبل تي پيل ڏهين جي نوٽ مٿان رکي ڇڏيائين،سڌو ٿي
کٽ تي ليٽي پيو. سامهون کليل در سان سندس نگاهون
نٽهڻ ڏانهن کڄي ويون، سامهون ڏاڪڻ جي در مان ڪو
مٿي چڙهي آيو، هن جون نگاهون فقيرياڻي سان
ٽڪرايون، هو ليٽيو رهيو، فقيرياڻي آهستي آهستي
رڙهندي اندر آئي، هن جون نهارون هينئر ڇت ۾ هيون.
” تون ڇا ڪندو آهين!“
فقيرياڻي پاٻوهه مان سندس ڀرسان بيهي پڇيو.
”مان ماستر آهيان، ڪراچي ۾ پناهه گيرن جي ٻارن کي سنڌي
پڙهائيندو آهيان، پر توهان ڇو موٽي آيو؟“
هن پاسو ورائي فقيرياڻي جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
”تون ڏاڍو سٺو ماڻهو آهين.“
فقيرياڻي وٽي ۾ پيل گدري جي ڦارن کي هيٺ مٿي ڪندي چيو.
” ڇا، ٻيا ماڻهو سٺا نه آهن.“
هن پکي جو رخ فقيرياڻي ڏانهن ڪندي پڇيو.
” سٺا آهن پر.....!“
هوءَ ڳالهه کائي وئي.
اوچتو ڏاڪڻ ۾ ڪيترن ئي قدمن جي ٺپ ٺپ جا آواز اچڻ لڳا. هو اٿي
کٽ تي سڌو ٿي ويٺو، هن جو وڏو ڀاءُ اڳيان هو،
پويان ٻيا دڪاندار، فقيرياڻي هيسجي وئي، هو جيئن
جو تيئن ويٺو رهيو. هن ڏٺو، ٻين ماڻهن سان گڏ اهو
برف وڪڻڻ وارو به بيٺو هو، جنهن جو منهن پڻ ٽامي
جيان ٻريو پئي. ڪمري ۾ گوڙ مچي ويو، ڪنهن فقيرياڻي
کي چوٽي کان جهلي وٺي ٻاهر گهليو ۽ ڏاڪڻ تان هيٺ
گهليندو مڪون هڻندو وٺي ويو.
برف وارو به ان جي پويان سهڪندو گاريون ڏيندو ويو. هو ماٺ ڪيو
سڀني کي ڏسي رهيو هو.
صرف ڀرون تاڻيل هئس. سندس ڀاءُ رڳو نصيحت واري انداز ۾
ڳالهائيندو رهيو، جڏهن ته ٻيا دڪاندار وڌيڪ مرچ ۽
مصالا وجهندا رهيا، ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪمرو خالي
ٿي ويو. هن جا ڀرون اڃا تاڻيل هئا – هو نوٽ بوڪ ۾
ڪجهه لکي آرام ڪرڻ چاهي پيو هو لکي رهيو هو.
”اکيون جيڪو ڪجهه ڏسن ٿيون، ڪن جيڪي ڪجهه ٻڌن ٿا، اهو هروڀرو ۽
اهڙي طرح سڀڪجهه ڪونهي. موتي سمنڊ جي اونهائي مان
بند سپين ۾ ملندا آهن، سمنڊ جي ڪناري تي رڳو اڇي
ڦيڻ ملندي آهي.“ |