ماڻڪ
ڪاري
انجام پاڙڻ لاءِ: وقت ۾ واجهه وڌل، وقت ڄميل، رڙهي نٿو، ڳجها
ٿڌا ساهه، اتاولو من، اماڙيون اندر ۾، پچي راس
ٿيندڙ آس، آسائتيون اکيون، ڊانوان ڊول ڪندڙ
مانڌاڻ، اڻ پورا جواب گٿل وراڻيون، منڊيل مئو وقت
رڙهي ئي نٿو!
جهرمر تارا، اُڀ ۾ اکيون، اندر ۾ مانڌاڻ، چوڦير اوندهه جون
ڇوليون، لڏندڙ لمندڙ آسائتو من، بک ۾ پاهه، پوءِ
به اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل، متان؛ ٻوريل آس
جهوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندهه جون ڇوليون، ٻڏل لوڪ، ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾ دفن ٿيل،
آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل، اجهل وکون ٻيڙا
ڇڏائيندڙ، اٿل آيل: چوڦير نگاهه، ساهه مٺ ۾، پوءِ
به جوکو پيرن هيٺان لٽاڙيندڙ، وقت تي لانگ ورايل،
اٽڪيل ساهه، اَجهل وکون، يار ڏاهن، رئي جو پٽڪو،
مڙداني همٿ وک وک ۾ اندر جي اڌمي جي ڇير تي آجهل
وکون پير پير ۾ اوندهه جو اٿاهه سمند جهاڳيندڙ من
جي اک سان هر گس چلڪندڙ ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنهنڪري
ڄاتل سڃاتل اجهل وکون ديري ۾، آس مروٽيل، اٻاڻڪو
من، جو، ڪاريءَ وارا ڪک، اڃان نه آيو!
اوسيڙي ۾ اکيون ڀنل منڌل من. هتي هن هنڌ ڪئين ڀيرا ماڻيل وڃايل
وڃائي ماڻيل، ماڻي- وڃايل گهڙين جي سڳنڌ ۾ ٽٻيون،
اُڊڪو: اڃان نه آيو!
هورا – کورا اٽڪيل ساهه جي.
آوس ايندو.
اٿت من کي
مڄاڻ،
کٽڪو، پر شڪ جو گس نه انڌو ويساهه انڌي من وانگر، اجهوڪي پوياڙي
جو پهر..
اوندهه جي اپاتال ۾ اوسيڙي ڀنل نيڻ آسائتا، اُڻ تڻ هورا کورا.
کڙ – کڙ سڪل پن لتڙ هيٺ آيل، اٿاهه سرهائي هيٺ، اوسيڙي جو عذاب
گهٽيل، انگل، ڪوڙو روسامو؛
دير ڪيئي؟
اک لڳي وئي هئي
منهنجي اک نه لڳي. سومهڻيءَ کان وٺي پئي واجهايم، پرجاءُ،
ايلاز، ميٺيون ايلازن جون، ميڙن منٿن سان.
ٽونڪر: شابس ٿئي.
وري نه ٿيندو،
انجام
ڏاڙهي
رهاڻ، اڻ – کُٽ ڳالهڙيون
ٻوريل آس ڇڻي پئي، متل مانڌاڻ ۾ اٿل، ويرچنڊ کي ڇهڻ لاءِ تڙپڻ
لڳي ڌرتي کي ڀوانٽي آئي.
ڄڀن جو اٽڪاءُ:
اچ ته پڄايون
اچ
ساهي ڪاري ناهي
اٽڪيل ڄڀون، جهاڪا کائيندڙ ساهه، ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين
پيتل ساهه ۾ بولاٽيون
بس!
ساهي وٺان
وٺ نه ڏيندي سانءِ
اڊمبر وچان اڀام
وري ساڳي ڪار، هر لوچ سپڻ جي بولاٽي هر بولاٽي، سپڻ جو ڏنگ، هر
ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساهه، بولاٽي جي هر لوڏ، حياتي جي
جوت جلائيندڙ، تارن جي اک ٻوٽ، جهرمر تارا، اوندهه
جي ساگر ۾ ڇوليون، ڇوليون ڊهندڙ ٺهندڙ، اڻ– کُٽ
سلسلو ڇولين جو.
ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون، لانگ، لانگ تي، وقت تي لانگ ورايل، وقت
بيٺل، ڌرتي بيٺل، ديرو بيٺل، سڀ ڪجهه وڃايل،
اوجهل، پاڻ به.
اُڊڙيل ساهه پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ، وير چنڊ کي ڇهي واپس ورندڙ، ۽
پوءِ ٺاپر.چو ڦير سانت، ساڻي ڌرتي، ساڻو ديرو،
هلڪي ٿڌڙي هير، ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ اُڊڙيل
ساهن کي سنواريندڙ.
ڪا مهل ائين...
موڪلايون
وري انجام
سڀاڻ هن ويل؟
نه..
پر هينءَ
روز روز نه کڙڪ نه پوي
هتي؟
ڀلي
نه ڪينچي واري پل تي
پر
چنچلتا:
چهءُ
اک نه لڳي وڃئي
دٻيل ٽهڪڙو، ڀاڪر، ساڻيون مٺيون، ننڊا کڙيون.
موڪلاڻي:
وک، وک ۾، دهڪو دل جو، جوکو پيرن هيٺان لتاڙيل، پر وقت جي لانگ
ورايل، اڊڪي ساڻ: ڪامهل نه، ڪنهن جهڙي، هوشائتيون
وکون، تن ۾ ٻيڙا وڌل، سجاڳ من جا سانتيڪا چوڪس
حواس، وک، وک ۾ نه وچڙي.
سڀ سک.
پوءِ: ماڻيل گهڙين جي اولڙن تي اڏيل، سامائيل سپنا.
ٻور جهليندڙ، جهوٽن لاءِ آسائتا ڇڻجڻ لاءِ.
وقت ۾ واجهه وڌل، وقت ڄميل، رڙهي نٿو، ڳجها ٿڌا ساهه. اتاولو
من، اماڙيون اندر ۾، پچي راس ٿيندڙ آس، آسائتيون
اکيون، ڊانون ڊول ڪندڙ مانڌاڻ...
منڊيل مئو وقت رڙهي ئي نٿو!
جهرمر تارا، اڀ ۾ اکيون، اندر ۾ مانڌاڻ، چوڦير اوندهه جون
ڇوليون، لڏندر لمندڙ آسائتو من، بک ۾ پاهه، پوءِ
به اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل، متان: ٻوريل آس
جهوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندهه جون ڇوليون، ٻڌل لوڪ، ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾، دفن ٿيل،
آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل، اَجهل وکون ٻيڙا
ڇڏائيندڙ، اٿل آيل: چوڦير نگاهه، مٺ ۾ ساهه، پوءِ
به جوکو پيرن هيٺان لتاڙجندڙ، وقت تي لانگ ورايل،
وقت پيرن هيٺان اٽڪيل ساهه، اجهل وکون، يار ڏانهن،
رئي جو پٽڪو، مڙداني همٿ، وک، وک ۾، اندر جي اڌمي
جي ڇير تي اجهل وکون، پير، پير ۾.
اوندهه جو اٿاهه سمنڊ جهاڳندڙ، من جي اک سان هر گس چلڪندڙ ڪئين
ڀيرا لتاڙيل، تنهنڪري ڄاتل سڃاتل...
يار اڳ، اوسيڙو ڪندڙ.
اوتجي آيل ڀوڳ جو خيال من ۾:
مڙدانو آواز ٺاهي؛
متان ويو آهين!
سراپيل همراهه، ٽٻيءَ ۾ پيل، پوءِ، امالڪ ڀاڄ
دٻيل ٽهڪڙن جي ڦوهار، ٻانهن کان جهلي، ڀاڪر ۾ پڪڙ، گيدي آهين،
بلي، تون هئين،
”ڪيڏانهن پئي ڀڳين؟“
”مون سمجهيو..،
”تو سمجهيو اجهو ڌڻي اچي پڳا“
”نه، تڏهن به هوشيار ته رهجي!“
ڏاهپ جا ٻول؛
”ڊڄين ٿو؟“
“نه جاني تڏهن به کٽڪو ته ...“
ٽٻي ۾ پيل:
”جي اهڙي مهل اچي..“
اونهي کوهه مان جهيڻو آواز.
”سر لڳي!“
”پڪو انجام!“
”مڙساڻي ڏاڙهي!“
”پُٺي نه ڏيندين؟“
” اهو لعنتي ٿئي.“
وريل ويساهه، اڻ مئي خوشي ۾ اوتيل، پاٻوهه جا گل پکڙيل ڳلن تي،
ڳچي ٻانهن جو هار چمين جي ورکا.
اَڊمبر ۾ ڀريل، لوچ کائيندڙ آواز:
”جاني-“
ڄڀن جو اٽڪاءُ، ٻوريل آس ڇڻيل، متل مانڌاڻ ۾ اُٿل، وير جي چنڊ
کي ڇهڻ لاءِ تڙپ، ڌرتيءَ کي ڀنواٽي، اٽڪيل ڄڀون،
جهاڪا کائيندڙ ساهه، ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين
پيتل ساهه ۾ بولاٽيون.
وٺ نه ڏيندي سانءِ.....
اَڊمپر مان اڀام.
هر لوچ سپڻ جي بولاٽي، هر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ، هر ڏنگ اُڊيڙيندڙ
ساهه، بولاٽي جي هر لوڏ، حياتي جي جوت جلائيندڙ،
تارن جي اک ٻوٽ، جهرمر تارا، اوندهه جي ساگر ۾
ڇوليون، ڊهندڙ – ٺهندڙ اڻ – کُٽ سلسلو ڇولين جو،
ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون آتيون ڇوليون. لانگ لانگ تي،
وقت تي لانگ ورايل، بيٺل وقت پيرن هيٺان چيپاٽيل،
ڌرتي بيٺل، سڀ ڪجهه وڃايل، اوجهل، پاڻ به پاڻ کان.
اُڊڙيل ساهه پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ، ويرون چنڊ کي ڇهي واپس ورندڙ
ٿڪل، ساڻيون، جو زوم سان ڪريل، ۽ پوءِ ٺاپر. سانت،
ساڻي ڌرتي، ساڻو واهه، هلڪي ٿڌڙي هير ساڻن لڱن کي
ڪتڪائي ڪندڙ، اُڊڙيل ساهن کي سنواريندڙ، ماڻيل
گهڙين جي ڇولين جي هندوري ۾ ٿڦڪيون کائيندڙ
لڱ.ڪنهن سمي امالڪ ڪن وڄيا.
ڌت هڻي پيل. جهليل ساهه وس ۾ ڪيل.
جائي به، ٻه پاڇولا اڳتي وڌندڙ.
سرٻاٽ ۾: پيو هج، نه اٿجانءِ.کيڪار ٿي:
”متان ويا آهيون.“
اوندهه جي ماٺي سمنڊ ۾ ڀينڊ پئي.
هوڪار:
”متان –“
مڙس ٽپ ڏئي اٿيل گولي.
”وڃئي ٿو جهل ڪجانءِ“
هيئين ۾ چگهه، اکين آڏو اوندهه، اکين جي هيريل روشني انڌي ٿيل،
هڪ پاڇو ڀڄندڙ.
يار جي ڀاڄ جي وک وک، گهوٻاٽو، هنياءَ تي ڦهڪو ٿي لڳندڙ.
ڪوماٽيل ذهن، ڪوماٽيل حواس، سر تي آئي، منهن ڏبو، ڪوماٽيل ذهن ۾
سوچ جو ترورو، پاڻ سنڀاليل: ”حيف اٿس“
”نه وئي آهين رن“
پولار ۾ بولاٽيون کائيندڙ آواز کي سڃاڻڻ لاءِ:
ادو؟
امالڪ چوٽيءَ ۾ هٿ، سٽ: کريل رن، ڪتي ڪيڏانهن ڀڳئي يار؟
اوسان خطا. ڪُڇي جهڙي ڀت.
يار جو لفظ بت بڻيل لڱن تي ڇنڊو ئي لڳل، تتل، ٻڙڪا ڏيندڙ پاڻي
جو ڇنڊو: روح ۾ ڦلڪڻو ٿيل.
”آ – اچي ٿو–“
چمڪاٽ، وڄ ڪريل ڪنڌ لڙيل، ڌڪ مٿان ڌڪ، بت ڌرتي تي زپڪو ڪري
ڪريل، ڳڙڪايل ڪيڪراٽ، رات جي اونداهين سانتيڪي
سمنڊ جي پيٽ اندر، ۽ پوءِ ساڳي سانت.
ٻئي ڏينهن، سج اڀرئي راڄ ڏٺل؛ واهه ۾ لڙهندڙ لاش سڃاڻپ وڃايل،
چيائون ”ڪاري!“
۽ پوءِ سڀ پنهنجي ڪرت سان لڳل. |