شوڪت حسين شورو
رات جو رنگ
هو پاسا بدلائي بدلائي بيزار ٿي پيو هو، پوءِ به هن اٿڻ نٿي
چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾
ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏهه به ڪو نه ٿيا
هئا. هونءَ اُٿڻ جو ٽائيم اَٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس
جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي پر اڄ آچر جو رُڃ جھڙو
ڏينهن هو. موڪل جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو
.ايڏو ڊگھو ڏينهن جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه
وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن تي
موڪل ڪندو هو ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو
ويندو هو.هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اهي ئي ڌٺل
وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اهي ئي هميشه واريون
ساڳيون ڳالهيون ڪرڻِيون پونديون . سندس پارٽنر وقت
ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي راند ڪندي
ويهي ڏسندو. کيس راند ڪا نه اچي. وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب
کڻي پڙهندو. پر هاڻي ته ڪتابن ما به ڪڪ ٿي پيو هو.
ڌيان سان ڪتاب پڙهي نه ٿي سگھيو. صفحن جا صفحا
پڙهي وڃڻ کان ءِ کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا
پڙهي ويو. وري پنا اٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گّذريل
هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي. روٽين لائيف،
بيزاري، مردگي؛ زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ
جو احساس مري ويل.
’لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان ريفريجيٽر ۾ بند پيو آهيان ۽
ڄمي برف بنجي ويو آهيان. پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان
رجي ويندي آهي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي
مون کي وڻندو آهي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجھندو آهي.
وهندڙ پاڻي وانگر ماڻهو به هلندو رهي. هڪ هنڌ ڄمي
نه وڃي.‘
هن اکيون کولي ڏٺو، هن جا سمورا پارٽنر اڃا سُتا پيا هئا ڏاڍي
مزي ۾ اهي حالتن مان مطمئن نه هوندي به ٺيڪ ٺاڪ
هئا. بيزار نه هئا. هنن کي ڪچهرين ڪرڻ، اجاين
ڳالهين ڪرڻ، يٽن شٽن هڻڻ مان مزو ٿي آيو. هو سڀ
نارمل قسم جا ماڻهو هئا. ’ماڻهو هجي ته نارمل هجي،
نه ته ائبنارمل ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو حساس به هجي
ته ان لاءِ زندگي عذاب آهي.
مون ۾ بيزاري پهرين کان هئي پنهنجي پاڻ کان بيزاري ، حالتن کان
بيزاري ، پر هاڻي اهو احساس وڌندو وڃي . وير وانگر
منهنجي مٿان چڙهندو اچي . حالتن جو اڻ کٽ وهڪرو
آهي. وس ۾ ڪجھه ڪونهي. رڳي بيوسي، لاچاري ۽ نتيجي
۾ خار ۽ نفرت پاڻ کان جو لڳي ته ڏوهه پنهنجو آهي.
دنيا سان، حالتن سان ’ائڊجسٽ‘ نه ٿو ڪري سگھان.
ماڻهو ٻين لاءِ ته آزار آهي ئي آهي، پاڻ لاءِ به
آزار آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ جھنم بنجي وڃي
ته ان لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. مون کي
لڳي ٿو ته آئون ائين ٿي ويو آهيان. مون ائين چاهيو
ڪو نه هو. پر چاهڻ نه چاهڻ سان فرق ڪهڙو ٿو پئي.
حقيقت اها آهي ته هي سڀ ڪجھه جيڪي ٿيو آهي سو
الائي ڪيئن آهستي آهستي يا اوچتو ٿي ويو . مون کي
خبر به ڪا نه پئي ته آئون روڳي بنجي ويو آهيان.‘
پارٽنر هڪ ٻئي پٺيان اُٿڻ لڳا. هن وري اکيون ٻوٽي سمهڻ جو ڍونگ
ڪيو. هن جي بيزاري وئي وڌندي. ڳچ دير کانپوءِ هن
جي دل چاهيو ته اٿي رڙيون ڪري. هو ڪاوڙ وچان لت
سان چادر هٽائي اُٿي ويٺو ۽ پوءِ دستور موجب تيار
ٿيڻ لڳو.
’’پارٽنر اڄ ڪاڏي تياري آهي؟‘‘ هڪڙي پڇيو.
’’دوست کي ٽائيم ڏنل آهي،‘‘ هن مختصر جواب ڏنو.
’’يار ڪڏهن اسان کي به ٽائيم ڏي. آخر اسان جو به ته حق آهي.‘‘
’’اوهان سان گڏ رهان ٿو. هيڪاندا آهيون. ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه
آهي.،، ’’ڇڏ يار، رات جو الاجي ڪيڏي مهل اچين ۽
تون اڃا صبح جو سُتو ئي پيو هجين ته اسن هليا وڃون
ماڻهو ويهي ڪچهري ڪري مزو تڏهن آهي.‘‘
’’اسين ته سائينءَ سان ڪچهري ءَ ڪاڻ سڪون پيا.‘‘ ٻئي پارٽنر
چيو.
’’اهي ته اوهان جا قرب آهن. ڇا ڪجي . نوڪري اهڙي آهي . بهرحال ،
اڄ آئون سويل موٽي ايندس، پوءِ ڪچهري ڪبي.‘‘
’’۽ ان ڪچهريءَ ۾ آئون رڳو ٻڌندڙ هوندس.‘‘ هن من ۾ چيو.
وڌيڪ اينگھه کان بچڻ لاءِ هو جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري ويو.
آچر هئڻ ڪري بس ۾ رش گھٽ هئي.ماڻهو آرام سان بيهي پئي سگھيو.
ٻئي ڪنهن ڏينهن بس ۾ بيهڻ جي لاءِ به جاءِ نه ملي
ها، ماڻهو ائين هوندا آهن ڄڻ ٽرڪ ۾ واڙيل رڍون
ٻڪريون. گھٽ ٻوساٽ، پگھر جي ڌپ، لتون، ڪنڊيڪٽر جي
ٿيلهه ٿيلان.
صدر .ايلفي __ جتي ماڻهن کان وڌيڪ موٽرون ڪارون هوندويون آهن،
اتي اڄ ويراني ۽ اجاڙ هئي. رڳو هوٽلون کليل هيون،
پر انهن ۾ اهو گوڙ ڪو نه هو. فوٽ پاٿن تي پراڻا
ڪتاب رکيل هئا. ڍير مان ڪڏهن ڪڏهن سُٺو ڪتاب نڪري
ايندو آهي ۽ هونءَ ڪتاب ڳوليندي وقت به ڪٽجيو وڃي.
هو ڳچ دير تائين ڪتاب ڏسندو ۽ ڳوليندو رهيو. هن
ڀيري ڪو به چڱو ڪتاب نظر نه آيو .’’انگريزيءَ ۾
ايترو سارو ٽرئش لٽريچر ٿو لکجي! اهو ڪهڙي قسم جا
ماڻهو پڙهندا هوندا ؟ ‘‘
هو نيٺ ٿڪجي اُٿيو.
هو پوري بازار جون ويران گليون ، ايلفي ، وڪٽوريا روڊ، ريگل جي
آسپاس رلندو رهيو.
’’هڪڙا ماڻهو آهن جن کي وقت نٿو ملي ۽ مون کي وقت گذارڻ وڏو
مسئلو آهي. هي رڃ جھڙو ڏينهن آخر ڪڏهن کٽندو ؟
(جيستائين رڃ جھڙي حياتي آهي). هيڏي ساري اجھاڳ
شهر ۾ منهنجو وقت نه ٿو ڪٽجي، جتي وقت گذارڻ لاءِ
هرڪا شئي ميسر آهي. پر اهي شيون رستن تي هاريون ته
ڪو نه پيون آهن ....‘
هلي هلي هن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون هيون. هو پئراڊائيز
سينيئما وٽ ريلنگ تي ٻانهون رکي بيهي رهيو. ايڪڙ
ٻيڪڙ ڪارون لنگھديون رهيون. هڪ ٻن ڪارن ۾ هن کي
ڄاتل سڃاتل مهانڊا نظر آيا. ۽ هن منهن ڦيرائي
ڇڏيو. هن کي خيال آيو ته اهي هن بابت ڇا سوچيندا
ته وائڙن ۽ رول ماڻهن وانگر نوس نوس بيٺو ڪري
’’لعنت آهي. جنهن کي جيڪي وڻي سو وڃي سوچي. آئون
پنهنجو پاڻ کان به ڊڄان ۽ ٻين کان به ڊڄان ....
وڏو نيچ آهيان. خسيس آهيان . احساس ڪمتريءَ جو
مريض آهيان . مون کي پاڻ کان نفرت آهي ....نفرت
آهي.....“ هن ريلنگ تي زور سان مڪون وهائي
ڪڍيون.سندس هٿ ڏکڻ لڳا هن کي سندس آفس ۾ ٿيل
ڪالهوڪو واقعو ياد اچي ويو.
”جي؟“ ڇوڪريءَ هن کان ٽيون ڀيرو پڇيو’’معاف ڪجو، مون کي اوهان
جي ڳالهه سمجھه ۾ ڪا نه آئي.‘‘
’’ چوي ٿو ته تنهنجا ڪاغذ اڃا پڙهي نه سگھيو آهيان، هاڻي جلدي
پڙهي، خط وسيلي ٻڌائيندس.‘‘
هو هروڀرو ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. نگاهون ڪاغذن ۾
هيون، پر سڄو ڌيان ڇوڪرين جي سس پسس طرف هو.
’’ايتري آهستي ٿو ڳالهائي جو مون کي ته ڪجھه سمجھه
۾ نه ٿو اچي . تون الاجي ڪيئن ٿي سمجھين؟‘‘
’’پهريون ڀيرو ته مان به ڪا نه ٿي سمجهان .‘‘ ٻئي وات تي هٿ رکي
کلڻ لڳيون . هن جي جسم مان پگھر ڦٽي نڪتو . هن کي
خيال آيو ته وڌيڪ وقت چپ رهيو ته چوتيو لڳندو هن
ڪوشش ڪري ڏڍايان چيو: ’’اوهان ويجھا ٿا رهو يا
پري؟‘‘ هن کي پنهنجو آواز وڌيڪ وڏو ۽ غير فطري
لڳو.
’’نه منهنجو گھر ڪافي پري آهي. ڪراچيءَ ۾ سواري ءَ جو وڏو مسئلو
آهي. رڪشان وارا ته اصل نواب آهن. جنهن طرف پاڻ
وڃڻ چاهين، مسافر به ان طرف وڃن ....“
’’اوهان جي ڪم ۾ ٿوري دير لڳندي ..‘‘ هو وچان ٻي ڳالهه ڪري ويٺو
. پر ڇوڪريءَ هن جي ڳالهه سمجھي ڪا نه،
’’ها ، اها روز روز جي مصيبت آهي. رڪشا وارن کي چوڻ وارو ڪوئي
ڪونهي.پوليس سان ته هنن جو حساب ڪتاب هوندو آهي،
ان ڪري شڪايت جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي.‘‘
’’اصل ۾ سڄو نظام ئي اهڙو آهي. اسان وٽ به اوهان جي ڪم کي هرو
ڀرو دير ٿي وئي آهي. ‘‘ هن مذاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي.
’’جي!‘‘
ٻي ڇوڪري کلڻ لڳي. ’’ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالهه نه ٿا سمجھو.‘‘
هو ڀڄِي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو هو.
’’سائين، اوهان هتي بيٺا آهيو؟‘‘ هن ڇرڪي ڏٺو. سامهون آفيس جو
پٽيوالو بيٺو هو.
’’اوهه ! آءُ هتي ٽيڪسيءَ جي لاءِ بيٺو آهيان .‘‘ هن جند ڇڏائڻ
چاهي.
’’سائين ، هتي ته ٽيڪسي مشڪل آهي. مان اوهان کي هٿ ڪري ڏيان ؟‘‘
’’نه ،نه تون ڀلي هل. آءُ پاڻهي هٿ ڪندس.
پٽيوالو هن کي عجيب نظرن سان ڏسندو هليو ويو.
’ماڻهو ڪٿي به نه ٿا ڇڏين . منهنجي مرضي، آءُ ڪٿي به بيهان.‘ هو
اتان هلڻ لڳو. سامهون هوٽل تي نظر پيس، اندر هليو
ويو ۽ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو . بيرو پاڻيءَ جو
گلاس کڻِي آيو. چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هن آسپاس ڏٺو
. سڄي هوٽل ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو به اڪيلو نه
هيو.
’’تون ايترو آهستي ڇو ٿو هلين؟ ائين سنڀالي قدم کڻندو آهين ڄڻ
ڊڄندو هجين ته ڌرتيءَ کي تڪليف نه ٿئي .‘‘
هڪ دوست چيو هئس. پوءِ هن پاڻ جڏهن به ان ڳالهه تي غور ڪيو ته
کيس دوست جي ڳالهه صحيح لڳي هئي.
’زندگي جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي. جيئڻ
به هڪڙو فن آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن نه آيو اهڙي
اڻپوري، غلط ۽ مضحڪه خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو
فائدو . موت ته ڪڏهن به اچي سگھي ٿو ، پوءِ ماڻهو
ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب سهي!‘
اڳ ڪئين ڀيرا سوچيل ڳالهه هن جي ذهن ۾ وري آئي . ’الاجي ڪيتري
وقت کان آئون ان تي سوچيندو آهيان ۽ همت نه ساري
سگھيو آهيان پر هاڻي ، هن گھڙيءَ مون کي پڪو ارادو
ڪرڻ کپي، منهنجي لاءِ اهوئي هڪڙو باعزت طريقو آهي.
نه ته آئون پنهنجو پاڻ کان نفرت جي جھنم ۾ جلندو
رهندس. مون کي اڄ ئي پنهنجو انت آڻڻ کپي. اڄ ئي
... هن پڪو پهه ڪيو. هن جي اڳيان ٽيبل تي پليٽ ۾
بل رکيو هو . هن کي حيرت لڳي ته چانهه ڪيڏي مهل پي
ڇڏيائين . ڪوپ خالي هو ۽ ان جي تري ۾ ٿوري بچيل
چانهه هئي.
کيسي مان پيسا ڪڍيندي هن سوچيو ته ڪهڙي جاءِ موزون ٿيندي. کيس
سمنڊ جو خيال آيو. ’ها،سمنڊ وڌيڪ ٺيڪ آهي، سمنڊ
هميشه منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. سمنڊ ڏسي
مون کي ڇڪ سان گڏ هيبت محسوس ٿيندي آهي. آئون پاڻ
کي سمنڊ جي بي انت ڪاراڻ ۾ گم ڪري ڇڏيندس ۽ ڪنهن
کي خبر نه پوندي. آئون اهو نه ٿو چاهيان ته ماڻهو
منهنجي موت تي ڳالهائين . جيئري ته مون تي
ڳالهائيندا رهن ٿا، پر آئون انهن کي پنهنجي موت تي
ڳالهائڻ نه ڏيندس . منهنجي ڪنهن کي خبر به نه
پوندي.‘
هو اٿي بيٺو ۽ ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن جي اڏي طرف هلڻ لڳو. هڪڙي
بس اڏي تان رواني ٿي رهي هئي. موڪل هئڻ سبب ڪلفٽن
ڏانهن ويندڙ بسن ۾ گھڻي رش هئي. هن ٻي بس جو
انتظار ڪرڻ نٿي چاهيو . هلندڙ بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڊڙيو
. هن جو هٿ ڏنڊي ۾ پئجي ويو ۽ پير مٿي کڄي ويا.
ٻيا به ماڻهو ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. هن جي فقط هڪڙي
پير کي فوٽ بورڊ تي جاءِ ملي سگھي ۽ ٻيو پير
لٽڪندو رهيو . هٿ مضبوطيءَ سان جھليل هئا.
’جڪڏهن آئون رڳو اهو هٿ کولي ڇڏيان ته دير ئي ڪا نه لڳندي . اتي
ئي ڪم پورو ٿي ويندو، پر اهو ٺيڪ ناهي. آئون
پنهنجي موت کي تماشو بنائڻ نه ٿو چاهيان. موت جي
پبلسٽي مون کي نه ٿي وڻي . ظاهر آهي ته بس روڪائي
ويندي. ماڻهو ان کي اتفاقي حادثو سڏيندا ، پر ان
سان گڏ لاپرواهه ۽ بس جي دروازن تي لٽڪندڙ شوباز
سمجھندا ، مائٽن، دوستن، ۽ واقفڪارن کي منهنجي
بيوقوفي تي حيرت لڳندي. بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ مون کي
گاريون ڏيندا ته منهنجي ڪري هنن کي دير ٿي وئي بس
جو غريب ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڦاسندا. اهي سڀ ڳالهيون
آهن، پر وڏي ڳالهه اها اهي ته ٿي سگھي ٿو ته آئون
مران نه . بس کان ته پري وڃي ڪرندس، رڳو ٽنگون
ٻانهون ڀڄن ۽ معذُر ٿي پوان. هن وقت پاڻ تي بار
آهيان، پوءِ ٻين تي بار ٿي پوندس.
خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. اڳيان بيٺل همراه جو سڄو وزن هن تي
پئجي رهيو هو ۽ سندس هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي رهي هئي. هن
همراهه کي پنهنجي ڇاتيءَ سان ڌڪيندي چڙ وچان چيو
’’ڀائي صاحب ، پاڻ سنڀال ، ڪرائين ٿو.‘‘
همراهه هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. ’’ مون کي ٻيا ڌڪا ڏئي رهيا
آهن.‘‘ پر پوءِ به هن پاڻ کي سنڀاليو.
ڪجھه وقت تائين ذهن کي ويساند ملي وئي هو سڄي واٽ پاڻ کي
مضبوطيءَ سان سنڀالڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو. بس ڪلفٽن
تي اچي بيٺي ته هن کي رڳو هٿ کولڻو پيو ۽ آسانيءَ
سان لهي آيو. هٿ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ تري لال ٿي وئي
هئي . هو هلندو هلندو سمنڊ ڏانهن آيو. ٻار، عورتون
، ۽ مرد ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا. ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.
سڀ خوش هئا يا خوش هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا. هو
پاڻ به ته ائين ڪندو رهيو هو، دوستن ۽ واقفڪارن جي
اڳيان . منهن تي مطئمن هجڻ جو، خوش هجڻ جو ڪوڙو
نقاب چاڙهي. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هو اهو نقاب
لاهيندو هو ته من ڀرجي، ايندو هوئس، چاهيندو هو ته
ان وقت ڪو هجي. جيڪو هن کي سمجھي سگھي.
ــــ تنهنجو چهرو ايترو
EXPRESSIONLESS
ڇو آهي؟.
ـــ تون هميشه
confuse
۽ مايوس ڇو هوندو آهين؟.
ــــ تون چپ چاپ ۽ ڪهڙين سوچن ۾ هوندو آهين؟
ــــ تو ۾ ڦڙتي ڇو ناهي؟
۽ هن پاڻ کان پڇڻ چاهيو، ’تون ايترو وقت جيئرو ڇو رهيو آهين؟‘
اوچتو هن زور سان رڙ ڪئي: واهيات ... هڪدم ڇرڪي آسپاس ڏٺائين
چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو. پر هن کي حيرت
لڳي ته ڪنهن جو به ڏانهس ڏيان ڪو نه هو. ماڻهن
ڄاڻي واڻي هن ڏانهن ڏيان ڪو نه ڏنو يا .. يا ڪا ٻي
ڳالهه هئي. هن جو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳو. تڏهن هن کي
احساس ٿيو ته اها رڙ هن جي نڙيءَ ۾ گھٽجي وئي
هئي. هن کي پاڻ تي باهه وٺي وئي. ’بزدل، ڀاڙي،
ڊڄڻو .... جيڪي ڪجھه چاهيان ٿو سو ڪري نه ٿو
سگھان، رڳو رڙ به نه !‘ هن کي روئڻ اچي ويو، اهو
به اندر ۾ . ٻاهر ڪجھه به نه هو. بيٺل پاڻي. ڄميل
برف بنجي ويل ــــ اندر گھڻي گھرائيءَ ۾ پاڻي ٽهڪي
رهيو هو پيڙا هئي سڙڻ جي. هو ڪناري تي ٺهيل پٿر
جي ديوار تي چڙهي ويٺو ۽ سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھه
گھڙين کان پوءِ هو پاڻ کي انهن لهرن ۽ ويرن جي
حوالي ڪرڻ وارو هو.
وقت واريءَ وانگر هن جي مٺ جي وٿين مان کسڪندو پئي آيو. هن کي
خيال آيو ته هو ايترن سارن ماڻهن جي اڳيان نه
مرندو . هو اٿيو ۽ ڪنارو ڪنارو وٺي هلندو ويو ڪنهن
ويران ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا ۾ . هو ماڻهن ،ماڻهن
جي ٽهڪن ۽ ٻارن جي گوڙ کان گھڻو پري نڪري آيو. اتي
سمنڊ جي گجگاهه هئي ۽ ان جي مٿان اڇا پکي اڏامي
رڙيون ڪري رهيا هئا. ڇوليون سندس پير پسائڻ لڳيون.
هن پٺيان ڏٺو، ساڄي کاٻي ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن
ڏٺائين . سندس اڳيان نيڻ نهار تائين بي انت سمنڊ
هو . سمنڊ جون ڇوليون هيون – ننڍيون وڏيون ۽ سمنڊ
جو جبل هو. هن پاڻ کي بيحد اڪيلو، ويچارو ۽ بيوس
ڀانيو. هن سڄي حياتي ائين محسوس ڪيو هو. ’آخري
گھڙين ۾ جڏهن آئون پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھه ڪري
رهيو آهيان، پوءِ به پاڻ کي ويچارو پيو سمجھان!،
کاٻي طرف ٽڪريون هيون. هن کي خيال آيو ته انهن ٽڪرين تي چڙهي
آسپاس آخري نظر وجھي. هو جيئن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي
رهيو هو ته ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌائين
عورت ۽ مرد. هو هٻڪي بيهي رهيو.
’’مان هڪ معمولي حيثيت وارو ماڻهو آهيان. مان توکي ايترو سک نه
ڏيئي سگھندس، جيترو توکي مائٽن وٽ مليل آهي. مون
توکان ڪجھه به نه لڪايو آهي وينا، فيصلو تو تي
ڇڏيل آهي، ائين نه ٿئي جو سک ۽ آرام واري زندگي
ڇڏي، سڄي عمر پڇتائيندين رهين!‘‘
پوءِ هن عورت جو آواز ٻڌو. ”اسين ٻئي لکيل پڙهيل آهيون. روايتي
پيار ۾ اسان جو يقين ڪونهي. اسين هڪ ٻئي جي اندر ۾
جھاتي پائي ڏسي سگھون ٿا. سمجھي سگھون ٿا. سهي
سگھون ٿا. گڏجي زندگي گذارڻ جي لاءِ ان کان وڌيڪ
ٻيو ڇا کپي. بک اسين ڪو نه مرنداسين. باقي عيش
آرام نه هوندو ته ڇا ٿيو. اسين هڪ ٻئي لاءِ عيش
آرام آهيون.”
’’او وينا ... وينا .... تو مون کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو
آهي. تو منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن
ــ سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، ٽڪرين جو رنگ،
آسمان جو رنگ ۽ شام جو رنگ .......‘‘
”عشق توکي شاعري سيکاري ڇڏي آهي،“ ٽهڪ ڇولين جي سنگيت سان ملي
ويندڙ.
”پر سٺي شاعر بنجڻ لاءِ عسق ۾ ناڪامي ضروري آهي.“
”نه نه، مان ناڪام شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ سمنڊ جي ڇولين تي
ترندڙ ٽهڪ. هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو، وڌيڪ وقت
بيهي نه سگهيو ۽ هلڻ لڳو، هو ٿڙندڙ قدمن سان واپس
موٽڻ لڳو، پر کيس اها سڌ ئي ڪانه هئي.
”ڇا ڪو ماڻهو ان آس تي پاڻ کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو ته
ڪڏهن سندس بي رنگ زندگي ۾ رنگ ڀرجي ويندا، سمنڊ جو
رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شام جو رنگ..
شايد ڪڏهن ڪڏهن اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي زندگي ۾.
هن کي ياد به آيو ته هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ آيو
هو، اها نجات ۽ ڇوٽڪارو آهي، جنهن کي آئون محسوس
ڪري سگهان، ماڻي سگهان سو ته موت ۾ به نه ملندو.
اهو ته مرڳو لاحاصل آهي. زندگي ۾ ڏک سور آهن، وک
وک تي پيڙا آهي، مينٽل ٽارچر آهي، پر اهي احساس
آهن ته سهي، موت کان پوءِ اهي احساس به نه رهندا،
آئون چاهيان ٿو ڇوٽڪارو، جنهن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪو
احساس نه هوندو.“ هن پاڻ کي هلڪو هلڪو، بي وزن
محسوس ڪيو. طبيعت جي ڳورائي لهي وئي هئي. ڊپريشن
جي وير اڀري لهي وئي. هو ائين سمجهڻ لڳو، ڄڻ هڪ
وڏي هنگامي کانپوءِ ٺاپر اچي وئي هجي.
”ڪٿي مون ڊڄي ھي خودڪشي ڪرڻ جو خيال لاهي ته نه ڇڏيو. نه، مون
اهو خيال لاهي نه ڇڏيو آهي رڳو ڪجهه وقت لاءِ ٽاري
ڇڏيو آهي، آئون انتظار ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو
چاهيان شايد ڪڏهن حالتن ۾ ڦيرو اچي وڃي اڃا ته
گهڻو وقت پيو آهي، ڏسجي..، هو وري ماڻهن جي ميڙ ۾
اچي پهتو، هن پاڻ کي عام ماڻهن جهڙو ڀانيو هن جي
دل ٿي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، ٽهڪ ڏئي.
گهڻا ماڻهو واپس موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيا هئا. هن سوچيو ته کيس
به واپس وڃڻ کپي ٻه بسون بدلائڻيون هيون ۽ گهر
ڪراچي جي آخر ڇيڙي تي هو، هو بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ
لڳو.
ماڻهو ميرو ڪريو بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا، سيٽ ملڻ جو آسرو گهٽ
هو. هن پهه ڪيو ڪيئن به ڪري بس ۾ اڳواٽ چڙهڻ جي
ڪوشش ڪندو ۽ سيٽ تي ضرور ويهندو، هن بس ۾ بيٺل
ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجڻ نٿي چاهيو. هو اڃا ڪجهه پري
هو ته بس اچي بيٺي، ماڻهو بس کي وڪوڙي ويا ۽ لهندڙ
وڏي مشڪل سان لهڻ لڳا. هو ڊوڙندو بس ڏانهن وڌيو،
روڊ اڪرڻ وقت سندس نظرون بس جي دروازي ۾ هيون، روڊ
تي تيزي سان ايندڙ ڪار جي ٽائرن جو زوردار چيڪٽ
ٿيو. هن جي اکين ۾ مختلف رنگ نچڻ لڳا ڌرتي جو رنگ
آسمان جو رنگ، سمنڊ جو رنگ، شفق جو رنگ ۽ اکٽ
اونڌاهي رات جو رنگ. |