Desolved
ڏيک-3
(باک ڦٽي – آئوٽ ڊور )
( ڪئمرا درياهه شاهه جو ڏيک
Long Shot
۾ پيش ڪري ٿي. سج جي اڀرڻ تي درياهه چاندي جيان لس
وهندو ٿو وڃي.
ڪئمرا Zoon in
ڪري ڍانڍي جي ٻيڙي کي ويجهو کان ڏيکاري ٿي.
ڍانڍي پاڇل تي سکان سنڀاليو ويٺو آهي.
ڌاڻو ۽ ساماڻو ڊگهو ڊگهو آکٽ رڇ لاهيندا ٿا نظر اچن.
ساماڻي ( پٽ) کي سست ڏسي ڌاڻو هڪل ڪري ٿي.)
ڌاڻو: ڇورا، رن منهان، رونٺو آهين ڇا، هٿ پيا ڏڪنئي، رڇ
ڇڏاءِ...
(هڏي ڏيندي)
ساماڻو: رونٺي هوندي تون، هٿ ته هلايان پيو.
ڌاڻو: ڀلو. تو به جوان ٿي ڪيچ ڪيا ۽ جيڪي پلا ماريا، سي جهان
ڏسندا.
(چڙندي)
ڍانڍي: رن، سئو ڀيرا چيو ٿمانءِ ڇوري کي هيس نه، ڀل ٿوري وهي
چڙهي، پوءِ مقابلي لاءِ قبر مان پڻهين کي اٿاري
اچجان، موڪل ٿئي.
ڌاڻو: وات جهل. خبردار جو منهنجو پيءُ پُڻيو اٿئي. منهنجو پيءُ
رڄ مهاڻو هو، ڪين ههڙو لوکڙ. وچ سير ۾ واڳون
ڄنگهه ۾ وات وڌس، ته به گهري آڻي ڪپر تي سوئن سان
سٽيائينس.
(چڙ مان)
ڍانڍي: ڀلو. پڻهين جي رڄ مهاڻو هجي ها ته واڳون وات ئي ڪين
وجهيس ها. واڳون ذات مهاڻي کي سڃاڻي. پڻهين هو چور
ٻيو. پرايون مينهون لوڙهيندي واڳون وات وڌس ۽
ڪناري تي آڻي سٽيائينس ته وڏي ڪلاچ جو ڪن کٽيائين
مورڙو مير بحر ٿي پيو!
(بل ڏئي ٻيڙي مان آليسو کڻندي پوري طاقت سان اولاريندي)
ڌاڻو: چوان ٿي اڱوٺي جيڏي نينگر لاءِ منهنجو پيءُ نه پڻ. خونا
خون ٿي ويندي، آليسي سان درياه جي سير وٺائي
ڇڏيندي سانءِ.
(سٽ ڏئي آليسو ڦريندي)
ڍانڍي: چڱو چڱو، هاڻ اهو ٻلهڻ وارو ڦٿڪاٽ ڇڏ. پڻهين وانگي،
واڳون کي ڏڦا ڏيندو، آئون به ڪپر ڏيکاري سگهان
ٿو.
( سٽ سان پهرين پٽ ۽ پوءِ مڙس ۾ نهاريندي، ڪاوڙ مان رونڻهارڪي
ٿي رڙ ڪندي)
ڌاڻو: آخر، اوهان پيءُ پٽ مون کي سمجهيو ڇاهي، ڇا سمجهيو آ -؟
(چپن ۾ مرڪ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي)
ڍانڍي: اڙي چنڊي، مان ته توکي پنهنجي زال ٿو سمجهان.
(پٽ ڏانهن نهاري، ميڇ ڏئي دهمان مان هڪل ڪندي)
ڍانڍي: ڇوڙي ڇورا،ڇا سمجهو ٿي ماڻهين کي؟
(شرارت مان)
ساماڻو: الائي کيس کَبَر.
ڍانڍي: ٻڌئي رن، ڪتي ڪانه ٿو سمجهئي، تون اجايو پئي ڪپڙن مان
نڪرين.
ڌاڻو: ڪتي چوي ته، کيري پلي جيان چيري چوڏهن ٽڪر ڪريانس.
(ٽڻ جانچي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ)
پٽ: ڏس، هاڻ تون پئي بڪواس ڪرين مان ماٺ هان.
(رڙ ڪندي)
ڌاڻو: چپ ڪر.
(ڀوڳ مان)
ڍانڍي: گڏهه مئو جهنگ ۾ آرائي پارائي، چارئي پاسا چپ، جيڪو
ڳالهائيندو سو مئل گڏهه کائيندو.
(ڪئميرا تيزي سان ڍانڍي کان ساماڻي ڏانهن وڃي ٿي.)
(وات کي اڱر آڻي)
ساماڻو: چپ.
(ڪيميرا تيزي سن ٻنهي ننڍڙن ٻارن تي وڃي ٿي)
(وات تي هٿ ڏئي)
ٻارڙا: چپ ... چپ..
( ڌاڻو ڦري ڪري چئني ڏانهن نهاري ٿي.
کن لاءِ ٻيڙي ۾ ماٺ ڇائنجي ٿي وڃي)
(بيزاري مان)
ڌاڻو: هان، ته اوهين سڀ هڪ صلاح ٿي ويا آهيو؟
ساماڻو: اوهيو امان مئل گڏهه کاڌو.
(ٻارڙا ۽ ڍانڍي تاڙيون وڄائن ٿا)
ٻارڙا: مئل گڏهه کاڌو، مئل گڏهه کاڌو، مئل گڏهه کاڌو.
(ڌاڻو، خارن مان چئني ڏانهن ڏاڍي جوهه مان نهاري ٿي. ننڍڙي پٽ
کي تاڙيون وڄائيندي خوش ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ ڍري ٿيندي
ٿي وڃيس، منهن تي مرڪ ڊوڙندي ٿي اچيس، مرڪ لڪائڻ
جي ڪوشش ڪندي)
ڌاڻو: چڱو چڱو، کڳيون پوءِ هڻو، رڇ درياهه ۾ پڻهياءُ لاهندو ڇا؟
ڪم ڪريو، سڀ ٽوٽي ٿيندا ٿا وڃو.
(ڍانڍي، ڌاڻو ۽ ساماڻو وري رڇ لاهڻ ۾ لڳي ٿا وڃن)
Cut
(ڪئميرا رات جي وقت ڍانڍي جي ٻيڙي ۾ بتي ٻرندي ڏيکاري ٿي. ڌاڻو
مانيون پچائي، ڪوسيون ڪوسيون مانيون ٻارن ۽ مڙس
آڏو رکندي ٿي وڃي. ٻارڙا ۽ ڍانڍي مڇي ماني کائيندا
ٿا رهن، ۽ باهه جو دونهون ٻيڙي مان ڦولارجندو ٿو
نڪري)
Cut
ڏيک – 5
(آئوٽ ڊور – ڏينهن)
(ڪئميرا صبح سوير لهرن مٿان اڀرندڙ سج جا تجلا ڊوڙندي ڏيکاري
تجلن سان ٻيڙي تي اچي ٿي. ڌاڻو ساماڻو ۽ ڍانڍي
ساڳي طرح رڇ ڇڪيندا نظر ٿا اچن. ڌاڻو اڳيان آهي ۽
وڏي طاقت سان رڇ ڇڪيندي ٿي رهي)
ڌاڻو: درياهه جا پٽ، اڄ ڇا ٿو چوين؟ اڄ جي سنوت نٿو ڏين ته
پوءِ منشي کان به وڌ بڇڙو ڪندي سانءَ.
( ڪئميرا ڌاڻو جي
Side close up
کان پين ڪندي سندس پٺيان پٽهنس ساماڻي کي ڏيکاري
ٿي.
پٺيان رڇ ۾ هٿ وجهيو)
ساماڻو: درياهه جي پٽ کان ڇا ٿي پڇين، ڌاڻو مهاڻي جي پٽ کان پڇ،
منهنجو حساب ته چوي ٿو ته مڇي کان اڄ به ٿئي
آڱوٺو.
( ڌاڻو ڏند شيڪي، کم کائي مڙي پٽ ڏانهن نهاري ٿي)
ڌاڻو: اونهن. مڇي کان آ آڱوٺو، جو پڻهيان جي باڇاهي آ.
(ڪئميرا ڌاڻو
۽ ساماڻي پٺيان، ڍانڍي کي فوڪس ۾ آڻي ٿي. رڇ کي
پڇڙي کان جهليو)
ڍانڍي: ڇوڪر سچو آ ٻيو ڀلا ڍنڍ جا رڇ به ڪو درياهه ۾ کوپر
کوڙيندا. هينئر درياهه ۾ آهن گجگوڙون، ٻيو تو وارو
رڇ لهي ٽڪو به ڪونه.
( ڪئميرا فاسٽ بين ڪري. ڄار ڇڪيندڙ ڌاڻو تي اچي ٿي. ڄار ۾ پنج
وڏيون موراکيون ڦٿڪنديون اچن ٿيون
رڇ ڇڪيندي آڏ وڏائي سان)
ڌاڻو: اونهن... درياهه، ۽ مهاڻي کي مان نه ڏئي، اوهان جا اندر
ٿيا هن ڪارا. ڪس چڙهي وئي اَٿوَ دلين تي.
(موراکين ۾ نهاريندي هارايل انداز سان)
ڍانڍي: اندر ڪارو آ تنهنجو، ائين ڇو نٿي چئين ته درياهه جو توتي
اَرُ ٿيو اَ رَنَ. اڄ ته موراکيون ئي موراکيون
آهن. ڳاڙهه منهيون.
(شرارت مان)
ساماڻو: ابا خدا سون، رات هڪ هڪ اک ۾ لپون سرمو وڌئين پئي. وارن
۾ ڦڻي جو ڦهڪو هيس.
(هٿ روڪي پٽ کي پري کان ڀونڊو گهروڙيندي)
ڌاڻو: ڇورا هي ته وٺ. لخ جي نالت هجئي. اڙي هي ماءُ سان ٿو
ڳالهائين.
ساماڻو: ڳالهه ڪبي حق جي ٻيو.
(زور لڳائيندي)
ڌاڻو: وات بند ڪر ٽرڙا، آئون اوهان هڙني کي پڄڻ واري آهيان.
ڍانڍي: ڇو نه تون ته درياهه شاهه کي منهن ڏيو ويٺي آهين.
(ڌاڻو ڪاوڙ مان ڏانهس نهاري ٿي)
ڌاڻو: چڱو چڱو، ڪم ڪريو. مڇيون ماڻهين ڪڍندي ڪيئن؟
(ڌاڻو رڇ ڇڪڻ لڳي ٿي. سندس پٺيان پٽ ۽ ڍانڍي به رڇ ڇڪيندا،
مڇيون ڪڍندا ٿا وڃن.
(ڊزالوڊ)
ڏيک – 6
(آئوٽ ڊور – ڏينهن)
( ڪئمرا ٻيڙي کي سڙهه جي زور سان ڪناري ڏي جهلندو ويندو ڏيکاري
ٿي.
ڪئمرا ڪناري تان منشي جي ساٿي کي بند تان ٻيڙي جي جاسوسي ڪندي
ڏيکاري ٿي. ٻيڙي ڪنارو ڏيو. هلندي ٿي وڃي. ڪئميرا
ٻيڙيءَ جي سائيڊ کان درياهه ڪناري هڪ ڪاٺ جي ٺانٺي
واري ڇپر هيٺ 60 سالن جي انڌي پوڙهيءَ کي اٻاڻڪو
ويٺل ڏيکاري ٿي. سندس پاسي ۾ هڪ ننڍڙو اٻالو نينگر
بيٺل آهي.
ڪئمرا ڌاڻو تي اچي ٿي. هوءَ عجيب نظرن سان انڌي مهاڻي ڏانهن
نهاري ٿي. سندس پاسي ۾ هڪ ننڍڙو ڏٻرو اٻالو نينگر
بيٺل آهي.
ڪئميرا ڌاڻو تي اچي ٿي. هو عجيب نظرن سان انڌي مهاڻي جي ليڙون
ليون لڳڙن ڏانهن نهاري ٿي. کيس ڄڻ رحم ويڙهي ٿو
وڃي.
هوءَ ٻيڙي جي ٺانٺي مان هڪ وڏو ڪرڙو کڻي پوري سگهه سان ٺانٺي
مٿان اڇلائي ٿي. ننڍڙو ٻارڙو اچرج مان ڪرڙي ڏانهن
نهاري ٿو)
ننڍڙو : ڏاڏي، ڪرڙو، هيڏو وڏو... وڏو وڏو.
(ڪئمرا پوڙهي تي اچي ٿي. هوءَ عجيب خوشي مان هٿوراڙيون ڏيندي،
ڪرڙي کي هٿ لائي ٿي ڏسي. اچرج مان)
پوڙهي: هان... هي ڪنهن اڇلايو، ڪنهن؟
(ڪئمرا منشي جي ساٿي تي اچي ٿي. هو عجيب انداز سان ٻيڙي ۾ نهاري
ڪنڌ ڌوڻي ٿو.
هو سٽ ڏئي پوڙهيءَ جي هٿن مان ڪرڙو وٺي ٿو.
انڌي حيرت مان هٿ مان ويل ڪرڙي لاءِ هٿوراڙيون ڏيندي ٿي رهي)
انڌڙي: هان هي ڇا ٿيو. هي ڇا... ڪرڙو ڪاڏي ويو؟
(ڪئمرا ننڍڙي تي اچي ٿي. هو عجيب ڏکويل نظرن سان منشي جي ساٿي ۾
نهاريندي رهجي ٿو وڃي ۽ ناءُ ڏاڍي گنڀيرتا سان
ڪنارو ڏيو پري هلندي ٿي وڃي.
Cut
ڏيک - 7
(آئوٽ ڊور ڏينهن)
( ڪئمرا مڏي جو منظر ڏيکاري ٿي. ڍانڍي جي ناءُ مڏي ڏانهن
گهوماٽيون کائيندي ورندي ٿي نظر اچي. سڙهه ڍرو ٿي،
ڦڙ ڦڙ ڪندو ٿو رهي.
ڪئمرا منشي تي اچي ٿي، جو ڪناري تي، ساهمي جي ڀر ۾ رسيد بوڪ
کنيو بيٺل آهي.
سندس ساٿي ڪروڙ کنيو پٺيان پٺيان اچي ٿو. ڪروڙ ڏيکاريندي)
ساٿي: سائين، هي ڏس متان چئين ته انڌا ٿيو پيا هلو. خداسون هي
رستي ۾ ٿا مال نيڪال ڪن. هي ڏس.
(ڪرڙو ڏسي ڪاوڙ مان)
منشي: ته اها ڳالهه آهي.
ساٿي: هوءَ ٺانٺي واري انڌي آهي نه، انهي رستي ٿا مال نيڪال ڪن.
منشي ائين ته خانو خراب ٿي ويندو.
(جوش مان ڪاوڙ دٻائيندي)
منشي: ٺيڪ آ، اچڻ ڏين. اهي اٽڪلون سٽڪلون، مون سان ڪين هلنديون.
مان پاڻهين ٿو مُنهن ڏيانِ.
(ڍانڍيءَ جي ناءُ گهوماٽيون کائيندي ڪپر سان اچي لڳي ٿي. ڌاڻو
آڳي تي پير لٽڪايو ويٺل ٿي نظر اچي. ڄڻ هاڻ ڪم سان
سندس ڪو واسطو ئي ڪونهي.
ڍانڍي ۽ ساماڻو مڇيءَ ڀريل کارا کڻي، ساهميءَ تي رکن ٿا.
ڍانڍيءَ ڏانهن نهاري)
منشي: ميان، مون کي خبر پئي آهي ته اوهين رستي ۾ ٿا مال نيڪال
ڪريو.
(ڌاڻو جي نظر ان ڳالهه تي منشيءَ ڏي وڃي ٿي، چوٽ کائي)
ڍانڍي: سائين اِهو نسورو ڪوڙ آهي. اسان جو ڌنڌو سچ جو آهي. پاڪ
درياهه شاهه جيان.
منشي: پر جي سڳَ سوڌو شاهد ڏيان ته پوءِ؟
ڍانڍي: اهڙي شاهدي ڪوبه ڪونه ڏيندو.
(ڪئمرا ساٿيءَ تي اچي ٿي جو ڍانڍيءَ اڳيان ڪُرڙو پٽ تي اُڇلائي
ٿو
(ساٿيءَ ڏانهن اشارو ڪندي)
منشي: ته پوءِ هي ڇا آهي؟ هي شاهد بيٺو آ. ڇا، هي ڪُرڙو اوهان
انڌڙيءَ آڏو نه اُڇلايو هو؟
(ڪئمرا فاسٽ بُلر ڪري ڌاڻو ٿي اچي ٿي. ڌاڻو جي تن بدن ۾ ڄڻ باهه
لڳي ٿي وڃي. اڇانگ ڏئي اُٿندي)
ڌاڻو: هن رن مُنهين کان ڇا ٿو پُڇين؟ اهو ڪُرڙو مون اُڇلايو
هو..... مون....
منشي: ڇو؟
ڌاڻو: ڇو وري ڇو؟ ڇا درياهه کي موکا ڏيڻ ڏوهه آهي؟ منشي، ان
انڌڙي پوڙهي ساري ڄمار درياهه کي پنهنجو رت ست،
نور سور ڏنو آهي. ڇا هاڻ هوءَ درياهه کان هڪ ککي
به نه لهڻي؟
(کن لاءِ سڀ ڄڻ سن ۾ اچي وڃن ٿا)
ڌاڻو: اڙي منشي، هانوَ تي هٿ هڻي ڳالهه ڪر، هوءَ درياهه کان
ايترو به نه لهڻين ڇا؟
اوهان جي اک جو پاڻي ڇو مري ويو آهي؟
منشي: پر مائي، پهرين مڇي مڏي تي اچڻ گهرجي.
ڌاڻو: نه پهرين درياهه شاهه جو قرض، پوءِ مڏي، ڪن کولي ٻڌي ڇڏ
کڳا، ڄاڙهه هڻڻ جي ضرورت ڪانهين. توکي حساب ڪاٽڻو
آهي ڪاٽ.
منشي: ٺيڪ آ. ته پوءِ سڀاڻ کان اوهان جي ٻيڙي سير تي ڪانه
چڙهندي.
(چٻرا ڏيندي)
ڌاڻو: اڙي وهه ڙي واهه، سير تي ڪانه چڙهندي، ته ٻيو ڇا سڪي تي
چڙهندي. او کڳا، سڀاڻ منهنجي ٻيڙي سير تي چڙهندي،
جيڪا ڪاهڻي ٿئي ڪاهجانءِ.
(ڍانڍي وڌي رسيد وٺي ٿو)
ڍانڍي: منشي، اسان ته تنهنجي رشيد ڪڏهن ڪانه پڙهي، پوءِ ڪيئن ٿو
اسان کي بي ايمان ٺاهين.
(مڙس کي هڪل ڪندي)
ڌاڻو: هاڻ منهن ڇا ٿو ڏسينس، ٺڳ کي سڀ ٺڳ نظر ايندا آهن، تون
ٻيڙي اڪلاءِ (ڍانڍي ٻيڙي جو ڪلو ڪڍي ٿو، ۽ سٽ ڏئي
ٻيڙي ۾ چڙهي ٿو. ٻيڙي گنڀيرتا سان وڌي ٿي)
ساٿي: منشي، هاڻ هنن جو پيٽ ڀريو اٿئي. سڀاڻ ئي حساب چڪتو ڪرين.
(ٻيڙي ڏانهن نهاريندي وڏي سوچ سان)
منشي: ميان ، درياهه جا حال ڏسين پيو. اها انهن جي دل آهي جو
سير تي ٻيڙي چاڙهيو، چار مڇيون آڻين ٿا. ٻيو ڪنهن
کي موت کنيو آهي، جو انهي مڇريل درياهه ۾ ٻيڙي
لاهي، جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي. باقي ٻيلي ماڻهو
دل جا سچا اٿئي.
(ساٿي منشيءَ ڏانهن نهاريندو رهجي ٿو وڃي)
Desolve
ڏيک – 8
(آئوٽ ڊور - رات)
(ڪئمرا درياهه کي پنهنجي پوري طاقت ۽ گنڀيرتا سان وهندو ڏيکاري
ٿي، پاڻي ۾ واڏا واڏا ٿڙ لڙهندا نظر اچن ٿا. سج
پري ٻوٽار ۾ لڙهندو ٿو وڃي.
ڪئمرا درياهه ڪناري، ڌاڻو جي ٻيڙي جو منظر پيش ڪري ٿي. ڌاڻو
ٻيڙي جو ڪلو گپ مان طاقت سان سٽ ڏئي ڪڍندي نظر ٿي
اچي.
ڍانڍي، سڙهه سڌو ڪندو ٿو نظر اچي ۽ ساماڻو ڊگهي لوڙهه کنيو ٻيڙي
اڪارڻ لاءِ وڌندو ٿو نظر اچي. ڪنڌي تي مير بحر رڇ
سڄا ڪندا ٿا نظر اچن.
هڪ پوڙهو مهاڻو ڌاڻو کي ڪلو ڪڍندو ڏسي)
پوڙهو: مائي، اڄ ته درياهه ڦاٽي ٿو، متان ٻيڙي سير تي چاڙهي
اٿئي.
(ڪلي وارو رسو ٻيڙي ۾ اڇلائي ٿي)
ڌاڻو: چاچا، گندري کي درياهه ڪوهه ڪندو؟
مهاين جا ٻيڙا درياهه تاريندو آ،ٻوڙيندو ڪڏهن ڪين.
(ڌاڻو سٽ ڏئي ٻيڙي ۾ هلي ٿي وڃي. ساماڻو لوڙهه ڪپر ۾ اڙائي پوري
طاقت سان، ٻيڙي کي ڪپر کان ڇڏائي ٿو. ڍانڍي سڙهه
چاڙهي ٿو ڇڏي. ٻيڙي هوريان هوريان ڏاڍي گنڀيرتا
سان ڪنارو ڏيو جهلندي ٿي وڃي.
(کن پل جي ساهي)
(ڪئمرا درياهه جي سير ۾ ڌاڻو جي ٻيڙي ڏيکاري ٿي. ڌاڻو ساڳئي طرح
اَڳي تي ويٺي، رڇ ڇڏائيندي ٿي وڃي. ڍانڍي ۽ سندس
پٺيان ساماڻو رڇ ڇڏائيندا وڌائيندا ٿا وڃن.
ڪئمرا ٻيڙي تان پين ڪندي، اوڀر ۾ڌوڙيو ۽ ڌنڌ ٿي ڏيکار.
اوڀر ۾ نهاريندي)
ڍانڍي: ڀانيان، طوفان پيو اچي.
(اوڀر ۾ نهاري)
ساماڻو: ها، اوڀر ۾ ڌوڙيو آهي، طوفان مينهن واءُ ڪندو پيو اچي.
(اوڀر ۾ نهاري)
ڌاڻو: کلا ڀاڙي، هانءُ ٿو ڦاٽئي. اڳ ته ڄڻ مينهن واءُ ڏٺو ئي
ڪين اٿئي.
(ڪئمرا طوفان اڀرندو ٿي ڏيکاري
Wind Sound effect
ٻيڙيءَ مٿان طوفان ورندو ٿو وڃي سڙهه لاهڻ جي ڪوشش
ڪندي، هڪل ڪندي)
ڍانڍي: رن طوفان اچي ويو، جلدي سڙهه لاهه.
(ٻارڙي کي هڪل ڪندي سڙهه لاهڻ لڳي ٿو.)
ڍانڍي: ٻيڙيءَ ۾ قابو ٿي ويهو.
(ڌاڻو ننڍڙي ڌيءُ ۽ پٽ کي ٻيڙي جي وچ ۾ ٽيڪو ڏئي وهاري ٿي.
طوفان پوري طاقت سان ٿو اچي. ڍانڍي، ساماڻو ۽ ڌاڻو جهڙو ئي تڙ
تڪڙ مان سڙهه لاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اوچتو سڙهه
ساماڻي کي لڳي ٿو وڃي. اوچتو ڌاڻو جي نظر ساماڻي
تي پوي ٿي. رڙ ڪندي لوهه پائي ٻيڙي مان تنبو کڻي
رڙ ڪندي)
ڌاڻو: ساماڻا، متان هيڻو ٿيو آهين. آئون اچان پئي.
(ڌاڻو تيزي سان تنبو کڻي درياهه ۾ ٽپ ڏئي ٿي. ڍانڍي واتان رڙ
نڪري ٿي وڃي. ڍانڍي پوري طاقت سان درياهه ۾ مڇي
جيان ٽپ ڏئي ٿو.)
ڍانڍي: ساماڻا.
(هوريان هوريان درياهه مٿان ڪارو طوفاني ڌنڌ ڇائنجي ٿو وڃي.
اونداهين مان، طوفاني سونسٽن ۾ ڌاڻو ڌاڻو ۽ ساماڻي
جا آواز درياهه ۾ گجندا ٿا رهن)
ڌاڻو: ساماڻا... ڪٿي آهين، سڏ ڏي.
ڍانڍي: ساماڻا... ڪٿي آهين. لهرن تي پاڻ کي لهوارو ڇڏي ڏي، ڪپرن
ڏانهن هٿ هڻ.
(طوفان ۽ درياهه گجندا ٿا رهن. ڌاڻو ۽ ڍانڍي جي آوازن جو پڙاڏو
درياهه ۾ لڙهندو ٿو وڃي) ( سهڪي سان)
ڌاڻو: ساماڻا..... ساماڻا، ڪٿي آهين، سڏ ڏي ساماڻا ڪٿي آهين.
----- طوفان-----
(ويرم جي وٿي)
( هوريا هوريان طوفان ماٺو ٿيندو ٿو وڃين ڌاڻو تنبي تي ترندي
ڪناري تي اچي ٿي. سندس هانءُ ڄڻ هڪي کان ٿو اچي.
هوءَ ڪناري تي چڪڻ مان سهڪندي ڪري ٿي – سندس وات مان گهوتن جو
پاڻي خارج ٿئي ٿي. هوءَ ڌپي ڌپي اٿي ٿي.
ڌاڻو: ساماڻا.... ساماڻا ڪٿي آهين، سڏ ڏي... ڪٿي آهين.
(ڌاڻو سٽن ۾ اچي، درياهه ڪناري، چرين جيان لوهون ٿي پائي، ريهه
ڪري)
ڌاڻو: او درياهه.... منهنجو ساماڻو ڪٿي آهي. منهنجو ساماڻو ڪٿي
آهي.
(ڌاڻو، گپ چڪ ۾ ڊوڙندي اٿڙي ڪري رانڀاٽ ڪري روئي ٿي. منهن تي گپ
مليندي)
ڌاڻو: الا مون سان جاڙ ٿي وئي. منهنجو ساماڻو ڪٿي آ. او متا
مهراڻ جباب ڇو نٿو ڏين.
جباب ڇو نٿو ڏين. انڌو ٿيو آهين؟ جباب ڏي
(۽ پوءِ منهن ۽ جوٽون پٽيندي چرين جيان درياهه مٿان ويهو،
رنڀندي ٿي رهي. گپ ۾ منهن وجهي رانڀاٽ ڪري روئي
ٿي.)
او درياهه، اسان ۾ ته واڳون به وات ڪين وجهن، توکي به مڏي جو
منشي سمجهان ڇا؟
(درياهه وهندو ٿو رهي. ڪئمرا ڊانڍي کي پري پري تائين رڙيون ڪندي
ڏيکاري ٿي)
ڍانڍي: ساماڻا... ساماڻا.
(اوچتو سندس نظر زال تي پوي ٿي)
ڍانڍي: ڌاڻو.....
ڌاڻو: ڍانڍي...
(هوءَ ڊوڙي مڙس کي ڀاڪر پائي ڍڪون ڀري روئي ٿي)
ڍانڍي ساماڻو ڪٿي آ. چپ ڇو آهين ڍانڍي. منهنجو ساماڻو ڪٿي آ؟
(اوچتو سندس نظر، مڙس جي ڪلهي کان پري، اونڌي پيل ساماڻي ڏانهن
کڄي ٿي وڃي. زوم مان ڊوڙندي رڙ ڪندي)
ڌاڻو: ساماڻا.
(ڪئمرا ساماڻي کي زوم ان ڪري ٿي. ساماڻهو انتهائي ڪمزور حالت ۾
اونڌي منهن پيل نظر اچي ٿو. سندس وات ۾ پاڻي بڙڪاٽ
ڪيو نڪري ٿو.
ڌاڻو ۽ ڍانڍي ڊوڙندا، ساماڻي مٿان اچن ٿا. ڍانڍي هڪدم ساماڻي جي
پيٽ هيٺان ٻانهن ڏئي، کيس ڦيرائي، سندس وات مان
پاڻي ڪڍي ٿو.
ساماڻي ۾ ڌپي ڌپي ساهه پوي ٿو. هو ماءُ پيءٌ ڏانهن نهاري، وري
اَسيس کان اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي. ماءُ ۽ پيءُ ۾ ڄڻ
نئون ساهه ڦوڪجي ٿو وڃي. اوچتو ڍانڍيءَ جي نظر
درياهه ڏانهن ڀٽڪندي ٿي وڃي)
Cut
ڪئمرا ڪٽ ڪري، دور درياهه وچ ۾ ڍانڍيءَ جي ناءُ کي وچ سير ۾
گهوماٽيون کائيندي وهندو ويندي ٿي ڏيکاري – ٻئي
ننڍڙا ٻارڙا پوري طاقت سان ٻيڙي ۾ گڏ ٿيل پاڻي،
دٻن سان ڪڍندا ٿا وڃن.
ٽانڊاڻي جي لاٽ
- پين ڪاغذ ۽ منهنجي، ڪهاڻيڪار، جي وچ ۾ ٺهيل هيءُ
ٽڪنڊو ڪڏهن ڊهندو يا نه، نٿو چئي سگهان---- شايد
مون توکي اڳ به ٻڌايو هو ته مون کي ڪا
Justification
ڪونهي. جيتوڻيڪ ماڻهو ٻين جي خرچ ۽
Inconvinience
تي پنهنجون دوستيون ۽ محبتون تاتيندا آهن ۽ انهن
کي
Justification
هوندي آهي، پر مون وٽ لکڻ لاءِ ڪابه
Justification
ڪونهي.
پريم ۽ مڪتي مون لاءِ مخالف ڏس ۾ ويندڙ ٻه رستا آهن. ڪتابن ۾
پڙهيل، ٻڌل ڏٺل ڳالهين، تجربن ۽ واقعن جي تشريح ۽
معنيٰ مون لاءِ بي معنيٰ آهي (اها منهنجي تشريح ۽
معنيٰ سان ميل نٿي کائي ۽ جي مان ٻڌايل ۽ عام قبول
ڪئي ويندڙ معنا ۽ تشريع قبول ڪيان ٿو، ته مون
لاءِ انساني حياتي بي معنيٰ ٿيو وڃي) ---- مظهر
ميمڻ
لکڻ ڇڏي ڏيڻ کان انڪار ائبسٽريڪٽ انڪار هو. لکڻ مون نه ڇڏيو،
لکڻ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. ڪهاڻي مون لاءِ نه مئي
آهي، پر شايد ڪٿي، ڪنهن خطرناڪ موڙ تي، خالي دماغ
سان هلندي آئون ڪهاڻيءَ لاءِ مري ويس – ماڻهو ان
وقت پاڻ کي ڀرپور طريقي سان ذهني ۽ جسماني طرح ٿڪل
محسوس ڪندو آهي جڏهن هو پاڻ کي غلط سمجهندو آهي.
آئون هيل تائين پاڻ کي غلط سمجهندو رهيو آهيان،
ريئلائيز مون ڪيو آهي ته آئون سوڊو انٽليڪچوئل
ساهت کيتر ۾ رووليوشن آڻڻ جو ڀرم کڻي هلندو رهيو
آهيان. ڀرم ذرا ذرا ٿي ويو. اهو ڌڪ جي پچائي ويس
ته شايد وري لکي سگهان. لکڻ ٻيو ڪجهه به نه رفيوج
آهي. آئون ٿڪل، ڊنل هاريل جنگ وڙهندڙ انسان صرف
لکڻ ۾ ئي رفيوج وٺي سگهان ٿو ( ان احساس کي کڻي
شايد لکي سگهان) --- هڪ ڳالهه: لکڻ جو ڪارڻ؟ نيٺ
انسان ڇو ٿو لکي؟ جڏهن ته زندگي پٺيان ڪو مقصد يا
ڪارڻ هجڻ ضروري آهي! (پوءِ ڪارڻ جي ڳولا جي
ضرورت)؟ --- اسين لکڻ کي ٿاڦوڙا هڻي مڃي به هلون
ته به ڪارڻ جي ڳولا ۾ ڪا راهه نڪري سگهي ٿي، پر
اسين پنهنجي کوکلائپ ۽ اگهاڙپ کي مڪمل روپ ۾ ڏسڻ
کان ڇرڪون ٿا.... مشتاق احمد شورو
اسان جي مٽ ۾ صدين جو سرمايو دٻيل آهي. سڙيل ۽ ڳريل. ان ۾ ڪابه
گنجائش ڪانهي. ڪتابن جا سان ڪورا ۽ اڻڇپيل آهن...
مٽ ڀڃڻا پوندا. مان شايد نه پر يقينن اٺ پکي
ناهيان. مان مطالبو آهيان.
Protest
آهيان انساني امنگن، حسرتن ۽ خواهشن جو.
– شرجيل |