(5 )
ڪو به نه آيم ڪَڍَ،
آوءٺي تن جي آڍَ،
ڇَپَرُ ڪالهه ڇڏي ويا.
وَر وَر ڏيندم ڪيترا،
اوٺِي ڳوٺي وَڍَ!
ڇَپَرُ ڪالهه ڇڏي ويا.
آءُ، اُهيئي ڏاکڙا،
هُو جي ڏونگر ڏَڍَ،
ڇَپَرُ ڪالهه ڇڏي ويا.
(6 )
لڦونُ لال ليارَ،
ڪيرُ چميندو چاهه مان؟
ڳولي لڀن ڪو نه ٿا، ڪُلهي ڪوڏيا يارَ.
جوٺي جڳ جي اوميان، ڪهڙي سار و سِارَ!
توڙي ڏونگرَ ڏاکڙا، پنڌ، پراهان پارَ.
ڏاهي ڏک نه آئُڙيا، ويڳاڻا ويچارَ.
مان ۽ منهنجو پنڌڙو،ٻي ڪنهن ڪوههُ ميارَ.
(7 )
جيڏيون! جنهن ويرا!
وءُ لَٽيا پيرا،
مان ڪئن جيئنديس جتَ ري!
توڙي ڏونگر چوٽ تي،
ڏاگھن جا ڏيرا،
مان ڪئن جيئنديس جتَ ري!
پَٽُ لڳي ٿو پَٽَ جان،
ڪهڙا ڪانڊيرا،
مان ڪئن جيئنديس جتَ ري!
ڀينر ! هن ڀنڀور جا،
ماڻهو سڀ ميرا،
مان ڪئن جيئنديس جتَ ري!
(8 )
تون ته وسين ٻي پار ، مون
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
ڀڪون سامهون سير جي،
ڀڄن ڪو نه ڀتار، مون
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
پرکين ٿو مون کي ميان،
ويهي پاڻ پرار!مون
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
روز جُکائن جِيءَ کي،
واڳيتِل ويچار، مون،
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
اُڀ ڪپي اوڙاهه جا،
ٻُرن ڪُنَ ڪپار، مون،
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
ڌار به هوندي،الهه تون،
مون کان مور نه ڌار، مون
ڏينهن نه اُلهي ڏَمَ سان.
(9)
اَرٽ نه اوب اُنَ،
اَڄُ ڇا کان ڪاپائتي؟
چرخو ڇو هئن چُپ آ؟ اڱڻ ايڏي سُنَ!
ڪالهوڪيون ڪاپائتيون، ڳڙڪايون ڪنهن ڪُنَ،
ويِههُ نه وِنگيءَ ٽَڪَ سان، چَپَن لائي چُنَ.
(10 )
ساجُهر توڙي سَنجھه،
سپنا ساڳيا ساهه ۾،
ڪيڏي ڪارونڀار ۾،
هَٿَ ائين ئي وَنجھَه،
سپنا ساڳيا ساهه ۾.
گونج اڳي جان گيت جي،
ڏات اڳي جان ڏَنجھه،
سپنا ساڳيا ساهه ۾.
جيون جگنو چمڪيا،
اڄ ڪي اکين منجھهَ،
سپنا ساڳيا ساهه ۾.
(11 )
جيءُ جھپايو اَڀَ،
ماڪَ پوي ٿي مانگهه جي،
رَهڙن ٿا ڄڻ چنڊ جو،
چهڙو اوچا ڊڀَ،
ماڪَ پوي ٿي مانگهه جي.
ڌرتيءَ ۾ دهڪن پيا،
ڪيئي ڳاڙها ڳَڀَ،
ماڪَ پوي ٿي مانگهه جي.
نياز همايوني
گيت
گيت لکان يا ڳوڙهن ۾ ڳالهه ڪيان!
راهون ڪيئي ليڪن مون کي،
ڪابه انهن مان راس نه آئي،
جن راهن ۾ ريت نه ڪائي،
تن تي ڪيئنءَ مان پير ڌريان ...
صبح صدا جان آيو ويو پر،
شام وڃڻ جي ڪا نه ڪري ٿي،
رات وري ٿي جان جُھري ٿي،
هاءِ الا، مان ڪينءَ ڪريان ...
آس نراس جي اَڌيڙن ۾،
ويتر ٿي تقدير اڻائي،
تدبيرن ڪئي ڪانه سڻائي،
اوندهه اُپڙي اوريان ، پريان
جن سان وسي ٿي دل جي دنيا،
ديد وري ٿي پڻ ديدن ۾،
آءُ انهن ئي اميدن ۾،
آئندي جا پيو رنگ ڀريان....
گيت لکان يا ڳوڙهن ۾ ڪا ڳالهه ڪريان.
ماهيا
اسين جوڳيئڙا دم اَلهي اَلا،
هليا ويندساسي لکڻي ڪو غم الهي الا!
منهنجي در تي چنبيليءَ وَل ماهيا،
گل گھوري وٺان توتي گھوڙي ته جھل ماهيا،
ڪُنڍيون ڀروان ته سنهڙا چپ بالو،
اسان ترسون ڪينءَ تو وٽ سانڍيل سپ بالو،
آيو اسر لهي ويو چنڊ ماهيا،
تنهنجي اوسيئڙي پيهان ويٺي جنڊ ماهيا،
گھُلي هير ته آئي گِهل بالو،
اسان پنڪيءَ ۾ پڙهيا نينهن نفل بالو،
آڌيءَ ويلي اونڌاها گس ماهيا،
بالو پڇندي وتي تنهنجا تارن کان ڏس ماهيا،
بازار وڪامي ڪچ بالو،
متان ڪنهن جي نظر لڳئي، ماڻهن کان بچ بالو،
اٿئي ڪک جي هيٺان لک ماهيا،
منهنجا نيڻ شرابي، اچي چڪڙي ته چک ماهيا.
سائي بوتل ۾ لال پري بالو،
مندُ ورندي جواني نه ورندي وري بالو،
ساري لوڪ مٿي، جهلي ڇٽُ ماهيا،
بالو ڪينءَ جيئي جنهن لي ڳچيءَ ۾ ڳٽ ماهيا،
سائي سرنهن ته پيلا گل بالو،
دل ڪانه، ڪئي؛ ڪئي اکڙين ڀُل بالو،
ٻاريا جبل تي جوڳين مچ ماهيا،
لڙي آءُ گھڙي ته ڪي ڳاڙيون ڳچ ماهيا،
اُ ٺ مهري ته نيري جھُل بالو،
تنهنجري ٽهڪن مان ٽڙيا ٽانگر جا گل بالو،
منهنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ ماهيا،
مان پنهنجي نه ٿيس تون ته منهنجو بَڻ ماهيا،
بگي گھوڙي گلابي تل بالو،
ماڻهو بهجي ويندا، لوڏي ٻانهن نه هل بالو،
ڪيا کنوڻين کيج اُتر ماهيا،
مان صدقي وڃانءِ ايڏا ماڻ نه ڪر ماهيا.
تنهنجي شهر ۾ رنگ محل،
تو جو پاتو ڪجل ٿي پيا ڪيئي قتل بالو،
اڄ پير حضور تي تلِ ماهيا،
منهنجو اڱڻ اونداهو اچي کنوڻ جان کل ماهيا.
تنهنجي ڳل تي ڪارو تر بالو،
کلي نيڻ ته کڻ ، ويندو ڪنهن جو سر بالو،
سائو سرينهن جو وڻ ماهيا،
ڇڻي آهيان گل جان اچي مون کي کڻ ماهيا،
پڪيون ڪڻڪان ته سونا سنگ بالو،
تنهنجي آرس ايئن ڄڻ انڊلٺ ونگ بالو،
پکي ويٺا وڃي وڻ ٽڻ ماهيا،
چنڊ اڀريا لٿا، آئين تون نه اڱڻ ماهيا،
پکي ويٺا وڃي وڻ ٽڻ بالو،
ڪيم ٻانهن سيراندي لڳم تنهنجي اَڻ تڻ بالو،
آيا ڪينجھر تي ڪهي ڪنگ ماهيا،
اسان سک نه سمهياسي سڃا سيج پلنگ ماهيا.
اجھا وڻ تان اڏاڻي هل بالو،
اسان مرنداسي پر مرندي نه دل بالو،
ڦٽي پوکڻ پاسي جھل ماهيا،
مند آئي وري اچي هاڻ ته مل ماهيا،
ڍڪيا ساوڪ سارا پٽ بالو،
تنهنجا پور ائين ،ڄڻ پاري جي سَٽ بالو،
منهنجي کاڏيءَ تي هلڪو چُگھه ماهيا،
مون کي ڀوريءَ ڏنگيو اچي ڦيڻو ته وجھه ماهيا. |