تنوير عباسي
ٿڃ جا گوُها: شعر
(1 )
ماضي سچ ڪڙو هو،
ڄڻ ڪو مڌ پروڪو.
جيڪو خواب ڪلهوڪو،
سوئي سچ اڄوڪو.
سڀڪو سپنا ماڻي،
ساڀيا ماڻي ڪوڪو.
اسان ملائڪ ناهيون،
اولوڪو اولوڪو
گل ڇڻڻ جو ڪاٿي،
تو آواز ٻڌو ڪو؟
(2)
ٿڃ جي گوُهي جيان،
شعر نڪتو ذهن مان.
ڄڻ ڏينهون ڪو کُليو،
ڄڻ ڦٽيءَ آ منهن ڪڍيو.
ڄڻ ته اڪ ٽُٽڙو اُڏيو،
واءَ تي ترندو ويو.
(3 )
سياري پنَ ڇڻن،
ڇڻن نه تنهنجون ڳالهڙيون،
چنبڙي دل کي پون.
سياري جھڪو درياهه،
جيئن لهي درياهه تيئن،
چڙهي وڃي ٿو چاهه.
سياري ننڍڙو ڏينهن،
جيئن ننڍو ٿئي ڏينهن تئين،
وڌي وڏو ٿئي نينهن.
(4 )
پنڌ آهي پري،
پنڌ آهي پري.
تيسين ترسي ته پئو،
ڏينهن جيسين ٺري.
جيسين موٽي اچين،
ڪو جيئي، ڪو مري،
پنڌ آهي پري.
شال موٽي اچي،
تون لڳين مون ڳري
پنڌ آهي پري
(5)
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇمڪي ڇير،
آيو ڪير،
منهنجي اڱڻ ۾،
هي ڪهڙو ٿي ويو آ جادو،
وايو منڊل سارو خوشبو،
سرهي سانجھه سوير،
آيو ڪير،
منهنجي اڱڻ ۾.
گونجيا گونجيا گيت ڪٿان هيءُ،
سازن آندي ريت ڪٿان هيءُ،
هي ڀُڻ ڀُڻ جا پير،
آيو ڪير،
منهنجي اڱڻ ۾.
ٻاهر ۽ اندر آئينو،
جرڪي دنيا، جرڪيو سينو،
لهي ويا سڀ مير،
آيو ڪير،
منهنجي اڱڻ ۾.
(6)
جي منهن مٽايوَ، مري وياسين،
۽ جي نهاريوَ ته جي پياسين،
ٻه جام پي ۽ ڌٺو اوهان ڏي،
ته جي هئاسين، سو ٿي پياسين.
ڏٺي سين اوندهه، اندر سڙي پيو،
ڏيئا هئاسين، ٻري پياسين.
شهر اوهان جي اچي خبر پئي،
ڀُليا هئاسين، ڀُلي پياسين.
(7)
مون تون کي هٿ ڏنا،
ان لاءِ ته ڪم ڪرين،
۽ تون انهن هٿن کي،
گھڙيءَ گھڙيءَ هر ويلي،
دعا جي لاءِ کڻين!
(8)
ڪيتريون سهڻيون صورتون،
تنهنجي صورت ڪٿي؟
ڪيتريون مهڻيون مورتون،
تنهنجي مورت ڪٿي؟
شهر جي شور ۾ تنهنجي آواز کي،
مان سڃاڻي وٺان،
تون گلن ۾ لڪي جي وڃين توکي
ڄاڻي وٺان،
هيءُ نُوري نظارا لڪائي سگھن ٿا
نه توکي ڪڏهن،
منهنجي دل تان مٽائي سگھن ٿا
نه توکي ڪڏهن.
گوڙ ۾ گم ته ڀي توکي ڳوليان پيو،
توکي ڳوليان پيو،توکي ڳوليان پيو.
(9)
تون ياد اچين ايئن جيئن هير گھُلي ٿي،
اڻڄاتي خوشي ڄڻ منهنجي جھوليءَ ۾ جھلي ٿي.
ڄڻ ماڪ پوي ٿي، ۽ ڪا ٿڌڪار ٿئي ٿي،
ڄڻ صبح ٿئي ٿو، وري مکڙي ڪا کُلي ٿي.
ايئن پيار جي هٻڪار وڃي ڦهلجي جڳ ۾،
ڄڻ شهر ۾ افواهه ٿي ڪا ڳالهه هُلي ٿي.
(10)
سو ڪهڙي تي ساوڪ آئي، ساوڻ مينهن پيا،
توسان نينهن ٿيا.
ڳاڙها پيلا ناسي نيلا، ڄڻ ڪي گُل ٽڙيا
مڌر مڌر هئي سالت ائين ڄڻ ڪيئي ساز ڇڙيا،
ڪين وريا سي، جيڪي اونيهن اکڙين منجھه گھڙيا.ٺ
مڌ پي نه لڏيا ڪڏهين سي،توکي ڏسي ٿڙيا.
رات اسان جي من جي اُڀ تي ڪيئي چنڊ کڙيا.
(11)
گھٽين ۾ رلون ٿا،
ٿڙون ٿاٻڙون ٿا،
گھڻو ئي پيون ٿا،
۽ ٿورو جيئون ٿا.
جي الزام اچن ٿا،
ته چُپ چُپ ٻڌون ٿا،
اتان ٿو کڻي جڳ،
اسان جت ڇڏيون ٿا،
اوهان ڏي ڏسون ٿا،
غزل ڄڻ لکون ٿا.
اوهان پٿرن کي،
اسان ئي گھڙيون ٿا.
(12)
هيءُ ڪنهن جو لاش آ،
جنگ جي ميدان ۾،
ڪهڙو پاسو زور ٿيو،
ڪهڙو پاسو گھٽ ٿيو.
ڪنهن جو رت هاريو گھڻو،
ڪنهن جو رت آ گھٽ وهيو.
ڪنهن کي ڌڪ ڳورا لڳا،
ڪنهن کي ڌڪ ٿورا لڳا.
ڪنهن کي گھرا گھاوَ ٿيا،
ڪنهن کي هلڪا زخم ٿيا.
ڪير آڪڙجي ويو،
ڪنڌ ڪنهن جو آجُھڪيو.
ڪنهن تي بم برسيا گھڻا،
ڪنهن جا گھر سڙيا گھڻا.
ڪهڙي پاسي جا گھڻا،
ٻار ٿيا آهن يتيم،
ڪنهن طرف رب ڪريم.
ڪهڙي پاسي باهه گھٽ،
ڪهڙي پاسي آهه گھٽ،
ڪهڙي پاسي سور گھٽ،
ڪنهن طرف مجبور گھٽ.
هيءُ ڪنهن جو لاش آ،
جنگ جي ميدان ۾.
هن جي پاسي آ کٽيو،
يا انهيءَ هارائيو،
هي ٿيو آهي شهيد،
يا جھنم ۾ رسيد.
رحمتون ڪنهن تي وسيون،
لعنتون ڪنهن تي وسيون.
هيءُ منهنجو لاش آ،
توڙي اُن آهي کٽيو.
يا انهيءَ هارائيو.
هيءُ منهنجو لاش آ،
هيءُ منهنجو لاش آ.
هن نڪو آهي کٽيو،
۽ نڪو هارائيو.
مات ٿياسون تون ۽ مان،
مات ٿي انسانيت،
سر جھڪائي شرمسار،
بيٺي آ رحمانيت. |