ذوالفقار راشدي
شعر
سوچ جي ئي جھول مان،
خيال جي ڪهول مان،
هورا کورا هول مان،
گُمان جي جھول مان،
پنهنجي ڌيان _ کاڻ مان،
وهم ڪـــجھه ڌڻــــيا آهـــــــــــــــن: شعر سي بڻيا آهن.
روح جي غبار تي،
انڊلٺي اُڀار تي،
ڌيان جي قطار تي،
ڄڻڪ سلمي ستار تي،
مخملي ڇهاو سان،
شيشا ڪــــــي چڻـــيا آهــــــــــن: شعر سي بڻيا آهن.
ڪهڪشان جي نير مان،
سنڌوندي سير مان،
چانڊوڪيءَ جي کير مان،
۽ ڏکڻ جي هير مان،
مون اندر جي اونگھه ۾،
گـــــــيــــــــت پئي سُـــــڻيا آهـــــــن: شعر سي بڻيا آهن.
رڻ جي رات ٻاهران،
موت جهڙي چُپ چپات؛
پر اندر ۾ هات تات،
چنگ جھڙي لات بات،
برکا ـــ رُت، بسنت مان،
ڏيـــــــک ڪـــــــي وڻــــــيا آهـــــــن: شعر سي بڻيا آهن.
ڏوهه ڇا، ثواب ڇا!
هت سزا نه ڪا جزا،
ڏهاڳ ۽ سهاڳ هڪ،
هانءُ داغ داغ آ؛
ڪلڪ جي چهنب مان،
رت ــ ڦڙا ڇڻيا آهن: شعر سي بڻيا آهن.
واقعن جي پانهڻ مان
حرف حرف کي ڪوري؛
ڌيان گيان سان پرکي،
هنر جي تُريءَ توري؛
لفظ لعل پويا مون،
هـــــــار سَوَ _ ڪــــــــڻيا(1)
آهــن: شعر سي بڻيا آهن.
هي عدم جي اوجھه ۾؛
ڪي صديون سڙيا آهن؛
گيت پوءِ جنم ڌنم،
هر ڪنهن پڙهيا آهن؛
ليڪ منهنجي جيري جا،
زخـــــم ڪنـــهــن ڳـــــڻــــيا آهـن! شعر سي بڻيا آهن.
سوچ لوچ، اوک ڊوک،
پرت، پيڙ ۽ پڇا؛
وقت جو سماءُ ۽ صدا؛
سرت،ساءُ ۽ صدا؛
عشق جو مشڪ ۽،
حـــسن جـــي مــــــڻيـــا(2)
آهــــــن: شعر سي بڻيا آهن.
زندگيءَ جي پوک مان،
مون بچايا ٿي گھڻا؛
حادثن جي جھار کان،
بچي سگھيا ٻه ٽي ڪڻا؛
ڪانبو پائي ڪنڌ ۾،
ڪـــــــنڊ(3)
مــــان لُــــڻــــيا آهـن: شعر سي بڻيا آهن.
تاج بلوچ
دل دوزخ، دل جنت
ڪالهه مان ٻالڪ هئس،
سائي ورتل ٻارڙو.
تڏهين منهنجي ماءُــ پيءُ؛
سِمَ کاڌل، اوڏڪي ڀتين پٺيان،
هٿ کڻي مون لئه دعائون
ٿي گھريون:
’ٻارڙا،
شل آڍڙو ٻڍڙو ٿئين ــــ
خوشيون ڏسين،
واءُ ڪوسو شل نه ڪو توکي لڳي‘،
منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي جيئري مگر،
ڪين اگھجي ڪا سگھي،
تن جي هڪڙي ڀي دعا؛
هاءِ منهنجا ماءُ ـــ پيءُ !!
آءُ ننڍڙو، ساٿي ورتل ٻارڙو ـــ
اسڪول کان ڪاليج تائين،
جيون جي هر ڪنهن موڙ تي؛
نفرتن ، محرومين ، مايوسين جي ڳالهه ۾،
ڳهندو رهيس، وهندو رهيس،
پر نه ماڻي مون سگھيا:
’قياس، قربت، راحتون.‘
.... .....
پيٽ جي ٻارڻ کي ٺارڻ واسطي،
هر اگھي لحظي کي ٽارڻ واسطي،
ماڻهپي جھڙي جياپي لاءِ، اونداهيءَ خلاف ــــ
هر گھٽيءَ ۽ گام تي،
روشنين، قربتن ۽ شفقتن جا خواب ڪيئي اڻڏٺل _
پنهنجي پلڪن تي ڏياٽين جيئن مون روشن رکيا ،
گيت مالا ، ڦول ۽ خوشبو سان واسيل ڪيئي گجرا _
هر گھٽيءَ هر چوڪ تي،
مون سجائي ايئن رکيا:
جيئن اچي ڪو اهڙو پيءُ،
جيڪو مٽيءَ جي ڪچن گھرڙن کي بخشي زندگي،
هر اگھي لحظي کي ڏي ڪا تازگي،
جيڪو پلڪن تي سجايل ــــ
اڻڏٺل سپنن کي ڪا تعبير ڏي.
(جيئن اڄ جي ڪنهن به ٻالڪ کي نه ڪا سائي وٺي.)
جو اکيون ڳاڙهيون ڪري،
هَڙَ دعائن کي ٿڏي،
فڪر جي قنديل کي روشن ڪري،
اڄ جي جيوت لاءِ پاراتو ڪڙو ڏيئي وڃي،
جيئن ڪوئي اڄ جي ڪنهن لاچار، بيوس مائٽن جو ٻارڙو،
(منهنجي ڪاري ۽ ڀيانڪ ڪالهه جيئن)
ٿڏجي ٿڏجي ست کلئي کينهوءَ جيان ـــ رسوا نه ٿئي ،پرزا نه ٿئي!
هاءِ ڪلهه جا ماءُ ــ پيءُ .
هاءِ اڄ جا ماءُ ـــ پيءُ.
آدرش
مان چاهيان ٿو کلجي،
سچي کِلَ کلجي.
ڪنوارن ۽ نازڪ هٿن تي لڳل__
ٻهڪندڙ، مهڪندڙ تازي منيديءَ جي خوشبو جيان،
مُرڪَ ڦهلائي کلجي.
مان چاهيان ٿو کلجي!
مگر ايئن کلجي،
وفا ۽ وطن جي شهيدن جي پيشانين تي ___
جيئن گھاو ٻهڪن.
مان چاهيان ٿو کلجي،
سچي کِل کِلجي .
مان چاهيان ٿو نچجي؛
نئون ناچ نچجي،
ائين جيئن دل جي تتل ڀونءَ تي ـــ
اُڀ _ اکين مان ڪو وڏ ڦڙو ٿي وسي،
۽ تپش کان مسلسل نچي،
مان چاهيان ٿو نچجي؛
مگر ايئن نچجي،
جو پيرن ۾ مُرڪَنَ جون ڇيرون هجن ـــ
۽ پنهنجي ئي ڪوسي ۽ تازي لهوءَ سان،
ڀريل ٿالهه تي پيو لڳاتار نچجي.
مان چاهيان ٿو نچجي ،
سچو ناچ نچجي.
مان چاهيان ٿو کلجي،
سچي کل کلجي.
... ...
....مون به ماڻي زندگي!!
زندگي چوڙڻ ۽ ماڻڻ واسطي،
ٺٺ _ ٺانگر ساڻ تو شادي ڪئي،
گھر وسايئي،
ڪار، بنگلو هر خوشي تنهنجي غلام!
تنهنجو سوشل اسٽيٽس ،
هر گھڙي توکي سلام.
اوچي طبقي جون سموريون بيگمات،
رشڪ سان توڏي تڪيو کاميو وڃن،
تنهنجون انڊ لٺ ، رنگ جھڙيون ساڙِهيون :
مئچ ڪندڙ،پرس پئسن سان ڀريل،
خوبصورت سئنڊلن جا ڪيئي جوڙا ــــ
قيمتي سڀ ڳهه ڳٺا ۽ زيورات :
هڪ جھڙي زندگي.
بند سوچن جو سمورو سلسلو،
ذهن تنهنجي مان اڏاڻو، ’ڊي ڪلاسيفاءِ‘ وارو فلسفو،
وقت مقرر آهه هر ڪنهن ڳالهه جو،
ڄڻ ته ڪائي ڪٽَ پتلي، ڏور تي نچندي هجي.
جيمخانو پارٽيون،
واقفن ،اڻواقفن ـــ
دوستن ۽ دشمنن جي درميان؛
ڪوڙي ڪوڙي ٽهڪڙن جا سلسلا سڀ کوکلا .
زندگي چوڙڻ ۽ ماڻڻ واسطي،
ٺٺ ــ ٺانگر ساڻ تو شادي ڪئي،
گھر وسايئي، شل سدائين خوش هجين .
..... ........
هاڻ تنهنجو مڙس جيڪو ـــ
ڪنهن زماني ۾ جڏهن.
پاڻ سان تحريڪ ۾ شامل هيو!
۽ هئاسين سڀ ڪنوارا،
هو سڀن جو،
تنهنجو منهنجو دوست هو، غمخوار هو،
وقف هو، هن جو ٻٽئون ۽ ڪار سڀ ساٿين لئي،
تنهنجي لئي منهنجي لئي.
ڪوري ڪاڳر جيئن هن جو ذهن،
(هَڙَ ڪتابن کان پري)
پر سريلو هو گھڻو ،
بحث ۾ سڀ سان ڪندو هو اتفاق ،
سوٽ سان ۽ بوٽ سان گڏ
ساهه وسڪيءَ تي گهڻو ڏيندو هيو .
پاڻ ٻيئي هٺيئين طبقي جا هئاسين فرد پيڙيل ۽
ستايل نامراد:
مارڪس کي توڀي پڙهيو هو،
ذهن ۾ منهنجي به هو لينن جو ٿورو فلسفو،
مون کي هيگل ياد هو،
تنهنجو ليکڪ دلپسند هو سارتر،
۽ فرائيڊ ڀي پڙهيو هو تو گھڻو.
توکي، شايد، ياد هوندو:
روح منهنجي جون رڙيون:
(ڪوري ڪاڳر جيئن هن جي ذهن تي،
بدنصيبيءَ ساڻ جي تحرير ڪائي نقش هئي
سي هئا، منهنجا غزل،
تجرباتي شاعري)
جنهن گھڙي هُو سُرَ سان ڳائيندو هيو،
(واهه جو آواز ۾ جادو هيس)
روح مڙني جا گرمائيندو هيو
(جنهن تي سڀ ساٿي ڪندا ها واهه واهه )
تون تڏهن چُپُ چاپ مون ڏي _
پيار جون نظرون کڻي،
ايئن نهاريندي هئينءِ؛
ڄڻ ته منهنجا گيت ۽ سارا غزل
ها لکيل تنهنجي لئي.
ياد اٿيئ ياڪ سڀ وسري ويئي؟
هاڻ جڏهين مڙس تنهنجو ــ
پيگ پي ۽ مست ٿي،
گيت جي منهنجا ئي ڳائيندو هجي!
تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو آ پرين؟
تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو آ پرين ؟
...... ........
آءُ اڄ ڀي پياري پياري
تنهنجي نظرن جي سهاري ـــ
پنهنجي منزل، آدرش جي واسطي،
روح، رتوڇاڻ سان
مست پنهنجي حال تي آهيان اڃا.
حالتون ناسازگار ۽ درد جيتوڻيڪ ٿي ٻيڻا پيا
پوءِ ڀي آزاد اهيان مان اي دوست،
منهنجو روئڻ ۽ کلڻ ڀي، اڄ به منهنجي وس ۾ ناهه،
منهنجو ڪوئي ڏينهن ناهه
منهنجي ڪائي رات ناهه،
مان اڃا پنهنجي نماڻي ڪوششن ۾ ئي رڌل:
ڀيٽ تنهنجيءَ ۾ سڄڻ،
دربدر ۽ نامراد ـــ
سرخ سورج واسطي
چوطرف اکيون کنيون هلندو وتان.
گيت، وايون، نظم، دوها:
منهنجو سرمايو سڄو:
تنهنجي نظرن جا ڪنول،
منهنجا غزل؛
وقف آهن ساڳي مقصد واسطي
ساڳيو منهنجو آدرش،
ساڳيو جيون،
ساڳيون منهنجون عام واريون حالتون .
تو به ماڻي زندگي
مون به چوڙِي زندگي.
سروپچندر ”شاد“
سوجهرو
او متوالا راهي،
تنهنجو جذبو:
سنڌو جَل جان نِرمل نِرمل ،
تنهنجو جوش آ:
ساوڻ ۾ سنڌو ۾ هَلچل چل ،
تنهنجِي همٿ: گهوڙيءَ تي ڄڻ وير چڙهيل ؛
جذبو ، جوش ۽ همٿ بيشڪ
ماڳ ڏي وک وڌائن ٿا ؛
ليڪن واٽ ڪٽڻ جي لاءِ لاٽ ضروري آهي .
تو وٽ ڪهڙي لاٽ آ ، راهي ؟
ڏيئي تي تنهنجو آ ڀروسو ؟
جوت ڌيئي جي چاسينگر جو ڄڻ چهڪو آ ؛
هوا لڳڻ تي ڦڙڪِي ڦڙڪِي ،
ڏيئو وسامي ويندو آهي ،
ڪاري ٻاٽ جو داغ ڏيئي .
تارا به ڪي ساٿي چئبا ؟
پل لئه چِمڪي ، ٽِمڪي ٽِمڪي ،
رڻ ۾ راهيءَ کي رولي ،
پولارن ۾ پيهي ويندا .
چنڊ جو ساٿ ، سراسر دوکو ؛
چنڊ بِکاري آهي جوت جو ،
بيکاري ڇا ڏيئي سگهندو ؟
انڌو ڪهڙي واٽ ڏسيندو ؟
سج جي جوت جلالي آهي ،
ماڳ کي اڏو آڻي ٿي جا .
ليڪن سج به آجو ناهي ،
وقت ۽ موسم جي اثرن کان .
راهي ، هڪڙو ٻيو خطرو آ ،
اڄ ڪلهه سازش جو چرچو آ ؛
سازش اڳيان ،
ڪا به ڳالهه اڻ ٿيئڻي ناهي !
سازش جي چنبي کان ڪهڙي شئي آجي آ ؟
سازش ڪيئي ڪوڙا فتني باز اٿاريا ؛
سازش جي ڪن فتني بازن ،
ڏاهپ کي سئو ڏنگ لڳايا ،
معصوميت کي زهر پياريو ،
سچ کي سوريءَ تي لٽڪايو ،
نبي هجڻ جي هام هنئي ،
ڪن ته پنهنجو پاڻ کي خود ڀڳوان سڏايو !
اڄ جو سازش ڀريل ذهن ،
ڪوئي فتني جو اوتار ،
سازش جي چنبي ۾ جيڪر ،
سج کي به ڦاسائي ڇڏي ،
هر هنڌ اونداهي ڦهلائي ،
لاٽ ڪٿان پوءِ تون آڻيندين ؟
پنهنجي ماڳ ڏي ڪيئن تون هلندي ؟
مرڻو آ ، يا جيئڻو آهي
ماڳ تي ڪيئن به پڄڻو آهي .
ڏيئو ، تارا ، چنڊ ۽ سورج ،
آهن برابر جوت جا ذريعا ،
ليڪن پنهنجي وس ۾ ناهن ؛
جا شئي پنهنجي هٿ وس ناهي ،
تنهن تي ڀاڙڻ ڏاهپ ناهي .
او متوالا راهي ،
پنهنجو پاڻ کي پرکي ڏس تون ،
تنهنجي ڪهڙي آهي هستي ،
ڇا آ تنهنجي قوت ، طاقت !
تنهنجو اندر ، جوت جو آ لافاني مندر ؛
تنهنجو من آ ازلي جوتي ،
جڳمڳ جڳمڳ ٻرندڙ مشعل ،
جنهن کي واءُ ، واچوڙا ، ويري .
۽ دنيا جي ڪا به طاقت ،
ڪڏهن اُجهائي ڪانه سگهي آ ،
نڪائي اُجهائي ڪا سگهندي .
چِت _ چانڊوڪي ، سوڀ جي ساکي ،
اونداهيءَ ۾ آهي اجالو ،
دوکي جي ڇاتيءَ ۾ ڀالو .
چت_ چانڊوڪيءَ جي تون ،راهي،
وک وک جوت جلائيندو هل ،
واٽن کي جرڪائيندو هل ؛
منزل توکي پاڻ سڏيندي ،
قربئون تنهنجا پيرا چمندي.
شهناز ميمڻ
نظم
منهنجي خطا اها هئي جو،
ظلم کي ظلم سمجھِم،
۽ ___
سچائيءَ جي سوچ جو اظهار ڪيم،
هي صبر جو ثواب هيو؟
يا ____
دل تي ڪو عذاب هيو؟
مون ظلم کي مٽائڻ چاهيو.
مون ظلم کي هٽائڻ چاهيو.
جي هٿ ڪپجي ويا ته ڇا ٿيو؟
اڃا سوچ جي تکي تلوار باقي آ.
زندگي ڇا هي؟
هڪ سنهري سپنو ___
اکيون کليون ته،
ناهي ڪجهه به !
رڳو اونداهه .
دل جي ڌڙڪڻ جو سنگيت،
سُڏڪي ماٺو ٿي ويو نيٺ،
زندگيءَ جو ساز ڀڄي پيو
۽ ڪي آلاپ پٺيان رهجي ويا!
الطاف عباسي
بادل سج کان پاسي ٿيءُ
ڇهاءُ
پنهنجي هٿ سان وِههُ ڏئي، تون مون کي مارڻ ٿي گھرين
ڇڏ مٺي!
ايتري سادي ناهين
ڇا سچي اڻ ڄاڻ آهين؟
ايترو ڄاڻين نٿي
زهر کي امرت ڪندو ڇُهاءُ.
تنهنجا نيڻ ننڊاکڙا
تنهنجا نيڻ ننڊاکڙا
چپ ڄڻ جاڙا چنڊ
ڳِٽا ڄڻ ته شفق
ڳچي جھڙي ڪونج جي
چوءنريءَ جھڙي چيلهه
سينو سنڌوءَ لهرون
جسم نرم ۽ ڳاڙهو
جھڙو مينهن وساڙو
پوءِ پڇين ٿي
ايڏو آتو ڇو آهين؟
سچي ڳالهه
ڊاڙ هڻڻ جو مون فن ڪو نه سکيو آ
اُڀ تان تارا لاهڻ منهنجو وس ناهي
جڳ جون خوشيون تنهنجي پيرن ۾ اڇلڻ آ ناممڪن
پر او سونهون سهڻي
جي تون چاهين
تو تان پياري ۾ پياري شيءِ گھوري ڇڏيان
اهو به مون کان پُڄندو ڪو نه
ڪيئن سگھندم توتان گھوري تو کي ئي.
چوڻي
سڀ چون پيا:
’چريو آهين
پنهنجي پٺيان پيو آهين
نانگ کي کير پيو پيارين
توکي ڏنگي وجھندو!،،
”مان چوان ٿو ؛
ڀلا، کير نه پياريانس
ته پوءِ ڪونه ڏنگيندو ڇا ؟“
ساٿي
ڀريءَ دنيا ۾
منهنجو هڪ ئي ساٿي آهي
جيڪو مون سان گڏ رهندو آ ڏک سک ۾
منهنجو پاڇو مون کان ڌار نه ڪر
بادل سج کان پاسي ٿيءُ.
سحر امداد
نينهن ڇڄڻ نه جھڙو
جيستائين:
تنهنجي منهنجي وچ ۾
مٽن مائٽن جون
گھوريندڙ شڪي اکيون
اوڙي پاڙي جي سس پس،
اشارا ڪنايا ___
وقت بوقت آفيس ۾
نڪرندڙ سَر ڪيولر جون ديوارون
ڪيترن ئي گھڻگھرن ۽ دوستن جا مشورا ۽ نصيحتون موجود آهن
تيسيائين،
تون ۽ مان
نصيحتن ۽ مشورن تي مرڪندي
اشارا ڪنايا لنوائي
شڪي اکين سان ڪوڙا بهانا ڪري
سنڌوءَ جي ڪناري
ديويءَ جي ڇانون ۾
ملندا ئي رهنداسين
پَٽ جي ڏور جيان
تنهنجو منهنجو
نينهن
ڇڄڻ نه جھڙو!
آد
آ انهيءَ سونهن ڀري سانجھه جي
هر منظر کي
روپ جا راڳ سمورا اسين ارپي ڇڏيون
پور ۽ سور سمورن کي وساري اي سڄڻ!
انڊلٺي رنگ جا آرس تاڻيون
۽ انهيءَ پل جي حياتيءَ کي امرتا بخشيون!
وچ
رات
به
مون
جيان
اونداهين گفائن ۾
قيد
تنهائي
ڪاٽي
رهي
آهي.
انت
دل ته چاهي ٿي
مٿو ڀت سان هڻي
پاڻ رتو ڇاڻ ڪري
__ لال لهو منهن تي مليان
ميز تي جو به ڪتاب آهي اهو تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيان
جھول ۾ منهنجي جھليل
شاهه جو آهه رسالو، ته انهيءَ جا پنا
هڪڙو هڪڙو ڪري ڦاڙي ڇڏيان
(لڙُڪ جي روئي سگھي ناهيان
اُهي لڙڪ اَمُلهه
هيسيل هانءُ جيان هاري ڇڏيان)
دل کي شيشي جيان اڇلائي
رڙيون دانهون ڪري
نڪري وڃان
گُم ٿيڻ لاءِ، ڪنهن اونداهي بن ۾!
(سروم دکم دُکم!)
سنهن ڪنڊيءَ جي وڻن جو
گھاٽو جھنگ.
|