عبدالقادر جوڻيجو
ٿوهر جي ماکي آغا سليم
(خاڪو)
آغا سليم تي لکڻ لاءِ منهنجي ذهن ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي، سا
اها ته شروع ڪهڙن لفظن سان ڪريان منهنجي پين تي
پهريان جيڪي لفظ چهٽي پيا، سي هئا ”سامعين حضرات“،
اهي لفظ ٻڌڻ سان اهو سوال ته ضرور اُٿندو ته مون
جهڙي اڻ گهڙئي ڳوٺاڻي ڪاٺ وٽ اهڙا چوغي بردار لفظ
ڪٿان آيا، ته سائين منهنجا، اهو ڪارنامو به آغا
سليم جو آهي، جيڪو مون کي ريڊئي لاءِ لکڻ جو چوندو
رهندو آهي ۽ آئون لکندو رهندو آهيان ۽ ريڊئي جي هر
لکڻي ۾ پهريان لفظ ”سامعين حضرات“ ضرور استعمال
ڪرڻا پوندا هئا.
سو، سامعين حضرات، سوچيان ٿو ته منهنجي پهرين پهرين نئين ڄاڻ
سڃاڻ ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿي؟ ۽ آغا غريب جي
ڪڏهن ڦٽي؟ ۽ ان سوچ جو ڦري گهري اهو نتيجو ٿو نڪري
ته ڪنهن ذهين ۽ ڪلاڪار قسم جي ماڻهو سان هر ملاقات
نئين ملاقات آهي. آغا سان ٿيندڙ هر ملاقات ۾ سندس
ٿوهر جي ماکي جهڙي شخصيت جو ڪونه ڪو نئون پهلو نظر
آيو اٿم ۽ ائين به آهي ته سندس شخصيت جا اهڙا پهلو
به گهڻا هوندا آهن جن تي آئون هڪڙو اکر به ڳالهائي
نه سگهندس. ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ جو چڱي طرح
واقف نه هوندو آهي ته ٻئي لاءِ ڇو هام هڻي.
آغا سليم جيتوڻيڪ شڪارپور جو ويٺل آهي، پر پوءِ به کيس شڪارپوري
چوندي هٻڪ ٿيندي اٿم، ٿي سگهي ٿو ته ڪي اهڙا ماڻهو
به هجن، جيڪي پنهنجي پر ۾ پاڻ کي سچار سمجهي آغا
کي شڪارپوري چوندا هجن. خير اها ته هر ڪنهن جي نيت
!
مون کي اها به خبر آهي ته آغا مددخان جي پوين مان آهي، پر ريڊيو
پاڪستان جي سندس آفيس ۾ ۽ ريڊيو جي آسپاس اهڙين
جڳهين تي، جتي رات جو برسات وسڻ جي بدران تارا
وسندا آهن ۽ اندر جو اڱڻ جهرمر جهرمر تارن جي ڦڙين
سان ڀرجي ويندو آهي، انهن هنڌن تي آغا سان ٿيندڙ
ملاقاتن ۾ کيس ڪڏهن به مدد خان جو پونير ڪو نه
محسوس ڪيم. مون ته سندس آفيس جي ڪمري ۾ هميشه مٺي
مٺي محبت ۽ خلوص جي گرمي محسوس ڪئي آهي. ها البت
سندس لکڻين پڙهڻ کانپوءِ تاريخ جو اهو ڳجهه ضرور
نظر اچي ٿو ته هڪڙي پيڙهي جون رت ۾ ٻڏل تلوارون
ٻئي پيڙهي ۾ تکن مٺن لفظن ۽ تشبيهن جو روپ جهلي
بيهنديون آهن. پر پوءِ به پنهنجي تي اچن ته اهي
تلوارون ئي رهنديون آهن. بت کي وڍ ڏين نه ڏين پر
اندر جا اڌ ڪڍندي دير ڪونه ڪن.
آغا جي لفظن جو زباني وڍ، لکڻي کان تکو آهي، سو به تڏهن جڏهن
شيخ غلام حسين اڳيان ويٺل هجيس آئون جيڪڏهن ڀاڳو
ڀان هجان ته ڪر يڪدم اهو شعر چوان ته:
”سر تنهنجو غلام حسين، ڇڏيان کنن سان کائي.“
تاريخ ته ايتري گهڻي ڪانه پڙهي اٿم، پر اها خبر اٿم ته مدد خان
ٿر تي حملو ڪو نه ڪيو هو. ڇو ته جي مدد خان حملو
ڪري ها ته آغا سليم کي ٿر ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه
پوي ها.
سائين، ڪرڻي خدا جي ٿي يا ٿر جي ڇانهن جي قسمت ڦٽي . سو آغا
سليم پنهنجي هٿيارن پهنوارن، غلام حسين شيخ ۽
سنڌالاجي جي يونٽ سميت ٿر علائقي جو رخ ڪيو.
همراهه سنڀرڻو هو، سو غلام حسين جي ڪلچر جي
پروپئگنڊا تي سنڀري ويهي رهيو. جيڪڏهن کيس اها خبر
هجي ها ته غلام حسين کيس مانيءَ ۾ به سندس چواڻي
ڪلچر کارائيندو ته ڪر ”غوشت“ کائڻ وارو آغا ڪڏهن
به چڀڙن جي ٻوڙ تي ڪو نه ڪري ها، پر هاءِ ڙي
قسمت! مون کي به آغا جو حڪم (عرض ڪرڻ جي عادت ڪو
نه اٿس) مليو ته بنا دير جي ميرپور خاص ۾ حاضر
ٿيان. ميرپور مان وٺ وٺان ڪري چڙهياسن ٿر کي. هڪڙي
مڪڙ ماڙ کاتي جي خوشبودار گاڏي ته هٿ ڪئيسين! پر
گاڏي اڃا ٽي ڀٽون مس اڪري ته آغا جي ريهو رڙ لڳي
پيئي هجي، ”جهل بابا جهل، ٿڪجي پيو آهيان.“ ۽ پوءِ
جڏهن گاڏي جهليسين ٿي ۽ آغا کي ننڍن کٽولڙن تي
ليٽڻ جي ورزش ڪندي، ٿڌا ساهه ڀريندي ڏٺوسين ٿي، ته
سمجهيوسين ٿي ته ٻيلي همراهه برابر ٿڪجي پيو آهي،
پر جڏهن رڙيون ڪري، ڇانهان گهرائي ٻئي ٻانهون کنجي
ڇانهن تي چڙهي ٿي ويو، تڏهن سمڌوسين ٿي ته آغا مدد
خان وارن مان آهي، ٿڪڻ جا رڳو بهانا آهن ۽ جڏهن سڀ
ڇانهان کائي انهن کي ٿر جو بيئر ٿي چيائين، تڏهن
اهو پتو ٿي پيو ته آغا ڪهاڻيڪار آهي ۽ جڏهن سڀ
ڇانهان پاڻ کائي، گهڻن ڇانهن کائڻ جو الزام غلام
حسين تي ٿي ڌريائين، تڏهن اها پڪ ٿي ته آغا
شڪارپور جو ويٺل آهي.
اسان ته کيس هي شئي ٿي سمڌو يا هو شئي ٿي سمڌو، پر جتي به جيپ
بيٺي ٿي، ته اتي ٿرين کيس پوليس جو ڪو عملدار ٿي
سمڌو. ڇهه فوٽي ڳاڙهي بلا کي ٻيو ڇا سمجهندا، پر
جڏهن نزاڪت ڀرئي مٺي شڪارپوري لهجي ۾ ڳالهائين ٿي،
تڏهن کيس ”ٻن ٽن“ ڇانهن جي جاءِ تي ”ڀريون“ ٿي
مليون.
آغا کي مهمان سمجهي گهڻي ڪوشش ڪئيسين ته کيس ڪا به تڪليف نه
اچي، پر سندس هڪڙو مسئلو اسان کان حل ٿي نه سگهيو،
اهو هو کٽ جو، ٿر ۾ ايڏيون ڊگهيون کٽون ڪٿان
آڻيون، جيڪي ”کٽون“ نه پر ”کٽان“ هجن.
اهو هڪڙو سنگت جو اڻ لکيو دستور هوندو آهي ته چوياري ۾ ڪڏهن
”الف“ جي هلندي آهي ته ڪڏهن ”ب“ جي پر آغا جي سنگت
الف ب ته ڇا پورا لشڪر ( ان ڪري آغا لشڪرن سان
سنگت نه رکندو آهي.) هجن ته به مرضي آغا جي هلندي
ڇو ته آغا جو پهريون حرف الف آهي، الف اڳيان ۽ ٻي
ڪت خلق پويان. هونئن به ڳالهائڻ تي ايندو آهي، ته
ٻئي کي الف ڪندي ڪو نه گسندو. آغا ٽاڪئون ڪاٺ آهي،
مڙندو ڪو نه، پر ڀڄي پوندو، پوءِ اها دوستن جي
مرضي آهي ته ٻه ٽڪر ڪنس يا ٽي ٽڪر. ۽ آغا جڏهن ٽڪر
ٽڪر ٿيندو آهي تڏهن سڄو سور پنهنجي قلم مان ڪڍندو
آهي، جتي قلم جي پڄت نه هوندي آهي اتي زبان کي
روهي ته لائي تکو ڪندو آهي، شل نه ڀرمان ڪو مٽيس
ڌڪيندي دير ڪو نه ڪندو، پوءِ اهو ڇو نه کڻي اقبال
جتوئي هجي.
انهن ارکاڻن جي ڪري آغا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سنگتي ساٿي جي
ضرورت هوندي آهي، جنهن کي هو لفظن جون چونگون
ڏيئي پنهنجو اندر ٺاري سگهي سندس اهڙن يارن ۾
ڪئپسٽن سگريٽ کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪو اندر
ٺارڻ سان گڏو گڏ اندر ساڙيندو به اٿس. سگريٽ کي
ڏسڻي ۽ وچين آڱر ۾ ڏاڍي نزاڪت سان ڦاسائي، ٻگهه
پکي وانگر ڳچي مٿي کڻي، دونهين کي پاڻي وانگر
هيٺ لاهيندو ويندو آهي، ته جئين دونهن چڱي طرح
ڦڦڙن کي وٺي سگهي، اهو ان ڪري ڪندو آهي ته جيئن
دوستن کي اهو ٻڌائي سگهي ته سگريٽن کيس بيمار ڪري
وڌو آهي، ظاهر آهي ته سگريٽ کنگهائيندو ته اٿس نه
رڳو سگريٽ، پر غلام حسين شيخ به جڏهن پنهنجي تي
ايندو آهي ته کنگهائي وجهندو اٿس.
عام طور تي مرد جي ذات عورت کي صرف ”عورت“ سمجهي ان ڏانهن
نهاريندي آهي ۽ ان جي دل ۾ عورت لاءِ صرف هڪ خانو
هوندو آهي پر آغا جي دل ان معاملي ۾ خانا ئي خانا
آهن. آغا جي دل جي اوطاق ۾ عورتن لاءِ ڪئين ڪوچ
ڪرسيون رکيل آهن. هي ٻانهن ڀڳل ڪرسي اديبه ڀيڻ
لاءِ آهي، هي ڪوچ ڀاڄائي وڏي لاءِ آهي. هت صرف
محبوبه ويهي سگهي ٿي. ان معاملي ۾ آغا صفا رڄ
ڳوٺاڻو آهي، پنهنجائي ۾ ته ڪک به ڪو نه سهندو، پر
سنگت به ست ڪوهه ٽپي رکندو، ياري به شڪل سان ڪو نه
رکي پر”عقل“ سان پيچ ڳنڍيندي دير ڪو نه ڪندو، پوءِ
شڪل تي ڀلي ٻارهان وڳا پيا هجن. ”عقل“ کي ڏسي ڏند
ٽڙي پوندا اٿس، پر ”شڪل“ ڏانهن نهاري ”شڪل کان ڏند
ٽيڙايو وجهي ٺلهي شڪل کي ٽارڻ جي به ڪوشش ۾
هوندو ته جيئن ٻين وٽس ويٺلن جي روزي تي لت ڏيئي
سگهي.
اديب وڙهڻ وقت صرف لفظن جون ڪهاڙيون بڇي سگهندا آهن. جهيڙي جهٽي
۾ ٻانهن کان وڌيڪ زبان کي عزت جو شرف بخشين.
ٻانهون کنجي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ جو صالح ڌنڌو
آغا ڄاڻي ۽ ٻيو شمس الدين عرساڻي.
پاڙي تي پهرو ڏيڻ جي مائٽاڻي عادت به آغا ۾ آهي، شل نه رات جو
دير سان گهر ڏانهن موٽندي پاڙي ۾ ڪنهن گهر جي
اڳيان ڪنهن ماڻهو يا گاڏي کي شڪي حالت ۾ ڏسي .
اصل ڌوڌٽ ڪندو وڃي پهچندو ۽ هيڪا هيڪي ڪري پوءِ
گهر ڏانهن موٽندو. ان هوندي به آغا اڃا زنده سلامت
آهي ۽ دعا ڪريو ته زنده سلامت رهي.
هونئن به آغا کي دعائي ڏيئي سگهجي ٿي، صلاح ته هو ڪنهن جي
ڪونه مڃيندو.
ڊرامو
علي بابا
دُنگي منجهه درياهه
(ٽي وي ڊرامو)
1976ع سيولح جرمني، عالمي ٽيليويزن ڊراما فيسٽيول. سنڌي ڊرامي
”دنگي منجهه درياهه“ کي ٽيون انعام. نيشنل سرڪٽ تي
ٽيليڪاسٽ ٿيل پهريون سنڌي ڊرامو. هارين کان پوءِ
سنڌ جي هڪ وڏي پورهيت طبقي جو امٽ چٽ ڪشمور کان
ڪيٽي بندر تائين ڦهليل اجهاڳ جيون پنجويهن منٽن جي
مٺ ۾ بند ڪيل.
سين 1
(آئوٽ ڊور- رات ويلا)
(ڪئمرا رات جي انڌوڪار ۾ درياهه جو ڏيک پيش ڪري ٿي. رات جو
انڌوڪار ۾ درياهه مٿان پري پري کان ڇڊيون
پاڇانديون ٻيڙيون جهلنديون ٿيون نظر اچن. ڪن
ٻيڙين ۾ لالٽين ٻرندا ٿا نظر اچن. لالٽين جي
ورشني جا تڙڪا لهرن تي پوندا، نچندا ٿا رهن.
ڪئمرا
Zoomin
ڪري هڪ ٻيڙي کي ويجهو کان فوڪس ۾ آڻي ٿي.ٻيڙي جي
لالٽين جي روشني ۾ ڄار جا تنبا ۽ ترها، گول دائري
۾ پري پري تائين لهرن مٿان نانگ جيان ور هڻندا ٿا
وڃن. ٻيڙي ڇولين مٿان لڏندي، لمندي ٿي وڃي، ڌاڻو ۽
ڍانڍي وچ ۾ بيٺا رڇ ڇڏائيندا ٿا نظر اچن.
ڌڻو چوڏهن سالن جو سگهارو پٽ پاڇل تي سکان سنڀاليو ويٺو آهي،
ٻيڙي جي وچ ۾ پنجن سالن جي ڇوڪري ۽ ڏيڍ سال جو
ننڍڙو ڇوڪر رليءَ مٿان ننڊ ۾ الوٽ نظر اچن ٿا.
ڪئمرا ڄار ڇڪيندڙ ڍانڍي تان پين ڪندي ڌاڻو تي اچي
ٿي. ڌاڻو جي اَسانت چهري تي ڪجهه ڪشٽ ۽ ڪاوڙ آهي،
سندس نظر پاڻي مان نڪرندڙ ڄار ۾ آهي. ڪنڌ کي ڌوڻ
ڏيئي درياهه ۾ نهاريندي)
ڌاڻو: واهه ڙي درياهه شاهه، واهه.... کٽو آهين ته سچيون ڪر. پنج
ماڻهو ٽي رپيا به نه لهڻون ڇا........!
(ڪئمرا اڳي مٿان ڄار ڇڪيندڙ ڍانڍي تي اچي ٿي. هو کن لاءِ هٿ
روڪي زال ۾ ماٺ سان نهاري ٿو ۽ اونهو ساهه کڻي وري
ڄار ڇڪڻ لڳي ٿو، ڪشٽ مان)
ڌاڻو: بلير، رات کٽي وئي، درياهه مان ته ڄڻ مڇيون ئي موڪلائي
ويون، ههڙو ڀاڙي ته درياهه ڪڏهن ڪين ٿيو.
( ڄار ڇڪيندي، زال ڏانهن نهاري)
ڍانڍي: رن ڳالهائين ڪيئن ٿي – درياهه نه، اسان جو ڀاڳ ڦٽو آ.
(ڪشٽن مان چٻرن سان، تکو ٿيندي)
ڌاڻو؛ ڀاڳ....
ڍانڍي: ٻيو ڇا؟ اڙي ڪڏهن درياهه تي اکا پاتئي، ڏيئا موهيئي –
ڪڏهن ڪا ماني مروٽي، درياهه جي ڪا چاڪر ڪيئي؟ هاڻ
کڳن کان به اٿئي اڱوٺو.
(چڙندي)
ڌاڻو: درياهه شاهه به آهي مڏيءَ جو مرچوٺ منشي، جو جيسين رشوا
نه وٺي تيسين سنوت نه ڏئي – مت موڙهي اٿئي مت.
(ڪئمرا پٽ تي اچي ٿي، جو ماءُ پيءُ جي پٺيان ڄار جهليو بيٺو
آهي)
(پيءُ کي هلڪي اک ڀڇيندي)
ساماڻو: اڙي بابا، تون رڇ چڪ، هنن زائڦائن جو اوجهه ڀرڻو
ڪينهين، هنن کي ته کپن کڳل. ( پٽ ڏانهن اکيون
ڦاٽاري جولان مان نهاري)
ڌاڻو: هان... ته آءُ زائڦان آهيان؟
(مڙس ٻڌين پيو، آهي آڱوٺي جيڏو ڇورو ڳالهائي ڪيئن پيو؟
ڍانڍي: زائفان ناهين ته ڇا تون اسان لاءِ مڙساڙو ٿين؟
(بر ٿي، بيوسي مان ڪشٽ پي ويندي)
ڌاڻو؛ هان... ٺيڪ آ... جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي... هيکلي ڏسي
ٿا هيسيو. اڙي آءُ ٻنهي سان پڄڻ واري آهيان
(ڍانڍي رڇ ڇڪي ٿو..
ڪئمرا ڄار ۾ هڪ ڇيلري ڦاٿل ڏيکاري ٿو)
ڍانڍي: هان.. هي برخت.... هاڻ ته خوش ٿئين.
ڌاڻو: ها – وڏا ڦاڙها مئا.
(شرارت مان،
Close up)
پٽ: پر ٻهڻي تي ٿي.
ڌاڻو: ٻهڻي سا به ڇيلري جي ، چار آنا به نه جڙن.
ڍانڍي: ها، هاڻ ويهي لاڏا ڳاءِ – گندڻ گُنديءَ مان رات ڪتو کڻي
ويو.
ڌاڻو: ۽ دهلڙي ماڻهين قبر مان اٿي اچي وڄائيندي.
(ٽيئي ڳالهائيندا رڇ ڇڪيندا ٿا رهن – ڄار جي آخر مان هڪ ڪُرڙو ۽
هڪ ٻه پليئڙا نڪرن ٿا-
ڌاڻو ٿڪي مڇين ڏانهن ڏسي ٿي ۽ وري چوڌاري درباهه ۽ درياهه مٿان
دنگندڙ ٻيڙين مٿان نهار ڦيرائي ٿي. ڪئمرا پين ڪري
رات جي انڌوڪار جو منظر ڌاڻو جي نهار جي
Angle
کان پيش ڪري ٿي – ڪاوڙ مان
ڌاڻو: واهه..... ڪينجهر ٿي ويا – ڍاواسين.
(بيزاري مان هلندي ، ٻنهي ٻارڙن جي وچ ۾ رلي مٿان ويهي مٿو کنهڻ
ٿي لڳي ڄار سڌو ڪندي)
ڍانڍي: ڇوڙي... منهن کڻي تو ٻري جهڙو ٺاهيو اٿئي. ٻارڙن جو قوت
ته نڪتو، اڃان موت کپئي ڇا؟
ساماڻو: آئون ڪڇندس ته ٿيندو جهيڙو، هي آ وڏي بي شڪراني ڪينجهر
مان به ته پاڻ ڀڳي ٽڪا ميڙڻ..
ڌاڻو: هل هل، اجائي ڄاڙي نه هڻ.
(مڙس ڏانهن نهاري)
ڌاڻو: چڱو هاڻ وراءِ سڙهه مڏي ڏي. هو منشي به ته ليکا چوکا
وٺندو. اڃا انهي کي به منهن ڏيڻو آهي.
ڍانڍي: ها ها ، تون مينهون مٽائي سمهين پئه، ٻيڙي پاڻهي پتڻ
پڄندي.
(درياهه شاهه جو لانگ شاٽ.
ڍانڍي ڄار سولو ڪري سڙهه سڌو ڪري ٿو.
ٻيڙي درياهه ۾ چير وجهندي هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي
نظر اچي. ڪئمرا ڌاڻو کي ٻنهي ٻارڙن وچ ۾ ليٽندي ٿي
ڏيکاري.
اوچتو ٻيڙي ۾ ڌاڻو جو پٽ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي)
ٻار: آن آن... موندو ڦوتنو... آن .. آن .. آن موندو ڦوتنو.
(هيج مان)
ڌاڻو: الي الي توندو ڦوتو خواب لڌو اٿئي. ماٿلي ڪري سمهي پئه،
لطيف جوميلو آيو ڪين آيو، پوءِ پانجي پٽ کي گالو
گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگ ڳانو ڳچي ۾
پائيندين نه، هان وٺ ويبي.
(ڪئمرا ننڍا کڙي ٻار کي ماءُ جي ڪڇ ۾ ڍرندو ٿي ڏيکاريو. ماءُ
کيس ڪڇ ۾ ڪري مٿان گندي جو پلئه ورائي ٿي ڇڏي ۽
ٻيڙي هلندي ٿي رهي، ڪنارو ويجهو ايندو ٿو وڃي.
ڪئمرا سامهون ڪناري کان ٽارچ ٻري اجهندي وري ٻرندي
ڏيکاري ٿي، ٻيڙي هلندي ڪناري سان لڳندي ٿي وڃي ۽
ٽارچ وارو منشي چٽو ٿيندو ٿو وڃي. منشي ٽارچ
ڍانڍي جي منهن تي ٿو هڻي. نماڻائي سان)
ڍانڍي: سائينم اڄ ته رڳو سلام ڀرڻ آيا آهيون.
(ٽارچ روشني جو دائرو ٻيڙي ۾ ڌاڻو، ساماڻي ۽ ٻنهي ننڍڙن ٻارڙن
تان ڦرندو، ٻيڙيءَ ۾ پيل چئن پنجن ننڍين وڏين مڇين
مٿان اچي ٿو.
منشي پٺيان هڪ ٻيو به گوڏ وارو ماڻهو هلندو ڪناري تي اچي ٿو.
منشي: رڳو سلام ڀرڻ ڇو؟
ڍانڍي: اڄ مڇي کُنڊ ئي ڪانه ڏني.
(ٽارچ ٻيڙيءَ ۾ پيل مڇين تي جهليندي)
منشي: ۽ هي ڇا آهي؟ ٻڌاءِ هي ڇا آهي؟....
ڍانڍي: بس اهي آهن، صبح جو ٻارڙا کائيندا.
منشي: ته پوءِ ميان ڪيئن ٿو چئين ته مڇي ڪانه ڦاٿي. هان....
ڪيئن ٿو چئين؟
(حيرت مان)
ڍانڍي: ته ڇا ان مان به....!
منشي: ٻيو نه ته وري ميان، نئون آهين، هي ڪينجهر ڪانهين، اُهي
ڄام تماچي ئي مري ويا. دستيون نوٽن جون ڏيئي ٺيڪو
کنيو اٿئون، دستيون، لوجري لوجري جو حساب رکڻو
پوندو. سمجهيئي، اها چالاڪي مون سان ڪانه هلندي.
اهي ٺڳيون ڪنهن ٻئي سان ڪج.
(ڪئميرا منشي جي ڳالهه تي ڌاڻو کي فوڪس ۾ آڻي ٿي. ٻارن وچان
ڇوهه مان اڇانگ ڏئي اٿي ٿي. ڌاڻو ڪروڌ مان سڀ
مڇيون کڻي ٻاهر پتڻ تي اڇلائي ٿي ۽ ڳالهائيندي به
ٿي وڃي.
ڌاڻو: منشي ڳالهائي سنڀالي. چالاڪ ۽ ٺڳ هوندين تون.
ڌاڻو: هان... هي وٺ، وڃي جوڻهين کي کڳل کاراءِ، خوش ٿي ويندي.
(منشي هيسجي، وائڙن جيان، ٽارچ ڌاڻو جي منهن ۾ هڻي ٿو.
گهٻرائجي.
منشي: مائي مائي..... جيجان، مون ته توسان ڳالهايو به ڪين. تون
ته اجايو پئي آپي مان نڪرين!
ڌاڻو: اسين مزور ماڻهو، نڪ تي مک به ڪين سهون. تون ٿو اسان کي
چالاڪ چوين.
حساب ورتئي، هاڻ جائو ڪر.
(گهٻراهٽ مان منشي جي ٽارچ اڃا تائين ڌاڻو جي چهري تي لڳل آهي،
زال کي سرٻاٽ ۾)
ڍانڍي: رن، منڇر مان لڏايئي، ڪينجهر مان لڏايئه، هاڻي درياهه
شاهه مان به ٿي تڙائين ڇا؟
وات بند ڪر.
ڌاڻو: ڇو، وات بند ڪريان؟ درياهه شاهه جي دن ۾ ايتريون مڇيون به
ڪو نه هونديون، جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون... او
... ڪوٽڙي واري پل تان ٿي بيهنديسانءِ.
(منشي ڏي نهاري، نماڻائي مان)
ڍانڍي: سائين، دل ۾ مَ ڪج، هي مڙئي ٿورڙي واترادي آهي.
(ڪجهه جهيڻو ٻوليندي ٿهمر سان)
ڌاڻو: ٿوري ڇو؟ آئون وڏي، واترادي آهيان. ڏيڍ هزار گاريون ته بر
زبان ياد اٿم.
منشي: ابا، مڙئي خير. مير بحرن سان واسطو رکي ڪو دل ۾ ڪبو ڇا.
ڌاڻو: اڙي هل ڙي، اهو ميربحرن وارو ڳڙ جو لاڳ ڪنهن ٻئي کي ڏجان.
آئون سئو پشتي مهاڻي ماڇاڻي آهيان، وري متان ڪڏهن
گٿو ڳالهايو اٿئي ٽڪ مان ور ڪڍي ڇڏينديسانءِ جو يا
عمر ياد رکندين، ها.
ڍانڍي: ٺهيو. هاڻ وات بند ڪر چنڊال. ماڻهو ماڻهو ڏسي ڳالهائبو
آهي.
(منشي گهٻرائجي سن ۾ اچيو ڏانهس نهاريندو ٿو رهي.)
(اڃا وڌيڪ وات ڪندي.)
ڌاڻو: ڏس ته ، بجلي منهنجي منهن ۾ هنيو بيٺو آهي، ائين زائڦان
ذات جي منهن ۾ بجلي هڻي ڏسبو آهي ڇا؟
(چولي کي تنگ ڪندي، سينو ٻاهر ڪڍي. ڪلوز اپ.)
هان، ٺاهي جوڙي ڏس، بتيون ٻاري ڏاڍي خاشل آهيان. جوڻهين منهنجون
جتيون پالش ڪري.
(گهٻراهٽ کان منهن پاسيرو ڪندي.
(پاڻمرادو آهستي)
منشي: اڙي مار پويس.
(ڍانڍي تڪڙ تڪڙ ۾ ٻيڙي هلائي ٿو. ويندي هڪل ڪري)
ساماڻو: سائين، دل ۾ متان ڪرين!
(منشي حيرت ۾ بيٺو ٻيڙي ۾ نهاري ٿو.)
منشي: بلير، هي زائڦان آهي ڪين واڇر بلا. مون سان ته اصل ڪو
واڳون وارو وير اٿس.
(ڌاڻو پوري طاقت سان، زمين مان ڪير ڪڍي، ٻيڙي جوآڳو ڇڏائي ٿي.
سڙهه کڄي ٿا وڃن، ٻيڙي منشي جي ٽارچ جي ورشني ۾
درياهه ۾ دنگدي سڙهه کي ڦرڙاٽ ڪرائيندي پري ٿيندي
ٿي وڃي.
مڇين ڏانهن نهاري حيرت مان.)
ساٿي: هان... ڪالهه کان رڇ وڌو اٿن ۽ هي مڇيون! ۽ وري مٿان وات
ته ڏسوس.
منشي: اڙي پوءِ ڪهڙو ڪارو منهن ڪريان؟
ساٿي: مون کان پڇ، پڪ ئي پڪ، هي مال رستي ۾ نيڪال ٿا ڪن.
منشي: اڙي پوءِ جانچ سولي طرح ڇو نٿا ڪريو. ائين ته ڀينگ ٿي
ويندي. حرام جا پئسا ٿا وٺو. سڀاڻ ئي ان ڳالهه جو
فيصلو ٿيڻ کپي.
(ڪئمرا منشي جي ٽارچ جي روشني ۾ ٻيڙي کي درياهه جي سير ۾
جهوليندي ويندي ڏيکاري ٿي.)
)ڊزالوڊ)
ڏيک – 2
(آئوٽ ڊور ۽ اِن ڊور – رات)
(ڪئميرا درياهه شاهه مٿان چوڏس چٽاڻي رات جو منظر پيش ڪري ٿي.
لهرن مٿان بچاءُ بند جي بتين ۽ چنڊ جي اولڙن جا
تڙڪا نچندا ٿا رهن.
ڪئميرا اسٽيمبر ” فتح مبارڪ“
Serway
بوٽس ۽ ڪناري تي بيٺل ٻين وڏين وڏين ٻيڙين، بتيلن
تان پين ڪندي ، پري درياهه ڪناري اڌ لڙهيل ماڻهن
جي جهوپن تان پين ڪندي، ڍانڍي جي ٻيڙي تي لالٽينن
جي روشني ٽمڪندڙ ڏيکاري ٿي. ڪئميرا ڍانڍي جي
ڍونڊيءَ جي لالٽين کي
Zoom in
ڪري ٻيڙي جو منظر پيش ڪري ٿي. ڍانڍي جا ٽئي ٻار
الوٽ ننڊ ۾ آهن. ۽ ٻيڙي ڇولين تي هچڪولا کائيندي
ٿي رهي. ڌاڻو کي ننڊ ڪانهي. هوءَ ٻيڙي جي آڳي تي
ويٺي، ڪنهن وڏي حساب ۾ منڌل آهي. ڍانڍي اٽي، لوڻ
وغيره جي پٺارڪ ٻڌي ٻيڙي ۾ داخل ٿئي ٿو.
هوءَ ڍانڍي ڏانهن نهارڻ کانسواءِ وڏي اون سان حساب ۾ منجهارل
آهي. اڱرين تي حساب لڳائيندي).
ڌاڻو: پوهه، ڦڳڻ، مانگهه، ڄيٺ....پوءِ ... مانگه ڄيٺ... ڄيٺ
پوءِ ڇا ٿيو؟
(ڪلهي تي پٺارڪ رکيو، عجيب نظرن سان زال ۾ نهاريندي)
ڍانڍي: اڙي، اڄ وري ڪهڙو کنڊ جو جهاز لڙهي ويو اٿئي، جو آڱرين
تي پئي حساب ڪرين؟
ڌاڻو: مئا، کنڊ جو جهاز ٻڏي تنهنجو، خبردار جو وري مون کي اهڙو
پاراتو ڏنو اٿئي.
(چڙ مان)
ڍانڍي: پر مان به ته ٻڌان، ڪهڙي حساب ۾ منڌي آهين؟
(مڙس ڏانهن نهاري. وري آڱرين تي جوڙ ڪندي)
ڌاڻو: ڏس، هي پوهه، هي مانگهه هي ڦڳڻ، هي ڄيٺ، پوءِ ڇا ٿيو؟
ڍانڍي: ڀلو، تون به مائٽن جي سڏبينءَ، پوءِ ٿيو آکاڙ چيٽ.
(ڪجهه حيرت مان)
ڌاڻو: ڇو، چيٽ وري ڪيئن ٿيو؟ پلي ته اڃا سير ئي ڪانه جهلي آ،
چيٽ وري ڪيئن ٿيو؟
(ڄڻ سڀ سمجهي ويندي. پٺارڪ ٻيڙي ۾ رکندي، اونهون ساهه کڻي)
ڍانڍي: توکي پلي مارڻ جي ڳڻتي لڳي آ ۽ مون کي درياهه جي.
(ڪجهه حيرت مان)
ڌاڻو: درياهه جي ڇو؟
ڍانڍي: تون جي وات کي ٻنجو ڏين. رات منشي سيٺ کي دانهن ڏني آ.
ڌاڻو: دانهن ڏني آ – ڇو؟ مون ڪا جوڻس جي پڇ تي لت ڏني؟ ٻڌاءِ
ڪهڙي جٺ ڪئي مانس جو دانهن پيو ڏي؟
ڍانڍي: جٺ کي ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟
ڇا ٺيڪيدارن سان ائين ڳالهائبو آهي؟
ڌاڻو: ڇو، ٺيڪيدار ڪو اسان کي روز ٿو رسائي ڇا؟ ڪو اسان جو چڱو
مڙس آهي ڇا؟ جهڙي ڏيندو تهڙي وٺندو.
(چڙندي باهه مان)
ڍانڍي: ته پوءِ ويٺي به پوٺي ته هونديين. تو به پَٽ جا ڪپڙا
پاتا ۽ ڀٽائي جو ميلو گهميو، پڙ چاڙهيو!
ڌاڻو: ٻوٺي تي ڇو، درياهه ڪو منشي جي بابي جو آ؟
(باهه ٿي)
ڍانڍي: ٻيو، پڻهين جو آ...
(پوءِ وري اونهون گهرو ساهه کڻي ڇوهه مان)
ڍانڍي: منڇر مان تڙايئي، ڪينجهر مان ڪڍايئه، هاڻ جي درياهه مان
به تڙجي وياسين ته پوءِ ڪيڏانهن وينداسين.
(ڪجهه جهيڻي ٿي ويندي، حيرت مان)
ڌاڻو: بلير... ته درياهه به سڄو جو سڄو ٺيڪي ۾ ٿيو!
ڍانڍي: درياهه ته درياهه سڄو سمونڊ ٺيڪي ۾ آهي، اهي ڪلاچ وارا
ڏينهن وساري ڇڏ، اهي تماچي مري ويا.
(ڌاڻو حيرت مان مڙس ۾ نهاريندي ٿي رهي)
ڍانڍي: هاڻ منهنجو ٻوٿ ڇا پئي ڏسين. جي درياهه مان به تڙجي
نڪتاسين ته پوءِ تو وارو هي ٺانٺو سٽاڻي سمونڊ جون
سٽون سهي سگهندو، جت لهرن جي لپاٽ سان ٻيڙا ٻار ۾
ويندا آهن، جت وڏا وڏا ڍينگ ڍري پوندا آهن، ٻڌاءِ،
ات تو واري اها تراکڙي ڍونڍي هلندي؟...
(۽ پوءِ ٿڌو ٿي، نهايت ئي منٿ مان هٿ ٻڌندي)
ڍانڍي: ڌاڻو، ڏس هي ٻانهون ٿو ٻڌان، وري ڪڏهن منشي سان کونس
متان ڪئي اٿئي.
مس مس ته درياهه شاهه ۾ پير کوڙيا اٿئون.
(ڇڙٻ ڏيندي)
ڌاڻو: ته پوءِ سمجهائي ڇڏينس ته اسان سان به کئونس نه ڪري.
(ڌاڻو ٽٽل دل سان رلي کڻي، چيڪلي کي سهارو ڏئي اوندهه ۾ اچي،
وهندڙ درياهه ۾ نهاريندي ٿي رهي. هوءَ ڏاڍي اشانت
۽ وياڪل ٿي لڳي ۽ درياهه شاهه گمڀيرتا سان ڇرڇر
ڪندو، گهوگهٽن سان وهندو وڃي. (Close
up)
ڌاڻو ٿڌو شوڪارو ڀريندي)
ڌاڻو: بلير، ڇا درياهه، ڇا ٺيڪو!...
(زال جي شوڪاري تي ڍانڍي به کن لاءِ پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ اداس،
اوماس زال جي ڀر ۾ اچي ٿو.)
ڍانڍي: پر تو ڇو دڙ لاتي آ ڌاڻو، درياهه جي ٺيڪي ۾ ٿيو ته ڇا؟
اسان جا ساڻس سمورا سڱ ڇڄي ويا؟...
منڇر مان تڙي ڪڍيائون، ڪينجهر مان به نيڪالي ملي وئي، ٻڌاءِ من
تان ميساري سگهي آهين ڪينجهر جا تڙ تڙاو؟
Close Up)
– ڌاڻو ڄڻ ڇرڪ ڀري، سٽ ڏئي مڙس ڏانهن نهاري ٿي...
سندس هانو تي ڄڻ پل پل ساروڻا هري ٿا اچن)
ڌاڻو: نه نه... الله نه ڪري. منڇر ۽ ڪينجهر ته مون کي پنهنجي
پيٽ ڄاون ٻارن کان به وڌيڪ پياريون آهن ۽ درياهه
شاهه توکان به...
( خوشين مان)
ڍانڍي: مون کان به؟....
( لڄوڙي ٿي ويندي)
ڌاڻو: ها – توکان به... الله ٿو ڄاڻي، رات به خوابن ۾، ڪينجهر
کي هندوري جيان جهلندي ڏٺو هو.
(وشال درياهه جي هن پار کان چنڊ چڙهي ٿو. لهرن مٿان روشن اولڙا،
سون رپي جي نئين بڻجي ڄڻ ڊوڙندا ٿا اچن. ڌاڻو کن
لاءِ درياهه شاهه جي ڇاڇر مٿان روشن اولڙا ڏسندي،
کوئجي مڙس ۾ نهاري ٿي ۽ ڪنڌ سندس سٿر تي لاڙي،
آسيس مان نيڻ ٻوٽي ٿي ڇڏي) |