سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :4

ابراهيم منشي

گوني ۽ پيڃاري

 

گوني پيڃاري نياڻيون، ٻئي متي مهراڻ جون،
لاڙ سان لائون لڌائون لهريون ڏئي لاڻ جون.

 

ڄامشوري ۾ ڄميون هي ڀينرون ٻئي جاڙيون،
ڳهه وجھي ڳوٺن تان لاٿئون ڳڻتيون ڳل ڳاڙهيون،
سانگين جي سرزمين کي ڏيئي سايون ساڙهيون،
واهه وِک وِک تي وڻائيون وانگين جون واڙيون.

 

وانگين جي وات ۾ وايون سندن واکاڻ جون.

 

ڀاءُ تن جو ڀرجھلو، چينل چڱو وچ ۾ وهي،
هي ننڍو نينگر ٻنهين کان رات ڏينهن رڙهندو رهي،
ٿڃ امڙ جي ٿر رسائڻ لئه سوين سختيون سهي،
ٻئي پڪا پاسا سندس هو ٿو ڪٿان جو ڪٽ ڪهي،

 

ڀُڳڙا ميمڻ واري ڀونءَ کي ڏي ڀريون ٿو ڀاڻ جون.

 

گس وٺي گوني ٽنڊي ۽ ماتليءَ وچ مان مٽي،
ڪجھه ڏندي کي ڏند ڏيکاري پهري پوٺن ڏي ٽپي،
نانگ وارا ور وجھي وهندي وڃي وارن وٽي،
کن کمي ٿي ڪين ٿو کاهڙ سندس کٽيو کٽي،

 

سو بسو سانگين رسائي سوکڙيون سرهاڻ جون.

 

پٽ پٽيهر پائي پيڃاري پکن پنهنجن پُري
ڀيڻ کان ڀاڪر ڇڏائي سهڻي سيريءَ کان سُري،
گس وٺي گجندي گنجي کان ٻانهن ٻلالن ڏي ٻُري،
دل دڙي جي ۾ ٿي داخل، چاهه ڏاڍي مان چُري،

 

چوطرف چهري سندس چمڪن ڌڄون چانڊاڻ جون.

 

دم دڙيَ ٻک ۾ ٻڍو جر جال ڪئين جاتي اندر،
ڇوهه مان ڇوليون هڻيو ڇلڪائي جر  ڇاتي اندر،
اڃ اباڻن جي اجھائڻ لئه اصل آتي اندر،
جھنگ جھر جھالار جھم ڪيا هن ته هڪ جھاتي اندر،

 

جابجا جرڪي اٿيون ڪيئن جلو تون تنهن جواڻ جون.

 

وانگين  کي وئا وروڪي هل ڪري هٿ جون هڻي،
ڌوڙ ڌارين کي ڪرڻ لئه ڌڱ اٿ ڌرتي ڌڻي،
پاڪ پنهنجي سرزمين تان ڪر تون پاپين کي پڻي،
ڪيسين ڪوٽن منجھه ’منشي‘ ڪنهن جي ڪڻڪي ڪامڻي،

 

راک جون رکڙيون ٻڌو آيون رتون رت ڇاڻ جون.

 

نعيم دريشاڻي

 

وائي

 

لفظن جي لٻاڙ،
سنڌي شاعري اڄ جي.
گوشت بنان ٻوڙ، هڏا اڪيچار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
چوسيل ڳنڍيريون، پنهنجا خيال، عقل بيمار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
ڏنگن ڦڏن لفظن جي رڳو ڀرمار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
کوهي ڏيڏر پنهنجا شاعر، اديب فنڪار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
اردو، پرشن، هندي جي چوري چڪار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
ڊانٽي، گوئٿي، تلسي جھڙا سارين ڪي يار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
لئون پڻ، انوکو پڻ، پنهنجو پڻ، ڪٿي ڀوتار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
ڪٿي ڪٿي جرڪي ٿي خوشبو چاشني دار،
سنڌي شاعري اڄ جي.
لفظن جي لٻاڙ،
سنڌي شاعري اڄ جي.

PHENAMENON فينامينن

جيوت جو

فينامينن

ڄڻ ته هڪ

مها ڇَوَ

    جيڪا پاڻي سان

ٽمٽار هجي

        (پاڻي = وقت؟)

هِتي ڇُهوس

جتي ڇهوس

لهرون پکڙجي،

وينديون

سڄي ڇَوَ

ڏڪي ويندي

ڪنبي ويندي

سڏڪي ويندي

ڌڙڪي ويندي

       سارو فينامينن

جيون هر رنگ ۾

روپ ۾

هن ڌرتيءَ تي

سڀن ڪائناتن

  جي ڌرتين تي

ڳنڍيو پيو آ

      مسلسل

      سلسلو آ

هڪ ٻئي ۾ حل آهه

    ٻيجل راءِ ڏياچ،

      راءِ ڏياچ، ٻيجل آهه

جيوت

مها فينامينن

هِتان جو ايذاءُ

هُتان جو ايذاءُ

وچ ۾

رڳو ڪهڪاءُ

پنهنجو سوداءُ

سندن گھاءُ

سن ۾ 

پنهنجو ساهه

سڀن جو

اسان ۾ ڏاهه

هڪ مها فينامينن.

 

ڪتبو

 

نعيم دريشاڻي

ولد

عبدالمجيد دريشاڻي

    ڄم جي تاريخ: 5 آڪٽوبر 1941ع

 وفات جي تاريخ : نامعلوم

هيءُ شخص ڏاڍي سڪون

       سان

  گذاري ويو

ڇو ته

         هيءُ شخص

  هِپو ڪِرِٽِ ڪو نه هئو.

 

خوشبو

 

ڪالهه

هڪ چونڪ تي

هڪ گلاب

رڙيون پئي ڪيون

وڏي واڪ

چيائين پئي

”منهنجي خوشبو

تمام اعليٰ

آهي

آءٌ بي مثال آهيان

لازوال آهيان

       اڙي ڇسا لوڪو“

ويجھو وڃي

     ڇا ڏسان

ڪاغذ جو

گُل هئو

پريان ويچارا

سچي خوشبو وارا

   گلاب

ماٺ بيٺا هئا.

 

 

انتظار

ڦ                 ڦ

ڙ                     ڙ

و                      و

ڪري ٽميو

 منهنجي روح 

جو عرق

       منهنجين اکين منجھان.

منهنجو سارو وجود

هڪ مهاڳنڍ

جيڪا آهستي آهستي

پيئي پيچجي

منهنجو ٻلو صحرا

منهنجو جسم

جئن جنڊ ۾

ڪڻڪ.

 

 

اڻ  مرحوم(1) شفيق* دريشاڻي

 

(الف)

      آءٌ هڪ آواز

    بنا

انت يا آغاز

زندگي پڙلاءُ

موت اڻ پڙلاءُ

پري دور

 ڪروڙين روشني(2)سال

   پري

قئسارن (3) جي ديس ۾

پيو جھري

سُسي

   وڌي

پکڙي

ڦهلي

    سمٽي

 قلابازيون کائي

ڪڏهن چورس

  ڪڏهن ٽڪنڊو

ڪڏهن وڻ

ڪڏهن ڇِپ.

ڪڏهن ماڻهو

ڪڏهن تارو

ڪڏهن سج

ڪڏهن مهاسج

    ڪڏهن نيبولا(4)

ڪڏهن پلسار(5)

ڪڏهن ڪائنات

جي دل

پريشان

ڪڏهن ڪربلا

ڪڏهن پاڻي پٽ

جو ميدان

ڪڏهن ٿڌو اڻ جان

ڪڏهن پاڻ

سبحان

پيو مرڪي

پيو سڏڪي

ڪو آواز

جنهن جو

زندگي پڙلاءُ

موت اڻ پڙلاءُ

 

(ب)    انداران بيهه ته  

اندرائتو(1)

ٻاهران بيهه ته

  ٻهرائتو(2)

وچ ۾ رڳو ليڪو

زندگي هڪ گول

موت اڻ گول

        جڏهن مرون

پورجون

ڌرتيءَ جا جَيوَ

فنگاءِ(3)

اسان جو ماس

کائي

پنهنجو  ماس

ٺاهن

(ماس = نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ۽

اهڙا ٻيا جزا)

سندن ماس

ٻوٽُا، وڻ

پنهنجي وجود ۾

جذب ڪن،

  وڻ ٻُوٽا

جانور کائن

اسان انسان،

وڻ ۽

جناور کائون

وڻ جيڪا

آڪسيجن

ٺاهن

اها اسان

اندر ساهه کڻون

ان

آڪسيجن سان

اسان کاڌل

ماس

پنهنجي ماس

۾ بدلايون

اسان جي

ٻاهر

خارج

ڪيل

ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ

ٻُوٽا ڪم

آڻي

ڌرتيءَ جي

جِيوَنِ

فنگاءِ

منجھان

پنهنجو ماس ٺاهن.

(ت)    زندگي

هڪ گول

   ملسل مدام گول

هر جيوت

اڻ جيوت

    هن ڌرتيءَ تي

هن ڪائنات

  توڙي

سڀن ڪائناتن

منجھه

هڪ ٻئي ۾

      مدام

        ڳنڍيا

پيا

آهن.

ڪو جيئرو ناهين

اڻ جيئرو ناهين

رڳو گونج آهي.

دور پولارن ۾

ڪرڪي ڪا

ڪونج آهي

اسان هڪ آواز

بنان

انت يا آغاز

 

خسيس پڻو

هينيبال

سڪندر

جوليس سيزر

  بروٽس

عيسيٰ

گوتم

اشوڪ

   نيپولين

لينين

اسٽالن

هٽلر

چرچل

ڊيگال

 نڪسن

مائوزي تنگ

ڪيترا عظيم انسان

  آيا، ويا

مون انهن بابت

 ۽ باري

         پڙهيو

    ڏٺو

      سوچيو

۽ هاڻ آءُ

ڪنڊ ۾ ويهي

      خداوند عظيم جا

      ٿورا مڃيندو آهيان

جو مون کي

   هڪ خسيس ماڻهو

    ڪيائين.


(1)  اڻ مرحوم = جيڪو ظاهراً وفات ڪري ويو آهي، پر درحقيت اڃان جيئرو آهي.

*  ڀاءُ شفيق جي نالي.

(2)  روشني سال = Light Year اُهو مفاصلو جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي.روشني سال ۾ ڇهه بلين ميل ڪندي آهي.

(3)  قئسار Quassar.

(4)  نيبولا. Nebula

(5) پلسار = Polsar  اِهي ڪائناتن جا قسم آهن. پلسار اُها ڪائنات Galaxy آهي جيڪا سُسي ۽ ڦونڊجي ٿي.

(1)  اندرائتو= Concave

(2)   ٻهرائتو =   Convex

(3)  فنگاءِ = Fungi

هيءُ نظم مون Hristopher Biri & Peter Tompkins جي ڪتاب The Secret Life of Plants کان متاثر ٿي لکيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com