ڪمليشور پيتل لڙڪ
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
(هندي ڪهاڻي)
جڏهن کان سندس کٽ گهٽي ۾ وڇائجڻ لڳي آهي، تڏهن کان ماڻهن کي
شڪايت ناهي. رات جو جڏهن اونداهي گهري ٿي ويندي
آهي ۽ ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿي ويندي آهي، تڏهن هو
کٽ تي پيو دير تائين سوچيندو رهندو آهي.
مٿان دري مان آواز ايندا رهندا آهن، جيستائين روشني وسامي نٿي
وڃي. تيستائين هڪ عجيب بي چئني گهيريو بيٺي هوندي
اٿس. رکي رکي لڳندو اٿس ته چڱو ئي ٿيو، نه ته رهڻ
مشڪل ٿي پوي ها.
جيستائين دري مان روشني ايندي رهندي آهي ۽ سامهون ڀت تي ان جي
شيخن جو پاڇو پوندو رهندو آهي، تيستائين هو هيٺ
گهٽي ۾ ليٽيو ليٽيو پاسا ورائيندو رهندو آهي. ڪجهه
مزو به ايندو اٿس ۽ ڪجهه پريشاني به ٿيندي آهيس.
اهو سڀ ڏاڍو عجيب لڳندو اٿس. جڏهن هو مٿي ڪمري ۾
سمهندو هو ۽ سجاتا ڪافي دير تائين ڳالهيون ڪندي
رهندي هئي تڏهن پاڙيسرين جون پريشانيون وڌي
وينديون هيون.
پر هاڻي سڀ خوش آهن. سڀني کي ڄڻ چئن ملي ويو هجي. جڏهن کان
سندس کٽ انهي ڪمري مان ٻاهر نڪتي آهي، تڏهن کان هر
پاسي سڪون آهي.
سندس دل کي به ٿورو سڪون آهي. تازو ڪجهه ڏهاڙا اڳ اهو ڪمرو سندس
هو. گهٽ ۾ گهٽ چوڻ جي حد تائين، ڇو جو مسواڙ ته
سجاتا جي پگهار مان ڏني ويندي هئي، پر جاءِ جي
مالڪ کي هوئي ڏيندو هو ۽ رسيد به سندس نالي ڪٽبي
هئي. هينئر به رسيد سندس نالي ڪٽبي آهي، پر هو
ايتري آزادي سان ڪمري ۾ وڃي نٿي سگهيو. سڀ ڪجهه
بدلجي ويو آهي.
هاڻي ڪيڏو نه ويڇو پئجي ويو آهي. کٽ رات جو گهٽي ۾ هوندي اٿس ۽
ڏينهن جو ڏاڪڻ هيٺ. ڳڻ ڳڻين ڪپڙن مان اڌ بدن تي
هوندا اٿس ۽ اڌ وهنجڻ جي جاءِ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن رات جو پڙهڻ تي دل ٿيندي اٿس ته گهٽي
جي ليمپ پوسٽ جي روشني ۾ ڪلاڪ ٻه پڙهي وٺندو آهي.
صبح جو هنڌ ويڙهي، کٽ ڏاڪڻ هيٺان اڀي ڪري پاون تي
بيهاري ڇڏيندو آهي ۽ ڪتاب بجلي جي ميٽر واري ننڍي
جاري ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي. هاڻي سجاتا دري مان هيٺ
جهاتي نه پائيندي آهي ۽ اهو به نه ڏسندي آهي ته
کيس ننڊ اچي ٿي يا نه. اڳي کيس ننڊ نه ايندي هئي
ته هو ور ور ڪري پڇندي هئي: ”ڇو؟ ننڊ نٿي اچيئي؟
ايڏي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين؟... مان جو ڪجهه ڪمايان ٿي
اهو ٻئي ڪنهن جو ٿوروئي آهي... سارو ڏينهن ستو پيو
سوچيندو رهندو آهين.... سڀاڻي مئٽني شو ڏسي اچج،
دل وندر ويندئي. سمجهئي؟“
پر تڏهن هو هميشه چوندو هو: ” فلم ڏسڻ تي دل نٿي چوي“ ۽ سچ پچ
تڏهن سندس دل هڪ به پيسو خرچ ڪرڻ نٿي گهريو.
سجاتا سندس ڪپڙن جو به خيال رکندي هئي. ڪڏهن تنجيون خريدي
ايندي هئي. ڪڏهن ڪا ريڊي ميڊ قميص. ڪپڙا ڌوئي
استري ڪري هوءَ پاڻ پيتي ۾ رکندي هئي.
پيتي هڪ ئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي جا ڪپڙا پئجي ويندا هئا.
پر هاڻي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو هن پيتي کولي ڏسڻ جي همٿ نه
ڪئي آهي. وهنجڻ مهل صابڻ هڻندي به دل من هڻندو
آهي. ٽوٿ پائوڊر واپرائيندو آهي ته من کي نه
آئڙندو اٿس. وهنجڻ جي جاءِ ۾ دير لڳائڻ ڏکيو ٿي
پوندو اٿس. خبر ناهي ڪيئن پراڻي هير تي انهي ڏينهن
وهنجڻ جي جاءِ ۾ جهونگارڻ لڳو ته هميشه وانگي
سجاتا جو آواز نه آيو: ”تانسين! هاڻي ٻاهر نڪر،
مون کي دير ٿي ويندي.“
هاڻي ته وهنجڻ جي جاءِ تي ٺڪ ٺڪ ٿي هئي ۽ هو وهنجي وٺڻ جي
باوجود انتظار ڪندو رهيو، ته جڏهن ٻاهر ڪير به نه
هجي ته ماٺڙي ڪري کسڪي وڃي. دير تائين وهنجڻ جي
جاءِ بند رکڻ جي لاپرواهي تي کيس پاڻ تڪليف ٿي
هئي. هو ٻليءَ پير ٻاهر نڪتو هو ۽ پنهنجي ٽنگيل
ڪپڙن کي به ويڙهي سيڙهي کڻي آيو هو ۽ ڏاڪڻ تي بيهي
سوچيندو رهيو هو ته هاڻي اهي ڪٿي رکي؟ پسيل وارن
مان پاڻي جا ڦڙا پئي ٽميس ۽ هو دير تائين ائين سوچ
۾ بيٺو رهيو هو. نيٺ هن فيصلو ڪيو ته هاڻي هو ٻن
پهرن جو وهنجندو.
هڪ ڏينهن اهي ٻئي، سجاتا ۽ هو، رات جو دري ۾ بيهي، دير تائين
سامهون ڀت تي پوندڙ پنهنجا پاڇا ڏسي رهيا هئا،
سجاتا سندس ڪلهي تائين مس آئي ٿي. پاڇو ڏسي سجاتا
چيو هو: ”ٿورو هيڏانهن منهن ڦير، تنهنجو منهن
ڏسان“ ۽ هو پروفائيل ٺاهي بيهي رهيو هو. پوءِ
سجاتا به پنهنجو منهن ڦيرائي بيهي رهي هئي ۽ ٽيڏي
اک سان ڀرسان ڀت تي پوندڙ ٻنهي پاڇن کي ڏسندي چيو
هئائين: فلم جا هيرو هيروئن لڳون ٿا. آهي نه؟
” هيٺ گهٽي ۾ ماڻهو ڏسندا هوندا. اتان ڀت تي پاڇا چٽا ٿا ڏسجن.“
” ته ڇا ٿيو؟ بنا پيسن ۾ کين فلم ڏسڻ لاءِ ٿي ملي!“ سجاتا چيو
هيو، ”مون کي چمي ڏي نه.“ ۽ هن سندس ڪلهن تي هٿ
رکي ڇڏيا هئا. ۽ جڏهن هن سجاتا تي نرڙتي پيار ڪيو
هو ته هن چيو هو: ”پري ٿي ڪنا!“
۽ هاڻي فقط شيخن جو پاڇو پوي ٿو. هاڻي سجاتا اتي نٿي بيهي. ڪمري
۾ لنگهڻ مهل، ڪڏهن ڪڏهن سندس پاڇو ظاهر ٿيندو آهي،
نه ته وري ڀڙڀانگ هوندو آهي. ها، باقي دري مان
آواز ضرور ايندو آهي، ڪڏهن کلڻ جو، ڪڏهن پيار سان
ڇيڙڻ جو ۽ بتي وسامڻ سان ڄڻ سڀ ڪجهه اونداهي ۾
غرق ٿي ويندو آهي.
۽ تڏهن ڀت تي گهٽي جي ليمپ پوسٽ جي روشني جون سڌيون ليڪون
چٽيون ٿي تلوار جيئن چمڪڻ لڳنديون آهن، جي ساري
رات سندس دل ۽ دماغ کي وڍ وجهنديون رهنديون آهن.
پاسو ورائندو آهي ته پٺي ۾ چڀڻ لڳنديون آهن.
کيس ننڊ نٿي اچي ۽ هو سوچيندو رهندو آهي... نيٺ اهو ته ٿيڻو ئي
آهي. ڪيڏي ننڍي هئي هيءَ دنيا ان وقت! سجاتا ٿڪي
ٿڪي آفيس مان ايندي هئي، هو چانهه ٺاهي رکندو هو،
هوءَ چمپل اڇلي، پرس کٽ تي ڦهڪائي، کٽ تي ڦان ٿي
ڪري پوندي هئي. تڏهن هو سندس نرڙ تان پگهر اگهندو
هو. پيار ڀريل نظرن سان کيس ڏسندو هو.... ٿڪجي پئي
آهين سجاتا؟
۽ هڪ ڏينهن ته ليٽي ليٽي روئي پيئي هئي. اڻڄاڻائي ۾ سندس اکين
مان ٻه ڦڙا ماڪ جيئن لڙي پيا هئا ۽ هن ڏاڍي ڏک سان
چيو هو: ” خبر ناهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿا
سمجهن. آفيس ۾ چاولا آهي نه............. چوي
ٿو......... ائين پري پري رهڻ سان ڳالهه نه ٺهندي!
مون کي ته لڳي ٿو ته هو مون کي بدنام ڪندو ۽ ڪنهن
ڏينهن اها نوڪري ڇڏڻي پوندم.“
”تون اڄ ئي ڇڏي ڏينس!“ ائين چئي ته ويو، پر ٻيءَ کن ۾ کيس پاڻ
ڄڻ هڪ ڌوڏو اچي ويو هجي. جيڪڏهن سجاتا نوڪري ڇڏي
ڏيندي ته پوءِ گاڏو ڪيئن هلندو؟ هو بيڪار ۽
بيروزگار ته آهي ئي، پر سجاتا بيروزگار ٿي ته ڇا
ٿيندو؟ جڏهن سجاتا ڏانهس ڏٺو ته هٻڪي چوڻ لڳو: ”
ڏس سجاتا! ائين ٿيندو رهندو آهي. انهي ۾ پريشان
ٿيڻ جي ڳالهه ناهي.“
اهو ٻڌنديئي سجاتا اٿي ويٺي. ”مون کي خبر هئي، تون ائين ئي
چوندين، ونود! توکي ڪهڙي پرواهه! ڀل ڪو منهنجي عزت
سان کيڏي ڀل جو ڪجهه چوي. توکي ته آرام کپي.“سجاتا
اهو سڀڪجهه يڪساهي چئي ويئي. هو اچرج ۾ پئجي ويو
هو سوچي ئي نه سگهيو ته ڇا چويس. پوءِ ڪجهه دير
ماٺ رهڻ کانپوءِ چيو هئائين: ”مان مزوري ڪندس، پر
هاڻي توکان پيسا نه وٺندس. منهنجي ڪري توکي ڪجهه
به سهڻو نه پوندو، سمجهيئي؟“
ڪمري ۾ اونداهي ان وقت بيحد گهري ٿي ويئي هئي ۽ ٽپائي تي پيل
چانهه جا ٿانو پئي پئي ٿڌا ٿي ويا هئا. هو ڪرسيءَ
۾ پيهي ويو هو ۽ سجاتا ٻئي پاسي منهن ڪري پيئي
هئي، ايتريقدر جو ڪمري جي بتي به ڪنهن نه ٻاري.
نيٺ سجاتا ڳچ دير کان پوءِ اٿي وهنجڻ جي جاءِ ۾ ويئي هئي ۽
پائيپ کولي ڏاڍو روئندي رهي هئي. جڏهن ڪمري جي
اونداهي اداسي ۾ ونود جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو هو،
تڏهن هن بتي ٻاري هئي، تيستائين سجاتا روئندي رهي
هئي. هو دري ۾ بيهي ٻاهر ڏسندو رهيو هو. پنهنجي
مجبوري جي احساس کان رکي رکي سندس اکيون ڀرجي
آيون هيون ۽ دل سجاتا لاءِ پيار سان ٽمٽار ٿي ويس.
جڏهن گهڻي دير ٿي ويئي، ته هن اچي وهنجڻ جي جاءِ
جو در کڙڪايو هو.
سجاتا منهن ڌوئي ٻاهر نڪتي ته سندس چهري تي عجيب تازگي هئي. هن
ونود کي خاموش بيٺل ڏٺو ته هڪ هلڪي مرڪ سندس مک تي
ڦهلجي ويئي هئي. خبر ناهي ڇو انهي مرڪ ونود کي
ڪجهه چوڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو. کيس اتيئي روڪي
هن چيو هو: ” تون چيئن ته مان چاچا جي گهر هليو
وڃان؟ مون لاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي؟“
” مون کي خبر هئي ته تون اهوئي چوندين. مون کي هتي اڪيلو ڇڏي
توکي ٺيڪ لڳندو نه؟“
” ٺيڪ ته نه لڳندو پر...“
” ان ريت منهنجي ڳالهين تي ناراض ٿي دل ۾ ڪندين؟“
”تون ڳالهه ئي اهڙي ٿي ڪرين.“
”چڱو هاڻي ڪڏهن نه ڪنديس.“
۽ هڪ منٽ ۾ ئي سندس دل جو سمورو دک ڌوپجي ويو هو ۽ جڏهن سجاتا
ٻيهر چانهه ٺاهي کڻي آئي هئي، ته پيئندي سندس چهرو
غور سان ڏسندي چيو هئائين: ” تون ٺاهوڪي به ته
ڏاڍي آهين، انهي ڪري ته ماڻهو اُبتيون ڳالهيون ٿا
ڪن.“
” پري ٿي ڪنا!“
۽ رات جو اتي ئي وري ڀرسان ٻئي ڄڻا ڳچ دير تائين ڳالهيون ڪندا
رهيا هئا. ونود ڏاڍي پنهنجائب سان پڇيو هو:
”سجاتا، سچ ٻڌائج، منهنجي بيروزگاري توکي ڪڏهن ڪکي
ته نٿي؟“
”مون کي تنهنجي بيروزگاري ڪکي ته ٿي، پر گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي هئڻ
ڪري هتي شام جو موٽڻ تي دل ته چوي ٿي. جيڪڏهن تون
نه هوندين ته مان هتي اڪيلي پيئي پيئي ڇا
ڪنديس؟....... ڪڏهن ڪڏهن ائين ضرور لڳندو اٿم ته
توکي اهو سڀ.........“
”ها! پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان............ مون کي ڪٿي
ڪابه نوڪري ملي وڃي ته سجاتا گهٽ ۾ گهٽ توکي ته
نوڪري ڪرڻ نه ڏيان! اهو بار منهنجي دل تي مون کي
ڏاڍو ڳورو ٿو لڳي. ائين ٿو لڳيم ڄڻ منهنجي زندگي
معنيٰ بڻجي ويئي آهي........... گهٽي ۾ ٻاهر
نڪرندي به شرم ٿو اچي.“
اهو سچ هو ته جڏهن به سجاتا هن جي لاءِ ڪو نئون ڪپڙو وٺي ايندي
هئي، يا هو پيتي مان ڌوتل ڪپڙا ڪڍي پائيندو هو، ته
گهٽي ۾ ٻاهر نڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي هيس، هٻڪ ايتري
ٿيندي هيس، جو هو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي انهن ڪپڙن کي
ميرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ تڏهن ٻاهر نڪرندو هو. ماڻهو
ڇا سوچيندا هوندا............. ڇوڪري ڪمائي ٿي ۽
هي مرد ويهي کائي ٿو!
پر انهي کان به وڏا هئا پاڇا. اهي پاڇا جي شيخن مان ٿي سامهون
ڀت تي پوندا هئا سندن چوٻول ايترو نه ٿيندو هو
جيترو پاڇن جوٿيندو هو.
مٿئين فليٽ وارن چوڻ شروع ڪري ڏنو هو..........” هي ڪهڙا ڀاءُ
ڀيڻ آهن، ڪا خبر ئي نٿي پوي. عجيب سڱ اٿن سائين!“
۽ هيٺان ته ماڳهين چاري ٿي بيٺا هئا مٿن. رات جو
ٻي وڳي عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ٿيون ٿين........
قسمين قسمين آواز ايندا رهندا آهن.
مٿئين فليٽ وارن جي زال ته هڪ ڏينهن بهانو ڪري ڪمري ۾ گهڙي آئي
هئي ۽ هن ٻئي ئي ڏينهن چيو هو.... اڙي ڪمري ۾ هڪ
ئي کٽ اٿن. ڀاءُ ڀيڻ آهن ته ڇا ٿيو، ڪٿي ائين....
۽ هنن ٻنهي جي بيخبري ۾ ئي سندن پاڇا تمام وڏا ٿيندا ويا هئا.
هڪ ڀيري ونود سئودي وٺڻ لاءِ ويو هو ته دڪاندار به
چئي ڏنو هو...... ” پنهنجي زال لاءِ هن گهمري نئون
صابڻ وٺي وڃ.“ هو رت جو جو ڍڪ پي ويو هو.
۽ لاشعوري طور تي انهن ٻنهي کي اهو پڇتاءُ اندر ۾ ئي کائيندو
هو. جيڪڏهن وس پڄين ها ته ڪمرو ڇڏي ڪيڏانهن هليا
وڃن ها، پر اها اڻ ٿيڻي هي. هڪ ته سجاتا جي لاءِ
اهو ڪمرو آفيس جي ويجهو هو، ٻيو سستو هو، ٽيون
ايترا پئسا به ته نٿي ٿيا، جو ڪمري مٽائڻ جو خرچ
ڀري سگهجي. پوءِ سوچيندا هئا ته ڪنهن جي چوڻ سان
ڇا ٿو ٿئي. رت جو رشتو ته مٽجي نٿو سگهي. سڀئي
پنهنجو پاڻيهي سنئين واٽ تي اچي ويندا.
پر مڙ جتن ڪندي به هو پڇتاءُ جو احساس مٽائي نه سگهيا ها.
سجاتا جو کلڻ ڳالهائڻ بند ٿي ويو هو ۽ هاڻي هن دري
وٽ بيهڻ به ڇڏي ڏنو هو.
نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي دل جي چور کي ڏاڍيان دٻائي ۽ ڳالهه کي
تمام عام رواجي بنائيندي ونود چيو هو: ”سجاتا،
تون شادي ڪر.“
”شادي سان ئي ڪهڙو فرق پوندو؟ تڏهن ته تون پاڻ مون وٽ رهي نه
سگهندين.“
”ته ڇا ٿيو؟ منهنجي لاءِ تون ڪيستائين پنهنجو پاڻ کي پابند ڪري
رکندينءَ؟ منهنجي اها ڳالهه تون مڃ، سجاتا!“
خبر ناهي ڇو، انهي ڏينهن سجاتا جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا.
سندس اکين کي ڪهڙي درد ڀري ڇڏيو هو، اها ڳالهه
کيس سمجهه ۾ نٿي آئي، پر اڻڄاتل هٻڪ جي ڪري انهي
ڏينهن پنهنجا لڙڪ نه اگهي سگهي، ڄڻ ٻنهي جي وچ ۾
هڪدم اوچتو هڪ اڻلکي ويڇوٽي جنم وٺي چڪي هجي.
انهي ڏينهن به سجاتا وهنجڻ جي جاءِ ۾ پائيپ کولي ڏاڍو رني هئي،
پر هو کيس سڏڻ ۽ سرچائڻ لاءِ اٿي نه سگهيو هو،
هميشه جئن هو شيخن ڀرسان به نه بيٺو هو. پٻن تي
هلندو ڏاڪڻ لهي ٻاهر رستي ڏانهن هليو ويو هو.
من ۾ آيس ته ڪيڏانهن هليو وڃي – هي دهلي ڇڏي - ۽ پوءِ ڪڏهن به
هتي واپس نه اچي. پر هو هليو ويندو ته سجاتا ڪيئن
رهندي – اڪيلي ڪيئن رهندي هوءَ؟
گهڻي رات گذرڻ کانپوءِ جڏهن هو واپس موٽيو هو ته گهٽي ۾
گهڙنديئي ڏاڍو عجيب لڳو هوس. ماڻهن جون کٽون گهٽي
۾وڇايل هيون. شايد هڪ وڄي چڪو ٿهو ٻه – ٽي ڳئون
کٽن جي سيراندي ننڊ –جاڳ ۾ هيون.
ٽريولنگ ايجنٽ سنگهه جي گهر اڳيان پيل ٻئي کٽون خالي پيون هيون.
سندن اندر وڃڻ کانپوءِ سندن پٽ جاڳي پيو هو، پر هن
سمجهو ٻارن جيئن ماٺڙي ڪريو هنڌ تي ويٺي ڳئون
ڏٺيون.
ڏاڪڻ جو دروازو بند نه ٿيو هو. هو خاموشي سان مٿي پهتو ته
ڏٺائين ته سجاتا گهري ننڊ ۾ ستل هئي. انهي سان کيس
اٿت آئي هئي هو خاموشي سان پنهنجو تڏو پٽ تي وڇائي
سمهي پيو هو.
صبح جو سجاتا اٿي ته ڏاڍي اداس هئي، پر ونود کي هن ڪجهه به نه
چيو، ڄڻ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کان پاسو ڪندا هجن.
۽ هوريان هوريان اها وڇوٽي وندي ويئي.
هڪ ڏينهن سانجهي جو سجاتا ديويندر کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي. انهي
شام جو ٽنهي ڄڻن گڏجي چانهه پيتي، پر ويريندر جي
وڃڻ کانپوءِ به ونود سجاتا کان ڪجهه به نه پڇيو ۽
چپ رهي.
پر انهي ڏينهن کانپوءِ ڄڻ سڀ ڪجهه تڪڙو بدلجڻ لڳو هو. هاڻي ڪڏهن
ڪڏهن سجاتا رات جي ماني ٻاهران ئي کائي موٽندي هئي
ونود کان انهي لاءِ معافي گهرندي هئي. هاڻي سندس
رات جي ماني کائڻ جو سلسلو ساڳيون نه رهيو، ڇو ته
سجاتائي موٽڻ کانپوءِ هميشه ماني پچائندي هئي.
ونود کي ڪجهه ته خوشي ٿيندي هئي ۽ ڪجهه لڄ! پر سندس دل تان بار
گهٽبو ٿي ويو. گڏو گڏ ڪڏهن ڪڏهن کيس ائين لڳندو
هو، ڄڻ هوريان هوريان سڀ ڪجهه هيٺ پيهندو پيو وڃي.
۽ پوءِ هڪ شام جو جڏهن سجاتا، ديويندر سان گڏجي آئي هئي، ته هن
ڄڻ پيار سان چيو هو: ” تون اسان کي چانهه ٺاهي
پيارين ٿو، اهو ڪجهه چڱو نٿو لڳي، مان پاڻيهي ٺاهي
وٺنديس.“
”اڙي، ته انهي ۾ ڇا ٿيو؟“ ونود ڏاڍي اڻڄاڻائي سان چيو هو.
۽ سجاتا ڏاڍي سولائي سان چيو هو: ”ڪڏهن ڪڏهن شام جو گهمي ويندو
ڪر.“ هڪ کن لاءِ ته هو کيس ڏسندو رهيو هو. پوءِ
ڏاڍو هٻڪندي هن چيو هو: ”تون ساري ڏينهن کان پوءِ
ٿڪجي ايندي آهين.....“
” اڙي ته ڇا ٿيو؟......ٻڏو ٿا؟“ سجاتا ويريندر کي به شامل ڪري
ورتو هو ۽ ويريندر جي اها خشڪ مرڪ انهي پل ونود کي
پهريون ڀيرو تمام اڪيلو ڪري هلي ويئي هئي.
ويريندر کي هن اڃا تائين چڱي طرح ڏٺو به نه هو. انهي پهرين مرڪ
کانپوءِ ته اڃا به ڏسي نه سگهيو. خبر ناهي ڇو،
اهو سڀ کيس ڏاڍو عجيب لڳو هو. سجاتا جي ايتري کلي
ويهڻ، سندس پوري شخصيت کي هڪ بلڪل الڳ وحدت جي شڪل
۾ پيش ٿي ڪيو.
جڏهن کان ديويندر اچڻ شروع ڪيو هو، هو ڏاڍو خوش هو، پر الائجي
ڇو روز ئي اهڙيون گهڙيون اينديون هيون، جن ۾ سندس
اکيون اوچتو ڀرجي اينديون هيون.. کيس خبر ئي نه
پوندي هئي ته ائين ڇو ٿي ٿيو. رکي رکي سندس دل
ڀرجي ايندي هئي ۽ انهي ڪمري ۾ هو پاڻ کي بنهه
اڪيلو محسوس ڪندو هو، سجاتا جي شين کي ڇهندي کيس
عجيب هٻڪ ٿيندي هئي.
پر جڏهن پهرين تاريخ جو هميشه وانگي سجاتا پنهنجو پگهار سندس
تري تي رکيو ته کيس اهو ڏاڍو چڱو لڳو هو، پر هاڻي
ڄڻ هر ڳالهه هڪ نئين شڪل ۾ قبول ڪري رهيو هجي.
انهي ڀيري هن پهريون ڀيرو سمورو حساب ڪاغذ تي نوٽ
ڪيو هو ۽ باقي بچت پئسا پنهنجي کيسي ۾ رکڻ جي
بدران ميز جي خاني ۾ رکڻ لڳو.
هاڻي سارو ڏينهن ڪمري ۾ رهڻ به کيس ڪجهه چڱو نه لڳندو هو. شام
جو جڏهن به ديويندر ايندو هو ته هو وجهه وٺي بنا
چوڻ جي هليو ويندو هو. موٽي ايندو هو ته سجاتا
ڪاوڙجي چوندي هئي: ” ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟“
”اتي ئي.“
”اتي ئي جي ڇا معنيٰ آهي؟ ديويندر هتي هجي ته توکي مون وٽ ويهڻ
گهرجي. مون کي سٺو نٿو لڳي ته تون مون کي اڪيلو
ڇڏي هليو وڃين.“
جڏهن سجاتا چيو هئس ته کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رهيو هو. سمجهه ۾ نٿي
آيس ته نيٺ هو ڇا ٿي گهري؟
هڪ ڏينهن سجاتا ڀت ڏانهن منهن ڪري پڇيو هو: ”ديويندر توکي ڪيئن
ٿو لڳي؟“
سڀ ڪجهه سمجهندي به اها ڳالهه هن ڪڏهن سوچي به نه هئي. هو هڪدم
ڪجهه جواب ڏيئي نه سگهيو هو. تڏهن سجاتا وري چيو
هئس: ”ڪڇين ڇو نٿو؟“
”ڇا چوان....“
”مون کي ته هو تمام سنئون سڌو ٿو لڳي.... ساڻس گڏ ڊپ نٿو ٿئي ته
هو ڪو ٻين جهڙو آهي..... خبر ناهي ڇو، ساڻس گڏ رهڻ
۾ ڏاڍو اعتماد پيدا ٿئي ٿو.“ هو چوندي پئي ويئي ۽
ونود هاڪار ڪندو پئي ويو. پوءِ ڪجهه کنن کانپوءِ
سجاتا چيو: ”سندس اکيون ڏٺيون اٿئي، ڪيڏيون گهريون
آهن؟“ ۽ ونود کي محسوس ٿيو هو ته برابر ديويندر
جون اکيون ڏاڍيون گهريون آهن.
”ڳالهائيندو آهي ته ڪيئن نرڙ ۾ گهنج پوندا آهن اٿس!“
۽کيس اهي گهنج پوندا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا.
” کلندو آهي بلڪل ٻارن جئن.“
۽کيس سندس کلڻ ۾ ٻارن جهڙن سادگي جو احساس ٿيو.
سجاتا جيڪي چوندي پئي ويئي، انهي مان ديويندر جو اهو روپ ٺهندو
پئي ويو. کيس لڳو ٿي ته منجهس سڀ ڪجهه اهڙو ئي آهي
جيئن سجاتا چوي ٿي.
۽ هڪ ڏينهن جڏهن انهن ٻنهي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ۽ ديويندر پنهنجي
هوٽل جو ڪمرو ڇڏي سامان سميت اتي پهتو ته اهو
ونود کي کيس ڏسڻ جو پهريون وجهه مليو هو. جيئن
سجاتا چيو هو، هو تيئن ئي ثابت ٿيندو پئي ويو.
ٻنهي کيس ڏاڍو زور ڪيو ته هو پنهنجي کٽ ڪمري کان ٻاهر ورانڊي ۾
وڇائي، پر کيس احساس هو ته اهو ٺيڪ نه ٿيندو
دروازي ڀرسان پيل کٽ جي ڪري اهي زور سان ڳالهائي
نه سگهندا ۽ نه ئي کلي ڳالهيون ڪري سگهندا. پوءِ
به مجبور ڪرڻ تي جڏهن هن کٽ وڇائي ته اها سوڙهي
جاءِ ۾ سمائجي نه سگهي، انهي وقت کيس ڏاڍي خوشي ٿي
هئي.
۽ هو پنهنجي کٽ کڻي گهٽي ۾ هليو آيو هو.
گهٽي جي ٽولي ۾ شامل ٿيندي ئي سڀئي چوٻول پاڻمرادو ختم ٿي ويا،
هاڻي سڀئي خوش هئا، ڄڻ سڀني کي آرام اچي ويو هجي.
هرطرف سڪون آهي. انهي رات جڏهن هو دير تائين ليمپ
پوسٽ جي روشني ۾ پڙهندو رهيو هو ته هڪ آواز ٻڌو
هئائين ها، ها، سجاتا جو ڀاءُ آهي. هن شادي ڪري
ڇڏي آهي نه، پر روز روز ته هزارين قسم جا خيال
دماغ ۾ ايندا رهندا آهن. هو اتي ئي گهٽي ۾ پيو
هوندو آهي ۽ جيستائين دري مان روشني ايندي رهندي
آهي ۽ سامهون ڀت تي ان جي شيخن جو پاڇو پوندو
رهندو آهي، تيستائين هو گهٽي ۾ ستو پيو وٽ
کائيندو آهي. کيس محسوس ٿيندو آهي ته هاڻي اهو
سهارو به ناهي، جنهن مان هو سمجهندو هو ته سجاتا
اڪيلي آهي، کيس ڇڏي ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟
حقيقت اها آهي ته هو سجاتا کان پري ٿي ئي نه سگهندو هو، پر دل
کان سواءِ دماغ کي سمجهائڻ لاءِ هيستائين گهٽ ۾
گهٽ هڪ بهانو ته هو. هاڻي ته اهو به نه رهيو هو.
”گهر“ نالي واري ڪا جاءِ سندس زندگي ۾ هئي به ڪونه...اهڙو ڪو
هنڌ نه هو جتي هو رهي سگهندو هجي. پڻس مرڻ کان اڳ
اهڙو ڪو گهر جوڙايو به نه هو. سندس زندگي ته ريل
گاڏي جي سفر ۽ گارڊس رننگ رومن ۾ ئي ڪٽجي وئي آهي.
ماڻس هئي ئي ڪانه جو اهي ڊڪندا اچن. پرديس ۾ ڪنهن
اڻڄاتل اسٽيشن تي يارڊ مان گذرندي حادثي ۾ سندس
موت ٿيو هو. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن جي بدران سندس
اها ڪاري پيتي واپس آئي هئي، جنهن ۾ اڇن اکرن ۾
سندس نالو لکيل هو.
۽ انهي پيتي مان سندس سموريون شيون نڪتيون هيون، ڳاڙهيون، سايون
جهنڊيون، سيٽي، مس، ڪارا ٿي ويل نبن وارا هولڊر،
ٽائيم ٽيبل، کاتي جا ٻيا ڪاغذ، ٽفن جا ٻه دٻا،
هنڊايل قميصون ۽ ٻه پينٽون، جن کي هن وري ويڙهي
سنڀالي رکيو هو، هڪ ڇنڊڻي، ٻه چار پراڻا خط ۽
ڪپڙي جي هڪ ٽڪر ۾ ٻڌل مٺائي جا کيس ڏاڍي وڻندي
هئي ۽ نيرن ۾ سجاتا هميشه ٺاهي ڏيندي هيس. هڪ ٽين
جي دٻي ۾ گيهه هو ۽ ٻي ۾ سڪل ساوا مرچ جي کيس هر
رٽائرنگ روم ۾ کائڻ لاءِ نٿي مليا. هڪ ٽين جي دٻي
۾ ڦڻي، آرسي ۽ ڏندڻن سان گڏو گڏ هوميوپيٿڪ دوائن
جون شيشيون به هيون جي سندس سهارو هيون..
سندس لاڏاڻي کانپوءِ ته اهڙو ڪو هنڌ بچيو نه هو جتي اهي ٻئي وڃي
سگهن، ڪنهن ننڍي شهر ۾ چاچس ۽ چاچي ته هئا، پر اتي
ڪڏهن وڃڻ به نه ٿيو هو. ويهارو سال پراڻي ياد ته
کيس آهي. کيس اها به خبر ناهي ته هاڻي اُهي ڪهڙي
حال ۾ آهن.
اهوئي سڀ سوچي سوچي کيس ننڊ نه ايندي هئي. پوءِ هو ڪيئن سمهي
پوندو هو، ڪا خبر نٿي پئي. صبح ٿيندي ئي گهٽيءَ
مان کٽون کڄڻ شروع ٿينديون آهن، ته هو به اُٿندو
آهي ۽ کٽ ڏاڪڻ جي هيٺان بيهاري ائين ئي هيڏانهن
هوڏانهن گهمندو رهندو آهي. ويريندر کي دير سان
اُٿڻ جي عادت آهي.
هاڻي سجاتا کي به وقت نٿو ملي، جيترو ويريندر وهنجڻ جي جاءِ ۾
هوندو آهي، تيستائين هو جلدي جلدي ڪجهه ڳالهيون
ڪري وٺندي آهي. جيڪڏهن ڪٿي وڃڻو هوندو اٿس ته
سجاتا ڪڏهن ڪڏهن ضد ڪندي آهي: ” تون هل نه! هتي
پيو پيو ڇا ڪندين؟“
۽ قطب تي پهچي اُهي وري جدا جدا ٿي ويا هئا. ويريندر سجاتا جي
ڪلهي تي هٿ رکي ٻڌائيندو رهيو هو. ” هتي اڳ ۾ هڪ
سنسڪرت اسڪول هو“ ..... ۽ اڳتي وڌندي چيائين، ” هي
الاهي منارو ڏسي مون کي هميشه اداسي گهيري ويندي
آهي.... اڻپورا سپنا ڏاڍو ڏکوئين ٿا.“
سجاتا ۽ اهي ٻئي اداس اکين سان اڌوري الاهي مينار کي ڏسندي بيهي
رهيا هئا.
انهي وقت ونود هڪ ڀوائتي اوپراڻ محسوس ڪئي هئي. هن سوچيو ته هو
ڇا چوي؟
هاڻي جذبو ئي بدلجي ويو هو. هن دنيا ۾ هو دخل نٿي ڏيئي سگهيو،
هاڻي ٻين سپنن جون ڳالهيون آهن جن جو حسن ئي الڳ
آهي. گونج ۽ گهرايون ٻيون آهن.
هو وڃي هڪ اتاهين چوٽي تي ويٺو.
رات جو جڏهن ٽيئي موٽيا هئا ته ڪڪر چڙهي آيا هئا. رستي ۾
ويريندر آهستي پڇيو هو. ” ونود ڀلا تنهنجو ڇا
ٿيو؟“
”درخواست ته ڏني اٿم، باقي خبر ناهي ته ڪجهه ٿيندو يا نه.“
”شايد منهنجي آفيس ۾ ڪجهه ٿي پوي. هينئر ڪجهه چئي نٿي سگهان.“
سجاتا، ويريندر کي ٻڌايو هو، ڳالهه اتي ئي ختم ٿي
ويئي هئي.
۽ انهن مونجهارن ۾ ڪافي ڏينهن گذري ويا. انهي وچ ۾ هڪ عجيب
علحدگي جو احساس کيس ورائيندو ويو. سجاتا کي سندس
خيال ته ٿيندو هو، پر ائين جيئن ڪنهن کي هڪ ننڍي
گناهه جي خبر هجي ۽ هو مندر ۾ وڃي مٿو ٽيڪي اچي.
”ائين ٿو لڳي ڄڻ گذريل ڪيترن ڏينهن کان تو رات جو کاڌوئي ناهي،
ڇو؟“ سجاتا ڄڻ هڪدم ياد ڪري پڇي ٿي... يا وري ”
قميصون ڪڏهن سبرايون هيون؟“
سجاتا کي اهو سڀ ڪجهه ڄڻ وسري ياد ايندو آهي ۽ انهي مان کيس
ڏاڍو ڏک رسندو آهي. ياد نه هوس ته کيس آٿت هو ۽
ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏاڍي جذباتي ٿي ويندي هئي، اڳي
کان به وڌيڪ.... پر هاڻي سندس اکين ۾ لڙڪ نٿي آيا،
جڏهن ڪا اهڙي ڳالهه هوندي آهي ته هو وڃائجي ويندي
آهي. ويريندر جي سامهون هو ونود کي ويچارو ڪري به
ته نٿي رهائي سگهي. صبح جو ماٺ ميٺ ۾ کيس ڏهين جو
نوٽ ڏيئي شام جو کانئس گهرندي آهي:
”تو وٽ جيڪڏهن چار پنج رپيا هجن ته اڌارا ڏجان! موٽائي ڏيندس.“
”اڙي هن کان ڇو ٿي گهرين؟ مون وٽ آهن.“ ويريندر هڪدم چوندو هو.
تڏهن ونود کي ڄڻ ڌڪ لڳندو هو نيٺ ڪيستائين.... ڪيتري حد تائين
اهو معاملو ائين هلندو.
۽ تڏهن کيس ويريندر جي هئڻ سان تهائين وڌيڪ اٻاڻڪائي محسوس
ٿيندي هئي. هو پاڻ کي کانئس لڪائيندو آهي. سندس اک
کان ٿڙي وهنجڻ جاءِ ۾ ويندو آهي ۽ چورن جيئن ماٺ
ميٺ ۾ کسڪي ايندو آهي. هو نٿو چاهي ته ويريندر کي
ٺڪاءُ ڪرڻو پوي.
ايترا ڏينهن گذري ويا، پر اهو دستور جاري آهي. گهٽي ۾ ليٽئي
ليٽئي هو سوچيندو آهي ته آخر ڪيستائين – ڪيستائين؟
مينهن پوڻ سان ئي گهٽي ۾ کٽن جو وڇايل هئڻ غير
يقيني ٿيندو ٿي ويو، ڪڪر مڙي ايندا هئا پر مينهن
نه پوندو هو.
انهي ڏينهن شام ڏاڍي وڻندڙ هئي. سجاتا ۽ ويريندر ڪافي رات گذرڻ
کانپوءِ ٻاهران گهمي گهر موٽيا هئا، جڏهن اهي آيا
هئا ته هو پنهنجي کٽ گهٽي ۾ وڇائي چڪو هو، ليمپ
پوسٽ تي پتنگن جو هجوم هو، جنهن ڪري هو کٽ اندر
کسڪائي ستو هو، سجاتا ۽ ويريندر جو پاڇو هڪ ڀيرو
کيس سامهون ديوار تي ڏسڻ ۾ آيو هو، ويريندر سندس
وانگي سجاتا جو نرڙ ئي نه چميو هو. پاڇن ۾ سندن
چهرا ايترا الڳ الڳ به نه هئا.
پوءِ ڪافي ديرتائين سندن ڳالهين جا سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ آيا پئي ۽ اوچتو
سگريٽ جو ٽوٽو شيخن مان ٿيندو کٽ تي اچي ڪريو هو.
انهي کانپوءِ رات تمام سنسان ٿي ويئي هئي. گهٽي ۾
ماٺ مڙهجڻ لڳي هئي. آسمان ۾ ڪڪر چڙهي آيا هئا ۽
گهاٽي اونداهي ڇائنجي وئي هئي.
۽ آڌي رات کانپوءِ مينهن اوهيڙا ڪري وسڻ لڳو هو. گهٽي ۾ ستل
سڀئي ماڻهو پهنجون کٽون گيهلي اندر ڀڄي ويا هئا.
هو هنڌ ويڙهي دروازي تي پهتو . دروازو بند هو، مٿي
رهندڙ پنهنجا دروازا هميشه بند ڪري ڇڏيندا هئا.
ڪو اهڙو ڇپر به نه هو، جنهن جي هيٺيان پنهنجو پاڻ کي لڪائي.
ڪمري جي سوڙهي ڪارنس جي هيٺان کٽ پسي رهي هئي ۽
جڏهن بوندن جو رخ ڏانهس ٿي ويو ته پاڻ پسڻ لڳو.
هن ٽي چار ڀيرا دروازو کڙڪايو، سڏ ڪيائين، پر هو گهري ننڊ ۾
ستل هئا. مينهن جي شور ۾ آواز پهتوئي نٿي. دروازي
کان ، ڏاڪڻ جي ڪري ڪمرو ايترو پري هو جو آواز پهچڻ
مشڪل هو.
ساري رات مينهن وسندو رهيو ۽ هو انهي اونداهي رات جو کٽ تي
چادر ويڙهي اوڪڙو ويٺو رهيو.
صبح جو ڪٿان ويجهو کيس ٻڌڻ ۾ آيو: ” هي هن جو ڀاءُ واءُ به
ناهي. ساري رات هتي ويٺو پسندو رهيو!“
اک کلندي ئي سجاتا ڏٺو ته سهي نه سگهي. جيئن ئي هو ڪپڙا مٽائي
ڏاڪڻ ۾ آيو ته هن چيو: ” اهو سڀ ڪندي توکي ٺيڪ لڳي
ٿو نه؟“
”مٿي نٿي اچي سگهين؟“
”دروازو بند هو.“
”ته چئين ها نه!“
”مينهن جي شور ۾ آواز نٿي پهتو. ٺڪاءُ ته گهڻا ڪيا هئم.“
”تو وٽ ته هرڳالهه جو جواب آهي!“ سجاتا آهستي کيس جهڻڪيو جيئن
ڪٿي ويريندر ٻڌي نه وٺي، وري چيو هئائين: ” اچ هڪ
ڪوپ چانهه پي متان ٿڌ نه لڳيئي.“ سندس چوڻ ۾ پيار
به هو ته بيزاري به
ننڍڙي بورچيخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ ونود چانهه پي رهيو هو ۽ شايد لڙڪ
به. |