سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :25

امان: ٿڌو ٿي ٻڌاءِ تھ ڪنھن جو خط آھي؟ ڇا جي  نوڪري؟ خط پڙھي ٻڌاءِ، امان کي ڪرسي تي ويھندي چيم تھ خط محمود جو آھي، نھايت مختصر آھي لکيو اٿس تھ مون تنھنجي نوڪريءَ جو بندوبست ڪري ورتو آھي، ھڪ ھنڌ مئنيجري جي نوڪري آھي. چئن مھينن تائين ڪم سکڻو پوندو، جنھن لاءِ ساڍا ست سئو روپيھ ماھوار پگھار آھي، چئن مھينن کان پوءِ ھڪ ھزار روپيا پگھار مقرر ڪئي ويندي. في الحال جنھن حالت ۾ بابا ۽ چاچا جي فئملي ولايت ويل آھي ۽ بنگلو سڄو خالي پيو آھي تنھنڪري ھن خط ملڻ شرط چوٿين ڏينھن ڪراچي ھليو اچ ۽ پنھنجي ماءُ کي بھ وٺيو اچج، نھ تھ اڪيلي اباڻڪي ٿيندي، پوءِ جدا رھڻ جو بندوبست ڪيو ويندو، آئون اسٽيشن تي توھان کي وٺڻ لاءِ ايندس، تون ڪوئٽيا ميل ۾ ھليو اچج.

امان خط ٻڌي ڏاڍي سرھي ٿي ۽ چيائين تھ ”بيشڪ محمود وارا ڪي ڏاڍا خانداني ماڻھو آھن، خدا جا لک شڪرانا آھن جو توکي نوڪري ملي وئي آئون سمجھان ٿي تھ محمود پنھنجي ڪنھن ڪارخاني ۾ ئي تنھنجو بندوبست ڪيو آھي.“ ۽ حقيقت ۾ ھو بھ ائين.

(3)

آئون امان کي وٺي ڪراچي پھتس، محمود موٽر سميت اسان کي  اسٽيشن تي وٺڻ آيو ھو، جتان اسين سندس بنگلي تي پھتاسين، بنگلو نھايت عاليشان ھو، محمود مون کي ٻڌايو تھ ”بابا، چاچا ۽ سندس فيملي ولايت وڃڻا ھئا. مون  بابا سان ڳالھھ چوري تھ ٽن ڪارخانن کي سنڀالڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪم وڌي ويو آھي ۽ ٻيو شڪ پوي ٿو تھ حساب ڪتاب ۾ گھوٻي پئي لڳي جو ھو سمجھن ٿا تھ ٽن ڪارخانن جو ڪم سنڀالڻ تنھنجي لاءِ ممڪن نھ آھي، تنھن تي ٻنھي مون کي چيو تھ ”شاباس! اسان کي پاڻ شڪ ھو تھ ائين پيو ٿئي ۽ اسان اڳي ئي فيصلو ڪيو ھو تھ ھڪ مئنيجر ولايت وڃڻ کان اڳ مقرر ڪري وينداسين، اسان کي ھي ڳالھھ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آھي تھ تون نھايت بيدار آھين ۽ ھر ڳالھھ کي ڌيان ۾ رکيو ويٺو آھين، ابا، ڌنڌو ائين ھلندو آھي، ھاڻي اسين بي فڪر ٿي ولايت وينداسين. سڀاڻي ٽن چئن اخبارن ۾ اشتھار ڏيئي ڇڏ تھ اسان کي ھڪ ھزار روپئي پگھار تي ھڪ ماڻھو گھرجي جو مئنيجري جو ڪم سنڀالي سگھي.“

انھيءَ تي مون بابا ۽ چاچا کي چيو تھ مون وٽ ھڪڙو ماڻھو اڳي ئي موجود آھي، پوءِ مون غنڊن واري ڳالھھ ڪئي ۽ پنھنجي وڍيل ھٿ جا نشان ڏيکاريا ۽ کين سان تنھنجو ذڪر ڪيم ٻڌي وائڙا ٿي ويا. توکي رکڻ ۾ راضي ھئا، پر چيائون تھ تون تجربيڪار ھوندين، تنھن تي مون ٻڌايو تھ چئن مھينن تائين توکي ڪم سيکاريندس ۽ پگھار فقط ساڍا ست سئو ڏيندس، جڏھن ڪم سکي وٺندين تھ چئن مھينن کان پوءِ پگھار ھزار روپيا ڪيو ويندو. کليا ۽ چيائون تھ ھاڻي تو ڪم ڪار جو ھوشيار ٿي ويو آھين، چڱو جيڪا تنھنجي مرضي. انھن جي اسھڻ کان پوءِ مون مناسب سمجھيو تھ توکي گھرايان ڇاڪاڻ تھ مون کي خيال ھو تھ اچڻ لاءِ تھ تون اچي ويندين، پر رھندين ڪٿي، ھاڻي ٻئي بنگلا خالي آھن، تون رھي سگھين ٿو، تيستائين تنھنجي لاءِ ڪارخاني وٽ نئون بنگلو چئن مھينن ۾ تيار ٿي ويندو. باقي بابا ۽ چاچا جي موٽڻ کان اڳي تون پنھنجو ڪم سکي وٺ، پوءِ تھ انھن کي بھ ڪنھن قسم جي شڪايت نھ رھندي.

آئون اھي ڳالھيون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ محمود جو ٿورائتو ٿيس، ويتر ھن منھنجو وات اھو چئي تھ ”تون منھنجي جان بچائي آھي.“ بند ڪري ڇڏيو. صبح جو اٿي اسان ٻئي سڀئي ڪارخانن ۾ وياسين ۽ مون پنھنجو ڪم سمجھڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سکڻ لڳس، محمود مون کي ھر ڪا شيءِ سمجھائڻ لڳو، آئون نھايت ڌيان سان پنھنجو سڄو ڪم ڪرڻ لڳس، جتي منجھندو ھوس تھ محمود مون کي دڳ لائي ڇڏيندو ھو، اھڙي طرح ٻن مھينن اندر آئون ھر ڪنھن قسم جو ڪم پاڻ سنڀالڻ جھڙو ٿي پيس. خاص ڪري لک پڙھ جو ڪم نھايت خوبيءَ سان ٿيڻ لڳو ۽ محمود جي مٿي تان گھڻو بار ھلڪو ٿي ويو، منھنجي محنت ۽ ڪم تي پورو ڌيان ڏسي، محمود بھ ڏاڍو خوش ٿيو، تان جو چار مھينا بھ پورا ٿيڻ تي آيا ۽ ڪارخاني ۾ منھنجو بنگلو بھ تيار ٿي چڪو ھو. محمود مون کي چيو تھ بابا چاچا سڀ اچڻا آھن تنھنڪري ھاڻي تون پنھنجي ئي بنگلي ۾ ھلي رھ، باقي اسين روز پاڻ ۾ گڏ آھيون.

(4)

اڄ اسين صبح جو سويلي تيار ٿي ھوائي اڏي تي پھتاسون، ھوائي جھاز پوري وقت تي اچي پھتو، محمود مون کي پھريائين پنھنجي پيءُ سان ملايو ۽ پوءِ پنھنجي چاچي سان. ھڪ معمر مائي بھ ھئي، سمجھيم تھ اھا محمود جي چاچي ھئي، جنھن کي مون نمي سلام ڪيو، ٻھ ڇوڪريون بھ گڏ ھين جن مان ھڪڙي ڏاڍي چلولي ۽ چنچل ھئي جا محمود جي سوٽ سلمھ ھئي ۽ ٻي نھايت خاموش طبيعت محمود جي ڀيڻ زبيده ھئي، ٻھ موٽرون ھيون، ھڪي ۾ محمود، سندس ڀيڻ پيءُ، چاچو ۽ سندس فيملي جڏھن بنگلي تي پھتاسون تھ محمود مون کي چيو اٺين بجي اچج تھ گڏجي سڀئي ناشو ڪنداسين.“

ناشتي جي ميز تي حميد صاحب مون کان پڇيو تھ ڀلا ڪر خبر ڪم ڪار سڄو سمجھھ ۾ اچي ويو آھي ڪو نھ؟ اڃا آئون جواب ڏيان ئي ڏيان تھ محمود وچ ۾ چوڻ لڳو: ٻيءَ ۾ ”بابا اوھين پاڻ ڏسندا تھ ڇا ٿيو آھي! مون حساب کي چيو جا آھي تھ اڃا تائين پنج لک اچي چڪا آھن، باقي ھفتي کن ۾ ٻيا ٻھ لک اچي ويندا.

حميد خان: اھو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيو آھيان.

محمود: بابا بنگلي جو جيڪو ذڪر مون اوھان سان ڪيو ھو سو تيار ٿي ويو آھي ۽ محسن ھاڻي پنھنجي ماءُ سان اتي رھي ٿو، منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن اوھان جي اجازت ھجي تھ محسن کي ھڪ نئين موٽر وٺي ڏجي. ڇاڪاڻ تھ ڪم ۾ رنڊڪ ۽ دير ٿي ٿئي. محسن کي پوري نگرانيءَ لاءِ ھڪ ڪارخاني کان ٻئي ڪارخاني وڃڻو پوي ٿو ۽ مون کي پنھنجو ڪم آھي، جيسين منھنجي موٽر اچي، محسن کي سيڙڻو پوي ٿو.

حميد صاحب اجازت ڏني، آئون وائڙو ٿي ويس، سلمھ مون  کي ٽيڏي اک سان جاچي رھي ھئي، ڳالھيون ڪندي حميد صاحب مون کان پڇيو، ”محسن تو ڇا پاس ڪيو آھي؟“

مان: صاحب! بي، اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو آھي.

محمود: محسن سب انسپيڪٽر شريف جو پٽ آھي، جنھن بابت اوھان اخبار ۾ پڙھيو ھوندو جو ڌاڙيلن سان وڙھندي مارجي ويو ھو.

حميد خان: ھا! برابر ھاڻي  مون کي ياد اچي ٿو! (ڀاءُ سان مخاطب ٿي) ادا توکي تھ خبر آھي تھ شريف خان، دائود خان پوني واري جو پٽ آھي ۽ دائود خان جي سان اسان جي ڏورانھين مائٽي آھي، ڏاڍا خوددار ماڻھو ھئا.

سڀئي حيران ٿي مون  کي ڏسڻ لڳا.

وقت سٺو گذرندو ويو، سڀني جي طبيعت ۾ عجيب و غريب انقلاب اچڻ شروع ٿيو، چوندا آھن، ”عشق  ڏسي نھ ذات نھ پات“ پھرين ڏينھن کان جو مون سلمھ کي ڏٺو ھو تھ منھنجي طبيعت ھن ڏانھن مائل ٿي وئي ھئي، پر آئون پنھنجو قدر سڃاڻندو ھوس. ڪيترا ڀيرا دل کي سنڀاليم تھ ڪٿي ھي ماڻھو ڪٿي منھنجي اوقات، مگر واقعن ايترو جلد ڦيرو کاڌو جو آئون گھٻرائجي ويس سلمھ جي دل بھ مون  ڏانھن راغب ٿيڻ لڳي، بلڪھ ھوءَ ڪا پرواه نھ ڪندي مون سان گھمڻ  گھتڻ لڳي، ڪلفٽن تي وڃون تھ گڏ، ڪياماڙي  تي وڃون تھ بھ گڏ،  ھر قسم جي پارٽين ۽ سئنيمائن ۾ اسين گڏ وڃڻ لڳاسين، پر ھڪ ڏينھن بھ مون  پنھنجي محبت ظاھر نھ ڪئي، بلڪھ انھيءَ چڻنگ کي دٻائي رکيم، انھيءَ ڳالھھ کي ٻھ مھينا ٿي ويا، محمود جڏھن بھ ملندو ھو تھ نھايت خنده پيشاني سان آئون پنھنجو ڪم ڏاڍيءَ محنت ۽ ھوشياريءَ سان ڪندو آيس، ڪنھن کي ڪجھھ چوڻ جو موقعو نھ ڏنم ھڪ ڏينھن حميد خان جو حڪم آيو تھ آئون ھن گھر تي ملي وڃان، آئون جيئن ھميشھ جي معمول مطابق اندر ڊرائنگ روم ۾گھڙيس تھ مون کي ڊرائنگ روم مان محمود ۽ حميد خان جو ڳالھائڻ صفا ٻڌڻ ۾ آيو:

حميد خان: پٽ زمانو ڏاڍو نازڪ آھي! ڪنھن تي بھ اعتبار نھ ڪرڻ گھرجي، مون کي انھن جو آزاد گھمڻ پسند نھ آھي.

محمود: بابا جيئن اوھين سمجھو ٿا تيئن نھ آھي، محسن اھڙو شخص نھ آھي جو اسان سان ڌوڪو ڪندو، ھو نھايت سمجھو ۽ پنھنجو قدر ڄاڻي ٿو.

حميد خان: مون ھن کي اڄ سڏيو  آھي، الائي اڃا تائين ڇو نھ آيو.

محمود: ضرور ايندو، ھلو ڊرائنگ روم ۾ ھلي ويھون، ھو ڊرائنگ روم مان اڃا نڪرن ئي نڪرن تھ  مان ٻاھر گئلري ۾ وڃي بيٺس، ٻن ٽن منٽن کان پوءِ در کولي اندر ويس تھ محمود اٿي بيٺو ۽ پيءُ کان موڪلائي مون سان بيٺي خير و عافيت ڪندي ٻاھر نڪري ويو. حميد صاحب مون کي ويھڻ لاءِ چيو ۽ ڪاروبار جي پڇا ڳاڇا ڪيائين.

مان: حضور ھڪ ڳالھھ جي اجازت ھجي تھ ڪريان؟ ھن مٿو لوڏي مون کي اجازت ڏني.

مان: حضور اسسٽنٽ مئنيجر مسٽر ستار جا طريقا مون کي نٿا وڻن، مون  ڏٺو آھي تھ ٻھ ٽي ڀيرا چيڪ يا پئسا آيا آھن تھ ھفتي تائين بئنڪ ۾ نھ موڪليا اٿس، انھيءَ لاءِ مون کيس ڇينڀيو آھي.

حميد خان: تو اھا ڳالھھ محمود سان ڪئي آھي؟

مان: نھ، ڇاڪاڻ تھ محمود جو ھن ۾ تمام گھڻو اعتماد آھي.

حميد خان: محسن اڄڪلھھ مون ٻڌو آھي تھ تون سئنيما ڏيڻ گھڻو  ٿو وڃين؟

مان: سائين مون کي سئنيما جو شوق بلڪل نھ آھي پر جڏھن اوھان جي ڪن ماڻھن جو حڪم ٿئي ٿو تھ مجبور ٿيو پوان.

حميد خان: چڱو محسن، سڀاڻي شايد محمود ٻاھر وڃڻو آھي تنھنڪري آفيس جو خيال رکج.

آئون موڪلائي آفيس ڏانھن روانو  ٿيس، سڄي واٽ سوچيندو رھيس تھ پيءُ  پٽ ۾ مون  ۽ سلمھ بابت ئي ڳالھھ ٿي رھي ھئي ۽ محمود جو ائين چوڻ تھ محسن پنھنجو قدر سڃاڻي ٿو مون ۽ سلمھ بابت ئي ھو ۽ پوءِ حميد خان جو طعنو ڏيڻ تھ آئون سئنيما گھڻو  ڏسان ٿو معنيٰ خيز ھو. ڇاڪاڻ تھ آئون رڳو سلمھ سان ئي سئنيما ڏسڻ ويو آھيان، ٻيو ڪنھن سان ڪڏھن ڪونھ ويو آھيان، بيشڪ محمود جنھن جي مھرباني سان آئون انھيءَ درجي تي پھتو ھوس، تنھن جو مون کي خيال رکڻ کپندو ھو، مگر اڄ ڏينھن تائين مون تھ ڪجھھ بھ ڪين ڪيو ھو ۽ پنھنجي محبت کي دٻائي رکيو ھو جيڪا اڳرائي ٿي رھي ھئي سا سلمھ جي طرفان ئي ھئي، آئنده آئون پاڻ کي وڌيڪ روڪيندس.

آفيس پھچي آئون ڪم ۾ رڌو رھيس، ٻپھرن جو ماني بھ نھ کاڌم، شام جو  سلمھ چيو ھو تھ گھر اچجانءِ پر آئون نھ ويس، سڌو پنھنجي بنگلي تي ھليو ويس. چانھھ پي سوچيندو رھيس نيٺ ستين بجي دل وندرائڻ لاءِ وڏي باغيچي ۾ ھليو ويس. ھڪ اھڙي بينچ تي وڃي ويٺس، جا بلڪل نويڪلي ھئي البتھ بينچ جي پٺيان مينديءَ جي وڻن جو اھڙو جھڳٽو ھو جو آئون نھ ھن ڀر ڪنھن کي ڏسي ٿي سگھيس نھ ٻيو ڪو ماڻھو جتي آئون ويٺو ھوس مون کي ڏسي سگھيو. ھوا نھايت خوشگوار ۽ فرحت ڏيندڙ پئي لڳي، آئون خيالن جي دنيا ۾  غرق ٿي ويس، اوچتو ميندي جي جھڳٽي جي پٺيان مون کي محمود ۽ سلمھ جي ڳالھائڻ  جو آواز ڪنن تي پيو. آئون ماٺ  ڪري انھن جي گفتگو ٻڌڻ لڳس.

محمود: سلمھ! ڇا منھنجي محبت جي آزمائش وٺي رھي آھين يا مون کي ساڙڻ لاءِ تون محسن سان گھمندين وتين!  ڇا توسان محبت ڪرڻ جو منھنجي لاءِ ھي انعام آھي؟ ڇا تو پنھنجا سڀ وعدا وساري ڇڏيا؟

سلمھ: محمود! آئون ڏاڍي مجبور آھيان!

محمود: ڇا جي مجبوري آھي؟ ھڪ پاسي بابا ۽ چاچا شادي جي تياري ڪرڻ لاءِ تيار آھن ٻئي طرف تنھنجي ھي پار آھن.

سلمھ: محمود، آئون برابر تنھنجي قصور وار آھيان پر ڇا ڪريان دل مڃي ئي نٿي، آئون ڪنھن ٻئي کي چاھيان ٿي.

محمود: ڇا ھن توسان پنھنجي محبت جو ذڪر ڪيو آھي؟

سلمھ: نھ، ھن ڪڏھن بھ اھڙو ذڪر نھ ڪيو آھي، پر منھنجي دل چوي ٿي تھ ھو مون سان محبت ڪري ٿو.

محمود: تو ھن کان پڇيو آھي جي نھ تھ پڇي ڏسينس، آواز بند ٿي ويو. آئون ڏاڍو بيقرار ھوس، نيٺ منھنجن اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا جڏھن چڱي طرح روئي بس ڪيم تھ طبيعت ۾ ھڪ قسم جو لاڙو محسوس ڪيم.

سوچڻ لڳس تھ مون کي ڇا ڪرڻ آھي، ھڪ اھڙي دوست سان جنھن مون کي سھارو ڏنو تنھن سان ائين ڪريان! منھنجي منھن تي ئي نٿي پيو. محمود جا پويان لفظ ”پڇي ڏسينس“ ٻڌائي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن ھن کي خبر پئي تھ سچ پچ آئون سلمھ سان محبت ٿو ڪريان تھ ھو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ تھ ھو ائين سمجھي رھيو ھو تھ مون ھن جي جان بچائي آھي، حقيقت ۾ منھنجو خيال ھو تھ غنڊن رڳو پئسن ڦرڻ جو ويچار ڪيو ھو ۽ رستي کان پري وٺي وڃڻ ٿي گھريائون، ٿوري دير کان پوءِ مون پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو تھ مون کي ڇا ڪرڻو آھي.

آئون  سڌو سلمھ جي جاءِ تي پھتس، ڏٺم تھ ھوءَ ماٺ ڪري ويٺي آھي. مون کي ڏسڻ شرط چھري تي رونق اچي ويس.

سلمھ: محسن،  مون توکي شام جو سڏيو ھو تون ڇو ڪين آئين؟

مان: سلمھ انسان کي دنيا ۾ ٻيا ڪم بھ آھن، اڄ تمام گھڻو ڪم ھو، فرصت ئي نھ ملي،  اڄ سڄو ڏينھن ڪونھ  مليا آھيون، رڳو صبح جو حميد صاحب سڏايو ھو، محمود مون کي اتي مليو ھو، پر مون  کي ڇڏي ھليو ويو.

سلمھ: چاچا ڇو سڏايو ھو؟

مان: ڪارخاني جا ڪيترائي ڪم ھوندا آھن، جن بابت صلاح ڪرڻي پوندي آھي.

سلمھ: چاچا ٻيو بھ ڪجھھ پڇيو ھو ڇا؟

مان: نھ، ڇو ڪجھھ آھي ڇا؟

سلمھ: محسن ھڪ ڳالھھ پڇانءِ ٿي صاف صاف ٻڌائجانءِ.

مان: جيڪي پڇڻو ھجيئي سو پڇ.

سلمھ: محسن آئون توسان پيار ڪريان ٿي مون سان شادي ڪندين؟

آئون ڪيتري دير تائين ماٺ ۾ ويٺو رھيس ۽ ڏاڍي مشڪل سان پنھنجي جذبات تي قابو پائي کيس چيم، سلمھ چري ٿي آھيم ڇا، چڱي خاندان جون ڇوڪريون ائين ڪڏھن ڪين ڪنديون آھن، تنھنجا وڏا ويٺا آھن  جتي ھو تنھنجو بندوبست ڪن توکي ماٺ ڪري قبول ڪرڻ گھرجي. آئون جو توسان ملندو ھوس تو شايد  مون کي غلط سمجھيو آھي.

سلمھ پنھنجي ٻنھي ھٿن سان منھن ڍڪي روئڻ لڳي، پاسي کان دروازو کليو، حميد صاحب ۽ چاچو ٻئي نڪري آيا.

حميد: شاباس محسن، اسان کي تومان اھائي اميد ھئي، محمود سچ ٿي چيو.

مان: اوھين مھرباني ڪري سلمھ کي سنڀاليو آئون وڃان ٿو، آئون موٽي گھر آيس، امان کي چيم تھ ماني ڪونھ کائيندس. ڪپڙا لاھي ميز وٽ ويھي رھيس ۽ سڄي معاملي تي سوچڻ لڳس، دل ڀرجي آئي، ڏاڍو رنم طبيعت جڏھن  ھلڪي ٿي ھڪ خيال دم ۾ آڻي محمود کي ھڪ خط لکيم:

پيارا دوست محمود!

آئون وڃان ٿو سڀني لاءِ ائين بھتر آھي! حميد صاحب توکي ٻڌائيندو، امان جو خيال رکجانءِ.

خدا حافظ.

احسان مند محسن

اھو خط لکي محمود جو پتو لکيم نوين بجي آفيس  پھتس، محمود ٻاھر ويل ھو، خط ھن جي ميز تي رکي  ڪجھھ ضروري ڪاغذ نيڪال ڪري پٽيوالي کي چيم تھ ٻاھر جيڪڏھن رڪشا بيٺي ھجي تھ ھن کي ترسائي ڇڏ آئون اچان ٿو. پٽيوالو حيران ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. آئون ھڪ ننڍو سوٽ ڪيس اڳي ئي تيار ڪري گھران کڻي آيو ھوس، رڪشا ۾ ويھي ڪياماڙي پھتس، سر سوتي جھاز بمبئي  وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو، صبح جو مون بمبئي وڃڻ جو اڳي ئي سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو، جھاز اڌ ڪلاڪ کان پوءِ روانو ٿي ويو.

(5)

منھنجي لاءِ ٻيو ڪو چارو نھ ھو، امان کي انھيءَ  لاءِ ڇڏي ويس تھ محمود اھڙو ھو جو ھن کي پنھنجي ماءُ وانگر سنڀاليندو، گھٽ ۾ گھٽ امان اتي سکي رھندي، بمبئيءَ ۾ بھ مون  کي سک نھ آيو، ھڪ ڏينھن شام جو چوپاٽي تي وڃي نڪتس، ڏٺم تھ ھڪ ساڌو ويٺو آھي ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي، ساڌو وڏي آواز سان ڳائي رھيو ھو، سندس آواز ڏاڍو سريلو ھو ۽ آواز ۾ بيحد سوز ۽ درس ھيس:

دکھيا من ھي دکھيا کايا، چھوڙ گيا ھي اپنا پرايا

دنيا کيا ھي؟ کھوڻي مايا، مايا کو سب چاھين بابو

مون جھڙي عشق جي ڌڪ کاڌل شخص تي انھيءَ راڳ جي ٻول آفت جو ڪم ڪيو، آئون اتي ئي ويھي رھيس، ھن راڳ جو ھڪ ھڪ لفظ بڙڇي وانگر منھنجي دل ۾ ڇڀي رھيو ھو، منھنجي اکين مان ڳوڙھا زارو قطار وھي رھيا ھئا، ساڌوءَ جي نظر مون تي پئي، پر ھو ور ور ڏيئي اھي ٻول آلاپي رھيو ھو، مون ايترو رنو جو بيھوش ٿي ويس، خبر جڏھن پئي تھ ساڌو پنھنجي لوٽي مان پاڻي ڪڍي منھن تي ڇنڊا ھڻي رھيو ھو، نيٺ سامت ۾ آيس ڏٺ تھ ماڻھو سڀ ھليا ويا ھئا، سج بھ لھي چڪو ھو، ساڌوءَ مون کي اٿاري وھاريو ۽ چيائين تھ ايتري ۾ ھمت ھاري ڇڏي اٿئي! مون کي ڏس اڄ ٻھ سال ٿيا آھن جو ڌيرج ڪندو اچان.

مون ساڌوءَ کان سندس نالو پڇيو تھ ھن پنھنجو نالو ”من موھن“ ٻڌايو آئون ھن کان موڪلائي پنھنجي ھوٽل ۾ آيس، ٻئي ڏينھن وري شام جو آئون چوپاٽي تي ويس، پر مون کي ساڌو نظر نھ آيو وڌيڪ ٽي ڏينھن ٻيا بھ بمبئي ۾ رھيس ۽ روز شام جو چوپاٽي ويندو ھوس، پر ساڌوءَ جو پتو نھ پيو. بيقراري وڌي وئي ھئي. نيٺ دھلي کان ٿيندو لکنو پھتس، ھڪ ڏينھن امين آباد پارڪ ۾ ڏٺم تھ ساڳيو ساڌو ويٺو آھي! وڃي ھن کي پيرين پيس تھ اھو راڳ ٻڌاءِ.

ساڌوءَ وري الاريو:

کوئي تو کھدي پريم کي نگري، کبٿي کسي ني بستي ديکھي

مجھھ سي پوچھو کيا کيا گذري روتي روتي گئي عمريا بيت

مايا کس کي ميت بابو؟ مايا کس کي ميت!

راڳ پورو ڪري ساڌو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، راڳ مون کي بھ بيخود ڪري ڇڏيو. بمبئي ۾ آئون روئي بيھوش ٿيو ھوس، ھتي ساڌو روئي رھيو ھو، پوءِ يڪدم اٿي ھلڻ لڳو. مون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪين ترسيو، پڇيومانس تھ ڪڏاھن ٿو وڃين؟ تھ نھايت سٺي انگريزي زبان ۾ جواب ڏنائين تھ آئون نيني تال ويندس، من اتي ھرديھھ کي قرار اچي! آئون وائڙو ٿي ڏسندو رھجي ويس ۽ ساڌو رمندو رھيو، جيءَ کي لکنو ۾ بھ قرار نھ آيو، ساڌوءَ جو ويچار ڪندي منھنجي دل بھ ڦتڪڻ لڳي. لاچار لاھور روانو ٿيس، ھڪ ڏينھن شالامار باغ ويس. گھمندي اتي ڏٺم تھ پري کان ھڪ ساڌو نظر آيو. مون سمجھيو تھ ساڳيو ويراڳي آھي سو ھن ڏانھن ويس، پر ڏٺم تھ ھي ھڪ جوڳڻ آھي ٿوري دير کان پوءِ ھن بھ راڳ الاپڻ شرو ڪيو! عورت ھئڻ جي ڪري آواز بھ نھايت سريلو ھئس، راڳ ڳائڻ جو رنگ ڍنگ بلڪل ساڳيو، جھڙو مون ساڌو کي بمبئي ۾ لکنو ۾ ڳائيندي ٻڌو ھو! آئون حيران ٿي ھن کي ٻڌڻ لڳيس:

دنيا والي لوبھھ کي بندي تن کي اجلي من کي گندي

آنکھون والي ليکن اندھي پريت کي اب کچھھ ساکھھ نھين ھي

سب کي جھوڻي پريت

مايا کس کي ميت بابو؟ مايا کس کي ميت!

مون جوڳڻ کي مخاطب ٿيني چيو: ديوي جي ڏاڍي عجيب ڳالھھ آھي جو مون ھي ڳانو اڳي ٻڌو آھي.

تنھن تي چيائين تھ ھا بابو، تو ٻڌو ھوندو!

مون چيومانس: تو منھنجو مطلب نھ سمجھيو. مون اھو گانو ھڪ ساڌوءَ کان ٻڌو آھي، تون زال آھين پر ھو مرد ھو.

ھاڻي جوڳڻ ڪن کڙا ڪيا ۽ پڇيائين تھ ڪٿي؟

مون چيو: من وٽان! منھنجو مطلب آھي تھ من موھن جي واتان.

جوڳڻ بيقرار ٿي چيو: ڀڳوان جو واسطو اٿئي تھ ڪٿي ٻڌو؟

مون جواب ڏنو: ٻن ھنڌن تي ھڪ ڀيرو بمبئي ۾ ٻيو ڀيرو لکنوءَ  ۾. ٿڌو ساھھ ڀري چيائين: ھاءِ رام ڪٿي ڪٿي ڳولھيان! مون کي ھن تي ڏاڍي ڪھل آئي. مون کيس ٻڌايو تھ مون کي آخر ۾ چيو ھيائين تھ نيني تال وڃان ٿو.

ايتري ۾ ھڪ شيور ليٽ ڪار اتان لنگھي، جا محمود جي ھئي، پر آئون حيران ھوس تھ گاڏيءَ جو نمبر بدليل ھو، ۽ گاڏي ۾ ماڻھو اھڙا ويٺل ھئا، جي غنڊا معلوم ٿي ٿيا! ھڪ پاسي گاڏي بيھاري ھو پارڪ ۾ ھڪ بينچ تي ويھي رھيا، ھاڻي مون جوڳڻ ڏانھن منھن ورائي ڏٺو تھ ھو غائب ٿي چڪي ھئي. آئون آھستي آھستي موٽر جي طرف آيس، جاچي ڏٺم تھ موٽر ساڳي محمود جي ھئي پر نمبر لاھور جو ھو. مون  کي شڪ پيو، ھڪ خالي ٽيڪسي بيٺي ھئي، تنھن ۾ چڙھي ويٺس. ٽيڪي واري پڇيو تھ ڪڏانھن ھلون؟

مون کيس چيو تھ فڪر نھ، جيڪي گھرين سو ڏيندس.

ايتري ۾ ھو ٻھ ڄڻا بھ اٿيا ۽ موٽر ۾ ويھي ھليا.

مون ٽيسڪي واري کي چيو تھ ھن شيورليٽ جي پٺيان ھل. اھڙي طرح جو ھنن کي شڪ نھ پوي تھ اسين ھنن جي ڪڍ آھيون.

موٽر ھڪ شاندار ھوٽل جي ڪمپائونڊ ۾ گھڙي ھوٽل جي در وٽ بيھي رھي. مونو ٽيڪي واري کي ٻھ نوٽ ڏھين ڏھين وارا ڏنا، ھن سلام ڪري مون کي چيو تھ صاحب آئون ھتي ئي ڪمپائونڊ ۾ بيھان ٿو متان اوھان کي ضرورت پوي.

آئون تڪڙو تڪڙو ھنن ماڻھن جي پٺيان ويس ڏٺ۾ تھ ھنن کي ڪلارڪ ويھين نمبر ڪمري جي چابي ڏني ۽ پوءِ مون سان مخاطب ٿيو. مون کيس خالي ڪمري لاءِ پڇيو؟ تھ چيائين نمبر 19 ۽ 21 خالي آھن، پر ڊبل ڪمرا آھن.

مون چيو تھ فڪر ناھي پر پھريائين آئون ڪمرا ڏسي پسند ڪندس.

بيرو ٻنھي ڪمرن جون چاٻيون کڻي ھليو، مون ڏٺو تھ نمبر 19 منھنجي ڪم جو ٿيندو، سو اھو ڪمرو مون پسند ڪيو، ڪمري جي پٺيان ننڍي گيلري ھئي، ۽ اتان نمبر 20 ڪمري جي گيلري ۾ سولائيءَ سان ماڻھو وڃي سگھيو ٿي. ڪانچ جو دروازو جنھن تي ٿلھي ڪپڙي جو پردو ڏنل ھو، پردو ھٽائي دروازو کولي گيلري ۾ ماڻھو وڃي ٿي سگھيو، آئون پنھنجي گيلريءَ تان ٽپي 20 نمبر گيلريءَ ۾ ويس، پردو ڏنو پيو ھو ڏٺم تھ ٽي ماڻھو پلنگ تي ويٺا آھن ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪري رھيا آھن ۽ ھڪ ڪرسيءَ تي محمود جي ڀيڻ زبيده ٻڌي پئي آھي، آئون يڪدم مينيجر جي ڪمري ۾ ويس ۽ ھن کي چيم تھ مون کي ڪراچي ٽيليفون ڪرڻو آھي جيڪي خرچ ھوندو آئون ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، ھن فورا پنھنجي فون تي بندوبست ڪري ڏنو، مون  محمود کي ٽيليفون ڪيو.

محمود حيران ٿي مون کان آڏا ابتا سوال پڇڻ لڳو.

مون يڪدم چيومانس تھ انھن ڳالھين کي ڇڏ! مون کي ٻڌاءِ تھ زبيده ڪٿي آھي؟ ھن آھستگيءَ سان مون ٻڌايو تھ شيورليٽ ڪار ۽ زبيده ٻئي گم آھن.

مون پڇيو تھ پوليس ۾ رپورٽ ڪيل آھي؟

جواب ڏنائين تھ نھ، ڇاڪاڻ تھ عزت جو سوال آھي.

پوءِ مون کيس ڳالھھ ڪري ٻڌائي ۽ چيومانس تھ آئون ھوٽل مان اصل نھ چرندس ۽ بنا ضرورت جي اھڙو ڪو قدم نھ کڻندس جيستائين سڀاڻي تون ھوائي جھاز جي رستي نھ پھچين.

صبح جو اٺين بجي مون ڏٺو تھ بدمعاش زبيده تي زور آڻي رھيا ھئا ۽ کيس اتي ئي قتل ڪري ھليا ويندا، جيڪڏھن ھو ھنن کي خط تي ڪجھھ لکي نھ ڏيندي.

مون وڏي بيوقوفي ڪئي جو پوليس کي خبر نھ ڏنم پر رات جو مون ڇا ڪيو جو شيورليٽ جي اڳين ٽائرن مان ھوا ڪڍي ڇڏيم ۽ بيري کي ملائي 19 نمبر جي ٻي چاٻي پاڻ وٽ ھٿيڪي رکي ڇڏيم، ڏٺم تھ بدمعاش زبيده کي ماري وجھندا. مون وٽ ٻيو ڪجھھ ڪين ھو ھڪ ڏنڊو ھٿ ۾ کڻي يڪدم 19 نمبر ڪمرو چاٻيءَ سان کولي اندر ڪاھي پيس ۽ ”خبردار پوليس اچي وئي آھي!“ چئي لٺ الاري ھڪڙي کي بيڪار ڪري ڇڏيم، ھڪ جي ھٿ ۾ چاقو ھو سو ھن منھنجي ساڄي ساتيءَ ۾ پيوست ڪري ڇڏيو. منھنجي وات مان رڙ نڪتي ۽ مون فقط ايترو ڏٺو تھ ٽئين بدمعاش پٺين گيلري مان ھيٺ ٽپو ڏنو ۽ آئون بيھوش ٿي ويس. جڏھن منھنجي اک کلي تھ مون پاڻ کي ھتي پاگل خاني ۾ ڏٺو!

مان: ھا تون سخت زخمي پيو ھئين توکي ھوٽل مان لاھور جي وڏي اسپتال کڻائي ويا ھئا، جتي توکي گھڻو رت چاڙھيو ويو تون ھڪ مھيني تائين بيھوش پيو ھئين.

محمود خرچ ڪرڻ کان ڪين گھٽايو، ڇھن مھينن کان پوءِ تنھنجو زخم ڇٽو پر انھيءَ وچ ۾ تنھنجو دماغي توازن ختم ٿي ويو، چريو ٿي پئين. محمود توکي ھن اسپتال ۾ کڻائي آيو، سڄا ٻھ سال تنھنجو دماغ سالم نھ ٿيو ڇاڪاڻ تھ گھڻي رت وھڻ جي ڪري نھ رڳو تون ڪمزرو ٿيو ويو ھئين پر شاق جي ڪري تنھنجا اعصاب ڪمزور ٿي چڪا ھئا. چريائي ۾ ڪنھن ڪنھن مھل تون ديوي جي، چوندو ھئين، معلوم ٿو ٿئي تھ ساڌو ۽ جوڳڻ بابت بھ تنھنجي لاشعور ۾ اھا ڳالھھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ خود تنھنجي حياتيءَ ۾ بھ اھڙو واقعو ٿي گذريو ھو. محمود سڄو سال توکي ڏسڻ لاءِ اچي نھ سگھيو ڇاڪاڻ تھ ھن جو پيءُ ۽ چاچو جلدي ھڪ ٻئي پٺيان مري ويا. اھي ڳالھيون مون کي محمود ٻڌايون آھن. پر سڀ ڳالھيون ڪين ٻڌايون ھيائين، ھاڻي تنھنجو احوال  ٻڌي سڄي معاملي کي سمجھيو اٿم. محمود تنھنجي وڃڻ کان پوءِ ستار کي مينيجر بنايو، پر ھن گھڻا پئسا غبن ڪيا جنھن جي ڪري ھن کي جيل اماڻيو ويو. تنھنجي ماءُ اڃا جيئري آھي ۽ محمود وٽ آھي. محمود سلمھ سان نيٺ شادي ڪئي جنھن مان ھن کي ھڪ پٽ ۽ ڌيءَ آھي، تنھنجي ماءُ کي تنھنجو حال اڃا ڪونھ ٻڌايو ويو آھي. منھنجي صلاح مڃيندي تھ ھاڻيبھ گھڻو ئي ٿي پوندو. تون موٽي محمود وٽ وڃ ۽ ھن جي ڀيڻ سان شادي ڪري وٺ، اوھان ٻنھي لاءِ اھو چڱو ٿيندو، مون کي پڪ آھي تھ محمود ڳالھھ مڃي ويندو؟

زماني جو چڪر

جيئن آئون پنھنجي چرين جي اسپتام ۾ پوري ڏھين بجي اندر گھڙي رھيو ھوس، ڏٺم سول اسپتال جي مائڪرو بس بھ اندر اچي رھي ھئي. سول اسپتال مان ھڪ مائي بصران نالي ڏياري موڪلي ھيائون. انھيءَ مائيءَ جو علاج  ڪندو سول اسپتال جي ڊاڪٽرن کي خبر پئي تھ ھو چري آھي تنھنڪري ھن کي گدوءَ جي پاگل خاني ۾ ڏياري موڪليو ھيائون، مون ڏٺو تھ سول اسپتال وارن ڀل ڪئي آھي جو سنئون سڌو ھتي ڏياري موڪليو اٿن. چرين جي اسپتال ۾ داخل جو نمونو بنسبت عام اسپتالن جي جدا ھوندو آھي. چرين جي اسپتال ۾ سواءِ مئجسٽريٽ جي اجازت نامي جي مون کي بھ طاقت نھ آھي جو ڪنھن چرئي کي اسپتال ۾ داخل ڪري سگھان، جنھن حالت ۾ سول اسپتال جا اڪثر ڊاڪٽر منھنجا ڄاڻو سڃاڻو دوست ھئا، مون بروقت ساڳئي مائڪرو بس ۾ پنھنجي جمعدار جي ھٿان سڀئي ڪاغذ ٺاھي مئجسٽريٽ وٽ ڏياري موڪليا، جنھن اڌ ڪلاڪ جي اندر داخلا جو اجازت نامو ڏياري موڪليو.

جمعدار جيسين ڪورٽ مان ٿي اچي مان مائيءَ جا اھي ڪاغذ پڙھڻ شروع ڪيا جيڪي سول اسپتال وارن ڏياري موڪليا ھئا، انھن ڪاغذن ۾ مائيءَ بابت سمورو احوال پوليس لکي ڏياري موڪليو ھو، پر منھنجي  نقطئھ  نگاه کان اھو احوال اڻپورو ھو، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ لکيل ھو تھ مائيءَ جو نالو بصران ھو ۽ ھوءَ علي خان چانڊئي وٽ ڪم ڪندي ھئي.

پوليس جي رپورٽ مان سڄو واقعو ائين سمجھيو آھي تھ حيدرآباد کان اٽڪل ڇھھ ڪوه پري، ڏکڻ اڀرندي پاسي علي خان چانڊئي جو ڳوٺ ھو، جتي علي خان چانڊئي زميندار جون ٻنيون ھيون، اھو ڳوٺ اصل ۾ موجوده زميندار جي ڏاڏي جنھن جو نالو پڻ علي خان چانڊيو ھو. تنھن ٻڌايو ھو، علي خان چانڊيو اصل ۾ ھڪ وچولي درجي جو زميندار ھو، ھي زميندار پنھنجو پئسو ڏوڪڙ اڃا تائين بئڪن ۾ رکڻ ڪين سکيا ھئا. جنھن جو ھي نتيجو ٿيو تھ ھڪ ڏينھن جڏھن علي خان بيمار پٽ جي لاءِ دوا آڻڻ لاءِ ٻاھر ويل ھو تھ ڌاڙيل رات جو ڪاھي آيا، مائيءَ بصرا ڇا ڪيو جو علي خان جي ننڍي پٽ کي جو ماءُ سان گڏ ھڪڙي ڪمري ۾ سمھندو ھو، تنھن کي ماٺ ڪري ھڪ خالي گنديءَ ۾ وجھي، مٿان خالي ڳوڻيون رکي ۽ گوڻين جي مٿان ڪڻڪ وجھي ڍڪ ڏيئي ڇڏيائين ۽ گنديءَ ڀت واري پاسي کان ھڪ وڏو ٽنگ ڪري ڇڏيائين تھ ھوا سولائي سان اچي ۽ ٻار ٻوساٽجي نھ وڃي. ماءُ کي خبر نھ پئي، مائي تڙ تڪڙ ۾ اھو ڪم ڌاڙيلن جي اندر گھڙي اچڻ کان اڳي پورو ڪريو ورتو ۽ جنھن ڪمري ۾ ٻار سمھندو ھو اتي ٻاھران بيھي رھي. ڌاڙيلن پيتيون وغيره کوليون مگر پئسو ڏوڪڙ ھٿ ڪونھ آين، ھڪري ڌاڙيل تھ گندي جو ڍڪ جنھن ۾ ٻار پيو کولي مگر ڪڻڪ ڏسي ڍڪ رکي ڇڏيائين. زميندار جي زال جيڪا ٻاھر بيٺي ھئي ڌاڙيلن جي ڊپ کان ڪنبي رھي ھئي مگر مائي بصران بنا ڊپ جي ڪمري جي اڳيان ھڪ سنتريءَ وانگر بيٺي ھئي، ڌاڙيل جڏھن پئسي  ڏوڪڙ ملڻ کان نا اميد ٿيا تڏھن انھن کي ٻي ڳالھھ سجھي آئي تھ زميندار جي پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃون ۽ پوءِ سودو ڪري چڱي اگھھ تي زميندار جي پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃون ۽ پوءِ سودو ڪري چڱي اگھھ تي زميندار کي وڪڻي ڇڏيون مھندار اھو خيال ايندي ئي زميندار جي زال کان پڇا ڪئي تھ ”ٻار ڪٿي آھي؟“ چڱو ٿيو جو ھن کي خبر ئي ڪانھ ھئي تھ بصران ٻار گنديءَ ۾ لڪايو آھي.

ڌاڙيلن جي مھندار زميندار جي زال کي ھٿ کان وٺي پڇيو، ”ٻڌاءِ تنھنجو پٽ ڪٿي آھي؟“

زال: مون کي خبر نھ آھي.

مھندار: ڪوڙ ٿي ڳالھائين، ٻڌاءِ نھ تھ ساھ ڪڍندوسانءِ.

زال: مون کي خبر ناھي، ھن مائيءَ کان پڇيو.

مھندار زميندار جي زال جي ٻانھن کي زور سان مروٽو ڏنو ۽ ٻنھي ھٿن سان  کيس گھوگھو ڏنو، ائين جو مائيءَ جون اکيون ٻاھر نڪري آيون. ٻنھي مائيءَ ڇڏي ڏنو ۽ ھڪ وڏو ڇرو ڪڍي چيائينس: ٻڌاءِ نھ تھ ھن ڇري سان سسي ڌار ڪندوسانءِ.

مائي سچ پچ ڊڄي وئي ۽ ھٿ جو اشارو ڪري چيائين تھ ڪمري ۾ ستو پيو آھي.

مھندار ڪمري ڏانھن وڏيون اکيون ڪڍندو وڌيو.

مھندار: ڀلا ٿئي ڪوڙي! پري ٿي نھ تھ پيٽ پاڙيندوسانءِ.

بصران: ھل ڙي ھل مئا! مون تو جھڙا گھڻا ڏٺا آھن! ائين چئي بصران ھڪ شينھن وانگر مھندار تي جھپٽي، پر ڪٿي مرد ۽ ڪٿي زال، ڇري اڇلائيندي مھندار بصران کي بک وجھي ھڪ پاسي اڇلائي وڌو، ھن کي ھاڻي پڪ ھئي تھ ٻار ڪوٺيءَ ۾ آھي.

مھندار تيار ٿي وڃو، دير ٿي وئي آھي، چوندي کٽ تي ڏٺائين تھ ٻار آھي ئي ڪونھ، سڄي ڪوٺي جاچيائين پر ٻار جو پتو ڏيئي ڪونھ ھو، ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ٻاھر نڪتو ۽ بصران کي جھلي ٻانھن مروٽي کانئس پڇيائين:

”ٻڌاءِ تھ ٻار ڪٿي آھي؟“

بصرانڏيو تھ سور ۽ ايذاءَ  جي ڊپ کان متان منھنجي وات مان ڪجھھ نڪري وڃي، تنھنڪري دل ۾ ھڪ ويچار سٽيندي چيائين:

بصران: ٻانھن ڇڏ تھ ٻڌايان ٿي!

مھندار ھن جي ٻانھن ڇڏي ڏني.

بصران: ٻار بيمار ھو، علي خان کيس دوا لاءِ شھر کڻي ويو آھي.

مھندار: وري کيس ٻانھن کان وٺي مروٽو ڏنو، مگر شاباس آھي بصران کي جو ڀڻڪو بھ ٻاھر نھ ڪيائين، اٽلو زور سان کلڻ لڳي.

ايتري ۾ ٻاھران بندوقن جا آواز ٿيڻ لڳا، اھو ٻڌي مھندار پنھنجي ماڻھن کي چتايو تھ پوليس اچي وئي آھي پٺيان ڀت ٽپي ڀڄي ھلو، ايتري ۾ گندي مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. مھندار پڇڻ لڳ تھ ”اھو آواز ڪٿان آيو.“

بصران ٽپ ڏيئي مھندار جي ٽنگ جھلي ڇڪيو ۽ چيائين تھ ”منھنجو لاش اورانگھي اتي وڃي سگھندين.“

بصران مھندار جي ٽنگ کي اھڙو قابو جھليو، ۽ الائي ڪٿان ايڏي طاقت پيدا ٿيس جو مھندار گھڻو ئي زور لاتو پر پاڻ ڇڏائي ڪين سگھيو.

مھندار ڏٺو تھ جھلجي پوندس، سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي چڪا ھئا، نيٺ  بندوق جي ڳن سان بصران کي ھڪ ڌڪ ھنيائين جو رڙ ڪري ھڪ پاسي ڪري بيھوش ٿي وئي ۽ مھندار کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي ويو.

مھندار ڀت ٽپي ڀڄي وڃڻ مھل علي خان ۽ ھن جا ساٿي بندوقن سان اندر آيا، مگر تيستائين ڌاڙيلن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ملي ويو ھو، ھن کي ۽ زالس کي بصران جو تھ ڪو فڪر ڪونھ ٿيو پر ڊوڙي وڃي ٻار کي گنديءَ مان ڪڍيائون.

علي خان: ٻار کي گنديءَ ۾ ڪنھن وڌو ھو؟

زال: اھو بصران جو ڪم ھو، ائين نھ ڪري ھا تھ ٻار ڌاڙيلن جي ور چڙھي وڃي ھا.

اتي زميندار کي بصران جو خيال آيو، ڏٺائين تھ ھوءَ ھڪ پاسي ڪري پئي آھي ۽ سندس مٿي مان رت وھي رھيو آھي، وڃي ڏٺائين تھ بيھوش ٿي پئي آھي ۽ مٿي تي کٻ پئجي ويو اٿس.

سڄي ڳوٺ جا ماڻھو سڄاڳ ٿي چڪا ھئا ۽ بندوقون کڻي ڌاڙيلن جي ڪڍ پيا مگر تيستائين ڌاڙيل الائي ڪھڙي پاسي گم ٿي چڪا ھئا، علي خان چانڊيو پنھنجي ڳوٺ کان اڳڀرو جڏھن حيدرآباد کان پٽ جي لاءِ دوا کنيو پئي آيو ۽ ماڻھن کيس ٻڌايو تھ انھن ڪي ڌاڙيل سندس ڳوٺ ڏانھن رات ويندا ڏٺا آھن. علي خان انھيءَ ڳوٺ مان ڇھھ کن جانٺا، ڀريل بندوقن سان، گھوڙن تي سوار ٿي تڪڙا تڪڙا ڳوٺ ڏانھن وڌندا آيا.  وقت تي نھ پھچن ھا تھ ٻار ڌاڙيلن جي ھٿ چڙھي وڃي ھا ۽ مائي بصران چالاڪي ڪري سندن وقت نھ سيڙائي ھا تھ ٻار انھن جي ھٿ ۾ اچي وڃي ھا. ڳوٺ جي ماڻھن بصران کي کڻي ھڪ کٽ تي سمھاريو ۽ کيس رت بند ڪرڻ لاءِ پٽيون ٻڌائون، ايتري ۾ پوليس بھ اچي سھڙي سڄو بيان وٺي بيھوش بصران کي کڻايئي حيدرآباد سول اسپتال ۾ آڻي رکيائون. اسپتال ۾ بصران ڪيترا ڏينھن بيھوش پئي ھئي، علي خان بھ خرچ ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو، گھڻن ڏينھن جي تيمارداريءَ کان پوءِ بصران مس مس ھوش ۾ آئي مگر ڏٺائون تھ اجايو پئي ڳالھائي. تنھنڪري ھن کي ھاڻي دماغي مريض سمجھندي چرين جي اسپتال ۾ مون وٽ ڏياري موڪليائون.

مائي بصران جي علاج ۾ مون ڪين گھٽايو، مون کان جيڪي پڳو مون ڪيو، علي خان زميندار بھ ھر قسم جون دوائون ۽ شيون خريد ڪري مون کي آڻي ڏنيو، پر کيس فائدو نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو، سندس مٿي جو زخم بلڪل ٺيڪ ٿي چڪو ھو پر مون کي سندس نراڙ تي جو گھٻ  بندوق جي ڳن لڳڻ ڪري رھجي ويو ھو تنھن  جو ڏاڍو فڪر ھو، پر اڃا اھڙي ڪا ڳالھھ نھ ٿي ھئي جو مون کي ھوشيار ڪري ھا.

ھڪڙي ڏينھن جمعدار مون وٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين تھ ڌاڙي وري مائي بصران کي مرگھيءَ جو دورو ٿيو آھي، آئون تڪڙو تڪڙو زناني وارڊ ڏانھن  ويس، مائيءَ جو دورو ختم ٿي چڪو ھو پر سانت ۾ اچڻ بدران ھوءَ وڌيڪ چيڙاڪ ۽ مارڪٽ ڪرڻ لڳي، لاچار کيس ھڪ جدا خالي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرڻو پيو، مون کي جنھن  ڳالھھ جو ڊپ ھو سا ئي ٿي. مون کي پوري پڪ ڪانھ ھئي پر جنھن علامت جو انتظار ھو سا نيٺ نمودار ٿي. اھڙي طرح مائيءَ کي ھفتي ۾ ٻھ ٽي دورا  پوڻ لڳا، حقيقت ھيءَ ھئي تھ بندوق جي ڳن جيڪو مٿي ۾ گھٻ ڪري وڌو ھو سو مٿي جي ھڏي جي چٻي ٿيڻ جو نشان ھو. گھٻ جو ھيٺيون پاسو دماغ جي انھيءَ حصي کي ڇھي خراش ٿي پيدا ڪيو پر باوجود دوائن جي ھن  کي دورا پيا پئي، تنھنڪري ان جو بھترين علاج ھو آپريشن گھٻ واري ھڏيءَ جي ٽڪري کي ڪڍي ڇڏڻو ھو تاڪھ نھ اھو ڀاڱو مغز کي ڇھندو نھ خراش پيدا ڪندو. جنھن جي ڪري دورو پيو ٿي. مون علي خان کي ٻڌايو تھ آپريشن ٿيڻ گھرجي، پر اھو آپريشن حيدرآباد جي شھر ۾ ڪين ٿي سگھندو، باقي ڪراچي وٺي وڃڻ سان فائدي جي اميد آھي، بلڪھ ممڪن آھي تھ چريائي بھ ويندي رھي، شاباس آھي علي خان کي جيڪو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سرڪاري طرح اجازت وٺي بصران کي ڪراچي کڻي وياسين، ايڪسري وغيره ڪرڻ کان پوءِ صفا معلوم ٿي ويو تھ ھڏي دماغ تي دٻاءُ وجھي رھي آھي.

ھفتي کن کان پوءِ آپريشن ڪيو ويو، انھيءَ وچ ۾ باوجود وائن جي بصران کي ٽي ڀيرا دورو پيو، آپريشن نھايت ڪامياب ٿيو، مھيني کان پوءِ وري  کيس واپس پاگل خاني وٺي آياسين، جتي ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ سندس دماغي حالت سڌرندي  وئي، اڃا بصران پوري طرح چڱي ڀلي ڪين ٿي ھئي تھ جمعدار مون کي ٻڌايو تھ ٻھ ٽي ڀيرا بصران ننڊ مان ڇرڪي اٿي آھي ۽ ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ھن ڪيتري دير تائين پئي رنو آھي، مون جمعدار کي حڪم ڪيو تھ چوويھھ ڪلاڪ ھڪ واري واري سان سڄاڳ رھي ۽  جاچي تھ بصران ننڊ ۾ يا ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ڇا ٿي چوي.

چئن ڏينھن کان پوءِ جمعدار ٻڌايو تھ ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري اٿڻ وقت بصران ”منھنجا پٽڙا! منھنجا بابل!“ چوي ٿي ۽ پوءِ بلڪل ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ روئي ٿي.

مون جمعدار کي چيو تھ دريءَ تي چڪ ڏيئي ڇڏيو ۽ بصران کي ٻاھر چڪ وٽ ويھاريو، ڀلي اتي ڪجھھ ويٺي ھجي، پوءِ تون پٺيان دروازي مان مون وٽ اچي تمام ڏاڍيان ڳالھائجانءِ تھ جيئن بصران بھ ٻڌي  سگھي، چئجانءِ تھ بازار ۾ توکي علي خان زميندار گڏيو ھو ۽ چيائين ٿي تھ سندس پٽ ٿورو بيمار آھي جنھن جي لاءِ دوا وٺڻ آيو ھو، تڪڙو ھو، جنھن ڪري بصران کي ڏسڻ لاءِ ڪونھ ايندو، خدا ڪري خير ٿئي مون کي ٻارڙي جو گھڻو الڪو آھي.

جمعدار اھو پارٽ نھايت سھڻي نموني ۾ ادا ڪيو. جنھن جو نتيجو ڏاڍو سٺو نڪتو ۽ بصران جو سڄو راز کلي پيو.

اھو ناٽڪ پوري ڪرڻ کان پوءِ مون جمعدار کي ڏاڍيان چيو تھ ”جمعدار ڀڄ! وڃي بصران  کي وٺي اچ.“

پوءِ آھستي سان چيم تھ بصران ٻڌي نھ سگھي، تھ ”جيترو ٿي سگھي وقت وڃائي دير سان وٺي اچجان!“

جمعدار ٻاھر نڪتو تھ بصران يڪدم ھلڻ لاءِ اٿي بيٺي پر ھن خيال ئي نھ ڪيس، ھيڏانھن  ھوڏانھن ماڻھن کي سمجھائڻ لڳو ۽ جڏھن بھ بصران جي ويجھو ٿي لنگھيو تھ ھوءَ اٿي بيٺي ٿي، پر جمعدار پنھنجي  ئي ڪم ۾ رڌل رھيو، نيٺ ڏھن منٽن کان پوءِ بصران کي اندر مون وٽ وٺي آيو، ڏٺم تھ بصران ڏاڍي بي چين ھئي ۽ اندر ۾ لوڇ پوڇ ھيس، آئون ماٺ ڪيو ھڪ فائل ڏسندو رھيس، پر نموني سان ھن جي اڻ تڻ کي پئي جاچيم، ھڪ ٻھ ڀيرا ھوءَ ”ڊاڪٽر صاحب“ مون ڏانھن مخاطب بھ ٿي پر مون ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو،  پندرھن  منٽن کان پوءِ ڏٺم تھ بيقراريءَ ۾ تريون ھڪٻئي سان مھٽڻ لڳي، نيٺ بي باڪ ٿي چوڻ لڳي، ڊاڪٽر صاحب! ھاڻي آئون بلڪل تندرست آھيان ۽ ھتي ھڪ منٽ بھ ترسي نٿي سگھان.

مان: تنھنجي ترسڻ نھ ترسڻ سان ڪھڙو واسطو! جيسين پوليس ۽ آئون گھرنداسين تون ھتان وڃي نٿي سگھي، پوليس تھ ٺھيو پر منھنجي مرضيءَ کان سواءِ تون ھرگز ھتان وڃي نٿي سگھين.

بصران: آئون ھاڻي بلڪل چڱي آھيان، توھان جي ڏاڍي مھرباني ٿي آھي جنھن جي لاءِ آئون اوھان جي ٿورائتي آھيان، ھاڻي موڪل ڏيو تھ وڃان! ٻچڙي جي ٽھل ڪير ڪندو؟ متان بيمار ٿيو ھجي!

مون سندس انھيءَ چوڻ مان سمجھي ورتو تھ ھن منھنجي ۽ جمعدار جي گفتگو ٻڌي ورتي آھي ۽ ھاڻي بھانو پئي ڪري تھ وڃڻ جي موڪل مليس.

مان: تون پاڻ کي برابر تندرست پئي سمجھين، پر جيڪو آپريشن ٿيو آھي تنھن جي ڪمزوريءَ کي وڃڻ ۾ اڃا گھڻو وقت  لڳندو. توکي يڪدم اجازت  ڏيڻ مناسب نھ ٿيندو.

ڏٺم تھ بصران پريشان ھئي ھن کي ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نٿي آئي تھ ڪيئن اسپتال مان جند ڇڏائي.

مان: بصران! ڊاڪٽر کان ڪا ڳالھھ بھ لڪائڻ چڱو نھ آھي، ڊاڪٽر تھ  ماءُ پيءُ جي بجاءِ آھن.

بصران: (ھٻڪندي) مون ڪھڙي ڳالھھ لڪائي آھي؟ ڊاڪٽر صاحب اوھان جون پروليون  آئون سمجھي نٿي سگھان.

مان: بصران توکي اولاد جي حياتيءَ کان بھ مٿي راز لڪائڻ چڱو لڳي ٿو تھ ڀلي ائين ڪر. آئون بھ توکي نھ ڇڏيندس، مون کي بھ پنھنجي نوڪري ڪرڻي آھي، ڇو ڪنھن جي لاءِ حد کان لنگھي پاڻ کي ڏٺو ڪريان.

بصران: ڊاڪٽر صاحب، الائي ڇا ٿا چئو، منھنجي سمجھڻ کان ٻاھر آھي، ڇو نٿا صاف صاف چئي ڏيو؟

مان: بصران! مون کي خبر آھي تھ خطرناڪ ڌاڙيل کان بھ تون ڪانھ ڊني ھئين ۽ ٻار جو تو ڏس ڏيڻ کان پڇاڙيءَ تائين انڪار ڪيو ۽ جڏھن ٻار گنديءَ ۾ روئڻ شروع ڪيو تھ تو ڌاڙيل جھڙي طاقتور ماڻھوءَ  کي اھڙو قابو جھليو جو ھو توکي سواءِ ڌڪ  ھڻي بيھوش ڪرڻ جي پنھنجي جند ڇڏائي نھ سگھيو. اھو ڪم تھ زميندار جي زال کي ڪرڻ کپندو ھو، پر ھن ٿوري ٻانھن جي مروٽڻ تي ڌاڙيل کي ٻار جي ڪمري ۾ ھجڻ جو ڏس ڏنو، جيڪڏھن کيس خبر ھجي ھا تھ گنديءَ ڏانھن اشارو ڪرڻ ۾ بھ ويرم ئي نھ ڪري ھا.

بصران: ڀلا اوھين ڇا ٿا گھرو! مھرباني ڪري ٻڌايو؟

مان: آئون اھو نٿو گھران تھ تون مون کي ٻڌائين تھ علي خان زميندار جو پٽ حقيقت ۾ تنھنجو پٽ آھي، اھو تھ جيڪي ڪي ٿي گذريو آھي تنھن مان ثابت آھي، بلڪھ آئون گھران ٿو تھ پنھنجو سڄو احوال مون کي ٻڌاءِ تھ تون ڪير آھين؟ اھو ٻار تنھنجو پٽ ڪيئن آھي؟ آئون قسم ٿو کڻان تھ پوءِ توکي ھتان جلدي موڪلي ڏيئي ڇڏيندس.

مون بصران تي بلڪل نفساني اثر وڌو ھو، مون کي خبر ھئي تھ ٻار جي سخت بيمار ھجڻ جو ٻڌي ھوءَ پنھنجو راز ٻڌائي ڇڏيندي، حالانڪھ علي خان اھو چيو ئي ڪين ھو تھ ڪو ٻار سخت بيمار آھي، مون کي معلوم ھو تھ بصران جھڙي مستقل مزاج ۽ حوصلھ مند زال پنھنجو ڀيد ايترو سولائيءَ سان ھرگز ظاھر نھ ڪندي، جيستائين ھن سان ڪا کيڏ کيڏي نھ ويندي، ۽ موقعو ڪجھھ اھڙو بنيو جو مون کي وارو ملي ويو ۽ ھوءَ انھيءَ حرفت ۾ ڦاسجي  پئي. منھنجو ان ۾ ڪو ٻيو مقصد  نھ ھو، سواءِ مائي بصران جي راز معلوم ڪرڻ جي. ڇاڪاڻ تھ مون وٽ ڪافي اھڙا ڪيس ھئا، پر ھي ڪيس بھ دلچسپي کان خالي نھ ھو.

بصران ڪيتري دير تائين مون کي تڪيندي رھي نيٺ چيائين: ڊاڪٽر صاحب! آئون سمجھي نٿي سگھان تھ ھڪ غريب مسڪين زال جي ڀيد معلوم ڪرڻ مان اوھان کي ڪھڙو لاڀ ملندو، جيڪڏھن ڪنھن کي اگھاڙو ڪرڻ ۾ اوھان خوشي حاصل ٿئي تي تھ ماشاءَالله منھنجي درد ناڪ آکاڻي  ٻڌو:

مان: بصران امان! تون دلجاءِ ڪر، اھا ڳالھھ مون تائين رھندي آئون ڪنھن کي بھ اھو ڀيد ٻڌائي تو جھڙي حوصلھ مند ۽ بھادر زال جي بيعزتي نھ ڪندس، منھنجي   سيني ۾ ڪيترن جا ڀيد  محفوظ آھن.

بصران: آئون حيدرآباد جي ماستر خدا بخش جي ڌيءَ آھيان، آئون بھ حيدرآباد  جي ھڪ ڇوڪرين جي اسڪول  جي ھيڊ ماسترياڻي ھيس، اسين ٽنڊي ولي محمد ۾ رھندا ھئاسين ۽ اسان جي گھر جي سامھون ھڪ زميندار  نالي پير محمد اچي رھيو ھو، ھن زميندار   اھو گھر پنھنجي لاءِ خريد  ڪري  ورتو ھو. زميندار ۽ ھن جا ٻار ٻچا سال ۾ ٽي ڀيرا ھتي اچي رھندا ھئا، نھ تھ گھر خالي پيو ھوندو ھو. اسين بھ بلوچ قوم  جا آھيون.  اسان جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڳوٺ علي خان جا رھاڪو ھئا، پر اسان جو ڏاڏو ڪريم بخش ڳوٺ ڇڏي اچي ٽنڊي  ولي محمد ۾ رھيو، جنھن گھر ۾ بابو خدا بخش  رھندو ھو سو ڏاڏي خريد ڪري ورتو ھو. بابو پنھنجي پيءُ جو ھڪڙو ئي پٽ ھو ۽ مان بابي جي ھڪ سڪيلڌي ڌيءَ ھيس، زميندار  پير محمد جو پٽ يار محمد ھڪ  خوبصورت جوان ھو،  ھو بھ ڪنھن ڪنھن مھل پنھنجي ماءُ پيءُ سان اچي رھندو ھو. موٽرن جو ڏاڍو شوقين ھو ۽ اڪثر موٽر پاڻ ھلائيندو ھو، بس ھڪري ڏينھن مون کي ڏٺائين ۽ عاشق ٿي پيو، اسين لڪي لڪي ھڪٻئي کي ملندا رھندا ھئاسين،  نيٺ ھڪ ڏينھن صلاح ڪئي سين تھ ھو پنھنجي پيءُ کي چوندو ۽ آئون پنھنجي پيءُ کي. جڏھن ٻئي راضي ٿيندا تھ پوءِ جلدي شادي ڪري وٺنداسين. مون ڊڄندي ڊڄندي بابي سان ڳالھھ ڪئي، پھريائين تھ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو:  مون کي خبر ڪانھ ھئي تھ تون ايترو ڇڙواڳ ٿي وئي آھين، افسوس  آھي تھ اڄ تنھنجي ماءُ جيتري  نھ آھي، توکي اھڙي سٺي ديني ۽ دنوي تعليم ڏيڻ کان پوءِ بھ تنھنجا اھي پار آھن.

مان: بابا مون ڪو گناھ  جو ڪم ڪونھ ڪيو آھي، اوھين ائين ڇو ٿا چئو؟

بابا: ڌيءُ، تون نٿي ڄاڻين اھي وڏا زميندار ڏاڍا رھزن ٿيندا آھن ھو ھتي انھيءَ لاءِ ايندا آھن جو ناتجربيڪار  نياڻين  کي ڀنڀلائي پنھنجي دام ۾ ڦاسائي عيش ۽ وعشرت ڪن، متان اھڙن جي ور چڙھي پنھنجي خانداني  عزت مٽيءَ ۾ ملائين.

مان: بابا ھو برابر پئسي وارا آھن  پر ڏٺو ڪونھ اٿو تھ جو ٻئي پيءُ پٽ پاسي واري مسجد ۾ پنج ئي وقت نماز تي حاضر ھوندا آھن.

بابا: خبردار! متان انھن  ڳالھين تي ڀلجين ساڻس اڄ کان پوءِ ملي آھين.

باقي اسلامي نموني تي جيڪڏھن ڳالھ چوريائون تھ آئون ڏسندس.

مون کڻي  ماٺ ڪئي ۽ يار محمد کي بابي جي خيال چوائي موڪليم ۽ اھو بھ کيس چيم تھ آئنده اسان جو ملڻ بند آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com