ٻھ اکر
محترم علي نواز گھانگرو ۽ ڀاءُ احمد شيخ منھنجي اسپتال ۾ آيا ۽
چيائون تھ ڪتاب ”عبرت ڪده“ تي پنھنجي طرفان ٻھ اکر
لکي ڏيان، حالانڪھ ٻھ سال اڳ بھ مرحوم رسول بخش
”خمار“ اھڙي خواھش جو اظھار ڪيو ھو، مگر ان وچ ۾
ھو راھ رباني وٺي وڃي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو
ھاڻي جڏھن ٻيھر اھڙي خواھش جو اظھار ٿيو آھي تڏھن ٻھ اکر ھن
ڪتاب بابت لکان ٿو.
”عبرت ڪده“ ھن کان اڳ اداره آواز ادب ۽ زيب ادبي مرڪز شايع ڪيو
ھو، گڏوگڏ مختلف رسالن ۾ انھيءَ ڪتاب مان افسانا
ڪڍي شايع ڪيا ويا ۽ ڪيترن افسانن جو اردوءَ ۾
ترجمو بھ ٿيو ۽ ڪي اسٽيج تي بھ پيش ڪيا ويا ۽
ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيا.
ڊاڪٽر خليل جڏھن اھي افسانا لکڻ شروع ڪيا تڏھن آئون ڏسندو ۽
ٻڌندو ھوس تھ ڊاڪٽر صاحب، گلاب ڪو چو ان کي تاڪيد
ڪندو ھو تھ روزانھ ميڊيڪل ايمجنسي باڪس سان گڏ بيد
واري ھڪ تساري ۽ مريضن جي سرگذشت جا لکيل پنا ۽
سندن اھم فائل بھ کنيا وڃن. ھي سال
1948ع
کان
1950ع
جي وچ وارو دور آھي، جنھن دوران اھي افسانا لکيا
ويا، جي دفتر بزم خليل جي محفل ۾ پڙھيا ويندا ھئا،
جن تي تنقيد بھ ٿيندي ھئي تھ تعريف بھ ٿيندي ھئي.
اھوئي دور ھو جو دماغي بيماريءَ لاءِ ھڪ نئين دوار ايجاد پڻ ٿي
جا ڪامياب ٿي ۽ ان جي موجد کي نوبل پرائز مليو،
جنھن تي مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو تھ انھيءَ دوا
تي سائنسي حوالي سان ڪم ڪيو وڃي تھ مريضن لاءِ
ڏاڍي ڪارائتي ڳالھھ ٿيندي، مگر جيئن تھ ڊاڪٽر
صاحب انھن ڏينھن ۾ انھن افسانن ۽ ٻين ادبي
ڪارگذارين ۾ ايڏو تھ مشغول ھو جو ان پاسي توجھ نھ
ڏيئي سگھيو، بلڪھ نفسياتي طرح ھڪ نئين انوکي طرز
تي ڪتاب لکي ورتائين ڪتاب جو پھريون ڀاڱو شايع
ٿيندي ھٿو ھٿ کپي ويو. پوءِ ھن جا مسلسل ٽي ڇاپا
شايع ڪيا ويا. شائقين ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان انھن
افسانن کي پڙھيو، تمام جلد ان ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو
شايع ٿيو جيڪو پڻ ھٿو ھٿ کپي ويو، وقت گذرندي ان
ڪتاب جي ٻيھر اشاعت جي ضرورت محسوس ڪندي زيب ادبي
مرڪز پھريون ڀاڱو بھ شايع ڪيو تھ ٽيون ڀاڱو بھ
شايع ڪيو.
ھاڻي خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ جو انھن ٽنھي ڀاڱن کي يڪجا ڪري ھڪ
جلد ۾ اشاعت جو ازم روشني پبليڪيشن جي پبلشر علي
نواز گھانگھري ڪيو آھي. آئون کين دلي مبارڪ ٿو
ڏيان جو ھڪ تھ انھن ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم خليل
جي ڪيل محنت کي مد نظر رکندي ڪتاب جي ٻيھر خوبصورت
اشاع جو ازم ڪيو آھي، ٻئي طرف منھنجي والد مرحوم
جي ديرينھ تمنا کي پايئھ تڪميل تي پھچايو آھي، رب
پاڪ کين جزائ خير ڏئي.
آخر ۾ خاص گذارش آھي تھ ڪوبھ ادارو يا
ڪوبھ شخص بنا اجازت جي ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل جي
ڪابھ تصنيف شايع نھ ڪري.
دعائن سان
صدر، حيدرآباد
شيخ محمد اسماعيل ولد محمد ابراھيم خليل
تمھيد
ننڍي ھوندي کان يعني اسڪول جي زماني کان وٺي ڪتابن پڙھڻ جو ڏاڍو
شوق ھوندو ھو؛ خصوصا آکاڻين جا ڪتاب ۽ ناول، اھوئي
سبب ھو جو الف ليليٰ، طلم ھوش ربا جا سڀ ڀاڱا،
امير حمزي جا داستان، آرائش محفل، ممتاز دمساز،
چار درويش گل بڪاولي، گل صنوبر، مولانا عبدالحليم
شرر جا ناول، آغا حشر جا ڊراما، مھاڀارت، رامائڻ،
چندر ڪانتا ۽ پوتنا جھڙا ڪتاب مون تمام ننڍي وھيءَ
۾ پڙھي ختم ڪري ورتا. ساڳيو سلسلو ڪاليج ۾ جاري
رھيو، جتي ڪيترين ٻولين جا ڪتاب مون مطالعو ڪيا
جھڙوڪھ، انگريزي، اردو، فارسي، گجراتي، سنڌي
وغيره. انھيءَ مطالعي جو نتيجو اھو نڪتو جو جڏھن
سائنس ۽ ڊاڪٽري پڙھڻ لاءِ بمبئي روانو ٿيس تھ اتي
پھچي ايتري ھمت ٿي جو فلمن جي آکاڻين، پلاٽن ۽
مڪالمن لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ ڪرڪيٽ، فٽ بال، ھاڪيءَ
جي سٺي رانديگر ھجڻ ڪري گھڻن ماڻھن سان واقفيت ٿي،
جن مون کي لکڻ لاءِ اڀاريو ۽ ڏاڍي حوصلھ افزائي
ڪئي. نالي ۽ شھرت حاصل ڪرڻ جو مون کي ڪڏھن بھ خيال
ڪونھ ٿيو، ڪيتريون آکاڻيون ۽ پلاٽ لکي اوڻي پوني
وڪڻي ڇڏيم ۽ اھو خيال ئي ڪونھ ڪيم تھ انھن آکاڻين
تي منھنجو نالو ضرور اچڻ گھرجي، منھنجي انھيءَ
سادگيءَ جو ڪيترا ماڻھو فائدو وٺي ويا.
بمبئي ۾ شاگردي واري عرصي ۾ منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ اھڙو حادثو پيش
آيو، جنھن منھجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو آندو ۽
شاعريءَ ڏانھن وڌيڪ رغبت پيدا ٿي پئي، بمبئي کان
موٽڻ بعد ادبي ذوق و شوق ساڳيو رھيو، پر جڏھن بدلي
ٿي گدوءَ جي پاڳل خاني جو سپرڊنٽ مقرر ٿي آيس تھ
پنھنجي ھميشھ جي عادت مطابق ھر ھڪ بيمار جي ڪيس ۾
دلچسپي وٺي گھرو مطالعو ڪرڻ لڳس. انھيءَ جو نتيجو
اھو نڪتو تھ بيمارن جي حالتن بابت چڱي معلومات
حاصل ٿي. خصوصا انھيءَ ڳالھھ جو گھڻو پتو پيو تھ
ڪھڙي سبب ڪري اھي ماڻھو پنھنجو دماغي توازن وڃائي
ويٺا ھئا. انھيءَ مان مون کي ٻھ وڏا فائدا پھتا.
ھڪڙو تھ سبب معلوم ھئڻ جي حالت ۾ بيمارن جي علاج ۾
سھولت ٿي ۽ ٻيو انھن جي حالتن کي قلمبند ڪرڻ جو
موقعو ملي ويو. ڪيترن پاڳلن جون ڳالھيون نھ رڳو
تعجب پيدا ڪندڙ ھيون، بلڪھ عبرتناڪ بھ ھيون، اھو
ڏسي مون کي اوچتو خيال آيو تھ ڇو نھ مرڪزي ڳالھھ
ساڳي رکي، ان کي افسانوي رنگ ڏيئي، ھڪ ڪھاڻي ٺاھي
وڃي. وري جڏھن پاڪستان ۽ ھندستان ٺھڻ جو معاملو
پختو ٿيندو نظر آيو ۽ اھو بھ ٻڌڻ ۾ آيو تھ ھندو
پاڳل ھندستان ڏانھن اماڻيا ويندا تھ موقعي کي ھٿن
مان وڃڻ نھ ڏيڻ جي خيال سان ۽ ڪھاڻين ٺاھڻ جي خيال
کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دل ۾ وڌيڪ تقويت پيدا ٿي ۽ اھا
افسانا ٺھي پيا.
”اتني سي بات تھي، جسي افسانھ کرديا“
ڳالھيون سچيون ھيون مگر انھن ۾ مرچ مسالو گڏي
افسانھ تيار ڪيا ويا آھن، انھن افسانن ٺاھڻ ۾
ننڍپڻ جي ڪتابن جو مطالعو ڏاڍو ڪم آيو بلڪھ انھيءَ
مطالعي ڏاڍي ھمراھي ڪئي آھي جو تيلين مان ٿنڀ ٺھي
ويا آھن. انھن افسانن ۾ ھڪ قسم جي ڦيرڦار ڪرڻ جي
ڏاڍي سخت ضرورت محسوس ٿي، جنھنڪري ماڻھن جا حقيقي
نالا، ھنڌن جا سچا پچا نالا ۽ خاندان جا اصلي نالا
مٽائي ٻيا رکيا ويا آھن، تاڪھ اھا خبر نھ پئجي
سگھي تھ اھي ماڻھو اصل ۾ ڪير ھئا، ڪھڙي خاندان ۽
شھر سان انھن جو واسطو ھو، باقي ممڪن آھي تھ
افسانوي رنگ ڏيندي انھن ۾ اھو ساڳيو رنگ ڍنگ اچي
ويو ھجي، جيڪو منھنجي مطالعي ھيٺ اڳي ئي آيو ھو،
جنھن کي اوھين سمجھي سگھو ٿا تھ ھر لکندڙ مجبور
ھوندو آھي، پر-
زماني ۾ جي گذرن واقعا
خليل اڳتي سي افسانھ ٿين ٿا
تنھنڪري جيڪي واقعا انھن سان ٿي گذريا ھئا، تن کي
مون اڳتي ھلي افساني طرح پيش ڪيو تھ ڪو گناھھ
ڪونھي، باقي تعجب خيز ۽ عبرت پيدا ڪندڙ ڳالھين جي
ڪري مون ڪتاب جو نالو ماڳھين ”عبرت ڪده“ رکيو آھي
تھ پڙھندڙن جو ڌيان ڇڪائي. سچ آھي تھ:
ڪري دنيا سان نفرت ڇو نھ انسان
جڏھن پنھنجا بھ بيگانھ ٿين ٿا
انھن افسانن کي پيش ڪرڻ بعد آئون سخت مونجھاري ۾
آھيان تھ انھن افسانن کي ڇا سڏجي، آيا طبعزاد يا
ماخذ، ڇاڪاڻ تھ مرڪزي پلاٽ منھنجي دماغ جو پيدا
ڪيل آھي ئي ڪونھ، باقي رھيو افسانوي رنگ سو بھ
ڪتابن جي مطالعي جو مرھون منت آھي، تنھنڪري انھيءَ
فيصلي کي ناظرين تي ٿو ڇڏيان.
پڇاڙيءَ ۾ آئون مرحوم حاجي محمود خادم، شمس العلماءُ ڊاڪٽر
دائود پوٽي، رئيس ضياءُالدين، ”ضياءُ“ عبدالفتاح،
”عبد“ سرور علي ”سرور“ ”منظور“ نقوي، مظفر حسين
”جوش“ ”احسن“ ڪربلائي، رشيد احمد لاشاري ۽
عبدالقيوم ”صائب، جو نھايت ٿورائتو اھيان، جن
ھميشھ زور پئي ڏنو آھي تھ انھن افسانن کي صاف ڪري
ڇپرائي وٺان. خصوصا پوئين صاحب جو جنھن جي اصرار
تي ڪي ٿورا افسانھ تيار ڪري کيس ئي سپرد ٿو ڪريان.
سپر دم بتو مايئھ خويش را
شيخ محمد ابراھيم خليل
1-
جنوري
1961ع
حيدرآباد، سنڌ
فوجي سپاھي
ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ ھڪٻئي پٺيان پاڪستان مان ھندو
موڪلائي ويا. منھنجو ھندو زيردست جو اسپتال ۾ مون
کان بھ گھڻو آڳاٽو ھو سو پڻ موڪلائي روانو ٿي ويو.
ھن کي اسپتال جي چرين بابت مون کان بھ وڌيڪ خبر
ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ اسپتال ۾ ھو مون کان بھ گھڻو
جھونو ھو. ھن جي جاءِ تي ھڪ نئون مسلمان ڊاڪٽر
ھندستان کان آيل مقرر ٿيو ھو. ھي ڊاڪٽر نھايت شريف
انسان ھو پر دماغي بيمارين جي خبر نھ ھئڻ ڪري
بيمارن سان گھڻو لھھ وچڙ ۾ اڃا ڪين آيو ھو ۽
بيمارين بابت ايتري ذاتي واقفيت نھ رکندو ھو.
گرميءَ جي مند ھئي ۽ اڄ انداز کان وڌيڪ گرمي ھجڻ جي ڪري طبيعت ۾
پريشاني ھئي، اسپتال کي اڃا بجلي ڪانھ مليل ھئي
تنھنڪري پکن جو بندوبست بھ نھ ھو، جنھن ڳالھھ
ھيڪاري مصيبت پيدا ڪري ڇڏي ھئي. پگھر زور سان سڄي
بدن مان ڦوھاري جيئان نڪري رھيو ھو ۽ آئون گھر
موٽڻ جو ارادو ڪري رھيو ھوس تھ ڪمري کان ٻاھر
اوچتو ڪنھن جي ڪرخت ۽ ڪاوڙ سان ڀريل آواز مون کي
ڇرڪائي ڇڏيو. ميز تي پيل گھنٽي وڄائيندي اڃا
انھيءَ گوڙ جي سبب معلوم ڪرڻ جو ارادو ڪري رھيو
ھوس تھ اسسٽنٽ ڊاڪٽر ۽ ھڪ ڪرڙ وڍ، جنھن کي پراڻي
فوجي وردي پھريل ھئي. منھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا،
فوجيءَ جو چھرو ڪجھھ گرميءَ کان تھ ڪجھھ ڪاوڙ جي
ڪري ڳاڙھو ٿي رھيو ھو. ڏٺم تھ ھن جي نرڙ تي پگھر
جا ڦڙا اڀري نڪتا ھئا ۽ ھن جي اکين مان باھھ جا
الا نڪري رھيا ھئا. ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪ ٿلھو بيد
جو لڪڻ ھو ۽ ڏائي ھٿ ۾ کجيءَ جي ھڪ ننڍي ڇلي ھئي،
جنھن ۾ مختلف قسمن جو ٿورو ٿورو ميوو پيل ھو.
ڪروڙڍ فوجيءَ جو ڪاوڙ ۽ غصي کان تڪڙو تڪڙو ساھھ
کڻي رھيو ھو، مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو تھ
”سپريٽنڊنٽ صاحب! جڏھن کان ھي مھاجر ھتي آيا آھن
تڏھن کان ھن اسپتال ۾ نيون ڳالھيون پيدا ٿي پيون
آھن، ھنن کي ڪم ڪار، چڱي مٺي، اشراف ۽ بدمعاش جي
خبر ئي ڪانھ پوي.“
مون ڏٺوتھ معاملو ڪجھھ بگڙيل ۽ گنڀير آھي تنھنڪري ڪجھھ آٿت ڏيڻ
۽ ڪجھھ ھن جي ڪاوڙ ڍري ڪرڻ لاءِ سڄي معاملي کي
پوري طرح سمجھڻ جي خيال سان کيس ڪرسيءَ ڏانھن
اشارو ڪري ويھڻ لاءِ چيم، ڪرسي اچڻ تي ھو ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ منھنجي ميز تي ميوي واري ڇلي رکي ڪرسيءَ تي
ويھي رھيو ۽ کيسي مان رومال ڪڍي پگھر اگھڻ لڳو،
انھيءَ وچ ۾ کيس ڪجھھ ٺاپر آئي، مون کيڪاري کانئس
مزاج پرسي ڪئي، ڏاڍو خوش ٿي جواب ڏنائين تھ ”اوھان
جي نوازش آھي، اوھان مون کي اڪثر ھن اسپتال ۾
ايندو ويندو ڏسندا آھيو.“ اتي مون ھن کي جاچي ڏنو
۽ سڃاتم تھ برابر ھي ماڻھو اسپتال ۾ ايندڙ آھي،
اسان جي اسپتال ۾ اڪثر ماڻھو پنھنجن مٽن مائٽن ۽
يارن دوستن کي ڏسڻ ايندا آھن.
اتي منھنجي اسسٽنٽ جو فوجي جي ناشائستھ ۽ سخت لفظن کان اندر ئي
اندر ۾ کامي ۽ پڇي رھيو ھو تنھن وجھھ وٺي مون کي
چيو تھ، ”صاحب! ھي ماڻھو فاطم نالي ھڪ چريءَ کي
ھفتي ۾ ٻھ ٽي ڀيرا ڏسڻ لاءِ انيدو آھي.“ تنھن تي
فوجي ڀڙڪو کائي جواب ڏنو تھ، ”ھا صاحب! اھو برابر
آھي. اوھين اسپتال جي جمعدار کان بھ ان بابت پڇا
ڪري سگھو ٿا، تھ آئون سالن کان وٺي انھيءَ چريءَ
کي ڏسڻ لاءِ ايندو آھيان، ڪيترائي ڀيرا اھتي آيو
آھيان پر مون کي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ نھ روڪيو
آھي، پر ھي اڃا ڪالھھ ھتي آيو آھي ۽ حڪم ٿو
ھلائي.“
انھيءَ تي منھنجي اسٽنٽ پيچ تاب کائيندي وراڻي ڏني، تھ ”صاحب!
فاطمھ سان ھن جي ڪابھ مٽي مائٽي ڪانھي! ھڪ ڌارئي
شخص جو اسپتال ۾ ائين کليو کلايو اچڻ ۽ ھڪ زناني
بيمار سان ملڻ نازيبا آھي ۽ اسپتال جي بدنامي آھي.
تنھن کان سواءِ اوھين فاطمھ کي ڏسندا تھ ھوءَ صفا
چٽ آھي، آئون تھ سمجھي نٿو سگھان تھ ھي ماڻھو جو
ايترو خرچ ڪري ڪڏھن ميوا تھ ڪڏھن مٺايون کنيو ٿو
اچي. تنھنجو ڪھڙو ڪارڻ آھي ۽ مزي جي ڳالھھ اھي تھ
ڪڏھن ھو کائي ٿي تھ ڪڏھن ھن کي گاريون ٿي ڏئي. اڄ
مون ھن کي روڪيو آھي تھ ھي مون سان اٽڪيو آھي ۽
وڙھڻ آيو آھي، مون گھلي ھن کي ھتي آندو آھي تھ ڀل
ھن ڳالھھ جو نبيرو اوھين ڪريو، منھنجو خيال آھي تھ
ھي پاڻ بھ چريو آھي.“
مون ڏٺو تھ منھنجو زيردست ٺيڪ چئي رھيو آھي ۽ مون کي بھ ھن جو
ئي پاسو وٺڻو ھو نھ تھ اسپتال جي نظام بگڙجڻ جو
خطرو ھو، تنھنڪري مون فوجيءَ ڏانھن نھاريو، ڏٺم تھ
ھو ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ ھو، مون کيس مخاطب ٿي چيو،
تھ ”جنھن حالت ۽ فاطمھ سان تنھنجي ڪابھ مٽي مائٽي
ڪانھي تھ پوءِ توکي ڪو حق ڪونھي تھ ھن سان اھڙي
اچي ملين؟“
ڏٺم تھ فوجيءَ جو منھن لھي ويو ۽ ھو ذري گھٽ روئڻھارڪو ٿي پيو.
ھمت ڪري ۽ پنھنجو گلو صاف ڪندي مون کي چيائين تھ
”صاحب! آئون ھڪ شريف جوجي حوالدار آھيان.“ ۽ پوءِ
پنھنجي کيسي ۾ ھٿ وجھي ڪجھھ ڪاغذ ڪڍي مون ڏانھن ھٿ
وڌائي مون کي ڏنائين مون ڪاغذ پڙھي ڏٺا تھ معلوم
ٿيو تھ ھن کي بھادري لاءِ ملٽري ڪراس مليا ھئا ۽
وڏن وڏن جرنيلن ۽ برگيڊيئرن جون سفارشون ھيون تھ
ھو ھڪ نھايت دلير، شريف ۽ بھادر سپاھي آھي. ھن جا
فوجي ڪارناما تعريف جوڳا ھئا. مون کي ھن جا ڪاغذ
پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي، مگر مون کي پنھنجي فرض جو بھ
احساس ھو، مون ھن کي صاف لفظن ۾ چئي ٻڌايو تھ ”ڪو
شڪ ڪونھي تھ اوھين نھايت شريف ۽ بھادر انسان آھيو
مگر مون کي سخت افسوس آھي تھ اسپتال جو قائدو
اجازت نٿو ڏئي تھ ڪنھن ڌارئي شخص کي وري اھا بھ ڪا
زال ھجي تنھن سان ملڻ ڏجي. ٻيو تھ اوھان جي ھن سان
ڪا مائٽي ڪانھي. ٽيون تھ جڏھن ھو زال بلڪل سمجھھ
کان ٻاھر آھي تھ ھن سان ملاقات ڪرڻ سان اوھان کي
حاصل ٿيندو؟”
منھنجي ايتري چوي تي ڏٺم تھ فوجي بلڪل سڪتي ۾ پئجي ويو ۽ ھيٺ
پيرن ڏانھن نھارڻ لڳو، ڪيتري دير تائين ھن جون
نظرون پنھنجي فوجي بوٽن ۾ کتل ھيون، ٻن ٽن منٽن
کان پوءِ ھن مون ڏانھن نھايو، ڏٺم تھ ھن جي اکين ۾
پاڻي ڀرجي آيو ھو ۽ گھڻي ضبط کان ڀريل آواز سان
مون کي چيائين، تھ ”صاحب! آئون سمجھان ٿو تھ
منھنجو موت ويجھو آھي، بھرحال جيئن خدا کي منظور
ھوندو تيئن ٿيندو، مگر ڪجھھ عرض ڪرڻ گھران ٿو. عرض
ٻڌڻ کان پوءِ جيئن وڻي تيئن فيصلو ڏجو، آئون ڪجھھ
بھ نھ ڪڇندس.
ھن پنھنجو بيان شروع ڪيو، ”ڇا اوھين ھن ڇوڪريءَ کان واقف آھيو؟
آئون نٿو ڀانيان تھ اوھان واقف ھوندا. صاحب! اسين
ھن کي چري فاطمھ ڪري سڏيندا آھيون، افسوس! ھو ھڪ
غريب نينگري آھي! ھن جا سڀ مائٽ مري ويا، زماني
ھن سان چڱا پير نھ ڀريا، زندگي ھن سان ڀال نھ
ڀلايا. ھو عمر جي ايتري وڏي نھ آھي جيترو ھن جي
شڪل مان پيو لڳي، ھوءَ مون کان بھ عمر چار سال
ننڍي آھي. پر اوھين اھو ويساھھ ئي نھ ڪندا، ڇاڪاڻ
تھ سانده اکين مان نير وھائڻ ڪري ھن جي چھري تي
گھنج پئجي ويا آھن، اسين ھن کان اصل ڪين ڪيٻايون.
ھوءَ ھڪ خاموش طبيعت نينگري ھئي، ڪڏھن کوھن تي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو بيٺي ھوندي ھئي تھ ڪڏھن
جھنگل ۾ پئي رلندي ھئي ۽ رنگارنگي جھنگلي گل پٽي
کڻي ايندي ھئي، پر جڏھن بھ ڪنھن فوجي سپاھيءَ کي
ڏسندي ھئي تھ اوھين ٻڌي وائڙا ٿيندا تھ ھوءَ ڀڄي
ويندي ھئي، جنھن جو ھڪ وڏو ڪارڻ ھو. پر جڏھن کان
ھن اسپتال ۾ آئي آھي، تڏھن کان ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿس ۽
ھاڻي منھنجي فوجي وردي کان بھ ڪين ڊجي. ٿوري ڌيرج
ڌريو، آئون ھن جو سربستو احوال اوھان کي ٻڌائيندس.
اسين ٽنڊي يوسف جا رھندڙ آھيون جو حيدرآباد شھر
کان اڀرندي پاسي آھي، ڳوٺ ۾ ورلي ڪا اھڙي نينگري
ھئي جا ھن جي سونھن جو مقابلو ڪري ٿي سگھي، اسين
ٽي ڄڻا يعني آئون فاطمھ ۽ سليمان جڏھن ننڍا ھئاسون
۽ بي سمجھھ ھئاسون تھ پاڻ ۾ راند روند ڪندا ھئاسين
۽ اسان ٽنھي ۾ ھڪ ٻئي سان ٻاراڻي دوستي ۽ محبت ٿي
وئي ھئي، جيسين ھڪ ٻئي نھ ڏسندا ھئاسون تيسين آرام
نھ ايندو ھو ۽ ماني نھ وڻندي ھئي. ائين اسان جي
ننڍپڻ جا ڏينھن ويا گذرندا. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، پر
اسان ٽنھي جي دوستي ۽ قرب ۾ فرق نھ اچڻو ھو سو نھ
آيو، ڳوٺ جي ويجھو ھڪ ھندوءَ جو باغ ھو جتي اسين
ڪمائڻ ويندا ھئاسون ۽ ٻنپھرن جو پنھنجي ماني ڪڍي
ٽئي ڄڻا کائيندا ھئاسون. اسان جي اھڙي دوستي ڏسي
زماني کي نھ آئڙيو. ھن زماني جو ڏاڏو آدم ئي جدا
آھي. سائي کي سھي ڪونھ، بکئي کي ڏئي ڪونھ، ھر طرح
جون چھ ميگويون ٿيڻ لڳيون. جيتوڻيڪ ھئاسين غريب
مگر شريفن جو خون رڳن ۾ ھو تنھنڪري مون ۽ سليمان
پاڻ ۾ ويھي صلاح ڪئي تھ فاطمھ جنھن کي گھري تنھن
سان شادي ڪري ۽ ٻيو ان جي مدد ڪري. اسان ٻنھي ھن
ڳالھھ بابت قرآن شريف تي ھن رکي قسم کنيو ۽ ٻيو ھي
بھ وعدو ڪيوسون تھ ڪنھن سان بھ ان ڳالھھ جي ٻڙڪ
ٻاھر نھ ڪڍنداسون، خدا جي قدرت فاطمھ جي دل سليمان
سان ھئي ۽ منھنجي دل فاطمھ سان.
سليمان گھڻو ئي پاڻ پتوڙيو تھ مائٽ راضي ٿين تھ
فاطمھ سان شادي ڪريان، مگر مائٽن اجازت نھ ڏنس، ھو
ڪاوڙجي وڃي فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اوچتو دنيا جي ٻي
مھاڀاري لڙائي شروع ٿي ۽ ھن کي فوج سان يورپ وڃڻو
پيو، وڃڻ کان اڳ ھو فاطمھ سان گڏيو ۽ پاڻ ۾ ڏاڍا
قول اقرار ڪيائون تھ لڙائيءَ تان موٽي اچڻ تائين
فاطمھ ھن جي لاءِ ترسندي ۽ ٻئي ڪنھن سان شادي نھ
ڪندي. |