شانتا جي بيماري تھ ٺھيو پر ساري معاملي منھنجي لاءِ ڏاڍي
دلچسپي پيدا ڪئي ھئي، ٻئي ڏينھن پروفيسر جي اچڻ جو
ڏاڍو انتظار ھو، مس مس يارھين بجي ڪاليج کان فارغ
ٿي ھو اسپتال پھتو، ھن کي ٻڌايو ويو تھ شانتا کي
جدا ڪمري ۾ آندو ويو آھي، ھو منھنجو نھايت شڪر
گذار ٿيو ۽ چوڻ لڳو تھ ڊاڪٽر صاحب مون انٽر ۾ علم
نفسيات جو موضوع ورتو ھو ۽ ڄاڻان ٿو تھ ڪي ڳالھيون
شانتا جي حياتيءَ ۾ اھڙيون ٿي گذريو آھن جو ڊڄان
ٿو تھ متان شانتا اھي ڳالھيون لاشعور ۾ وجھي،
چريائي کان ڇٽڻ جي بدران مورڳو ان ۾ وڌيڪ قابو ٿي
پوي.
مون کيس خنده پيشاني سان جواب ڏنو تھ اھڙي بد انديشي ڪرڻ جو
فائدو! ھر ممڪن ڪوشش ۽ علاج ڪيو ويندو ٿي سگھي تھ
نفسياتي چڪاس کان بھ ڪم وٺبو.
پروفيسر: ڏاڍو چڱو! تنھن جي ڪري جيڪر اوھان کي منڍ کان وٺي خبر
ھوندي تھ اوھان کي نفسياتي چڪاس ۾ ڏاڍي مدد ملندي،
ڇاڪاڻ تھ ڪي اھڙيون ڳالھيون فريبي ميلرام کان ٿيون
آھن، جن جو غلط اثر متان شانتا جي طبيعت تي پيو
ھجي، تنھنڪري علاج جي دوران اھي خيال سندس من تان
لاھڻ اوھان جو ئي ڪم آھي. اسان مان ڪوبھ ائين ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندو تھ ممڪن آھي تھ غلط سمجھڻ ۾ اچي ۽
اٽلو برو نتيجو نڪري.
آئون پاڻ آتو ويٺو ھوس تھ پروفيسر خود سڄو قصو بيان ڪري ٻڌائي،
جيتوڻيڪ سندس پھرين ڏينھن جي جزوي بيان مان آئون
گھڻو ڪجھھ سمجھي ويو ھوس، پروفيسر پنھنجوقصو شروع
ڪيو:
سيٺ رمداس ۽ منھنجو پيءُ ٻئي ٻولچند ٻئي گڏ ڏيساور ۾ واپار ڪندا
ھئا ۽ ڏاڍا گھاٽا سنگتي ھوندا ھئا، نيٺ ڪيترن سالن
کان پوءِ ڪمائي ڪري ڪاروبار وڪڻي، موٽي گھر اچي
ويٺا ۽ حياتي خوش گذارڻ لڳا، آئون پنھنجي پيءُ جو
ھڪڙو ئي پٽ ھوس ۽ شانتا رامداس جي اڪيلي ڌيءَ.
اسان سڀني جو ھڪ ٻئي جي گھر اچڻ وڃڻ جو رستو ھو.
ننڍا ھئاسين تھ آئون ۽ شانتا گڏ راند روند ڪندا
ھئاسين ۽ گڏجي اسڪول ويندا ھئاسين. اسان جو پاڻ ۾
پريم ۽ ڀاونا ڏسي ٻنھي بزرگن فيصلو ڪري پنھنجي
حياتيءَ ۾ اسان جو مڱڻو ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪيو، جو
ساري جاتيءَ کي اڃا تائين ياد بيٺو آھي، آئون ۽
شانتا آزاد خيال ھوندا ھئاسين ۽ علم جو ڪوڏيا،
تنھنڪري اسان جو اھڙو خيال ڏسي بزرگن بھ اسان کي
ڪين روڪيو، ڀڳوان جي ڪرڻي جو منھنجو پيءُ پھريائين
گذاري ويو، جنھن جو رامداس کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر مون
کي چيائين تھ دوارڪا متان سمجھين تھ بولچند گذاري
ويو آھي. آئون تولاءِ بولچند ويٺو آھيان، سيٺ صاحب
جي انھيءَ چوڻيءَ مون کي ڏاڍي ھمت ڏياري ۽ سچ پچ
تھ آئون سمجھندو ھوس تھ بابو مئو ئي ڪونھي. سيٺ
رامداس جو ننڍو ڀاءُ ميلارام ننڍي ھوندي کان ئي
کريل ھو، وڌيڪ پڙھيو ئي ڪونھ. نھ ڪو ڌنڌو ڪيائين،
اٽلو مائٽن جا پئسا خراب ڪيائين، ٿوري گھڻي سنڌي
ھڪ ٻھ درجا انگريزي پڙھي وڪيلن جو منشي بڻجي ويٺو
۽ لچائيءَ جون عادتون پرائي حرفتي بڻجي پيو. جڏھن
سيٺ رامداس ڏوران ڪمائي ڪري اچي گھر ويٺو تھ
ميلارام جي نظر ھن جي ڌن ۽ دولت ۾ ھئي، سيٺ ھڪ
بيدار مغز واپاري ھو، تنھنجي پنھنجي پڪائي اڳي ئي
ڪري ڇڏي ھئي. ميلارام کي بھ رڳو ھڪڙي ڌيءَ ڪامنا
نالي ھئي. ٿورو انگريزي ۽ سنڌي پڙھيل ھئي ۽ شانتا
کي شيل ۽ پڙھيل ڏسي ھميشھ مٿس پوسرندي ھئي، ڀڳوان
جي ڪرڻي اڃا شانتا بي، اي پاس ڪري ڪري پئي تھ سندس
پيءُ سيٺ رامداس جو مرتيو ٿي پيو. ھڪ ڏينھن سيٺ
صاحب کي رڳو زڪام ٿيو ۽ ٿڌ کان تپ آيس ۽ ٽئيس
ڏينھن دل جي حرڪت بن ٿيڻ کان گذاري ويو. ھاڻي خيال
ٿو اچي تھ ڳالھھ شڪي ھئي، ڇاڪاڻ تھ پيئڻ جي دوا
ڊاڪٽر کان ميلارام وٺي آيو ھو. ڀڳوان بھتر ٿو ڄاڻي
تھ اصل ڳالھھ ڪيئن آھي. رامداس جي موت کان ٿورا
ڏينھن پوءِ ميلارام کي جڏھن ملڪيت جي راز جي خبر
پئي تھ ڏاڍي خار کاڌائين، پر ڪري بھ ڇا ٿي سگھيو،
ايترو ٿيو جو ڀاڄائيءَ ۽ ڀائٽيءَ سان حسد وچان
اندر ئر اندر وير رکڻ لڳو. پھريائين رعب رکڻ ٿي
گھريائين تھ شانتا کي بي، اي، پاس ڪرڻ جي ڪا ضرورت
ڪانھي، پر شانتا جي ماءُ ھمت کان ڪم وٺي چڱي اک
ڏيکاريس، جنھن جي ڪري وڌيڪ ڪڇي ڪين سگھيو، پر رات
ڏينھن ساڻس گھپي ۽ کٽ پٽ ڪندو آيو ۽ کيس اھڙا تھ
ڏک ڏنائين جو سندس جيئڻ جنجال ٿي پيو، پر ڌيءَ جي
پاس ٿيڻ تائين ويچاري صبر سان سڀ ڪجھھ سھندي آئي،
انھن ڳالھين جي شانتا کي وقت بوقت خبر پوندي رھي ۽
ڪاڪي جا سندس ماءُ تي ظلم ڏينھن ڏينھن ھن جي دل تي
نقش ٿيندا رھيا، ھيڏانھن شانتا بي، اي جي امتحان
جي لاءِ ترسيل ھئي ۽ ھوڏانھن ڪالي جي ديوتا پنھنجو
ڪم پئي ڪيو. يعني شانتا جي ماءُ اوچتو نمونيا ۾
بيمار ٿي پئي، ايتري مھلت ئي نھ مليس جو پنھنجي
سڪيلڌي ڌيءَ جو مھانڊو بھ ڏسي سگھي. ھن جو موت بھ
ايترو ئي جلد ٿيو، جيترو سيٺ رامداس جو. ڀڳوان
ڄاڻي ٿو تھ ڪھڙو راز ھو. ھيڏانھن شانتا بي ايم ۾
پاس ٿي، ھوڏانھن تار پھتس تھ سندس ماتا جو مرتيو
ٿي ويو آھي، ويچاري تڪڙي تڪڙي ڳوٺ پھتي، ائون ڪريا
ڪرم تي پھچي نھ سگھيس جو ايم، اي جو امتحان ھلي
رھيو ھو. انھيءَ ڳالھھ کي ميلارام تيليءَ مان تنڀ
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شانتا کيس ٻڌايو ڪاڪا
دوارڪي جو امتحان ھلي رھيو آھي، اوھان الائي ڇا
مان ڇا چئي رھيا آھيو، جڏھن کيس پنھنجي چڪ محسوس
ٿي تھ کڻي ماٺ ڪيائين.
ويچاري شانتا تي مصيبتن جا ڇپر اچي ڪريا، پيءُ جي پنارو تھ اڳي
ئي ڇڏائجي ويو ھوس، تھ ھاڻي ماتا جو سھارو بھ ڇٽو.
مون کيس آٿت جو خط لکيو تھ ميلارام اچي مٿس مٽيو،
چيائين ھي ڪير آھي جو توکي اھڙا خط ٿو لکي.
خبردار! جو ھن کي تو خط لکيو آھي. ويچاري ماٺ ڪري
ويھي رھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ڪاڪي جي چوڻ تي نٿي ھلي
تھ برادريءَ وارا مٿس بيجا اعتراض ڪن ھا ۽ ھزارين
تھمتون غريب تي مڙھيون وڃن ھا ۽ سندس تعليم کي
ننديو وڃي ھا، اھڙين ڳالھين جو ميلارام تھ اڳي ئي
استاد ھو.
شانتا کي چڱي طرح معلوم ھو تھ ھوءَ ھاڻي ڪاڪي جي ور چڙھي آھي،
تنھنڪري مصيبتن کي منھن ڏيڻو پوندس.
دوارڪاداس کي خط لکڻ تھ ڇا پر ميلارام کيس ساھيڙن سان ملڻ جي
اجازت نھ ڏيندو ھو، چوندو ھو تھ انگريزي سکي
اڄڪلھھ جون ڇوڪريون اجائي آزادي حاصل ٿيون ڪن،
زالن جي سوڀيا ان ۾ آھي تھ گھر ۾ رھن. جيڪڏھن سندس
ڌيءَ ڪملا جو ٻاھر وڃڻ تي ڌيان چڪائبو ھو تھ چوندو
ھو تھ منھنجي ڪملا اڃا ننڍي آھي، حالانڪھ عمر ۾
ڪملا رڳو نو مھينا شانتا کان ننڍي ھئي، شانتا کي
سڄو گھر جو ڪم ڪرڻو پوندو ھو، ڪملا کي جيڪڏھن ڪو
ڪم ڪونھ ايندو ھو تھ ميلارام ۽ ھن جي زال چوندي
ھئي تھ ڇا ٿيو، پر جيڪڏھن شانتا ڏکئي کان ڏکئي ڪم
۾ غلطي ڪندي ھئي تھ يڪدم طعنو ڏنو ويندو ھوس تھ
اسڪول ۾ پڙھي آھي، ڪاليج مان سکي ڊگريون حاصل ڪري
آئي آھي، تھ بھ ڪم جو سليقو نھ آيو اٿس، رات ڏينھن
طعنن شانتا کي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو ھو، ننڍين
ننڍين ڳالھين تي اعتراض، سٺن ڪپڙن پائڻ تي اعتراض،
جي جوان ڇوڪري آھي اھڙي اوستا ۾ ھميشھ سادا لٽا
پائڻ کون. ڪملا جي پائيندي ھئي تھ ساڳيو جواب چي
اڃا ٻار آھي، ھن جي وھي آھي ڪپڙن پائڻ جي. ھاءِ
زمانا! ھي اھا شانتا ھئي جنھن جي نازڪ بدن تي
پنھنجي پتا جي ڏينھن ۾ريشم جي ساڙھيءَ کان سواءِ
ٻيو ڪو ڪپڙو نظر نھ ايندو ھو، اھا شانتا جنھن جي
نالي بينڪري پنجاھھ سٺ ھزار کان گھٽ رقم نھ ھوندي.
ويچاري شانتا ڇڙٻن ۽ طعنن کان ڪڪ ٿي پئي. سندس
ڪنول جھڙو چھرو ويو ڏينھون ڏينھن ڪومائبو. گلاب جي
پنن جھڙا نازڪ چپ، جن تي ھميشھ مرڪ رھندي ھئي سا
مرد ھاڻي مھينن ۾ ڏسڻ ۾ نٿي آئي، جڏھن گھڻو ڪڪ ۽
پريشان ٿيندي ھئي تھ پنھنجي ڪمري ۾ وڃي پنھنجي
ماتا جي تصوير کڻي، اوڇنگارون ڏيئي روئي پنھنجي دل
کي آٿت ڏيندي ھئي، چئن مھينن جي اندر کل مک شانتا
جا ڪڏھن ڪنھن سان ڳالھائڻ کان سواءِ نھ رھندي ھئي،
اھڙي خاموش ۽ اداس رھڻ لڳي جو جيڪو ڏسندو ھو حيرت
۾ پئجي ويندو ھو.
بدمعاش ميلارام ھي سڀ ڪجھھ ھڪ رٿيل منصوبي ھيٺ ڪري رھيو ھو ۽
اھڙي طرح رفتھ رفتھ بحران آڻي رھيو ھو جو ھن ۾
ڪنھن کي بھ شڪ نھ پيو، ھن جي وس ۾ ھجي ھا تھ ھي
شانتا کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏي ھا، پر ھن کي منھنجو ڊپ
ھو تھ متان شانتا جي اوچتي موت تي آئون ڪجھھ گوڙ
ڪري وجھان ۽ پوليس کي خبر ڪري وجھان تھ مورڳو پاڻ
ڦاسي پوي ۽ ڳالھھ ھن جي ڳاٽي ۾ نھ پئجي وڃي.
تنھنڪري ھي سولو رستو ورتائين، مصيبتن جي ماريل
شانتا جنھن کي ماتا پتا ڏکن ۾ ڇڏي ويا ھئا، سا
وڌيڪ مصيبت برداشت نھ ڪري سگھي ۽ سندس دماغي تندون
ڇڄي پيون ۽ ھو پنھنجو دماغي توازن وڃائي ويٺي، پر
فريبي ميلارام ھڪ ٻي چالاڪي ڪئي جنھن کان سندس
دماغي توازن تيزي سان خراب ٿي ويو. شانتا جي پيءُ
سمجھيو ٿي تھ ھو گھڻي دير ڪاڪي جي ظلم ۾ گرفتار نھ
رھندي، ڇاڪاڻ تھ ھن کي اميد ھئي آئون شاديءَ جي
گھر جلندي ڪندس ۽ سندس ماتا پتا جو ڏنل وچن ڪاڪي ۾
ھمت نھ ٿيندي جو کڻي موٽائي، پر کيس ڪھڙي خبر تھ
ڪٺور دل ڪاڪي جي ڇاتيءَ ۾ دل رکيل نھ ھئي پر پٿر.
ھن نوڪرن کان ٻڌو تھ ميلارام مڱڻو ٿو ڏئي ۽ شانتا
جو پرڻو ٻئي پاسي ڪرڻ ٿو گھري. سندس حيرت جي حد نھ
رھي جڏھن کيس خبر پئي تھ سندس چاچو ھن جو وواھھ ھڪ
پوڙھي سان ڪرڻو ٿو گھري، جنھن جي اڳين استري گذاري
وئي ھئي ۽ جنھن کي چار ٻار خود شانتا جي عمر جيڏا
ھئا، اھوئي سبب ھو جو ميلارام جڏھن ڏسو تھ ويٺو
انھيءَ پوڙھي جي گھر جي تعريف ڪندو ھو. جنھن جي
حالت اھا ھئي جو رڳو ڏيڍ سئو روپيا آمدني ھئي،
پڙھيل صفا ڪين ھو. انھيءَ خبر جي غم بدنصيب شانتا
جي صبر جي دامن تي اھڙي بجلي ڪيرائي، جو سخت جان
شانتا کٽ داخل ٿي وئي، گھر ۾ اھڙو ڪوبھ ڪونھ ھو جو
کيس ڦڙو پاڻيءَ جو ڏئي، ميلارام سندس زال ۽ ڪملا،
ڄاڻي ٻجھي ھن وٽ ڪين ويندا ھئا. ھيءَ اڪثر ٻھ ٻھ،
ٽي ٽي ڪلاڪ بکايل ۽ اڃايل پئي ھوندي ھئي، لاچار
پاڻ اٿي پاڻي وڃي پيئندي ھئي يا ڪا شيءِ کائيندي
ھئي. نيٺ ھڪ ڏينھن حرفتي ميلارام ڏاڍي چالاڪيءَ
کان ڪم ورتو، جو پنھنجي گھر ۾ دعوت ڪيائين،
بندوبست انھيءَ ڪمري ۾ رکيائين جو بيمار شانتا جي
ڀر وارو ڪمرو ھو، مھمان شام جو آھستي آھستي اچڻ
لڳا. ميلارام انھيءَ دريءَ جي پاسي ٿي ويٺو جتان
ڳالھائيندي شانتا سڀ ڪجھھ ٻڌي ٿي سگھي، ھڪ دوست
ميلارام جي ڀر ۾ ويھندي پڇيو تھ يار ڇا جي پارٽي
ڪئي اٿئي؟
ميلارام: دوست اڄ ڪملا جي جنم جو ڏينھن آھي، تنھن کان سواءِ اڄ
ڪملا جي مڱڻي جي پڌري ڪرڻي آھي، ھاڻي بيمار شانتا
پنھنجي کٽ تي اھي سڀ ڳالھيون چٽي طرح ٻڌي رھي ھئي،
ھن کي ڪملا جي مڱڻيءَ جو ٻڌي ڏاڍو اچرج ٿيو.
دوست: يار ميلارام، مبارڪون ھجنو، اھو خوش نصيب گھوٽ ڪير آھي؟
ميلارام: ھتي ڪاليج جو ھڪڙو پروفيسر آھي، سندس مڱڻو اڳي ٻئي
پاسي ٿيل ھو پر اھو ٽوڙي ھاڻي ڪملا سان ڪرڻ ٿو
گھري.
دوست: اھو سٺو شگن نھ ٿيو ڀلا ھو ڪٿي آھي مان بھ ڏسان.
ميلارام: تون تھ ڪو وھمي آھين، اڃا ڪونھ آيو آھي، ڄاڻ آيو ڪي
ايندو تھ ڏيکاريندوسانءِ.
ھاڻي ميلارام مون کي بھ دعوت ڏني ھئي، مون سمجھيو تھ جڏھن دعوت
ملي آھي تھ ميلارام دل مان ٻيائي ڪڍي ڇڏي ھوندي،
تنھنڪري مون کي ضرور وڃڻ گھرجي، موقعو سٺو آھي
شانتا سان بھ ملاقات ٿيندي ۽ اھڙي خوشيءَ جي موقعي
تي جڏھن سندس ڌيءَ جو مڱڻو ٿي رھيو آھي، آئون بھ
پنھنجي وھانءَ جي ڳالھھ چوريندس. مون کي اصلي خبر
ڪانھ ھئي تھ شانتا ڪو ايتري بيمار آھي ۽ ھن
حرفتيءَ ڪا سازش سٺي آھي، جيئن آئون اندر گھڙيس تھ
ڪملا کلندي اچي مون سان در وٽ ملي. آئون گھڙي کن
در تي بيٺو ھوس، انھيءَ وچ ۾ ميلارام ٿورو ڏاڍيان
پنھنجي دوست کي چيو اجھو پروفيسر اچي ويو. اھو
جنھن سان ڪملا بيٺي ڳالھائي، کٽ تي شانتا جڏھن ٻڌو
تھ ھن کي ڪملا جي گھوٽ ڏسڻ جو شوق ٿيو، ھوءَ ھمت
ڪري دريءَ مان ڏسڻ لڳي ۽ ڪملا کي مون سان
ڳالھائيندو ڏسي. ھن جي وات مان ھڪ ھيبتناڪ رڙ
نڪتي، اھا رڙ فضا ۾ گونجڻ لڳي، سڄي محفل ۾ گوڙ مچي
ويو. شانتا جي رڙ مون سڃاتي ۽ ڊوڙي ان ڪمري ۾ ويس
تھ ڏٺم تھ شانتا بيھوش پئي آھي، ٻئي ڏينھن خبر پيم
تھ شانتا چري ٿي پئي آھي ۽ ھن کي اسپتال ۾ وٺي
آيا آھن، ڊاڪٽر صاحب! آئون سمجھان ٿو تھ ميلارام
جي اھا سازش شانتا کي مارڻ جي ھئي، ڇاڪاڻ تھ شانتا
بيماريءَ جي ڪري اڌ ضعيف ٿي چڪي ھئي، جو اھڙي شاڪ
کان دل جي حرڪت بند ٿي وڃڻ ممڪن ھئي، پر انھيءَ جي
بدران ھوءَ غلط فھميءَ جو شڪار ٿي پاڳل ٿي پئي.
انھيءَ ڪري کيس گڏجڻ جو مون خيال لاھي ڇڏيو آھي،
متان مون کي ڏسي وڌيڪ بتال ٿئي. انھيءَ ڪري ئي
اوھان کي عرض ڪري رھيو ھوس، تھ اھا غلط فھمي
توھان دور ڪري سگھو ٿا، وڌيڪ ان مان اوھان کي
خاطري ٿي ھوندي تھ ميلارام ڪيترو نھ ذليل ۽ خطرناڪ
انسان آھي، ۽ ڇو مون ھتي اچي اوھان کي ھيتري تڪليف
ڏني آھي مون کي اميد آھي تھ اوھين انصاف کان ڪم
وٺندا ۽ سندس علاج لاءِ ھاڻي مون کي ڪجھھ وڌيڪ چوڻ
ئي نھ گھرجي. پروفيسر جي وڃڻ کان پوءِ آئون سڄي
واقعي تي غور ڪرڻ لڳس، تھ سچ پچ ميلارام نھايت
ڪمينو ۽ بدمعاش شخص آھي، ۽ ھتي بھ اسپتال ۾ ڪانھ
ڪا لچائي ڪندو رھندو، تنھنڪري مون فيصلو ڪيو تھ
اھڙي بدمعاش کي ضرور ٽوٽا چٻائڻ گھرجن، ڏھھ ڏينھن
گذري ويا، ميلارام نھ آيو! ان ۾ مون کي ذرو تعجب
نھ ٿيو، ڇاڪاڻ تھ منھنجو تجربو آھي، تھ اڪثر مائٽ
اسپتال ۾ بيمارن کي علاج جي خاطر نھ بلڪھ پنھنجي
مٿي تا بار لاھي ڦٽو ڪرڻ جي خيال سان ڇڏي ويندا
آھن. ٻن ھفتن کان پوءِ ميلارام آيو ۽ سڌو اچي مون
سان گڏيو، اچڻ شرط پڇيائين، ”ڇا پروفيسر دوارڪاداس
آيو ھو؟ مون جواب ڏنو تھ ھائو، پر ھن کي شانتا سان
گڏجڻ ڪونھ ڏنوسين. اھو ٻڌي ڏاڍو خوش نظر آيو، تنھن
مان سمجھيم تھ کيس ڳالھين جي وڌيڪ خبر نھ پئي آھي.
پوءِ مون کي چوڻ لڳو تھ ڊاڪٽر صاحب ھيترا ڏينھن
ڪورٽن ۾ ڌڪا کاڌا اٿم، ڳالھھ ائين آھي تھ شانتا جا
ڪجھھ پئسا بئنڪ ۾ آھن تنھنڪري خيال ڪيو اٿم تھ اھي
پئسا آئون ھٿ ڪريان تھ کيس پنھنجي بيماريءَ لاءِ
ڪم اچن، انھيءَ ۾ اوھان جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت
ٿيندي.
مان: ڪھڙي قسم جو سرٽيفڪيٽ کپي؟
ميلارام: تھ شانتا سخت بيمار آھي ممڪن آھي تھ کيس گھڻو وقت لڳي،
تنھنڪري سندس بيماريءَ جي علاج لاءِ ميلارام کي
سندس پئسا ملڻ گھرجن.
مان: انھيءَ جي ڪا ضرورت ڪانھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن سندس علاج ۽
دوا درمل لاءِ پئسا گھربل آھن، تھ اسين سرڪاري طرح
اھي پئسا، پاڻھي ئي ڪورٽ کان وصول ڪري سگھنداسين،
جيڪڏھن ڪا سندس ملڪيت آھي تھ اھا اھڙي حالت ۾
اوھان کي ڇو ملڻ گھرجي، ڇو نھ اسان سڌو خرچ وصول
ڪريون، ڏٺم تھ ميلارام ڪجھھ پريشان نظر آيو ۽ چوڻ
لڳو:
ميلارام: ڊاڪٽر صاحب، آئون جيڪڏھن ھن جو علاج اسپتام ۾ نھ
ڪرايان، بلڪھ ٻاھر خانگي طرح ڪرائڻ گھران تھ پوءِ
اوھان سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۾ مدد ڪندا، اوھان جي جيڪا في
آھي سا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.
مان: ميلارام ٻاھر علاج ٿيڻ کان، ھتي وڌيڪ بھتر علاج ٿي سگھي
ٿو، ٻاھر ڪھڙو ڊاڪٽر آھي جو اھو علاج ڪري سگھندو.
ميلارام: مان ھن کي ڪراچي وٺي وڃان يا ممڪن آھي تھ لاھور کڻائي
وڃانس.
مان: تمام گھڻو خرچ ايندو.
ميلارام: ان جي پرواھ ڪانھي.
مان: اوھان تھ چيو ھو تھ اوھين غريب آھيو ۽ اوھان جو ڀاءُ قرض
ڇڏي مئو آھي ۽ وري ھوڏانھن خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آيو،
آئون تھ اوھان جو ڳالھيون سمجھي نٿو سگھان تھ صحيح
ڳالھھ ڪھڙي آھي.
ميلارام: منھنجو ارادو ھن کي ھتان وٺي وڃڻ جو آھي.
مان: آئون نٿو ڀانيان تھ اوھان لاءِ اھو ايترو سولو ٿيندو، جو
شانتا کي اسپتام مان ڪڍائي وڃو.
ميلارام: ڊاڪٽر صاحب، ڇا چئي رھيا آھيو، آئون نٿو ڀانيان تھ
شانتا جو ھتي پورو علاج ٿي سگھندو، يا ھن کي ھتي
فائدو پھچندو.
مان: اڃا علاج ھينئر شروع ٿيو آھي، مھيني ٻن کان اڳ ڪيئن ٿو چئي
سگھجي تھ فائدو ٿيندو يا نھ.
ميلارام: مون فيصلو ڪيو آھي تھ ھن کي ھتان ڪڍائي وڃان آئون نٿو
ڀانيان تھ مون کي ھتان ڪو روڪي سگھي ٿو.
مان: ميلارام اوھان سخت ڀليل آھيو، چريائي جي قاعدي قانون کان
اوھين واقف نھ آھيو، پھريون شخص آئون ھوندس جو
انھيءَ ڳالھھ کي روڪيندس ۽ ٻيو شخص پروفيسر
دوارڪاداس، جو آئون سمجھان ٿو تھ اڄ سڀاڻ ۾ اوھان
تي ڪيس داخل ڪرڻ وارو آھي، تھ ناحق بند ۽ ظلم ڪرڻ
جي سبب شانتا جو دماغ خراب ٿي پيو آھي.
ميلارام: (ڪاوڙ ڪندي) پروفيسر دوارڪاداس ڪير آھي، جو منھنجي
معاملن ۾ دخل ڏيندو. ھن کي ڪھڙو اڌيڪار آھي ۽ ھو
ڪيئن ثابت ڪندو تھ شانتا کي ناحق بند رکيو ويو ھو
۽ ان تي ظلم ڪيو ويو ھو؟ ڊاڪٽر صاحب، اوھين ڇا چيو
رھيا آھيو، ڏٺم تھ منھنجي انھيءَ دڙڪي ميلارام جا
اوسان خطا ڪري ڇڏيا ھئا ۽ ھن جي چھري مان گھٻراھٽ
جا آثار نظر اچي رھيا ھئا.
مان: شانتا پروفيسر جي مڱ آھي، اھو اوھين ڄاڻو ۽ اوھان جي
برادري، خانگي معاملن سان منھنجو ڪو واسطو ڪونھي،
باقي رھيو سندس طبيعت جو حال، سو جيڪڏھن ڪو مون
کان گھر ڪندو تھ آئون اھڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندس تھ
شانتا جي عام بدني صحت تمام خراب ھئي، جڏھن ھو
منھنجي اسپتال ۾ پھريائن پھريائين داخل ڪئي وئي
ھئي، ۽ ان جو وڏو ڪارڻ بک مارڻ ۽ کاڌو پيتو نھ ڏيڻ
ٿي سگھي ٿو، بلڪھ ھو ۽ ان جو اثر دماغ تي پيو ھو،
تنھنڪري دماغي حالت بک مارڻ جي ڪري خراب ٿي ھوندي،
بلڪھ ٿي ھئي. انھن حالتن ۾ جيڪڏھن دوارڪاداس مون
کي نوٽيس ڏئي تھ آئون شانتا جي ٻانھن اوھان جي
سپرد ڪري نٿو سگھان. چريائيءَ جي قاعدي ھيٺ جيسين
مئجسٽريٽ مون کي حڪم نامو نٿو ٿئي، تيسين آئون
شانتا جي ٻانھن اوھان کي ڏيئي نٿو سگھان. جيڪڏھن
دوارڪاداس جيئن مون ٻڌو آھي اوھان تي ڪيس ٿو داخل
ڪري تھ ڪنھن حالت ۾ بھ، اوھان کي شانتا جي ٻانھن
ملي نٿي سگھي. ميلارام آئون سمجھان ٿو تھ بازي
اوھان ھارائي ويٺا آھيو، منھنجي صلاح آھي تھ ماٺ
ڪري شانتا جو علاج ٿيڻ ڏيو ۽ ڏسو تھ قدرت کي ڇا
منظور آھي. جيڪڏھن شانتا ٺيڪ ٿي وڃي تھ اوھان جو
ڀلو انھيءَ ۾ آھي تھ ماٺ ڪري سندس شادي پروفيسر
صاحب سان ڪري ڇڏيو. اھڙو ڀلو ماڻھو ٻيو ڪونھ
ملندو. جيڪڏھن زور زبردستي ڪندوئ تھ نھ رڳو شانتا
واري معاملي ۾ ڦاسجي ويندو، بلڪھ جيئن پروفيسر مون
کي ٻڌايو آھي ۽ جيئن مون پاڻ اوھان جي مرحوم ڀاءُ
رامداس جا ھٿ اکر پڙھيا آھن، تھ مون کي ڊپ آھي تھ
ڪٿي رامداس جي موت واري معاملي ۾ بھ اڙجي نھ پئو.
پروفيسر ھڪ شريف انسان آھي، تنھنڪري کڻي ماٺ ڪندو،
جيتوڻيڪ مون کي اوھان جي خانگي معاملن ۾ دخل نھ
ڏيڻ گھرجي، پر ڪنھن ڪنھن مھل، ڊاڪٽرن کي بھ ھڪ
مربيءَ جي حيثيت ۾ ڪڏھن ڪڏھن صلاح ڏيڻي پوندي آھي،
ڏٺم تھ ميلارام جو سڄو چھرو خوف کان ڦڪو پئجي ويو
ھو. ھو ماٺ ڪري منھنجي ڪمري مان نڪري ويو ۽ وري
پنھنجو منھن اسپتال ۾ ڪڍيائين، چئن مھينن جي مسلسل
محنت کان پوءِ شانتا چڱي ڀلي ٿي پئي ۽ پروفيسر ھن
کي پاڻ سان وٺي ويو. |