بابو ڏاڍو ڪو شريف انسان ھو، تنھن ڳالھھ سمجھندي چيو تھ مون کي
اڳين اسٽيشن تي پاڻ لھڻو آھي تنھنڪري توکان پئسا
وصول نٿو ڪريان. پر اھڙي طرح بنا ٽڪيٽ مسافري ڪرڻ
جرم آھي ڀلائي ڪري اڳين اسٽيشن کي جنڪشن آھي،
تنھنڪري لھي ٻئي دٻي ۾ ھلي وڃجانءِ، ۽ ڪنھن بابوءَ
کي چئي ٽڪيٽ وٺي ڇڏجانءِ، نھ تھ رولي ۾ پئجي
ويندينءَ. ايترو چئي بابو دروازو کولي ٻئي دٻي ۾
ٽڪيٽون تپاسڻ لاءِ ھليو ويو.
ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي ويندي ئي ڇوڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. مون کي جيڪو
خاص شڪ ھو سو سچو ٿيندو نظر پئي آيو، منھنجو گمان
ھو تھ ڇوڪري گھران ڀڄي نڪتل آھي، تھ وٽس ممڪن اھي
تھ پئسو پنجڙ ڪونھ ھوندو. مون ساڻس نرميءَ سان
ڳالھائيندي کانئس پڇيو تھ ھوءَ روئي ڇو ٿي؟ تھ
ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ ھوءَ گھران ايترو تڪڙو نڪتي
ھئي جو پئسا کڻڻ ئي وسري ويم. پڇيو تھ ڪڏانھن وڃڻو
اٿس؟ جواب ڏنائين تھ حيدرآباد سنڌ. وڌيڪ پڇيومانس
تھ ڪير آھين؟ ڪنھن جي ڌيءَ آھين، ۽ اھڙي طرح ڇو
گھران نڪتي آھين؟ تھ ڪجھھ جواب نھ ڏنائين بلڪھ
سڏڪا ڀري وڌيڪ روئڻ لڳي.
آئون حيران ٿي ويس تھ معاملو ڇا آھي، ڇوڪريءَ جي شڪل صورت مان
مون اڳي ئي اندازو لڳايو ھو تھ ھوءَ ڪا لچي يا
بدمعاش نھ آھي.
نيٺ ھڪ ڳالھھ مون کي سمجھھ ۾ آئي، مون پنھنجي ٽڪيٽ ڪڍي ھن جي ھٿ
۾ رکندي چيو تھ: ”چڱو ھي ٽڪيٽ تون رک، آئون ٻي
ٽڪيٽ جو پاڻھي بندوبست ٿو ڪريان.“
ڇوڪري روئڻ بند ڪري مون سان مخاطب ٿي چوڻ لڳي: ”اوھين ڏاڍا
شريف ٿا معلوم ٿيو! آئون اوھان جي ڏاڍي ٿورائتي
آھيان جو مون سان اھڙي طرح ھمدرديءَ سان پيش آيا
آھيو، پھريائين تھ منھنجي اھا حيثيت ئي ڪانھي جو
فرسٽ ڪلاس ۾ مسافري ڪريان، اوھان کي خبر آھي تھ
آئون ڏاڍي مجبوريءَ سان گاڏي ڇٽي وڃڻ جي ڊپ کان
انھيءَ دٻي ۾ چڙھي ويٺس.“
مون کي ٽڪيٽ واپس ڪندي چوڻ لڳي، ”ھيءَ ٽڪيٽ آئون ڪنھن بھ حالت
۾ قبول ڪري نٿي سگھان، باقي ھڪ مھرباني ڪندا تھ
اوھان جي وڌيڪ ٿورائتي ٿيندس، مھرباني ڪري مون کي
ٿرڊ ڪلاس جي حيدرآباد تائين ٽڪيٽ وٺي ڏيو ۽ ڏھ
روپيھ کن ٻيا ڏيو! پر اھي بھ انھيءَ شرط سان وٺندس
تھ پنھنجو پتو مون کي ڏيندا تھ انھيءَ پتي تي
سڀئي پئسا ٿورن ڏينھن ۾ ڏياري موڪليندس.“
مون ساڻس گھڻو ئي بحث ڪيو، پر ڇوڪري اصل مڃڻ لاءِ تيار نھ ٿي،
مون خيال ڪيو تھ في الحال چپ ڪري ويھان، پاڻيھي
راه تي اچي ويندي، مون کي ڪاڪوس ۾ وڃڻ جي ضرورت
محسوس ٿي تھ اندر ويس، پر اڃا موٽي اچان تھ
اسٽيشن اچي وئي ۽ گاڏي بيھي رھي ۽ ٻاھر نڪرڻ کان
اڳي ڪنھن جي زور سان ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ دٻي
۾ ماڻھن جي تڪڙي تڪڙي ڳالھائڻ جو شور ھو، آئون
جلدي ٻاھر نڪري آيس، ڏسان تھ ڇوڪري بيھوش پئي
آھي ۽ ھڪ نئون ٽڪيٽ تپاسيندڙ کيس حيرت ۾ پيو ڏسي،
ھڪ ماڻھو اخبار سان زور زور سان پکو پيو ڪريس تھ
ٻيو ڄڻو گلاس مان ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا پيو ھڻيس.
مون بابوءَ کان پڇيو ڇا ٿيو؟ ھي ھن جي ڪرڻ جو آواز ھو؟ تھ بابو
نھايت شوخيءَ سان جواب ڏيڻ جي بدران اٽلو مون کان
پڇڻ لڳو، ”ھي ڇوڪري اوھان سان گڏ آھي؟ ڇا اوھان جي
ڀيڻ آھي.“
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر مصلحت سمجھي صبر کان ڪم ورتو ۽ جواب
ڏنم تھ ”واقعي ھيءَ انھيءَ گاڏيءَ ۾ ھئي.“
بابو وري ٿوري ترشيءَ سان پڇيو، ”اوھين ھن کي سڃاڻو ٿا تھ ڪير
آھي؟“ من مٿو ڌوڻي انڪار ڪيو پڇيومانس: ”ڇو؟“
ڏاڍي رکاڻ سان جواب ڏيندي چيائين: تھ ”ھن ڇوڪريءَ وٽ ٽڪيٽ آھي
ئي ڪانھ ۽ نڪو پئسو ڏوڪڙ اٿس. تنھنڪري جڏھن مون
چيو تھ کيس پوليس جي حوالي ڪرڻو پوندو تھ بيھوش ٿي
ڪري پئي! ھاڻي مصيبت کي ڪير منھن ڏيندو؟ خبر ناھي
تھ ڪير آھي؟“
مون مشڪندي کيس جواب ڏنو تھ ”مصيبت کي اھو ماڻھو منھن ڏيندو
جنھن اھا پيدا ڪئي آھي! باقي مون کي خبر ھجي ھا تھ
ھيءَ ڇوڪري ڪير آھي تھ اوھان جي مدد ضرور ڪريان
ھا، مون کي بھ ايتري خبر آھي جيتري اوھان کي.“
حيدرآباد جي اسٽيشن اچي پھتي، ڇوڪري نيم غشيءَ جي حالت ۾ لاٿي
وئي، مون کي بھ ھتي لھڻو ھو، تنھنڪري لٿس، پر
ڇوڪريءَ لاءِ مون کي ڏاڍي ھمدردي ھئي، جا کليو
کلايو ڏيکاري نٿي سگھيس، ڇاڪاڻ تھ بابو ڌنگي سڀاءَ
جو ماڻھو نظر ٿي آيو، ماڳھين منھنجي گلي پئجي وڃي
ھا، پر آئون جنھن ڪم لاءِ حيدرآباد آيو ھوس، تنھن
کي منھن نھ ڏئي سگھان ھا، تنھنڪري ڇوڪريءَ جي
معاملي ۾ دخل ڏيڻ في الحال مناسب نھ سمجھيم.
سڄي رات ٽرين واري معاملي ۾ ڇوڪريءَ بابت خيال ڊوڙائيندو رھيس،
ھڪڙي ڳالھھ جي مون کي پڪ ھئي تھ ڇوڪري ڪا لچي يا
بدمعاش نھ ھئي، پر پوءِ گھر ڇڏي بنا پئسن جي ائين
پرديس ۾ نڪري پئي ھئي؟ جيڪڏھن ڇوڪريءَ جي نيت چڱي
نھ ھجي ھا تھ ائين بنا پئسن جي پرديس ۾ نڪري نھ
پوي ھا، ضرور اھڙي ڪا ڳالھھ ھئي جو اوچتو گھران
نڪرڻو پيس ۽ پئسا کڻڻ وسري ويس يا گاڏي ڇٽڻ جو ڊپ
ھوس جو تڪڙ ۾ ھلي آئي ۽ پئسا کڻڻ وسري ويس!
وري اوچتو خيال آيو تھ مون وڏي بيوقوفي ڪئي جو کيس ائين ڇڏي
ڏنم، بابو بيوقوفي ڪري جيڪڏھن ھن کي پوليس جي
حوالي ٿو ڪري تھ ڇوڪريءَ سان الائي ڪھڙن ويڌن ٿئي،
ائين پھھ پچائيندي اک لڳي وئي. صبح جو اٿي ڪاليج
ويس، جتي بورڊ جي اڳيان ملاقات ھئي، بورڊ مون کي
ڏاي خوشيءَ سان چونڊيو، مان ٻئي ڏينھن نوڪريءَ تي
چڙھڻ جو وعدو ڪري سڌو اسٽيشن تي آيس، جتان پڇا
ڳاڇا ڪندي خبر پئي تھ ڇوڪريءَ جي ھوش ۾ اچڻ کان
پوءِ خبر پئي تھ سندس دماغ درست نھ آھي، اسٽيشن
ماستر ڪو چڱو مڙس ھو، تنھن اڪيلي نينگري ڪنھن شريف
خاندان جي سمجھندي ڪن چڱن مڙسن سان گڏ سول اسپتال
موڪلي ڏني. پر پوءِ خبر پئي تھ اتي رکڻ جھڙي ڪونھ
ھئي، تنھنڪري چرين جي اسپتال ڏياري موڪليو ھيائون.
ٻن، ٽن ڏينھن کان پوءِ آئون چرين جي اسپتال وڃي سپرنٽينڊنٽ سان
مليس، ڏاڍي آڌر ڀاءُ سان گڏيو، مون کيس سڄو معاملو
ٻڌايو ۽ پنھنجي پوزيشن صاف ڪندي چيم تھ ”منھنجو
ٻيو ڪو مطلب ڪونھي، فقط ايترو تھ ڇوڪري مون کي
معصوم نظر ٿي آئي، متان ڪنھن چڱي آڪھھ جي ھجي
تنھنڪري سندس چڱي پرگھور لھڻ گھرجي، آئون خرچ ڪرن
لاءِ تيار آھيان، کيس سٺو کاڌو ملڻ گھرجي.“ کيسي
مان سئو روپين جو نوٺ ڪڍي ڏنم. سپرنٽڊنٽ نھايت
ھوشيار شخص ھو تنھن ھڪ پرکڻ جھڙو سوال ڪيو! ”ڇا
اوھين ڇوڪريءَ کي ڏسڻ گھرو ٿا؟“
آئون سندس مطلب سمجھي ويس، يڪدم جواب ڏنم: ”مون کي ھن سان ڪو
واسطو ڪونھي، مون رڳو ھمدرديءَ جي خيال کان پئسا
ڏنا آھن ۽ ھن کان پوءِ شايد ، ھتي نھ بھ اچان. رڳو
ٽيليفون تي اوھان سان ڳالھايان.“
ڊاڪٽر صاحب کي جڏھن منھنجي طرفان خاطري ٿي تھ منھنجو ٻيو ڪو
مطلب ڪونھي تھ ھو مون سان وڌيڪ کليو ۽ خيال
ڏيکاريائين تھ ”خير علاج تھ ڏاڍي ڪوشش سان ڪبو پر
معاملو گنڀير انھيءَ لاءِ ٿي پيو آھي تھ ڪنھن
ڄاتل ڳالھھ کان سواءِ ڌڪي تي ڪم ڪرڻو پوندو، خبر
نھ آھي تھ ھن جا مائٽ ڪير آھن؟ اوھان کي بھ پڪ نھ
آھي تھ ھو سکر جا آھن يا نھ!“
مون چيو، ”ھڪ ڳالھھ جي ڪري خيال ٿو ٿئي تھ ھو سکر جي آھي، ڇاڪاڻ
تھ جيڪڏھن سکر جي ھجي ھا تھ کيس گاڏي ڇٽڻ جي وقت
جي خبر نھ ھجي ھا، جو ايترو عين وقت تي پھچي ٽڪيٽ
وٺڻ جي ڪوشش نھ ڪيائين، بلڪھ سڌو گاڏيءَ ۾ ھلي
آئي، ٻيو سکر کان ٻاھران اچي ھا تھ پوءِ ھنڌ بستري
۽ پئسن جو پورو پورو بندوبست ڪري نڪري ھا. ھي تھ
اوچتو ڪنھن حادثي يا جذبي جي ڪري گھران ڏاڍي تنگ
وقت تي نڪري مس پھتي آھي ۽ گاڏي جھلي سگھي آھي،
تنھنڪري اھڙو ڪم شھري ماڻھو ڪري سگھي ٿو نھ ٻاھران
ايندڙ.“
ڊاڪٽر صاحب منھنجو ھم خيال ٿيو، پر چوڻ لڳو تھ ”باوجود سکر جي
ھجڻ جي بھ اسان جي معلوم ڪرڻ لاءِ ڏکيو ٿي پيو آھي
تھ ھن جا مائٽ ڪير آھن.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي ھڪ ڳالھھ چئي تھ ”اخبارن ۾ اشتھار ڏيارجي.“
ڊاڪٽر صاحب ھڪ خطري کان مون کي واقف ڪيو تھ ”جيڪڏھن ڇوڪرو ھجي
ھا تھ ڀئو ڪونھ ھو، پر ظاھر ظھور ڪنھن ڇوڪريءَ
لاءِ ائين ڪرڻ کيس ھٿ وٺي بدنام ڪرڻو ٿيندو.“
مون کي ان وقت ھڪ خيال آيو جو مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو تھ ”منھنجي
ماءُ سکر ۾ گھڻو ڪي ڪم ڪندي آھي تنھنڪري ھن جي
طرفان سنڌي ھندو اخبار ۾ ھڪ اشتھا ڏجي تھ اھڙي قسم
جي ھڪ ھندو ڇوڪري گھران رسي اسان وٽ اچي ٽڪي آھي،
بھتر آھي تھ سندس مائٽ اسان وٽ اچي ھن جي ٻانھن
وٺي وڃن.“
ڊاڪٽر صاحب اھا ڳالھھ قبول ڪئي ۽ مون پنھنجي ماءُ کي ھڪ اشتھار
لکي موڪليو تھ اخبار ۾ ڏياري ۽ جيڪڏھن ڪو انھيءَ
اشتھار کي پڙھي اچي نڪري تھ ھن کي مون ڏانھن
حيدرآباد ڏياري موڪلي. اھا صلاح ڏاڍي ڪارائتي
ثابت ٿي جو اخبار ۾ پڙھندي شرط غلام محمد ۽ سندس
زال منھنجي ماءُ وٽ اچي پھتا. جنھن ترت ھنن کي مون
ڏانھن ڏياري موڪليو.
غلام محمد ۽ سندس زال ٻئي وڏي عمر جا ھئا، جڏھن مون وٽ پھتا تھ
انھن جي حالت نھايت پريشان ھئا، مون کي ڏسي اچي
روئڻ ۽ ڇٽڪيا ۽ پڇڻ لڳا ”ڪٿي آھي؟ بابو! ھي ڇا
ٿيو؟ ائين ڇو ٿيو؟“
مون سمجھي ورتو تھ اسان ھنن کي ڪجھھ ئي ڪين ٻڌايو آھي، مون انھن
کي آٿت ڏني ۽ کين چيم تھ انھن کي مون وٽ ڪجھھ
ترسڻو پوندو، ڇوتھ نوران اسپتال ۾ بيمار پئي آھي.
ھو وائڙا ٿي ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ۽ پوءِ غلام محمد مون کي مخاطب
ٿي چيو تھ ”اسان کي ٻڌايو ويو ھو تھ نوران اوھان
وٽ آھي! ھي سڀ ڇا آھي؟ نوران اھڙي ڇوڪري تھ نھ
ھئي، ھوءَ ڏاڍي سلڇڻي ھئي؟ ھن جو اوھان سان ڪھڙو
سٻنڌ ھو؟
مون ڏٺو تھ غلام محمد ۽ ھن جي زال سڄي معاملي کي ابتو سمجھي
ويٺا آھن، نيٺ ڏاڍي آھستگي ۽ نرميءَ سان مون انھن
کي چيو تھ ”ھو ڀليل آھن پريم نوران اھڙي ئي سلڇڻي
ڇوڪري آھي جھڙو ھو سمجھن ٿا، منھنجو ھن سان ڪوبھ
لاڳاپو ڪونھي.“پوءِ سربستي ڳالھھ ڪري کين ٻڌايم تھ
وائڙا ٿيا ويا. نيٺ ٻنھي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس،
جنھن ٻنھي کي پريم نوران سان ملايو، ماءُ پيءُ کي
ڏسندي ئي پريم نوران ۾ عجيب ڦيرو آيو. ھو جذبي جي
جوش کان روئڻ لڳي ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڀاڪر پائي
ملي.
ڊاڪٽر ان وقت فورا ڪي سيون گھرائي يڪدم نوران کي انجيڪشن ھنئي،
ٿوري دين کان پوءِ پريم نوران کي ننڊ اچي وئي،
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو تھ ”ڪنھن ڪنھن وقت اھو جوش
نقصانڪار ثابت ٿيندو آھي، تنھنڪري ان جي تيزيءَ کي
گھٽائڻ لاءِ بيمار کي آرام جي سئي ھنئي ويندي
آھي، ان ڪري ئي ائين ڪرڻو پيو.“
پوءِ ڊاڪٽر صاحب انھن کان حال احوال پڇيو جو انھن سربستو ڪري
ٻڌايو.
ويچارن جي ھڪڙي ئي سڪيلڌي ڏيءَ ھئي کين ٻيو ڪو نرينو اولاد نھ
ھو ڪيترن ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ وڏي عمر ۾ اھا ڌيءَ
ملي ھين، ٻنھي زال مڙس پنھنجي صحت لاءِ تھ جيئن
کين ڪو ٻار پيدا ٿئي دوا درمل تي بھ ڏاڍو خرچ ڪيو
ھو ۽ ڪو ڊاڪٽر يا حڪيم ڪونھ ڇڏيو ھيائون. جنھن
کان علاج نھ ڪرايو ھجين. نيٺ مس مس وڃي کين اھا
ڌيءَ ڄائي ھئي، ڀڳوان جو شڪر ڪري ھن نينگريءَ کي
پٽ وانگر پالي وڏو ڪيائون ۽ ڏاڍيون مصيبتون سھي
بکون ڪڍي کيس تعليم ڏياريائون، نيٺ پريم نوران بي،
اي پاس ڪئي، ۽ پيءُ ماءُ جي ڏاڍي عزت ۽ خدمت ڪندي
ھئي ويچارا پيرسن ٿي چڪا ھئا، پريم نوران کي انھن
مصيبت جو ڏاڍو احساس ھو، تنھنڪري سڄي گھر جو ھاج
ختم ڪري، ماني ٽڪي پچائي ماءُ پيءُ کي کارائي،
پوءِ پڙھڻ ويندي ھئي. ڏاڍي سلڇڻي ۽ جفاڪش ڇوڪري
ھوندي ھئي ۽ ننڍي ھوندي کان ئي ماءُ کي گھر جي ڪم
ھاج ۾ ھٿ ڏيندي ھئي.
ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھھ آھي، شايد جنھن ڏينھن پريم نوران گھر ڇڏي
نڪتي ھئي، تنھن کان ڪجھھ ڪلاڪ اڳي زال مڙس پنھنجي
ڪمري ۾ ھئا ۽ پريم نوران پنھنجي ڪمري ۾ ڪجھھ ويٺي
پڙھيو، ميز جي سامھون بند دري ھئي، پر ٻنھي زال
مڙس جو ڳالھائڻ پريم نوران پئي ٻڌو.
زال: سڄو ڏينھن رڳو ناول پڙھندا يا گھر جو بھ ڪو خيال اٿو،
نوران ھاڻي اچي وڏي ٿي آھي، اسان بھ الائي ڪيترو
وقت جيئرا ھونداسين.
مڙس: اڙي ھا! سچي! مون کي تھ ڳالھھ ئي وسري وئي، خان بھادر در
محمد جو خط ڪالھھ پھتو آھي.
زال: (تڪڙو تڪڙو) چڱو! ڇا لکيو اٿس؟
مڙس: اھي لوڀين وارا پار! ھيڏو وڏو ماڻھو ھوندي بھ اڃا پئسي جي
لالچ نٿو ڇڏي.
زال: انھن ڳالھين کي ڇڏيو، ڇا لکيو اٿس، سو ٻڌايو.
مڙس: خان بھادر درمحمد پنھنجي پٽ جيڪو ايم، اي ۾ پڙھي رھيو ھو ۽
ڇوڪرو نھايت ھوشيار آھي ۽ ھميشھ پھريون نمبر ايندو
آھي، تنھن لاءِ خان بھادر جو خيال ھو تھ اھڙي قابل
اولاد کي ضرور ولايت موڪلڻ گھرجي. پر پاڻ پراڻن
خيالن جو ماڻھو ھو، تنھنڪري اھو ڊپ ھوس تھ متان
ڇوڪرو ولايت مان نھ پرڻجي اچي، تنھنڪري انھيءَ
ڳولاءِ ۾ ھو تھ ڪا اھڙي ڇوڪري ھٿ اچي جا پٽس وانگر
پڙھڻ ۾ تکي ۽ ھوشيار ھجي تھ جيئن ٻنھي کي ولايت
موڪلجي تھ وڏيون ڊگريون وٺي اچن. زال مڙس گڏ ھوندا
تھ پوءِ ڇوڪرو ٻي ڪنھن عورت ڏانھن خيال ئي ڪونھ
ڪندو. ان کان سواءِ خان بھادر ٿورو خود غرض ۽
لالچي بھ ھو، اھو ويچار بھ ھوس تھ ڇوڪري ڪنھن وڏي
آڪھھ جي نھ ھجي تھ چڱو. ڇاڪاڻ تھ کانئس گھٽ درجي
جا ھوندا تھ ٻھ فائدا ٿيندا، ھڪڙو ھميشھ ھن جي
رعب ۽ دٻاءَ ۾ رھندا ۽ ٻيو ھن جي خان بھادري جي
رعب ۾ ڇوڪريءَ وارن کان ڏاج بھ چڱو حاصل ٿيندو تھ
ولايت جو خرچ بھ نڪري ايندو. وڏن ماڻھن ۾ جي پٽ ٿو
پرڻائجي تھ ٽٽا بھ چٻائيندا تھ خرچ بھ ڪرائيندا ۽
اھي ڪٿي ٿا ھن جي رعب م اچن. نيٺ سندس ڌيان غلام
محمد ۽ سندس ڌيءَ ڏانھن ويو، ھو ڏاڍو چالاڪ ھو،
کيس خبر پئجي وئي ھئي تھ پريم نوران پڙھڻ ۾ ڏاڍي
قابل آھي، ۽ اھا بھ خبر ھيس تھ ڇوڪري گھرو ڪم ڪاج
۾ بھ چڱي آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ نھايت سلڇڻي آھي ۽ اھا
بھ خبر ھيس تھ غلام محمد سندس زال ۽ ڇوڪريءَ کان
ٻيو سندن ڪو مٽ مائٽ ڪين ھو، ھڪڙو عمدو باغ بھ ھو،
جنھن جي ڪمائيءَ مان سندن گذارو ٿيندو ھو ۽ گھر
جنھن ۾ رھندا ھئا، سو بھ انھن جو ئي ھو، غلام محمد
ھو ڪفايتي ماڻھو، تنھنڪري ضرور ڪجھھ نقد رقم بچائي
بئنڪھ م رکي ھوندائين ۽ اھي سڀئي ڳالھيون سوچي ۽
سمجھي خان بھادر غلام محمد کي ڇوڪريءَ جي ٻانھن
لاءِ چوايو ھو.
خان بھادر کي جڏھن پڪ ٿي تھ غلام محمد پنھنجيءَ ڌيءَ کي ھن جي
پٽ سان پرڻائڻ لاءِ تيار آھي تھ ھن رعب ڄمائڻ شروع
ڪيو ۽ کيس لکي موڪليائين تھ ھن جي پٽ کي سڱ ڏيڻ
لاءِ ڪيترائي ماڻھو آتا ويٺا آھن، ۽ ھزارين روپيا
پيا آڇين، ھڪ ڄڻي تھ پنجاه ھزار آڇيان آھن! پر
اسان کي ڇوڪري پسند نھ آھي جو ايترو پڙھيل نھ
آھي. تنھنجي ڇوڪري ڇڪاڻ تھ پڙھيل آھي تنھنڪري اسين
فقط پندرھن ھزار وٺنداسين! ايترو ياد رک تھ
تنھنجي ڇوڪري ڪنھن معمولي آڪھھ ۾ نٿي اچي! اھڙو
گھر نصيب وارن کي ملندو آھي.
غلام محمد جي زال جڏھن مڙس کان خط بابت سمورا احوال ٻڌا تھ
چيائين: ماريو ڏاڍو ڪو لوڀي آھي! ڀلا ڪھڙو ويچار
ڪيو اٿو؟
مڙس: توسان صلاح ڪرڻي ھئي، پر ڳالھھ دل تان لھي وئي، ھا! ھڪ ٻي
ڳالھھ بھ لکي اٿس تھ خط جو جواب جلد ڏيان، ڇاڪاڻ
تھ ٻيا بھ ڪيترائي زور وجھي رھيا آھن.
زال: ھيءَ تھ ڳري ڳالھھ ٿي! اسين مسڪين ھيترا سارا ڏوڪڙ ڪٿان
آڻينداسين؟ مئي کي خدا جو بھ ڀئو ڪونھي!
مڙس: تنھنجي ڳالھھ برابر آھي پر گھر بھ سٺو آھي ۽ خان بھادر جو
ڇوڪرو بھ سٺو آھي، ڇوڪري وڃي سکي ٿيندي.
زال: برابر! پر پئسن جي پورائي ڪيئن ڪندين؟
مڙس: انھيءَ ڳالھھ تھ ويچار ۾ وجھي ڇڏيو آھي تھ اڄڪلھھ انھن
ڳالھين ئي کي ماڻھو ڏسن ٿا، دنيا ئي بدلجي وئي
آھي.
زال: ڀلا گھڻا ڏوڪڙ آھن؟ اسان جي بھ ھاڻي حياتي ڪيتري؟ جيڪي آھي
سو سڀ نينگري جو آھي.
مڙس: تون ڄاڻندي بھ پڇين ٿي! پنھنجي بيماريءَ تي ڪيترو نھ خرچ
ٿيو ھو! ۽ وري نوران جي تعليم تي بھ ڳپل لڳي چڪو
آھي، مون وٽ مس ھاڻي ڏھھ ھزار روپيا نقد بئنڪ ۾
بچيا آھن، نوران جي شاديءَ تي بھ زيورن ۽ ڪپڙن تي
ڏٺي وئي ڏھھ ھزار کن تھ پڪ لڳن. نينگريءَ کي خالي
ھٿين تھ ڪين اماڻبو؟ ھاڻي خان بھادر لاءِ پنڌرھن
ھزار روپيا ڪٿان آڻيندس جو ڏئي سگھان!
زال: پوءِ ڪيئن منھن ڏبو؟
مڙس: اھائي تھ توسان صلاح ڪرڻي ھئي، منھنجي خيال ۾ باغ تي ڏھھ
پنڌرھن ھزار قرض ملي ويندو جو شاديءَ کان پوءِ
ٿورو ٿورو ڏيئي قرض لاھي وٺنداسين.
زال: ھا! پنھنجي سڪيلڌيءَ لاءِ ڪجھھ تھ ڪرڻو پوندو، ڀل وڃي سکي
ٿئي، اسان پنھنجو وقت ڏکيو سکيو گذاري وٺنداسين
سڪي ماني کائي بھ پورائي ڪري وٺنداسين.
مڙس: ھا، ڇونھ! ڀانيو ھو تھ اباڻو جڳھو پيريءَ ۾ آڳانڍو ٿي
پوندو! پر خدا جي مرضي ڪا ٻي ٿي ڏسجي.
زال: ھاڻي دير نھ ڪرڻ گھرجي، خان بھادر کي لکي ھائو ڪريو، ائين
نھ ٿئي ھو لوڀي وري ڦري وڃي.
زال، مڙس جڏھن اھا ڳالھھ ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌائي تھ ڏاڍي حيرت مان
ڊاڪٽر کي چوڻ لڳا تھ اسان ڇوڪريءَ جي لاءِ ھي
سانباھا پي ڪيا، پر خبر نھ آھي تھ ڇوڪريءَ کي
ڇا سجھي آيو جو اسان کي مصيبت ۾ ڇڏي ھلي وئي. اھو
بھ خيال نھ ڪيائين تھ ماڻھن ۾ ڪيتري نھ بدماني
ٿيندي. اسان تھ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آھيون، پر سندس
بدماني ٿيندي ۽ ھر ڪو نندا ڪندو.
زال: مون ڏٺو تھ اسان جي انھن ڳالھين کان پندرھن منٽ کن پوءِ
نوران صاف ۽ اڇا ڪپڙا پائي تڪڙي تڪڙي ٻاھر وڃي رھي
ھئي، پڇڻ تي جواب ڏنائين تھ ”ساھيڙيءَ وٽ ٿي
وڃان، ھڪ ڪتاب جي ضرورت آھي اجھو ٿي موٽي اچان.“
نوران اڳي بھ ائين ساھيڙين وٽ ويندي ھئي، مون کي
ڪھڙي خبر تھ گھر ڇڏيو ٿي وڃي! نھ تھ ڪڏھن نڪرڻ
ڪين ڏيانس ھا.
مون ڏٺو تھ ڊاڪٽر صاحب ڳوڙھي ويچار ۾ ھو ۽ ٻنھي زال مڙس جي چھري
کي عجيب نظرن سان ڏسي رھيو ھو، انھيءَ بيان مان
مون پنھنجو انومان ڪڍيو ۽ سوچي رھيو ھوس تھ الائي
ڊاڪٽر ڪھڙو انومان ڪڍيو آھي تھ، ڊاڪٽر غلام محمد
مخاطب ٿيندي چيو:
ڊاڪٽر: غلام محمد کي تون ڏاڍو ڪو ڀورڙو آھين! اڃا پيو پنھنجي
ڌيءَ ۾ شڪ ڪرين! تون تھ ڏاڍو ڀاڳ وارو آھين تھ
اھڙي سٺي ڌيءَ توکي خدا ڏني آھي.
غلام محمد: جنھن کي ڏسو اھوئي پيو چوي! پر اھو نٿو ويچار ڪري تھ
ڀڄي نڪرڻ بعد ويل عزت آبروءَ جو ڇا ٿيندو!
ڊاڪٽر: انھيءَ جو ڪارڻ اوھين ٻئي زال مڙس آھيو! اوھان ٻنھي
جون ڳالھيون نوران ٻڌي ورتيون ھيون، اڻ پڙھيل
ڇوڪري ڪانھ ھئي، جو ماٺ ڪري ويھي ھا ۽ خوش ٿئي ھا،
ماءُ پيءُ جي پريم جي ھن کي سڌ ھئي، ھن کي اھا بھ
خبر پئي تھ اوھين ٻئي لاءِ ٻليدان ڏيڻ ٿا چاھيو پر
ھن ٻليدان جو جيڪو نتيجو نڪندو تنھنجي بھ ھن کي سڌ
ھئي! ھو شادي ڪري وڃي سکي تھ ٿئي ھا، پر ھن جا
ماءُ پيءُ ڏينھن ڏسن ھا! جنھن ڳالھھ ھن جي دل ۾
شاديءَ لاءِ ۽ خان بھادر لاءِ ڌڪار پيدا ڪري ڇڏي،
ھو اھڙي بيوقوف ڪين ھئي، جو شاديءَ جي معاملي ۾
پنھنجي ماءُ پيءُ سان بحث ڪري ھا، جا ڳالھھ اوھين
ڪڏھن ڪين مڃو ھا! تنھنڪري ھن ڏٺو اھا شادي ڪنھن
بھ حال ۾ نھ ٿيڻ گھرجي، ھن خيال ھن جي طبيعت تي
ايترو تھ اثر ڪيو جو ھن کي بدنامي جو خيال ئي نھ
رھيو تھ ھو ڇا ڪري رھي آھي، تنھن کان سواءِ اوھان
لاءِ ھن جي پريم ھن کي ملامت ڪئي. جڏھن ھن جا
پوڙھا ماءُ پيءُ ھن جي لاءِ ٻليدان ڏيئي سگھن ٿا،
تڏھن ھڪ جوان ڄماڻ ڌيءَ ائين نٿي ڪري سگھي! سندس
انھيءَ اندر جي آواز کيس فراريت اختيار ڪرڻ تي
مجبور ڪيو ۽ سندس ناتجربي ڪاريءَ کيس تڪليف ۾
وجھي ڇڏيو.
غلام محمد: ڀلا ڊاڪٽر! اھو تھ ھن پاڻ ڪيو، پر ھي دماغ جو خراب
ٿيڻ، تنھنجو بھ تھ ڪو ڪارڻ ھوندو.
ڊاڪٽر: ڇو نھ! خان بھادر جي شڪ ۽ اوھان جي تڪليف جي خيال اڳي
ئي ھن جي دماغ تي اھڙو اثر ڪيو جو ھن جو دماغ
منجھي پيو ھو، تنھنڪري ھو صحيح فيصلو نھ ڪري سگھي
۽ جڏھن فرار ٿي نڪتي تھ دماغ ايترو مائوف ٿي ويل
ھوس جو پئسو ڏوڪڙ کڻڻ بھ وسري ويس، جڏھن ٽڪيٽ
ڪليڪٽر جي مصيبت مٿانس اچي ڪڙڪي ۽ ڏٺائين تھ ھاڻي
ناموس وڃڻ م دير ئي ڪانھي تھ سندس طبيعت خود سند
سھائتا ڪئي ۽ ھوءَ بيھوش ٿي، ۽ پنھنجو دماغي توازن
وڃائي ويٺي.
ڊاڪٽر صاحب جي انھيءَ نفسياتي سمجھاڻيءَ مون کي اچرج ۾ وجھي
ڇڏيو ۽ غلام محمد جي انھيءَ معاملي ۾ آئون وڌيڪ
دلچسپي وٺڻ لڳس. ڊاڪٽر کي چيم تھ ”ڊاڪٽر صاحب! اھو
سڀ ڪجھھ ٺيڪ پر اسين اصل حقيقت کان وڃي پري پيا
آھيون! اوھان جيڪي ڪي فرمايو آھي، برابر سمجھھ ۾
اچڻ جھڙيون ڳالھيون آھن پر نيٺ پريم نوران جي
بيماريءَ جو ڇا ٿيندو؟ انھيءَ بابت اوھان اڃا ڪجھھ
ڪين ٻڌايو آھي!“
ڊاڪٽر: (مشڪندي) پروفيسر صاحب! اوھان ڏٺو ڪين تھ نوران جي دماغ
تي ڪيترو نھ بار ۽ ڇڪ ھئي، جڏھن پھريائين ھوءَ
اسپتال آئي ھئي اھو تاڻ ماءُ پيءُ جي ڳالھين ۽
ٽرين ۾ جيڪي ٿي گذريو ھو، اھو سڀ ان جو سبب ھو، پر
جڏھن ھن پنھنجن مائٽن کي ڏٺو تھ اوھان ڇا چيو
ھوندو تھ ڪيئن ھن ٺاپر جو ساھ کنيو ھو ۽ ڊوڙي
پنھنجي ماءُ کي چنبڙي ھئي، اھا ھڪ سٺي نشاني ھئي،
پر مون ڏٺو تھ متان انھيءَ جذبي ۽ جوش جو ڪو خراب
اثر ٿئي، تنھنڪري کيس ننڊ جي سئي ھڻي سمھاريو تاڪھ
جڏھن سمھي اٿي تھ ممڪن آھي تھ سندس حالت سڌريل
ملي.
غلام محمد: ڊاڪٽر صاحب! جيڪڏھن سڌريل حالت نھ ھوندي تھ پوءِ؟
ڊاڪٽر: ممڪن آھي تھ حالت سڌريل نظر بھ اچي، پر مون کي اميد آھي
تھ جيڪڏھن بجليءَ جو علاج ڪيو ويندو تھ ٺيڪ ٿي
ويندي.
پريم نوران جڏھن سجاڳ ٿي تھ سندس حالت اھڙي نھ ھئي، جيئن ڊاڪٽر
صاحب ٿي گھريو، تنھنڪري مھينو کن بجليءَ جي علاج
کان پوءِ ٺيڪ ٿي وئي ٧ جڏھن کانئس ڊاڪٽر صاحب پڇيو
تھ ھن سربستو احوال ڪري ٻڌايو تھ جڏھن ماءُ پيءُ
جون ڳالھيون ٻڌائين تھ ھن جي من ۾ انيڪ قسم جا
خيال پيدا ٿيڻ لڳا ۽ ھن جي حساس طبيعت کي ھڪ سخت
ڌوڏو آيو ۽ اھڙي شاديءَ کان ھن جي طيبعت ۾ بڇان
پيدا ٿي، جنھنڪري ھن جا ماءُ پيءُ تڪليفن ۾ پئجي
وڃن، پر جڏھن ٽڪيٽ بابو ھن کي چيو تھ ھو ھن کي
پوليس جي حوالي ڪندو تھ بي عزتيءَ جي ڊپ کان ھن جي
دماغ کي اھڙو جھٽڪو آيو جو ھوءَ بيھوش ٿي وئي.
پريم نوران چڱي ڀلي ٿي سکر پھتي. خان بھادر جي پٽ سان شادي جو
معاملو ختم ٿي ويو، پر ٿورن ڏينھن کان پوءِ
پروفيسر سان شادي جو معاملو فيصل ٿيو جو نوران بھ
خوشيءَ سان قبول ڪيو.
ويساھ گھاتي
چرين جي اسپتال جي چارج وٺندي مس چار مھينا ٿيا ھئا، ھڪڙي ڏينھن
ڏاڍي ويچار ۾ ويٺي سوچيم تھ اسپتال جو ڪم ڪھڙي طرح
سھڻي ريت ھلائجي جو اسپتال جو نالو ٿئي، من ۾ ھڪڙا
منصوبا پئي ٺاھيم تھ ٻيا پئي ڊاٺم. ايتري م ڏسان
تھ جمعدار فائلن جو ھڪ وڏو ٿھو کڻي اچي نڪتو،
فائلن کي ميز تي رکي سلوٽ ڪري چوڻ لڳو ”صاحب!
ايندڙ مھيني ڏوھي چرين جي رپورٽ موڪلڻي آھي،
تنھنڪري ھينئر کان وٺي فائلن جو اڀياس ڪندا ۽
بيمارن جي چڪاس ڪري انھن تي نوٽ ھڻندا ھلو تھ مس
اڳين مھيني ڪميٽيءَ جي اڳيان پنھنجي رپورٽ
گورنمينٽ ڏانھن موڪلڻ لاءِ پيش ڪري سگھندا، اھا
رپورٽ ڪنھن بھ حالت ۾ ضرور گورنمينٽ ڏانھن موڪلڻي
آھي.“
آئون نئون ھوس، مون کي انھن ڳالھين جي ايتري خبر نھ ھئي تنھنڪري
جمعدار کان پڇيم تھ ڏوھي چرين جي رپورٽ ڇا ٿيندي
آھي؟ تنھن تي جمعدار چيو تھ:
”صاحب! اھي چريا، جن ڪو قانوني ڏوھ ڪيو آھي، جھڙوڪھ چوري يا خون
وغيره ڪرڻ. انھن تي جيسين ڪيل ھلي ڪو فيصلو ٿئي،
تنھن کان اڳي ھو چريا ٿيو پون، تنھنڪري بنا ڪيس
ھلائڻ جي انھن کي علاج لاءِ چرين جي اسپتال اماڻيو
ويندو آھي. ھر سال انھن جي رپورٽ موڪلي ويندي آھي
تھ اھي ھاڻي ٺيڪ آھن يا اڃا چريا آھن. جيڪڏھن ٺيڪ
ھوندا تھ انھن کي واپس جيل موڪليو ويندو، جتان اھي
آيا ھئا ۽ پوءِ انھن تي ڪورٽ ۾ باقاعده ڪيس ھلندو،
پوءِ ڇٽن يا سزاياب ٿين.“
مون جمعدار کان پڇيو تھ، ”اھا ڪھڙي ڪميٽي آھي جھن جي اڳيان اھا
رپورٽ گورنمينٽ کي موڪلڻ لاءِ پيش ڪجي ٿي.“
جمعدار چيو تھ ”صاحب! اھا ساڳي ڪميٽي آھي جا عام طرح ھر مھيني
سڏائي ويندي آھي ان ۾ گھڻو ڪري ڪيلڪٽر صاحب سيشن
جج، سٽي مئجسٽريٽ ھليٿ آفيسر ۽ سول سرجن گھرائبا
آھن، گھڻو ڪري اھي سڀئي صاحب حاضر رھندا آھن ڇاڪاڻ
تھ اھا ميٽنگ نھايت اھم ھوندي آھي.“
جمعدار مون کي ڳوڙھي ويچار ۾ ڏسي وري چوڻ لڳو: ”صاحب ھڪ ٻن
فائلن جو اڀياس ڪريو جڏھن اھو پورو ڪري لاھيندا تھ
اھي ساڳيا بيمار چريا آئون اوھان جي اڳيان
آڻيندس. انھن سان چڱي طرح ڳالھائي ٻولھائي تپاس
ڪري ان جي فائيل تي نوٽ چاڙھي پنھنجو فيصلو لکو تھ
اڃا چريو آھي تھ نھ. پوءِ اھو فائيل ميٽنگ جي
ڏينھن ڪميٽيءَ جي اڳيان رکبو، ڪميٽي وري چرئي کي
تپاسيندي ۽ سوال ڪندي ۽ پاڻھي اوھان جي صحيح فيصلي
جي پٺڀرائي ڪندي. ھر ھڪ چرئي جي جدا رپورٽ ٺھندي
جنھن ۾ اوھان جو رايو ۽ ڪميٽي جي پٺڀرائي لکي
ويندي، سڀني جي اھا رپورٽ گڏ ڪري پوءِ گورنمينٽ
ڏانھن موڪلي ويندي.“
چاليھن کان بھ مٿي ڏوھي چريا ھئا، جن ۾ ڪن تي چوريءَ جو، ڪن
تي ڌاڙي ھڻڻ جو ۽ ڪن تي خون جو الزام ھو، آئون روز
ٻھ کن فائل پڙھي اھي چريا گھرائي چڱي طرح تپاس
ڪري، انھن سان سوال جواب ڪري پنھنجا نوٽ انھن
فائلن تي چاڙھيندو ويندو ھوس، ٽن ھفتن ۾ مون سڀئي
فائل ۽ چريا ڏسي پنھنجو ڪم ختم ڪري ورتو، ھڪ ايسر
نالي تي مون کي ڪجھھ شڪ ھو تنھنڪري جمعدار سان ان
بابت گفتگو ڪيم: ”ھي ايسر چريو سکر جيل مان آيل
آھي، مون کي ھن جي نموني مان شڪ پيو پوي تھ ڪٿي
ڪوڙ ڪري چريو تھ ڪونھ ٿيو آھي.“
جمعدار کلي جواب ڏنو تھ: ”صاحب! ايسر کي ھتي ٽيون سال آھي،
اوھان کان اڳي سپرنٽنڊنٽ ٻھ ڀيرا ھن کي چريو ظاھر
ڪري چڪو آھي ۽ ڪميٽي جا ميمبر بھ اھي ساڳيا ئي
آھن.“
ايسر گھڻو ڪري ڳالھائيندو ڪين آھي، ھر ھڪ سوال تي رڳو ڏسندو پيو
آھي، پر ھڪ ڳالھھ اوھان کي ٻڌائي ڇڏيان تھ ڪڏھن
ڪڏھن ھو ڳالھائيندو آھي، ليڪن ھن جو ڳالھائڻ ٻي
معنيٰ ۽ سمجھھ کان ٻاھر ھوندو آھي. اوھان فائل
پڙھي ضرور ڏٺو ھوندو تھ جنھن ۾ لکيل آھي: ”ھن
پنھنجي ٻار کي گھٽو ڏيئي ماري وڌو ھو.“
مون جمعدار کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي چيو: ”ھائو برابر!
انھيءَ ڳالھھ تھ مون کي وڌيڪ شڪ ۾ وڌو آھي! ڇاڪاڻ
تھ نفسياتي طور تي چريا پنھنجي اولاد کي ماريندا
ڪين آھن! چڱو جمعدار ھڪ ڳالھھ جو خيال رکجانءِ تھ
ڪڏھن ايسو ڳالھائڻ جي چت ۾ ھجي تھ مون کي خبر
ڏجانءِ.“
ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي گذري ۽ ڏوھي چرين جي رپورٽ پاس ڪري سرڪار کي
موڪلي وئي انھيءَ رپورٽ جي ٻن مھينن کان پوءِ
جمعدار ھڪڙي ڏينھن صبح جو ايسر کي مون وٽ وٺي آيو
۽ منھنجي ميز تي ڪي رنگين شيون رکي چيائين تھ
”صاحب! اھي شيون ايسر جي ڪوٺيءَ مان نڪتيون آھن.“
اسان جي اسپتال جو قاعدو آھي تھ اھڙي قسم جي ڪابھ عجيب و غريب
ڳالھھ ٿيندي آھي تھ ان جي خبر فورا سپرنٽينڊنٽ کي
ڏني ويندي آھي. مون ھڪ نظر ايسر جي چھري تي وڌي،
ڏٺم تھ ھراسيل نظر پئي آيو، يڪدم سمجھي ويس تھ ھي
سڀ ڪجھھ سمجھي رھيو آھي، نھ تھ شڪل مان خوف ڇو
ظاھر ٿئيس، کيس دلجاءِ ڏيڻ جي خيال سان اھي شيون
ھٿ ۾ کڻي جاچڻ لڳس. شيون ھيون ڏاڍيون خوبصورت،
نازڪ، ڪاريگري جو بھترين نمونو ۽ منجھن باريڪ ڪم
ڪيل ھو، منھنجي اچرج جي حد نھ رھي جو ڏٺم تھ ٽئي
شيون رنگين ھيو، ھڪڙو آستين جو، رڳو ھڪ بٽڻ ڳاڙھي
رنگ جو چوڪنڊو ھو جنھن جي وچ ۾ واڱڻائي رنگ جو
نقطو ھو. ٻي ھڪ ڪن والي ھئي جا گلابي رنگ جي نھايت
سھڻي ۽ منجھس باريڪ ڪم ٿيل ھو، جنھن مان ٺاھيندڙ
جي ڪاريگري ٿي معلوم ٿي. ٽيون قميص جو اڳيون بٽڻ
جو آسماني رنگ جو ھو پر ان جي مٿي تي سھڻي چٽسالي
ڪيل ھئي، مون جمعدار جو ڌيان ڇڪائيندي کيس چيو:
”واه جي ڪاريگري آھي! ڪھڙيون نھ سھڻيون شيون آھن،
جمعدار! اھي ايسر وٽ ڪيئن آيون؟“
جمعدار گلو صاف ڪندي، ٿورو ڊڄندي ڊڄندي چوڻ لڳو: ”صاحب! ملاقاتي
جيڪي ايندا آھن سي چرين کي اھڙيون شيون ڏيو ھليا
ويندا آھن.“
مون جمعدار جو جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ انھن شين کي غور سان
جاچڻ لڳس، ڏٺم تھ اھي سڀئي شيون ھڏي مان ٺھيل
ھيون، مون جمعدار کي چيو: جمعدار! تون ڀليل آھين!
اوھين پنھنجو ڪم خبرداري سان نٿا ڪريو. ھي سڀ شيون
ايسر جون ٺاھيل آھن! ڇا ايسر ٻيڙي پيئندو آھي؟“
جمعدار منھنجي ڳالھھ ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تھ ”ھا صاحب!
ايسر ٻيڙي ڇڪيندو آھي.“
آئون وري انھن شين کي جاچڻ لڳس ۽ جمعدار کي چيم تھ ڳولي ڪڍ تھ
اھو ڪھڙو سپاھي آھي جو ايسر کي رنگ ٿو آڻي ڏي، ٻن
ڏينھن جي اندر تو ڳولي نھ ڪڍيو تھ توکي آئون
سسپيند ڪندس.
ايسر ڏانھن مخاطب ٿي چيم، ”ايسر تون ڪو ڊپ نھ ڪر! توکي رنگ کپن
تھ آئون توکي وٺي ڏيندس، تو پنھنجو ڪم اڌورو ڪيو
آھي. بٽڻ، واليون ۽ ڪف جا بٽڻ پورا ڪري ڏي. مون کي
گھڻيون نينگريون آھن، ٺاھي ڏيندين؟ چڱو ڀلا ھاڻي
وڃ. ضرور ٺاھي ڏجانءِ، واه جو ڪاريگر آھين! ۽
جمعدار کي چيم: جمعدار! منھنجي طرفان صبح جو ايسر
کي چانھھ ۽ ماني روز ملڻ گھرجي.“
مون اھو ايسر کي دلجاءِ ڪرڻ لاءِ فريب ڏنو ھو، ھڪ ڳالھھ تمام
چڱي نموني سان ظاھر ٿي چڪي ھئي تھ ايسر جي دماغ م
ضرور فطور آھي ڇاڪاڻ تھ شيون جيڪي ٺاھيون ھئائين
سي سڀ نامڪمل ھيون. ٽن مختلف شين جي بدران ھو ھڪ
جوڙو والين جو ٺاھي ھا يا قيميص جي بدران ھو ھڪ
جوڙو والين جو ٺاھي ھا يا قميص جي ٽي بٽن يا ڪف
جا چار بٽڻ. ڪوبھ سيٺ پورو نھ ھو ۽ اھو عمل ھن جي
بگڙيل دماغي توازن جي گواھي ڏيئي رھيو ھو، پر مون
کي اڻ تڻ ھئي تھ ھن جو راز معلوم ڪريان.
ٻن ھفتن ۾ ايسر چار جوڙا والين جا، چار جوڙا ڪف جي بٽن جا،
ٻارھن قميص جا بٽڻ، چار نڪ جون ڦليون ۽ چار منڊيون
ٺاھي آيون، شيون ڏسي مون ھن جي ڏاڍي ساراه ڪئي
ڏاڍو خوش ٿيو. نيٺ ڪجھھ ڪجھھ ڳالھائڻ لڳو.
مون ڏاڍي احتياط سان کانئس پڇيو: ”ايسر مون کي ڏاڍو افسوس آھي!
تو جھڙو قابل ماڻھو، ائين پنھنجي ٻار کي گھٽو ڏيئي
ماري! توکي ڇا ٿيو ھو؟“
ڏٺم تھ انھيءَ چوڻ ايسر تي ڏاڍو اثر ڪيو، ھن جي چھري تي ھڪ رنگ
آيو ٿي تھ ھڪ رنگ لٿو ٿي. سمجھيم تھ ھن جي اندر ۾
ويڙھ ٿي رھي ھئي تھ جواب ڏيان يا نھ ڏيان؟ ھڪ ٻن
ڳيتن ڏيڻ کان پوءِ ھو چوڻ لڳو تھ ”صاحب! اوھان
جھڙو سمجھو ماڻھو بھ ائين چئي سگھي ٿو، ائين ڪيئن
ٿي سگھي ٿو تھ پنھنجي آنڊي کي ڪو پنھنجن ھٿن سان
گھٽو ڏيئي ماريندو؟“
مان: پر ايسر؟ ھي ثابت ٿي چڪو آھي تھ تو گھٽو ڏنو ھو.
ايسر ان جو مون کي ڪو جواب نھ ڏنو، رڳو الڪي سان مون کي ڏسڻ لڳو
آئون سمجھي ويس تھ وڌيڪ پڇندس تھ ھو ڪجھھ ڪين
ٻڌائيندو، اتي مون ملاقات ختم ڪري ڇڏي، سڄي رات
مون ايسر جي جواب تي غور پئي ڪيو. ڇاڪاڻ تھ مون
سمجھيو تھ ھن جواب ڏنو ھو پر سوال جي صورت ۾
”پنھنجي آنڊي کي بھ ڪو ھٿن سان گھٽو ڏيئي
ماريندو؟“ يعني پنھنجي ٻار کي ائين گھٽو ڏيئي ڪو
ڪين ماريندو آھي. نفسياتي تقاضا بھ اھائي آھي تھ
پنھنجي اولاد جو ساه ڪوبھ ائين نھ ڪڍندو. پر ايسر
ائين ڪيو ھو! تنھنجو مطلب تھ ٻار ايسر جو نھ ھو،
انھيءَ ڀيد جو پتو سواءِ ايسر جي ٻيو ڪونھ ڏيئي
سگھي ھا، پر ايسر اھو راز ٻڌائي پنھنجي جان ڪيئن
ڦاسائي ھا. اھا ڳالھھ منھنجي لاءِ ڏکي ھئي تھ ان
کان ڀيد ڪيئن ڪڍان. ٻھ چار ڏينھن ان کي ڇڏي ڏنم تھ
ائين نھ سمجھي تھ آئون ڪو آتو آھيان.
ھڪ ڏينھن کيس وري گھرائي مون ھن کي چيو: ”ايسر مون تنھنجي حالت
تي ڪھل ٿي اچي! چرين جي اسپتال جي زندگي توکي وڻي
ٿي؟ ڇا ائين سڄي ڄمار ھتي پيو ھوندين؟“
ڏٺم تھ ايسر ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ ھو! نيٺ مٿو مٿي ڪري ۽ ڏکويل
صورت بنائي چيائين: سائين! آئون ھتي ڏاڍو ڪڪ آھيان
۽ آزار ۾ آھيان! انھيءَ حياتيءَ کان تھ موت بھتر
آھي، پر ڇا ٿو ڪري سگھان!
مان: ھتان وڃڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ جيسين تنھنجو ڪيس ھلي فيصلو
نھ ٿيندو تون اتي ئي پيو ھوندي، ڇا توکي ٻار ٻچا
ياد نٿا اچن؟
ڏٺم تھ انھيءَ چوڻ ايسر کي تڙپائي ڇڏيو ۽ ھو وري ڪنھن ويچار ۾
پئجي ويو، موقعي کي ھٿان نھ وڃائيندي مون وري ايسر
کي چيو: توکي ھتان ڇٽڻ جو سولو رستو ڏيکاري سگھان
ٿو!
ايسر ڏاڍي پريشانيءَ مان منھنجي شڪل کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ ھن جي
چھري تي ھاڻي غم بدران ڊپ ڏسڻ ۾ آيو.
ايسر: ڪيس ھليو تھ آئون ڦاسي کائي ويندس.
مان: (ھمدردي سان) پوءِ اھڙو ڪم ڇو ڪيئي؟
ايسر: (غمگين حالت ۾) آئون مجبور ھوس، پنھنجي ھوش ۾ نھ ھوس.
ايسر جي چھري تي ھڪ نظر وجھندي سمجھي ويس تھ ھو سچ چئي رھيو
آھي، موقعو بھ سٺو ھو جو ھن جو راز معلوم ڪري
سگھجي، تنھنڪري ساڻس ھمدردي ڪندي چيم توکي اجايو
ڊپ آھي! ھڪڙو طريقو آ جو تون ڦاسي کان بھ بچي
سگھين ٿو تھ ھتان ڇٽي پنھنجي حياتي راحت ۾ گذاري
سگھين ٿو!
ايسر: اھڙي سرادي ڪرين تھ ٻچن کي دعائون ڏيندس.
مان: ھا! پر اھو مان تڏھن ڪندس، جڏھن تون مون کي پوري حقيقت کان
واقف ڪندين ۽ مان ڏسندس تھ تون منھنجي ھمدردي جو
پورو مستحق آھين.
انھيءَ تي ڏٺم تھ ايسر خوش نظر پئي آيو ۽ پنھنجو بيان ائين شروع
ڪيائين:
منھنجو نالو ايسر داس آھي، آئون اصل ۾ ڪنڊياري جو ويٺل آھيان
ھتي جا گھڻا ماڻھو ھوشيار ۽ پڙھيل ھوندا آھن، آئون
بھ ڪراچي جي ڪاليج ۾ پڙھندو ھوس. جھڙو ڪاليج جو
وايو منڊل ھوندو آھي، آئون بھ آزاد خيال ھوس ۽
ڇوڪرين جي آزاديءَ جو بھ رکپال، تنھنڪري مون ڪاليج
جي ھڪ آزاد ڇوڪريءَ سان جا اصل ۾ سکر جي ويٺل ھئي،
وھانءُ ڪيو، مون کي گھمڻ جو گھڻو شوق ھوندو ھو،
تنھنڪري ھميشھ پنھنجي استريءَ کي بھ گڏ وٺي ويندو
ھوس، تاڪھ ھوءَ بھ جابجا سير ڪري، طرح طرح جي
ماڻھن سان ملي. خيالن جي مٽا سٽا ڪري زماني جو
تجربو حاصل ڪري. جا ڳالھھ ھڪ تعليم يافتھ استريءَ
لاءِ آئون ضروري سمجھندو ھوس، منھنجو ڪم ٺيڪن کڻڻ
جو ھو. گھڻو ڪري ريلوائي ۽ رستن ٺاھڻ جا ٺيڪا
کڻندو ھوس. زماني ساز ماڻھو ھوس، آفيسرن سان ملڻ
جلڻ رکندو ھوس، تنھنڪري انھن ۾ ڏاڍي عزت ھوندي ھيم
۽ پنھنجي ڌنڌي مان ڏوڪڙ بھ خوب ڪمايم، ڇاڪاڻ تھ
زيردستن توڙي بالا آفيسرن کي ھميشھ خوش رکندو ھوس.
ھڪڙي ڏينھن اسٽيشن کان پرڀرو ريلوائيءَ جو وڏو
ٺيڪو مليو تنھنڪري پنھنجي استريءَ بملا کي بھ پاڻ
سان گڏ وٺي ويس تھ ڪم جو ڪم ۽ وندر جو بھ سامان ٿي
پوندو. آفيسرن سان ائين دوستي ھئي، تنھنڪري
انجنيئري بنگلو ملي ويو. جتي رھڻ لڳاسين، بنگلي جي
ويجھو آسپاس ڪو وڏو شھر يا ڳوٺ ڪونھ ھو، پري پري
ننڍا واھڻ ھئا، آسپاس رڳو مزورن جا جھوپڙا ھئا، جي
مون وٽ مزدوري ڪندا ھئا، مون وٽ ھڪ پراڻو ٻڍو نوڪر
ھو جو رسوئي ٺاھيندو ھو باقي ٿانو تپا ماڃڻ ۽ ڌوئڻ
جو ڪم مزدور عورتون اچي ڪري وينديون ھيون.
بملا جي عمر ويھن سالن کان مٿي ھئي، سندس مائٽ چڱي خاندان جا
ھئا ۽ نئين زماني جا ھوندي بھ جھوني تھذيب جا
زبردست حامي ھئا. ڇوڪرين جي تعليم جي فائدي ۾ ھئا،
پر ڇوڪرين جي آزاد خياليءَ جي بنھھ برخلاف. آئون
ٻين خيالن جو ھوس ۽ ساڳيو حال بملا جو ھو. ڪاليج
جي آزاد تعليم جي ڪري ماڻھن سان ملڻ ۽ ڇرڪندي بنھھ
ڪين ھئي. تنھنڪري ڪيترا ڀيرا گھمي مزدورن جو ڪم بھ
ڏسندي ايندي ھئي، اھڙي سنسان جڳھھ ۾ سواءِ ھڪ
ھارمونيم واجي، سکمڻي، تاش جي پتن ۽ ڪجھھ ماھوار
رسالن جي بملا وٽ طبيعت وندرائڻ جو ٻيو ڪو سامان
ڪونھ ھو. دل کولي ڳالھين ڪرڻ لاءِ بھ ڪو ڪونھ ھو.
آسپاس جي ڳوٺن مان يا مزدور زالن مان ڪڏھن ڪڏھن ڪي
زالون اچي ان وٽ نڪرنديون ھيون تھ ويھي چار چونڪ
ڪنديون ھيون. پر اھي غريب اڻ پڙھيل زالون کانئس
ڊڄنديون ھيون، تنھنڪري گھڻو ڪين اينديون ھيون.
ھوءَ گھٻرائجي ويندي ھئي تھ ھارمونيم کڻي وڄائيندي
ھئي ۽ ڳائيندي بھ ھئي تھ ڪڏھن رسالا کڻي پڙھندي
ھئي، پر جيستائين ڪو ٻڌڻ ٻڌائڻ وارو ھجي تھ انسان
جلد ڪڪ ٿي پوندو آھي! ساڳ حالت بملا جي بھ ھئي،
وڌيڪ بي چين ٿيندي ھئي تھ بندلي کان ٻاھر نڪري
ايندي ھئي ۽ سامھون باغ ۾ رنگ رنگ جا گل ڏسي انھن
سان کيڏندي ھئي، ڪڏھن ڪڏھن جيپ ۾ چاڙھي آئون ھن کي
پري پري پنھنجي ڪم تي وٺي ويندو ھوس، پر گھڻي گرمي
ھجڻ ڪري انڪار ڪندي ھئي ۽ آئون بھ کيس زور نھ ڪندو
ھوس، شام جو ھميشھ بيتابيءَ سان منھنجي موٽي اچڻ
جو انتظار ڪندي ھئي، اسين ٻئي گڏجي پھرين چانھھ
پيئندا ھئاسين ۽ پوءِ گھڻي دير کان پوءِ رسوئي
کائي سمھڻ جو خيال ڪندا ھئاسين.
ھڪڙي ڏينھن سورج آھستي آھستي الھندي پاسي افق تي پھچي ويو ۽ ان
جا ھلڪا ھلڪا ڪرڻا ھڪ ھڪ ڪري غائب ٿيندا ويا. مون
پري کان ڏٺو تھ بملا ورانڊي ۾ ھڪ آرام ڪرسيءَ تي
ويٺي ڪنھن ڪتاب جو اڀياس پئي ڪيو، مون سان گڏ موتي
رام اوسيئر بھ ھو، ھو اڄ ئي ھتي بدلي ٿي آيو ھو،
منھنجو نھ رڳو ذات ڀائي پر ڳوٺائي بھ ھو، موتي رام
ريلوائي جو اورسيئر ھو، مون سان چڱي دوستي ھوندي
ھيس، بلڪھ ھن جي ڪري مون کي ريلوائي جي ٺيڪن ۾
ڏاڍو فائدو پھتو ھو، تنھنڪري آئون ھن کي خوش رکڻ
لاءِ ڏاڍي ڪوشش ۽ خوشامد ڪندو ھوس، جنھن بنگلي ۾
آئون رھيل ھوس تنھن کان ٽي ميل پري انجنيئري آفيس
جي ڀر ۾ ھڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ اچي ٽڪيو ھو. ڳالھيون
ڪندي خبر پيم تھ ھڪ نوڪر ماني پچائڻ لاءِ پاڻ سان
وٺي آيو ھو، باقي ٻيو ڪم ڪار آفيس جو اردلي ڪندو
ھو.
ٽي سال کن ٿيا ھئا جو سندس استري گذاري وئي ھئي اڃا تائين ٻي
شادي ڪانھ ڪئي ھئائين، تنھنڪري گھر ۾ ان لاءِ ڪا
خاص دلچسپي نھ ھئي، جنھن حالت ۾ اڄ ئي ھتي پھتو ھو
تھ مون کيس ماني کائڻ جي دعوت ڏني ۽ اھو بھ خيال
ھوم تھ بملا سان بھ سڃاڻپ ڪرائيندومانس. ڇاڪاڻ تھ
ھوءَ بھ اٻاڻڪي گذاريندي ھئي، اسان جي پھچڻ تي
بملا اٿي بيٺي، مون موتي رام جي تعريف ڪئي ۽ چيو
تھ منھنجي ننڍي ڀاءُ وانگر آھي ۽ ٺيڪي جي ڪمن ۾
منھنجي ڏاڍي مدد ڪندو آھي. ٻيو تھ ڳائڻ ۾ بھ ڏاڍي
ڀڙ آھي. کاڌو کائي موتي رام بملا جي ھارمونيم
وڌائيندي ان کي بھ ڳائڻ لاءِ چيو. پھريائين شرم
وچان بملا نھ پئي ڳائي، ڳائي نيٺ ھمت ڪري ڳايائين.
موتيءَ ڏاڍي تعريف ڪيس تھ آواز سٺو اٿس، ٿوري
تعليم تي سٺو ڳائڻ سکي ويندي. مون موتيءَ تي زور
آندو تھ فرصت جي وقت تي بملا کي ڪجھھ نھ ڪجھھ
سيکاري. اھڙي طرح موتي رام روز اچڻ لڳو، پھرين
بملا حجاب کان سکڻ جي نھ پئي ڪري، پر منھنجي زور
ڀرڻ تي سکڻ لڳي ۽ ٿورن ڏينھن ۾ ھوشيار ٿيندي وئي.
آئون صبح جو ناشتو ڪري نڪرندو ھوس تھ ٺيڪي جي ڪمن
جي ڪري ٻپھريءَ جي مانيءَ تي ڪڏھن ڪڏھن نھ بھ پھچي
سگھندو ھوس، تھ شام جو موٽي ايندو ھوس. موتي رام
جي اچڻ ڪري بملا جي اٻاڻڪي ۽ اداسي دور ٿيندي وئي
۽ راڳ ۾ بھ ڏينھون ڏينھن قابل ٿيندي وئي ھن کي خوش
ڏسي منھنجو فڪر بھ دور ٿي ويو ۽ آئون وڌيڪ ٺيڪي جي
ڪمن کي ڏسڻ لڳي ويس، ڪڏھن ڪڏھن آئون ھڪ ھڪ ٻھ ٻھ
ڏينھن موٽي ڪين ايندو ھوس ۽ ٽيليفون تي موتي رام
کي چئي ڇڏيندو ھوس تھ رات نھ ايندس تھ ھو مھرباني
ڪري رات منھنجي بنگلي ۾ گذاري تھ جيئن بملا کي
منھنجي غير حاضري جي ڪري ڪنھن قسم جو ڊپ ڊاءُ نھ
ٿئي. اھڙي طرح منھنجي سادگي، بيوقوفيءَ ۽ شرافت جو
غلط فائدو وٺندو ويو، ٽي چار مھينا ائين گذري ويا،
ڪڏھن ڪڏھن تھ پري پري لائين تي نڪري وڃڻ جي سبب
ھفتي تائين موٽي اچڻ نھ ٿيندو ھو، ٻيو تھ مون کي
اطمينان ھو تھ موتي رام بملا جو سماءُ پيو وٺندو
ھوندو. ڏاڍو چڱو سماءُ پئي رکيائين! جو ڍيري گڏھھ
رکوال ھو. مون کي انھيءَ طرف خيال ئي نھ ويو ڇاڪاڻ
تھ منھنجو من صاف ھو ۽ ٻيو موتيرام مون کان چڱا
پئسا ڪمائيندو ھو، تنھنڪري مون کي ان ۾ ڪنھن قسم
جو گمان بھ نھ ھو. تان جو منھنجي نوڪر لکيو، ھڪ
ڏينھن منھنجو ڌيان ڇڪايو تھ ”بابو! ڇا ٿا ڪريو!
ڪجھھ ساڃھھ ڪريو! مون کي دال ۾ ڪارو نظر ٿو اچي.“
مون لکوءَ کي چيو ”ڇا ٿو چئين! بملا اھڙي زال نھ
آھي، ھن کي مون سان پيار آھي.“
لکوءَ جواب ڏنو تھ ”ٽن مھينن کان آئون ٻنھي ڄڻن کي پيو جاچيان
مون اوھان جو ۽ اوھان جي سرڳواسي پتا جو نمڪ کاڌو
آھي، ننڍو خواه وڏو اوھان وٽ ئي ٿيو آھيان، آئون
اھڙو بيوقوف نھ آھيان جو ڪا اجائي ڳالھھ پنھنجي
مالڪڻ جي برخلاف چوان.“
پھريائي مون موتيرام کي چوندي ٻڌو تھ ”ايسر داس ڏاڍو بي پرواھ
ماڻھو آھي جو توکي ائين اڪيلو ڇڏي راتين جون
راتيون غير حاضر ٿو رھي.
وري ھڪ ڏينھن مون کيس چوندي ٻڌو تھ ”بملا ڀڳوان توکي ڏاڍي سونھن
ڏني آھي ۽ پوءِ ھيٺان کان وٺي مٿي تائين چوڻ لڳو
تھ ”تنھنجيون اکيو ڄڻ ڪارا ڀوئنر! ۽ ڏس تھ سھي
اکيون اکين ۾ ملائي چوڻ لڳو، ”ڪھڙيون نھ نماڻيون
آھن؟ تنھنجي شڪل تھ .......... کي بھ مات ڪريو
ڇڏي؟ تنھنجا ڪارا وار ڄڻ ڪڪر آھن ۽ جنھن وقت تون
مشڪين ٿي تھ بجلي ڪريو پوي.“
اھو ٻڌندي ئي بملا ٽھڪ ڏيئي کلي چوڻ لڳي تھ ”موتيرام ڳائڻ تھ
سٺو ٿو ڄاڻين، پر اڄ پتو پيو تھ شاعري بھ ڄاڻين
ٿو.“
موتيرام مشڪندي چيو تھ ”ھڪ ڳالھھ ٻڌايان؟“
بملا مشڪي مٿو ڌوڻي ”ھائو“ ڪئي.
موتيرام چيو تھ ”دل برابر رکين ٿي، پر ڪٺن دل آھين!“
بملا ٿورو ڪاوڙجي چيس تھ ”تنھنجو مطلب؟“ ۽ پوءِ اٿي اندر ھلي
وئي لکو وڌيڪ چيو ”مون سمجھيو تھ بملا توھان کي سڀ
ڪجھھ ٻڌائي ڇڏيندي، تنھنڪري ماٺ ۾ رھيس، ٿورن
ڏينھن م کان پوءِ ڏٺم تھ ھو وڌيڪ ھڪٻئي سان ڇڙواڳ
نظر پئي آيا ۽ کل مسخري وڌندي پئي وئي! مون کي
موتيرام جو ھتي سمھڻ نٿو وڻي، اوھين مالڪ آھيو!
مون اوھان کي چتاءُ ڪري ڇڏيو آھي، جيئن وڻي تيئن
ڪريو!
مون سوچيو لکو اسان جي جھونو نوڪر ھو، ضرور ھن ڪجھھ ڏٺو آھي!
تنھنڪري مون کي خبردار ڪيو اٿس، مون بھ پنھنجي دل
۾ پڪو پرن ڪيو تھ ڇا ڳالھھ آھي ضرور معلوم ڪرڻ
گھرجي، تنھنڪري انھيءَ رات مانيءَ تي جڏھن
پوتيرام بھ ھو ڳالھھ ڪڍيم تھ سڀاڻي آئون لائين تي
تمام پري ٺيڪي جي ڪم جو سماءُ وٺڻ لاءِ وڃي رھيو
آھيان، شايد ٽي چار ڏينھن ٻاھر ھوندس، تنھنڪري
موتيرام ھميشھ وانگر بملا جي سنڀال رکج.
ٻئي ڏينھن لکوءَ کي سمجھائي ڇڏيم تھ رات جو دير سان موٽي ايندس،
تنھنڪري ماٺ ۾ دوازو کليو رکي ۽ ڪنھن سان ڳالھھ نھ
ڪري!
آئون ٻارھين بجي ڌاري رات جو موٽيس در کليو پيو ھو، آھستھ آھستھ
ڪري لکوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويس، ڏٺم تھ جاڳيو پئي، پڇا
ڪرڻ تي معلوم ٿيم تھ موتيرام بملا جي پاسي واري
ڪمري ۾ آھي، اسين آھستي آھستي پيرن جي آڱرين تي
ھلي اندر وياسين، ڏٺم تھ موتيرام جي ڪمري جو در
کليو پيو ھو! ۽ موتيرام ھوريان ھوريان بملا جي
ڪمري جو در کوليو، جو اندران بند نھ ھو، اندر ھليو
ويو! بملا بيھوش ستي پئي ھئي! کيس در ائين کليو نھ
ڇڏڻ کپندو ھو، موتيرام بملا کي ڳراٽڙي پائي اٿارڻ
لڳو، ھو گھٻرائي اٿي ويٺي! موتيرام پيار ڪندي پڇڻ
لڳو ”ڇا ڊڄي وئينءَ بملا؟“
بملا ڪروٽ موڙيندي کيس کٽ تي وھاريندي چيو تھ ”ڇا توکي آئي گھڻي
دير ٿي آھي؟ مون کي تھ ڏاڍي ننڊ اچي وئي ھئي!“
موتيرام ٿورو دل جھلي ھٻڪندي ھٻڪندي چوڻ لڳو: ”بملا! تو تھ
منھنجي دل قابو ڪري ورتي آھي، منھنجي ڪامنا آھي تھ
اسان کي ھاڻي ھتي وڌيڪ رھڻ نھ گھرجي، متان اسان جو
ڀيد کلي پوي! مون کي اڳي ئي شڪ ٿو پوي تھ لکوءَ کي
خبر پئجي وئي آھي، تنھنڪري اسان جي لاءِ مناسب
ائين ٿيندو تھ ڪنھن اھڙي محفوظ جڳھھ ٿي ڀڄي ھلون
جو اطمينان سان عيش عشرت جي حياتي گذاريون، مون سڀ
ڪجھھ بندوبست ڪري ڇڏيو آھي، رڳو تنھنجي اجازت
گھرجي. ايسر داس کي ٻھ ٽي ڏينھن اچڻ ۾ لڳندا ۽ لکو
ستو پيو ھوندو، تنھنڪري اٿ تھ ماٺ ڪري بائسڪائڪ تي
چڙھي توکي پنھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن وٺي ھلان، جتان
رواني ٿيڻ جو مون سمورو بندوبت پڪو ڪري ورتو آھي.“
مون سموري گفتگو دريءَ جي اوٽ ۾ بيٺي ٻڌي، موتيرام جو ھڪ ھڪ لفظ
تير وانگر مون کي دل ۾ پئي لڳو، پر مون صبر کان ڪم
ورتو ۽ گھريم ٿي تھ بملا جو حال بھ معلوم ڪريان،
ڏٺم تھ بملا گھٻرايل ھئي، تنھن ھوندي بھ ھمت ڪري
کٽ تي اٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي تھ ”موتيرام تنھنجو مغز
تھ جاءِ تي آھي، چئين ڇا ٿو؟“ مون کان وڏو اپراڌ
ٿيو جو تنھنجي راڳ تي موھت ٿي ۽ تنھنجي سڻڀين
ڳالھين ۾ ڦاسي مون اھو ڪيو جو مون کي نھ ڪرڻ کپندو
ھو، پر الائي اھو ڪھڙو جادو ھو جنھن مون کي ٿيڙي
ڇڏيو، ايسر داس کي آئون ئي چاھيان ٿي! ھو ئي
منھنجو سڀ ڪجھھ آھي! تنھنجي حيثيت ئي ڪھڙي آھي، جو
مون کي ڀڄي ھلڻ لاءِ ٿو چوين.“ منھنجو جيون ناس
ڪرڻ ٿو گھرين! آئون اھڙو ڪڌوڪ ڪم ھرگز نھ ڪندس.
موتيرام چوڻ لڳو تھ ”ايسر داس کي خبر پئجي وئي تھ ڇا ڪندينءَ؟
ھو لت ھڻي ٻاھر ڪڍندءِ! منھنجي ڳالھھ مڃ! مون سان
ھلي سکي رھندينءَ.“
بملا ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو تھ ”ڪجھھ بھ ٿي پوي آئون
ڪونھ ھلندس، تون ھتان ھينئر جو ھينئر ھليو وڃ.“
ڏٺم تھ موتيرام کيسي مان ھڪ وڏو چاقو ڪڍي کيس ڊيڄاري چوڻ لڳ،
”ھلين ٿي يانھ؟ نھ تھ ھينئر ئي آنڊا ٻاھر ٿو ڪڍين
رکان.“
منھنجو جسم ڪاوڙ کان ڏڪي رھيو ھو مون يڪدم پنھنجو پستول سنڀالي
دريءَ مان موتيرام ڏي نشانو وٺندي رڙ ڪري چيو:
”بدمعاش ڦٽو ڪر چاقو، نھ تھ ھينئر ٿو ساھ
ڪڍانءِ.“ اھو چئي مون فائر ڪيو، پر لو جو منھنجي
پٺيان بيٺو ھو تنھن منھنجو ھٿ کڻي مٿي ڌڪيو! گولي
وڃي ڇت ۾ لڳي، موتيرام ان جو فائدو وٺي ٽپ ڏيئي در
مان ڀڳو. آئون ان جي پٺيان وڃڻ وارو ھوس تھ لکوءَ
مون کي جھليندي روڪيو، ”ڇا ٿا ڪريو! عقل کان ڪم
وٺو.“
موتيرام اھڙو ڀڳو جو وري نوڪري تي ئي نھ آيو، ٻئي ڏينھن بملا
کي سندس مائٽن ۾ ڇڏي آيس، گھڻي ئي ڪوشش ڪيم پر ڪم
تي دل نھ پئي لڳي، نيٺ پنھنجي خاص ماڻھوءَ کي
ٺيڪو سپرد ڪري ھندوستان ھليو ويس، ڪڏھن بمبئي،
ڪڏھن مدراس تھ ڪڏھن ڪلڪتي، سڄو سال ائين در بدر
رلندو رھيس، مون کي آرام نھ پيو اچي، جنوني حالت
ٿي وئي.
دوستن گھڻو ئي علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ورتي، پر فائدو نھ ٿيو،
نيٺ مون کي زبردستي گھر اماڻيائون. جڏھن سکر پھتس
تھ حالت وڌيڪ خراب ٿي جنھن جو وڏو ڪارڻ اھو ھو جو
بملا کي ٽن مھينن جو ٻار ھو، ٻار کي ڏسندي مون
سمجھي ورتو تھ اھو ٻار منھنجو نھ آھي، آئون پنھنجي
وس ۾ نھ ھوس، ان کي گھٽو ڏيئي پورو ڪريم ڇڏيم،
پوليس اچي وئي، ٿورن ڏينھن جي ڀڇا ڳاڇا کان پوءِ
چرين جي اسپتال ۾ موڪليو ويس، ھاڻي اوھان جي شرن
اچي پيو آھيان! جيئندان ڏيو يا ماري ڇڏيو.“
ايسر داس جي ڪھاڻي ٻڌي مون کي ڪھل اچي وئي تنھن کان سواءِ ھن جو
ڪيس بلڪل صاف ھو، ڇاڪاڻ تھ ٻار جي خون ڪرڻ وقت يا
قن کان اڳي ھن جو دماغي توازن ٺيڪ نھ ھو، تنھنڪري
جنھن وقت ھن خون ڪيو، ھو ذميوار نھ ھو، مون ھن کي
سمجھايو تھ جيڪڏھن ھن جو وڪيل انھيءَ نقطي تي ڪيس
ھلائيندو تھ ھندوستان جي دوستن جي شاھدي ۽ سکر جي
ماڻھن جي شاھدي تي ھو ڦاسي کان بچي سگھي ٿو، بلڪھ
ڇٽي بھ سگھي ٿو. |