جنھن ڏينھن سليمان وڃڻو ھو، فاطمھ انھيءَ سانجھيءَ جو عجب
ڪشمڪش جي عالم ۾ ھئي، ھوءَ ڪنھن گھري ويچار مغموم
ويٺي ھئي. مون کان ھن جي اھا حالت ڏٺي نٿي. مون
پنھنجي دل سخت ۽ مضبوط ڪري فاطمھ سان گفتگو شروع
ڪئي تھ ”جيڪي ٿيو سو ٿيو ھاڻي ان تي رنج ۽ غم ڪرڻ
مان ڇا ورندو. باقي ھر ڪو ماڻھو جو لڙائيءَ تي وڃي
ٿو، سو ھروڀرو مارجي نٿو وڃي، پر جيڪڏھن ائين کڻي
ٿئي بھ، تھ اھا ھن شخص جي خوش قسمتي چئبي، ڇا! تون
ڪجھھ وقت تائين ھڪ اھڙي بھادر سپاھيءَ جو انتظار
نھ ڪنديءَ جو جنگ جي ميدان مان فتح مند ۽ ڪامران
ٿي پنھنجي ڳوٺ موٽي اچي؟“
فاطمھ پنھنجو منھن مٿي ڪري منھنجي طرف ڏسي چيو، ”اوه! موت جي
گھڙيءَ تائين ان جو انتظار ڪندس، پر سليمان اھڙو
سگھارو نھ آھي جھڙو تون، ٻيو تھ ڪنھن جگري دوست جي
قريب ھجڻ کان سواءِ ھو اڪيلو ھوندو. ڪاش! تون بھ
ھن سان گڏ ھجين ھا.“
مون پنھنجي جذبات کي روڪيندي زور سان ٽھڪ ڏيئي کلندي چيو تھ
”ڇا! تون گھرين ٿي تھ مان بھ فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃان ۽
سليمان سان وڃي گڏجانن.“
فاطمھ منھنجي اکين ۾ اکيون کپائي رڳو مٿو ڌوڻي ھا ڪئي، ٻئي
ڏينھن آئون بھ وڃي ڀرتي ٿيس ۽ مون ڪوشش ڪري سليمان
واري يونٽ ۾ پاڻ کي داخل ڪرايو. مھيني کن کان پوءِ
منھنجو بھ يورپ يورپ وڃڻ جو وارو آيو. فاطمھ اکين
۾ پاڻي آڻي مون کي بھ رخصت ڪيو ۽ چيائين تھ
”سليمان جي سنڀار لھج ۽ ھن جو ڏاڍو خيال رکج.“
يورپ ۾ مون کي ھڪ سال پوءِ ھڪ لڙائي ۾ سخت زخم رسيا، انھيءَ مھم
۾ بھادريءَ لاءِ مون کي ملٽري ڪراس مليو ھو، آئون
زخمي ٿي گھر موٽي آيس ۽ ڳوٺ ۾ رھڻ لڳس، اتي فاطمھ
سان روز ملاقات ٿيندي ھئي ۽ سليمان بابت اسان ٻنھي
۾ ھميشھ گفتگو ٿيندي رھندي ھئي. ڪيترن ڏينھن تائين
سليمان بابت ڪجھھ بھ ٻڌڻ ۾ ڪين آيو، اھا بھ خبر نھ
پئي تھ ھو جيئرو آھي يا مري ويو. وري ٽنڊي يوسف
جھڙي ڳوٺڙي۾ ڀلا اسان جھڙن غريبن کي ڪير ٿو خبر
رسائي، ڪير ٿو پڇي؟ آئون ھر ھفتي ملٽري آفيس مان
خبرچار لاءِ ويندو ھوس، پر ڪا خبر نھ ملندي ھئي،
ھجي تھ ملي!
فاطمھ پنھنجي پوڙھي چاچي سان گڏ ھڪ ڪکائين جھوپڙي ۾ رھندي ھئي ۽
صبح سانجھي انھيءَ ھندوءَ جي باغ ۾ ڪمائڻ لاءِ
ويندي ھئي ۽ ڏاڍي محنت ۽ مشقت ڪندي ھئي، جڏھن بھ
آئون ھن کي ڏسندو ھوس تھ ھو باغ ۾ ڪمين وانگر ڪم
ڪندي ھئي، تھ منھنجي دل اندر ۾ ھن لاءِ روئندي
ھئي، آئون ھن کي چوندو ھوس تھ ”اڪيلي عورت لاءِ ڇا
اھو ضروري آھي تھ ھوءَ رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ
ايتري محنت ڪري جو پڇاڙي ۾ ھڪ ھڏن جو پڃرو وڃي
بچي.“
تنھن تي مون کي جواب ڏنائين تھ ”ڇا تون سمجھين ٿو تھ مون کي
رڳو پنھنجي لاءِ ايترو ساجھر آڻڻو ۽ ايتري دير سان
ڪمھلو سمھڻو پوي ٿو؟ ھرگز نھ! بلڪھ منھنجي اڳيان
ھڪ مقصد آھي، آئون في الحال ڏوڪڙ ميڙي رھي آھيان
تھ جڏھن سليمان لڙائي تان موٽي ايندو تھ اھي پئسا
اسان کي ڪم ايندا، اھوئي سبب آھي جو مون کي صبح
سانجھي ايتري محنت ڪرڻي پوي ٿي.“
ڏينھن گذرندا ويا، سليمان جي اڃا ڪير خبر نھ آئي، پر فاطمھ وئي
محنت ڪندي ۽ پئسا گڏ ڪندي، ھو خاموش نظر اچڻ لڳي ۽
ڏينھون ڏينھن ھن جو رنگ ويو پيلو پوندو. آئون آئون
سنگدل نھ ھوس جو ھن جي دل تان سليمان جي ياد ميٽڻ
جي ڪوشش ڪريان ھا، ممڪن آھي تھ ائين ڪرڻ ۾ ناڪام
ٿيان ھا، ھن کي اھڙي ھالت ۾ ڏسي منھنجو اندر پاڻ
پئي جھريو.
نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھو واپس موٽي آيو، ڪاش ھو لڙائي ۾ مري وڃي ھا،
اڄ ھن جي موٽڻ جو نظارو منھنجي اکين اڳيان پيو
ڦري. مئي جو مھينو ھو، ٻنيءَ جي پاسن تي بنفشي رنگ
جي غنيچن جا فرش وڇايا پيا ھئا، وڻن تان گلن ڪري
لوڙھن کي ڀري ڇڏيو ھو، آسمان تي ڪڪرن جو نالو نشان
بھ ڪين ھو ۽ سج پنھنجي پوري آب تان مان چمڪي رھيو
ھو، ڏکڻ طرف ٻنيءَ تي ائين پئي معلوم ٿيو تھ ڄڻ
سون جا ورق چاڙھا ويا آھن.
اڄ ڳوٺ جي ٻچي ٻچي جي وات ۾ اھائي وائي ھئي تھ سليمان لڙائي تان
موٽي اچڻو آھي، ڳوٺ جو ننڍو وڏو خوش ھو ڇاڪاڻ تھ
سليمان ھڪ خوش خلق ھو ۽ ھاڻي تھ ھڪ نامور ۽ بھادر
سپاھيءَ وانگر ميدان جنگ مان موٽي پنھنجي اباڻي
گھر واپس رھيو ھو. فاطمه جي حالت ڏسو تھ ڪپڙن ۾ نھ
پئي ماپي، ڪاڏي ويو سندس رنج ۽ غم تھ ڪاڏي ويو
سندس زرد رنگ. ڳوٺ جي گاھ ڪپيندڙ مزدورن کڻي
پنھنجا ڏانٽا ڦٽا ڪيا. بلڪھ ھر ڪنھن پنھنجو ڪم کڻي
بند ڪيو، ھارين ھر ڏيڻ ڇڏي ڏنو، ڌنارن بھ پنھنجون
ٻڪريون، مينھون ڀٽاريون کڻي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنيون تھ
ڀلي ڪٿي بھ وڃي چرن. اھڙي طرح ٻچا، جوان جماڻ،
ننڍا وڏا زالين مڙسين مطلب تھ سڄو ڳوٺ ڪم ڪار ڇڏي
سليمان جي استقبال لاءِ ٻني جي ھڪ پاسي ميدان ۾
اچي گڏ ٿيو ۽ انھن سڀني ۾ فاطمھ ھڪ راڻي وانگر
زالن ۾ پئي نظر آئي.
اسان ھن جي اچڻ جو ٻڌي، ڳوٺ جي ڇيڙي تي ريل جي ڦاٽڪ ڀرسان ھڪڙو
جھنڊو کوڙي ڇڏيو ۽ ھن جي لاءِ دھلن ۽ شرنائن سان
اتي بيٺا ھئاسين تھ جيئن ھو پھچي تھ ھن کي ھو
جمالي ڳائيندي، نچندي، دھلن ۽ شرنائين سان ڳوٺ وٺي
اچون. مون فاطمھ کي آھستي مبارڪباد ڏني ۽ چيو تھ
”فاطمھ خدا ڪري تھ مھيني جي اندر اندر اوھان ٻنھي
جو وھانءُ ٿي وڃي.“
ايتري ۾ پري کان ھڪ فوجي فپاھي ايندو نظر آيو، اسان سڀني گڏجي
خوشي مان الله اڪبر جو نعرو ھنيو، ھن بھ ھٿ مري
ڪري پري کان نعري جو جواب ڏنو، منھنجي ۽ فاطمھ جي
نظر ھڪ ئي وقت سليمان جي طرف پئي. فاطمھ تي ڄڻ تھ
موت جي ماٺ ڇانئجي وئي، ڇاڪاڻ تھ سليمان سان گڏ ھن
جي ساڄي پاسي ھڪ ضاعفان نظر پئي آئي، جنھن سان ھو
کلندو اڳتي وڌندو پئي آيو، ھاڻي ھوءَ زال صاف نظر
پئي آئي، ھن جون شيريون اکيون، اڇي چمڙي، سونا وار
۽ مغربي لباس مان صاف ظاھر ھوءَ تھ ھو ھڪ يورپين
زال آھي. اسان سڀني کي حيراني وٺي وئي ۽ ڪنن ۾
ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. آقي باقي جيڪو شڪ شبو ھو سو سڀ
تڏھن لھي ويو، جڏھن ھن پنھنجي ٽوپي ھوا ۾ لوڏيندي
اسان کي چيو تھ ”ھن شاندار استقبال جي لاءِ آئون
سڀني جو تمام گھڻو شڪر گذار آھيان، مون کي اميد
آھي تھ اوھين منھنجي ھن يورپي زال کي بھ خوش آمديد
چوندا.“
فاطمھ بھ اھي لفظ ٻڌا. ڪاش انھن لفظن جي بدران ھو فاطمھ جي سيني
۾ بڙڇي ھڻي ڪڍي ھا تھ بھتر ھو! ڊاڪٽر صاحب! خدا
کان دعا ٿو پنان تھ شل ھو شڪستھ دلي، رنج ۽ بيڪسي
جو اھڙو دردناڪ نظارو وري ڪڏھن بھ منھنجي نظرن
اڳيان پيش نھ ڪري. ماڻھو چون ٿا تھ آئون سخت دل
آھيان ۽ آئون ڀانيان ٿو تھ ائين سچ بھ ھجي، پر اھو
نظارو ايترو تھ رقعت انگيز ھو جو ان جي ڏسڻ سان
پٿر جي دل بھ ميڻ پنجيو ٿي پئي، منھنجو خيال ھو تھ
فاطمھ مورڇا ٿي پوندي، پر ھن جي اکين مان ھڪ ڦڙو
بھ نھ نڪتو، پھريائين تھ ھو وائڙي ٿي وئي، پوءِ
خالي نظرن سان منھنجو منھن تڪڻ لڳي ڄڻ تھ ھن ڪجھھ
سمجھيو ئي ڪين آھي، ھن پنھنجي ساڄي کاٻي ڏٺو. ڪاش
ان وقت ھن جو ساھھ نڪري وڃي ھا تھ چڱو ھو. ھن جي
وات مان ھڪ رڙ نڪتي ۽ پوءِ ھوءَ ميڙ مان ڀڄندي
نڪري وئي، ڪيترن مھينن تائين ھوءَ ھنڌ تي بيمار
پئي ھئي. آئون ھن کي روز صبح سانجھي ڏسڻ لاءِ
ويندو ھوس، ھو بيھوشيءَ جي حالت ۾ بڪندي ھئي ۽ چپن
۾ چوندي ھئي ”تو انجام ......... تھ ڏنو ھو.......
تھ اچڻ تائين ........ ترسجانءِ........ آئون
ترسيس........ محنت ۽ مزدوري ڪري...... ڏوڪڙ
ميڙيم......... تنھنجي لاءِ...... اڙي او
بيوفا..... تنھنجي لاءِ.“ پنھنجي حياتي ۾ ڪيترن
دردناڪ واقعن سان مون کي واسطو پيو آھي، ليڪن
ڊاڪٽر صاحب! ھن کان وڌيڪ دردناڪ واقعو نھ ڪڏھن ڏٺو
اٿم ۽ نھ ٻڌو اٿم. بيماري مان اٿڻ کان پوءِ فاطمھ
چري ٿي پئي ۽ ڪيترا ڏينھن ائين ڳوٺ ۾ رلندي ھئي،
مون گھڻا ئي علاج ڪرايا، ھن جي پٺيان فقير ٿي ويس،
پر فائدو نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو. نيٺ ھڪ ڏينھن
پوليس ھن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. آئون ھن کي ھتي
اسپتال ۾ ڇو ڏسڻ لاءِ اچان ٿو؟ ڊاڪٽر صاحب ڪنھن کي
ڇا ٻڌايان. مون ھن ھن جي غم ۾ اڃا تائين شادي نھ
ڪئي آھي..... اوھان کي جيڪي وڻي فيصلو ڏيو.....
شايد منھنجي بھ پڇاڙي اچي پھتي آھي.“
ڏٺم تھ ھن جي اکين مان پاڻي زارو قطار وھي رھيو ھو، ھي ڏک جو
داستان ٻڌي آئون حيران رھجي ويس، ڏٺم تھ منھنجي
اسسٽنٽ جون اکيون بھ پاڻيءَ سان ڇلڪي رھيون ھيون.
ھو ماٺ ڪري مٿو ھيٺ ڪري ڪمري مان نڪري ويو. فوجيءَ
کي مون چيو تھ اڄ ڀلي ھو فاطمھ سان ملاقات ڪري.
آئندھ لاءِ آئون ويچار ڪري کيس ٻن ٽن ڏينھن اندر
جواب ڏيندس. آئون حيران ۽ مونجھاري ۾ ھوس تھ
فوجيءَ کي ڪھڙي جواب ڏيان. نيٺ سوچي فيصلو پنھنجي
اسسٽنٽ تي ڇڏيم. جنھن فوجيءَ کي اچڻ جي ھميشھ لاءِ
اجازت ڏيئي ڇڏي.
سونو ھار
يارھن سوا يارھن مس لڳا، منھنجو دستور ھوندو ھو تھ پٽيوالي کي
چوندو ھوس تھ مون کي چانھھ ٺاھي آڻي ڏي، چانھھ جو
بندوبست مون اتي ئي پنھنجي آفيس ۾ رکيو ھو.
پٽيوالو ھميشھ ان وقت منھنجي چوڻ تي چانھھ ٺاھي
کڻي ايندو ھو. جمع جو ڏينھن بھ ھو، خيال ڪيم تھ
چانھھ پي آفيس جا ڪجھھ ڪاغذ صحيح ڪري پوءِ گھر
روانو ٿيان. جمع جي ڏينھن ھميشھ ٻارھين بجي آفيس
جو ڪم لاھي گھر ويندو ھوس جو انھيءَ ڏينھن آفيس اڌ
ڏينھن بند رھندي ھئي ۽ وري جمع نماز جي تياري بھ
ڪرڻي ھئي. اڃا چانھھ پي رھيو ھوس تھ جمعدارڻ
سھڪندي سھڪندي ڪمري ۾ گھڙي آئي، ھن کي اھڙي ھالت ۾
ڏسي پڇيم، تھ ”خير تھ آھي جو سھڪندي پئي اچين؟“
جواب ڏنائين تھ، ”سائين مڙيئي خير آھي، پر رضيھ
اوھان کي ياد ڪيو آھي ۽ ڏسڻ ٿي گھري.“ پڇيومانس تھ
”ڪھڙي رضيھ“ ڇوتھ اسان وٽ ساڳئي نالي جا ٻھ ٻھ ۽
ٽي ٽي بيمار بھ ھوندا آھن. منھنجي انھيءَ سوال تي
جمعدارڻ جواب ڏنو تھ ”صاحب! اھا ڪسبياڻي رضيھ.“
مون کي انھيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ ۾ چيومانس
تھ ”جمعدارڻ مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي تھ اھڙو
لفظ واتان نھ ڪڍندي ڪر، موت پويئي وائڻي ڇو نٿي
چئينس.“ جمعدارڻ گھٻرائجي وراڻيو تھ، ”حاضر صاحب!
اڳتي ائين ڪندس.“ مون کي اوچتو خيال آيو ھفتي کان
رضيھ بيمار ھئي، تنھنڪري متان سندس حالت ”خراب نھ
ھجي. انھيءَ ڪري سعيو ڪري پڇيومانس تھ ”رضيھ جي
طبيعت ڪيئن آھي؟“ جواب ڏنائين تھ ”صاحب! اڄ تھ
بلڪل ٺيڪ ٿي نظر اچي ۽ ڳالھائي بھ سنئون سڌو پئي.“
مون جمعدارڻ کي چيو تھ ”چڱو! تون ھل تھ آئون چانھھ
پي اجھو ٿو اچان؟ چانھھ پيئندي مون کي رضيھ جو ڏھن
سالن جو اڳيون واقعو اکين اڳيان ائين تري آيو جيئن
ڪنھن سينيما جي پردي تي تصويرن ھڪٻئي پٺيان
اينديون ۽ وينديون آھن.
ڏھھ سال ٿيا جو سرڪار وٽان ھڪ ضرور خط آيو ھو، جنھن ۾ لکيل ھو
تھ حيدرآباد جيل ۾ ھڪ قيدي آھي، جنھن کي ڦاسي جي
سزا ملڻي آھي ساٻڌڻ ۾ آيو آھي تھ بيمار ٿي پئي
آھي، تنھنڪري ھن جي دماغي حالت جو معائنو ڪري
سرڪار کي اطلاع موڪليان تھ ھن جو دماغ ٺيڪ آھي يا
نھ. خط ملڻ تي مون قيديءَ کي جيل ۾ وڃي ڏٺو ۽ شڪل
ھئڻ جي حالت ۾ سرڪار کي لکي موڪليم تھ مون کي قيدي
جي دماغي حالت ۾ شڪ آھي، تنھنڪري ھن کي جيل مان
ڦيرائي پاڳل خاني ۾ آڻي رکڻ گھرجي، تھ اتي روزانو
سندس چڪاس ڪري پورو رايو ڏياري موڪليان. ان لاءِ
مون ٻن ھفتن جي مھلت گھري ۽ سندس سڄي ڪيس جو نقل
بھ گھريم تھ ڏسان تھ ڪھڙي حالت ۾ کيس ڦاسيءَ جي
سزا ملي ھئي. ڪيس بابت سموري معلومات حاصل ڪرڻ
تمام ضروري ڳالھھ ھوندي آھي ڇاڪاڻ تھ ان مان اسان
کي خبر پوندي آھي تھ قيدي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪري پاڻ
کي چريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري يا سچ پچ چريو
آھي. قاعدو آھي تھ جيڪڏھن قيدي ڦاسي جي سزا اچڻ
کان پوءِ چريو ٿي پوي تھ پوءِ ھن کي ڦاسي نھ ڏبي
آھي جيستائين ڪھ اھو ثابت نھ ڪجي تھ قيدي چريو نھ
آھي. مون وٽ اھي ڪاغذ پھتا جنھن ۾ رضيھ جي سڄي ڪيس
جي ڪاروائي لفظ بھ لفظ ڏنل ھئي تھ انھن کي پڙھڻ
کان پوءِ منھنجي حيرت جي حد ئي نھ رھي.
ڏھھ سال ٿيا تھ رضيھ، جا ھڪ رنڊي ھئي تنھن ھڪ ٻائي کي پنھنجي
گھر ۾ جو چڪلي منجھھ ھو چاقوءَ سان پيٽ ڦاڙي خون
ڪري وڌو ھو. چاقو لڳندي ئي ٻائي جا آنڊا ٻاھر نڪري
آيا ھئا، پوليس ھن کي اسپتال کڻائي پئي وئي تھ واٽ
تي ئي دم ڏنائين. رضيھ تي ڪيس ھليو ۽ ڪيس ھلندي
جيڪو انڪشاف ٿيو سو نھايت حيرت انگريز ۽ ٻڌڻ وٽان
آھي.
رضيھ کان جڏھن ڪورٽ ۾ پڇيو ويو تھ تو ٻائي جو خون ڪيو تھ ھن
قبول ڪيو تھ مون برابر ائين ڪيو آھي. جڏھن جج ان
جو سبب پڇيس تھ ڇو؟ جواب ڏنائين تھ ھڪ گپلي ڀڳت جي
حرص ۽ ھوس جي شڪار کان مون پنھنجي عصمت بچائڻ لاءِ
ائين ڪيو. ڪورٽ ھن رنڊيءَ جي زبان مان اھڙو عذر
ڀلا ڪٿي ٿي ٻڌي، ھڪ وحشيا ۽ عصمت بچائي؟ ھن کان
جيڪي بھ سوال ڪيا ويا تن جو جواب ھن پوري طرح نٿي
ڏنو، بلڪھ ڪيترن سوالن جا جواب نٽائي ٿي وئي. رڳو
خون ڪرڻ واري ڳالھھ جو اقرار ٿي ڪيائين. جج نھايت
اچرج ۾ سڄي ڪاروائي ھلائي پوري ڪئي ۽ نيٺ پڇاڙيءَ
۾ پنھنجو فيصلو بھ ٻڌايائين جو ڦاسيءَ جي صورت ۾
ھو. ڦاسي ڏيڻ کان ڪجھھ ڏينھن اڳي ڏٺو ويو تھ رضيھ
چري ٿي پئي آھي، تنھنڪري سرڪار مون ڏانھن لکي
موڪليو تھ ھن جي چريائي بابت پنھنجو پورو رايو
ڏيان تھ ھن کي ڦاسي ڏني وڃي يا نھ. مون پنڌرھن
ڏينھن سانده تپاسڻ کان پوءِ سرڪار کي لکي موڪليو
تھ رضيھ واقيعي چري آھي. ڦاسيءَ جي سزا ملتوي ڪئي
وئي ۽ رضھ کي چرين جي اسپتال ۾ علاج لاءِ مون وٽ
رکيو ويو.
چانھھ پي جڏھن رضيھ وٽ پھتس تھ ڏٺم تھ کٽ تي ليٽي پئي ھئي. شڪل
مان تندرست نظر پئي آئي، مون کي ڏسندي ئي
کيڪاريائين ۽ چيائين ڊاڪٽر صاحب ھاڻي منھنجي
موڪلاڻي آھي. ھاڻي آئون پرلوڪ سڌارڻ واري آھيان،
پر مرڻ کان اڳي اوھان کان ھڪ وچن وٺڻ وٺڻ ٿي
گھران، منھنجو ھڪڙو ڪم آھي. اھو اوھين ڪندا؟
ھن جي اھڙي سوال تي ھن کي چتائي ڏٺم تھ ھن جي اڳي ۽ ھينئر
ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو فرق ھو. جيڪي ڳالھايائين پئي سو
بلڪل سالم دماغ ماڻھن جھڙو ھو. مون کي چيو تھ ھائو
ٻڌاءِ، پوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي سوڙ جي ھيٺان ھڪ سونو
ھار ڪڍي، جنھن ۾ لاڪٽ بھ لڳل ھو، مون کي ڏنائين،
آئون سونو ھار ڏسي وائڙو ٿي ويس. ڇاڪاڻ تھ اھڙيون
قيمتي شيون بيمارن کان وٺي اسان پنھنجي دفتر ۾
رکندا آھيون ۽ رجسٽر ۾ ان جي داخلا رکي ڇڏيندا
آھيون يا تھ اسپتال مان نڪرڻ وقت انھن کي ڏيندا
آھيون يا مرڻ کان پوءِ سندن مائٽن کي. ھار ڏيندي
مون کي چيائين تھ پرتگيا ڪريو تھ جتي چوندس اتي
ھار پڄائي ايندا، مون ساڻس وعدو ڪيو ۽ خاطري ڏني
مانس تھ دلجاءِ ڪري جتي چوندينءَ اتي اھو ھار
پڄائي ڏيندس. خاطري ٿيڻ کان پوءِ ڪجھھ وقت مون کي
ڏسندي رھي، نيٺ دل جھلي مون کي چيائين تھ، ڊاڪٽر
صاحب! جنھن جج منھنجي خون جو ڪيس ھلايو ھو تنھن کي
اھو ھار ڏجو، پر ٻئي ڪنھن سان ٻاڦ ٻاھر نھ ڪچجو تھ
اھو ھار مون اوھان کي ڏنو آھي، مون کي خبر نھ آھي
تھ ھاڻي جج صاحب جو نالو ڇا آھي. جيڪڏھن پڇا ڪري
تھ چئجوس تھ ھي ھار راڌا ڏنو آھي. ھن جون اھي
ڳالھيون ٻڌي آئون ويتر وڌيڪ حيران ٿيس ويس ۽ کيس
چتائي ڏسڻ لڳس تھ متان چريائي ۾ نھ ڳالھائيندي
ھجي، مگر مون کي ھن جي اکين ۾ نموني مان اھڙي ڪا
ڳالھھ نظر نھ آئي نيٺ وري پڇيومانس تھ راڌا ڪير
آھي؟ تھ اھو ٻڌي سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ گھگي
آواز ۾ جواب ڏنائين تھ؛ ڊاڪٽر صاحب! رضيھ ئي تھ
اھا بدنصيب راڌا آھي. اتي منھنجي دل ۾ خيال آيو تھ
برابر رضھ ئي راڌا ھوندي ڇاڪاڻ تھ سندس آواز ڦريل
ھو مسلمانن جھڙو نھ بلڪھ ھندن وانگر ھو. تنھن
ھوندي بھ مون کانئس پڇو تھ اھو ڀلا ڪيئن؟ تنھن تان
چيائين تھ ڇا ھن دکيا جي آتم ڪھاڻي ٻڌڻ گھرو ٿا؟
مرڻو تھ اونھين اٿم چڱو ڀلا ٻڌي وٺو، پر جج کان
سواءِ ٻئي ڪنھن کي نھ ٻڌائيندا.
آئون ڀائي گوبندرام آفريڪا واري جي ڌيءَ آھيان،
جڏھن ٻارھن ورھين جي مس ھيس تھ مھنجو پرڻو ٿيو،
مون تي ڀڳوان جو اھڙو ڪوپ ٿيو جو منھنجا ڀاڳ ڦٽا.
ٽن مھينن جي اندر منھنجي پتي جو مرتيو ٿي ويو ۽
آئون وڌوا ٿي ويس. منھنجي سھاڳ جا چوڙا ڀڃي
ڇڏيائون، آئون پيڪي اچي رھي ھيس پر اتي بھ سڀ مون
کي ڌڪار جي نظر سان ڏسڻ لڳا. سچ پڇو تھ منھنجو سڄو
جيون ناس ٿي ويو. مون ننڍي نيٽي اڳين جنم ۾ الاجي
ڪھڙو پاپ ڪيو ھو جو مون تي ھيءَ آپڌار پئي. ٻھ ٽي
سال ائين ڏکن ۾ گذري ويا، سڄي گھر جو ڪم ڪارڪندي
ھيس. جڏھن اڃا پندرھن ورھن جي مس ٿيس تھ ڀاڙي جو
ھڪ ڇوڪر ھميشھ ڪاليج ويندي مون سان مسخريون ڪندو
لنگھي ويندو ھو، جھڙو اڪثر ڪاليج جي شاگردن جو
سڀاءُ ٿيندو آھي. آئون کڻي ماٺ ڪندي ھيس جيتوڻيڪ
مون کي دل ۾ ڏاڍا خار لڳندا ھئا، آئون بھ نيٺ
انسان ھيس. ھن جي انھن چرچن مون تي اثر ڪيو،
منھنجي دل خود بخود ھن جي طرف ڇڪجي وڃڻ لڳي ۽ نيٺ
منھنجي اکر ھن سان لڙي وئي. ڪاغذ وغيرھ اچڻ لڳا،
ڏينھنون ڏينھن منھنجو ھن سان سٻنڌ ٿيندو ويو. گھر
۾ ڇڙٻن ۽ ٿڪ بجي منھنجي دل ٽوڙي ڇڏي ھي. پرماتاما
منھنجو ڪھڙو اپراڌ جو سڀئي مون سان ڪلور ڪري رھيا
ھئا. منھنجون جيون جانورن کان بھ بدتر ھو، ڇا آئون
انسان نھ ھيس؟ ڇا ماتا پتا جي ھردي ۾ مون لاءِ تر
جيترو بھ پريم نھ رھيو ھو؟ اھي ڀائر ڀينرون جن سان
گڏجي نپنيس، تن جي پريت جو ڪنول بھ ڪومائجي ويو ھو
ڇا؟ گھر جي ڀاتين جي اھڙي منور تي ڏسي منھنجي اندر
بغاوت ڪئي ۽ گھر جن ڏکن مون کي مجبور ڪيو. نيٺ
آئون سندر سان ھڪ رات ڀڄي نڪتيس. ڪراچي وڃي ساھھ
پٽيوسين ۽ اتي لڪي رھڻ لڳاسين. ڀانيان ٿي تھ ڇھھ
مھينا کن پاڻ ۾ گڏ ھئاسين، پريت ۽ پيار جي زماني ۾
سندر مون کي ھي ھار ٺھرائي ڏنو ھو، جو اسان جي
پھرين پيار جي نشاني آھي. ھن ھار ۾ جيڪو لاڪٽ آھي
تنھنجي اندر سندر جي تصوير آھي، ڪجھھ وقت کان پوءِ
مون گرڀ رھجي ويو، ھڪ ڏينھن سندر سان پنھنجو حال
ڇا اريم بلڪھ پنھنجي لاءِ وري مصيبت خريد ڪيم. سدر
بھ عمر جو ڪو وڏو ڪين ھو ٻار ھو منھنجي گرڀ جو ٻڌي
ڊڄي ويو. بس پوءِ تھ ٻئي ڏينھن مون کي ڇڏي ھليو
ويو، اھڙو ويو جو وري موٽي نھ آيو، سندر بنا آئون
ڏاڍي وياڪل ٿيس، نيٺ ٻيو چاڙھيو نھ ڏسي آپگھات ڪرڻ
جو ارادو ڪيم، ٻيو ڪري بھ ڇا ٿي سگھيس. ڪراچي جھڙي
شھر ۾ سندر کي ڪٿي ڳوليان ھا. گھران ٿورو بھ ٻاھر
ٿي نڪتس تھ آئي وئي جي اکين ۾ ٿي آيس، مون کي جوان
۽ سھڻي ڏسي لوفرن ستائڻ شروع ڪيو، الائي انھن کي
شڪ پيو تھ آئون ڀڄي آيل آھيان وري گھر موٽي بھ
ڪھڙي شڪل سان وڃان ھا موچڙا اڳي ئي ٿي سجھيم. نڪري
ساھرن ٿي وڃي سگھيس، نڪي پيڪي. مون لاءِ ھڪڙي واٽ
ھئي آپگھات. نيٽي جيٽي تي وڃي پاڻ کي سمنڊ ۾
اڇلايم موت ڀاڳ ۾ لکيل ھجي تھ اچي، تنھن مون کي
ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ منھنجي دکايل وارتا ٻڌي، مون
کي ھڪ ڳوٺ ۾ پاڻ سان وٺي آيو جتي ڪجھھ ڏينھن کان
مون کي ويم ٿيو ۽ پيٽ ڄائو. سال کن منھنجو وقت خير
سان گذريو ۽ ٻائو بھ مون تي ٻاجھھ جي نظر رکندو
آيو، مون سمجھيو تھ منھنجا ڀاڳ وريا آھن، جو اھڙو
ديالو پرش ھٿ آيو آھي، پر مون دنيا کي سمجھڻ ۾ وري
ڌوڪو کاڌو. ٻائو تھ نسورو ٻگلو ڀڳت ثابت ٿيو. سال
کن کان پوءِ ھن جي بھ منواتي ڦيرو کائي وئي ۽ ھو
سراسر بدنيت ٿي پيو، ھاءِ ڀڳوان! ھاڻي آئون ڇا
ڪريان اڳي تھ ھڪ ھيس تھ پئي تڳيس، ھاڻي تھ ھي ٻالڪ
بھ ھو، ھن کي ڪڏانھن ڪنديس، منھنجون پريشانيون وڌي
ويون. ٻائو ڏاڍو ڪو لچو ھو، سو زور زبردستيءَ تي
لھي آيو. پر مان ھمت ڪري پنھنجي سيتلتا ڪنھن نھ
ڪنھن بھاني سان بچائيندس رھيس ۽ ھن کي ٽاريندي
آيس. نيٺ ڪڪ ٿي ٻائو بھ پنھنجيءَ تي لھي آيو ۽ مون
کي دڙڪو ڏيڻ لڳو تھ جيڪڏھن سنئين واٽ تي نھ ايندس
تھ ھو منھنجي معصوم ٻار جو خون ڪندو. مون سمجھيو
تھ ٻائو رڳو مون کي ڊيڄاري پنھنجو مطلب پورو ڪرڻ
ٿو گھري، تنھنڪري مون ھن جي دڙڪي جو گھڻو خيال نھ
ڪيو، پر ھڪ رات ڪٿان چڪو پي آيو ھو تنھنڪري زور
زبردستي ڪرڻ لڳو، پر مون بھ ھڪ خوني شينھڻ وانگر
سندس مقابلو ڪيو. پنھنجي ڪامنا پوري نھ ٿيندي ڏسي،
نشي جي حالت ۾ منھنجي کير پياڪ ٻالڪ کي گھوگھو
ڏيئي اتي ئي ماري ڇڏيائين. ڀلا اھڙي حالت ۾ آئون
غريب ھن جو ڇا ٿي ڪري سگھيس. ٻائي جي نيڻن ۾ خون
ڏسي ڊڄي ويس. مون کي پوءِ خبر نھ آھي ڇا ٿيو.
ايترو ياد آھي تھ اتي ھڪ لوھھ جي شيخ پئي ھئي جا
کڻندي ئي ٻائي جي ڪاپار ۾ ٺڪا ڪرايم. ٻائو اٿيو پر
چڪر کائو ڌو وڃي پٽ تي ڪريو ۽ آئون بھ اگھاڙين
پيرين گھر کان ٻاھر ڀڳيس. پٺتي جا ٿيو سان مون کي
خبر نھ آھي، باقي آئون رلندي پنندي جيئن تيئن ڪري
حيدرآباد پھتس، اسٽيشن کان لھي ھڪ ٽانگي ۾ ويٺس ۽
ٽانگي واري کي رامي ٻائي سخي پير واري جي گھر وٺي
ھلڻ لاءِ چيم. حيدرآباد ۾ آئون رامي ٻائي کي
سڃاڻندي ھيس، ھن مائي جو ھندن جي گھرن ۾ اچڻ وڃڻ
جو رستو ھو جو ھن جو ڪم ھو تھ پاڻ ۾ مٽي مائٽي يا
سڱ ڪرائي ڏيندي ھئي. مائي ٿورو مڙئي شڪي چال جي
ھئي انھيءَ ڪري يا مون کي بنا ڪنھن سامان يا ماڻھو
جي ڏسي يا منھنجي سھڻي صورت ڏسي گاڏي واري مون کي
گھوري ڏٺو ۽ ٽانگو اھڙي ھنڌ وٺي آيو جو آئون وري
بدمعاشن جي ور چڙھي ويس جن نيٺ مون کي آڻي چڪلي ۾
وڌو، جتي پوءِ راڳ ۽ ناچ سکي پنھنجو پيٽ ٻاريندي
رھيس، ائين ڏھھ سال گذاريندي رھيس. |