سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :24

جوزف ۽ نوران

اڄ آئون پنھنجي ڪم تي ٻھ ڪلاڪ سويل ڀرو آيو ھوس، ڇاڪاڻ تھ انگريز ڊائريڪٽر آف ھيلٿ چرين جي اسپتال تپاسڻ لاءِ اچڻو ھو، منھنجي اسسٽنٽ ڪالھھ کان وٺي صفائي ڪرائڻ تي زور رکيو ھو، اسپتال جي صفائي کان پوءِ ھن بيمارن کي وھنجاڻ ۽ صاف ڪپڙا پھرائڻ تي زور ڏنو ھو ھنڌ بسترا بھ ٺيڪ ڪرايائين، جنھن وقت آئون پھتس ۽ ھر ھڪ وارڊ ۾ وڃي ڏٺم تھ وارڊ صاف سٿرا نظر آيا. ڊائريڪٽر صاحب برابر ٻارھين بجي اچي پھتو ۽ منھنجي آفيس ۾ اچي پھريائين داخلا ۽ ڊسچارج جا رجسٽر تپاسي بيمارن جي چڱي ڀلي ٿيڻ جو سيڪڙو معلوم ڪري، ٻيون خبرون ورتائين ۽ مون کان دوائن، ڪپڙن ۽ بستري جي گھرج جو تفصيل معلوم ڪيائين. انھيءَ ڪم کان واندو ٿي مون کيس بورچي خاني ھلڻ لاءِ چيو، تھ جيئن اتي ھلي چانور، اٽو دال ۽ ٻين شين کي تپاسي، جڏھن واندو ٿيو تھ مون کيس چانھھ پيئڻ جي آڇ ڪئي موٽي پنھنجي آفيس ۾ آياسين جتي منھنجي اسسٽنٽ چانھھ جو پورو بندوبت رکيو ھو، چانھھ  پيئندي مون کان بيمارن بابت پڇا ڪيائين، مون کيس وراڻيو تھ چانھھ پي ھر ھڪ وارڊ ۾ ھلون ٿا، مون وٽ ڪي ڏاڍا مزيدار بيمار آھن! اڄ آئون اوھان کي ھڪڙو بيمار جوزف ڏيکاريندس، جو انگريزي بھ ڄاڻي ٿو! ٽيون ڀيرو ھن اسپتال ۾ آيو آھي، سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آھي، پر جڏھن کيس ججڪي ايندي آھي تھ ڪم ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيھندو آھي، آفيس وارا ڪڪ ٿي ھي داخل ڪري ويندا اٿس.

ڊائريڪٽر صاحب ھر ھڪ وارڊ جو چڱي طرح معائنو ڪيو، جڏھن ان وارڊ ۾ پھتاسين  جتي جوزف رھندو ھو، مون ڊائريڪٽر کي ٻڌايو تھ ھتي جوزف رھندو آھي ۽ اجھو اسان کي ڏٺو اٿس ۽ ھيڏانھن اچي پيو. جوزف اسان جي ويجھو اچي صاحب کي سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. ڊائريڪٽر صاحب کي انگريز ڏسي نھايت عمدي انگريزي ۾ ڳالھايائين ۽ کيس پڇيائين تھ ڪيئن خوش آھيو؟ اڄ آب  ھوا ڪالھھ کان ايتري گرم نھ آھي، آئون سمجھان ٿو تھ ھاڻي مند سٺي ٿيندي ويندي. صاحب ھن کي نھايت شائستھ ۽ سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندو ٻڌي وائڙو ٿي ويو، آئون بھ صاحب جي چھري مان تاڙي ويس تھ ھو سوچي رھيو آھي ھي تھ، چڱي طرح  ڳالھائي رھيو آھي ھن کي ڇو اسپتال ۾ رکيو ويو آھي!

جوزف وري صاحب کي چيو تھ ”آئون سمجھان ٿو تھ اوھان  چرين جي اسپتال تپاسڻ لاءِ آيا آھو!

صاحب ھائو ڪئي.

جوزف وري چيس تھ ”مون کي معاف ڪندا جيڪڏھن آئون ھڪ ڳالھھ ڪريان اميد آھي تھ مون   کي اجازت آھي.“ پوءِ منھنجي اسسٽنٽ ڏانھن جو  صاحب  جي ڏائين پاسي بيٺو ھو گھوري ڏسڻ لڳو، آئون سمجھي ويس تھ جوزف  پنھنجي رمز تي اچي رھيو آھي، جنھن جي صاحب کي خبر ئي ڪانھي.

صاحب ھن کي چيو تھ ”توکي اجازت آھي ڀلي چئو.“

جوزف: مون  کي ھڪ شڪايت ڪرڻي آھي!

صاحب ھاڻي شڪي ٿي مون ڏانھن نھارڻ لڳو، ليڪن مون  کي خاموش  بيٺل ڏسي جوزف کي چيائين: ”ڀلي چئو توکي جيڪي چوڻو ھجي.“

جوزف: آئون حيران آھيان تھ اوھين يورپين ماڻھو ايترا قابل ۽ ھوشيار آھيو! تنھن ھوندي بھ ھڪ اھي ماڻھوءَ کي سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪيو اٿو جو بلڪل بيڪار ۽ نا اھل آھي.“

صاحب گھٻرائجي مون کي ڏسڻ لڳو.

جوزف: ھن کي ڇا ڏسي رھيا آھيو، آئون (منھنجي اسسٽنٽ ڏانھن اشارو ڪندي) ھن ماڻھوءَ لاءِ چئي رھيو آھيان جو ھن اسپتال جو سپرنٽيڊنٽ آھي. (مون ڏانھن اشارو ڪندي) ھي نھايت سٺو ۽ اشراف آھي، پر ھي سپرنٽيڊنٽ نھايت پاجي آھي! مون کي شڪ آھي تھ ھي ڊاڪٽر باڪٽر ڪونھي، اوھين مھرباني ڪري ھن جون سندو تپاسي پڪ ڪريو! ھن کي ھتان ڪڍي (مون ڏانھن اشارو  ڪندي) ھن کي سپرنٽيڊنٽ مقر ڪريو.

صاحب ھن جي ڳالھھ سمجھي مشڪڻ لڳو.

جوزف: مھرباني ڪري ھڪ سگريٽ ڏيو.

صاحب جيتوڻيڪ سگريٽ پيئندو ھو پر ھن کي چيائين ”تھ سگريٽ ڪونھ ڇڪيان.“

جوزف: ڇا؟ سگريٽ ڪونھ پيئندا  آھيو! ھاءِ ھاءِ دنيا جي بھترين نعمت کان محروم آھيو! آئون اوھان کي صلاح ڏيندس تھ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪريو.

صاحب کلندي اڳتي وڌيو ۽ ٻھ چار بيمار ڏسي وارڊ کان ٻاھر نڪري آيو ۽ مون کان کلندي پڇيائين تھ ھي سڀ ڇا آھي؟

صاحب ٻڌي ڏاڍو کليو ۽ چيائين تھ تو وٽ ڏاڍا مزا لڳا پيا آھن، پوءِ مون چيومانس تھ باقي زالن جو وارڊ رھجي ويو آھي، صاحب چيو، ”ھا! ھڪ ڳالھھ ياد آئي اٿم تنھن ڏينھن ڪمشنر صاحب ھڪ زالن نوران بابت مون کي ڪجھھ چيو ھو.“

تنھن تي مون چيو تھ، ”نوران جوزف وانگر ھڪ ڏسڻ جي شيءِ آھي، ھلو تھ ڏيکارنو.“

صاحب: نھ نھ ھاڻي آئون ٿڪو پيو آھيان.

مان: تھ پوءِ ڪنھن نموني سان ڪمشنر صاحب کي چئو تھ پاگل خاني مان  ٿيندو وڃي ۽ نوران کي ڏسندو وڃي تھ کيس پڪ ٿيندي.

صاحب چيو تھ: آئون ڪمشنر صاحب کي ضرور چوندس، ڀل ھن کي بھ ھتي جو تجربو ٿئي.

ٻئي ڏينھن منھنجو اسسٽنٽ جڏھن صبح جو آيو تھ ڪالھھ ڊائريڪٽر صاحب جي تپاس جي ڳالھھ نڪتي مون کانئس پڇيو تھ ڪا خبر اٿئي تھ ڪالھھ صاحب  ڇو پڌاريو ھو؟ تھ جواب ڏنائين، ”ان لاءِ تھ ڪڏھن ڪڏھن تھ چرين جي اسپتال جي بھ تپاس لھي.“ مون کيس جواب تھ، تون ڪن اھم ڳالھين ڏانھن اصل ڌيان نھ ڏيندو آھين. تھ مون  کي کلي جواب ڏنائين تھ ”صاحب! اوھين ھرو ڀرو شڪي ٿيندا آھيون؟“

تنھن تي مون کيس سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو تھ، ”ائين نھ آھي! توکي خبر آھي تھ ڊائريڪٽر ھميشھ نومبر ۾ ايندو آھي، پر ھيل سيپٽمبر ۾ اچي نڪتو! چڱو ٿيو جو جوزف وارو ڪيس منھن ۾ ڏٺوسين تھ خبر پيس تھ چريا بھ عجيب قسم ٿيندا آھن.“

سائين! جوزف بھ ڪري گذاري آھي! ھن چيو:

”بابا چرين جو ڪھڙو ڀروسو! ڏٺو ڪونھ ھيئي تھ گذريل سال ڪيتري محنت کان پوءِ بھ جڏھن گورنر صاحب آيو ھو تھ وڏي دروازي کان پرتي ھنگڻ شروع ڪري ڏنو ھيائين ۽ سپاھي ٻاھر بيٺو ھو تھ اندر سڀ ڪجھھ ٺيڪ ھو. جيتوڻيڪ سپاھي جو ڪو ڏوھ ڪونھ ھو، پر صاحب توھان ڊائريڪٽر صاحب جي اچڻ جي ڳالھھ چوري کڻي ماٺ ڪئي.“

”توھان صاحب کان ڪين ٻڌو تھ نوران جي ڳالھھ ڪڍي ھيائين، تھ ڀلا ڪمشنر صاحب کي ڪيئن  خبر پئي تھ ھڪ زال نوران اسان وٽ آھي.“

ڪجھھ سوچي منھنجي اسسٽنٽ چيو تھ ”ممڪن آھي تھ نوران جي عزيزن ڪمشنر   صاحب کي لکيو ھجي!“

مون جواب ڏنو تھ ”توکي خبر آھي تھ اسان کي نوران متعلق سموري معلومات آھي تھ نوران ڪير آھي ۽ ڪٿان آئي آھي! نوران جي خبر ھتان اسپتال مان نڪتل آھي! ڇاڪاڻ تھ ھتي جا سپاھي تمام خراب آھن ۽ ٻاھر نڪري اسپتال جون سموريون  ڳالھيون ٻاھرين ماڻھن کي ٻڌائيندا آھن، يا وري ٻاھريان ماڻھو جيڪي اندر گھمڻ لاءِ ايندا آھن. مگر ھر حالت ۾ اسان  جا پنھنجا ماڻھو ذميوار آھن، شاباس آھي انگريزن آفيسرن کي اھي ڪڏھن پنھنجن زيردستن جي  ڪمن ۾ خواه مخواه دست اندازي نھ ڪندا آھن، ڊائريڪٽر پاڻ اسان کي چيو تھ نوران بابت ڪمشنر ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ھئي ۽ تو ڏٺو ڪين تھ جڏھن زناني وارڊ ۾ ھلڻ لاءِ  چيوسينس  تھ ٿڪ جو بھانو  ڪري نٽائي ويو ۽ نوران بابت ذرو بھ ڪونھ پڇيائين تھ ڇا معاملو آھي. جي سچ پچ ھن کي اسان ۾ ڀروسو ۽ اطمينان نھ ھجي ھا تھ نوران بابت کوٽي ڳالھيون  پڇي ھا، بلڪھ ھلي ڏسي بھ ھا. جوزف کي ڏسي ھن کي پڪ ٿي تھ نوران بھ جوزف جھڙو ئي ڪيس آھي. تنھنڪري جيئن مون کيس چيو تھ بھتر ائين ٿيندو تھ ڪمشنر کي چوي تھ پاڻ ھتان اسپتال گھمي وڃي، ڪمشنر ھونئن تھ ماڻھو ڏاڍو سٺو آھي، پر ذرا شڪي ماڻھو آھي. تنھن کان سواءِ توکي تھ خبر آھي تھ اسان کي ڇا جو ڊپ آھي! ڀلي اچي،  پاڻ خاطري ٿي ويندس تھ معاملو ڪيئن آھي، پر مون کي رڳو ھڪ ڊپ بيٺو آھي تھ اوچتو ڪنھن  مھل نھ اچي نڪري. توکي تھ خبر آھي تھ اسان کي پورو پاڻي نٿو ملي، چريا گھڻو ڪري گدلا رھندا آھن. تنھنڪري صفائي رکڻ جو موقعو ئي نھ ملندو. جيئن ڊائريڪٽر ڀيري ٿيو. تنھنڪري منھنجي صلاح آھي تھ صفائي ڪيئن بھ ڪري رکندو اچ، ان ۾ جيتوڻيڪ ڪم وڌي ويندو ۽ سپاھين کي تڪليف ٿيندي پر ڇا ڪجي جو مجبور آھي.“

ٻھ ھفتا گذري ويا مگر ڪمشنر صاحب منھن نھ ڪڍيو، ھڪڙي ڏينھن ھن جي پي، اي جو ٽيلفون آيو تھ ڪمشنر  صاحب توھان سان ڳالھائڻ  ٿو گھري، مون چيو ڀلي نمبر لڳائي ڏيو تھ ڳالھائيانس.

مان: ھلو ھلو! ساين السلام  عليڪم، آئون ڊاڪٽر شيخ آھيان، چرين جي اسپتال مان ڳالھائي رھيو آھيان، اوھان جي ماڻھوءَ ٻڌايو تھ اوھين ياد ڪري رھيا آھيو.

آواز: وعليڪم السلام! شيخ صاحب منھنجو ۽ بيگم صاحبھ جو ارادو آھي تھ تنھنجي اسپتال ڪڏھن گھمي وڃون، اوھين ڪڏھن واندا ھوندا تھ اچون؟

مان: سائين! جڏھن اوھان جي مرضي، آئون ھر وقت تيار آھيان.

ڪمشنر: مون کي شام جو فرصت ٿيندي آھي، جيڪڏھن تڪليف نھ ٿئي تھ سڀاڻي شام جو اچون؟

مان: سائين! شام جو ڏاڍو چڱو ٿيندو، اسين بھ ڪم ڪار ڪري فرصت ۾ ھوندا آھيون، ھڪ عرض آھي جيڪڏھن قبول فرمايو.

ڪمشنر: بيشڪ ٻڌايو.

مان: سائين جن جيئن سڀاڻي شام جو بيگم صاحبھ سان تشريف آڻي رھيا آھن تھ منھنجي طرفان چانھھ قبول فرمائين  آئون پنھنجي آفيس ۾ ئي بندوبست رکندس.

ڪمشنر: ڏاڍو سٺو، پوءِ سڀاڻي شام جو ڇھين بجي وقت مقرر ٿيو.

مان: حاضر سائين.

مون پنھنجي اسسٽنٽ کي چيو، ڏاڍو چڱو ٿيو، تڪليف دور ٿي، سڄو سارو ڏيڍ ڏينھن پيو آھي، صفائي ٿي وڃي باقي چانھھ لاءِ ڪجھھ پيسٽري مٺائي ۽ مٺا سمبوسا ٺھرائي وٺجانءِ.

ٻئي ڏينھن ڪمشنر صاحب پنھنجي بيگم سان گڏجي آيو، آفيس ۾ وٺي ويو سانس، ڪجھھ وقت ساھي وٺي ٻاھر نڪتاسين تھ مون چيو تھ ”پھريائين ھڪ ٻھ مردانو وارڊ ڏسي ۽ پوءِ زناني وارڊ ۾ ھلون.“ تنھن تي ترت چيائين تھ، ”نھ اسين مردانو  وارڊ ڪونھ ڏسنداسين بلڪھ زنانو.“

اسين ھوڏانھن روانا ٿياسين، رستي ۾ مون کي چيائين تھ ”زناني وارڊ ۾ ڪا نوران نالي زال آھي؟“

تنھن تي مون وراڻيو، ”ھائو! ھڪ عجيب ۽ دلچسپ ڪيس آھي.“

زناني وارڊ ۾ گھڙندي شرط نوران لاءِ پڇيائين؟

مون جمعدار کي چيو، ”نوران کي ھتي بيگم صاحبھ وٽ وٺي اچي.“

نوران جي ايندي ئي مون کيس چيو تھ، ”نوران ھي ڪشمنر صاحب آھي ۽ ھي سندس بيگم صاحبھ.“

نوران: تڏھن چئبو تھ منھنجو خط اوھان کي پھتو آھي، ڏاڍي گھڻي وقت کان پوءِ آيا آھيو!

پوءِ انھن نوران کان پئي حال احوال پڇيو ۽ ڪجھھ وقت ھن سان پئي ڳالھايو. انھن جي معمولي سوالن جا جواب نوران چڱي طرح پئي ڏنا، نيٺ نوران چيو:

نوران: آئون نھايت چڱي ڀلي آھيان مون کي اجايو ھيترن ڏينھن کان وٺي بند ڪيو اٿن، مون کي ڇڏين تھ ھلي وڃان.

ڏٺم تھ ڪمشنر صاحب نوران جي ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿي آيو ۽ نھايت گنڀير ھو، جنھن مان سمجھيم تھ ڪاوڙيل آھي.

ڪمشنر: نوران کي ھتي آئي گھڻو وقت ٿيو آھي؟

مان: اٽڪل چار مھينا.

ڪشمنر: ھتي ھن کي ڪنھن آندو؟

مان: پوليس مئجسٽريٽ جي معرفت ھن کي تپاس لاءِ ھتي موڪليو ويو ھو، ڏھن ڏينھن جي تپاس کان پوءِ مون مئجسٽريٽ کي لکيو ھو تھ نوران پاگل آھي.

ڪمشنر: آئون سمجھان ٿو تھ علاج کان پوءِ ھاڻي ھوءَ چڱي ڀلي آھي.

مان: نھ سائين! اڃا دماغي حالت درست اٿس!

ڪشمنر: ڇا! پر ھوءَ بلڪل ٺيڪ ڳالھائي ٿي.

مان: حقيقت ۾ اوھان کانئس اھي سوال ڪين پڇيا آھن، جتي گڙٻڙ آھي.

پوءِ مون ڪمشنر صاحب کي ھوريان چيو جو نوران نھ ٻڌي سگھي، تھ سندس شادي بابت پڇا ڪري.

ڪمشنر: نوران ھتان وڃي شايد تون شادي ڪرڻ گھرين ٿي؟

نوران: منھنجي شادي ٿيل آھي! پر ھتان وڃي آئون پنھنجي پيءُ، چاچي ۽ مڙس سڀني تي ڪيس ڪندس.

ڪمشنر: ڪيس ڇا جي لاءِ ڪندينءَ؟

نوران: بابي تي انھيءَ لاءِ تھ ھن ڇو مون کي چاچي جي پٽ سان پرڻايو آھي ۽ چاچي تي انھيءَ لاءِ تھ ھن بابا کي ورغلائي پنھنجي پٽ سان شادي ڪرائي آھي، مڙس تي ان لاءِ تھ ھن ڇو مون سان شادي ڪئي؟

ڪمشنر: ھن ۾ ڇا ٿيو؟ مائٽن ۾ شادي ڪرڻ تھ پاڻ چڱي ڳالھھ آھي!

نوران: سڀ بدمعاش آھن، انھن سازش ڪئي آھي ۽ انھيءَ سازش ۾ سڀ مليل آھن!

ڪمشنر: تنھنجو پيءُ، چاچو ۽ مڙس  ڇا ڪندا آھن؟

نوران: ٽئي زميندار آھن ۽ وڏا ڪاٽڪو آھن، وڏا ڌاڙيل آھن.

ڪشمنر صاحب: وائڙو ٿي مون ڏانھن ڏسڻ لڳو ۽ کيس ھاڻي ڪجھھ ڳالھھ سمجھھ ۾ اچڻ لڳي ھئي.

ڪمشنر: ڊاڪٽر صاحب! انھن ماڻھن جي ڪا خبر آھي؟

مان: (آھستي سان) ھائو سائين! رحيم يار خان ڏانھن وچولي درجي جا زميندار آھن، خبر ڪڍي اٿم تھ ڏاڍا شريف انسان آھن! نوران پنھنجي پيءُ جي ھڪڙي ئي ڌيءَ آھي ۽ سندس مڙس پنھنجي پيءُ جو ھڪڙو ئي پٽ. ٻنھي ڀائرن جي اڻ ۾ ڏاڍي محبت آھي.

پوءِ مون ڪمشنر صاحب کي چيو تھ مون  کي اجازت ڏيو تھ آئون نوران کان ڪجھھ پڇان، ڪشمنر صاحب مٿو ڌوڻي ھائو ڪئي.

مان: نوران! ڪمشنر صاحب جي مرضي آھي تھ توکي ھتان ڇڏيون، پر صاحب اھو معلوم ڪرڻ ٿو گھري تھ ڪيس کٽڻ کان پوءِ تون ڪنھن سان شادي ڪندينءَ؟

نوران: بابو وڏو بيوقوف آھي، چاچي جي ڏٽي ۾ اچي ويو آھي، مون اڳواٽ کيس چيو ھو تھ خراسان جو شھزادو مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار  آھي ۽ لک روپيا شادي جي خرچ لاءِ بھ ڏيندو، پر بابا ڪين مڃيو، ھاڻي ھتان ڇٽي آئون ھنن تي ڪيس ڪندس.

مان: نوران! ڪيس ڪرڻ لاءِ تو وٽ پئسا ڪٿان ايندا؟

نوران: پئسا! شھزادو سڀ خرچ ڪندو بلڪھ ولايت مان وڪيل گھرائڻ لاءِ تيار آھي.

مان: ڀلا ھينئر شھزادو ڪٿي آھي؟

نوران: شيرو ڪاسائيءَ وٽ ٽڪيو پيو آھي!

مان: نوران، تون فڪر نھ ڪر، توکي بلڪل جلدي ڇڏي ڏينداسين.

ڪمشنر صاحب ۽ بيگم زناني وارڊ کان ٻاھر نڪري آيا ۽ پڇيائون تھ ڊاڪٽر صاحب نوران ڪڏھن ٺيڪ بھ ٿيندي؟

مان خاطري سان ڪجھھ چئي نٿو سگھان، اميد گھٽ ٿي نظر اچي.

بيگم: ڀلا ائين مغز ڇو خراب ٿيو اٿس؟

مان: حقيقت ۾ مون ھن ڪيس ۾ زور لاتو آھي! نوران جي مائٽن کان بھ گھڻو ڪجھھ پڇيو اٿم، پر ڪجھھ خبر پئجي نھ سگھي آھي، ايترو معلوم ٿيو آھي تھ شيرو ڪاسائي برابر سندن ڳوٺ ۾ رھي ٿو ۽ ڏاڍو اشراف آھي. مھيني مھيني گوشت  جا پئسا وٺڻ ايندو آھي، باقي وڌيڪ ڪجھھ معلوم نھ ٿي سگھيو آھي. ۽ پوءِ اسين کلندا پنھنجي آفيس ڏانھن روانا ٿياسين.

قسمت جي گردش

پنھنجي نوڪريءَ جو ڳچ مدو مون چرين جي اسپتال جي نوڪريءَ ۾ گذاريو، منھنجا سنگتي ساٿي حيران ٿيندا ھئا تھ انھيءَ نرڪ ۾ پئجي رھڻ آئون ڪيئن پسند ڪريان ٿو! سنگتي ساٿي مان منھنجو مطلب آھي تھ منھنجا ھم پيشھ، پھريائين انھن ڀانيو تھ شايد ھتي ڪا وڏي ڪمائي آھي، پر جڏھن منھنجي حالت ڏٺائون تھ آئون اقتصادي طور پنجن ڏھن بلڪھ چوڏھن سالن جتي ھيس اتي ئي ھيس تھ ھيڪاري وڌيڪ اچرج ۾ پئجي ويا. چوڏھن ورھن کان ڪجھھ مٿي ھتي نوڪري ڪيم، ڪن  دوستن پڇيو تھ ”يار! ھتي ڇا آھي جو چنبڙي پيو آھين.“ تھ کين کلي جواب ڏنم، ”خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ جو جيڪو سٺو موقعو ھتي ملي ٿو سو ڀانيان ٿو تھ ٻئي ھنڌ ڪونھ ملندو.“

ھڪڙي ڏينھن گورنر  شيخ دين محمد پڇيو تھ ”شيخ صاحب، تنھنجي اسپتال ۾ درويش صفت انسان آھن؟“ مون جواب ڏنو تھ ”ھائو! پر انھن کي سڃاڻڻ سولو ڪم نھ آھي! ھو پاڻ کي ظاھر نٿا ڪن، مان پنھنجي ٻنھي ڪتابن ۾ انھن جو ذڪر ڪري آيو آھيان. عاشق، رحمو فقير، ۽ باغائي، انھن جا مثال آھن، اڄ ھي چوٿون درويش صفت انسان پيش ٿو ڪريان.“

اسپتال ۾ مون اڪثر ٻن قسمن جا انسان ڏٺا آھن، ھڪڙا اھي جن کي گھر وڃڻ جي تات رھندي ھئي، اھڙن ماڻھن جو حتي المقدور علاج ڪري انھن کي گھر اماڻيو ويندو ھو، ٻيا اھڙا ماڻھو جن جي حالت درست ٿيڻ تي بھ ھو ٻاھر وڃڻ  پسند ڪين ڪندا ھئا. ۽ پڇڻ تي چوندا ھئا تھ ٻاھرين فريبي دنيا کان اھا مخلوق سٺي آھي جو گھٽ ۾ گھٽ دوکو تھ نٿي ڏئي، ھر ڪو پنھنجي ڌن ۾ ئي مست آھي. آئون انھن جي اھڙن فلسفي  تي حيران رھجي ويندو ھوس ۽ زوريءَ انھن کي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش نھ ڪندو ھوس. پاڻيھي وڃڻ گھرندا ھئا تھ کين ڇڏي ڏيندو ھوس، يا سندن مائٽ گھر ڪندا ھئا تھ انھن کي انھن جي ٻانھن سپرد ڪري ڇڏيندو ھوس. اھو خيال ھرگز نھ ڪندو ھوس تھ ڪو بيمارن جي چڱي ٿيڻ جو سيڪڙو وڌي! ڇاڪاڻ تھ جڏھن دنيا جي بھترين اسپتال جو نتيجو مس 35 سيڪڙو آھي تھ پنھنجي اسپتال جو سيڪڙو پنجاھ فيصد ڏيکارڻ حماقت نھ آھي تھ ٻيو ڇا! مگر اڄڪلھھ حالتون ٻيو آھن جو بيمارن کي اڌ چڱي ٿيڻ تي بھ ڪڍڻو ٿو پوي. ڇاڪاڻ تھ اسپتال ۾ جڳھھ ٿوري ۽ بيمارن جو تعداد گھڻو وڌي ويو آھي ۽ اڃا وڌندڙ آھي.

محسن علي آزيو نيزايون ڪري اسپتال ۾ رھڻ چاھيندو ھو، ھڪڙي ڏينھن مون کيس ڪڍي ڇڏڻ جو دڙڪو ڏنو! مون کي روئي چوڻ لڳو:

محس علي: صاحب! منھنج اوھان تي ڪھڙو زور، بيشڪ اوھين مون ڪڍي سگھو ٿا پر ڏٺو ڪونھ اٿو تھ اوھان جو اھو چوڻ تھ ”مون کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندوئ“ منھنجي طبيعت خراب ڪيو وجھي، حقيقت ۾ مون کي ٻاھرين دنيا سان نفرت آھي، تنھنڪري ٻاھر وڃڻ جو خيال ئي منھنجي دماغ تي خراب اثر ٿو ڪري.

محسن علي جو چوڻ سچ ھو مون ڪيترا ڀيرا آزمائي ڏٺو ھو تھ ھن سان ائين ٿئي ٿو جيئن ھو چئي رھيو ھو ان کان سواءِ محسن اسان لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ھو، اسپتال ۾ پٽين ٻڌڻ لاءِ ڪو گھرجي تھ محسن ڪم ايندو ھو، بيمارن کان دوا پيارڻي آھي يا اوزار گرم ڪرڻا آھن تھ محسن ئي تيار ھوندو ھو. آفيس ۾ ڪم وڌي ويندو ھو ۽ ڪاغذ ٽائيپ ڪرڻا ھوندا ھئا تھ ٻانھن ٻيلي محسن ئي ٿيندو ھو. تنھنڪري اسان لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ھوندو ھو ۽ آئون بھ کيس زوري ڪڍڻ ۾ تيار نھ ھوس. پر ھڪڙي ڳالھھ جنھن مون کي ڏاڍي فڪر ۾ وڌو ھو سا ھئي پنھنجي احوال ٻڌائڻ کان انڪار. تھ ھو ڇو پنھنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو ھو، ڪيترا ڀيرا نموني سان ھن جو ڀيد معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ھميشھ انڪار ڪندو آيو، نيٺ ھڪ ڏينھن مون ھن کي سڏيو ۽ چيم:

محسن، ممڪن آھي تھ منھنجي ھتان بدلي ٿئي، خبر نھ آھي ٻيو ڊاڪٽر جيڪو ايندو سو توکي ھتي رھڻ ڏئي يا نھ. ڇاڪاڻ تھ ھر ڪنھن جي پنھنجي طبيعت ھوندي آھي، منھنجي دل ۾ حسرت رھجي ويندي تھ تنھنجو احوال معلوم ڪري نھ سگھيس، جيتوڻيڪ مون توسان چڱا پير ڀريا آھن. تنھنجي علاج ڪرڻ ۾ مون ڪڏھن گھٽايو ڪين آھي ۽ خدا جي وڏي مھرباني آھي جو تون جنھن حالت ۾ مون وٽ آيو ھئين تنھن کان لک درجا تنھنجي حالت ھاڻي بھتر آھي، چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ بھ مون جيئن تو گھريو تيئن پئي ڪيو آھي، تنھنڪري ھاڻي منھنجي اھا خواھش پوري ڪر ۽ ٻڌاءِ تھ ڪھڙي ڳالھھ تنھنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو؟“

محسن ٻن ٽن سالن کان مون کي انڪار ڪندو پئي آيو، پر الائي اڄ ھن کي دل ۾ ڇا آيو جو پنھنجو سمورو واقعو ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

محسن: آئون ھڪ پوليس سب انسپيڪٽر جو ھڪڙو ئي پٽ آھيان، اسين گھر ۾ ٽي ڀاتي ھوندا ھئاسين، بابو، امان ۽ مان. بابو ڏاڍو ايماندار شخص ھو. ھڪ پوليس سب انسپيڪٽر جي ڀلا پگھار ڇا! تنھن ھوندي بھ منھنجي تعليم ۾ بابا گھٽايو ڪين، آئون بي اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، پر خدا جي ڪرڻي جو ھڪ ڌاڙيلن جي ٽولي جو پيڇو ڪندي جھنگ ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ ٺڪا ٺوڪي ٿي. ڌاڙيلن جو سردار ۽ ٻيا ڪيترائي ڌاڙيل سواءِ ٻن ٽن جي سڀ مارجي ويا. قضا سان باب پڻ ڌاڙيلن جي نشاني جو شڪار ٿي مارجي ويو. جيتوڻيڪ انھيءَ بھادرءَ تي سرڪار ٻھ ھزار روپيا اسان کي انعام ڏنو، مگر اھي ڪھڙي ڪم جا. ٿورن ڏينھن ۾ اھي ختم ٿي ويا، بابي منھنجي تعليم تي خرچ ڪري ڇڏيو ھو تنھنڪري پئسو ڏوڪڙ پٺتي ڪونھ ڇڏيو ھيائين، نوڪريءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر ھن زماني ۾ ايمانداري يا محنت  ڪري فرسٽ ڪلاس ۾ اچڻ کي ڪير ٿو ڏسي. ڏاڍي ڪوشش ڪيم تھ بابي جي بھادريءَ جي آڌار تي من ڪا نوڪري ملي وڃي، پر آفيسرن منھن کڻي ڦيرايو، مان ۽ منھنجي ماءُ ڏکيو سکيو وقت گذارڻ لڳاسين تنھن ھوندي بھ ڪوشش کان ڪين گھٽايم.

بابو مون کي ھميشھ چورن، بدمعاشن ۽ ڌاڙيلن جي ڪارواين بابت جڏھن نوڪري کان موٽي ايندو ھو تھ ٻڌائيندو ھو. امان ۽ آئون ماٺ ڪري ھن جون ڳالھيون ٻڌندا ھئاسين، ڪيئن انھن کي منھن ڏجي، انھن جو مقابلو ڪجي، ۽ روڪجي، اسان کي سڀ ٻڌائيندو ۽ چوندو ھو تھ گھڻو ڪري گناه ڪندڙ ماڻھو ڇاڪاڻ تھ پنھنجي ڪرتوتن کان وقف ھوندا آھن تنھنڪري انھن جو اندر ئي کاڌل ھوندو آھي، ۽ سندن ضمير ئي  کين ملامت ڪندو رھندو آھي، پر ھو گناه ڪندي ڪندي ھري ويندا آھن ۽ نٺر ٿي پوندا آھن، بابي جون اھي ڳالھيون ٻڌي آئون دل سان ھنڊائي ياد رکندو ھوس ۽ اتفاق اھڙو ٿيو جو ھڪ ڀيري اھي ڳالھيون مون کي ڪم اچي ويون.

ھڪ ڏينھن آئون ھاڪي مئچ ڪڏي گھر موتي رھيو ھوس ۽ اتفاق جي ڳالھھ تھ ھن ڏينھن راند ڪندي آئون ڏاڍو ٿڪجي پيو ھوس، تنھنڪري ھڪ ھٿ گاڏي واري وٽ جو ليمن سوڍا وڪڻندو ھو ڪجھھ پيئڻ لاءِ گھڻو دير ترسي پيس. انھيءَ وچ ۾ ٻيا رانديگر ۽ جيڪي ماڻھو مئچ ڏسڻ آيا ھئا سڀ ھليا ويا. ۽ آئون ڇڙو رھجي ويس پر مون ھن جي پرواه نھ ڪئي جو مونو ٽ موٽر سائيڪل ھئي، اڃا ايتري اونده ڪانھ ٿي ھئي بس سج رڳو لھي رھيو ھو، جتي اسان جي ھاڪي فٽ بال يا ڪرڪيٽ وغيره راند ڪرڻ جو ميدان ھو سو ٽي يا چار ميل کن پنڌ تي شھر کان ٻاھر ھو. شھر ۽ انھيءَ ميدان جي وچ ۾ ھڪڙو ننڍو ٻيلو ھو جنھن جي وچان ھڪ پڪي سڙڪ ھئي ميدان جي ٻئي طرف بھ بستي ھئي جنھن کي غريب آباد سڏيندا ھئا، آئون ٿڪ ڀڃي ٿڌي ليمن وغيره پي پنھنجي موٽر سائيڪل تي چڙھي گھر ڏانھن روانو ٿيس. ڪجھھ ڪجھ روشني اڃا ھئي، پڪي سڙڪ جي اڌ تائين مس پھتو ھوس تھ پريان ھڪ شور ليٽ موٽر بيٺل ڏٺم جا خالي ھئي، مون سمجھيو تھ شايد ھن جو مالڪ پيشاب ڪرڻ لاءِ جھاڙين ۾ ويو آھي تھ ايتري ۾ دل ڏريندڙ  ڪوڪ ٻڌم! آئون بيھي رھيس، جنھن پاسي کان رڙ ٻڌڻ ۾ آئي ھئي نظر ڊوڙائي ڏٺم تھ ھڪڙا ٽي ماڻھو ھڪ نوجوان کي جو سوٽ بوٽ ۾ نيڪٽائي پاتل ھو گھليو پيا وڃن. ٻن ڄڻن ھن کي ٻانھن کان پئي گھليو ۽ ٽئين جي ھٿ ۾ چاقو ھو جنھن ھن کي ڏيکاري اڳتي ھلڻ لاءِ پئي چيو. آئون سمجھي ويس تھ اھي ڪي غنڊا ھئا، جي ھڪ شريف کي ڦرڻ لاءِ گھليو پيا وڃن، مون  ڇا ڪيو جو پنھنجي موٽر سائيڪل کي موٽر جي پٺيانن بيھاري ۽ پنھنجا بوٽ لاھي، ھاڪي (اسٽڪ) کڻي ھنن جي ڪڍ ويس! انھن کي خبر ئي ڪانھ پئي ڦڙتيءَ سان چاقو واري ماڻھوءَ جي ڪلھي تي ھاڪيءَ سان اھڙو زوردار ڌڪ ھنيم جو ھن جو چاقو ھٿ مان ڇڏائجي ويو ۽ ھو ٻئي ھٿ سان پنھنجو ڪلھو جھلي بيھي رھيو، ٻھ ڄڻا جي نوجوان کي گھلي رھيا ھئا، پٺتي ڦري ڏسڻ لڳا تھ ڇا آھي. ايتري ۾ مون  ٻئي ماڻھوءَ جي ڪاپار تي زور سان ڌڪ ھنيو ۽ رڙ ڪري ڄڻ ڪن  ماڻھن کي سڏيو تھ ”ڇا ٿا ڪريو جلدي اچو.“ بدمعاش سمجھيو تھ مون سان ٻيا بھ ڪي ماڻھو آھن، سو پڇ پائي ڀڳا، مون ڏٺو تھ نوجوان جي ھٿ مان رت وھي رھيو ھو.

نوجوان چيو، ڪجھھ ڪونھي گھلڻ ۾ ھٿ کي انھن جو چاقو لڳي ويو! تنھنجي وڏي مھرباني جو تون مون کي انھن غنڊن کان بچايو.

مان: پر تون ھنن جي ور ڪيئن چڙھين ۽ ھيءَ موٽر ڪنھن جي آھي؟

نوجوان: موٽر منھنجي آھي پر جڏھن آئون اتي پھتس تھ ھڪ ماڻھو منڊڪائي ٻنھي ڪلھن تي ھٿ رکي ڪنجھندو وڃي رھيو ھو، ھڪ ڄڻي رڙ ڪري مون کي چيو تھ ادا ھن کي ڏاڍو ڌڪ لڳو آھي مھرباني ڪري اسان کي شھر تائين وٺي ھل. آئون ڌوڪي ۾اچي ھيٺ لھي ھنن جي ويھڻ لاءِ پٺيان موٽر جو درواز کوليو تھ ٽنھي ڄڻن مون کي کڻي سوگھو جھليو، ھڪڙي چاقو ڏيکاري مون اندر  جھنگل ۾ ھلڻ لاءِ چيو، ڇڪتاڻ ۾ چاقو منھنجي ھٿ کي لڳي ويو ايتري ۾ مون تنھنجي موٽرسائيڪل جو آواز ٻڌو تنھنڪري زور سان رر ڪيم تھ تون من مدد لاءِ پھچي وڃين، تو منھنجي جان بچائي آھي، ھي ماڻھو يا تھ مون کي ماري وجھن ھا يا تھ منھنجا پئسا کڻي وڃن ھا، ھاڻي ڀلائي ڪري مون سان گڏ ھل تھ اچ، دھلي ھوٽلن ۾ ھلي ھٿ منھن ڌوئي پٽي بھ ڪري وٺان ۽ پوءِ ويھي ڳالھيون بھ ڪنداسين.

(2)

دھلي ھوٽل ۾ ھلي ھن گرم پاڻي ۽ صابڻ گھرائي چڱي طرح رت ڀريل ھٿ ڌوتا، معمولي وڍ اچي ويو ھوس، پوءِ ڪجھھ ڪباب گھرائي کاڌاسين ۽ چانھھ جو آرڊر ڏيئي ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين.

مون کي معلوم ٿيو تھ ھن جو نالو محمود آھي، ۽ ڪروڙ پتي حميد خان جو پٽ آھي، جنھن جا ڪپڙي جا ٻھ، ٽي ڪارخانا  آھن، محمود گھڻو ڪري انھن ڪارخانن جي نظر داري ڪندو آھي ۽ اڄ اتفاق سان گھمڻ جي خيال سان اچي نڪتو ھو تھ کيس سان ھي حادثو پيش آيو. پوءِ پنھنجو  ڪارڊ ڪڍي چيائين تھ، دوست! تنھنجو ڪو ڪم پوي تھ ھن پتي تي خط لکجانءِ، يا روبرو اچي ملجانءِ. پوءِ مون کان حال احوال ورتائين.

مون ٻڌايومانس تھ منھنجو نالو محسن آھي، کلي چيائين تھ تون واقعي محسن آھي، پوءِ پڇيائين تھ ڇا ڪندو آھين؟

مان: يار بيڪار ويٺو آھيان! بي، اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري بھ نوڪريءَ لاءِ ڌڪا پيو کاوان، سرڪار کي بھ نوڪريءَ لاءِ لکيم تھ من بابي جي بھادري جو جي ڪارنامي کي ڏسي نوڪري ملي وڃي پر ڪنھن بھ ڪونھ پڇيو.

محمود: تنھنجو پيءُ ڇا ڪندو ھو؟

مان: منھنجو پيءُ شريف خان پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ھو، مون کي حيرت سان ڏسندين چيائين: اڙي! شريف خان اھو تھ نھ، جنھن جو بيان اخبار ۾ آيو ھو تھ ڌاڙيلن سان جنگ ڪندي مارجي ويو!

مان: (غمگين لھجي ۾) ھا اھوئي.

محمود: تنھنجو ٻيو ڪو مائٽ آھي.

مان: نھ بابا اڪيلو ھوندو ھو باقي ھڪ ٻڍڙي ماءُ اٿم، ڏٺم تھ محمود جي چھري مان افسوس جا آثار نظر آيا، اٿندي وري منھنجا ٿورا بجا آندائين ۽ چيائين تھ آئون ڏسندس تھ تنھنجي ڪھڙي مدد ڪري سگھان ٿو.

منھنجي ائڊريس پڇي ھٿ ملائي موٽر ۾ چڙھي ھليو ويو. گھر پھچي انھيءَ حادثي جو بيان امان سان ماني کائيندي مون ڪيو، جنھن چيو تھ ”پٽ اھڙا خطري جا ڪم ڪندو ٿو وتين، پنھنجي سنڀال رک! منھنجو ڏسڻ وارو ٻير ڪير آھي؟“

پوءِ مون محمود جي ڳالھھ ڪئي، تنھن تي چيائين ”ھا پٽ انھن وڏن ماڻھن جي ڇا ڳالھھ ڪجي! انھن کي ڪھڙي خبر تھ غريب ماڻھو پنھنجي زندگي ڪيئن گذاري رھيا آھن.“

محمود کي ملي چار مھينا گذري ويا، انھيءَ وچ ۾ مسواڙ جي گھر تي امان پنھنجا زيور ھڪٻئي پٺيان وڪڻندي وئي، مون کيس گروي رکڻ لاءِ چيو تھ، چيائين گروي رکڻ ۾ ايترا پئسا ڪونھ ملندا ۽ نڪو اسين گروي رکيل شيءِ وري ڇڏائي سگھنداسين، تنھن جي ڪري الٽو نقصان ٿيندو.

آئون صبح کان نوڪري جي  تلاش ۾ نڪرندو ھوس پر ڪو ٻوٽو نھ ٻريو، امان جا زيور بھ ختم ٿيڻ تي پھتا ھئا، باقي ڪي منڊيون وڃي بچيون ھيون، پريشان ھو تھ ڇا ڪريان، شام جو رلي پني آيس تھ امان ھڪ لفافو ڏنو جنھن تي منھنجو پتو لکيل ھو، پر ھٿ اکر مون ڪين سڃاتا ڇاڪاڻ تھ منھنجي ڪنھن دوست جا ھٿ معلوم نٿي ٿيا. نيٺ خط کولي ڏٺم تھ اندر حميد ملس ليميٽڊ لکيو پيو ھو. سمجھيم تھ ضرور محمود جو خط آھي، تڪڙو تڪڙو خط پڙھيم ۽ خوشيءَ سان ٽپ ڌيئي اٿيس، امان جا اندران نڪري آئي تنھن کي وٺي ڀاڪر پاتم، تنھن بدحواس ٿيندي پڇيو تھ ڇا آھي؟ کيس ٻڌايم تھ نوڪري ملي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com