پرديسي: خورشيد! تو مون کي اڃا تائين ڪين ٻڌايو آھي تھ تون ڪير
آھين ۽ تنھنجي دل کي مون تي ڪيئن رحم آيو.
خورشيد: تو بھ تھ پرديسي اڃا تائين پنھنجو نالو نھ ٻڌايو آھي تھ
ڪير آھين، ڪٿي جو رھاڪو آھين، تنھنجا ماءُ پيءُ
ڪير آھن؟
پرديسي: ڇا ڪندينءَ پڇي؟
خورشيد: تنھنجي مائٽن کي خبر ڏيندس تھ ھو اچي توکي سنڀالين.
پرديسي: ڇا منھنجي سنڀال لاءِ تون ڪافي نھ آھين؟ اڃا توکي نھ
ٻڌائيندس.
خورشيد: (کلندي) آئون بھ نھ ٻڌائيندس.
پرديسي: ڇو؟
خورشيد: (سنجيدگي سان) ٻنھي جي دلين ۾ ڪجھھ ڪمزوري آھي، جنھن
کان ھڪٻئي جو ڏس ٻڌائڻ کان ڊڄون ٿا.
پرديسي: خورشيد! آئون توکان جدا ٿيڻ نٿو گھران، خورشيد خاموش ٿي
وئي پر ھن جي دل ۾ ڏاڍي خوشي ھئي.
پرديسي: خورشيد مون کي ھن ڪوجھي مير تي ڏاڍي خار آھي، پر ڇا
ڪريان جو آئون لاچار ھوس نھ تھ ڏينھن جا تارا
ڏيکاريانس ھا، ھن توکي ڌڪ ھڻي تنھنجي نرڙ تي داغ
ڏيئي ڇڏيو آھي، مون کي ھن جي شڪل دل تي نقش ٿي
بيٺي آھي، آئون ھن کان ضرور بدلو وٺندس.
خورشيد: (ڊڄندي) متان ائين ڪرين، تون ھن کي وساري ڇڏ، خدا جو
واسطو اٿئي، ھن شخص کي ھن واقعي کي، ھن ڳالھھ کي.
پرديسي: خورشيد! آئون ھي واقعو ڪيئن ٿو وساري سگھان. آئون
تنھنجي احسانن جي بار ۾ اھڙو دٻيل آھيان جو پنھنجي
جان ڏيئي بھ تنھنجو احسان لاھي نٿو سگھان.
خورشيد: پرديسي ڇا چئي رھيو آھين، سچائيءَ جي واٽ ۾ ھر شخص کي
ٺوڪرون کائڻيون پون ٿيون، جڏھن مون پنھنجي واٽ
بدلي تھ مون کي ضرور ٺوڪرون کائڻيون ھيون، پر آئون
ھاڻي خوش آھيان، جيڪڏھن ھاڻي تو ڪجھھ بھ وڌيڪ قدم
کنيو تھ ياد رکجانءِ تھ آئون معاف نھ ڪندس.
پرديسي: خورشيد! سچ چئھ تون ڪير آھين، فرشتو يا پري؟
خورشيد: (کلندي) ٻنھي مان ڪجھھ بھ نھ، جيڪي تون آھين سا مان
آھيان.
پرديسي: ھا خورشيد! دنيا ۾ ڪو جدا نھ آھي، خدا جو جلوو ھر فرد ۾
موجود آھي، سڀ ھڪ آھيون.
مير صاحب خورشيد کي ڦٽو ڪري ھليو ويو، ھن کان جيڪي رقم ھر مھيني
خورشيد کي ملندي ھئي سا بھ بند ٿي وئي، باقي ٿورو
گھڻو جيڪو سامان سڙو ھو سو بھ مير صاحب کڻي ھليو
ويو، جيڪي ڪجھھ خورشيد وٽ ھو سو ھن پرديسيءَ جي
بيماريءَ تي لڳائي ڇڏيو، خورشيد جي محنت ۽
جانفشاني سان پرديسي تندرست ٿي ويو. ھو ٽانگو
گھرائي ملٽري جي آفيس ۾ ويو، ھنن کي پنھنجي
بيماريءَ جو حال ٻڌائي ھتان
600
روپيا پگھار جا آڻي خورشيد جي
ھٿ تي رکيائين، خورشيد جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ھن
جي مرضي ھئي تھ پرديسي ائين ڪري ۽ ممڪن ھو تھ ھو
بھ ائين ڪري ھا. پر خورشيد جي دل ھن کي ملامت ڪئي
تھ تون طوائف آھين ۽ پرديسي ڪنھن شريف گھراڻي جو
معلوم ٿو ٿئي، ڇا اھڙي حالت ۾ توکي جڳائي ٿو تھ ھڪ
شريف کي جنھن سان توکي سچي محبت ٿي وئي آھي، ائين
ڦاسائين. ڇا ائين تنھنجي مراد پوري ٿي سگھي ٿي.“
سڄي رات خورشيد پاسا بدلائيندي رھي، صبح جو چئين بجي اٿي ھلي
وئي، پرديسي اڪيلو رھجي ويو، صبح جو اٿي تھ خورشيد
غائب، ھن جي دل ڀرجي آئي، آفيس کان موٽي اچڻ تي ھن
ماسيءَ جي ھٿ ۾
400
روپيا ٻيا رکي چيو تھ ھي
خورشيد کي ڏجانءِ اڄ شام جو آئون ڪراچي ھليو
ويندس، جتان سڀاڻي جھاز ۾ يورپ جي لڙائي ۾ وڃي
شامل ٿيندس. خدا حافظ!
پرديسي جي وڃڻ کان پوءِ ڇانوڻي جي اسڪول ۾ خورشيد ڪيترا ڏينھن
پٽيوالي ٿي پنھنجو گذران ڪندي ھئي.
پرديسي جي ياد دل ۾ لڪائي چرين وانگر پئي گھمندي ھئي، نيٺ بي
پرواھيءَ ۽ نوڪري پوري طرح نھ ڏيڻ جي حالت ۾ ھن کي
اسڪول مان ڪڍيو ويو. ھن جو گذران ڏکيو ٿي پيو.
ھوءَ جي گھري ھا تھ پنھنجي اڳئين اوج کي پھچي سگھي
ھا، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ جوان ھئي، پر پرديسيءَ جي محبت
ھن کي وڌيڪ ناپاڪ ۽ گناھ جي رستي کان ھٽائي ڇڏيو،
ھن جي منھن تي ھاڻي پائوڊر نھ لڳندو ھو نھ چپن تي
سختي، نھ اکين ۾ ڪاجل، بلڪھ ھوءَ نھايت سادا ڪپڙا
پائڻ لڳي، نيٺ ھن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، سندس
ڪپڙا ڦاٽي ويا، وار نوڙين وانگر وٽجي گندا ٿي ويس،
ھن جو گذران ھاڻي پنڻ تي ھو، ماني ٽڪر ملندو ھوس
تھ کائيندي ھئي نھ تھ ڏينھن جا ڏينھن لنگھڻ ھوندا
ھئا.
ڏھھ سال گذري ويا، خورشيد ائين پئي چرين وانگر ڇانوڻي جون
گھٽيون گھمندي ھئي، ڪنھن کي ڪھل پوندي ھئي تھ
گھرائي ماني ٽڪر ڏيئي ڇڏيندو ھوس، ھوٽل وارا ڪڏھن
ڊبل روٽي ۽ چانھھ جو ڪوپ ڏيندا ھئس تھ پي وٺندي
ھئي، ھڪڙي ڏينھن ائين ڏياري جا ڏينھن ھئا،
ڇانوڻيءَ جي وڏي سڙڪ تي ھوءَ ھڪ ننڍي پل وٽ ويٺي
ھئي، تھ پاسي کان ھڪ موٽر لنگھي ويو. موٽر آھستي
آھستي وڃي رھيو ھو، جنھن ۾ ھڪ فوجي آفيسر وردي
پھريل ويٺو ھو، ھن جي پاسي ۾ ھڪ خوبصورت جوان عورت
ويٺي ھئي. ھن فوجي آفيسر کي سڃاڻي ورتو. اھو
پرديسي ھو، خورشيد موٽر جي پٺيان ڊوڙي وئي، ڏٺائين
تھ ٻھ چار بنگلا لنگھي موٽر ھڪ بنگلي ۾ گھڙي وئي،
خورشيد بھ انھيءَ بنگلي ۾ اچي نڪتي. بنگلي ۾ گھڙي
پٺين پاسي وئي ۽ ھڪ دريءَ مان جھاتي پائي ڏسڻ لڳي.
ڏسي تھ فوجي آفيسر برابر اھو پرديسي آھي، جو ميز
تي ويھي ھن خوبصورت عورت سان کاڌو کائڻ جي تياريءَ
۾ آھي، اوچتو پرديسيءَ جي نظر دريءَ تي پئي ۽
خورشيد کي جھاتي پائيندو ڏٺائين. آھستي سان ھڪ
نوڪر کي سڏي ڪجھھ چيائين، نوڪر پٺين پاسي کان وڃي
خورشيد کي جھلي بنگلي جي سامھون در وٽ وٺي آيو.
پرديسي اٿي پوليس کي فون ڪيو، پنجن منٽن ۾ پوليس
صوبيدار موٽر تي چڙھي پھچي ويو. اتي پرديسي ٻاھر
نڪري صوبيدار کي چوڻ لڳو تھ ڇانوڻي ۾ اھڙي طرح
پاگل زالون آواره گھمنديون وتن ۽ پوليس ڪو بندوبست
نٿي رکي. ھي زال مون کي چور يا پاڳل معلوم ٿي ٿئي.
ھن کي حوالات ۾ رکي چالان ڪري ڇڏيو.
پوءِ خورشيد جي طرف گھوري ڏسڻ کان پوءِ پڇڻ لڳو، اڙي چري!
تنھنجو ڇا نالو آھي.
خورشيد! با وفا خورشيد، پنھنجو راز پنھنجي سيني ۾ لڪائيندي ۽
اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي جواب ڏنو، ”صاحب! مون کي
گنگا سڏيندا آھن.“
گنگا خاموش ٿي وئي، جيڪي ماڻھو اتي ويٺا ھئا، تن جا ڏند وڃي چپن
سان لڳا. مون ڏٺو تھ گنگا جي اکين مان لڙڪ وھي
رھيا ھئا ۽ ھن جي پيشاني ڏانھن نھاريم تھ ھڪ داغ
تاري جي شڪل جو سندس پيشانيءَ تي چمڪي رھيو ھو.
گنگا اتي وڌيڪ نھ ترسي اسان سڀني کي حيرت ۾ وجھي
پنھنجي وارڊ ڏانھن ھلي وئي.
بدنصيب راڌا
پنجين سنڌي ادبي ڪانفرنس مان سال
1944ع
۾ جڏھن لاڙڪاڻي وڃڻو ٿيو تھ اتي ويرومل وڪيل سان
ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، وڪيل صاحب ڏاڍو يار
ويس ۽ ادب دوست انسان ھو، شام جو چانھھ وڪيل صاحب
وٽ پيتي سين.
نھايت
پرتڪلف دعوت ھئي، چانھھ کان پوءِ وڪيل صاحب
پنھنجي ڀاڻيجي گورڌن جي بيماريءَ جو ذڪر ڪيو تھ
ٿورا مھينا ٿيا آھن، جو ھن جو دماغ خراب ٿي پيو
آھي، گورڌن ھن جي وڌوا ڀيڻ جو ھڪڙو ئي پٽ ھو، مون
وڪيل صاحب سان ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٻئي
ڏينھن صبح جو گورڌن کي تپاسڻ جو وعدو ڪيو، صبح جو
کيس تپاس ڪندي معلوم ٿيو تھ ھو ھميشھ ماٺ ۾ رھي
ٿو، نھ ڪنھن سان ڳالھائي ٿو تھ ٻولائي ٿو. ماني
کيس ڏجي ٿي تھ کائي ٿو نھ تھ گھر ڪري اصل ڪين ٿو
وٺي. ماني کائڻ کان اڳي ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ھٿ
ڌوئڻ تي تمام گھڻو وقت لڳائي. ٿو، اتي مون کي شڪ
پيو تھ سندس حياتي ۾ ڪو اھڙو واقعو ٿي گذريو آھي،
جنھن کي ھن لاشعور ۾ اڇلائي وڌو آھي ۽ ھاڻي ظاھر
انھيءَ گناھ کي صفا ڪرڻ لاءِ ھٿ ڌوئڻ ۾ ايترو وقت
لڳائي ٿو. مون وڪيل صاحب کان بيمار جو سمورو
احوال پڇي پوءِ کيس صلاح ڏني تھ اسپتال ۾ داخل
ڪرائي تھ اميد آھي تھ ترت علاج ٿيڻ جي ڪري کيس
فائدو ٿي پوي. وڪيل صاحب منھنجي صلاح وٺي، کيس ترت
اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ٻن ھفتن جي مسلسل علاج مان
کيس گھڻو فائدو ٿيو ۽ ٿوري نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تي
جيڪو واقعو ظاھر ٿيو سو گورڌن جي پنھنجي زبان ۾
پيش ڪريان ٿو، گورڌن تعليم يافتھ ھو ۽ ادبيات سان
نھايت گھري دلچسپي رکندو ھو.
ڊاڪٽر صاحب ٽن ورھين جي ڳالھھ آھي، پر ائين پيو ڀانيان ڄڻ تھ ڪو
ڪالھھ اھو واقعو پيش آيو آھي، حياءَ ۽ شرم کان
ٻڏيو ٿو وڃان ۽ پگھر ۾ ٿيو پوان.
جيون جي ڪنھن منحوس گھڙيءَ ۾ پرش کان ڪا اھڙي ڀل ٿيو پوي، جو
جيءُ گھرندو آھي تھ انھيءَ جي پڇتاءَ ۾سڄار روئندي
رھي. آئون جو چريو ٿي پيس تھ منھنجي اھا سزا ھئي،
ان جي اھائي پراسچت ٿي سگھي ٿي.
آئون جنھن آڪھھ جو سپوت آھيان، اوھان کان ڳجھو ڪونھي، جيتوڻيڪ
پتا ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو، پر مامي اسان تي ديا جي
نظر رکي، مون کي پالي وڏو ڪيو ۽ پوءِ وڍيا ڏياري
انھيءَدرجي تي پھچايو، ايم، اي ڪيم ۽ ھڪ ڪاليج جو
پروفيسر ھوس.
گرميءَ جي مند ۾ مامي جو دستور ھوندو ھو تھ ڪوئٽيا ھليو ويندو
ھو. پر مون کي ڪڏھن بھ نھ وساريندو ھو، ھميشھ لکي
موڪليندو ھو تھ ڪاليج بند ٿيڻ شرط ڪوئٽيا پھچي
وچان، گرميءَ جي موڪلن ۾ ڪاليج بھ ٻھ مھينا کن
بند رھندو ھو. تنھنڪري آئون بھ ھتي پھچي ويندو
ھوس، مامي جو پنھنجو بنگلو ھو، شنڊيمن روڊ تي رستي
جي ٻنھي پاسن کان بنگلن جي ھڪ ٻئي پٺيان قطار لڳل
ھوندي ھئي، بنگلن ۽ سڙڪ جي وچ ۾ وري وڻ ئي وڻ لڳا
پيا ھوندا ھئا، پري کان جبل بيٺا ھئا. جن تي ساوڪ
عجيب نظارو لڳايو بيٺي ھئي، قدرت جو ڇا بيان ڪجي،
ڏاڍي فراخ دلي ٿي وئي ھئي، جڏانھن کڻي نھار تھ
نظارا نظر پيا ايندا ھئا، جبلن تان وھندڙ پاڻي،
عجيب ۾ رم جھم لڳايو بيٺو ھوندو ھو. اھي نظارا
منھنجي طبيعت ۾ ڏاڍي فرحت پيدا ڪندڙ ھئا. بنگلي جي
اندر باغ ۾ قسمين قسمين گل، ديسي توڙي ولائتي،
عجب بھاري لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. آئون نظاري کان
ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو ھوس ۽ گھڻو ڪري صبح جو پوڄا
پاٽ ڪري، واندو ٿي سويري اچي باغ ۾ گھمندو ھوس ۽
گلن جو واس وٺي طبيعت کي خوش ڪندو ھوس، مامي جي
بنگلي جي سامھون سڙڪ جي ٻئي پاسي ھڪ سيٺ جو
عاليشان بنگلو ھو. گھوڙا گاڏيون، ٽانگو، موٽر نوڪر
چاڪر سڀ ڪجھھ ھئا. ھي ھڪ مارواڙيءَ سيٺ جو بنگلو
ھو. سيٺ ايترو پڙھيل نھ ھو، پر انگريزي فيشن جو
پوڄاري معلوم ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ھن جا نوڪر چاڪر سڀ
وردي پھريل ھوندا ھئا، ۽ سندس کائڻ وغيره جو نمونو
سڀ انگريزي رنگ ڍنگ جو ھو. ھر وقت بنگلي مان
ھارمونيم، پيانو ۽ گاني جا آواز پيا ٻڌبا ھئا،
مطلب تھ ھن بنگلي جو سڄو وايو منڊل مون کي پراسرار
معلوم ٿي ٿيو. جڏھن بھ ھن بنگلي جي دروازي وٽان
لگھندو ھوس تھ مون کي ائين پيو محسوس ٿيندو ھو تھ
ڪو منھنجي چرپر کي جاچي رھيو آھي. نوڪر وغيره پاڻ
۾ سس پس ڪندا نظر ايندا ھئا، ائين پيو معلوم ٿيندو
ھو تھ ڪو غيرمعمولي واقعو ٿي گذريو آھي. ھڪ ڏينھن
صبح جو آئون ۾ ويٺي گلن جو واس وٺي رھيو ھوس ۽
رنگارنگي پوپٽن کي گلن جي ٻوٽڻ ۾ اڏامندو ڏسي جاچي
رھيو ھوس تھ منھنجي نظر اوچتو سامھون سيٺ واري
بنگلي جي باغ تي پئي.
ڏٺم تھ ھڪ خوبصورت عورت مون ڏانھن نھاري مشڪي رھي آھي. پھريائين
مون ڪو ڌيان ن ڏنو، پر پوءِ ڏٺم تھ ھر ھر ھوءَ
منھنجي طرف ئي ڏسي مشڪي رھي آھي، آئون ڊڄي ۽ يڪدم
پنھنجي بنگلي ۾ اندر ھليو ويس. ٻھ ٽي ڏينھن سانده
اھو تماشو ٿيندو رھيو، رات جو انھيءَ ڳالھھ تي
ويچار ڪندو رھيس، اھا خوبصورت زال مون کان اوستا ۾
گھڻو وڏي نظر ٿي آئي. مون خيال ڪيو تھ مبادا اھا
مارواڙي سيٺ جي زال نھ ھجي، پر وڌيڪ سوچڻ تي دل ۾
اتپن ٿيو تھ مائي مارواڙي جاتيءَ جي نظر نٿي آئي.
نيٺ دل ۾ پڪو ارادو ڪيم تھ پنھنجي ڪل کي ٽڪو نھ
لڳائيندس. منھنجي سکيا کي ڦٽڪار، جو ايتري وديا
پراپت ڪرڻ کان پوءِ بھ دل ۾ اھڙا ڪڌا خيال ڌاريان.
صبح جو سويري اٿي ٻاھر نڪرڻ جي عادت ٿي پئي ھئي،
تنھنڪري اندر ويھڻ نٿي وڻيو، لاچار بنگلي کان ٻاھر
سڙڪ تي پري پري کان گھمي ڦري نيرن ڪرڻ لاءِ موٽي
ايندو ھوس تھ ڏسڻ ۾ ايندو ھو زال بيٺي آھي، پر
آئون ڪا پرواه نھ ڪندي اندر ھليو ويندو ھوس، چئن
پنجن ڏينھن کان پوءِ ڏٺم تھ مائي ٻاھر اچڻ از خود
بند ڪري ڇڏيو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو نيرن ڪرڻ کان پوءِ
مامي مون کي جدا ڊرائنگ روم ۾ سڏي چيو تھ گورڌن
توسان ڪجھھ ڳالھائڻ گھران ٿو. مون کي عجب لڳو
ويچار ڪرڻ لڳس تھ ڪھڙي ڳالھھ ھوندي،جو ماما پڇڻ
ٿو گھري، ڇاڪاڻ تھ ويجھڙائي ۾ ڪي شڪي ڳالھيون ٿي
گذريون ھيون، جن سان منھنجو ڪو واسطو نھ ھو، نھ ڪو
منھنجو ڏوھ ھو. وري خيال آيم تھ ماما چوندو تھ
گوڌرن تون سانجھيءَ جو ڪلب ڇو نٿو ھلين؟ ھڪ ٻھ
دفعو ڪلب ويو ھوس، پر مون کي ھتي مزو ڪونھ آيو،
تنھنڪري وڃڻ بند ڪري ڇڏيم. ماما روز ڪلب ويندو ھو.
ٽينس راند ڪري رات جو موٽي ايندو ھو. آئون
نويڪلائي زياده پسند ڪندڙ ھوس، منھنجو سڀاءُ تي
اھڙو آھي، تنھن کي ڪو ڇا ڪندو؟ ڊپ ھوم تھ متان
ماما زور ڀري تھ منھنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو، ڇاڪاڻ
تھ آئون ماما جي ڳالھھ موٽائي نھ سگھندو ھوس.
اھي دليل ڊوڙائيندو آئون ماما جي ڪوچ جي سامھون ھڪ ڪرسيءَ تي
ويھي رھيس، تھ ماما چيو، ”گورڌن! توکي ايترو
نويڪلائي پسند نھ ٿيڻ گھرجي تو جھڙي وديارٿي ۽
ودوان کي تھ سماج ۾ پنھنجي لاءِ جڳھھ ٺاھڻ جي ڪوشش
ڪرڻ گھرجي.“
مون وراڻيو تھ، ھائو ماما! اڃا پروفيسري جي شروعات آھي، پگھار
بھ گھٽ آھي، تنھنڪري ڪمائي جي چنتا ٿوري گھٽجي تھ
سماجي ڪمن کي بھ منھن ڏيون، اھو ٻڌندي ئي ماما
ٿورو ويچار ۾ پئجي ويو، ڪجھھ وقت سوچڻ کان پوءِ
مرڪندي چيائين، ”ٽيوشن جو ڪم ڇو نٿو کڻين؟ ان ۾
ڪجھھ نھ ڪجھھ ھڙ ۾ پئجي ويندئي. وراڻيم تھ ھائون
منھنجو بھ ارادو آھي، اڳتي ھلي ائيندس ڪندس.“
انھيءَ سوال تي آئون وائڙو ٿي ويس، بلڪھ گھٻرائجي ويس، وات مان
اکر ئي نھ پئي اڪليو، جيئن تيئن ڍري آواز سان وات
مان رڳو ”جي“ جو لفظ نڪتو. رھجي آئي جو ماما
منھنجي بدحواسي ۽ پريشاني پروڙي نھ سگھيو، ھو رڳو
پنھنجي ڳالھھ ڪرڻ ۾ مگن ھو، چوڻ لڳو، ”ويچارو ڏاڍو
سٺو ماڻھو آھي. ڪالھھ مون کي ڪلب ۾ گڏيو ھو،
چيائين ٿي تھ سندس زال سان گڏ ھن جي سالي بھ ڳوٺان
آئي آھي. انگريزي سيکارڻ لاءِ ھن کي ڪنھن سٺي
ٽيوٽر جي ضرورت آھي، تنھنڪري مون کان صلاح ٿي
گھريائين تھ ڇا ڪجي، مون ترت تنھنجي لاءِ ھن سان
ڳالھھ ٻولھھ ڪري ڇڏي آھي.
مان ماما کي ڪجھھ چئي ڪين ٿي سگھيس وري بھ منھنجي وات مان ”جي“
جو لفط نڪتو.
ماما چوندو ويو: ”ڪلاڪ ڏيڍ رڳو پڙھائڻو پوندئي. سيٺ تمام گھڻو
شاھوڪار آھي، تنھنڪري پئسن جي ڳالھھ نھ چوريم جو
پاڻيھي چڱي رقم ڏيندو. منھنجي اڇا ھئي تھ سيٺ سان
تنھنجي ڏيٺ ٿئي تھ تنھنجو اتي اچڻ وڃڻ ٿئي، سماج
۾پير رکڻ لاءِ پنھنجو مقام قائم ڪرڻ لاءِ اھڙي
سٻنڌ جي ڏاڍي گھرج آھي.
منھنجي واتا مان وري بھ ”جي“ جو لفظ نڪتو.
ماما وري چيو ”چڱو! اڄ شام جو سيٺ توکي ستين بجي سڏيو آھي، سو
تون پوري وقت تي وڃجانءِ.“
مان ماٺ ڪري ڪمري مان نڪري آيس، ھاڪار يا ناڪار جو مون لاءِ
سوائي ڪونھ ھو، جو ماما جو حڪم ڪنھن بھ حالت ۾
ٽارڻ مون لاءِ ممڪن ئي نھ ھو.
شام جا ست لڳا ھئا، سيٺ جي سنگاريل ڊرائنگ روم ۾ نوڪر مون کي
آڻي ويھاريو، ھن کي شايد منھنجي اچڻ جو اڳي ئي
چتاءُ ڪيو ويو ھو. آئون ڪجھھ وقت گھر جي ڀاتين جي
اچڻ جي انتظار ۾ ڊرائنگ روم ۾ ھر ھڪ پيل شيءِ کي
پنھنجي نظرن مان ڪڍي رھيو ھوس، تھ ايتري ۾ پاسي
واري ڪمري کان ڳائڻ جو سريلو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، آواز
نھايت مٺو ۽ دل ڇڪندڙ ھو. راڳ مون کي ڀانت جي
خيالن ۾ وجھي ڇڏيو، آئون ڪيتري وقت تائين خيالن جي
وھڪري ۾ وھي رھيو ھوس ۽ ايترو مگن ھوس جو ڪنھن جي
پيھي اچڻ جي پيرن جي آھٽ بھ مون کي سجاو نھ ڪيو،
تان جو ھڪ نھايت نرم ۽ سريلو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
آواز تي يڪدم ڇرم ڀري نھاريم تھ ڏسان تھ ھڪ قدآور عورت منھنجي
اڳيان بيٺي آھي.
آئون تڪڙو اٿي بيٺس، زال ٽھڪ ڏيئي کلي رھي ھي، سڃاتم تھ ھيءَ
اھائي عورت ھئي جا ڪيترن ڏينھن کان صبح جو سيٺ جي
بنگلي واري باغ مان مون ڏانھن نھاري مشڪندي ھئي،
سندس چھري کي غور سان ڏسڻ تي پتو پيو تھ جيتوڻيڪ
ڏيڻ جي سھڻي ھئي، مگر اوستا ۾ اڌڙ معلوم پئي ٿي،
رڳو پري کان پتو ڪونھ ٿي پيو. سندس پٺ تي ھڪ
نوجوان ڇوڪري بيٺي ھئي، ڇا بيان ڪريان، ڄڻ ڪا سرڳ
مان اپڇرا ڌرتيءَ تي لھي آئي ھئي، بس ڏسڻ سان اسان
جون اکيون چار ٿيون دل ھٿن مان ڇڏائجي وئي. مون
يڪدم تاڙي ورت تھ سيٺ صاحب جي سالي اھائي ھوندي ۽
قدآور عورت ھن جي زال. پر آئون ڏاڍي اچرج ۾ ھوس تھ
ٻنھي جي شڪلين ۾ ڪيڏو نھ تفاوت ھو. ھو ٻئي ڀينرون
معلوم ئي ڪين ٿي ٿيون. آئون انھيءَ سوچ ۾ ويچار ۾
ھوس تھ سيٺ جي زال ھڪ ڪوچ تي ويھي رھي ۽ ھوءَ
نوجوان ڇوڪري بھ شرمائيندي سندس پاسي ۾ ڪوچ جي ڪنڊ
وٺي ويھي رھي، سيٺ جي زال منھجي پريشاني محسوس
ڪندي کلندي، مون کي بھ ويھڻ لاءِ چيو مان شڪريو
بجا آڻيندي، ڀر واري صوفي تي ويھي رھيس، سيٺياڻيءَ
پڇيو؛ ”اوھان ئي گورڌن آھيون....!“
منھنجون اکيون ڇوڪريءَ ۾ ھيون، ھيمشھ جي عادت وانگر مون ”جي“
چيو.
ھن وري پڇيو ”ويرمل وڪيل جا ڀاڻيجا.“
رسمي تعارف جھڳڙي کي ختم ڪرڻ جي نيت سان مون تڪڙو تڪڙو جواب
ڏنو: ”جي ھا!“
سيٺياڻي وري ڇوڪريءَ طرف ھٿ جو اشارو ڪندي چيو، ”ھيءَ منھنجي
ننڍي ڀيڻ آھي.“
اوچتو ڏٺم تھ ڇوڪري وڌيڪ پٺتي ڪوچ جي ڪنڊ ۾ سرڪندي وئي، منھنجي
نظر سيٺياڻي جي چھري تي پئي، ڏٺم تھ سھڻي تھ ھوءَ
اڳي ئي ھئي، پر سندس سڄو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو ۽ پوءِ
آھستي آھستي جھڪو ٿيندو ويو، تان جو سندس چھرو صفا
ڦڪو ٿي ويو، پر ھن جلد پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ نھايت
سنجيدگي سان چوڻ لڳي، ”ھن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ
اوھان کي تڪليف ڏني وئي آھي.“
ايتري ۾ ڏٺم تھ ھڪ پوڙھو شخص سھڻو وڳو پھريل، صحت مند ۽ کل مک
ٿي ڏٺو، اندر گھڙي آيو، سمجھيمن تھ ھي سيٺ صاحب ھو
جو انھيءَ بنگلي جو مالڪ ھو. يڪدم اٿي بيٺس، ھن
تڪڙو تڪڙو مون سان ھٿ ملائيندي ٻئي ھٿ سان مون
ڪلھي کان جھلي ڪوچ تي وھاريندي چيو، ”ڪيئن گورڌن
خوش آھيو؟ مون اوھان کي ڪلب ۾ڏٺو آھي پر اوھين اتي
گھٽ ٿا اچو.“
مون پنھنجي ھميشھ جي عادت موافق تمام سنھي آواز ۾ چيو ”جي آئون
اڪيلو گذارڻ وڌيڪ پسند ڪندو آھيان.“
سيٺ صاحب مرڪندي چيو، ”سٺي عادت آھي ڏاڍي سٺي عادت! مون کي اھا
عادت وڻندي آھي، اھڙو ماڻھو مون کي پسند آھي ڇاڪاڻ
تھ ھو ڪڏھن بھ خطرناڪ نھ ھوندو آھي، بلڪھ چئي
وان.“
اھو ٻڌندي ئي جا ڇوڪري ڪوچ جي ڪنڊ ۾ موڙيو سوڙيو ويٺي ھئي، سا
ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
سيٺ ڏمرجي سيٺياڻيءَ طرف اھڙي طرح ڏسڻ لڳو ڄڻ تھ اکين ئي اکين ۾
ھن کي چئي رھيو ھو تھ ڇوڪريءَ کي ائين نھ ڪرڻ
کپندو ھو، پوءِ مشڪندو ڇوڪريءَ ڏانھن مخاطب ٿي چوڻ
لڳو، ”راڌا! تون تھ ڪا مورک آھين، انھيءَ ۾ کلڻ جي
ڪھڙي ڳالھھ ھئي.“
پوءِ مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ”راڌا ڏاڍي چنچل آھي! مون کي
اميد آھي تھ انگريزي سيکارڻ سان گڏ ھن کي ڪجھھ
مريادا ۽ ادب بھ سيکاريندوئ.“
آئون اچرج ۾ ھوس ۽ منھنجي دل ۾ ڏاڍي چورا کورا ھئي تھ ڇا ٿي
رھيو آھي، عجيب قسم جو لشڪر اچي گڏ ٿيو آھي، ھڪ
پاسي اڻپڙھيل پر با تھذيب مارواڙي ڪراڙو، تھ وري
ھن کان عمر ۾ گھٽ اڌوڙت سھڻي زال، جا ھن جي جاتيءَ
جي ڪنھن بھ حالت ۾ نٿي لڳي، تھ وري چنچل پر لڄاري
خوبصورت ڇوڪري جا ھن جي ڀيڻ اصل ڪين ٿي لڳي.
منھنجو دماغ بھ چڪر ۾ ھو، مان سيٺ صاحب ۽ ھن جي
زال جي چھري جون ڦيريون گھيريون ڏسي رھيو ھوس، سيٺ
صاحب منھنجي پريشانيءَ کي تاڙيندي گفتگوءَ جو رخ
بدلائيندي چيو، ”پروفيسر صاحب، راڌا لاءِ ڪھڙي قسم
جي ڪتابن جي ضرورت پوندي؟ لسٽ لکائي ڇڏيو تھ سڀاڻي
تائين بازار مان گھرائي وٺجن ۽ اوھان پنھنجو ڪم
سڀاڻي کان شروع ڪري ڇڏيو.“
منھنجي وات مان وري بھ ”جي“ جو لفظ نڪتو، سيٺ صاحب مشڪندي تاڙي
وڄائي، نوڪر کي سڏ ڪيو، ڏٺم تھ ھڪ خانسامان وردي
پھريل، ھڪ ٽري ۾ ڪجھھ گلاس کڻي آيو ۽ ھن جي پٺيان
ٻيو نوڪر بھ وردي پھريل ٻي ٽري ۾ وسڪي، اسڪواش ۽
کليل سوڍا جون ٻاٽليون آنديون ۽ ٽيون بھ ھڪ پاسي
ٽري ۾ خالي پليٽون ۽ ٻئي پاسي سئڊوچ، سمبوسا ۽
قسمين قسمين کاڌي جو سامان ۽ سڪل ميوا آندا،
خانسامان بنا چرڻ جي پھريائين مون وٽ آيو، مون ھڪ
گلاس ھٿ ۾ کڻي ليمن اسڪواش ورتي ۽ سوڍا وجھي
پنھنجو گلاس ڀريو، تنھن سان سيٺ چيو، ”ڇو وسڪي نٿا
وٺو؟“
مون وراڻيو ”نھ! مون کي پيئڻ جي عادت نھ آھي.“
ڏٺم تھ سيٺ ڏاڍو خوش نظر آيو، سيٺ ۽ ھن جي زال وسڪي ورتي ۽ راڌا
مون وانگر اسڪواش، آئون حيران ھوس تھ راڌا مون کي
ڏسي ائين ڪيو نھ تھ شايد يا ھوءَ بھ پيئندي ھئي،
ڇاڪاڻ تھ سيٺ جي گھر جو وايو منڊل اھڙو ھو جو بچڻ
مشڪل ٿي نظر آيو.
راڌا کي پاڙھڻ منھنجي لاءِ ڪو سولو ڪم نھ ھو، ھن جا گھڻائي سبب
ھئا، ھوءَ ڪا ٻار نھ ھئي، اٽڪل سترھن ارڙھن سالن
جي ٿي چڪي ھئي، ھن کي وڌيڪ ڪجھھ چئي نٿي سگھيس،
وري ھڪ شاھوڪار جي ڌيءَ، سختي جو الائي ڇا نتيجو
نڪري. تنھن کان سواءِ طبيعت جي چنچل، ڳالھھ ڳالھھ
تي کي مسخري، شاھوڪار ۽ وڏي خاندان جي ھجڻ سبب
نھايت بي پرواه ۽ بي فڪر نينگري، اڄ سوڌي مون اھڙي
نھ ڏٺي، سبق ياد ڪرڻ لاءِ ڏيندو ھوس تھ ٻئي ڏينھن
صفا ڪوري، ڊيل وانگر لڏندي ايندي ۽ چوندي. ”ماستر
صاحب! معاف ڪجو منھنجي ھڪ ساھيڙي آئي ھئي ۽ ڪالھھ
شام جو اسان ٻئي سئنيما ڏسڻ ھليا وياسين، سبق يا
نھ ٿي سگھيو.“
ماستر صاحب! ڏاڍو سٺو کيل ھو، چارلي چئپلن جو مون کي چرچي جا
کيل ڏاڍا وڻندا آھن، ماستر صاحب اوھين بھ اھو کيل
ضرور ڏسجو، پوءِ اتي چارليءَ جي ھلڻ جو نقل ڪري
ڏيکاريندي ھئي. آئون ھن جي اھڙين حرڪتن کان بنھھ
ڪڪ ٿي ويندو ھوس، پر ڇا ڪري ٿي سگھيس، جو مون کي
بھ پئسن جي گھرج ھئي ۽ ھيءَ ٽيوشن، وڪيشن ۾ منھنجي
لاءِ غنيمت ھئي، مون کيس تاڪيد ڪيو تھ سڀاڻي ھڪ
ٽڪرو ترجمو ڪري رکي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ڪجھھ ڪجھھ
انگريزي مڙيو ئي سکيل ھئي.
شروع شروع ۾ ھوءَ منھنجي لاءِ مٿي جو سور ھئي جو جيڪي پاڙھيندو
ھيومانس تنھن تي بحث ڪندي ھئي، ان جو سبب ھي ھو تھ
ھوءَ نھايت ذھين طبيعت جي ھئي.
جڏھن کيس
THROUGH جو اچار (دو) ٻڌايم تھ چوڻ لڳي
سمجھي ويس.
THROUGH جو اچار بھ ”ٽو“ ٿيندو تھ نھ اھو
”ٿف“ ٿيندو تھ پڇڻ لڳي تھ اھو ڀلا ڇو؟
تھ چيم، ”انگريزي ۾ ائين ٿيندو آھي.“
وري جڏھن کيس ٻڌايم تھ
AGUE
ايگيو آھي تھ چوڻ لڳي، ”ٺيڪ
آھي تڏھن
PLAGUE
ٿيو پليگيو.
تنھن تان مون چيو ”نھ! اھو ٿيو پليگ.“
تھ ڪتاب ميز تي رکي چوڻ لڳي، ”ماستر صاحب! ھاڻي تھ اوھان چيو
ايگيو تنھن ۾ جيڪڏھن
PL
گڏبو تھ لفظ ٿيڻ گھرجي پليگيو.
ھي انگريز تھ وڏا احمق آھن، ڪا ھڪ واٽ کڻي ھلن،
جڏھن سندن زبان ۾ ئي ايتري ڦڙتي گھڙتي آھي تڏھن تھ
پاڻ بھ اھڙا آھن.“
سندس اھڙا دليل ٻڌي آئون حيران ٿي ويندو ھوس ۽ مون وٽ جواب ئي
ڪونھ ھوندو ھو تھ کيس ڪيئ سمجھايان، سواءِ ان جي
تھ انگريزي زبان ۾ ائين ٿيندو آھي، منھنجي
پريشانيءَ کي ڏسي ھن کي مزو ايندو ھو ۽ پوءِ ڪتاب
ڦٽو ڪري وٺي ٽھڪ ڏيندي ھئي، مون کان بھ رھيو ڪين
ٿيندو ھو، لاچار ھن کي کلندو ڏسي مون کان بھ کل
نڪري ويندي ھئي، ھڪ ٻھ ڀيرا جڏھن ائين ٿيو تھ مون
ڏٺو تھ دروازي جي پردي پويان ڄڻ ڪو اچي بيٺو آھي.
آئون گنڀرائي سان چو ڪري ويندو ھوس ۽ سخت لھجي ۾
کيس سبق شروع ڪرڻ لاءِ چوندو ھوس.
ٻھ ٽي ھفتا راڌا کي پاڙھيندي گذري ويا، مگر ھن جي چنچلتا گھٽي
ڪانھ، چريا ڪيئن؟ ويرون وير وڌ. آئون رات جو
بستري تي سوچڻ لڳس تھ ھن ڪٽنب ۾ مڙيوئي دال ۾ ڪجھھ
ڪالا آھي. سوچن لڳس تھ آئون ھڪ غريب شخص آھيان،
پئسن جي گھرج بھ اٿم، اھڙي سولي ڪمائي ڪٿان ٿي
ملي، اڄڪلھھ ڪٽورو ڏيئي، ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي. ڪيئن
ھن ڇوڪريءَ کي قابو ڪجي، وڏي ماڻھوءَ جي ڌيءَ ھئڻ
ڪري کريل بھ ھئي، تنھنڪري کيس پريم ۽ ڀاونا سان
قابو ڪجي، جو ڪجھھ وقت پڙھي تھ منھنجي ڪمائي جو
چاڙھو ٿئي. ھونءَ تھ اجايو ويٺي ويٺي مفت ۾ مامي
جي ماني پئي کاڌم، بيڪار کاڌي کان اھڙي پاڙھڻ جي
بيگار ڀلي، نيٺ ھڪ خيال آيو جنھن کي آزمائڻ جو پھھ
پچائيندي سمھي پيس، ٻئي ڏينھن جڏھن راڌا کي پاڙھڻ
لاءِ ويٺس تھ ترجمو ڪري رکڻ جي بدران ھڪ نئين
شرارت سجھي آيس.
چوڻ لڳي ”ماستر صاحب!
P.W.D
جي معنيٰ ڇا آھي.
مون چيو تھ ”پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ.“
اکيون ڦڙڪائيندي چوڻ لڳي، تھ ماستر صاحب! اوھان کي ايترو بھ
نٿو اچي، پبلڪ جو ڪم ٿيندو آھي ڪھ پبلڪ ويسٽ
ڊپارٽمنٽ آھي.
پوءِ اٿي کلڻ لڳي، ايترو کليائين جو کلي کلي کيري ٿي پئي ۽
اوچتو اچي منھنجي ڀاڪر ۾ ڪري. رات جيڪا ڳالھھ سوچي
ھيم تنھن جو موقعو ملي ويو، يڪدم کڻي ڀاڪر ۾
ڀڪوڙيومانس ۽ پوءِ اکيون اکين ۾ ملائي چيم، خبر
اٿئي تھ انھيءَ گھڻي کلڻ جي ڪھڙي سزا آھي.
مٿو لڏوي چيائين تھ، ”نھ.“
ڏٺم تھ ھوءَ پاڻ کي منھنجي ڀاڪر مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ئي نھ پئي
ڪري، مون پنھنجو ڳل ھن جي ڳل تي رکي ڇڏيو، ڏٺم تھ
ھن جي بدن ۾ ڄڻ ڪا بجلي ڊوڙي وئي، اوچتو مون کي
خوف اچي ورتو تھ متان ڪو انھيءَ حالت ۾ اسان کي
اچي ڏسي نھ وٺي، لڄان تان لک قربان.
زخم جو ٽڪو لھيو وڃي، پر گلا جو ٽڪو نٿو لھي، اھو خيال ايندي ئي
مون ھن کي ڇڏي ڏنو، ھوءَ ھڪ پاسي ڪوچ تي ويھي رھي،
ڏٺم تھ ڪروڌ جي بدران گد گد نظر پئي آئي، پر ھن جي
کل بند ٿي چڪي ھئي، ٿوري دير کان پوءِ اٿي تڪڙي
تڪڙي ٻئي ڪمري ھلي وئي، مون کي اچي ڊپ کنيو، ڀانيم
تھ اجھو ڪو ممڻ ٿو مچي. جھڙو تڪڙو وئي ھئي، تھڙو
تڪڙو موٽي آئي. پر ھٿن ۾ ھارمونيم ھوس، ميز تي رکي
وڄائڻ ويٺي ۽ ھڪ پر سوز غزل ڳائڻ لڳي. جنھن ڳالھھ
جو ڊپ ھو، سا ٿي. ھڪ نوڪر مون کي اچي چيو تھ،
اوھان کي سيٺ صاحب ياد ٿو ڪري، آئون ڊڄندو ڊڄندو
سيٺ صاحب جي ڪمري ۾ پھتس، جنھن خطري کي ڪيترن
ڏانھن کان محسوس ڪري رھيو ھوس سو آڏيو آيو. سيٺ
صاحب ويھڻ لاءِ چيو، گورڌن تون منھنجي ننڍي ڀاءُ
جي برابر آھين، جوان آھين، چوندا آھن تھ جواني
ديواني آھي، تون ٻڌدان آھين، جيڪي مان چئي رھيو
آھيان سو سڀ ڪجھھ سمجھين پيو.
راڌا نادان آھي، پر توکي تھ ان سان گڏ بي سمجھھ نھ ٿيڻ گھرجي
تون اڌياپڪ آھين، ھڪ استاد آھين، توکي تھ ويچار
ڪرڻ کپي تھ ماڻھو ٻڌندا تھ ڇا چوندا.
سيٺ جو چوڻ صحيح ھو، ھن جي ڳالھھ معقول ھئي، آئون شرم ۾ ٻڏي ويس
مون کي سمجھھ ۾ آيو ئي ڪين ٿي تھ مون جھڙو سمجھو
بھ راڌا جي اڳيان ايندي اھڙو بيوقوف ڇو بڻجي ٿي
ويو. ماما ٻڌندو تھ ڇا چوندو. ڪھڙي منھن سان ھن جي
سامھون ٿيندس، نيٺ ھمت ڪري سيٺ صاحب کي چيم، ”راڌا
منھنجي سنڀالڻ کان ٻاھر آھي، آئون ھن جي حرڪتن تي
قابو پائي نٿو سگھان، منھنجي خيال ۾ ھن جي پاڙھڻ
جو اوھين ڪو ٻيو بندوبست ڪريو تھ چڱو.“
منھنجي ڳالھ ٻڌندي ئي سيٺ صاحب چيو، ”نھ نھ! گورڌن تو منھنجو
مطلب ئي نھ سمجھيو آھي، تو جھڙو شيل ۽ ڀلو ماڻھو
ٻيو مون کي ڪٿان لڀندو، آئون رڳو اھو گھران ٿو تھ
ٿورو وڌيڪ سچيت رھھ.“
آئون سيٺ صاحب جي بنگلي مان نڪري پنھنجي بنگلي ۾ وڃڻ جي بدران،
گھمڻ جي ارادي سان پري نڪري ويس ۽ سڄي واٽ سوچيندو
۽ ويچار ڪندو رھيس.
سيٺ کي ٻئي ماڻھوءَ جي بندوبست لاءِ تھ چيم، پر سچ پڇو تھ
اندران دل نٿي گھريو، آئون سمجھي ويس تھ ھي سڀ ڇا
ٿي رھيو ھو، ھن جو اڳي آزمودو تھ ڪونھ ھو، پر
ڪتابن ۾ پڙھيو ھوم تھ عشق جي آپدا انسان تي بنا
ٻڌائڻ جي ائين نازل ٿيندي آھي، سچ چيو اٿن تھ عشق
انڌو آھي. پريم جي انڌ ۾ مون راڌا کي ڀاڪر پاتو.
پنھنجي ھنج ۾ ڳراٺڙي پائي چيڀاٽيم ۽ پنھنجو ڳٽو ھن
جي ڳل سان لاتم.
مون کي ڇا ٿيو ھو لوڪ لڄا جو بھ خيال نھ ڪيم، گھٽ ۾ گھٽ مون کي
ائين نھ ڪرڻ کپندو ھو، پنھنجي دل ۾ پرن ڪيم تھ
گذشتھ راصلوات آئنده لاءِ احتياط. اڳتي راڌا سان
خيال ڪري ھلبو. اھڙو ڪو وجھھ ئي نھ ڏبس، جو بي
راھھ رويءَ کان ڪم وٺي، واتا مان اھڙو شبد ئي نھ
ڪڍبو، جو ھن جي ھمت وڌي. ٻھ چار ڏينھن خير سان
گذريا، ڏٺم تھ راڌا ڏاڍي گنبڀيرتائيءَ سان ھلي
پئي، سمجھيم تھ ھن جي بھ لاک لاٿي وئي ھوندي. آئون
ڏاڍو آنند ۾ ھوس تھ رھجي آئي، باقي راڌا کان دور
گذران ڏکيو پئي لڳم، منھنجي ھيءَ حالت ٻيا سمجھي
نھ سگھندا جتي باھھ ٻري اتي سيڪ ٿو اچي ٻيا ڇا
ڄاڻن. |