باغائي
اسپتال جي کوھن جو پاڻي اوچتو گھٽي ٿي ويو ھو تنھنڪري اھڙو
اطلاع انجنيئري کاتي کي موڪليو ويو ڇاڪاڻ تھ اسان
کي ڊپ ھو تھ ڀاڄين واري باغ کي جيڪڏھن پورڳ پاڻي
نھ ملندو تھ باغ سڪي ويندو ۽ بيمارن کي کاڌي ۾
ڀاڄيون گھٽ ملنديون تھ کاڌي بابت پڪار ٿيندي.
سالن کان وٺي ڀاڄيون بازار مان خريد نھ ڪندا
ھئاسين، بلڪھ ايتريون ڀاڄيون باغيچي ۾ پيدا
ٿينديون ھيون جو بيمارن کان سواءِ نوڪرن چاڪرن جو
بھ گذران ٿي پوندو ھو. اطلاع پھچڻ تي ايگزيڪيوٽو
انجنيئر صاحب، جو منھنجو دوست ھو، کوھن جي چڪاس ۽
معاملي جي دريافت لاءِ اسپتال اچي نڪتو، اسان گڏجي
اسپتال جا سڀ کوھھ ڏسڻ وياسين، پڇاڙي جو انھيءَ
کوھ وٽ وياسين، جتان بجلي جي وسيلي پاڻ ڇڪي باغ کي
ٿي پھچايو ويو.
اوچتو عباسي صاحب جي نظر قبول چرئي تي پئي جو ھميشھ وانگر باغ ۾
ويٺو ھو، عباسي صاحب مون کان پڇيو تھ ”ھي ڪير
آھي؟“ مون کلي جواب ڏنو تھ ھي قبول چريو آھي جنھن
جي حوالي اھو باغ آھي.
عباسي صاحب بھ کلي چيو تھ، ”ائين بيٺو آھي ڄڻ تھ سڄو باغ ھن جو
آھي.“
مون وراڻيو تھ ”عباسي صاحب قبول ھڪ مزيدار ڪردار آھي، ھن سان
ملي ڳالھيون ڪريو پاڻيھي خبر پوندي.“
عباسي: ھن کي آواز ڏيئي پاڻ وٽ سڏيو.
مان: ائين ھو ايندو ئي ڪين، اسان کي ان ڏانھن وڃڻو پوندو.
عباسي صاحب حيرت ۾ پئجي مون ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ائين ڀلا ڇو؟“
مان: (کلندي) ڇاڪاڻ تھ ھو پاڻ کي ھن اسپتال ۾ ڪيترين شين جو
مالڪ سمجھندو آھي.
عباسي: ڊاڪٽر صاحب ھلو تھ ڪجھھ اھو مزو بھ اڄ ڏسون منھنجو ڪيترن
ڏينھن کان خيال ھو تھ اوھان کي چوان تھ ڪي مزيدار
چريا مون کي ڏيکاريو ۽ انھن بابت ڪجھھ ٻڌايو.
اسان ٻئي ڄڻا قبول جي طرف وياسين، پر ھن کي پرواه ئي ڪانھ ھئي
تھ ڪير اچي رھيا آھن، تان جو اچي ھن جي ويجھو
پھتاسين، ھو ماٺ ڪري اسان کي ڏسي پنھنجي لنڊي
پتلون جي کيسي ۾ ھٿ وجھي ڀاڄين جي باري ۾ ٽھلڻ لڳو
۽ ٻئي ھٿ سان جنھن ۾ سنھي ڇڙي ھئس پنن کي ھيڏانھن
ھوڏانھن چورڻ ۾ لڳي ويو.
قبول جو دستور ھوندو تھ صبح جي ٻانگ ويلي منھن ڌوئي ڪوٽ پائي،
مٿي تي انگريزي ٽوپلو رکي، ھٿ ۾ بيد جي ڇڙي کڻي
بغل ۾ اخبارن جو ٿھو، جنھن جي اندر الائي ڪيترا
ننڍڙا ننڍڙا ڪاغذ ھوندا ھئا، باغ ۾ اچي ڀاڄين
واري ٽڪري ۾ صاحب بھادر وانگر پيو گھمندو ھو، تان
جو ٻنپھرن جي مانيءِ ويلي پنھنجي وارڊ ۾ ويندو ھو،
وري شام جو ساڳيو نموني تان جو سج لھڻ تائين اھو
سندس روزانھ جو دستور ھو.
قبول جڏھن چڪر لڳائي اتي پھتو تھ عباسي صاحب کلي چوڻ لڳو.
”ٻيلي! ڊاڪٽر صاحب! ماڻھو سومري جھڙو ٿو لڳي ھلي تھ ڪھڙي فلڪ
سان ٿو، تنھنجي بھ پرواھ ڪانھيس ٽوپلو ڏسوس، ڇڙي
ھٿ ۾ ۽ بخل ۾ اخبارون ڄڻ تھ ڪو صاحب بھادر آھي.“
ايتري ۾ جڏھن ھو نزديڪ آيو تھ مون سلام ڪيومانس تھ انگريزن
وانگر مٿو ڌوڻي جواب ڏنائين ۽ ٿورو چين سان
مرڪيائين، عباسي صاحب پڇيس، ”ھي ٻني ڪنھن جي آھي؟“
تھ ڇڙي وارو ھٿ ڇاتيءَ تي کي اشارو ڪندي چيائين ”منھنجي.“
مون پري آفيسن جي بلاڪ ڏانھن اشارو ڪندو پڇيومانس:
”ھو ڇا آھن ۽ ڪنھن جا آھن.“
جواب ڏنائين:
”منھنجو بنگلو آھي ھو سڀ مون ٺاھيا آھن.“
عباصي صاحب کي مزو آيو سو پڇيائين،
”ڪيئن ٿو چوين“
تھ بغل ۾ جي اخبارون ۽ ڪاغذ ھئس، تن ڏانھن اشارو ڪندي چيائين:
”ھنن ڪاغذن ۾ ھي سڀ لکيل آھن، اھي سڀ جڳھن جا نقشا ۽ سندون
آھن.“
اسان ٻئي موٽي کلندا آفيس ڏانھن آياسين عباسي صاحب کلندي پڇيو:
”ڊاڪٽر صاحب ھي سڀ ڇا آھي؟ ھن کي اھڙا خيال ڪٿان پيدا ٿيا آھن.“
مون جواب ڏنو، عباسي صاحب!
”ھن جا اھي خيال پنھنجي جاءِ تي بجا آھن.“
عباسي صاحب پڇيو:
”اھو ڀلا ڪيئن؟ مون کي بھ تھ سمجھايو آئون سمورو قصو ٻڌي پوءِ
ويندس.“
مون قبول جو سڄو قصو ھيئن بيان ڪيو:
قبول اڃا مس ڏھن ورھن جو ھو تھ وڏيري امداد خان جي بنگلي تي
پنجن روپين ۾ نوڪر بيٺو وڏيري جو بنگلو شھر کان
چئن ميلن جي فاصلي تي ھو. ھن کي ھڪ ننڍي عمر جي
نوڪري جي گھرج ھئي، جو گھر جوو يا گھر کان ٻاھر جو
معمولي ڪم ڪري اچي. وڏيري پنھنجي اڳين زال ۽ ان جي
مائٽن کان ڪڪ ٿي ٻي شادي ڪري زال کي ھن خلاصي
بنگلي ۾ آڻي رکيو ھو. گھر ۾ بھ ٻانھيون ۽ ھڪ ٻھ
نوڪر ٻيا بھ ھئا، تنھنڪري قبول کي تمام ٿورو ڪم
ڪرڻو پوندو ھو قبول ننڍي ھوندي کان تيز ۽ ھوشيار
ھوندو ھو. ماٺ ڪري ڪڏھن نھ ويھندو ھو، ضرور ڪجھھ
نھ ڪجھھ پيو ڪندو ھو. ٻيو نھ تھ ڀر واري زميندار
جي ٻنيءَ تي گليل کنيو پکي پيو ھڪليندو ھو.
زميندار جي پٽ سان بھ سنگت رکي ھئي. ڏيھاڙي ھن وٽ
ڪلاڪ ٻھ ويندو ھو ۽ سندن ڪم ڪار ھوندو تھ ڪري
ڏيندو ھو. قبول جو پيءُ آچر بھ ھاري ھو ۽ جڏھن ھو
ننڍو ھوندو ھو تھ پنھنجي پيءُ جي ٻنيءَ تي وڃي ھن
کي ڪم ڪندو ڏسندو ھو ۽ ھن جو نقل ڪندو ھو پر جڏھن
قبول جي پيءُ کي بي دخل ڪري ٻني کسي وئي تھ ھن کي
ڏاڍو ڏک ٿيو.
سانوڻ جو مھينو ھو، برسات بھ چڱي پئي ھئي، قبول ڇا ڪيو جو ڪوڏر
کڻي پورچي خاني جي پٺيان زمين کي کوٽي ھڪ ٻارو
تيار ڪري ورتو ائين بورچي خاني مان ڌاڻا چورائي
انھيءَ ٻاريءَ ۾ ڇٽي ڇڏيو، وڏيري ائين جي سترھن
ورھين جي ڌيءَ جنھن جو نالو نجما ھو، تنھن قبول جي
ھيءَ ڪارستاني ڏسي ورتي ۽ ھن کان ھلي وڃي پڇيائين.
”ڇاپيو ڪرين؟“
قبول خوش ٿيندو وراڻيو:
”ڌاڻا پوکيا اٿم.“
سانجھيءَ جو وڏيري ڪنھن ڳالھھ تي چيو.
”ھي قبول ڪجھھ ڪم نٿو ڪري سڄو ڏينھن اجايو گھمي وڃائي ٿو.“
نجما ھن جي وڪالت ڪئي.
”بابا! قبول ھڪ ٻاري پوکي آھي.“
وڏيري ڪاوڙ ڪندي جواب ڏنو
”ھو ھميشھ اھڙيون اجايون حرڪتون ڪندو رھندو آھي.“
اھو ٻڌندي قبول کي خار لڳي ۽ ڪوڏر کڻي سڄي ٻاري ڦٽائي سڌي ڪري
ڇڏيائين.
ٻئي ڏينھن جڏھن نجما پڇيس، ”ڇو قبول ٻاري ڊاھي ڇڏيئي.“
تھ قبول اداس چھري سان جواب ڏنو. ”وڏيرو صاحب ٿو ڪاوڙ ڪري. آئون
ھتان ٿورو پري زمين جاچي آيو آھيان اتي وڃي ٻاري
ٺاھيندس.“
نجما کلندي ھلي وئي، ٻئي ڏينھن سڀني جي اک بچائي بنگلي کان ٿورو
پري قبول ٻھ ٽي ٻاريون تيار ڪري ڇڏيون ۽ جيڪي ھٿ
چڙھيس سو سڀ پوکي ڇڏيائين، ڌاڻا، ٿوم، بصر ۽
توريون وغيره چئن پنجن ڏينھن کان پوءِ جڏھن سلا
ڦٽي نڪتا تھ نجما وٽ ڊوڙندو آيو ۽ سھڪندي چوڻ لڳو:
”بي بي سلا نڪتا آھن.“
نجما پھرين ھن جي ڳالھھ نھ سمجھندي تعجب ۾ پڇيو:
”ڪٿي؟“
”ھلو، ھلي ڏسو.“
قبول نجما کي وٺي آيو جتي ھن ٻاريون ٺاھيون ھيون ۽ کيس مختلف
سلا ڏيکارڻ لڳو، انھيءَ ڏينھن کان وٺي نجما بھ ھن
راز ۾ قبول سان شامل ٿي. نجما کي خوش ڪرڻ لاءِ
قبول چار پنج وڏا ٻارا ٺاھي ورتا ۽ پنھنجي دوست
زميندار جي پٽ کان صلاح وٺي ڪيترن قسمن جو ڀاڄيون
پوکي ڇڏيون، رات ڏينھن قبول انھن بارين جي سنڀال ۾
جنبي ويو، نجما بھ ھن جي ڪم ۾ ڏاڍي دلچپسي وٺندي
ھئي ۽ جڏھن شھر ويندي ھئي تھ قسمين قسمين گلن جا
ٻج وٺي ايندي ھئي، جي قبول جدا ٻارين ۾ پوکيندو ھو
۽ سڀني کان وڌيڪ انھن گلن جي سنڀال رکندو ھو، انھن
کي پھرين پاڻي ڏيندو ھو ۽ پوءِ ٻين کي ۽ انھن گلن
جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن نجما پنھنجي پيءُ سان قبول جي ٻِارين جي ڳالھھ ڪئي،
ھو خوش ٿي ٻارين کي ڏسڻ لاءِ ويو ۽ قبول جي محنت
ڏسي ھن کي شاباس ڏنائين، قبول خوشيءَ کان ڪپڙن ۾
نھ پيو ماپي ڏينھنون ڏينھن بنگلي جي چوڌاري وڻ
پوکيندو ۽ ٻاريون ٺاھيندو ھو ھن جو سڄو ڏينھن ڪم
ھو، ٻارين کي پاڻي ڏيڻ، زمين ريجائڻ، زنب ڪرڻ ۽
ڪڏھن ڀاڻ آڻي وجھڻ، مطلب تھ سڄو ڏينھن رڌو رھندو
ھو.
پنج ڇھھ سال گذري ويا محنت ۽ مزدوري ۾ قبول پٺتي نھ رھيو ڏينھن
ڏينھن پنھنجي ڪم ۾ ويو پختو ۽ پڪو ۽ ھوشيار ٿيندو.
بنگلي جي آسپاس جيڪا وايران زمين پئي ھئي، سا سڀ
پوکي سبز دار بنائي ڇڏيائين، اھڙ وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا
لڳائي ڇڏيائين. جو جيڪو ڏسندو ھو سو واھ واھ ڪندو
ھو. ھن جي محنت ڏسي وڏيرو حيران ھو. نجما تھ باغن
۽ ٻنين ۾ نچندي ڪڏندي ھئي، ھاڻي قبول جي سڀني وٽ
عزت ھئي، وڏيري ھن کي ميون، گلن ۽ باغبانيءَ جو
ساز ۽ سامان گھرائي ڏنو ۽ ھن جي ھٿ ھيٺ ٻيو ھڪ ڪم
لاءِ نوڪر رکي ڏنائين. باغ ٺاھڻ ۾ دماغ ۽ ترڪيب
نجما جي ھئي. تھ محنت قبول جي، بنگلي جي ڀتين تي
چنبيلي ۽ ٻين گلن جن وليون ھيون. بنگلي جي ڀتين
سان لڳو لڳو ميندي جا ٻوٽا ھئا، تھ رستي جي ٻنھي
پاسن کان بھ ميندي جا ٻوٽا ھئا، پاڻيءَ جي ننڍين
ڪسين جي ٻنھي طرف رات جي راڻي جي قطار ھئي، ھڪ
پاسي ھر قسم جا گلاب لڳل ھئا، تھ ٻئي پاسي نازبو،
بنگلي جي ساجي ۽ کاٻي پاسي انبن، نارنگين صوفن ۽
زيتونن جا وڻ بيٺا ھئا. مطلب تھ ھر طرف ھر قسم جي
گلن جا ٻوٽيا پکڙيل پيا ھئا، وڏيري جو بنگلو نھ ھ
پر ڪو محل، جادوءَ جو طلسم ٿي پيو ھو. جو ويران
زمين بھشت بنڄي وئي، قبول جي چوڻ تي بنگلي جي وڏري
دروازي جي ٿورو اڳيان، بنگلي ۽ دروازي جي بنھھ وچ
۾ ھڪ لوھي ڪٽھڙو ٺاھي ان جي اندر سنگ مرمر جو حوض
رکيو ويو ۽ حوض جي وچ ۾ ھڪ نلي تي سنگ مرمر جو
شينھن ٺھيل ھو، جنھن جي وات مان ڦوھاري وانگر پاڻي
پئي نڪتو جنھن کي ڏسي ڏاڍي فرحت پئي آئي.
قبول ۽ نجما صبح کان سانجھي تائين سڄي دنيا کان بي خبر باغ جي
پٺيان لڳا پيا ھوندا ھئا ۽ رات جو وقت ملندو ھو تھ
باغ بابت پيا ڳالھيون ڪندا ھئا، ھڪ چوي تھ ھتي
سرور جا وڻ لڳائڻ گھرجن تھ ٻيو چوي چنبيلي اجمير
مان گھرائڻ گھرجي ۽ مرتيو ٺٽي کان. پر ٻڌ تھ سھي
گلاب جا سڀ گل نھ آھي، آسماني ۽ ڪاري گلاب جا قلم
گھرائڻ گھرجن مون ٻڌو آھي تھ ڪارو گلاب امتسر ۾
پوکيو ويندو آھي، اھڙيون ڳالھيون آڌي رات تائين
پيا ڪندا ھئا.
قبول پنھنجي زندگيءَ جي رستي تي تمام خوش، سک ۽ سانت سان وڃي
رھيو ھو جو اوچتو ھڪ حادثو پيش آيو اھڙو جيئن ڪو
شخص جتي بيٺو ھجي اتي زمين ڦاٽي پوي.
ھڪڙي ڏينھن ھميشھ جي دستور موجب جيئن سويري باغ ۾ نجما ايندي
ھئي، نھ آئي قبول کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي ۽ ھو ھر
بنگلي ڏانھن نھارڻ لڳو ۽ ھن جي دل ڪم ڪرڻ تي اصل
نھ لڳي، ڏھين بجي جي ويجھو نجما ماٺ ميٺ ۾ آئي ۽
خاموش بيھي رھي، قبول بيقرراريءَ ۽ تعجب سان ھن
کان پڇيو، ”ڪھڙو حال آھي نجما بي بي؟“
نجما آھستي سان چيو، ”قبول.“
قبول حيرت ۾ سندس چھرو ڏسندي چيو، ”بي بي“ آئون وڃان ٿي قبول.
ايترو چئي ھن جي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا.
قبول: اڃا نھ سمجھندي پڇيو، ”ڪٿي؟“
نجما: منھنجي شادي پئي ٿئي.
قبول: ڪڏھن؟
قبول اڃان تائين انھيءَ امڪان تي غور نھ ڪيو ھو.
نجما: تمام جلدي.
ڏينھن جلدي گذرندا ويا قبول ۽ نجما وقت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا
رھيا، پر وقت پير مٿي تي رکي ڀڄندو پئي ويو، ٻھ ٽي
مھينا گذري ويا نيٺ اھو ڏينھن بھ اچي ويو جڏھن
نجما ھتان وڃڻ واري ھئي، نجما کي گھران نڪرڻ نھ
کپندو ھو پر انھيءَ ڏينھن ھو ٻاھر آئي ۽ قبول سان
سڄو ڏينھن باغ جي ھر ھڪ ڪنڊ ڏٺائين ۽ وڻ وڻ
جاچيائين ۽ پوءِ ڏاڍي حسرت سان سڀني کي الوداع
ڪيائين.
قبول کي ڪيترين ڳالھين جي تاڪيد ڪيائين جنھن پھنجن ڳوڙھن کي ضبط
ڪندي چيو، ”تمام چڱو نجما بيبي.“
شاديءَ جي ڏينھن قبول نجما کي ڪمري کي گلن سان سٿي ڇڏيو ۽ سڄو
ڪمرو ڄڻ ننڍو باغيچو بڻجي پيو، نجما جو ھن جيڪو
سھر ٺاھيو ھو سو ڏسڻ وٽان ھو، سڄي باغيچي جو روح
ان ۾ پوتل ھو.
شاديءَ ۾ ھن ڪو حصو نھ ورتو ڄڃ آئي شادي ٿي ۽ نجما کي وٺي وئي،
پر قبول پنھنجي ڪوٺي مان نھ نڪتو.
قبول جو ڳوٺ بنگلي کان پنجن ميلن تي ھو، پنھنجي پيءُ جي مرڻ کان
پوءِ ھو جيئن وڏيري وٽ نوڪر بيٺو ھو تھ وري ڳوٺ
ڏانھن موٽيو ڪين ھو، جو ھن کي پنھنجن ڪمن کان ئي
فرصت نھ ھئي ھن جا ٻھ ڀائر ھئا. جي ڪڏھن ڪڏھن ھن
کي ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا ۽ گھر ھلڻ لاءِ چوندا ھئا.
ھاڻي ڪيترا ڏينھن لنگھي ويا ھئا، جو ھو ھن کي ڏسڻ
ڪين آيا ھئا. نجما جي وڃڻ کان پوءِ قبول باغ ۾ ٻھ
ٽي ڏينھن ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن جي دل ئي نٿي
لڳي تھ ڪو ڪم ڪريان، اٽلو طبيعت گھٻرائيندي ھيس ۽
اوچتو نظرون بنگلي ڏانھن ڊوڙي وينديون ھيس، اھا
محبت بھ ھئي، تھ نجما سان ھڪ قسم جو ٻنڌڻ بھ. ھو
وڏيري کان ٻن ھفتن جي موڪل وٺي ڪم ٻئي ماڻھوءَ جي
سپرد ڪري ڳوٺ ھليو ويو.
ھيءَ ھن جي ڏھن ٻارھن سالن جي نوڪري ۾ پھرين موڪل ھئي، قبول
جڏھن ڳوٺ پھتو تھ ھن طبيعت ڀائرن سان نھ لڳي،
جيتوڻيڪ ھنن ھن جو گھڻو آدرڀاءُ ڪيو سڄي ڳوٺ ۾ ھو
ھڪ اجنبيءَ وانگر پئي ڦريو، پر ھن کي پنھنجو ڪو
ڄاڻو نھ مليو جنھن سان ڳالھائي، قبول جي ھاڻي دنيا
ئي ڪجھھ ٻي ٿي وئي.
ڏاڍي مشڪل سان ھن گھر ۾ ٻھ ڏينھن گذاريا، ٽئين ڏينھن ڀائٽين
لاءِ گھر جي پاسي ۾ ٻاريون ٺاھيائين ۽ چوٿين
ڏينھن واپس موٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ڀائرن گھڻو ئي
ڪجھھ چيس پر ترسيو ئي ڪين، نجما جيڪي ڪي سمجھائي
وئي ھيس، سي ڳالھيون ياد اچڻ لڳس.
وڏيرو ھن جي ايترو جلدي موٽي اچڻ تي ڏاڍو حيران ھو ۽ ان جو سبب
پڇيائين، پر قبول اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت. ترت پنھنجي ڪم
کي وري جنبي ويو. ھن گھڻي ئي ڪوشش ڪئي تھ پاڻ کي
ڪم ۾ رڌل رکي، پر ھن جي طبيعت قابوءَ ۾ نھ آئي ۽
ڪم ڪرڻ تي دل ئي نھ پئي لڳس، ڪيترن ڏينھن تائين
بيڪار پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ پيو رھيو ائين پئي معلوم
ٿيو ڄڻ ھن جي ھٿن پيرن ۾ ستت ئي نھ آھي.
نجما جي وڃڻ کان ڪيترن مھينن کان پوءِ ھن کي ڀڻڪو پيو تھ ٿورن
ڏينھن ۾ نجما اچڻي آھي، ھڪ ڀيري وري ھن جي ھمٿ
اڀري آئي ۽ رنبو کڻي باغ کي جنبي ويو، ٻن ڏينھن ۾
ايترو ڪم ڪيائين جو ٻن ھفتن ۾ نھ ڪري سگھجي.
نجما آئي ۽ قبول کي ڏاڍي خوشي ٿي، ٻئي ڏينھن پراڻي دستور موجب
نجما ڀنڀرڪي جو اٿي باغ ۾ پھچي وئي جتي قبول اڳي
ئي ڪم کي لڳي پيو ھو، قبول جي وڃايل دلچسپي ھن کي
واپس ملي وئي، ھو نجما ۽ باغ کي ڏسي وري گد گد ٿيڻ
لڳو.
ھڪڙي ڏينھن نجما کلندي چيس:
قبول! تون شادي ڇو نٿو ڪرين؟
قبول کلڻ لڳو پر نجما وري کيس ڇيڙيندي چيو: ”تنھنجا ماءُ پيءُ
جيئرا ھجن ھا تھ ڪڏھن ڪو تنھنجي شادي ٿي وڃي ھا،
ھاڻي تون ئي ڪري وٺ.“
قبول: ڪٿي شادي ڪريان نجما بيبي.
نجما کلندي چيس:
”مان تنھنجي شادي ڪرايان؟“
قبول: تننجي مرضي ھجي تھ ڀلي، پر منھنجي شادي تھ ھن باغيچي سان
ٿي چڪي آھي.
نجما کي اڳي ئي خبر ھئي تھ گھر جي ٻانھيءَ ساران جي ڌيءَ حوا
سامايل آھي تنھنڪري پنھنجي پيءُ جي مدد سان ٿورن
ڏينھن ۾ قبول جي شادي حوا سان ڪرائي ڇڏيائين ۽
زيتونن جي جھڳٽي ۾ قبول جي ڪوٺڙي آباد ٿي وئي.
وقت ڪيترو جلدي گذري ويندو آھي سو ڪو قبول کان پڇي ھن جي ڏسندي
ڏسندي نازڪ نازڪ ۽ ننڍا ٻوٽيا ڊگھا وڻ ٿي پيا،
سنھڙا سنھڙا ٻج، ميوا ۽ گل بڻجي ويا، ويران زمين
سبزه زار بڻجي وئي ۽ سڃا پٽ گلن جا تخت بڻجي پيا.
وڏيرو ۽ ھن جي زال لاڏاڻو ڪري ويا، قبول کي ٻھ ٻھ
پٽ ٿيا ۽ گذر ڪري ويا، ويچاري نجما بھ بيوه ٿي پئي
ھر شيءِ ۾ تغير اچي ويو ۽ ھر شيءِ ۾ انقلاب، پر
جنھن شيءِ ۾ اڃا ڦيرو نھ آيو ھو سو قبول جو باغ
ھو..... اھو ڃا سدا بھار ھو.
نجما بھ ساھرن مان اچي ساڳئي بنگلي ۾ رھڻ لڳي، پر شاديءَ جي
ڏھن سالن، ھن ۾ بھ ڏاڍو ڦيرو آيو ھو، ھڪ پاسي مڙس
جو موت تھ ٻئي پاسي ماءُ پيءُ جي گذاري وڃڻ جو غم،
ھن کي ويو ڏينھون ڏينھن کائيندو. ھو بنگلي کان
ٻاھر تمام ٿورو نڪرندي ھئي ۽ باغ ۾ ھن کي ھاڻي ڪا
دلچسپي نھ رھي ھئي، قبول کي ھن تي ڏاڍو ترس ايندو
ھو پر ھو ويچارو ڇا ٿي ڪري سگھيو. نجما کي خوش ڪرڻ
لاءِ روز ڪونھ ڪو بھانو ٺاھي ھن کان صلاح گھرندو
ھو ۽ کيس پنھنجيون ابتيون سبتيون تجويزون ٻڌائيندو
ھو تھ من ھن کي غلط ويندو ڏسي ھوءَ ڪجھھ چري پر
نجما اھڙي ڪڇي جھڙي ڀت. نيٺ ڪڪ ٿي قبول ھليو ويندو
ھو.
نجما جي اھا حالت سال کن رھي. نيٺ ھڪ ڏينھن اھڙو آيو جو قبول جي
باغ جو سڀ کان سھڻو ۽ شاداب گل بھ ڪومائجي ويو،
نجام راھ رباني ورتي، قبول تي غم جي ڇپ ڪري پئي،
ھو پاگلن وانگر ٿي پيو، ڪيترا ڏينھن ڏک کان ھو باغ
۾ نھ ويو جڏھن نڪتو تھ جيڪي ڪم ٿي ڪيائين سو بنا
دلچسپيءَ جي. باغبانيءَ جو فن جيڪو ھن پنھنجي محنت
مزدوري ۽ دلچسپيءَ سان حاصل ڪيو ھو سو ھن جي ذت
بيات جي درجي کان پري وڃي پيو ھو.
نجما جي وصيت موجب ھن کي قبول جي ڪوٺيءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو،
قبول ھن جي مٿان مقبرو جوڙيو ۽ ھميشھ ان کي گلن
سان ڀريل رکندو ھو، قبول ۾ يڪايڪ ھاڻي وڌيڪ ڦڙتي ۽
چستي اچي وئي، ھو وري پنھنجي ڪم کي لڳي ويو، ۽
ڏينھن رات انھيءَ فڪر ۾ رھندو ھو تھ نازبو کي پاڻي
ڏيڻو آھي، چنبيلي جي ول سڪيو پئي وڃي فلاڻي پاسي
جي ڪسي ٺيڪ نھ آھي، چتو زيتون کايو پيا وڃن، انبن
پورو ٻور نھ جھليو آھي. وغيره.
ٽن مھينن کان پوءِ قبول جي زال بھ مري وئي، جنھن کي ھڪ زيتون جي
وڻ ھيٺان دفنائي ڇڏيائين ۽ تورين جي ول مٿان وجھي
ڇڏيائين ۽ ڪجھھ گل بھ. ويچاري قبول جو ھاڻي ڪو
ڪونھ رھيو ھو، سواءِ ھڪ باغيچي جي. وقت ويو
گذرندو، وڏيري جي مرڻ کان پوءِ وارث ھن جي پھرين
زال جي اولاد ۽ نجما ھئي، پر نجما جو ڪو اولاد نھ
بچيو ھو تنھنڪري بنگلو ۽ ان جو باغ اڳين زال جي
اولاد کي مليو، پر انھن ۾ ملڪيتن مان جھيڙا ٿيا
تنھنڪري اھو بنگلو وڪڻي ڇڏيائون، ھيڏو سارو انقلاب
اچي ويو، پر قبول کي خبر ئي نھ پئي، ھو پنھنجي
پراڻي عادت تي ھريل ھو، سويلي اٿڻ ۽ وڻن ۽ گلن کي
ڏسڻ، جيتوڻيڪ ھاڻي ھو گھڻو ڪم نھ ڪندو ھو رڳو
نظرداري رکندو ھو ۽ نوڪرن کان باغ جو ڪم وٺندو ھو
ڇاڪاڻ تھ باغ مان ايتري آمندي ٿيندي ھئي جو ھو ٽي
ماڻھو وڌيڪ رکي سگھيو ھو. انھن ماڻھن کان سڄي باغ
جو پورو پورو ڪم وٺندو ھو پر انھن ماڻھن کان ھن کي
اطمينان نھ ھو، تنھنڪري ھر ھڪ شيءِ کي نظر مان
ڪڍندو ھو، باغ جي معاملي مجال آھي قبول کي ڪو چئي
وڃي. ھو پنھنجي ڪم ۾ پري پري تائين مشھور ٿي ويو
ھو. قبول کي خبر نھ ھئي تھ ڪو بنگلو وڪامي ويو
آھي، سڄي بنگلي ۾ وڏيري يا نجما جي حياتيءَ ۾ ئي
حڪم قبول جو ھلندو ھو، قبول جي اھڙي عادت ٿي وئي
ھئي جو ڄڻ بنگلي جو مالڪ ئي پاڻ آھي، نجما جي مرڻ
کان پوءِ وڏيري جي اڳين زال جي اولاد ۾ جھيڙي تھ
ھيڪاري قبول کي وڌيڪ آزادي ڏيئي ڇڏي ھئي، ڪو پڇڻ
ڪرڻ وارو ئي ڪونھ ھو، جيڪي وڻي سو قبول ڪري. ھڪ
ڏينھن نوڪرن چيس تھ نئين مالڪڻ توکي سڏي ٿي ۽ باغ
بابت ڪجھھ پڇڻ ٿي گھري، تھ قبول وائڙو ٿي ويو ۽
چوڻ لڳو تھ اوھان جو مغذ خراب ٿيو آھي. ”ڪير
مالڪ؟“ آئون سڀ ڪجھھ آھيان ۽ آئون ڪنھن کي نٿو
سڃاڻان ڀڄي وڃو ھتان.
نئين مالڪڻ بھ ھڪ زال ھئي جا ڏاڍي بدمزاج ۽ تند خو ھئي سو ڦوڪجي
اچي قبول کي ملي ۽ چوڻ لڳي:
”ڪيترا ڏينھن ٿيا آھن جو مون نوڪرن کي چيو ھو تھ چنبيليءَ جي
ولين کي وڍي صاف ڪري ڇڏين، انھن مون کي جواب ڏنو
تھ تون منع ٿو ڪرين ۽ انھن تي ڪاوڙ تو ڪرين ۽
چورين ٿو تھ بنگلي جو مالڪ تون آھين، آئون سمجھان
ٿي تھ تون پوڙھو ٿي ويو آھين ۽ ھاڻي ڪم جي لائق نھ
آھين.“
قبول ڪاوڙ ڪندي چيو:
“آئون ڪم جي لائق نھ رھيو آھيان تھ پوءِ ٻيو ڪير ڪم ڪندو.“
نئين مالڪڻ جواب ڏنو:
”ڪير بھ ڪندو تنھن سان توکي ڇا؟ آئون ٻيو ماڻھو رکندس.“
قبول: نھ آئون ھي باغ ڇڏي وڃي نٿو سگھان؟
مائي اھو ٻڌندي باھ ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي:
”ھي باغ منھنجو آھي، آئون جيئن مناسب سمجھندس تيئن ڪندس تنھنجو
انتظام پسند نھ آھي.“ قبول ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ تمام
زور سان رڙ ڪري چوڻ لڳو:
”باغ منھنجو آھي مون ئي تھ باغ کي باغ بنايو آھي، مون چاليھھ
سال ان جو ڪم ڪيو آھي، مون پنھنجي سڄي زندگي ان تي
وڃائي آھي.“
قبول ڏاڍي زور سان ڏڪي رھيو ھو.
مائي ٽھڪ ڏيئي کلندي چيو:
”اي پوڙھا بيوقوف! تون باغ ۾ فقط نوڪر ھئي.“
تو جيڪڏھن ڪا محنت ڪئي تھ ان محڻت لاءِ توکي پگھار مليو ھوندو
آئون توکي نوڪريءَ مان ڪڍي ٿي ڇڏيان.
قبول کي اڃا تائين ڳالھھ سمجھھ ۾ ئي نھ آئي ۽ چيائين:
”مون سڄي عمر ويران ۽ برپٽ زمين کي پنھنجي رت سان ريج ڏنو آھي،
ھي باغ منھنجو آھي! منھنجو آھي! نجما بي بي بھ
ائين چوندي ھئي.“
نئين مالڪڻ حيران ٿي قبول کي چيو:
”نجما بي بي الائي ڪير آھي؟ پر ان جي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي، باغ
منھنجو آھي ۽ قانون بھ ائين ٿو چوي.“ پوءِ نوڪرن
کي سڏي انھن کي چيائين، ”ڪڍو ٻاھر ھن بيوقوف ٻڌي
کي.“
قبول ماٺ ڪري ڪنڌ ھيٺ ڪري نجما جي قبر تي آيو، ۽ روئي چوڻ لڳو:
”نجما بي بي ھوءَ چوي ٿي تھ باغ تنھنجو ناھي قانون ۾ ائين لکيل
آھي.“
اتان اٿي ھو ڀڄندي وڏي دروازي وٽ ۽ ٻاھر نڪرندي چوندو رھيو:
”قانون ۾ ائين لکيل آھي تھ ھي باغ منھنجو ناھي.“ ڪيترن ڏينھن
تائين قبول حيدرآباد جي گھٽين ۾ رلندو نظر آيو ۽
چوندو ٻڌو ويو. ”قانون ۾ ائين لکيل آھي تھ ھي باغ
منھنجو ناھي.“
نيٺ ھڪ ڏينھن پوليس ھن کي جھلي مون وٽ ھتي وٺي آئي ۽ تپاسيندي
جڏھن مون ھن کي چوندو ٻڌو تھ: ”قانون ۾ ائين لکيل
آھي تھ ھي باغ منھنجو ناھي.“ تھ مون سمجھي ورتو تھ
مڙئي ڪو باغ جو معاملو آھي تنھنڪري آئون ھن کي باغ
۾ وٺي آيس ۽ ھن کي ڏيکاري چيم تھ ھي باغ تنھنجو
آھي ۽ قانون ۾ ائين لکيل آھي. ڪيترا ڏينھن ماٺ ڪيو
وڻ ھيٺ ويٺو ھوندو ھو ۽ ماڻھن کي باغ ۾ ڪم ڪندو
ڏسندو ھو، رفتھ رفتھ پنھنجي تڪيھ ڪلام تھ:
”قانون ۾ ائين لکيل آھي تھ ھي باغ منھنجو ناھي.“ ڇڏي ڏنائين ۽
باغ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ھاڻي بھ وري اھا ساڳي حالت
اٿس جو پاڻ کي باغ جو مالڪ سمجھي ٿو ۽ ھن آفيسرن
جي عمارت کي پنھنجو بنگلو. پر سانجھيءَ جو سج لٿي
مھل ھن عمارت ۾ وڃڻ جي بدران پنھنجي وارڊ ۾ وڃي
ٻين چرين سان کٽ تي سمھي ٿو ۽ ھن ڳالھھ کان ڊڄي ٿو
تھ متان آئنده نجما جي بنگلي وانگر ڪو ٻيو مالڪ نھ
بڻجي پوي، تنھنڪري اڳواٽ بغل ۾ اخبارون ۽ ٻيا
الاءِ ڪھڙا ڪھڙا ڪاغذ کنيو گھمندو وتي ۽ پڇڻ تي
سند ۽ نقشن جي ثابتي پيش ڪري تھ ھن ٻنيءَ ۽ عمارت
جو ھو ئي وارث ۽ حقدار آھي.
منھنجي قصي پوري ٿيڻ کان پوءِ عباسي صاحب ڏاڍو کليو ۽ چيائين تھ
ان ۾ شڪ ناھي تھ قبول واقعي ڏاڍو مزيدار ڪردار
آھي.
ماءُ جو پٽ
مون کي ملڪان ملڪ گھمڻ جو ڏاڍو شوق ھو ۽ گھڻو ڪري قديم آثار ڏسڻ
جو خبط. انھيءَ ڪري جڏھن اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ ويانا (جو آسٽريا جو وڏو شھر آھي) ۾ ويس تھ
تعليم حاصل ڪرڻ دوران وچ يورپ گھڻو ڪري سڄو ئي
ڏٺم. ھندوستان بھ سواءِ ڏاکڻي ڀاڱي جي سڄو گھميو
آھيان. رانچي کان نفسياتي ڪم سکي اچڻ کان پوءِ
گدوءَ جي چرين جي اسپتال جو عھدو سنڀاليم تھ گرمين
بھ اچي منھن ڪڍيو. طبيعت ۾ اھوئي گھمڻ جو شوق ھو
تنھنڪري خيال ڪيم تھ ھيل گرميون ھلي ڪوئٽيا يا ان
پسگردائي ۾ گذارجن. ڪوئٽيا کان ٻاھر ٿوري ٿوري پنڌ
تي سٺا سٺا باغ آھن. ڪيترن دوستن سان واقفيت ھيم ۽
خاص ڪري ٻيلي کاتي وارن سان، تنھنڪري دل ۾ خيال
ڪري نڪتس تھ انھن دوستن جي ذريعي ٿورا ڏينھن ڪنھن
ڪنھن باغ ۾ گرميون گذاريندس. ڪوئٽيا پھچي پلٽڻ
ھوٽل ۾ لٿس. پوءِ ھڪ ٻيلي کاتي جي دوست جي معرفت
ڪوئٽيا کان ٻاھر ھڪ ڳوٺ گلستان ۾ ھڪ پٺاڻ زميندار
جي باغ ۾ اچي قيام ڪيم. اھو ڳوٺ خوبصورت ٽڪرين جي
وچ ۾ واقع ھو ۽ ان جي ويجھڙائي ۾ نھرن جي ھئڻ ڪري
ڏاڍو سرسبز شاداب ھو ۽ ڪافي ٿڌڪار ھئي، جنھن جي
ڪري گرميون فرحت ۾ پئي گذريون.
شام جو لڪڻ کڻي نھرن طرف نڪري ويندو ھوس تھ ڏاڍو مزو ايندو ھو.
مون سان گڏ ٻيلي کاتي جو ھڪ دوست بھ ھو، اسان جو
وقت ڏاڍو مزي سان پئي گذريو، ھڪ ڏينھن جو ذڪر آھي
جو سام جو گھمندا تمام گھڻو پري نڪري وياسين،
ڀانيان ٿو تھ پنج ميل کن پري نڪري آيا ھونداسين،
وڏي سڙڪ ھئي جا شھر چمن ڏانھن پئي وئي. انھيءَ سڙڪ
جي ڪناري تي مختصر ھوٽل ھو، جنھن ۾ کائڻ ۽ چانھھ
وغيره جو معقول انتظام ھو، ڇاڪاڻ تھ ايندڙ ويندڙ
لارين وارا ھاسيڪار اتي موٽرون بيھاري، ٿڪ ڀڃندا
ھئا ۽ ماني ٽڪي کائيندا يا چانھھ پيئندا ۽ ٻيڙيون
سگريٽ وغيره خريد ڪندا ھئا. اسين بھ گھڻو ھلڻ جي
ڪري ٿڪجي پيا ھيائيسن، ۽ مون کي اڃ بھ ستايو ھو،
تنھنڪري ٿڪ ڀڃڻ جي لاءِ ھوٽل ۾ گھڙي وياسين، ھڪ
پاسي ويھي چانھھ آڻڻ لا، چيم ۽ پاڻي پيئڻ لڳس،
جنھن پاسي اسين وڃي ويٺا ھئياسين تنھن جي سامھون
ھڪ پوڙھي زال ميز وٽ ويٺي ڏٺم. ھن جي عمر سٺ ورھين
کان مٿي پئي لڳي، شڪل مان مون کي سنڌي ھندو پئي
لڳي، تنھن منھنجو ڌيان وڌيڪ ڇڪايو تھ اھڙي ويڳاڻي
ھنڌ، ڪمھلي وقت، ھندو زال ھتي ڪٿي. ساڳي ڳالھھ
منھنجي ٻيلي کاتي جي ھندو دوست بھ ڌيان ڇڪايو. ھن
جي مٿي جا وار سڀ اڇا ھئا ۽ منھن تي گھنج پيل ھئس،
جنھن مان سندس فڪر ۽ ويچار جي حالت جو پورو پورو
پتو پئي پيو. ھن اڪيلي ويٺي بسڪوٽ کاڌا ۽ چانھھ
پيتي. ھن جي اکين ۾ غم ڀريل ھو، چھري تي گھنج ھئس
۽ وار برف وانگر اڇا ۽ پريشان ھئس. ھن جي انھيءَ
حالت مون تي ڏاڍو اثر ڪيو، ھن جي صبر ۽ سڪون سان
مليل ڏک ڀريل ڪيفيت منھنجي دل ۽ دماغ ۾ بيقراري
پيدا ڪئي، ھو ماٺ ڪيو ويٺي ھئي ۽ خاموشيءَ سان
ويٺي چانھھ پيتائين. مان پنھنجي دل ۾ ويچاري رھيو
ھوس تھ ھيءَ زال ڪير ھوندي؟ ايتري ڏکويل ڇو پئي
نظر اچي ۽ ھن جابلو ملڪ ۾ اڪيلي ڇو آئي آھي.
ٿوري دير کان پوءِ اھا زال ھوٽل کان ٻاھر نڪري وئي، اسين بھ غير
ارادي طور ھن جي پٺيان روانا ٿياسين، ڏٺوسين تھ
مائي استقلال سان رستو لنگھندي سامھون جھنگ جي طرف
تڪڙو تڪڙو وک وڌائيندي پئي وئي. اسان حيرت سان ھن
کي ڏسندا رھجي وياسين. اسين گھمڻ جي خيال سان ھڪ
واھھ لنگھي سامھون ٽڪريءَ ڏانھن وياسين ۽ آھستي
آھستي مٿي چڙھڻ لڳاسين. ٽڪريءَ تي پھچڻ شرط واھھ
جو نظارو ڏٺوسين، ٽڪريءَ کان پري پري ڪيترا ڳوٺ
نظر اچي رھيا ھئا، چوڌاري واه ئي واه نظر پئي آيا،
جن جي ڪري آس پاس ساوڪ ئي ساوڪ ھئي ۽ چئو طرف عجيب
خاموشي ڇانيل ھئي ۽ فرحت بخش ھوا لڳي، طبيعت ۾
سڪون پيدا پئي ڪيو. اھو نظارو ڏسي اڃان پٺ ڦيرايم
تھ اوچتو منھنجي نظر انھيءَ ساڳي پوڙھي زال تي
پئي، جا ھوٽل مان چانھھ پي نڪتي ھئي، ھوءَ عجيب
انداز سان ڳوٺ جي جھوپڙين جي طرف نظر ڪيو بنا چرپر
جي خاموش بيٺي ھئي، ڄڻ تھ ڪا مورتي بيٺي آھي، آئون
ڄاڻي ٻجھي ان جي اڳيان ٿي لنگھيس ۽ منھنجو دوست
منھنجي ڪڍ پئي آيو. آئون ٽيڏي اک سان ھن کي ڏسندو
اڳتي لنگھي ويس. مون کي ھن ڏکويل چھري تي وساڻل
اکين مان ڳوڙھا ڪرندي نظر آيا، ھوءَ شايد روئي رھي
ھئي، جتي ٽڪيل ھئاسين اتي پھچي مون پنھنجي دوست
کان پڇيو ”ھي مائي ڪير ھئي؟“ پر ھن کي ڪا خبر ڪانھ
ھئي، صبح جو ناشتو ڪري ھڪ ڊٺل قلعي کي ڏسڻ لاءِ
روانا ٿي وياسين، ھي قديم زماني جو ھڪ مضبوط شاھي
قلعو ھو، جو ھاڻي ڊٺل حالت ۾ بيٺو ھو جيڪو آسپاس
شاداب واديءَ جي وچ ۾ سنگ خارا جي ھڪ چبوتري تي
ٺھيل ھو. قلعو چڱي طرح گھمي ھڪ پاسي مضبوط ديوار
تي چڙھي ويس تھ منھنجي اچرج جي حد ئي نھ رھي، جو
ديوار جي ھيٺان ٻئي پاسي انساني پيرن جو آواز ٻڌم.
مون کي ھڪ پاڇو نظر آيو، ڄڻ ڪو ڀٽڪيل روح ھو، جو
اھڙي غيرآباد ۽ سنسان جڳھھ ۾ چڪر لڳائي رھو ھو،
وحشت ۾ جھڪي ڏٺم تھ اھا ساڳي پوڙھي زال، جنھن کي
ھوٽل ۾ ڏٺو ھوم سا ديوار جي پٺيان چڪر لڳائي رھي
ھئي ۽ ھن جي اکين مان ڳوڙھا زارو قطار وھي رھيا
ھئا ۽ ھو رومال سان انھن کي اگھي رھي ھئي. آئون
فورا پٺتي ھٽي ديوار تان ھيٺ لھي آيس ۽ حيران ھوس
تھ معاملو ڇا آھي. مون کي ڏاڍي اڻ تڻ ھئي تھ پوڙھي
زال جتي آئون وڃان پيو اتي نظر ٿي اچي، آخر ڪير
ھئي ۽ ڇو حيران و پريشان روئندي نظر پئي اچي. مون
کي ايتري ھمت نھ ٿي جو اڳتي وڌي ھن کان پڇان، آئون
باغ ۾ آيس ۽ ٻئي ڏينھن ڪوئٽيا روانو ٿي ويس.
ٻنھرن جو پلٽڻ ھوٽل جي ڊائنگ روم ۾ ماني کائي رھيو ھوس، تھ پري
ھڪ ٽيبل تي ساڳي زال کي نھايت غمگين حالت ۾ ماني
کائيندو ڏٺم، ھن بھ مون کي سڃاتو ۽ مون مٿو لوڏي
ھن کي سلام ڪيو، ھن مشڪي منھنجي سلام جو مٿي جي
اشاري سان جواب ڏنو، جڪڏھن ڪافي آندي وئي مان ڪافي
جو ڪوپ کڻي وڃي ھن جي ٽيبل تي ويٺس ۽ انگريزيءَ ۾
کيس مخاطب ٿي چيم تھ معاف ڪندا، مون ڪالھھ توھان
کي گلستان جي پسگردائي ۾ ڏٺو ھو. ھن بھ جواب ڏنو
تھ ھائو، مون وري کيس چيو، ”ڇا اوھين سنڌي آھيو؟“
ھن مون ڏانھن غور سان چتائي ڏٺو ۽ چيائين تھ،
”ھائو ڇو؟“ اھو جواب ٻڌي مون کي ھمت اچي وئي ۽ مون
سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”مان بھ سنڌي آھيان،
معاف ڪجو مون توھان جي اڪيلائي ۾ دخل ڏنو آھي، پر
اوھان کي سنڌي سمجھي مون اھو قدم کنيو، ڪالھھ کان
آئون ڏسان پيو تھ اوھين ڏاڍو حيران ۽ پريشان آھيو،
شايد اوھان ڪنھن غيرمعمولي رنج ۽ ڏک ۾ ڦاٿل آھيو،
ڇا آئون اوھان جي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟ ھتي ڪوئٽيا
۾ منھنجا گھڻا ئي دوست آھن، ضرورت پئي تھ مدد ڪري
سگھندا.“ مائيءَ زوري مشڪندي چيو، ”اوھان جي وڏي
مھرباني آئون پاڻ ھتي ڪوئٽيا ۾ رھندڙ آھيان، آئون
نٿي ڀانيا تھ جنھن مصيبت ۾ آئون گرفتار آھيان، ان
۾ اوھين منھنجي سھائتا ڪري سگھندا.“ ڏٺم تھ سندس
آواز ڀرجي آيو ھو، مون وري ساڻس ھمدردي ڪندي چيو
”ائين برابر ھوندو پر ڪالھھ کان آئون ڏسي رھيو
آھيان تھ اوھين روئي رھيون آھيو، تنھنڪري ڄاتم تھ
حال احوال وٺي، ٿي سگھي تھ اوھان جي ڪا سھائتا،
گھٽ ۾ گھٽ خبر تھ پوري تھ اوھان کي ڪھڙي تڪليف
آھي، اوھان جي ملڪ جو آھيان، تنھنڪري ايتري پڇڻ جو
مون کي بھ حق آھي، ڪھڙي خبر تھ شايد آئون اوھان جي
ڪا مدد بھ ڪري سگھان. ايترو ضرور ٿيندو تھ مون کي
ٻڌائڻ سان اوھان جي طبيعت تي جيڪو بار بيٺو آھي سو
ممڪن آھي تھ ڪجھھ ھلڪو ٿي پوي.“ منھنجي ايتري چوڻ
تي کيس آٿت آئي ۽ دلجاءِ ٿيس، چڱو ڀلا منھنجي ڪمري
۾ ھلو اتي سڀ ڪجھھ ٻڌائيندس، ٻيو تھ اتي ڪو ماڻھو
اچڻو آھي جو مون کي سڀ ڪجھھ سماچار آڻي ٻڌائيندو،
جڏھن سندس ڪمري ۾ پھتس تھ مائيءَ پنھنجو قصو ٻڌائڻ
شروع ڪيو.
اسين اصل ۾شڪارپور جا آھيون ميوي جو واپار ڪندا ھئاسين، ڪوئٽيا،
ڪچلڪ، بوستان ۽ گلستان م اسان جا باغ آھن، اسين
ڏاڍا سکيا ھئاسين، پر توکي منھنجي ھاڻوڪي تلخ
زندگي ۽ مصيبت سان گھيريل ماحول جي خبر نھ آھي.
گلستان ۽ ڪوئٽيا ۾ منھنجا خوشنما مڪان آھن، جتي سک
۽ آرام لڳو پيو آھي، پر اتي ھاڻي آئون وڃڻ بھ نٿي
گھران، ڇاڪاڻ تھ انھن نڀاڳن گھرن سان منھنجون
منحوس گھڙيون ڳنڍيل آھن، ھاءِ! منھنجو رڳو ھڪڙو
سڪيلڌو پٽ ھو جنھن سان منھنجو ڏاڍو پيار ھو، اھو
پيار چريائين جي حد تائين پھتل ھو، ڀلا مامتا جي
ماريل ڇا نٿي ڪري، ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليوسين، ان
کي ڪوئٽيا جي ھڪڙي اسڪول ۾ ويھاريوسين، جتي بورڊنگ
۾ رھندو ھو. اسڪول مان پاس ٿي ڪاليج ۾ داخل ٿيو،
آئون ھن کي روز ڏسي نھ سگھندي ھيس، ڇاڪاڻ تھ اسين
پري گلستان واري بنگلي ۾ رھندا ھئاسين، ڇنڇر ۽ آچر
تي ايندو ھو يا ڪاليج جي موڪلن تي ايندو ھو، سندس
پيءُ جو ھميشھ ضد ھوندو ھو تھ ٻار مائٽن کان پري
رھن تھ جلدي سکندا ۽ کرندا بھ نھ. مون کي اھا
ڳالھھ نھ وڻندي ھئي پر ڪري بھ ڇا ٿي سگھيس، ڪڏھن
ڪڏھن تھ ھو ڇنڇر آچر تي بھ نھ ايندو ھو، جڏھن بھ
ھو ايندو ھو تھ ان ۾، ان جي ڳالھين ۾ ھن جي شڪل
صورت ۾ آئون غيرمعمولي ڦيرو ڏسندي ھيس، ان کان
پوءِ مون جاچيو تھ آھستي آھستي ھن جي عادتن ۾ بھ
ڦيرو اچڻ لڳو. ھاڻي ڀڳوان جي ديا سان جوان جماڻ ٿي
ويو ھو، ٿورن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھو اڃا ڪاليج ۾
پڙھي رھيو ھو تھ اسان تي مصيبت اچي ڪڙڪي. منھنجي
مڙس جو چالاڻو ٿي ويو ۽ ٿورن ڏينھن کان پوءِ
منھنجو پيءُ ۽ چاچو گذاري ويا، آپدا جي پٺيان
آپدا اچي پئي. جلدي منھنجون ٻھ ڀينرون بھ پرلوڪ
سڌاري ويون، ڪال ڄن گھر ڏسي ورتو ھو. آھستي آھستي
سڄي آڪھھ جو خاتمو ٿيڻ لڳو. رڳو آئون زندگيءَ جي
وسيع ميدان ۾ اڪيلي رھجي ويس، گھر ۾ مون کي وحشت
ٿيڻ لڳي ۽ سڃن ڪمرن جون دريون ۽ در مون کي کائڻ
ايندا ھئا. منھنجي زندگيءَ جو سھارو منھنجي آشنائن
جو مرڪز، ھاڻي رڳو منھنجو پٽ ھو، جو ڪاليج ۾ تعليم
حاصل ڪري رھيو ھو. انھيءَ وقت جو بيقراري سان
انتظار ڪري رھي ھيس، جو ھو ڪاليج مان تعليم کان
فارغ ٿي گھر موٽي ايندو، پر مان انھيءَ حالت ۾
گھڻو وقت ترسي نھ سگھيس، ڳوٺ مون کي نرڳ جو نمونو
معلوم ٿيڻ لڳو ۽ سندم گھر پاتال. آئون انھيءَ وحشت
جي عالم ۾ شھر ڪوئٽيا ھلي آيس. منھنجو خيال ھو تھ
پنھنجي پٽ سان گڏ رھي آرام جي زندگي گذاري سگھيندس
۽ منھنجي موجودگيءَ ۾ ھن کي ڪافي سک ۽ اطمينان ملي
سگھندو، پر مان پنھنجي سڪيلڌي سان گڏ وڌيڪ وقت
رھي نھ سگھيس، ڇاڪاڻ تھ مون محسوس ڪيو تھ مان ھن
جي لاءِ برداشت کان ٻاھر ھڪ بوجھھ ثابت ٿي رھي
ھيس، ھن کي منھنجي حاضري ھڪ مصيبت معلوم ٿي رھي
ھئي. نفرت سان گڏ جذبن جو اثر ھن جي شڪل جي ڪيفيت
مان بھ بکي رھيو ھو ۽ مان اھو خيال ڪري تھ متان ھن
جي دل کي ڪو صدمو پھچي ماٺ ميٺ ۾ موٽي ڳوٺ ھلي
آيس. ھاءِ! اھا منھنجي ڀل ھئي، جنھن جو نتيجو ھاڻي
ڀوڳي رھي آھيان، انھيءَ ڏينھن کان وٺي محسوس ٿيو
ڄڻ مان ھن جي ماتا نھ ھيس؟“
اھا درد انگيز ڳالھھ ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھڪ
ماءُ جي دل جو اندازو بھ ٿيو ھن پنھنجو قصو جاري
رکندو چيو، ”ان کان پوءِ ڪيتري وقت تائين آئون ھن
کي ڏسي نھ سگھيس، انھيءَ اڪيلائي ۽ بيڪسي جي عالم
۾ دل ۽ دماغ تي جي انھيءَ بي پناھھ اونداھين ۾، جو
ھڪ حياتي جو ڏيو روشن ھو سو بھ وسامڻ جي ڪنڌي تي
اچي پھتو ھو، دل جي دنيا مان سڀ سک ۽ خوشيون
موڪلائي ويون. انھن ئي ڏينھن ۾ مون کي ھن جو ليٽر
پھتو، سندس خط ملڻ تي آئون ڏاڍي سرھي ٿيس، ڇاڪاڻ
تھ اڳي سڄي حياتيءَ ۾ اھڙو اتفاق ڪڏھن نھ ٿيو ھو
جو ھن جي ھٿن جي لکيل چٺي مون کي ملي ھجي. |