آئون ھميشھ سانجھي ٿيڻ جي انتظار ۾سڄو ڏينھن جيئن تيئن ڪاٽيندو
ھوس، تھ وڃي راڌا جو سندو مکڙو پنھنجي نيڻ سان
پسان ۽ ھن جي ديدار جي شربت سان پنھنجي سڄي ڏينھن
ترشنا اجھايان، مون جاچيو تھ راڌا بھ اندر ئي
اندر پيئي کامي. مون کي ڊپ ھو تھ راڌا جي چلولي
طبيعت، ڪنھن وقت اٿل نھ کائي ۽ اوچتو ٻرندڙ جبل
وانگر ڦاٽي نھ پوي، ھڪڙي ڏينھن اھو نڀاڳو وقت اچي
پھتو، مون کي اڳواٽ سمجھڻ کپندو ھو تھ درياءَ ڀر
تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نھ ٻڏي سڀان ٻڏي. عشق کٿوري لڪائي
بھ لڪندي آھي ڇا؟
ھڪ ڏينھن راڌا پنھنجي ڀيڻ سان وري سئنيما ڏسڻ وئي، ٻئي ڏينھن
جڏھن آئون ھميشھ وانگر ھن کي پاڙھڻ لاءِ آيس تھ
مون کي چارلي چئپلن جي کيل جي تعريف ڪري ٻڌائڻ لڳي
۽ اٿي ان وانگر ائڪٽنگ ڪرڻ لڳي ۽ کلندي وري اچي
منھنجي ھنج ۾ ڪري، ھن ڀيري منھنجي بدران ھوءَ مون
کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي. آئون ڊپ کان پاڻ ڇڏائڻ ۾،
ھوءَ وڌيڪ مون کي چنبڙڻ ۾. انھيءَ ڇڪتاڻ ۾ سيٺ اچي
نڪتو منھنجون تھ وايون بتالي ٿي ويون ٻھ بھ وييون
تھ ڇھھ بھ. سيٺ مون کي ھن کان ڇڪي پري ڪيو تھ خوني
شينھڻ وانگيان ڳچي چوڻ لڳي ”نرٻل ڪانئر، ڪمينا ڇڏ
مون کي.“
انھن ۾ اڃا ڇڪتاڻ ھلي رھي ھئي تھ آئون ماٺ ميٺ ڪري پنھنجي بنگلي
ڏانھن ھليو آيس.
رات ڏاڍي ڏکي ڪاٽيم، ننڊ ئي نھ اچي، طرح طرح جا وسوسا ۽ خيال دل
۾ پئي آيم تھ ھي ڇا ٿيو، مون ڇا ڪيو، الائي ڪھڙي
جاتيءَ جي نينگري ھئي، دل چيم تھ عشق نھ ڏسي ذات
نھ ڏسي ڪذات. ماما سان حال اوريان، ھو منھنجي ممد
ڪندو! پر ڇا ھو ھڪ ڌارئي قوم جي ڇوڪريءَ سان وواه
ڪرڻ ڏيندو؟ کيس چوندس تھ تھ انسان خطا جو گھر آھي.
عيبن کان آجو تھ ھڪ الله آھي، مون ڪو ڏوھ نھ ڪيو
آھي، رڳ پريم ڪيو اٿم.
ڇا ڪنھن سان پريم ڪرڻ گناھ آھي؟ اھي پھھ پچائيندي ننڊ کڻي وئي
صبح جو ڏاڍي دي سان اٿيس، ماما مون کي پنھنجي ڪمري
۾ سڏيو، ڊڄندي ڊڄندي ھڪ اپراديءَ وانگر ھن جي ڪمري
۾ ويس ھن ماٺ ڪري بنا ڳالھائڻ جي ھڪ کليل خط
منھنجي ھٿ ۾ ڏنو خط کولي ڏٺم تھ سيٺ صاحب جو ھو ۽
ان سان گڏ ھڪ سئو روپين جو چيڪ بھ ھو، جو منھنجي
پورھئي جو ڦل ھو، خط بلڪل مختصر ھو.
تھ، ”اوھان جو ڪو ڏوھ ڪونھي، راڌا کي وڌيڪ پاڙھڻ جي لاءِ اچڻ جي
تڪليف نھ ڪندا.“
مامو مون ڏانھن شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو، آئون تاب نھ آڻي سگھيس،
منھنجي لاءِ اتي بھيڻ ناممڪن ٿي پيو. ماما سان
ڳالھائي نٿي سگھيس. ھن جي مھربانين چپن کي تالو
ڏيئي ڇڏيو ھو، آئون ماٺ ڪري پنھنجي ڪمري ۾ موٽي
آيس، پنھنجي ڀاڳ تي ويچار ڪرڻ لڳس تھ لکيو ڀلا
ڪيئن ٽري، رڌي پڪي بھ يا نصيب! نيٺ ماتا جي ياد
ستائڻ لڳي. ويچار ڪيم تھ ھلي ھن جي چرنن ۾ پوان،
من ھن جي آسيس سان آٿت ملي ۽ وياڪل دل کي وسرام
اچي.
شام جو ماما کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪراچي روانو ٿي ويو، ڪراچي ۾
ڏينھن ڪيئن گذريا سو منھنجي دل ٿي ڄاڻي، چوندا آھن
تھ پنھنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب، مون جيڪي ڪيو
ھو سو پئي ڀوڳيم، نھ دل اڙايان ھا، نھ ائين ڀوڳيان
ھا.
سيلھن ۾ جي ھٿ وجھندا، سي سور وڏا ئي سھندا. ايسٽر جي موڪلن تي
مامو ھميشھ ٻارن ٻچن سوڌو سنڌ کان ٻاھر ھليو ويندو
ھو ۽ سندس اھا جھوني عادت ھوندي ھئي، جو مون کي بھ
ھميشھ ياد ڪندو ھو تھ ساڻس ھلان، ڇاڪاڻ تھ مامو
جنھن مون کي پالي وڏو ڪيو ھو مون کي پنھنجي گھر جو
ھڪ ڀاتي سمجھندو ھو. ھميشھ جي دستور موجب خط آيو
تھ سڄو گھر ھيل مري جبلن، روالپنڊي کان ٿيندو ڏھن
ڏينھن لاءِ ويندو. ايسٽر جي موڪل ٿوري ٿيندي آھي،
تنھنڪري آئون ھميشھ ھفتو کن وڌيڪ عارضي موڪل وٺندو
ھوس. ڪوئٽيا واري حادثي کان پوءِ طبيعت تمام ادس
رھندي ھئي، ڪم ڪار سجھندو ئي ڪين ھو، دماغ منجھيل
۽ ھميشھ ککو وکو ٿي ويندو ھو.
دوستن بھ ھلاک ڪرڻ شروع ڪيو ھو تھ مان ڪھڙي ويڌن آھي، آئون اھڙي
حالت ۾ انھن کي ڇا ٿي ٻڌائي سگھيس، سواءِ ان جي تھ
طبيعت چاق نٿي رھي. ڪن دوستن صلاح ڏني تھ ھن مند ۾
مري وڃڻ تمام سٺو ٿيندو، ھيل جو ھو پاڻ بھ وڃي
رھيا ھئا، مون خيال ڪيو تھ مامو ائين وڃي رھيو
آھي، سنگت بھ ھتي ملندي تھ دل وندرائڻ سولي ٿي
پوندي. ممڪن آھي تھ راڌا جي ياد بھ اتي مٽجي وڃي،
پر مري پھچندي ئي سانت ملڻ جي بران اٽلو بيچني وڌي
وئي ۽ ھر وقت طبيعت اداس رھڻ لڳي. شام جو ۽ رات
سنسان انڌيري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سڙڪن تي گھمندو ھوس،
۽ پوءِ ماني کائي ٿڪ کان جلدي ننڊ اچي ويندي ھئي.
ھڪ ڏينھن شام جو ستين بجي نڪتس جھڙ ھو، برسات ڦڙ ڦڙ پوڻ لڳي،
گھڻي ڪانھ ھئي، پر تنھن ھوندي بھ موٽڻ جو خيال ڪيم
تھ وچان رستو ڪپي، جلدي وڃي پھچان، جيئن ھڪ ننڍو
پيچرو لنگھي اڳتي وڌيس تھ منجھي پيس، ڌڪي تي اڳتي
وڌندو ويس ڇاڪاڻ تھ انھيءَ پاسي ئي وڃڻو ھو، ٻھ
چار بنگلا لنگھي تڪڙو تڪڙو وڃي رھيو ھوس تھ ھڪ
بنگلو پري کان نظر آيو، خبر نھ آھي تھ ھن بنگلي
ڏانھن ڇو ڇڪجي وڃي رھيو ھوس. مون کي ائين محسوس
ٿيو ڄڻ ھن بنگلي سان منھنجو ڪو روحاني واسطو ھجي،
آئون اڳتي وڌندو ويس، سڙڪ جي ڪناري تي ھڪ بينچ تي
ڏٺم تھ راڌا ويٺي آھي، جيئن ويجھو ٿيندو ويس تيئن
اڻ تڻ وڌندي ھئي. بلڪل ويجھو پھتس ھوءَ ڪنڌ ھيٺ
ڪيو ويٺي ھئي. ڪنھن ڳوڙھي خيال ۾. منھنجي وات مان
اوچتو سندس نالو راڌو نڪتو. آواز تي ھن مٿو مٿي
ڪيو، ھاڻي پڪ ٿيم تھ راڌا ھئي، پر سندس شڪل ڏسي
مون کي ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيو. ھيءَ اھا راڌا نھ رھي
ھئي، ڪاڏي وئي سندس سندرتا ۽ ڪاڏي چنچلتا. نھ ھو
اھو رنگ رعب، نھ ھئي اھا شوخي نھ اھا رعنائي. ائين
پئي معلوم ٿيو ڄڻ ورھين جي بيمار آھي. مون کي
ڏسندي ئي اچرج ۾ پئجي وئي، تھ مون کي آس ئي ڪانھ
ھئي ھئي تھ ڪو اوھان سان ائين ۽ ھتي گڏجاڻي ٿيندي.
اوھان کان وڇڙي پوءِ منھنجي جيڪا حالت ٿي آھي سا
اوھين ڏسي رھيا آھيو. ڪيتري دير تائين خاموشيءَ
سان اسين ھڪ ٻئي سان ڳالھائيندا ۽ حال اوريندا
رھياسين. مون سندس سموري آتم ڪھاڻي ۽ وارتا ٻڌي،
تھ ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي حيرت ۾ پئجي ويس تھ ھي دنيا
عجيب دنيا آھي. سنسار مھاڄار آھي، ڪوئٽيا وارو سيٺ
مون کي اڄ خبر پئي تھ ٻڳھھ ڀڳت آھي. ڏسڻ جو ٽوھي
يعني ٻاھران سھڻو اندر جو بد اخلاق. ڪمينو، ۽ دنيا
۾ ڪنھن کي سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. مون کي ڪوئٽيا ۾
ئي شڪ پيو ھو تھ ڪجھھ دال ۾ ڪالا آھي. ڪھڙي خبر
ھئي، تھ ماءُ موري، پي بصر، ڌيءَ گل زعفران ھوندو.
راڌا جي واتان خبر پيم تھ ھوءَ زال، سيٺ جي
گھرواري نھ ھئي، پر ھڪ ڪٽڻي ھئي جا اٻوجھھ راڌا کي
برغلائي سيٺ وٽ وٺي آئي، تاڪھ ھو سيٺ جي حوس جو
شڪار ٿيندي رھي. راڌا ھڪ ڇوري ڇني ھئي، جا پنھنجي
ماسيءَ وٽ رھندي ھئي، ھن کي پڙھڻ جو شوق ھو پر گھر
جي سموري ھاج ڪندي بھ ھن کي ڏاڍي مارڪٽ ڪندا ھئا،
تنھنڪري گھران ڪڪ ٿي وئي ھئي ۽ ھڪ ڌوتيءَ جي چڙھي
وئي، جنھن کيس سبزباغ ڏيکاريو تھ توکي ڪراچي ۾ نرس
جو ڪم سيکاربو، جتي توکي کاڌو خوراڪ بھ مفت جي
ملندي ۽ ڏوڪڙ بھ ملندا. ڇوڪري اڳي ئي گھر جي مارڪٽ
ڪا ڪڪ، سو اٿي ڀڳي.
ٿورا ڏينھن ھن ڌوتيءَ پنھنجي ڀيڻ سڏائي ھڪ ڊاڪٽرياڻي وٽ نوڪر
رکايس، پوءِ ھن مارواڙي سيٺ سان سٽ سٽي ھن کي
ڪوئٽيا وٺي آيا. ڌڻ لوڀڻ ڌوتيءَ اھڙي طرح غريب
اٻوجھھ راڌا کي چند سڪن عيوض، شاھوڪار مارواڙي جي
عيش پرستي ۽ ناڪام حوس جي آڳ ۾ سڙڻ جي لاءِ
ڦاسائي ڇڏيو، پر اوچتو منھنجو ڪوئٽيا ۾ ھجڻ راڌا
ڏسي ورتو ۽ ھن سيٺ تي انگريزي سکڻ لاءِ زور رکيو.
سيٺ مجبور ٿي راڌا کي خوش رکڻ لاءِ ماما سان ڳالھھ
ڪري ويٺو ۽ ڏٺائين تھ آئون ھڪ شريف ماڻھو ھوس،
تنھنڪري مون کي ماستر مقرر ڪري ورتائين. ھن کي
ڪھڙي خبر تھ ڪام ويو جو لام، اسان ٻنھي کي ڦٽي
وجھندو، وارتا گھڻي ڊگھي آھي، پنھنجي من ڪلپنا جو
ڪھڙو اظھار ڪريان، راڌا پنھنجون جيون نرڳ ۾ گذاري
رھي ھئي، ڪٿي راڌا جي اوستا ۽ ڪٿي سيٺ، جو ھن جي
پيءُ جي برابر ھو.
ھن جي درد ڀريل آتم ڪھاڻي ٻڌي مون کي ڏڪڻي وٺي تھ ھاءِ ڀڳوان!
سنسار ۾ اھڙا ڪلور بھ ٿين ۽ سيٺ جھڙا ڪٺور دل بھ
رھن ٿا.
راڌا روئي مون کي وينتي ڪئي تھ ڀڳوان جي واسطي مون کي ھن نرڳ جي
جيون مان ڪڍي ڪنھن آشرم ۾ وٺي وڃو، تاڪھ آئون سک
سانت سان پنھنجو جيون اتي پورو ڪريان. آئون سمجھان
ٿي تھ آئون ھاڻي اوھان جي لائق نھ آھيان. مون
پنھنجي ڪروڌ ۽ ڏک ڪي روڪي ھن جي دک دائڪ وارتا،
پڇاڙي تائين ٻڌي، پر نيٺ آئون بھ تھ انسان ھوس
پنھنجي ڪاوڙ روڪي نھ سگھيس ۽ راڌا کي چوڻ لڳس، ”ٻي
ڳالھھ اڃا پوءِ پر پھريائين پوليس ۾ وڃي چتاءُ ٿو
ڪريان ۽ ڪميني سيٺ کي ھن جي ذليل حرڪتن جو مزو ٿو
چکايان.“
راڌا ھٿ جوڙي وينتي ڪري چوڻ لڳي، ”گورڌن ٿورو ويچاريو تھ سھي تھ
ڇا ڪري رھيا آھيو؟ سمجھو تھ پوليس سيٺ ۽ ڌوتيءَ کي
قابو ڪري، پر مون کي وري بھ ماسيءَ ڏانھن اماڻيندا
۽ اتي مون سان ڪھڙي ويڌن ٿيندي، سو ڀڳوان ٿو ڄاڻي،
سيٺ پئسي وارو آھي. پوليس کي روشت ڏيئي پاڻ ڇڏائي
وٺندو پوءِ الائي مون سان ڇا ڪري، آئون وري ساڳي
اوڙاھھ ۾ نھ ھجان، تنھنڪري آئون نھ ڪنھن کي مصيبت
۾ وجھڻ ٿي گھران، نھ پاڻ ئي ڪنھن آپدا ۾ پوڻ ٿي
گھران. مون کي ھتان ماٺ ميٺ ڪري ڪنھن آشرم ۾
ھليو وڃڻ ٿو جڳائي. اھو مون اڪيلي کان نھ ٿيندو
تنھنڪري تنھنجي مدد ٿي گھران.“
مون ڏٺو تھ راڌا سچ چئي رھي ھئي، سيٺ سان وير پارڻ عقلمندي نھ
ھئي، مون راڌا کي چيو تھ ٻن ڏينھن جي اندر سمورو
بندوبست ڪري ھن کي خبر ڏيندس، ھو منھنجي ھتي ئي
واٽ ڏسي.
موٽندي رستو ڀلجي ويو ھوس، وري پٺتي موٽڻو پيو.
راه راست برو اگرچھ دور است
سڄي واٽ پھھ پچائيندو رھيس، تھ ھي معاملو ڏاڍو ڏنگو آھي، آئون
ھڪ غريب ماڻھو، مون کي سيٺ جھڙي شاھوڪار سان ٽڪر
وٺڻ نٿو جڳائي. ماما وڪيل آھي، ھن سان سموري ڳالھھ
ڪريان، ھو ضرور نياءُ کان ڪم وٺندو. ۽ منھنجي
ھمراھي ڪندو، وري سوچڻ لڳس تھ جيڪڏھن راڌا کي ھتان
ڀڄائي ھلان ۽ واٽ تي سنگتي، جي ھتي آيل آھن، گڏجي
ويا تھ پوءِ ڇا ٿيندو. ڏاڍي خواري ٿيندي، سمجھو تھ
ھن کي ھتان ڪڍان تھ ڪٿي وٺي وڃان؟
آريھ سماج ۾! جيڪڏھن ھو وٺڻ کان انڪار ڪن تھ پوءِ ڪٿي وٺي وڃان؟
ڇا گھر وارا ھن کي پناھھ ڏيڻ لاءِ تيار رھندا؟ آئون نٿو ڀانيان
تھ مام گھڙڻ ئي ڏيندو. جيڪڏھن سيٺ ويندو ڏسي وٺي ۽
خود پوليس ۾ رپورٽ ڪري، تھ ڇوڪري ڀڄائڻ جي جرم ۾
ڦاسي پوندس. جيتوڻيڪ راڌا سامايل آھي، پر تنھن
ھوندي بھ بدنامي ٿيندي.
آئون تعليم يافتھ چڱي آڪھھ جو فرد، ڪاليج ۾ خبر پئي تھ بدچال
ھجڻ جي تھمت ۾ نوڪري کان ئي جواب ملي ويندو، پوءِ
تھ آئندو مٽي ۾ ملي ويندو، منھنجي زندگي ئي برباد
ٿي ويندي.
اوچتو منھنجي وويڪ مون کي ملامت ڪئي تھ ڪانئر گيدي، ڪنھن اٻوجھھ
نينگريءَ جي دل وٺي اھي پار پريمي ٿي اھڙي منورتي،
حيف آھي توتي. ھڪ ڀلي ڪم ڪرڻ تي دنيا جي مھڻن ڀر
ڊڄين ٿو، اھا دنيا جا مھا ڄار آھي، جتي سيٺ جھڙا
بگھڙ راڌا جھڙي رڍ کي ھڙپ ڪرڻ گھرن ۽ تون پريمي ٿي
آڱر بھ نھ چوري سگھين. ھتي آئون اگھور غفلت کان
سجاڳ ٿيس ۽ من ئي من ۾ پرن ڪيم، تھ ٻن ڏينھن کان
پوءِ موٽر وٺي راڌا کي راولپنڊي وٺي ويندس، جتان
ريل جي رستي لاھو پھچي آريھ سماج آشرم ويندس، ڇا
بھ ٿي پوي.
ائين چئي مٿو جو مٿي ڪيم تھ ڏٺم جتي لٿل ھوس اھا جڳھھ اچي وئي
آھي، اندر وڃڻ تي ڏٺم تھ ماما ٽپڙ ٻڌائي رھيو آھي
مون کي ايندو ڏسي چوڻ لڳو، ”گورڌن ڪٿي ھليو ويو
ھئين؟ ڏاڍي دير لڳائي اٿئي.“
ائين چوندي منھنجي ھٿ ۾ تار ڏنائين، جنھن ۾ لکيل ھو تھ، گورڌن
جي ماءُ جي حالت دل جي بيماري ڪري تمام نازڪ آھي
موٽر اچي وئي ۽ اسين سڀئي راولپنڊي ڏانھن روانا ٿي
وياسين، منھنجي اکين مان ٻھ لڙڪ وھي منھنجن ڳلن تي
پيا ۽ منھنجي دل مان دردناڪ آواز نڪتو: ”بدنصيب
راڌا.“
جنھن ڏينھن صبح جو ڪراچي پھتاسين انھيءَ ڏينھن ٻھ ڪلاڪ اڳي ماتا
جو مرتيو ٿي چڪو ھو، ويچار سرڳ ڏانھن رواني ٿي چڪي
ھئي.
ڏينھن ڳالھين ڪندي ويا لنگھندي پر بدنصيب راڌا جي ياد دل مان نھ
وڃڻي ھئي سا نھ وئي، ماما ڪيترا ڀيرا شاديءَ لاءِ
چيو، پر مون ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان ٽاري ڇڏيو.
مون کي خبر ئي نٿي پئي تھ ڇا ٿيندو، تان جو ٽي سال
انھيءَ واقعي کي گذري ويا، ھيل ايسٽر جي موڪلن ۾
مون ماما کي لکيو تھ لاھور ھلنداسون جو انھن ڏينھن
۾ ھڪ پروفيسر دوست جي شادي اتي ٿيڻي ھئي ۽ ھن سڀني
کي دعوت ڏني ھئي. شادي ڏاڍي سٺي ھئي، مانيءَ کان
پوءِ گاني جو پروگرام ھو جو مايا ديوي لاھور
واريءَ جو راڳ ڏاڍو مشھور ھو، ھڪ ھال ۾ بفي ڊنر ھو
۽ ٻئي ھال ۾ راڳ رکيل ھو. شاديءَ جي رسم پوري ٿيڻ
کان پوءِ آئون ۽ ماما گڏ ٿڌي سڙڪ گھمڻ ھليا ويا
ھئاسون، جتان ٿورو دير سان موٽياسون، تنھنڪري ماني
کائڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي، اسان اڃا ماني کائي رھيا
ھئاسين تھ راڳ شروع ٿي ويو ھو ماني کائيندي مون
ويٺي راڳ ٻڌو جو ٻئي ھال ۾ ٿي رھيو ھو، نھايت
سريلو گلو ھو ۽ گلي ۾ لوچ ھئي ۽ آواز ۾ ڪشش ھئي
مون کي ائين معلوم ٿيو ڄڻ ھي آواز مون ڪٿي ٻڌو
آھي.
ماني کائي راڳ واري ھال ڏانھن وياسين ۽ پري ويھڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي سين تھ سڏ ٿيو تھ اڳيان اچي ويھو. ماڻھن سان
رامست خير سلامت ڪندا وڃي ھڪ ڪوچ تي ويٺاسين،
منھنجو ڌيان اڃا راڳيندڙ ڏانھن نھ ويو ھو تھ اوچتو
ھڪ غزل جو پڙلاءُ منھنجي ڪنن تي پيو، غزل اھو
ساڳيو ھو جو مون مارواڙي سيٺ جي بنگلي ۾ ٻڌو ھو،
نظر کڻي ڳائڻ واريءَ ڏانھن نھاريم تھ بدنصيب راڌا
ڳائي رھي ھئي، منھنجي وات مان اوچتو......
راڌا..... نڪتو، ڏٺم تھ ٻھ لڙڪ اکين مان وھي
بدنصيب راڌا جي ڳلن تي اچي ڪريا.... منھنجو مٿو
ڦرڻ لڳو. مون کي ياد آھي تھ منھنجي وات مان زور
سان وري راڌا جو لفظ نڪتو ۽ آئون بيھوش ٿي ڪري
پيس. مون کي ياد آھي تھ جڏھن مون اکيون پٽيون تھ
منھنجو مٿو راڌا جي سٿر تي ھو ۽ ھوءَ روئي رھي
ھئي. منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو. مون اکيون بند ڪري ڇڏيو،
پوءِ مون کي خبر نھ آھي تھ ڇا ٿيو. جڏھن ھوش آيو
تھ پاڻ کي ھڪ اسپتال ۾ ڏٺم. ڊاڪٽر صاحب اوھين
پريالو آھيو، ڇڏيو تھ انھيءَ حالت ۾ ھجان جتي نھ
پنھنجي خبر نھ پرائي سڌ ھجي...
محبت جو گنھگار
اسپتال ۾ اڄ دير سان پھتس جو ميڊيڪل اسڪول ۾ اڄ منھنجي ليڪچر جو
وارو ھو، اڃا ٻاھرين وڏي لوھي دروازي کان منھنجي
موٽر، مس اندر داخل ٿي ھوندي تھ مون ڏٺو تھ سڄي
اسپتال ۾ ھڪ سنسني آھي ۽ ماڻھن جي چھري تي افسوس ۽
رنج جا آثار نظر اچي رھيا آھن، آئون حيران ھوس تھ
ڇا ٿيو آھي؟ جيئن منھنجي موٽر دواخاني وٽان لنگھي،
تھ ڏٺم ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي، آئون موٽر مان
لھي، سڌو آفيس جي ڪمري ۾ ويس تھ منھنجو ھندو
اسسٽنٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين تھ صاحب غضب ٿي
ويو. عجيب واقعو ٿيو آھي، ٽئين نمبر وارو نامعلوم
پاڳل، جنھن کي اسين متوالو سڏيندا آھيون، اوچتو
مري ويو. سمجھان ٿو تھ ھن جي دل جي حرڪت بند ٿي
وئي آھي؟ تنھن تان مون ٿوري خنگي ڏيکاريندي چيو تھ
ڊاڪٽر اھڙيون ڳالھوين اڪثر اسان جي اسپتال ۾
ٿينديون رھنديون آھن. ايتري گوڙ ۽ گھمسان جي ڪھڙي
ضرورت ھئي، منھنجي اسسٽنٽ گھٻرائي چيو تھ سائين!
ٻڌو تھ سھي، اڄ ڪرائي کان ھڪ شريف زال ۽ مڙس مون
کان اجازت وٺي اسپتال گھمڻ لڳا. جڏھن ٽئين نمبر
وارڊ جي سامھون پھتا تھ متوالو ھميشھ وانگر وارڊ
جي ننڍڙي باغيچي ۾ بڙ جي وڏي وڻ ھيٺ ويٺو ھو. ٻنھي
زال مڙسن کي ايندو ڏسي ھو زور زور سان ٽھڪ ڏيئي
کلڻ لڳو، ۽ اٿي انھن کي غور سان پيرن کان وٺي مٿي
تائين جاچڻ لڳو ۽ پوءِ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ٻئي زال
مڙس ھن کي حرڪت تعجب ۽ افسوس سان بيھي ڏسڻ لڳا.
وري اوچتو روئڻ بند ڪري، ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ھن
ماڻھوءَ جي زال اھو تماشو ڏسي گھٻرائجي افسوس ڪرڻ
لڳي، ڇاڪاڻ تھ متوالي جي ڪجھھ حالت ئي اھڙي ھئي.
ھن جو سڄو پھراڻ ڦاٽو پيو ھو، جو ڀانئجي ٿو تھ ھن
ان وقت ئي ڦاڙي ليڙون ڪري ڇڏيو ھو ھن جي مٿي ۽
ڏاڙھيءَ جا وار جيئن اوھان کي خبر آھي تھ ھميشھ
وحشين وانگر وڌيل ھئا، ۽ نراڙ مان خون وھي رھيو
ھوس جو ھن پنھنجو مٿو شايد وڻ سان ھڻي ڦٽي وڌو ھو.
عورت جي مڙس کي ڪھل اچي وئي، تنھن نھايت ھمدريءَ سان پڇيو تون
ڪير آھين؟... ڇا ٿو گھرين؟... تنھنجي مٿي مان خون
ڇو پيو وھي... ڇا ٿيو آھي؟
متوالي ڏائي ھٿ سان نراڙ اگھندي ۽ سڄي ھٿ سان ڪا شيءِ ڇاتيءَ تي
دل وٽ جھليندي جواب ڏنو تھ، ڪير آھيان؟.... اھو
مان پاڻ بھ ڪونھ ٿو ڄاڻان....ھا! ايترو ضروري آھي
تھ اوھين ماڻھو مون کي ديواني جي نالي سان ياد
ڪريون ٿا..... مان اھو بھ چئي نٿو سگھان تھ
ڇو..... مان گنھگار آھيان...... محبت جو
گنھگار..... مون محبت ڪئي..... بس ٻيو ڪجھھ نھ....
ايترو چئي ھو وري روئڻ لڳو. مائي جنھن جي حالت اڳي
ئي خراب ٿي رھي ھئي، ديواني جي انھن ڳالھين کي
وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ۽ ھڪ ڀر واري وڻ کي ٽيڪ ڏيئي
بيھي رھي.
متوالي وري چوڻ شروع ڪيو.
افسوس! دنيا وارن مون کي ھن کان جدا ڪري ڇڏيو.... منھنجي حياتي
جي پونجي مون کان کسي ورتي.... منھنجي ارمانن جي
دنيا اجاڙي ڇڏيائون. چڱو ڪيائون.... ڏاڍو چڱو
ڪيائون.... ڇا! ھو منھنجي دل ۽ منھنجين اکين تي بھ
قابو پائي سگھن ٿا؟ ڇا ھو منھنجي دل مان ھن جي
ياد بھ ڪڍي سگھن ٿا؟.... ڇا! ھو منھنجين اکين مان
ھن جي تصوير دور ڪري سگھن ٿا؟.... نھ ھرگز نھ....
بس انھن جو ايترو ئي زور ھو جو ھنن مون کي جدا ڪري
ڇڏيو.... متوالو اھو چئي رھيو ھو، پر ھن جو ساڄو
ھٿ سيني تي رکيل ھو، جنھن کي ھٽائي گھڙي گھڙي ھو
ڪجھھ ڏسي رھيو ھو، جو ھڪ سفيد ڪاغذ وانگر ھن جي ھٿ
ھيٺ ھو جنھن کي ھن ڏاڍي حفاظت سان ڇاتيءَ جي ڏائي
پاسي لڳائي رکيو ھو.
ڪراچيءَ کان جيڪو ماڻھو پنھنجي زال سان گھمڻ لاءِ آيو ھو ۽ جنھن
جو نالو قاسم ھو، تنھن کي متوالي جي حالت تي ڏاڍو
رحم آيو، سو ھن جي ويجھو ويندي چوڻ لڳو ”يار برابر
زماني ۾ محبت ڪرڻ واري کي ديوانو، پاڳل، وحشي ۽
ٻين الائي ڪھڙن ڪھڙن نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر
اھا تمام وڏي ڀل آھي.... پر مون کي اھو تھ ٻڌاءِ
تھ تو پنھنجي سيني سان ڇا لڳائي رکيو آھي؟ متوالي
پنھنجي سيني ۽ ھٿ ڏانھن ڏٺو ۽ ھاڻي ھن جي وحشت پاڻ
اڳي کان وڌيڪ ٿيڻ لڳي، ھن جي صورت بھ ڀيانڪ ٿي وئي
۽ ھو پنھنجي ھٿ جي گرفت کي سيني تي وڌيڪ مضبوط ڪري
ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو ۽ غضبناڪ اکين سان قاسم کي ڏسي
چوڻ لڳو، ھي ڇا آھي..... آه! ھي منھنجي دل جي زخمن
جو مرھم آھي، انھيءَ جي سبب مان پنھنجي زندگي پوري
ڪري رھيو آھيان.... اھوئي ھڪ اھڙو مرھم آھي، جو
منھنجن زخمن کي دٻايو ويٺو آھي، جيڪڏھن اھو مون وٽ
نھ ھجي ھا، تھ آئون ڪڏھن ختم ٿي وڃان ھا.“
قاسم کي متوالي جي چريائي جي ڳالھين ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي وئي ۽
ھو پنھنجو ھٿ ڊگھيڙي چوڻ لڳو، ڇا مان بھ تنھنجي
انھيءَ مرھم جو ديدار ڪري سگھان ٿو؟
متوالي پٺڀرو ھٽندي چيو ڇا، ھي بھ مون کان کسي وٺڻ ٿو
گھرين؟.... مون کي ائين برباد ڪرڻ مان ڇا
فائدو.... نھ! مان نھ ڏيکاريندس....“ ايترو چئي ھو
اتان وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر قاسم اڳتي وڌي ھن کي
روڪيو ۽ ھن پنھنجي ھٿن سان ھن جو ھٿ سيني تان پري
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، متوالو غضبناڪ ٿي ويو، پر قاسم
جي زال ڊوڙي پنھنجي مڙس جي ٻانھن جھلي پري ڪئي،
قاسم جيڪي ڪي ڪيو سو رڳو دلچسپي جي ڪري ھو، نھ تھ
ھن کي ڪھڙي خبر تھ ان ۾ ڪھڙو راز لڪل آھي، انھيءَ
گھمسان ۾ متوالي جي نظر قاسم جي زال تي پئي ۽
ڇاتيءَ تان ان جي گرفت ٿوري ڍري ٿي پئي، تنھنڪري
ڪاغذ جو سيني سان لڳل ھو، اچي پٽ تي ڪريو. متوالو
ھاڻي ڏڪي رھيو ھو ۽ ھڪ ڦٽيل شينھن وانگر قاسم کي
ڏسي رھيو ھو، ھن جون اکيون ڳاڙھيون ٿي رھيون ھيون
۽ انھن مان باھھ جا الا نڪري رھيا ھئا، پر ڪاغذ جي
ڪرندي ھن جو ڌيان انھيءَ طرف ويو پر قاسم ڦڙتيءَ
سان نمي اھو ڪاغذ ھٿن ۾ کڻي ورتو ۽ يڪدم پٺتي ھٽي
غور سان ڏسڻ لڳو ۽ حيرت ۾ پئجي پنھنجي زال کي چوڻ
لڳو، ”اڙي خورشيد! ھيءَ تھ تنھنجي تصوير آھي، ڇا
منھنجون اکيون ڌوڪو تھ نھ کائي رھيون آھن....
خورشيد تنھنجي تصوير ھن چرئي وٽ ڪيئن آئي؟“
اھو ٻڌندي ئي خورشيد ھڪ نظر متوالي تي وڌي ۽ ”پيارا شوڪت“ چوندي
متوالي کي چنبڙي پئي، قاسم ساڪت ٿيو، ھڪ ھنڌ بيٺو
اھو منظر ڏسي رھيو ھو ۽ ھن جي سمجھھ ۾ ڳالھھ ئي
نٿي آئي تھ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو ھو، نيٺ سامت ۾ ايندي
ھن خورشيد کي متوالي کان ڌار ڪندي چيو، ”خورشيد!
خورشيد! ھي سڀ ڇا آھي؟ مان ڇا ڏسي رھيو آھيان.“
متوالي خورشيد کان ڌار ٿيندي ئي ھڪ رڙ ڪئي تھ ھاءِ خورشيد! ۽ پٽ
تي ڪري پيو ۽ وري اٿي نھ سگھيو جو پران تياڳي چڪو
ھو. اھا حالت ڏسندي خورشيد بھ ھڪ رڙ ڪئي تھ ھاءِ
پيارا شوڪت! مورڇا ٿي ھن جي مڙھ تي ڪري پئي. آئون
ٻنھي کي ڊريسنگ روم ۾ کڻائي آيو آھيان. متوالو تھ
صفا مري چڪو آھي، باقي ھوءَ ڪراچي واري زال اڃا
بيھوش آھي، ھن کي ھوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوس
تھ اوھين بھ اچي پھتا آھيو.
ڊاڪٽر جي سموري ڳالھھ ٻڌي آئون حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ ھوس ۽ پنھنجي
ڪمري مان اٿي ڊريسنگ روم ڏانھن وڃڻ لڳس، اتي پھچي
ڏٺم تھ ويچاري قاسم جي عجيب حالت ھئي.
اسان کان پڇڻ لڳو تھ ھتي ٽيفلون آھي جو آئون تاج ھوٽل ۾ خورشيد
جي ماءُ پيءُ کي ٽيلفون ڪرڻ ٿو گھران، جو اسين
ڪراچي کان اچي اتي لٿا آھيون، اڌ ڪلاڪ جي اندر
خورشيد جا ماءُ پيءُ اچي ويا ۽ سڄي اسپتال ۾ روڄ ۽
راڙو مچي ويو. سين ھڻڻ کان پوءِ خورشيد آھستي
آھستي ھوش ۾ اچڻ لڳي ۽ مائٽن جي دلجاءِ ٿيڻ لڳي،
اتي خورشيد جي پيءُ قاسم کان سڄو واقعو پڇيو ۽
پوڙھو پوءِ تڪڙو تڪڙو شوڪت جي بدن تا ڪمبل ھٽائي
ھن کي جاچي ڏسڻ لڳو ۽ ”ھاءِ شوڪت“ چئي پٽ تي ويھي
رھيو، تمام گھڻي تڪليف سان پوڙھي کي کڻائي مون
پنھنجي ڪمري ۾ آندو ۽ آرام سان ڪرسيءَ تي ويھاري
کيس طاقت جي سئي ھنئي، ٿوري دير کان پوءِ جڏھن
پوڙھي جي طبيعت درست ٿي تھ چوڻ لڳو، ڊاڪٽر صاحب
اسان جو حيدرآباد ۾ اچڻ ڏاڍو نڀاڳو ثابت ٿيو آھي،
مون وٽ اھي اکر ئي نھ آھن جن سان اوھان جو ٿورو
بجا آڻيان. شوڪت منھنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني ھو،
ويچارو ڇورو ڇنو ھو. ننڍي ھوندي ئي سندس ماءُ پيءُ
گذاري ويا ۽ مون کي بھ اڃا ڪو اولاد نھ ٿيو ھو،
تنھنڪري مون کيس پالي پڙھائي وڏيو ڪيو، ٻھ سال ٿيا
جو ھو اسان کان ناراض ٿي گھران ھليو ويو ڪيترين ئي
ڪوششن ۽ اخبارن ۾ ليک وجھائڻ کان پوءِ بھ سندس پتو
ڪونھ پيو. مون کي ڪھڙي خبر تھ ھو ھتي چريو ٿي
اسپتال ۾ داخل ٿيو آھي، ھڪ ڏينھن صبح جو ڏٺم تھ
شوڪت ناشتي تي حاضر ڪونھي، تنھنڪري خورشيد کي چيم
تھ سندس ڪمري ۾ وڃي ڏسي تھ پو شوڪت اڃا ناشتي تي
نھ آيو آھي، متان طبيعت ناساز تھ نھ آھيس، ڇاڪاڻ
تھ شوڪت جي ھميشھ عادت ھوندي ھئي تھ سويرو اٿي
نماز پڙھي، جلد ناشتو ڪري وٺندو ھو، ھن کي جو غير
حاضر ڏٺم تھ فڪر ٿي پيو. خورشيد وئي پر جلدي موٽي
آئي، ڏٺم تھ سندس چھري تي اداسي ڇانيل ھئي، مون کي
اچي خبر ڏنائين تھ بابا ڪمرو خالي پيو آھي، بستري
کي ڏسڻ مان معلوم پيو ٿئي ڄڻ رات ان تي ڪو ستو ئي
ڪونھ آھي، آئون اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ ويس ڏٺم تھ
جيڪي خورشيد چيو ھو سو سڀ سچ ھو. شوڪت رات بستري
تي ستو ئي ڪونھ ھو، آئون نظر ڊوڙائي سڄي ڪمري کي
چتائي ڏسڻ لڳس، اوچتو منھنجي نظر ھڪ خط تي پئي جو
وھاڻي مٿان پيو ھو، خط کڻي ڏٺم تھ منھنجي نالي ھو،
سڄي خط کي چئني پاسن کان چتائي ڏسڻ کان پوءِ مون
لفافو کوليو جنھن ۾ لکيل ھو:
پيارا چاچا صاحب، سلامت ھجو
اڄ مان اوھان کي ڇا پر دنيا کي ڇڏي رھيو آھيان ائين ڇو ٿو
ڪريان، تنھن جي لکڻ ضرورت نھ آھي آئون نٿو گھران
تھ منھنجي ڪري اوھان کي تڪليف پھچي تنھنڪري مان
پاڻي وڃي رھيو آھيان، آئون ڏاڍو بدنصيب آھيان، جي
ائين نھ ھجي ھا تھ ڇو ماءُ پيءُ مون کان جدا ٿي
وڃن ھا مون گھريو ٿي تھ جيڪڏھن ماءُ پيءُ نھ آھن
تھ اوھين تھ آھيو، جيڪڏھن جي خدمت نھ ڪري سگھيس تھ
اوھان جي ڪندس پر منھنجي قسمت ۾ اھو بھ نھ ھو،
منھنجي ڳولا نھ ڪجو ممڪن آھي اھا ڪامياب نھ ٿئي.
اوھان جو شوڪت
”خط پڙھڻ کان پوءِ منھنجي عجيب حالت ٿي وئي ڇاڪاڻ تھ شوڪت جڏھن
ٻن ورھين جو ھو تھ ھن جا ماءُ پيءُ ھن دارالفنا کي
ڇڏي ڪوچ ڪري ويا ھئا. ان وقت مون کي ڪو اولاد نھ
ھو تنھنڪري شوڪت جي سنڀال ۽ پرورش اسان پنھنجي
اولاد وانگر ڪئي، خورشيد ٻھ سال شوڪت کان ننڍي
ھئي، ٻئي ٻار ڏاڍي ناز و نعم سان پليا ھئا، سچ پچ
تھ انھن ٻنھي ٻارن کي وڏو ٿيندو ڏسي آئون جيئرو
ھوس. جڏھن ٻئي وڏا ٿيا تھ مون ارادو ڪيو تھ خورشيد
جي شادي شوڪت سان ڪندس، پر خورشيد جي ماءُ انھيءَ
ڳالھھ جي فائدي ۾ نھ ھئي، جنھن جو نتيجو اڄ ڀوڳي
رھيا آھيون. شوڪت جي خط مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو ھو
۽ مون پنھنجي عمر ۾ايڏو ڪڏھن نھ رنو ھو، جيترو ان
خط پڙھڻ وقت. خط کڻي آئون خورشيد جي ماءُ وٽ پھتس
۽ اھو خط کيس ڏيندي چيم تھ ”تو جيڪي گھريو سو ٿي
ويو.... تو منھنجي مرحوم ڀاءُ جي نشانيءَ کي بھ
مٽائي ڇڏيو.... چڱو ڪئي.“ غم جي شدت کان آئون ھن
کي وڌيڪ ڪجھھ نھ چئي سگھيس، ٻاھر دلان ۾ ھليو آيس،
ڪيتري دير تائين پئي رنم، ساڳي حالت خورشيد جي
ھئي، ھن جو تھ ننڍپڻ جو ساٿي ھو جپ پاڻ ۾ گڏ
کيڏندا ۽ کائيندا رھندا ھئا، سو جدا ٿي ويو ان ۾
ڪو تعجب نھ ھو جيڪڏھن خورشيد کي شوڪت جھڙي لائق ۽
قابل انسان سان محبت ٿي وئي ھجي، اڪثر ائين ٿيندو
آھي ۽ مون کي پڪ ھئي تھ انھن جي اھا محبت پاڪ ھئي
ڇاڪاڻ تھ جي ائين نھ ھجي ھا تھ شوڪت ڪڏھن بھ گھر
ڇڏي نھ وڃي ھا. جيڪي قسمت جو لکيو ھو سو ٿي رھيو ۽
خورشيد جي ماءُ جيئن گھريو ٿي تيئن ٿيو، سال کن جي
تلاش کان پوءِ نيٺ خورشيد جي شادي سندس مامي جي پٽ
قاسم سان ٿي وئي جيئن خدا کي منظور ھو، تيئن ٿيو.
|