سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: رياست ۽ آزادي

 

صفحو : 6

باب ٽيون

”عوام جي مرضيءَ تي ٻڌل حڪومت“

الف- عوام، جملي اختيارات  جو سرچشمو آهي.

ب-     پنهنجي حڪومت جو حق حاصل ڪرڻ گهرجي.

ج-     حڪومت جي هر شعبي ۾، عوام جي شموليت هئڻ گهرجي.

د-      عوام جي تعليم ۽ پريس آزاد هئڻ گهرجي.

هه-     جيفرسن جو سرشتو، رعيتي راڄ جو هڪ درجو ماڻڻ آهي.

**

عوام جي مرضيءَ تي ٻڌل حڪومت:

(آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سڀ جائز اختيارات، جي حڪومت استعمال ڪري ٿي، عوام جي خواهشن تي بنياد رکن ٿا ۽ انهن مان ئي حاصل ڪيا وڃن ٿا. اها ئي هڪ ڳالهه جيفرسن جي سياسي مضمونن جو بنيادي ۽ ورجايل موضوع پي رهي آهي.)

عوام، جملي اختيارات جو سرچشمو آهي.

(جيفرسن انهيءَ راءِ جوهو ته: هر حڪومت جو صحيح بنياد، قوم جي ظاهر ڪيل خالص مرضيءَ موجب هئڻ گهرجي. حڪومت جو سرشتو ۽ ان جون شاخون اهڙيون هئڻ گهرجن، جو عوام انهن کي ڪنهن به وقت، ڪنهن به حد تائين، نئين طرح سڌاري، بنائي وري نئين شڪل ڏيئي سگهي.)

28- اپريل 1793ع، وزارت جو رايو:

عوام جيڪو خود انساني سماج ۽ قوم ٺاهي ٿو. سڀني اختيارين جو مالڪ آهي. هو ان ڏس ۾ آزاد آهي ته جنهن طريقي سان چاهي، پنهنجا معاملا طئي ڪرائي ۽ جڏهن چاهي ته انفرادي طور يا ڪنهن تنظيم جي شڪل، انهن ايجنٽن يا نمائندن کي تبديل ڪري. نه ته انهن نمائندن جا ڪيل عمل، قوم جا عمل ليکبا ۽ قوم انهن عملن لاءِ ٻڌل رهندي. اهي عمل ڪنهن صورت ۾ حڪومت جي سرشتي يا انتظاميه جي بدلجڻ سان نه ڦيرائي سگهبا ۽ نڪي ختم ڪري سگهبا.

**

واشنگٽن                                        بنجامن وارنگ ڏانهن

23- مارچ 1801ع

هر ملڪ ۾، جتي ماڻهو سوچڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ آزاد آهي. پر منطق جي اڻپوري ڄاڻ سبب، راين ۾ فرق ضرور پوندو آهي، پر جڏهن بحث مباحثن وسيلي انهن فرقن کي ختم ڪيو ٿو وڃي (جهڙوڪ اسان جي ملڪ ۾)، ته پوءِ انهن جي حيثيت رڳو هوائي ڪڪر جيان آهي. جنهن جي لنگهي وڃڻ بعد، آسمان وڌيڪ صاف ۽ روشن نظر ايندو آهي. قانوني مڃتا ۽ حڪمن جي پوئواريءَ وارو رياستي باشندن جو خاص ڪردار، اسان جي اندروني اتفاق ۽ امن جو ضامن آهي. جيڪڏهن اسان ، راءِ شماريءَ کي پنهنجي خواهشن موجب، ٺهيل دستور جي سنڀال ۽ سلامتيءَ جو دروازو ڪري سمجهون؛ ته ان کي ختم ڪرڻ واريون سڀئي تحريڪون چپ چاپ ختم ٿي وينديون.

اُها مرضي، هر آزاد حڪومت جو واحد ۽ بنيادي مقصد هوندي آهي. ان جو بچاءُ، اسان راءِ جي آزاد اظهار سان ئي ڪري سگهون ٿا.

**

مونٽيسيلو                                جارج ڊبليو ليوس ڏانهن

25- آڪٽوبر 1825ع

هڪ تاجدار يا تخت ڌڻي جي قوت يا حد دخلي، قوم جي حڪومت واري حق کي ڦٻائي نٿي سگهي، پر عوام جي خواهشن کي تابع ڪرڻ ۽ انهن جي حقن تي اختيار هلائڻ جو جائز طريقو رڳو اهو آهي ته مخالفن کي مڃارايو وڃي، يا رد ڪيو وڃي.

**

فلاڊلفيا                                              گورنر مورس ڏانهن

7- نومبر 1792ع

اسان کي اصولاََ هر انهيءَ حڪومت کي (حق جي بنيادن تي ٻڌل) تسليم ڪرڻو پوندو، جا عوام جي مرضيءَ موجب قائم ٿيل هوندي. گذريل حڪومت به اهڙي ئي قسم جي هئي ۽ اسان جي هر طبقي ان کي تسليم ڪيو هو. تنهنڪري ان ۾ هر ترميم کي، جا عوام جي خواهش پٽاندر ٿيل آهي، اهڙي ئي نموني تسليم ڪرڻو پوندو.

**

فلاڊلفيا                                              گورنر مورس ڏانهن

12- مارچ 1793ع

اسان ڪنهن به قوم جي اهڙي حق کان ڪيئن ٿا انڪار ڪري سگهون، جنهن حق تي خود اسان جي پنهنجيءَ حڪومت جو بنياد رکيل آهي. هر ڪنهن خواهش پٽاندر حڪومت جو سرشتو ٺاهي سگهجي ٿو، هلائي سگهجي ٿو، ڊاهي، نئون ٺاهي سگهجي ٿو، ٻاهرين قومن سان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڌنڌو ڌاڙي ڪري سگهجي ٿو؛ پوءِ ڀلي اهو شاهي سرشتو هجي، ڪنوينشن هجي، اسيمبلي هجي، ڪميٽي هجي، پريزيڊنٽ هجي يا ڪو ٻيو سرشتو. فقط عوام جي مرضي ئي اها واحد شئي آهي، جا عزت ۽ توقير جي هر طرح لائق آهي.

**

فلاڊلفيا                                       جارج واشنگٽن ڏانهن

4- جنوري 1792ع

آءٌ پنهنجن اختيارين جو سرچشمو عوام ۽ قوم کي ئي سمجهندو آهيان. ڪنهن به اداري پاران سندن ظاهر ڪيل خواهش، تيستائين جائز ۽ تقليد لائق هوندي آهي، جيستائين اها، انهيءَ اداري رد نه ڪئي آهي. 1776 کان 1789ع تائين، اهڙو ادارو ڪانگريس جو هو، جيڪو خاص طريقن سان جوڙيو ويو هو. ان پراڻي ڪانگريسي اداري جا قانون ۽ مقرريون به ائين جائز ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي مستقل هئا، جيئن موجوده ڪانگريس جا قانون ۽ نئين انتظاميه جون مقرريون آهن. ڇاڪاڻ جو حقيقت ۾ ٻنهي جو وجود اختيارين جي سرچشمي، يعني عوام مان ورتو ويو آهي. جڏهن اهو سوال ٿو اُٿي، ته فلاڻو قانون جائز آهي يا نه، ۽ اڃا عمل ۾ آيو آهي يا نه، ته اسان کي رڳو اهو ڪين ڏسڻو پوندو ته اهو عوام طرفان ڪنهن چونڊيل اداري پاس ڪيو هو يا نه، پر ڏسڻو اهو پوندو ته ان کي ڪنهن اداري رد به ڪيو هو يا نه؟

**

مونٽيسيلو                                    ايڊمنڊ رينڊائف ڏانهن

18- آگسٽ 1799ع

قوم پنهنجيءَ جاءِ تي پاڻ ئي خود مختار قانون ساز ادارو، عدليه ۽ انتظاميه اختياري آهي. هو اجتماعي طور انهن اختيارين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مناسب يا نامناسب سمجهي، انهيءَ نتيجي تي پهچندي آهي ته ڪي اهڙا خاص ادارا وجود ۾ آندا وڃن، جن جي ذريعي قانوني خواهشن ۽ مرضين کي پڌرو ڪيو وڃي. اها عوام جي مرضي ئي هوندي آهي، جا کيس قانون جو تابع بڻائي ٿي ۽ قانون ساز ادارا ٺاهي يا ڊاهي ٿي. هو اهي اختياريون هڪ شّص رستي به عام منظر تي آڻي سگهي ٿي، جيئن روس جي بادشاهه يا چند ماڻهن رستي، جيئن وينس جي آمريت يا ڪن ڪائونسلن رستي، جيئن اسان جي اڳئين نظام ۾ هو. قانون، قانون آهي ۽ عوام جي مرضيءَ تي ٺهيل آهي، ان ڪري اهو ان اداري جي ختم ٿيڻ سان ختم نٿو ٿئي، جنهن ان کي جنم ڏنو هجي. انقلاب کان اڳ، ورجينا جي قوم، پنهنجي چونڊيل اداري معرفت هڪ قانوني سرشتو رائج ڪيو هو، جنهن کي ٽن نموني ۾ ورهايو ويو هو: (1) عام قانون. (2) قانون ساز ادارو، (3) چانسلري: آزاديءَ جي پڌرنامي کان پوءِ، هنن اهو قانون ساز ادارو ٽوڙي ڇڏيو، پر ان جو پاس ڪيل قانون ائين ئي عمل ۾ ايندو رهيو، جيئن اڳ هو. ڇاڪاڻ ته قوم ڪا ختم يا غائب ڪا نه ٿي وئي هئي، ان ڪري سندس مرضي برقرار رکي وئي. جهڙيءَ ريت، اسان جي هت اچڻ کان اڳ وارو عام قانون، اسان جو قانون ٿي رهندو آيو آهي، سو قانون ساز اداري مٽائڻ جي باوجود به ڪو نه مٽايو ويو آهي. اهي ساڳيا اصول هن معاملي سان پڻ لاڳو ڪريو. انقلاب کان اڳ ڪا به قوم گڏيل رياستن جي نالي سان وجود ۾ ڪا نه هئي، پر پوءِ هنن پاڻ کي ڪنهن مقصد لاءِ هڪ قوم جي صورت ۾ متحد ڪيو. انهن کي ورجينا وانگر پنهنجا ئي قانون ٺاهڻا پوندا؛ جيئن ته هنن جو پاڻ ۾ هڪ قوم بنجڻ خاص مقصد هو، هڪٻئي سان ۽ ڌارين قومن سان لاڳاپا ۽ ناتا نڀائڻ - ۽ گڏيل رياستن به هن کي رڳو هيءُ اختيار ڏنا، جنهن سببان هو ڪو به عام سرشتو اختيار نه ڪري سگهيا. اهو ادارو ان قسم جي قومي خواهش ظاهر ڪرڻ وارو ادارو نه هو، هو رڳو سونپيل اختياريءَ تائين عوام جي مرضي ظاهر ڪرڻ جا مختار هئا؛ جنهن ڪري عام قانون، رياستن جي الحاق سان پاڻ مرادو قانون نه پئي ٿي سگهيو، پر ان کي قانوني حيثيت تڏهين پئي ملي، جڏهين ان قانون کي اداري طرفان مليل اختيارين هيٺ، پنهنجي لاءِ اختيار ٿي ڪيو ويو.

 

2- پنهنجي حڪومت جو حق

(جيفرسن جي خواهش هئي ته، ”ڌرتيءَ تي هر شخص يا شخصن جي جماعت“ کي پنهنجي حڪومت جي نعمتن ماڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو حق آهي.)

15- جولاءِ 1790ع    وزارت جو رايو

هن ڌرتيءَ تي هر فرد ۽ جماعت کي پنهنجيءَ حڪومت جو حق آهي. کين اهو حق قدرت طرفان سندن وجود سان گڏوگڏ مليل آهي ۽ اهو فرد جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته انهيءَ حق کي اڪيلي سر عمل ۾ آڻي ٿو يا جماعت جي ڪثرت راءِ سان. پر جيئن ته اڪثريت جو قاعدو، سماج جو قدرتي قانون هوندو آهي، تنهنڪري ان کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. جڏهن هڪ خاص قسم جا ماڻهو، ڪنهن خاص ڪارج لاءِ پاڻ ۾ گڏجن ٿا، تڏهن سندن گڏجڻ ۽ ڇڙوڇڙ جا موقعا ۽ مهلون به سندن مرضي تي منحصر هونديون آهن، سندن اهي گڏجاڻيون، حڪومت قائم ڪرڻ جي قدرتي حق جون ضرورتون آهن. پوءِ هو هر حق، ٻين حقن وانگر، پنهنجي يا پنهنجن نمائندن جي مرضيءَ سان رد ڪري يا سڌاري سگهن ٿا.

ڪانگريس جي هر ايوان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي حڪومت پاڻ هلائي، ۽ پنهنجين گڏجاڻين جا وقت ۽ جايون مقرر ڪري، هو تيستائين اهو ڪاروبار هلائي سگهن ٿا، جيستائين کين مقرر ڪندڙ قانون يعني دستور، ان کان روڪ نه ڪئي آهي.

**

مونٽيسيلو                                جون، ايڇ پليزنٽ ڏانهن

31- اپريل 1824ع

موجوده نسل کي به پنهنجيءَ حڪومت جي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو اهو ئي حق آهي، جيڪو گذريل نسلن پنهنجي لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي.

**

پئرس                             اليگزينڊر هميولڊ ڏانهن

13- جون 1897ع

رعيتي راڄ جو پهريون اصول هيءُ هوندو آهي ته برابريءَ وارن حقن جي بنياد تي، اڪثريت جو فيصلو سماج جو بنيادي قانون هوندو آهي. اڪثريت جي فيصلي کي پنهنجو اولين مقصد سمجهڻ، پهريون ۽ آخري نڪتو آهي، جو پوريءَ ريت هنڊائڻ گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ بنيادي اصول جي عزت نه ڪئي وئي ته پوءِ سواءِ ڏاڍ ۽ جبر جي ٻيو ڪو قانون هلي ئي نه سگهندو ۽ آخر نتيجو وڃي فوجي تشدد جي صورت ۾ نروار ٿيندو.

**

پئرس                          جين نڪولاس ڊي ميونر ڏانهن

24- جنوري 1786ع

گذريل انقلاب، حڪومت جي سرشتي ۾ جيڪي تبديليون

آنديون آهن، سي آسان ۽ سوليون آهن. ان ۾ فقط ايترو چيو ويو ته ”قانون ساز ادارا، عدليه ۽ انتظاميه جا اختيارات، جن کي خلا ۾ رهندڙ ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن، سي هن کان پوءِ انهن ماڻهن طرفان عمل ۾ آندا ويندا، جي ڪنهن نه ڪنهن نموني مقرر ڪيا يا چونڊا ويندا.

**

ورجينيا                         بنجامن فرئنڪلن ڏانهن

13- آگسٽ 1777ع

خاص ڪري، ورجينا جي عوام لاءِ وڏي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هنن بادشاهت جي سرپستيءَ کي ختم ڪري، اهڙي امن ۽ آسانيءَ سان رعيتي راڄ جو سرشتو عمل ۾ آندو آهي، ۽ اختيار ڪيو آهي، ڄڻ ڪنهن شخص پنهنجو پراڻو وڳو لاهي، نئون وڳو اوڍيو هجي.

**

18- مارچ 1792ع ”اسپين سان ڳالهيون“ تي رپورٽ.

گڏيل رياستن جون، ڪيتريون رياستون پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي الڳ ۽ مختلف سماجي نوعيت جون هيون، ۽ جن جو ٻئي ڪنهن به سماج سان لاڳاپو ڪين هو. هو پنهنجي حڪومت جي سربراهه (انتظامي مئجسٽريٽ) تي ڀروسو رکندا ٿي آيا، جو سندن صدر هوندو هو ۽ اهڙي نموني، هو ان قوم سان لاڳاپا رکندا آيا، پر جڏهن ان قوم جي مکيه مئجسٽريٽ (بادشاهه جارج 3) اسان سان جنگ جوٽي ته اسان ان رياستي سربراهه سان لاڳاپن ٽوڙڻ تي مجبور ٿي پياسين ۽ وري ان قوم مان، ٻيهر ڪنهن به رياست ۾ مئجسٽريٽ مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوسين.

**

مونٽيسيلو                                         البرٽ گئلٽن ڏانهن

16- جون 1817ع

اسان جي ٻين ملڪن کي آزاد پسڻ واري خواهش به ايتري قدرتي ۽ صداقت جي بنيادي ٻڌل آهي جيتري ڪنهن بادشاهه جي، ڪنهن حڪومت جي ٻين ملڪن لاءِ يعني بادشاهن کي ڏاڍ، ڏمر ۽ غاصبانه جذبي سان بدنگاهه هوندي آهي.

**

مومنٽيسيلو                                         لانئيٽيءَ ڏانهن

14- مئي 1817ع

ڪاش اسان پنهنجي ڏاکڻي حصي جون وڌيڪ خواهشون پوريون ڪري سگهون! اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ، هينئر ڪو مسئلو نه رهيو آهي. پر هينئر ڇا ٿيندو؟ مان سمجهان ٿو ته منهنجي هن نيت ۾ ڪو به ماڻهو شڪ نه ڪندو ته مان انهن کي ۽ سڄيءَ انسانذات کي پنهنجي حڪومت هلائيندو ۽ ان جي لائق، ڏسڻ جو خواهان آهيان پر اسان جي چاهڻ سان ڇا ٿيندو؛ اصل سوال ته اهو آهي ته ڇا ٿي سگهي ٿو؟

**

مونٽيسيلو                                             جون آڊمس ڏانهن

17- مئي 1818ع

انهن رياستن (لاطينيءَ آمريڪي رياستون) لاءِ، سندن پنهنجي آزاد حڪومت جي خواهش پوري ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڇا لاءِ جو اها سندن پنهنجي مرضي آهي.

**

مونٽيسيلو                                         جيمس ميونر ڏانهن

ڊسمبر 1822ع

ڪنهن به ٻئي قوم جي حڪومت جي سرشتي ۾ دخل ڏيڻ جو اسان کي ڪو به حق نه آهي، پر اها خواهش ڪرڻ اسان جي قانوني حدن اندر آهي، ته دنيا جي، اسان واري اڌ گول ۾ ڪو به بادشاهه يا شهنشاهه نه رهي.

**

مونٽيسيلو                                جوزف ڪوريا ڊي سيوا ڏانهن

28- جون 1815ع

اسان ظاهري حالتن مان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته بونا پارٽ پنهنجي قوم لاءِ هڪ فوجي غاصب مان بدلجي هيرو ٿي پيو آهي ۽ اتحادي، يورپي دنيا لاءِ ڦورو ثابت ٿي پيا آهن! پنهنجي حڪومت جي حق وارو اصول، جيئن ته منهنجي سياسي زندگيءَ جو قطب تارو آهي، ان ڪري منهنجي جانبداري به ان جي چوڌاري ئي پئي ڦرندي آهي، پوءِ ان جي راهه ۾ بونا پارٽ رڪاوٽ هجي يا سڪندر.

**

مونٽيسيلو                                             جون آڊمس ڏانهن

10- آگسٽ 1815ع

بوناپارٽ، مسئلي جي صحيح رخ تي پهتو آهي. هو هاڻي پنهنجي قوم جي ڪارج سان گڏوگڏ ، سڄيءَ انسانذات جي انهيءَ حق جو بچاءُ ڪرڻ ٿو گهري، جنهن حق موجب، هر عوام لاءِ پنهنجي ۽ آزاد حڪومت هئڻ سندن فطري حق آهي. هينئر هن توڙي اتحادين پنهنجا رخ بدلايا آهن. هو هاڻي پولنڊ، بيلجم، سئڪسوني ۽ اٽليءَ کي پاڻ ۾ ورهائي رهيا آهن. فرانس لاءِ حاڪم ۽ حڪومت ٿاڦي رهيا آهن ۽ اسان جي رعيتي راڄ ڏانهن ڌڪار سان ڏسي رهيا آهن. ڇو جو اها سندن حڪومت جي سرشتي لاءِ بدنامي آهي؛ ۽ ٻئي طرف هو قومي آزاديءَ جي انهن اصولن خاطر وڙهي رهيو آهي، جن جي هو پاڻ سڄي ڄمار ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي.

**

فلاڊلفيا                                          پريگرين فزيج ڏانهن

23- فيبروري 1798ع

انگلينڊ جي هار ۽ تابعداري، هڪ وڏو حادثو ٿي پوندو، پر، خوشقمستيءَ سان اهو ناممڪن آهي. انهيءَ مسئلي جو اهو حل ٿيڻ گهرجي ڇا ته اتي رعيتي راڄ قائم ٿئي؟ مان نٿو سمجهان ته اسان جي ملڪ جو ڪو به جمهوريت پسند ماڻهو انهيءَ قدم تي ڏک جو اظهار ڪندو، يا ان کي خاص ۽ صحيح حڪومت جو ڦهلاءُ تصور ڪندو، يا ان مثال سان پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ جي ڪارج کي پڪو ۽ پختو ڪندو. مان ڪنهن ٻيءَ قوم تي به ڪا طرز حڪومت، زور زبردستيءَ واري حڪومت جو سرشتو مڙهڻ، ڪڏهين به پسند ڪين ڪندس.

**

مونٽيسيلو                                     ڊيوڊ هاويل ڏانهن

15- ڊسمبر 1810ع

مون کي اها حقيقت ڄاڻي، خوشي ٿي آهي ته توهان جي ملڪ ۾ جمهوري اصول، نهايت وزنائتا آهن. منهنجو اهو ايمان آهي ته انهن اصولن تي قائم ڪيل حڪومتون، عوام جي خوشنوديءَ لاءِ ڌيڪ ڪارائتيون ۽ لاڀ واريون ٿينديون آهن؛ جيئن اسان جي ملڪ ۾. مان گڏيل پارٽيءَ جي حڪومت جي مخالف به ان ڪري ئي ڪندو آهيان، جو اها، حڪومت کي انهن اختيارين ڏيڻ لاءِ خواهان هوندي آهي، جي يا ته موروثي هونديون آهن يا عوام جي مرضيءَ جي خلاف هونديون آهن. اهي عوامي دولت کي اجائي کاپي ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ عوام کي سخت پورهيي ۾ پيڙيندا آهن.

**

4- فيبروري 1818ع                           ”اناس“

آءٌ مارچ 1790ع ۾، _ سيڪريٽري آف اسٽيٽس جي عهدي سنڀالڻ لاءِ، نيو يارڪ روانو ٿيو هوس. صدر مون سان وڏيءَ سڪ سان مليو ۽ شهري واقفڪار ۽ ساٿي به ، ظاهرً آجيان ڪرڻ لاءِ آيا. اوپرائپ ۽ نواڻ جي باوجود انهن جي دعوتن، مون کي ستت سندن سماج سان گهرو ڪري ڇڏيو. مان انهيءَ حيرت ۽ نراسائيءَ جو اظهار نٿو ڪري سگهان، جا مون کي ساڻن بحث مباحثي دوران پلئه پئي آهي. اسان جو عام موضوع سياست هوندو هو، جنهن ۾ هو بادشاهيت کي جمهوريت تي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا. مان پنهنجيءَ راءِ تان دستبردار ٿيڻ يا ٻڇاپڙي بنجڻ کان پاڻ بچايون پئي آيس، ان ڪري اڪثر رعيتي راڄ جي حمايت ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسندو هوس. ڪڏهين ڪڏهين، قانون ساز اداري مان اسان جيءَ ڌروارو ڪو ميمبر، منهنجو پاسو به کڻندو هو.

**

مونٽيسيلو                               آئرڪ، ايڇ ٽفيتي ڏانهن

26- آگسٽ 1816ع

قديم يونانين وٽ حڪومت جو سرشتو، اسان واري شرستيءَ کان ايترو ته مختلف ۽ نرالو هو، جو سندن لکڻين مان ان موضوع تي ڪا به اهم ڄاڻ ڪا نه ٿي ملي سگهي. انهن وٽ شخصي آزاديءَ جا منصفانه ۽ مساوي قدر نه هئا، پر وٽن اهڙيءَ حڪومت جو سرشتو ڪين هو جا سندن صحيح سنڀال ڪري سگهي. هنن وٽ جمهوريت ۽ پاڻ کي پنهنجي مرضيءَ خلاف، آمريت ۽ ظلم آڏو پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ڪو نه هو) هنن جي جمهوريت خالص رعيتي راڄ هو، جو شهرن کان ٻاهر عمل ۾ نه هوندو هو) هنن کي شايد اها خبر ڪا نه هئي ته جتي شخص گڏجي ڪو ڪاروبار نٿا هلائي سگهن ته اتي کين انهيءَ ڪاروبار هلائڻ لاءِ پنهنجن نمائندن کي چونڊڻ گهربو هو. ٻيءَ حالت ۾، هو جيڪو سڄي ملڪ ۾ مٿين پئماني تي جمهوريت ڦهلائڻ سگهن ها. جمهوري ۽ نمائنده حڪومت جو تجربو رڳو اسان لاءِ ئي مخصوص رکيو ويو هو ۽ آهي. اهو خيال (دراصل ان ننڍڙي نموني مان ورتو ويو جو انگريزي دستور ۾ اڳ ۾ هو ۽ هاڻي نه آهي)، اسان گهٽ يا وڌ قانون ساز اداري ۽ انتظاميه جي هر شعبي ۾ پيش ڪيو آهي، پر سرشتي جي هر شاخ ۾ اڃا عملي طور نه آڻي سگهيا آهيون.هن نئين طرز جي نمائنده حڪومت، اڳ وارن مڙني دستورن کي بيڪار ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اسان هاڻي ارسطو يا ٻين جي سياسي مضمونن کي پڙهي، ڪڏهين به پڇتاءُ محسوس ڪو نه ڪندا آهيون. منهنجي اها دلي خواهش آهي ته جمهوريت جومقبول ضابطو پنهنجي حد تائين عمل ۾ آندو وڃي، ۽ ان کان پوءِ ئي مان هن حڪومت کي خالص رعيتي ۽ مضبوط راڄ سمجهندس.

**

مونٽيسيلو                                    جيمس ميڊيسن ڏانهن

17- فيبروري 1826ع

گذريل اڌ صديءَ کان قائم ٿيل پنهنجيءَ دوستيءَ ۽ سياسي

اصولن ۽ مقصدن جي ساڳيائپ، مون لاءِ مستقبل جي خوشنوديءَ جو سرچشمو رهيون آهن.

جيڪڏهن مون يونيورسٽيءَ جي معاملن کان زندگيءَ ۾ پاسو ڪيو، (جو ڪراڙپ سبب جلد ڪندس)، ته پنهنجو فرض تنهنجي حوالي ڪندي اطمينان محسوس ٿيندم؛ ڇاڪاڻ ته پڪ اٿم ته تون انهيءَ فرض کي نباهڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندين. مون کي اها حقيقت ڪري وڏو آٿت ٿو ملي ته تون به عوام لاءِ اهو ڪجهه چاهين ٿو، جو اسان چاهيون ٿا؛ يعني انهن لاءِ، سندن حڪومت ۾ ڪو اهڙو سرشتو رائج ڪجي، جو عوام جي مفادن ۽ خوشنودين لاءِ، عمل لائق هجي، ۽ جنهن جي حفاظت ۽ نگهباني سچ جي هٿ وس هجي ۽ اهو ڪنهن به ڏاڍ جي هٿ جي پهچ کان پري هجي. هيءُ اهو ئي مقصد آهي، جنهن لاءِ اسان پنهنجون زندگيون صرف ڪري ڇڏيون آهن. تون منهنجي لاءِ ساري ڄمار هڪ مضبوط ٽيڪ ٿي رهيو آهين. آءٌ جڏهين مران، تڏهين به منهنجي پارت هجئي. ڏسجانءِ جيئن مرڻ وقت به تو وٽ پنهنجا قرب ۽ پيار ڇڏي وڃان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org