سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: رياست ۽ آزادي

 

صفحو : 13

باب ڇهون

انسانيت جو عظيم ڪٽنب

آزاد حڪومت ۽ امن.

پرامن تشدد.

الف – ڳالهين ٻولهين رستي انصاف رکڻ.

ب- بين الاقوامي بحري قوت رستي انصاف قائم رکڻ.

3. انسانن ۽ قومن لاءِ هڪ ئي اخلاقي ضابطو قائم ڪرڻ.

4- قومن جو قانون.

1- آزاد حڪومت ۽ امن

(جيفرسن جو اهو ايمان هو ته آزاد حڪومت جي بقاءَ لاءِ امن سودمند ۽ ضروري آهي، ۽ اهڙيءَ ريت امن جي بقا لاءِ آزاد حڪومت فائدي واري آهي.)

**

مونٽيسيلو                             ٽئڊيس ڪوشيڪو ڏانهن

13- اپريل 1811ع

امن، اسان جو اصول رهيو آهي، امن، اسان جو مفاد آهي ۽ امن ئي دنيا ۾ هن خطي کي سلامت رکيو آهي، جنهن ۾ هينئر آزاد ۽ منطقي حڪومت وجود وٺي رهي آهي. جي امن اڃا جٽاءُ ڪيو ته اسان ستت پاڻ کي قرضن کان آجو ڪري وينداسين ۽ اسان جي ماليات، ملڪ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ  وقف ٿي ويندي. بهرحال، جيڪڏهن اسان پنهنجي ان ٽئين سرشتي تي لڳا رهياسين ته وقت ئي ان تي سمجهه ۽ سياڻپ جون مهرون هڻندو ۽ اسان جي شهرين جي خوشنودي ۽ خوشحالي ان جي گڻن جي تصديق ڪندي. منهنجي خيال موجب حڪومت جو جائز مقصد ۽ گورنرن جو اولين فرض به اهو ئي آهي، ۽ نه عوام جو ڪوس ۽ ملڪ جي تخريب، جي سندن حفاظت ۾ ڏنا ويا آهن. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي چريائپ واري وقار ۽ اڊمبر کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن ۽ عوام جي بهتريءَ ۽ خوشنوديءَ سان سندن ڪو به واسطو ڪو نه هوندو آهي. يا وري هو اهو سڀ ڪجهه انهن شخصي واقعن سبب، پيدا ٿيندڙ جذبي ۽ اقتدار جي نشي ۾ ڪندا آهن، جن جو عوام سان ڪو به واسطو ئي ڪو نه هوندو آهي.

**

مونٽيسيلو                                   ٿئڊيس ڪوشيسڪو ڏانهن

10- فيبروري 1789ع

حڪومت ڪهڙو  رخ اختيار ڪندي، سو آءٌ نٿو ڄاڻان. پر جيڪڏهن اسان کي امن ۾ رهڻ ڏنو ويو، ته عوام جي راءِ، جا تڪڙي ۽ پختي قائم ٿي رهي آهي ۽ وڌي رهي آهي ۽ پوءِ هڪ اهڙو عجيب ڦيرو ايندو جو اُها هن اونهاري ۾ ئي ايترو ته وزندار ٿي ويندي، جو عوام جي اثر ۽ دستوري اختياريءَ هيٺ، ٻاهرين سان دوستي ۽ اندروني آزادي پڪيءَ ريت قائم ٿي وينديون. پر جي اسان کي جنگ ۾ ڌوڪيو ويو، ته پوءِ اسان کي سياسي نظرين جا اختلاف وساري، ملڪ جي بچاءَ لاءِ ايڪو ڪرڻو پوندو. ان جنگ ۾ اسان کي ايتري آزادي هوندي يا نه، جيتري هاڻي آهي، سو خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو! پر جنگ ڇڙڻ سان رعيتي راڄ وارن کي هر قسم جو خوف ۽ خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن امن رهيو ته يقيناً منهنجو چتاءُ ۽ اڳڪٿي اجايا نه ويندا. عوامي جذبو، جو هڪ جنون وانگر وڌي رهيو آهي ۽ پوريءَ قوت ۽ زور سان آزاديءَ ۾ چاهه ڏيکاري رهيو آهي، هن حڪومت کي عملي طور به اهڙو ڪري ڏيکاريندو، جهڙي نظرياتي طور تي آهي؛ ۽ پوءِ انسان جي آزاديءَ ۽ سماجي نظام جي بچاءَ ۾ تحفظ جو هڪ نادر نمونو ٿي پوندي.

 

2- پرامن تشدد

1- ڳالهين ٻولهين رستي انصاف

(جيفرسن جو اهو به عقيدو هو ته واپاري نيمن جي استعمال جو ڪو اهڙو طريقو به هو، جو ٻين قومن کي انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪري ها ته هو پنهنجن لاڀن لاءِ گڏيل رياستن سان نيت. پت سان هلن، اهڙي نموني، جنگ رستي انتقام وٺڻ جي خطري کي ٽاري پئي سگهيو ويو. ان پاليسي جو قابل توجهه ۽ مثال لائق اهو بندرن وارو قانون هو، جو جيفرسن جي صدارت واري دور ۾ پاس ٿيو. ان جي اثر تي، راين ۾ اختلاف آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته ”اهو به جنگ وانگر، سزا ڏيندڙن لاءِ به، اوتروئي سزا جوڳو هو، جيترو سزا وٺندڙن لاءِ!“)

**

مونٽيسيلو                                 ٽينچ ڪاڪسيءَ ڏانهن

مئي 1794ع

جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته آءٌ امن جو عاشق آهيان، ۽ ان ڳالهه جو منتظر آهيان ته دنيا کي ڪو ٻيو سبق سيکارجي، جنهن ۾ جنگ جي سزا وانگر سزا ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي سزا يافته نه ٿين. ان ڪري آءٌ انهن قومن سان قطع تعلقات جو حامي آهيان، جي اسان سان بي ايمانيءَ سان هلن ٿيون. تون چوين ٿو ته اهو طريقو جنگ آڻيندو. جي ائين ٿيو ته ان کي به مڙس ٿي منهن ڏينداسين. پر جي ان طريقي، جنگ نه آندي ته اهو تجربو پر مسرت ثابت ٿيندو.

**

فلاڊيلفيا                                        ٿامس پنڪني ڏانهن

29- مئي 1797ع

جنگ اسان جي ڇوٽڪاري جو بهترين ذريعو نه آهي. اسان کي قدرت، واپار ۾ اهڙا ذريعا ڏنا آهن، جي انهن کي چڱيءَ طرح ۽ خاص نموني هلايو وڃي ته دنيا جون ۽ خاص ڪري يورپ جون قومون اسان سان نيت – پت سان هلڻ تي آماده ٿي پونديون.

**

پئرس                  چارلس.ڊبليو.ايف ڊيوماس  ڏانهن

6- مئي 1786ع

انگريز اڃا تائين اسان جا دشمن آهن. اها ڳالهه ڪهڙن حادثن کي جنم ڏيندي، سو مان اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان. اسان اڃا جوان آهيون ۽ ان نتيجي ڏسڻ لاءِ حيات رهنداسين. پر انهن حادثن کي بي اثر پراڻي راهه عمل ۽ وقت جي آزمائش آڏو ختم ٿيڻ ئي گهرجي. اعليٰ اقتدار جا غصا ۽ ڪروڌ وقتي ۽ عارضي آهن، جي گهٽائي سگهجن ٿا، پر اهي ادرا، جي سموري عوام جي ادارن مٿان قبضو ڪري ويٺا آهن يا عوام مٿان پنهنجيون مرضيون ۽ طريقا مڙهڻ ٿا چاهين، طويل عرصي واري مصيبت جا موجد بڻجن ٿا. هن دور ۾، قديم روم ۽ ڪارٽيج جا منظر ڏسڻ، ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي. سموريءَ انسانذات سان دوستي ۽ صلح اسان جي عقلمندانه پاليسي آهي، ۽ خواهش اٿم ته شال سرڪار اسان کي ان تي رهڻ ڏئي پر اسان جي دشمنن جي طبيعت ۽ حماقت، شايد اسان کي ان راهه تان هٽائي ڇڏي!

**

پئرس                                 جارج واشنگٽن ڏانهن

4- ڊسمبر 1788ع

رخ ٻڌائي ٿو ته شايد اهڙيون حالتون پيدا ٿين، جو محصول جا سڀ ذريعا، رياست جي بچاءَ ۾ خرچ ڪيا وڃن. آءٌ ته پڪيءَ راءِ جو آهيان ته اسان کي روپين جي جهڳڙن ۾ نه پوڻ گهرجي. سڀ سان صلح ۽ واپار قائم رکڻ گهرجي. پر پوءِ به اسان انهن قومن جي جنگي ذريعن ۽ ڏاڍاين کي ڪيئن نظرانداز ڪري ٿا سگهون، جي اسان کي، اسان جي پاڙيسرين سان واپار ڪرڻ جي حق کان محروم رکن ٿيون؟ اسان جي پيداوار جلد ئي يورپ جي طلب کان وڌي ويندي، پوءِ ان بچت مال جو ڇا ڪبو؟ مجبوراََ اسان کي پنهنجي لاءِ اهڙي مارڪيٽ  کولڻي پوندي، جا انهن ماڻهن سان وهنوار ڪندي، جي اسان سان گڏ هن کنڊ تي رهن ٿا. ان کان سواءِ، جنگ لاءِ ڪي ٻيا اڻٽر سبب به آهن؛ ۽ جنگ جي تقاضا، مڙني قسمن جا محصول ۽ قرض آهن.جنگ جي قوت، امن کي روڪيندي آهي ۽ اسان جي حالت ۾ به، اها امن جي خواهش گهٽجي ويندي. جيڪڏهن منهنجي اميدن مطابق نئين حڪومت ان اصول ۽ پاليسيءَ تي قائم رهي ته اهو ناممڪن نظر نٿو اچي، جو اسان ٻين جي جنگ جو موقعو وٺي، آمريڪا جا ٻيا حصا پنهنجي واپارلاءِ کوليون، ۽ اها اسان جي غير جانبداريءَ جي قيمت ٿيندي.

**

 

ڪئري – 22، ”ورجينيا تي نوٽ“

قومن کي ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ، ته جنگ سندن مفاد ۾ آهي. جيترا غلط حساب، تخمينا ۽ انداز پيش ڪيا ويا آهن، اوترا ٻئي ڪنهن به موضوع تي نه ڏنا ويا آهن. هو جيڪو پئسو طويل جنگ تي خرچ ڪرڻ بعد، ڪو ننڍڙو ڊٺل شهر يا ويران ايراضي حاصل ڪن ٿا، سو جي هو ان کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ ۽ ڪم آڻين، جو اڳ ئي وٽن موجود آهي، جهڙوڪ: رستا ٺاهڻ، کوهه کوٽائڻ، بندر اڏائڻ، فن کي ترقي ڏيارڻ ۽ بيروزگارن لاءِ روزگار مهيا ڪرڻ، وغيره، وغيره. ته جيڪر هو وڌيڪ قوت وارا، دولتمند ۽ خوشحال بڻجي وڃن. ائين ڪرڻ، اسان لاءِ به عقلمندي ٿيندي. شايد جنگ جي خطرن کان بچڻ لاءِ اسان کي پنهنجا بندر ڇڏڻا پون، ڇو جو اسان رڳو اتي ئي ظاهري ڌڪ کائي سگهون ٿا. ڀل ٻيا اهو ڪجهه آڻين جو اسان چاهيون ٿا ۽ اسان اهو ڪجهه کڻي وڃون، جو بچائي سگهون ٿا. اسان کي اها ڳالهه به يورپ جي ڌڪن کان بچائي سگهندي ته اسان کين ڪا به ملڪيت نه ڏيون ۽ پنهنجي شهرين کي ئي راهڪيءَ يعني پوک تي لڳايون. آءٌ اها ڳالهه وري به ورجائيندس ته زمين جا راهڪ سڀ کان وڌيڪ گڻائتا ۽ آزاد شهري هوندا آهن. اهو وقت شايد دير سان اچي، جڏهن اسان وٽ ڪا به زمين ڪا نه بچندي ۽ کين سمنڊن تي ڪم سان لائڻو پوندو. پر اسان جي شهرين جون عادتون، کين واپار ڏانهن راغب ڪندڙ آهن. هو اهو پاڻ ئي ڪري سگهندا. اسان جي نصيب ۾ به جنگ اچي سگهي ٿي! ان لاءِ اسان کي اهو امڪان نه ٽارڻ گهرجي، جو اسان جي غلطين ۽ نااتفاقيءَ وارن عملن سبب وجود ۾ اچي سگهي ٿو۽ باقي امڪان ٽارڻ لاءِ دليئون ڪوشش ڪريون.

**

پئرس                                      جون هَي ڏانهن

23- آگسٽ 1785ع

اسان جو عوام فيصله ڪن انداز ۾ ان راءِ جو ٿيو آهي، ته اسان لاءِ سمنڊ والارڻ تمام ضروري آهي. هنن جون عادتون کين ڀڙڪائين ٿيون ته سمنڊ مٿن کليا رکيا وڃن، ۽ ان لاءِ اهڙي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جا هنن لاءِ ان ذريعي کي وڌ ۾ وڌ ڪارآمد ثابت ڪري. ان ڪري سندن چونڊيل نمائندن جي، جن تي سندن معاملن جو بار رکيل آهي، فرض ادائگي ٿيندي ته هو پاڻ کي انهن جي خواهشن تي پورو ثابت ڪن ۽ هر قدم تي انهن لاءِ سامونڊي واپار، ماهيگيري ۽ ٻين واسطو رکندڙ ڪاروبارن ۾ سهولت ڏيڻ ۾ سندن مساوي حق محفوظ رکن.

پر ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ بنا شڪ شبهي جي، مسلسل جنگيون! اسان ۾ انصاف لاءِ چاهه، اسان کي ان کان بچائي نه سگهندو. ان ڪري اهو ضروري ٿيندو ته ٻيون قومون نيت – پت واريون ٿين. درحقيقت، نيت ئي اسان کي انهن جنگين کان بچائي سگهندي، جن ۾ اسان ان جي متضاد لاڙن سبب گهلجي وڃي رهيا آهيون. پر انهن جنگين کي اسان ڪيئن ٿا روڪي سگهون، جي ٻين قومن جي غلطيءَ سبب پيدا ٿين ٿيون؟ انهن کي سزا ڏيندڙ جي پوزيشن ماڻڻ کان پوءِ، ڪمزوري، بيعزتيءَ ۽ حملي کي ڀڙڪائيندي آهي ۽ سزا ڏيڻ واري حالت ان کي روڪيندي آهي. اهو منطق اسان کي هڪ بحري قوت قائم ڪرڻ جي ضرورت تي آڻي بيهاري ٿو، جو دشمنن سان پڄڻ جو واحد ذريعو ٿي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ اسان جو اولين فرض آهي ته پهرين بيعزتيءَ جي سزا ڏيون، ڇاڪاڻ ته جنهن بيعزتيءَ جي سزا نٿي ڏني وڃي، سا ٻين ڪيترين ئي بيعزتين جي ماءُ ثابت ٿي ٿئي.

**

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org