سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: رياست ۽ آزادي

 

صفحو : 4

 

باب ٻيو

هڪ آزاد حڪومت جون برڪتون

حڪومت جو مقصد: فطري حقن جي حفاظت ۽ عوام جي خوشنودي وڌائڻ.

الف- عام فطري حق ماڻڻ.

ب-     غلاميءَ وارن فطري حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ.

(2)    طرزِ حڪومت جو عوام جي خوشنوديءَ تي اثر.

الف– موروثي حڪومت جون بڇڙايون ۽ رعيتي راڄ جا فائدا.

ب-     بادشاهي سرشتي جون خرابيون.

ج –   آمريڪي سرشتو.

ڊيلفيا                                       ٿامس نيلسن ڏانهن

16- مارچ 1776ع

1- حڪومت جو مقصد: فطري حقن جي حفاظت ۽ عوام جي خوشنودي وڌائڻ هئڻ گهرجي.

(آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ اسين ڏسي آيا آهيون ته جيفرسن، حڪومت کي عوام جي فطري حقن جي سنڀال ۽ بچاءَ جو اوزار سمجهيو آهي. انهيءَ کي سهڻي نموني هينءَ به چئي سگهجي ٿو ته ”انهن جي حقن جو بچاءُ ۽ عوام جي خوشنوديءَ لاءِ اثرائتو عمل ڪرڻ.“)

2- عام فطري حق:

جيڪڏهن اسان جي ڪنوينشن، ڪنهن انتظامي سرشتي قائم

ڪرڻ جي خواهان آهي ته پوءِ کيس پنهنجن نمائندن کي ٿوري عرصي لاءِ وري ڪوٺائڻو پوندو. اهو ڪم ڪافي دلچسپ آهي، ڇو ته ان ۾ هرڪو پنهنجين خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيندو. موجوده ڇڪتاڻ جو صحيح ۽ پورو حل اهو ئي آهي. باقي جي اسان کي آئندن لاءِ ڪا اهڙي تهڙي حڪومت قائم ڪرڻي هئي ته پوءِ اسان لاءِ اهو ئي چڱو هو ته بنا ڪنهن رتوڇاڻ، جوکي، خرچ مقابلي جي، سمنڊ پار تاج طرفان آڇيل اڻسهائيندي حڪومت ئي قبول ڪري ڇڏيون ها!

**

مونِٽيسيلو                        فرئنڪوئس ڊي آئور نوٽس ڏانهن

16- فيبروري 1795ع

مون کي شڪ آهي ته اهو اصول، ته ”رڳو ننڍيون رياستون ئي رعيتي راڄ هئڻ جي لائق آهن.“ اهو اصول، تجربي آڏو سٽ جهلي نه سگهندو؛ ۽ اهو ئي حشر مانٽيسڪيو ۽ ٻين سياستدانن جي اهڙن فريب ڏيندڙ اصولن جو به ٿيندو. اڳتي هلي اسان کي شايد ان راءِ جو قائل ٿيڻو پوي ته صحيح رعيتي راڄ ماڻڻ لاءِ (اسان کي حڪومت ڏانهن اڃا هڪ حق جي طلب لاءِ رجوع ٿيڻو پوي) اهو ضروري آهي ته: مقامي خود غرضيءَ ۽ پاڻپڻي کي عروج ڏيڻ نه گهرجي ۽ ڪنهن خاص مسئلي تي انصاف جي اصولن کي هڪجهڙو اثر انداز ڪرڻ لاءِ، ڪائونسلين مان مخلص ماڻهن جي گهڻائي هٿ ڪرڻ گهرجي.

**

مونٽيسيلو                             آئزڪ. ايڇ. ٽفيني ڏانهن

14 – اپريل 1819ع

مون پاڻ وٽ لفظ، ’آزادي ۽ رعيتي راڄ‘ لاءِ ڪا ڳجهه معنيٰ ڪانه

سٽي رکي آهي. اهي لفظ ايترو ته گهڻو ۽ هر هر استعمال ٿيندا رهيا آهن، جو ذهن تي ڪو مختصر يا جامع نقش نٿا ڇڏين. آزادي،گهڻائي وارن جي خيال ۾ سندن خواهشن مطاب اهو عمل آهي، جنهن کي ڪابه جهلروڪ نه آهي. البت انهيءَ تي روڪ ٽوڪ به اهي پر انهن حدن اندر، جڏهن ٻين جي مساوي حقن کي نگهورسار ڪندڙ هجي. مان ”قانوني حدن اندر“ هن جملي جو ڪوبه واڌارو ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته قانون، اڪثر ڏاڍن جي خواهش جو حربو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ فردن جي حقن کي اورانگهي ويندو آهي.

رعيتي راڄ، منهنجي نظر ۾ اهو سماجي سرشتو آهي، جنهن ۾ هر بالغ ۽ باشعور شعريءَ کي سماجي معاملن ۾ سڌيءَ طرح شرڪت ڪرڻ جو، برابريءَ وارو حق حاصل هوندو آهي. اهڙي حڪومت، هڪ ڳوٺ يا بستيءَ کان ٻاهر قائم رکڻ ناممڪن اهي؛ جڏهن تعداد، مفاصلو، يا طاقت هنن کي نمائندن معرفت ڪم ڪرڻ تي آماده ڪري؛ ته اهڙي حڪومت بندر جي رعيتي راڄ بنيو پوي. اهڙي راچ ۾ ڪي ڪم هو پاڻ ڪن ٿا، ۽ ڪي پنهنجن نمائندن هٿان ڪرائين ٿا. ٿوري گهڻي مقصد يا ٿوري گهڻي عرصي لاءِ پنهنجن نمائندن جي چونڊڻ جو حق به کين ئي هوندو آهي.

**

مونٽيسيلو                             فرانسز. ڊبليو گلمور ڏانهن

7 جون 1816ع

اسان جي قانون ساز اداري جي ميمبرن کي پنهنجي صحيح ۽ جائز اختيارن جي به پوري پروڙ ڪا نه آهي. کين ڇا ڪرڻو آهي؛ پنهنجي فطري حقن ۽ فرضن جو اظهار ڪرڻ ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ، پر انهن حقن مان ڪو به نه غصب ڪرڻ يا کسڻ کپي. ڪنهن ماڻهوءَ کي قدرت کان اهو حق حاصل ناهي، ته هو ٻين جي مساوي حقن تي حملو ڪري، هر ڪنهن ماڻهوءَ تي اهو قدرتي فرض رکيل آهي ته هو سماج جي ڪارڪرگيءَ ۾ عملي حصو وٺي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي خواهه ٻئي جي وچ ۾ ٿيل جهڳڙي فساد لاءِ خود بخود منصف ٿيڻ نه گهرجي. ان وقت سندس فرض آهي ته ڪنهن ٽياڪر کي فيصلي لاءِ وچ ۾ آڻي. جڏهن قانون اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي، ته چئبو ته هن پنهنجو عمل پورو ڪيو.

اهو بلڪل غير موزون پيو لڳي ته سماج ۾ داخل ٿيڻ سان اسين پنهنجا فطري حق حقوق ڇڏي ڏينداسون. قانون جو اهڙو نفاذ، اسان جي قانونساز اداري تان گهڻو ٻوجهه هلڪو ڪري ڇڏيندو ۽ اسان جي مقامي قانون تان به گهڻو بار لاهي ڇڏيندو.

**

مونٽيسيلو                             آئزڪ ميڪ فرسن ڏانهن

13- آگسٽ 1813ع

اهو نه رڳو نامانسب آهي، بلڪه تشدد آميز پڻ آهي ته قانون ساز ادارو، قدرتي اصولن ۽ حقن خلاف، ڪي قانون پاس ڪري، ۽ انهن کي موت جي سزا جي ڀوَ سان هٿياربند بنائي! قدرتي طرح، هر ماڻهو بند ۾ پوڻ کان ٽهندو آهي؛ تنهنڪري اهڙي قانون کي سزا جوڳو نه بنايو وڃي. قانون ساز اداري کي گهرجي ته: ڏوهارين کي ڪاغذي ڀتين ۾ قيد ڪرڻ بجاءِ، انصاف جي ديوارين اندر بند ڪري.

**

 

وڏن ڏوهن جي مقدمن، سزا ۽ ڏوهه کي معتدل

ڪرڻ واري بل تي نوٽ

فونٽين بليو                           جيمس ميڊيسن ڏانهن

28- آڪٽوبر 1785ع

اهو ويچار ته حقيقت کان هٽيل قانون، فطري ۽ بنيادي حقن جي خلاف آهي، جو گڏيل رياستن ۾ ايترو مضبوط ۽ پڪو ٿي چڪو آهي، جو ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ رياستون ئي انهيءَ کان بچيل آهن. اهڙي ريت فطري حقن کي مختصر ڪندڙ قانون به سختيءَ سان محدود حدن اندر، عمل هيٺ آندا ٿا وڃن!

ڪن حلقن طرفان اها دعوا ٿي ڪئي وڃي (خاص ڪري انگلينڊ ۾) ته نه رڳو مُوجد کي ايجاد پنهنجي تي پورو ۽ اڪيلو قدرتي حق آهي، پر ان تي سندس پوين جي به وارثي هلندي ٿي رهي. هاڻي ڏسڻوآهي ته ڪنهن به ايجاد يا ملڪيت جو اصلي بنياد قدرتي ذريعن مان حاصل ڪيو ويو آهي يا نه؟ جي ها، ته پوءِ رڳو موجد لاءِ قدرتي يا ورثي واري حق جو فيصلو ڪرڻ يڪطرفو نبيرو ٿيندو. ان موضوع تي ماهرن جي اها مڃيل راءِ آهي ته: ڪنهن فرد کي زمين جي هڪ ايڪڙ کي به ذاتي ملڪيت بنائڻ جو حق ناهي، ڇو ته فطرتي اصول موجب، ساري متحرڪ يا غير متحرڪ ملڪيت انسانذات جي گڏيل ملڪيت آهي. پر عام طور تي جيڪو جنهن شئي تي قابض ۽ متصرف آهي، اها اُن جي پنهنجي آهي. جڏهن اها سندس قبضي مان هلي ٿي وڃي، تڏهن سندس ملڪيت ٿي نٿي رهي. پڪيءَ ۽ مستقل مالڪيءَ جو حق، ”سماجي قانون“ آهي، جو اسان کي سوکڙي طور مليل آهي، جو گهڻي دير مدار کان پوءِ سماجي ترقيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه حيرت انگيز آهي، ته هڪ انفرادي، خيالي ۽ دماغي اختراع کي، فطري حق سمجهي، ڪنهن جي خالص ۽ پڪي ملڪيت تصور ڪيو وڃي!.

**

منٽيسيلو                      ڊبليو. سي. سي ڪئملپوز

3- مئي 1810ع

ڪنهن ملڪ ۾ گهڻي غير آباد زمين جي هجڻ ۽ ان سان گڏ مزورن جي بيروزگار هئڻ مان اها حقيقت ٿي ظاهر ٿئي ته: اتي ”ملڪيت رکڻ“ جي قانون کي ايترو ته ڇڙواڳ ڇڏيو ويو آهي جو اهو، فطري ۽ بنيادي حقن جي ڄاڻي واڻي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي!

**

فلاڊلفيا                                     جارج هيمنڊ ڏانهن

29- مئي 1792ع

عام قومي مفاد جي نگهباني جي ذميواري کڻڻ بعد ۽ عوامي زمينن کي ڌارين جي دخل اندازين کان بچائڻ جي بار کڻڻ کان پوءِ، مان عوام جي قدرتي ۽ بنيادي حقن جي حفاظت ڪري رهيو آهيان، يعني انهن کان جيڪي غير قانوني طور کسيل ملڪيتون هيون، سي کين واپس موٽائي ڏياري رهيو آهيان.

**

فلاڊلفيا                                        نوح ويسٽر ڏانهن

4- ڊسمبر 1790ع

انسان کي قرضن کان، نه منطق ۽ نڪي فطري حق روڪي سگهن

ٿا. اها هڪ عالمگير ۽ مڃيل حقيقت آهي. ڪيترين ئي رياستن ۾ سماجي اصول اهي نه رهيا آهن: ته سڀ اختيار ۽ حق ، رواجي حاڪمن کي سونپيا وڃن. انهن ۾ ڪي حق اهڙا به آهن جي انهن جي انتظامي اختيارين جي وس کان ٻاهر آهن. جن لاءِ تجربي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اهي حق جڏهن به هنن جي حوالي ڪيا ويا آهن، تڏهن هنن پاڻ،انهن حقن ۽ اصولن ۾ دست اندازيون شروع ڪري ڏنيون آهن، تجزيي اهو به ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي، ته ڪي حد بنديون، انهن حاڪمن جي غلطين کي روڪڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيون آهن. پهرئين قسم جي ثبوت لاءِ مذهبي آزاديءَ جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو، ۽ ٻئي قسم لاءِ جيورين رستي مقدما هلائڻ، حبس بيجا جا قانون ۽ پريس جي آزادي شمار ڪري سگهجن ٿا.

**

پئرس                                     ڊيوڊ همفريز ڏانهن

18- مارچ 1789ع

ڪي حق اهڙا آهن، جن جو حڪومت کي سونپڻ، بي معنيٰ ۽ بي نتيجي آهي. ڇا لاءِ ته اها حڪومت سدائين انهن کي دٻائيندي ۽ هيسائيندي رهندي. اهي حق آهن: خيال ۽ فڪر جي آزادي، تقرير ۽ تحرير جي آزادي، وڻج واپار جي آزادي ۽ شخصي آزادي، حڪومت انهن کي بيريائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان استعمال ڪري سگهي ٿي، بشرطيڪه قانون ساز اداري کي انهن ۾ ترميمن آڻڻ جي ڇڙواڳي نه ڏني وڃي.

نئين دستور موجب، اهي حق اسان انتظاميه ۽ قانون ساز ادارن جي صورت ۾ ته حاصل ڪيا آهن، پر عدليه جي مقابلي ۾ نه هئڻ جهڙا آهن. ڪي حربا ۽ اٽڪلون، بنيادي حقن لاءِ اهڙا هاڃيڪار آهن، جي عوام کي حڪومت جي رحم ڪرم تي آڻيو بيهارين! پوءِ ڀل ته اهي حاڪم انتظاميه جا هجن يا قانون ساز اداري جا. اهڙن حاڪمن کي اهڙن حربن کان پري رکيو وڃي ته چڱو. اهي حربا آهن جهڙوڪ: ڪنهن غير معمولي حالتن کان سواءِ، ملڪ ۾ فوجن کي کڙو ڪري بيهارڻ.

**

ميري لنڊ مونٽيسيلو            واشنگٽن ڪائونٽي جي شهرين ڏانهن

31- مارچ 809ع

هر هڪ حڪومت جو اولين فرض ۽ بنيادي مقصد اهو هئڻ گهرجي ته: انسانن جي خوشحاليءَ ۽ خوشنوديءَ جي پرگهور لهي، ۽ انهن جي حياتي زهر ٿيڻ کان بچائي وٺي.

**

مونٽيسيلو                                   ٿئڊيس ڪوشيسڪو ڏانهن

26- فيبروري 1817ع

منهنجي حياتيءَ جو نهايت خوشگوار حصو، مطالعي جي خواهشمندن نوجوانن جي رهبري ڪرڻ ۾ گذرندو آهي. اهي نوجوان، منهنجي ڀرواري ڳوٺڙي ۾ رهندا آهن ۽ منهنجي سماج جو هڪ حصو آهن. هو منهنجي ڪتبخاني ۽ مشورن جو چڱي طرح فائدو وٺندا آهن. آءٌ کين اڀياس متعلق هدايتون ڏيندي، سندن خيال سائينس، آزادي ۽ انساني خوشحاليءَ ڏانهن مبذول ڪرائيندو آهيان ته هو جڏهن پنهنجي حڪومت ۽ مقامي ڪائونسل ۾ ڀاڳ وٺن ته جائز حڪومت جو بنيادي مقصد ۽ مراد سندن ذهنن ۾ جائگير رهي.

**

مونٽيسيلو                         فرانسز. اي. وينڊو ڪئمپ ڏانهن

22- مارچ 1812ع

جيئن ته شهري حڪومت جو مقصد هڪ وڏي سماج جي تشڪيل آهي، تنهنڪري ان جي انتظام هلائڻ لاءِ عوام جو راضپو وٺڻ تمام ضروري آهي. هر نموني جي حڪومت کي پنهنجا خاص اصول هوندا آهن، پر سڀني حڪومتن کان اسان جي حڪومت جا اهي اصول بنهه نرالا ۽ نوان آهن. اهي انگريزي دستور جي آزاد کان آزاد اصولن، قدرتي حقن، منطق مان حاصل ڪيل اصولن جو ميل ميلاپ آهن.

**

ڪوارتري اٺين، ورجينا تي نوٽ

حڪومت جو اولين ديني ۽ دنيوي مقصد اهو آهي ته هوءَ عوام لاءِ جيتريقدر ٿي سگهيس اوتريقدر خوشنودي مهيا ڪري.

**

واشنگٽن                                    جوزف پريسٽليءَ ڏانهن

29- جنوري 1804ع

مان يقين ٿو ڏياريان ته ”ان ايراضيءَ (لوئيسيانه، خريد ڪرڻ بعد) ۾ به عوام جي خوشنودي لاءِ پاڻ جهڙي آزاد ۽ اقتصادي بهتريءَ واري حڪومت قائم ڪندس. آءٌ اها به خاطري ٿو ڏياريانوَ، ته اسان جو وفاق ۾ وهڻ يا ائٽلانڪٽڪ – مسيسپي وفاق جي تشڪيل ۾ هجڻ، ڪنهن به هڪ حصي جي ماڻهن جي مفاد کي، ٻئي حصي جي ماڻهن جي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جو ڪارڻ نه بڻبو.

**

 

پئرس                                      جيمس مونرو ڏانهن

9- جولاءِ 1786ع

نين رياستن جي باري ۾، هن نوعيت جو سوال اُٿيو آهي ته ”ڪيتري ٻاهرين ايراضي نيڪال ڪئي وڃي، جو بحري رياستن جي باشندن کي گهڻو ۽ ستت فائدو ڏيئي سگهجي؟“ ۽ اها به تجويز ڏنل آهي ته انهن کي ٻن يا ٽن رياستن ۾ پکيڙيو وڃي. بهرحال، ان نظريي جي خلاف، ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته اهو سوال مشڪوڪ آهي، اسان جي نيڪ نيتيءَ کي شڪ جو شڪار ٿو بنائي. ان سوال جو خاڪو هيئن هئڻ گهرجي ته ”يونين جون ايراضيون ڪيئن نيڪال ڪيون وڃن، جيئن اتان جي رهاڪن کي وڌ ۾ وڌ خوشحالي نصيب ٿي سگهي. اهي نه رڳو وچولي ايراضيءَ وارين رياستن ۾ خوش آسودا رهن، پر کين سماج ۾ پڻ عزت واري درجي حاصل ٿيڻ لاءِ اهو ئي هڪ اڪيلو طريقو آهي.

**

مونٽيسيلو                     پئري سيموئل ڊيونٽ ڊي نيمورس ڏانهن

28- فيبروري 1815ع

انهن حالتن ۾ بادشاهه (لوئي – 4، سنه 1789ع) کي مذهبي آزادي، پريس جي آزادي، جيورين رستي مقدمن جي سماعت، ناحقبنديءَ خلاف ۽ نمائندن جي قانون ساز اداري لاءِ قبوليت ڏيڻ گهربي هئي. منهنجي خيال ۾ اهي آزاديءَ جا اهم عنصر آهن. انتظاميه جي تشڪيل به دلچسپ آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اها سياڻپ ۽ جٽاءَ جي ضامن آهي، ته ٻئي طرف انهن مٿين بنيادي اصولن لاءِ فائديمند به آهي، ته نقصانڪار به.

**

مونٽيسيلو                                 ائڊمنٽيو ڪوريءَ ڏانهن

31- آڪٽوبر 1823ع

پنهنجي لاءِ امن ۽ آزاديءَ جي ٻٽي نعمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اسان ٻين ملڪن لاءِ پڻ انهن ئي نعمتن ماڻڻ جا خواهان آهيون ۽ توهان (يونانين) لاءِ سڀ کان وڌيڪ، ڇو جو توهان پهرين مهذب قوم آهيو، جن ڏيکاريو آهي ته ”ماڻهو“ ڇا کي چئجي؟ جا طرز حڪومت انهن ڏينهن ۾ توهان وٽ مروج هئي، انهيءَ جو سوال اڄڪلهه زماني ۾ ناممڪن آهي. هينئر حالتون ڪافي بدلجي چڪيون آهن. اڄڪلهه حڪومت جا جائز مقصد، رڳو انسانن لاءِ مساوي حق ۽ فردن جي خوشنودي ۽ آسودگي وڃي رهيا آهن. هن دور، انهن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو ڳولي لڌو آهي، سو آهي ته: حڪومت، عوام پاران سندن چونڊيل نمائندن معرفت هلائي وڃي، يعني هر اهو بالغ شخص جو سالم دماغ رکي ٿو، حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي رهي.

**

 

(2) غلامي يعني فطري حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ

(آزاديءَ ۽ خوشنوديءَ جهڙن فطري حقن جي ڀڃڪڙي، ”غلاميءَ“ کان وڌيڪ ٻي ٿي نه ٿي سگهي. ساري ڄمار جيفرسن ٻانهپ جي خلاف اڻٿڪ ڪوششون ڪندو رهيو. جيفرسن جي ”آزاديءَ واري پڌرنامي“ جي مسودي مان، غلاميءَ خلاف آندل فقرا، ڪانگريس خارج ڪري ڇڏيا هئا. هن جي ورجينا متعلق ”قانوني سڌاري واري رٿا“ ۾ پڻ اهو ڄاڻايل هو ته: ڪنهن مقرر تاريخ کان پوءِ، هر شخص آزاد هوندو. اتر – اولهه وارين ايراضين مان غلاميءَ کي ختم ڪرڻ وارو سندس ٺهراءُ هڪ ووٽ تان ڪري پيو. ”ورجينا تي نوٽ“ ڇاپارائڻ، جنهن لاءِ سندس تڪڙ ۽ جلد بازيءَ جي ڪري، اهو ڀؤ پيدا ٿيو، ته متان اهو غلاميءَ تي ڪيل حملو، اهڙي مخالفت پيدا ڪري، جو اتر جي ”عجيب اداري“ جي حياتي وڌائي ڇڏي!)

آقا ۽ غلام جي تجارتي نوعيت، سخت ۽ شديد جذبن جي دائمي تعميل جو نتيجو آهي.

هڪ طرف ظالماڻي روش جي جبلت آهي ته ٻئي طرف خراب خوار ڪندڙ نهٺائي. انسان کي پنهنجون خصلتون ۽ لڳ لاڳاپا انهن جذبن کان صاف ۽ پاڪ رکڻ گهرجن. اهڙي حالت ۾ انهن حاڪمن تي ڪيتري لعنت وسائجي، جيڪي اڌ شهرين کي، ٻين جي حقن تي غاصب ٿيڻ جي اجازت ڏين ٿا، يعني هڪڙن کي برتر ٿا ڪن ته ٻين کي بدتر، هڪڙي طرف جا اخلاق تباهه ٿا ڪن ته ٻئي طرف جا فطري حق!

غلامن کي ان ملڪ ۾ رهڻ جي حق کان محروم ڪيو ٿو وڃي، جنهن ملڪ ۾ هو ڄاوا ۽ نپنا آهن يا پورهيو ڪري پيٽ گذر ٿا ڪن، انهن کي زوريءَ ٻئي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي!.... ان حالت ۾، قوم جي آزادي ڪيئن سلامت رهي سگهندي؟ ڇو جو انهن جي اهڙي هلت، اسان جي بنيادي اصول کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ته آزادي خدائي نعمت آهي!“

ان گروهه جي رضامنديءَ کان سواءِ، اها ڀڃڪڙي ڪري نٿي سگهجي. جڏهن به مون کي خدا جي منصفي جو خيال ايندو آهي ته منهنجي دل، غلامن جي غم کان ڏڪي ويندي آهي. خدا جو انصاف سدائين اٽل رهندو آهي. اهڙين حالتن کان نجات جو ذريعو نه فقط قسمتن جو ڦيرو آهي، پر فضل الاهي به ٿي سگهي ٿو! پوءِ اسان جي اهڙن ڪڌن ڪرتوتن کي ڏسي، خدا تعاليٰ ڪيئن ڀلا اسان جي طرفداري ڪندو!

ڪواٽري ارڙهين، ورجينا تي نوٽ

ڪيتري عرصي کان مون اخبارون پڙهڻ يا عوامي معاملن ڏانهن توجهه ڏيڻ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي ته اهي هاڻ چڱن ۽ سمجهو ماڻهن جي اختيار ۾ آهن، پر هن موجوده سوال (مسوريءَ جو معاملو) مون کي بمگولي جي آواز جيان ڇرڪائي ۽ ڊيڄاري وڌو آهي. اهو وفاق لاءِ قبرستان جي راهه ڏيکاريندڙ آهي. جيتوڻيڪ ان کي ٿوري عرصي لاءِ دٻايو به ويو آهي، اها سزا جي مهملي آهي. پر نه معافي!

سياسي اخلاقي اصولن تي مدار رکندڙ هڪ جاگرافيائي ويڇو، جيڪو هڪ دفعو عوام جي جذباتن تي مڙهيو ويو آهي، سو ڪڏهن به جهڪو ڪين ٿيندو ۽ هر نئين ڀڙڪائيندڙ ڳالهه، ان کي وڌيڪ ڪشادو ڪندي رهندي. آءٌ ايمان سان چوان ٿو ته ان ڏس ۾، مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو به قرباني ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.

اسان ان ورهاست کان آهستي ۽ بتدريج ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا، ڇو جو هينئر اسان جا هٿ ڄڻ ڪنهن بگهڙ جي ڪنن ۾ آهن. انهن ڪنن کي نه اسين مضبوط جهلي بيهي ٿا سگهون؛ نڪي انهن ڪنن مان هٿ ڪڍي ٿا سگهون! سمجهو ته تارازيءَ جي هڪ بڙ ۾ قومي بچاءُ آهي، ته ٻئي پڙ ۾ انصاف!.... آءٌ مرڻ گهڙيءَ تائين به اهو ڏک پڻ سان کنيو ويندس ته اسان جي هلندڙ نسل جون آزاديءَ ۽ خوشنوديءَ ماڻڻ لاءِ ڪيل قربانيون، سندن اولاد جي اڻسهائيندڙ جذبن جي نظر ٿي وينديون. آٿت رڳو اهو اٿم. اهڙيون حالتون ڏسي، آءٌ پاڻ انهن تي ڳچ ڳارڻ لاءِ جيئرو نه هوندس!

جيڪڏهن انهن نعمتن کي ڇڏڻ کان اڳ، انهن کي بنيادي اصولن سان توريندا تڪيندا، (جي ورهاڱي کان به وڌيڪ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا) ته پڪ هو انهيءَ آپگهاتڪ عمل ڪرڻ کان، ڏهه لڱا وڌيڪ هٻڪندا. سوچيندا ۽ ويچاريندا ته سندن اهو عمل ذلت ڀريي موت جي برابر ۽ نيڪ اُميدن ۽ اعليٰ اصولن سان بدترين غداري ڪرڻ جي برابر هوندو.

**

مونٽيسيلو

22- اپريل 1820ع                                   جون هومس ڏانهن

هي موضوع (غلامي)، هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي آءٌ ڪا راءِ تيستائين ڏيڻ لاءِ تيار ناهيان، جيستائين زمان، مڪان ۽ حالتن، ان لاءِ ڪو اثرائتو ماحول نه پيدا ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سٺي مقصد کي، سندس دشمن بجاءِ، دوستن جي بيوقتي ۽ غير موزون ڪوشش ئي نقصان رسائيندي آهي. پوئواري، پچار ۽ صبر ٻين جي خواهشن تي مدار رکندڙ سوالن جا بهترين وڪيل هوندا آهن. هي معاملو، جنهن انسان جي ذهني انقلاب جو در کوليو آهي، سو ڪو چند ڏينهن ۾ يا هڪ نسل جي موجودگيءَ ۾ ڪين ايندو. وقت جي قوت، جا هر شئي تي حاوي آهي، سا هن بڇڙائيءَ کي جهٽ پٽ نابود ڪري ڇڏيندي. آءٌ چاليهن سالن کان عوام اڳيان پنهنجن جذباتن جو اظهار ڪندو رهيو آهيان. جيڪڏهن انهن جذباتن کي آءٌ چاليهه ڀيرا ورجايان ها، ته اهي ٺلها ۽ کوکلا جذبا پيا لڳن ها، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جي استعمال ۽ واهپي ڏسڻ لاءِ جيئرو نه هوندس، پر تڏهن به اها پڪ اٿم ته اهي جذبا مون سان گڏ مري ڪو نه ويندا. مران توڙي جيئان، پر اهي سدائين منهنجي سرگرم آسن اميدن جو روح ٿي رهندا.

**

 

3- طرز حڪمت جو عوام جي خوشنوديءَ تي اثر

(الف – موروثي حڪومت جون بڇڙايون ۽ رعيتي راڄ جا فائدا)

(جيفرسن آمريڪا جي حالتن جي، يورپ جي حالتن سان ڀيٽ ڪندي، انهيءَ يقين کي پختو ڪري ڇڏيو آهي ته عوام جي خوشنوديءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو اصول، رعيتي راڄ آهي. هن جي ڌيان ۾ موروثي ۽ جبر واريون حڪومتون به هيون، جن عوام کي بغاوت لاءِ پي ڀڙڪايو. هن جي خيال ۾ اهڙي يلغار جو علاج اهو هو، ته عوام جي شڪايتن کي دور ڪيو وڃي، پر جي سندن شڪايتون بيجا آهن، ته انهن کي جيستائين (غلطي محسوس ڪرڻ) سکيا ڏني وڃي. پر حڪومت کي ڏاڍ ۽ جبر کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. ڇو ته پنهنجي حق تلفيءَ تي عوام ڀڙڪي بغاوت ڪندو آهي.)

**

پئرس                                 ايلزابيٿ ٽرسٽ ڏانهن

18- آگسٽ 1785ع

سچ پچ ته اهو سوچيندي ارمان ٿو ٿئي ته: ههڙا سٺا ماڻهو، سٺي بادشاهه هوندي، چڱن حاڪمن هوندي، خوشگوار آبهوا ۽ زرخيز زمين هوندي به رڳو هڪ لعنت، يعني خراب حڪومتي سرشتي سبب، انساني آسودگيءَ کان محروم رکيا پيا وڃن! اها حقيقت آهي ته حاڪمن جي نرم رويي جي باوجود، حڪومت جي سرشتي جي اوڻاين، عوام کي ڏڏري رکيو آهي. آءٌ انهيءَ راءِ جو آهيان ته: فرانس جي ٻه ڪروڙ عوام مان هڪ ڪروڙ نوي لک، بحيثيت انسان، هر حالت ۾ گڏيل رياستن جي هڪ ڏتڙيل فرد کان به وڌيڪ آزاريل آهن.

**

پئرس                                           جون آڊمس ڏانهن

18- سيپٽمبر 1787ع

هالنڊ جي موجوده ڪسمپرسي، اسان کي ڪيترا نه اڪيچار سبق ٿي سيکاري! هڪ ته ڪڏهن به ڪو موروثي حاڪم نه رکو، ڪڏهن به ڪنهن شهريءَ کي بادشاهه سان ناتو رکڻ نه ڏيو، ڪڏهن به گهرو جهڙن نبيرڻ لاءِ ڌارئي کي ڪوٺ نه ڪريو؛ ۽ ڪڏهن به اهڙي خوشفهميءَ ۾ نه رهو ته ٻي ڪا قوم اسان جي ڀلائي خاطر جنگ ۾ ڌوڪي پوندي، وغيره وغيره!.

**

پئرس                                جارج واشنگٽن ڏانهن

14- نومبر 1786ع

اهو ڪيڏو نه ظالمانه تصور آهي، ته ”شاهوڪار ملڪ، وڌيڪ آزادي ماڻي سگهي ٿو!“

سفر جو نوٽ، مارچ 1788ع

مون کي يورپ ۾ اڃا ڪو سمجهو يا غير سمجهو ماڻهو ڪو نه سجهي، جنهن اداري (سنسينتي) تي پنهنجي راءِ زني نه ڪئي هجي، ۽ اسان جي حڪومت کي تخريبي ۽ غير معزز نه سمجهيو هجي. منهنجي هت واپس پهچڻ بعد اسان تي راءِ زني ڪيل هر مضمون ۾ هر حڪومت کي، هڪ اهڙو ڪيڙو ڪري پيش ڪيو ويوآهي، جنهن جي واڌ، هڪڙي ڏينهن ان سموري تاڃيءَ کي ٽڪي کائي ڇڏيندي، جيڪا اسان هيستائين پي آڻي آهي. آمريڪي نظرين مان مون کي اهڙو ڪو به خدشو نظر نٿو اچي. آءٌ اهو مڃان ٿو ته يورپ جي مشاهدي، مون کي البت انهيءَ راءِ سان متفق ڪيو آهي پر انهيءَ لاءِ به ڪي ايام گهرجن. اهي شايد اسان سڀني جي حياتين کان گهڻو وڌيڪ هجن!

جڏهن اُن اداري جي ڪا ڇڏيل تند، ڪنهن اهڙيءَ مورثي آمريت کي جنم ڏئي، جا اسان جي حڪومت جي سٺي سرشتي کي دنيا مان بدلائي، خراب نوعيت ۾ آڻي بيهاري! پوءِ ان مهلڪ سرشتي مان جيڪي بڇڙايون پيدا ٿينديون، تن جي اڳواٽ مشاهدي ڪرڻ لاءِ فرانس ۾ پهچڻ ضروري آهي، جتي ڪيڏي زرخيز زمين، سٺي آبهوا، آباد رياست، عوام جي ڪردار جي بلندي ۽ ٻيا قدرتي ذريعا گڏجي، به هڪ ملڪ جي رهواسين جي، پنجويهن حصن مان چوويهن حصن کي تباهه ڪرڻ واري لعنت کان بچائڻ لاءِ بلڪل ناڪاره ثابت ٿيا آهن.

**

پئرس                                  جارج ويٿ ڏانهن

14- آگسٽ 1786ع

اسان جي مذهبي آزاديءَ واري قانون جي تمام گهڻي آجيان ڪئي وئي آهي. هن درٻار ۾ يورپي قومن جي ڪيترن ئي سفيرن ۽ وزيرن مون کان ڪاپيون گهريون آهن ۽ پنهنجن حڪومتن ڏانهن اماڻيون آهن. ڪيترن ئي ڪتابن ۾ اُن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ انسائڪلو پيڊيا پڻ آهي. هنن جي خيال ۾ هي قانون، انهن ملڪن ۾ مفيد ۽ ڪارائتا اثر ڇڏيندو، جتي جهالت ۽ غربت جو انساني جسمن تي ايترو ته دٻاءُ پئجي چڪو آهي، جو ڪا به ڇوٽڪاري جي راهه باقي نه وڃي بچي آهي. جيڪڏهن يورپ جون سڀ حڪومتون پنهنجي عوام جي ذهني جهالت کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن ته هزار سالن ۾ به ان منزل تي نه پهچندا، جتي اسان جو عوام اڄ بيٺو آهي. اسان جي عوام جي به اها ئي حالت هجي ها، جيڪڏه هو پنهنجن وڏن جي ڪوششن سان ۽ قدرتي طرح ٻي دنيا کان هن وڏي سمنڊ جي وچ ۾ هئڻ ڪري الڳ نه ٿيل هجن ها! تنهنڪري اسان کي پنهنجين حالتن کي ڌيان سان پرکڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اسان جي قانون ۾ خاص راءِ، عوام ۾ علم ۽ ڄاڻ ڦهلائڻ واري بل جي آهي. عوامي آزادي ۽ آسودگيءَ جو ان کان پڪو بنياد ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن اڃا به ڪو دنيا ۾ دعوا ٿو ڪري ته بادشاهه، نواب ۽ پادري عوام جي خوشنوديءَ جا صحيح محافظ آهن ته ان کي هيڏانهن اچي حالتن کي ڏسڻ گهرجي، هو هتي اهڙا اسڪول ڏسندو جن جهڙا تدنرستي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه هوندا. جڏهن هو اهڙو مشاهدو ڪندو ته پڪ چوندو ته سندس خيال ڪيترو نه غلط ۽ گمراهه ڪُن هئا!

اسان جو قانون، انهن سڀني ملڪن تي سٺو اثر ڇڏي ٿو، جتي جو عوام، سڀني قدرتي ذريعن ۽ نعمتن هوندي به بادشاهن، نوابن ۽ پادرين جي اُرهه زوراين ڪري ڏتڙيل زندگي گهاري رهيو آهي. تنهنڪري پيارا، منهنجو اهو چوڻ آهي ته جهالت خلاف جهاد ڪرڻ يعني عوام ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ اُدم ڪريو. عوام کي ٻڌايو ته اهڙين بڇڙاين ۽ بد حالين مان رڳو علم ۽ ڄاڻ رستي جند ڇڏائي سگهجي ٿي. انهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جيڪا اسين ٽئڪس ڀرينداسين، سا انهيءَ تاوان يا چٽيءَ کان گهڻو گهٽ هوندي، جيڪا اسان پنهنجن دشمنن (بادشاهه، امير ۽ پادري) کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڀريون ٿا.

**

پئرس                          ايڊورڊ ڪيئرنگٽن ڏانهن

16- جنوري 1787ع

مان انهيءَ خيال جو آهيان ته اهي سماج (جهڙوڪ هندستان)، جتي ڪا منظم حڪومت ناهي، پر عوامي زندگي ۾، انهن ماڻهن کان وڌيڪ آسودگيءَ جا حامل آهن، جيڪي يورپي حڪومتن جي هٿ هيٺ رهي چڪا آهن.

پهرئين قسم جي سماج ۾ عوامي راءِ، قانون جي حيثيت رکي ٿي ۽ اخلاقن تي ايترو ته ضابطو رکي ٿي، جيترو ٻئي ڪنهن هنڌ قانون به نٿو رکي سگهي. ٻي قسم جي سماج ۾، حڪومت جي ترتيب سان، قوم کي ٻن جنسن ۾ ورهايو ويو آهي؛ هڪ بگهڙ ٻيا رڍون! انهن ۾ ڪنهن به قسم جو واڌارو نٿو ٿئي! ڇا يورپ جي اها ئي حڪومتي تصوير آهي؟ ان ڪري عوام کي خوش رکو ۽ سندن روح کي مرڻ نه ڏيو نه انهن جي غلطين تي برهم ٿي، انهن کي سخت سزائون ڏيو، پر سمجهه ۽ علم سان انهن کي پنهنجو ڪريو. جي ڪڏهن هو هڪڙو ئي ڀيرو پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ کان غافل ۽ بيپرواهه ٿي ويا ته پوءِ اسين ۽ توهين، ڪانگريس ۽ اسيمبليون، جج ۽ گورنر سڀئي بگهڙ ٿي پونداسين! فطرتي اصول آهي ته رڳو انسان ئي اهو حيوان آهي، جو پنهنجي نسل کي کائيندو آهي. اها ڳالهه آءٌ يورپ جي حڪومتن ۾ چڱيءَ پر محسوس ڪريان ٿو، جتي امير، غريبن جو شڪار ڪندا ٿا رهن!

**

پئرس                                جيمس ميڊيسن ڏانهن

30- جنوري 1787ع

اوڀر وارين رياستن ۾ پيدا ٿيل گڙ ٻڙ متعلق جذباتن کي ٻڌي، آءٌ

بيچين ٿي پيو آهيان. مون سمجهيو آهي ته اهي حالتون ڪي خاص خراب نه آهن. البت سندن واپاري ناتن جي ٽڻڻ ڪري، کين نقصان پهتو آهي، جنهن جو اڃا ڪو ازالو نه ڪيو ويو آهي. ۽ وٽن پئسو گهٽيو آهي، تنهنڪري عوام ۾ بي آرامي وڌي وئي آهي. انهن ئي حالتن عوام کي اهڙين حرڪتن ڪرڻ لاءِ تيار رکيو آهي، جي بيجا آهن؛ پر اميد اٿم ته حڪومت مٿن سختي ڪري کين وڌيڪ نه ڀڙڪائيندي، جن ماڻهن جي دل ۾ حڪومت لاءِ نيڪ جذبا هوندا آهن، تن کي اهي سختيون صدمو پهچايئنديون آهن. جتي ڀؤ، اميد تي حاوي هوندو آهي، اتي اهڙن واقعن مان خدشو محسوس ڪيو ويندو آهي، اهي حڪومتون هونٿرائپ ۾ اچي اهو نتيجو ڪڍنديون آهن ته عوام تي رڳو زبردستيءَ سان حڪومت ڪري سگهجي ٿي؟جنهن جو بنياد نڪي نيڪي ۽ صداقت تي ٻڌل آهي ۽ نه وري تجربي تي.

سماج، ٽن سرشتن هيٺ رهي سگهي ٿو، اهي هي آهن: 1- حڪومت جي سرشتي کان سواءِ، جيئن هندستان ۾ آهي، 2- اهڙي حڪومت جي هٿ هيٺ، جتي فرد جي راءِ ۽ مرضيءَ جو قدر هوندو آهي، جيئن انگلينڊ ۾ اسان جي رياستن ۾ آهي، 3- دٻاءَ واري حڪومت هيٺ، جيئن ٻين بادشاهين ۽ يورپ جي ڪن رعيتي راڄن ۾ آهي. پوئين قسم جو حڪومت جو سرشتو، هڪڙي قسم جي لعنت آهي، ان جو مشاهدو اصل اتي وڃي ڪري سگهجي ٿو. اها ڄڻ رڍن تي بگهڙن جي حڪومت آهي! پهرين قسم جي سرشتي جي بهتر هئڻ جو معاملو اڃا منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي، پر ايتري پڪ اٿم ته اهو نمونو، گهڻي آدمشماري واري ملڪ لاءِ ٺهڪندڙ ناهي. ٻئي قسم جي سرشتي ۾ اڪيچار چڱايون سمايل آهن. انهيءَ سرشتي هيٺ عوام، آزاديءَ خوشنوديءَ جون نعمتون ماڻي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪي اوڻايون به آهن، جهڙوڪ: هل هنگاما ڪرڻ پر بادشاهي واري زور زبردستيءَ کان گهڻو گهٽ هونديون آهن. اها هن هنگامي ڪرڻ جي اوڻائي، گهڻين چڱاين کي پيدا ڪري ٿي ۽ اها حڪومت جي زوال کي روڪي ٿي، عوامي معاملن ڏانهن حڪومت جو توجهه ڇڪائي ٿي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙيءَ بغاوت يا هنگامي کي سياسي دنيا لاءِ ايترو مفيد ۽ ضروري سمجهندو آهيان، جيترو طبعي دنيا لاءِ طوفان کي. بغاوت جي ناڪامي، باغين جي حقن تي دخل اندازين کي جنم ڏيندي آهي. اهڙي سچ جو مشاهدو، حاڪمن کي باغين ڏانهن نرم رويي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. اهو حڪومت جي صحت لاءِ اڪسير مثل ترياق آهي.

**

پئرس                        جين نڪولاس ڊي ميونيو ڏانهن

24- جنوري 1786ع

چيو وڃي ٿو ته اسان جون حڪومتون وفاقي توڙي رياستي طاقت جون محتاج آهن. جنهن کانسواءِ حڪومت ۽ فردن کي غلطين کان صاف رکڻ ڏکيو ڪم آهي. اهو سچ به آهي ۽ دکدائڪ پڻ. ٻئي طرف انهيءَ طاقت کي تڪليف ده چئبو جيڪا حڪومت،فوجن وسيلي عوام جي سينن تي بندوقون تاڻائي حاصل ڪئي ٿي وڃي. ٻنهي جي نسبتي ڀيٽ ۽ تورتڪ، اسان کي پهرئين سرشتي جي فائدي ۾ ترجيح ڏياري ٿي ڇو ته پنهنجي شهرين جي غلطين کان ڌارين بادشاهن جون غلطيون، وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪندڙ آهن.

**

پئرس                                 جيمس ميڊيسن ڏانهن

20- ڊسمبر 1787ع

آءٌ تسليم ٿو ڪريان ته: آءٌ ڪنهن به وڏي طاقت واري حڪومت جو دوست ناهيان. اهي سدائين ڏاڍ ۽ جبر تي بيٺل حڪومتون هونديون آهن. ان ۾ عوام جي مليل ٽئڪس تي حاڪم عياشي ڪندا رهندا آهن. مساچيوسيٽس واري بغاوت، ان جو کليل ثبوت آهي. بغاوت کي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي. انگلينڊ ۾، جتي ماڻهن کي اسان کان به وڌيڪ اختيار مليل آهن. اهي مشڪل سان پنج – ڇهه سال گذرندا هوندا، جن ۾ بغاوت نه ٿي هجي؛ فرانس ۾ جتي حاڪمن کي وڌيڪ اختيارات مليل آهن، اتي منهنجي ٽن سالن واري رهڻ واري عرصي ۾ ٽي بعاوتون ٿيون!

مون عوام کي هر وقت بغاوت ڪرڻ لاءِ آماده ڏٺو، ترڪيءَ ۾ جتي ڪنڌ جي لوڏ سان موت اچيو وڃي، بغاوت ڪرڻ روزاني راند آهي. انهن حالتن جي پاڻ سان ڀيٽ ڪري پوءِ فيصلو ڪريو ته امن، حاڪمن کي طاقتور بنائڻ سان ماڻي سگهجي ٿو يا عوام کي صحيح علم ۽ ڄاڻ ڏيڻ سان؟ پوئين ڳالهه پڪ حڪومتن لاءِ ڪارائتي آهي، تنهنڪري عوام کي تعليم يافته ۽ باسمجهه بنايو، انهن کي حڪومت جي واڳن وٺڻ لائق بنايو، جيئن هو سمجهي سگهن ته اهي ئي طريقا هنن کي خوشنودي ۽ آسودگيءَ جي راهه ڏي گامزن ڪندا. پوءِ هو پاڻيهي انهن طريقن جي سنڀال ڪندا رهندا. هنن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ ڪنهن جامع ۽ اعليٰ تعليم جي معيار جي ضرورت ناهي. اسان جي آزاديءَ جو سمورو دارومدار اعتماد تي آهي.

**

پئرس                                      عذرا اسٽيلس ڏانهن

24- ڊسمبر 1786ع

منهنجي خيال ۾ آمريڪا ۾ ٿيل هنگاما، ڪنهن خاص خطري جي نشاني ٿي نٿا سگهن. اهي ثابت ٿا ڪن ته عوام کي راءِ ۽ خيال جي پوري آزادي ڏنل آهي. انهيءَ کان گهٽ آزاديءَ جو آءٌ خواهان ناهيان. جي عوام جي خوشنوديءَ جو تحفظ ڪڏهن ڪڏهن طوفان ۽ رت سان ڪري سگهجي ته اهو سودو مهانگو ناهي!

**

پئرس                                  وليم. ايس سٿ ڏانهن

13- نومبر 1787ع

خدا نه ڪري جو ساندهه ويهه سال اسان اهڙي بغاوت (شينيز جي بغاوت) کان سواءِ رهون! سڀ ماڻهو باخبر نه هوندا آهن. غلط ڪارين جو تعداد گهٽائي سگهجي ٿو. اسان وٽ تيرهن رياستون، پورا يارهن سال آزاد رهيون آهن. ان عرصي ۾ رڳو هڪ بغاوت ٿي آهي. انهيءَ خوف کان سواءِ، ته عوام ۾ مقابلي ۽ بغاوت جو روح اڃا موجود آهي، اسان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي حڪومت، عوام جي حقن جي سنڀال ڪري سگهندي؟

ڀل ته اُهي هٿيار کڻن، پر ڪن اهو، جيڪو کين سچ ۽ حق جي راهه تي آڻي بيهاري. سال ڏيڍ ۾ جي ڪجهه حياتيون قربان ٿيون ته ان جي بدلي ۾ ڇا ڇا نه ملي ويندو! آزاديءَ جي وڻ کي هميشه حب الوطن عوام جي رت سان، ظالم حاڪم سرسبز رکندا ايندا آهن. مساچيوسيٽس جي بغاوت، عام راءِ کي تقويت پهچائي آهي، جي هر موقعي ۽ مهل تي بغاوت ڪري ظالم حاڪمن کي درست ڪري رهيا آهن.

**

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org