شاعري سندس رت ۾ شامل هئي. سندس والد منگهو خان
بڪڪ به شاعر هو. پر جيئن ته جبل ۾ اها ڳالهه مشهور
آهي ته سچو شاعر لاولد هوندو آهي يعني هن کي پٽ جو
اولاد نه ٿيندو آهي. گهڻو ڪري ته هو بي اولاد
هوندو آهي، اها پڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته لطيف
سرڪار کي به ڪو اولاد نه هو، جنهن جي خبر جبل وارن
کي هئي. رهائشي طور تي لطيف سرڪار جو واسطو جبل
سان نه هو پر هو جبل وارن جي وجودن ۾ ٽڪيل هو، اها
ڳالهه آئون هنڌ هنڌ چونديس ۽ هر هر چونديس.
واقعي به دنيا ۾ ائين ئي هو. مرزا غالب پڻ هڪ سچو
شاعر هو ۽ بي اولاد هو. اهو سڀ جبل وارن کي ڪيئن
پتو پيو هو، جو هو ڇٽي خان بڪڪ کي شاعري ڪرڻ کان
منع ڪرڻ لڳندا هئا. تڏهن، جڏهن کيس ٻن پٽن جو
اولاد ٿيو هو. پاڻ جيئن ته اڪيلو پٽ هو. پر جڏهن
کيس ٻه پٽ ٿيا ته سندس خاندان ۾ خوشيون جهمريون
هڻڻ لڳيون. هو پاڻ ۽ سندس شاعري مسرور ۽ مطمئن ٿي
ويا هئا، جيڪا جبل ۾ ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ ديرا
دمائڻ لڳي هئي.
جبل وارن جو اهو خوف تڏهن سچ ٿيو جڏهن سندس وڏو پٽ
نوت بڪڪ جيڪو سندس جهڙو ئي ڏاهو ۽ سڌير هو. اهو
شاديءَ جي پهرين ئي مهيني ۾ گذاري ويو!! پوءِ ته
سندس مائٽ سندس شاعري جي خلاف بيهي رهيا، ۽ کيس
شاعري“ کان سخت طريقي سان منع ڪرڻ لڳا.
نوجوان پٽ جي وڇوڙي ڇٽي خان بڪڪ جهڙي عقل جي اڪابر
کي به انهن ڳالهين تي ويساهه آڻڻ لاءِ مجبور ڪري
ڇڏيو. پوءِ هن پنهنجي ٻئي لائق ۽ غير معمولي پٽ
سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو ان وقت 16-17 سالن جو هو ان
۾ نهاريو. پوءِ ڄڻ کيس به پنهنجي ٻئي پٽ جي وڃائڻ
جو اڳواٽ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ۽ هن ڇرڪي شاعري تان
هٿ کنيو، ۽ پنهنجو پٽ کنيائين. جنهن سامائي کيس
وڏا سک ۽ مانَ ڏنا. پاڻ سندس ڪابه خواهش اڌوري نه
ڇڏيائين. 41- 1942ع ۾ جڏهن اڃا گاڏيون عام نه هيون
تڏهن به وٽس گاڏي/ موٽر هئي تڏهن هو شاعري ڇڏي پٽ
کڻڻ واري پنهنجي فيصلي کي درست سمجهڻ لڳو، جيڪو ڄڻ
ته پڇتاءُ بڻجي ساڻس وڙهڻ لڳو هو.
هن سنجيده شاعري ڪرڻ ته ڇڏي ڏني هئي، پر پوءِ به
ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ ۾ کائونس ڪا سٽ نڪري ويندي هئي.
سندس هڪ دوست هو لکمير فقير بڪڪ جيڪو سندس ريس ۾
شاعري ڪندو هو.
ڪنهن ڏڪار مهل ڇٽو خان بڪڪ پنهنجو مال وٺي ٺٽي ۾
آيو هو. لکمير فقير وري ڪنهن ٻئي هنڌ پنهنجو مال
ڪاهي ويو هو. جڏهن ٻئي ڪراچيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا ته
لکمير فقير بڪڪ کيس چيو،
ڇٽا آئين ڇڏي، ڪيئن ننگر مان نڪري.
ته کيس انهيءَ مهل جواب ڏنائين،
لکو آئين لڏي
ڪيئن ڇپر کي ڇڏي.
اهڙيون ڪيئي سٽون اڄ به جبل وارن کي ياد آهن جيڪي
اڳ ئي سندس شاعريءَ جا معترف هئا. ۽ سندس شاعري
جهونگارڻ لڳندا هئا.
ڇٽي خان بڪڪ جي شخصيت جبل ۾ سچ جي علامت سمجهي
ويندي هئي. ۽ جبل وارا پنهنجي هر ڳالهه ۾ کيس
”امين“ مقرر ڪندا هئا.
بڪڪ برادري پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر ڌيءَ جو سڱ
نه ڏيندي آهي. مرد ڀلي ٻاهران شاديون ڪري اچن،
جيئن ڇٽي خان بڪڪ جي پنهنجي ماءُ به بروهڻ هئي ۽
بزنجو ذات سان تعلق هئس. هو نهايت بلند ڪردار جي
اڪابر مائي هئي.
ڇٽو خان بڪڪ پاڻ ته مائٽن جو سڪيلڌو پٽ هو. پر کيس
چار ڀينرون هيون جيڪي پنهنجي ماءُ ۽ پي وانگر غير
معمولي هيون. انهن جون شاديون پنهنجي ئي خاندان ۾
ٿيل هيون جن مان هڪ ڀيڻ (سمي) جا پٽ لونگ ۽ پنهون،
ٻيءَ ڀيڻ (ڪَمي) جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، ٽي ڀيڻ صاحب
ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد هو. جيڪي سڀ ئي پنهنجي
مامي جي شخصيت مان گهڻو متاثر ۽ مرعوب هئا.
هڪ ڀيري هڪ بڪڪ (سکيو بڪڪ) شيخ برادريءَ مان شادي
ڪئي ۽ بدلي ۾ انهن کي پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ ڏنو،
جنهن جو گواهه ڇٽو خان بڪڪ هو جيڪو انهن ريتن ۽
رواجن تي يقين نه رکندو هو.
سکيو بڪڪ شيخ برادريءَ مان پرڻجي آيو. ان وقت سندس
ڀائٽيءَ جي عمر ننڍي هئي، اها جڏهن وڏي ٿي ته شيخ
برادريءَ سڱ جو مطالبو ڪيو. شاديءَ جي تاريخ وٺڻ
آيا ته، ڇوڪريءَ جا سؤٽ، ماسات (ڀاءُ نه هئس) اٿي
بيٺا، ته، ’ڇوڪريءَ جو سڱ ٻاهر نه ڏينداسين!‘ جن
جي حمايت ۾ ڇٽي خان بڪڪ جو پٽ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽
ڀاڻيجا لونگ بڪڪ، سيٺ غلام محمد بڪڪ ۽ حاجي مريد
بڪڪ هئا. اهي نوجوان، باهمٿ، باحيثيت ۽ جذباتي
هئا.سڀني جي انڪار ڪرڻ تي شيخ برادريءَ جي بزرگن
چيو ته، ”سڱ ڏيڻ جو اسان سان واعدو ٿيل آهي، جنهن
جو شاهد ڇٽو خان بڪڪ آهي.“ سندس نالو ٻڌي سڀ ماٺ
ٿي ويا، اهو شرط رکيائون ته، ’جي ڇٽي خان بڪڪ سڱ
ڏيڻ بابت ساکيءَ واري ڳالهه مڃي ته اسين سڱ
ڏينداسين!‘ اهو ٻڌي شيخ برادري مطمئن ٿي وئي ۽
چيائون، ”بيشڪ جي ڇٽو خان بڪڪ چوي ته سڱ وٺڻ مهل
سڱ ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي هئي ته، اسين پاڻ به سڱ تان
هٿ کڻي وينداسين.‘
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿيئي
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
(شاهه رح)
ڇوڪريءَ جا سڀ سؤٽ، ماسات ۽ سندس پٽ ۽ ڀاڻيجن سان
گڏجي وٽس ميڙ آيا ته، ”توهان انڪار ڪريو پوءِ اسين
ڄاڻو اسان جو ڪم ڄاڻي.“
انهن سڀني سندس آڏو گهڻائي مٿا مونا هنيا. پر سندس
هڪ ئي ڳالهه هئي ته، ”سڱ وٺڻ مهل سکئي خان بڪڪ
منهنجي اڳيان سڱ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.“ هو سڀني
سان گڏجي اتي آيو ۽ شيخ برادريءَ جي اڳيان اچي سڱ
ڏيڻ بابت ’هاڪار‘ ڪئي ته، سڀئي نوجوان بڪڪ ڇَههُ
(ٿڪجي، هارائي) ٿي ويا. سندس بهادر، زوراور ۽
چيڙاڪ ڀاڻيجو سيٺ غلام محمد بڪڪ اتان ائين چئي اٿي
ويو ته، ”هن گامو سچار اسان جا هٿ وڍائي ڇڏيا نه
ته شيخ برادري جيڪو اسان کان سڱ وٺي اهو جڳ ڏسي
ها!!“
ڇٽو خان بڪڪ ماڻهپي جو اهڙو مثال هو جنهن تي جبل
کي بجا طور تي فخر آهي. هُو اهڙو ماڻهو هو جيڪو
ذات پات، مذهب فرقي جي وَرَ وڪڙ کان آجو هو. سندس
لاءِ ٻين برادرين جي پڻ اها راءِ هئي ته هو سچو ۽
اصول پرست ماڻهو آهي. ائين هرهڪ جي اڳيان هُو ساک
۽ انصاف جو ماپو هو ۽ هرڪو کيس عقيدت ۽ احترام جي
نگاهه سان ڏسندو هو، کيس ڀائيندو هو ۽ پنهنجا
فيصلا سندس حوالي ڪندو هو.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ رهيل پنجابين، پٺاڻن ۽
ڇاڇين جا سڀيئي فيصلا وٽس ايندا هئا. ورهاڱي کان
پوءِ وٽس مهاجر به پنهنجا فيصلا آڻيندا هئا. جيڪي
پوءِ سندس لائق ڀاڻيجو حاجي مريد خان بڪڪ ڪندو هو
جنهن کان بعد ۾ سندس ئي بيمثال پوٽو قادر بخش سيٺ
علي محمد بڪڪ اهي ذميداريون نڀائڻ لڳو هو (جيڪو
جوانيءَ ۾ ئي سنڌ جي ٻين ڀاڳن جيان هليو ويو).
ڇٽو خان بڪڪ ڏور نظر رکندڙ هڪ حساس انسان هو.
ورهاڱي واري هلچل کان به اڳ ڄڻ ته کيس خبر پئجي
وئي هئي ۽ هن جبل وارن کي آگاهه ڪيو هو ته، هاڻي
حالتون تبديل ٿيڻ واريون آهن جيڪي شايد اسان جي حق
۾ نه هجن!!
اهو احساس جبل جي هڪ لاجواب پٽ سناسي خان بڪڪ وٽ
به هو، جيڪو ڇٽي خان بڪڪ جو سؤٽ ۽ ڀيڻويو هو جيڪو
پڻ هڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هتي شامل آهي. ان مان اها
خبر پڻ پئجي سگهي ٿي ته جبل جا ماڻهو ڪيڏا سچيت ۽
سجاڳ آهن.
عقل، هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ بابت جڏهن هن کان پڇبو
هو ته اهو ماڻهن، جانورن ۽ پکين ۾ ڪنهن ڪنهن کي
آهي؟ ته پاڻ چوندو هو ته، ’ماڻهن ۾ لنگهو، جانورن
۾ گدڙ ۽ پکين ۾ ڪانگ وٽ اهي وصفون آهن. ۽ اهي وڌيڪ
عقلمند، هوشيار ۽ چالاڪ آهن.‘
ڇٽي خان بڪڪ تي لکندي ۽ سندس وڏي شخصيت جي باري ۾
ٻين کان ڳالهيون ٻڌي، ائين لڳو ته يوناني فلاسافر
ڊايرجنيز جيڪو ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ڏينهن ۾ به بتي
کڻي گهمندو هو، اهو پڻ اهڙي ئي ماڻهو جي تلاش ۾ هو
يا جيئن مولاناروم رح فرمايو
آهي ته.
ڪر ديو ملو لم
انسانم آرزو ست.
(ديون جهڙا منهن ڏسي ڪڪ ۽ بيزار ٿي پيو آهيان،
ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو). ڇٽو خان بڪڪ اهڙو ئي ماڻهو
هو جنهن تي ماڻهپو به فخر ڪري ڇو ته هو ماڻهپي جو
شانُ هو/ مانُ هو.
ڪَلاَ لَنئُون ڪَاءِ، مَتِ نَه سِکين مُون هِنيان
روئندي رَاتِ وِهاء، چِڪَائيندي بَٺِيُون.
(شاهه رح)
هڪ
غير معمولي ڪردار
سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي)
سڄي ڪوهستان ۾ اهڙو خوبصورت ۽ بهادر ماڻهو گهٽ ٿيو
هوندو. ظاهري ڏيک ويٺ بيحد شانائتي. ڳورو/ سفيد
رنگ، بدن جو قدرتي طور گهڙيل، قداور، دانا،
سگهارو، بهادر اهڙو جو وڏا وڏا هنئاتا (بهادر، دل
وارا) ملهه به جي خبر پوندن ته، ڪنهن شاديءَ يا
غميءَ ۾ سناسي خان بڪڪ آيل آهي ته سوچي سمجهي
ايندا ۽ نوڙت وارو لهجو اختيار ڪندا.
جبل ۾ ڪهڙا اسڪول، ڪهڙا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون (جيڪي
اڄ به خواب آهن اهو زمانو ته صديون اڳ جو هو). پر
جڏهن سناسي خان بڪڪ ڳالهائيندو هو ته، سندس گفتگو
۽ انداز پڙهيلن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو هو.
هو، انگريزن جي دور ۾ پوليس جي محڪمي ۾ اٺ سوار
هو. انگريزن سان سخت نفرت ڪندو هو. انگريزن جي
زماني ۾ پوليس جو اٺ سوار معنيٰ وڏي حيثيت ۽ دٻدٻي
وارو. پر سناسي خان بڪڪ کي جيئن ته انگريزن سان
نفرت ۽ چڙ هئي تنهن ڪري هن اها نوڪري (ٽوڪري) ٿڪ
هڻي ڇڏي ڏني.
هو اهڙو لباس پائيندو هو جو حاڪم به حيران ٿي ريس
ڪندا هئا. هٿ ۾ هميشه لٺ هوندي هيس، ۽ ان لٺ لاءِ
به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور هيون ته، اها لٺ وڍجڻ
کان پوءِ به وري مُري، وڌي ايڏي ئي ٿي ويندي آهي.
ان لٺ جي ڪاٺيءَ بابت آخر تائين اها خبر پئجي نه
سگهي ته ڪهڙي وڻ جي آهي.
لٺ سدائين مينديءَ سان رتل ۽ چمڪندڙ هوندي هئي.
سناسي خان بڪڪ لٺ هلائڻ جو ايڏو ماهر هو جو اڳيون
اڃا مس لٺ ۾ هٿ وجهي ته، سندس لٺ وڄ وانگر وراڪو
ڪري حملا آور کي ٻوٿ ڀر ڪرائي وجهندي هئي.
جيئن ته هرهڪ علائقي جا پنهنجا قدر، ماڻ ۽ ماپا
هوندا آهن تيئن وري ڪوهستان ۾ (ان وقت) اهي قدر
هئا. اهو ماڻهو مانائتو ۽ مڙس ليکبو هو جيڪو
پنهنجي علائقي کان ٻاهر ڪنهن زورائتي ۽ طاقتور
ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هڻي مال ۽ ملڪيت کڻي
ايندو هو. ان کي ”ڌاڙو“ نه پر ڪارنامو سمجهيو
ويندو هو.
باقي ڪنهن ڪمزور کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جي ريت جبل ۾ ڪانهي.
اهڙي حرڪت عيب ليکي ويندي آهي. ۽ ان تي ٿڪ لعنت
ڪئي ويندي آهي.
سناسي خان بڪڪ به انگريز جي اٺ سواري ٿڏي پاڻ جهڙا
بهادر ۽ زورائتا ساٿي ساڻ ڪري هندستان (موجوده) جي
سفر جو سعيو ڪيو. ان وقت سندس عمر 26- 25 سال
هوندي. هو سڀ ئي ريل جي رستي اتي پهتا ۽ ’سورت‘ جي
شهر جي شهرت ته اتي مندرن جي گهڻائي آهي، کين سورت
جي شهر ۾ پهچايو. ان ماڳ تي رڳو هندوڪار هو. سناسي
خان بڪڪ جيئن ته بهادري ۽ دانائي سان گڏ خوبصورت
به هو، سو اتي ٻاون/ پنڊتن جو لباس پهري تلڪ
لڳائي، مالا جپيندو مندرن ۾ وڃڻ لڳو. هندو اهڙي
خوبصورت ۽ نوجوان ٻاوي کي ڏسي ٻلهار ٻلهار ٿي،
سندس چرنن (قدمن) ۾ ڪري کيس پوڄڻ لڳا. هن کان پڇا
ڪندا هئا ته، ”ڪٿان آيا آهيو؟“ ته هو مالا جپيندو
سنڌ ڏانهن اشارو ڪندو هو ته هو کيس سجدا ڪرڻ لڳندا
هئا.
سناسي خان بڪڪ جا ساٿي ڪنهن جاءِ ۾ لڪل هوندا هئا،
۽ پاڻ مندرن جي جانچ ڪندو رهندو هو.
هڪ مندر ۾ گهڙيو ته حيران ٿي ويو ته اتي رڳو سون
ئي سون هو. ديوتا به سون جا ته ديويون به سون جون،
مورتيون به سون جون ته ڳئون ۽ هاٿي به سون جا.
مندر جا محافظ ۽ رکوال ان حسين ۽ نوجوان ٻاوي
(سناسي خان بڪڪ) کي مندر گهمائيندي فخر ۽ عزت
سمجهي رهيا هئا. وڃڻ مهل مٿس زور به ڀريندا رهيا
ته، اسان وٽ رهي پئو ۽ هو بنا ڪنهن اهميت جي کين
حيرت ۾ وجهي موڪلائي هليو ويندو هو.
هو روز اهي روئدادون ۽ وارداتون اچي ساٿين کي
ٻڌائيندو هو ۽ سڀ ئي گڏجي صلاحون ڪندا هئا ۽
پنهنجي واپسي جا انتظام ڪرڻ لڳندا هئا.
نيٺ هڪ رات جو، ’سورت‘ جي انهيءَ گولڊن مندر کي،
آڌيءَ رات جو ڌاڙو هنيائون. مندر جا گهڻائي محافظ
۽ رکوال هئا پر سناسي خان بڪڪ ۽ سندس بهادر ساٿين
اڳيان ڪوبه بيهي نه سگهيو. اهي ڪامياب واردات ڪري
سون جا مڻ کڻي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. باحفاظت مال
سميت جبلن واري شينهن علائقي ۾ پيهي ويا.
مندر کي لٽڻ مهل ڪنهن به مذهب سان نفرت مقصد نه
هو. نه ئي ڪو مذهب وارو تعصب جبل جو نِيَمُ هو،
اها ڳالهه قطعي نه هئي. پنهنجي علائقي کان پري وڏي
ڌاڙي جي ۽ گهڻي کان گهڻو مال حاصل ڪرڻ جي ۽ اهو به
گهڻي کان گهڻي خطري اندر. اهو ڪوهستان جي قدرن جي
عين مطابق هو ته جيترو به غير علائقي مان وڏو ۽
ڪامياب ڌاڙو هڻي ايندو، اهو اوترو ئي مانُ ۽ عزت
پنهنجي علائقي ۾ ماڻيندو.
باقي پنهنجي علائقي ۾ جنهن به اهڙي حرڪت ڪئي اهو
ٿڪيارو ٿيندو.
سناسي خان بڪڪ جو ’سورت‘ واري مندر لٽڻ واري واقعي
کي جبل ۾ محمود غزنوي جو سومناٿ مندر لٽڻ واري
واقعي سان تشبيهه ڏني ويندي هئي.
سناسي خان بڪڪ ۾ هڪ اهو به حيران ڪندڙ ڳڻ هو ته
هو، ڪنهن مظلوم جي دانهن تي ڪيڏي به وڏي ظالم سان
ٽڪرائجي ويندو هو.
ڪوهستان ۾ جبل جي ايراضي وڏي ۽ ماڻهن جي آبادي گهٽ
آهي، جيڪا پڻ ڇڙو ڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان پري پري رهيل.
پر سناسي خان بڪڪ پنهنجي براق گهوڙي تي چڙهي
پنهنجي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. ايتريقدر
جو ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ڪي سندس ذات ڀائي (بڪڪ) غريب
لڏي جبل مان ڪنهن سائي سبز مقام ٺٽي، سجاول يا دڙي
واري پاسي ۾ وڃي وانڍا ٿيندا هئا ته، انهن جي سار
سنڀال لهڻ لاءِ اوڏانهن به ويندو هو.
هڪ ڀيري ائين ئي سار سنڀال لهڻ لاءِ هو دڙي ۾ آيو
جتي ڪي غريب بڪڪ وانڍا ٿي آيا هئا. اهي کيس ڏسي
خوشي ۽ فخر مان ٽڙي پيا ته هيڏي بهادر ۽ خوبصورت
نوجوان جا اسين به ذات ڀائي آهيون.
سناسي خان بڪڪ جو خبرون چارون وٺڻ جو انوکو نمونو
هوندو هو. هو ڪنهن هڪ هنڌ يا ڪنهن اوطاق وغيره ۾
ويهي خبرون ڏيندو ۽ وٺندو نه هو. بلڪ هو هڪ هڪ گهر
۾ وڃي خبرون چارون ڏيندو ۽ وٺندو هو. ائين کيس
اگهي، سگهي، اڀري سڀري، غريب ۽ اڻ پهچ جي خبر پئجي
ويندي هئي. ائين ئي خبرون چارون وٺندي جڏهن هو هڪ
گهر ۾ آيو ته ان گهر جو ڌڻي هڪ وڏي عمر جو ڪمزور ۽
غريب ماڻهو هو. سناسي خان بڪڪ وٽس ويهي رهيو. حال
احوال وٺڻ لڳو ته، ”جبل کي ڇڏي اچڻ کان پوءِ جا
ڪهڙا حال آهن؟“ ته پوڙهي جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽
سندس هيڻن حالتن وارا پٽ به لڙڪ لاڙڻ لڳا. سناسي
خان بڪڪ سندن لڙڪ ڏسي حيران ٿي ويو!
جبل جو ڪيڏو به ڏکيو بکيو مرد هجي پر روئندو ناهي.
سناسي خان هڪدم پوڙهي جي ڪلهي تي آٿت جو هٿ رکي
چيو، ”چاچا، مون کي سچي ڳالهه ٻڌاءِ ته توسان
ڇاٿيو آهي؟
”ابا، جيڪو ماڳ کان ٿڙندو آهي اهو هيڻو هوندو
آهي!“ ايترو چئي پوڙهو سڏڪڻ لڳو ته، سناسي خان بڪڪ
اتاولو ٿي چيو، ”چاچا مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته
هتي توسان ڇا ٿيو آهي؟“ پوڙهو هڪدم ڇلڪي پيو،
”ابا، اسين بي پهچ هيڻا ماڻهو....“ وري پوڙهو روئڻ
لڳو ته سناسي خان بڪڪ جي نرڙ جون رڳون تاڻجي ويون
۽ هن پوڙهي کي دلاسو ڏئي چيو، ”چاچا، تون بي پهچ،
هيڻو ۽ بيوس ناهين. بس مون کي سڄي ڳالهه ٻڌاءِ.“
پوڙهي کي سندس ڏنل دلاسو اندر تائين همٿون ڏئي
ويو. هن چيو، ”ابا، اسين هتي وانڍا (مال جي گاهه
پاڻيءَ خاطر پنهنجو علائقو ڇڏي ٻي پاسي رهيل)
آهيون، هتي نڪو اسان جون زمينون نڪو پَٽَ- مال
سانگي آيا آهيون. نڪو ڪنهن کي ستايون نڪو تنگ
ڪريون. اسين ته ڪنهن جي ٻاڙي پاڻيءَ جي به اوڏا
ڪونه وڃون. پنهنجي ٻچن ۽ مال کي واڙ هڻي مُرُڪُٽُ
(منهن مونن ۾ هڻي) ڪريو پيا آهيون..... پرائو هنڌ
آهي مُئي ساهه ٿا کڻون، پوءِ به هتي جا وڏيرا ۽
زميندار اسان کي نه ٿا سهن!!“
سناسي خان بڪڪ جا ڀرون ڪاوڙ مان مٿي ٿي ويا، ۽
سندس عقاب جهڙيون تيز تکيون اکيون ٽانڊن جيان جرڪي
پيون. ”ڪيئن نٿا سهن؟ ڇا ٿا چون؟ اوهين ته ڪنهن جي
به زمين تي رهيل ناهيو. هي ته جهنگ آهي. جيڪو
سرڪار جو آهي؟“ پوڙهي انهرو ٿي چيو، ”ابا، اهي
سرڪار به ته پاڻ آهن نه...“ سناسي خان تکو ٿي چيو،
”نه چاچا، اهي سرڪار ناهن، هاڻي ٻڌاءِ ماجرا ڪهڙي
آهي؟“ پوڙهي جا لڙڪ وري ڇلڪڻ لڳا، ”ابا، وڏيرن جا
نوجوان پٽ ڳاڙها ريشمي رومال ڪنڌن ۾ وجهي، گهوڙن
تي چڙهي اچي اسان جي واڙن ۽ لوڙهن مٿان بيهي هل
هڪلون ڪندا ڳالهائيندا، اسان جي ڀونگن ڏانهن
اَوڪاسي (ڪنڌ مٿي کڻي) نهاريندا ٽهڪ ڏيندا رهن ٿا.
اها روز جي ڳالهه آهي. اسين ڪمزور ۽ هيڻا، بيعزتي
۽ بيغيرتي ته گهڻو ئي لڳي پر ڇا ڪريون وس ئي
ڪونهي. ڇوڪرا گهڻيون ئي اُپَڪون (اڇلون) ڏئي اٿن.
پر آئون کين جهليان ته مارجي ويندا. هڪ ڏينهن آئون
لوڙهي کان ٻاهر ويٺو هئس ته هي پيادل ٽهڪ ڏيندا
ٺٺوليون ڪندا پي آيا. مون کي دڙڪو ڏئي چيائون،
”اڙي کوڳ، ڪهڙا پيو نظارا ڪرين. اندر ڇو نٿو
وهين؟“ چيم، ”ابا، نظارا ڪهڙا. واسري تي ويٺو
آهيان، پنهنجي ئي واڙ جي اڳيان،“ مون بس رڳو ايترو
چيو، منهنجي ايتري چوڻ تي انهن نڪا ڪئي هم نڪاتم.
اچي مون کي لتن ۽ چماٽن سان ورايائون.....“ ائين
چئي پوڙهو ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو. سناسي خان جو
خوبصورت گلابي چهرو ڪاوڙ مان ڳاڙهو رت ٿي ويو.
هڪدم ٽپ (ٽپو) ڏئي اٿيو ۽ پوڙهي کان پڇيائين، ”تون
انهن کي سڃاڻين ٿو؟“ پوڙهي ورندي ڏني، ”ها، آئون
کين سڃاڻا ٿو، ٻه وڏيري جا پٽ هئا ۽ ٻيا سندن مائٽ
۽ دوست آهن. وڏيرو پاڻ به گهڻو بڇڙو ۽ ظالم آهي
آئون جڏهن کيس اها دانهن ڏيڻ ويس ته ان وري ٻيڻو
بيعزت ڪيو ، سناسي خان بڪڪ انهيءَ مهل وڏيري سان
ڳالهائڻ لاءِ پوڙهي جي پٽ کي ساڻ وٺي سندس اوطاق
تي پهتو ته، وڏيرو پاڻ وڏي ٺاٺ سان ڇپر کٽ تي ويٺو
هو، ۽ ٻيا سندس ڪارندا هيٺ پٽ تي ويٺل هئا. سناسي
خان بنا ڪنهن سلام جي اندر اوطاق ۾ گهڙيو ته،
وڏيرو هن ارڏي خوبصورت جوان کي ڏسي ٿورو هٻڪيو. پر
وري ساڳئي وڏيرڪي ٽٽ ٻٽاڪ مان هيٺ پٽ ڏانهن اشارو
ڪري چيائين، ”اچو، اچو، ويهو.“ سناسي خان بڪڪ بنا
ڪنهن ورندي ڏيڻ جي بيپرواهيءَ مان وٽس اچي چيو،
تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“ |