اها آهي ڪوهستاني ماڻهو جي خود داري ۽ انا جو
خوبصورت مثال. جڏهن ته هن کان اڳ هڪ اهڙي ئي نوعيت
جي موسيقيءَ جي ڪانفرنس ۾ صدر ايوب ساڳيو ئي سوال
هڪ پشتو ڳائڻي کان ڪيو هو ته، ان فنڪار صدر کي عرض
ڪيو هو، ’منهنجي ٻچن کي پڙهائي لاءِ آمريڪا اماڻيو
وڃي ۽ مون کي ايتري زرعي زمين ڏني وڃي جو منهنجون
ست پيڙهيون ويهي کائين.‘ ۽ واقعي ٿيو به ائين جو
ان فنڪار جون اڄ به ست پيڙهيون گهر ويهي کائي
رهيون آهن.“
ساڳئي ئي انٽرويو ۾ استاد محمد جمن، ماڪا صاحب کي
پنهنجي خراب صحت ۽ معاشي بدحاليءَ جي حوالي سان
ٻُڌايو، ”جيڪڏهن آئون ههڙين حالتن ۾ مري وڃان ته
منهنجي موت جو ڪارڻ، ريڊيو پاڪستان جي ان ڪم ظرف،
ساڙيل ۽ متعصب اڳوڻي ميوزڪ پروڊيوسر کي ڄاڻايو
وڃي، جنهن مون سان ڏاڍيون بي واجبيون ڪيون.“
گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وجهن نه پاڻ
تن آيل آديسين جي، رُئان ڪاڻ رهاڻ
هت نه پسجن هاڻ، ويا ويراڳي نڪري.
استاد جا شاگرد ته ڪيئي هوندا/ آهن. پر سندس موڀي
پٽ شفيع جمن جهڙس ئي ساماڻو هو. ساڳيو آواز، ساڳيو
انداز، ساڳي ڄاڻ، ساڳي سرهاڻ، ساڳي ڏات ۽ ساڳي لات
هئي. ائين ئي سڄيون راتيون اڪيلو ڳائي، سج
اڀاريندو هو ۽ ائين ئي ماڻهن کي ساڪت وهاري صبح
ڪندو هو.
شاهه نورانيءَ جي ميلي ۾ جڏهن شفيع جمن محفل مچائي
ته، پِڙَ جا مور ٽهوڪا ڏئي نچڻ لڳا هئا. وڏو خليفو
حاجي خان محمد جيڪو راڳ جي محفلن ۾ گهٽ وهندو هو.
اهو به پنهنجي آرام گاهه ۾ آرام ڪري نه سگهيو ۽
ٻاهر نڪري روئندو اچي محفل ۾ ويٺو. چيائين، ”جمن
جي پٽ شفيع اسان کي گهر ۾ وهڻ نه ڏنو.“ ۽ پوءِ سڄي
رات ويٺو رهيو. ۽ راڳ ٻڌندو روئندو رهيو.
عام چوڻي آهي ته، وڏي ڇانوَ واري درخت جي هيٺان
ننڍا ٻوٽا نسري نه سگهندا آهن. پر استاد محمد جمن
جهڙي شاهه درخت جي ڇانوَ هيٺان سندس غير معمولي پٽ
شفيع جمن نسري نروار ٿيو هو ۽ ايڏي وڏي موسيقار
پيءُ جي سوين هزارين ڪمپوز ڪيل ڌنن جي باوجود پاڻ
به پنهنجون ڌنون ڪمپوز ڪرڻ لڳو هو. سندس هڪ بيحد
نرالي ڌن، ’رسڻ نماڻيءَ سان جاني تو نه جڳاءِ...‘
ته صدين تائين هلندڙ ۽ نيون ڌنون ترتيب ڏيڻ جو سبب
بنجندي رهندي. پر افسوس جو استاد جو استاد پٽ
نوجوانيءَ ۾ ئي هليو ويو. ساڳي بيماري ۽ ساڳئي
ڏکين حالتن جي دز ۾ جواهر لَٽجي ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾، ڪر ڳل ڪين رئن
نه سي آديسي اَسُکا، جن سين مڙهيون سونهن
مڙهه پوريائون ماٺ تي، واڄٽ ڪين وڄن
ويا نانگا نڪري، پهر نه پوربين
ساريو سناسين کي، اولاڪا اچن
لاڄيئون لاهوتين، جوڙي ڏنيون جيءَ کي.
(شاهه رح)
هاڻي به هن جو ننڍو پٽ اويس جمن سٺو ٿو ڳائي.
سرپرستي هئڻ جي صورت ۾ استاد محمد جمن جو سِڪون
لاهيندو. اويس جمن استاد جو حلالي پٽ آهي. شڪل،
آواز ۽ انداز ساڳيا استاد محمد جمن وارا. پنهنجي
ئي مٿي کٿي پيو جاکوڙي. سنڌي موسيقيءَ جا وارث
الائي ڪٿي آهن؟ ڀرجهلا ئي نه ٿا ٿين اويس جا.
ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي ته، پيءُ ۽
ماءُ هر ڪنهن کي پيارا هوندا آهن. پر ائين به آهي
ته ڪو اولاد سلڇڻو هوندو آهي ته ڪو ڪلڇڻو. ڪو
سڌاتورو هوندو آهي ته ڪو ڪڌاتورو. پوءِ به مائٽن
جي عزت احترام، سانڍ سنڀال، خيال ۽ ذميداري اولاد
کي ئي قبول ڪرڻي پوندي/ ڪرڻ کپي.
استاد محمد جمن ته هڪ فنڪار هو. حساس، مخلص ۽ دل
جو ڪونئرو. ماءُ ته سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي
هئي. جڏهن ته سندس پيءُ حاجي آمن وڏي ڄمار ماڻي
جيڪا سڄي عزت ڀري ۽ صحت منديءَ واري هئي. حاجي
آمن، کل مک ۽ همدرد انسان هو. استاد محمد جمن کي
خوش مزاجي ۽ خوش گفتاري پيءُ کان ملي هئي. کل ڀوڳ
۽ مزاج ۾ استاد محمد جمن سڄو پنهنجي پيءُ جهڙو هو.
هن کي پنهنجي پيءُ سان عشق هوندو هو. زندگيءَ جي
پڇاڙڪن لمحن ۾ جڏهن حاجي آمن بيمار ٿيو ته استاد
جمن سندس خدمت ۾ وسان نه گهٽايو. جڏهن حاجي آمن
وفات ڪئي (وفات حاجي آمن 21 فيبروري 1971ع) ته
سندس قبر گهر جي ڀر ۾ بنائي، ڏينهن رات اتي ئي
ويٺو هوندو هو. تڏهن سندس هڪ نئون ڪلام رڪارڊ ٿيو
هو، ’مون ڪڍيا جنهن لئه ڪشالا يارسو ويندو رهيو.‘
جيڪو ريڊيو حيدرآباد تان سندس والد جي وفات جي
حوالي سان رپيٽ ٿيندو رهيو هو.
پنهنجي والد جي ورسي هو هر سال نهايت اهتمام سان
ملهائيندو هو، جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا استاد ۽ گائڪ
شريڪ ٿيندا هئا. وڏيون محلفون ٿينديون هيون، ۽ عام
لنگر ٿيندو هو.
پاڻ لاءِ اها وصعيت ڪئي هئائين ته ’وفات کان پوءِ
مون کي پيءُ جي ڀر ۾ دفن ڪجو.‘ جيڪا سندس لائق پٽ
شفيع جمن پوري ڪئي. جيڪو پڻ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي
جون ورسيون وڏي شان ۽ اهتمام سان ملهائيندو هو.
اهو سلسلو شفيع جمن جي وفات (29- آگسٽ 2002ع) کان
پوءِ بند ٿي ويو آهي.
استاد محمد جمن کي آخر ۾ جڏهن بيماريءَ نِزِيگُ
(جسماني طور ڪمزور) ڪيو هو تڏهن به کيس ڪا خطرناڪ
بيماري نه هئي. کيس شگر جو مسئلو هو جيڪو اڄوڪي
وقت ۾ ڪو مسئلو ئي ناهي، انسولين ۽ گوريون سڀ ڪجهه
ڪنٽرول ڪري وڃن ٿيون. پر کيس اَپڇائيءَ واري
هيڻائيءَ نهوڙي ڇڏيو هو. يعني، ’مارن مُنجهه مياس،
ماڙين ماريس ڪين ڪي.‘
شگر جي ڪري سندس اکين تي اثر ٿي پيو هو ۽ هن ڳائڻ
تقريباً بند ڪري ڇڏيو هو. ريڊيو حيدرآباد تي شاعر
۽ نثر نويس نصير مرزا پروڊيوسر ٿي آيو هو، جنهن
مون کان منهنجا ڪي غزل ڳارائڻ لاءِ گهريا ۽ پڻ
منهنجي پسند جا ڳائڻا نمبر وار هڪ، ٻه، ٽي گهريا
ته پهريون ڪير، ٻيو ڪير ۽ ٽيون ڪير؟ مون کيس
پنهنجا غزل موڪليندي جواب ۾ لکيو هو، ’پهريون
نمبر استاد محمد جمن، ٻيو نمبر استاد محمد جمن ۽
ٽيون نمبر استاد محمد جمن.‘ تڏهن استاد جمن بيمار
۽ نور کان لاچار هو. هاڻي ويچارو (پيارو ڀاءُ)
نصير ڪري به ته ڇا؟ حيرت جي ڳالهه اها ته ايڏي وڏي
شاهه استاد وٽ تڏهن پنهنجي عينڪ به نه هئي. سو
نصير ڇاڪيو جو پٽي سٽي، خانا ڦلهوري شيخ ابراهيم
جي هڪڙي پراڻي بغير ڪمانين واري عينڪ کڻي، ان ۾
سڳا ڌاڳا ٻڌي استاد محمد جمن جي ڪنن تي سَڪُ
بيهاري هن کان منهنجو غزل،
چنگ ڀلا هي چوريو ڪنهن
حال اسان سان اوريو ڪنهن
لفظ منگهاڻي ٿي پيا سڏڪا
سور پراڻو سوريو ڪنهن
ڳارائي منهنجي دلي خواهش پوري ڪئي هئي (ٿورا ڀاءُ
نصير مرزا صاحب).
استاد محمد جمن پنهنجي آفاقي آواز ۾ پنهنجي ئي
ڪمپوز ڪيل الهامي ڌن ۾، منهنجو غزل ڳائي مون کي
عرشن تي پهچائي ڇڏيو هو.
مٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار
ته واريون واريون وڍيان، سسيءَ کي سؤ وار
ته پڻ تند تنوار، تنهنجي مٿاهين مڱڻا.
(شاهه رح)
اهو ئي منهنجو غزل استاد محمد جمن جي زندگيءَ جو
آخري رڪارڊ آهي.
چارڻ چنگ ٻنگ لهي، وڄايو وڏاڻ
سِر تان هڏ آسان، پر مڱڻهار مٿي وهي.
(شاهه رح)
مهان ڪلاڪار جا ڳڻ پچارڻ لاءِ ڄمارون گهرجن. جنهن
کان هو بي پرواهه هو. پنهنجي ئي دنيا ۾ مست الست،
خوش ۽ سُکي هو.
ساڳين پورن، رمزن، غيرتن ۽ خوددارين ۾ ڪوهستان جو
هي لاڏلو پٽ، پنهنجي غريباڻي گهر ۾ 27- جنوري
1990ع تي ابدي ننڊ سمهي پيو.
اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک
آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
(شاهه رح)
هڪ متنازعه ڪردار
دادلي گڊي
ماحول ۽ تربيت ماڻهو ته ڇا پر جانور ۽ پکيءَ جي
فطرت ئي بدلائي ڇڏي ٿي.
اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون ته گهڻيون ٻڌيون ۽
پڙهيون آهن. پر اکين سان ڏٺل منظر وڌيڪ متاثر ۽
حيران ڪن ٿا.
منهنجو ماروٽ اختر بڪڪ جيڪو پاڻ به جانور ۽ پکي
پالڻ جو شوقين آهي. وٽس ڳالهائيندڙ مٺو به آهن جن
کي هو ڳالهائڻ سيکاريندو آهي، جن جو آواز ٻڌي
الاهي خوشي ۽ حيرت ٿيندي آهي. هُو ملڻ سان سلام
ڪندا آهن. ماڻهن جا نقل ڪندا آهن ۽ جانورن، ٻلن ۽
ڪتن جا آواز پڻ هوبهو ڪندا آهن. اهي نهايت پياريون
۽ سريليون سيٽيون وڄائيندا آهن ته دل وندري پوندي
آهي.
اختر ڳالهه ڪئي ته، ”آئون ڪنهن اهڙي جاءِ تان
گذريس جتي گاريال ماڻهو رهندا آهن. مون ڏٺو ته اتي
هڪ پڃري ۾ هڪ خوبصورت مٺو هو. مٺو ته هونئن به
منهنجي ڪمزوري آهن، سو آئون مٺو کي ڏسي خوش ٿي
بيهي رهيس. ڏسڻ شرط مٺوءَ ايڏي ته ڪچي گار مون کي
ڏني جو آئون کلي کلي کَيرَو ٿي پيس.“ جڏهن اختر
اها گار مٺوءَ جي آواز ۾ ٻڌائي ته سڀ ڏاڍو کليا.
اهوئي گاريال گهراڻو آهي دادلي گڊيءَ جو، جتي پکي
پکڻ به سندن ٻولي ڳالهائيندا آهن.
دادليءَ جو جنم اتي ٿيو جتي ڇوڪري مادر پدر آزاد
هوندي آهي. ڪهڙو حياءُ، ڪهڙو شرم، جيڪو دل کي وڻيو
اهو ئي عمل ڪبو. جيڪا ڳالهه وات مان جيئن نڪري،
جهڙي صورت ۾ نڪري ڀلي نڪري وڃي. ڀلا ڪو گار ڏيڻ
سان يا اگهاڙو اکر وات مان ڪڍڻ سان وات ڏکندو يا
سور ڪندو ڇا؟ يا ڪو وات مان اڀرو لفظ ڪڍڻ لاءِ
پيسو ڏوڪڙ خرچ ٿيندو ڇا؟
جيڏيءَ مهل دل چاهي، جيڏي به وڃڻ لاءِ روح چوي هلي
وڃ. شرط اهو ته گهر ضرور موٽي اچج. ٻي ڪابه روڪ
ٽوڪ ناهي.
نَڪا جَهل نَه پَلَ، نَڪَو رَائُر ڏَيهه ۾
آڻيو وِجهن آهُرَين، رَوڙِيَو رَتا گل
مَارُو پَاڻَ اَمُلَ، مَلِيرُون مَرَڪَڻَو.
(شاهه رح)
دادلي گڊي رنگ جي سانوري، قد جي بندري، جوانيءَ ۾
ضرور پرڪشش ۽ وڻندڙ هوندي. تڏهن ته مڙس سٺو مليو
هئس سٺي جو مطلب ته صورت شڪل جو ٺيڪ ۽ ڪجهه ڪجهه
ڏوڪڙ پيسي وارو به.... جيڪو ويچارو اڳ ئي گگدام هو
پوءِ ته صفا زال جو مڄو ٿي ويو.
مرضي رڳو پنهنجي هلائيندي هئي، جيئن وڻندو هئس
تيئن ڪندي هئي. ماڻهن اڳيان پنهنجي مڙس جي عزت
ڪندي هئي ۽ ”جيءُ ..جيءُ... ڌڻي ڌڻي.“ چوندي هيس.
اڪيلائيءَ ۾ ڪتن سان گڏ کارائيندي هيس.
ٿوريءَ ڳالهه تي به وٺي جو ڪنان ڪڍي (زور سان) ڪچي
گار ڏيندي هئي ته، اها گار سندس گهر کان پري رهيل
پنهنجن گهرن ۾ به چِٽي ٻڌي وٺن، جنهن جي کيس نڪا
ڦڪائي نڪو پڇتاءُ.
وات جي اهڙي ڇتي جو هيٺان هوندي به مٿائين جو ڏيک
ڏيندي هئي. گاريون اهڙيون ڪلاسيڪل ڏيندي هئي جو دل
چاهي ٿي ته لکجن پر، لکي نه ٿيون سگهجن نه ته
پڙهندڙ به ايڏو کلن جو زمين تي ڪِري ڦٿڙن.
منهن جي وري اهڙي پڪي ڀلي ڪو ثابتيءَ ۾ جهلي وٺيس،
پٺي ڇنڊي اٿڻ سان چوندي، ”اها ماڻهين..... هئي.“
ڪوهستان جي هيءَ مشهور چوڻي به ضرور دادليءَ جهڙين
جي ايجاد آهي ته، ڪنهن فاحشه کي ڪرت ۾ ڏسي ڪنهن
عورت چيس، ”هي ڇا.؟“ اٿندي چيائين، ”بيهه ته پُچَ
(ڪپڙا) پائي تو جيڏي ٿيان ٿي.“
دادليءَ کي ڪنواري به ڪاجهل پل نه هئي بس، ماڻس
باربار پڇندي هيس، ”مهينو اچئي ٿو؟“ پرڻجي ته
هيڪاري هور لهي ويس. ٻار جنهن مان به ڄڻي ٺوڪي مڙس
تي هڻندي. ۽ پاڻ ئي وات ڦاڙي ٽهڪ ڏئي چوندي، ”ائي،
ڏسو ته سهي خدا جي قدرت سڄو پيءُ جهڙو آهي.“ سندس
مڙس ٻار ۾ نهاري ڏند ٽيڙي پيو ٺرندو هو. جنهن جو
مهانڊو ذرو به پيءُ سان نه ٿي مليو.
سڄي جواني دمادم مست قلندر ڪري گذاريائين. گهمي
ڦري پاڻ به سُکي ٿي ته ٻين کي به سُکي ڪيائين، پاڻ
به سِکي ته ٻين کي به سيکاريائين.
اَڃا ڪَي آهين، جَيسَرَ مِيرياڻيون جڳَ ۾
نِيو لِڱُ لاَئِين، الله ڪَارڻ لَطيف چَئي.
اولاد به ڄڻيائين سي پرڻايائين به. پر ڪِرت ساڳيئي
سندس ڇورين جي به هئي. دادلي پاڻ تجربيڪار هئي.
پنهنجي ڌيئن کي گهڻو ئي جهليائين پليائين. پر انهن
جيڪو اکين سان ڏٺو هو رات ڏينهن، اهوئي ڪيائون،
ساڳئي ئي پَير تي هليون ساڳيو ئي هٽ کوليائون.
دادلي پاڻ وڏي فراخ دل مائي هئي. وٽس ذات پات ۽
مذهب جو مت ڀيد ڪونه هو. ”جيڪو آيو، سواگهيو“ جي
مصداق واڻئي يا مسلمان جي ڪِري ڪانه هيس. جيڪو به
سڻڀو ستابو هٿ آيس تنهن لاءِ، ست بسملاهيون. دل جا
سڀئي در کولي ڇڏيندي هئي.
هڪڙو سُوهڻو سکيو واڻيو سندس سُوهڻي ڀاڻيجيءَ تي
عاشق ٿي پيو. دادليءَ دير ئي نه ڪئي هڪدم طوهر
ڪرائي مسلمان ڪري، پنهنجي ڀاڻيجي پرڻائي کيس ڏئي
پاڻ وٽ ئي رهائي ڇڏيائين.
واڻئي ويچاري جي ڪهڙي مجال، هوءَ پنهنجي ڀاڻيجيءَ
کي پاڻ سان گڏ هلائيندي هئي.
پاڻ ته هاڻي جواني کائي پي ڪَرَٽَي ويٺي هئي. پوءِ
به وٽس عمر جي ڪا اهميت نه هئي. هر حال ۾ حاضر،
جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان....
وڻندن ته وڙڪندا، نه ته اڳين جو اختيار. پوءِ ڇاهي
ڀاڻيجي ۽ ڌيئرون ته هيون، گراهڪ خالي ته نه
موٽندو. ان وچ ۾ سندس مڙس مري ويو جنهن جو هاڻي ڪو
خاص مصرف به نه هو. اڳ به جڏهن گراهڪ ايندا هئا ته
جي مڙس ويٺل هوندو هئس ته، ان کي پري ڪنهن بازار
ڏانهن ڪنهن نه ڪنهن سودي سلف لاءِ موڪلي ڇڏيندي
هئي.
مڙس جي مرڻ جو مٿس ڪو فرق نه پيو. وري ان کي ئي
ٺوڪي پنهنجو مڙس مشهور ڪيائين جيڪو سندس دل گهريو
دوست هو. اهو مڙس جي هوندي سندس دين جو ڀاءُ هو.
دين جو ڀاءُ جڏهن مڙس ٿيس ته هڪ ٻه ننڍا ٻار، سندس
ئي قرار ڏئي ڇڏيائين جيڪي واقعي ئي هن جي مهانڊي
هئا. ڪنهن جو ڇا ٿي ويو؟ ٻارن جا بوجها نئين مڙس
کلي کنيا.
ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سڀ ممڪن آهي. حرام حلال جو ڪو
فرق ڪونهي. سڀ حلال آهي.
دادليءَ جي هڪ ڳالهه نهايت حيرت جهڙي ۽ بيحد اهم
هئي ته هوءَ پنهنجن مائٽن ۽ سڱيڻن سان ڀلي ڪيئن به
هجي، ڀلي ننهن ۾ ڀت رڌائي ڇڏي (چوڻي)، ڀلي گارين
سان ڇلي ڇڏين پر، غيرن سان ۽ اوڙي پاڙي سان ڪڏهن
به نه اٽڪي ۽ ڪو ٻاڙو ٻول نه ٻوليائين. پاڙي
سُرَهي هئي. سدائين مٺي. گهر ۾ ڪا خاص چيز رڌيندي
يا پچائيندي هئي يا ڪو نياز وغيره ڪندي هئي ته
سڀني کي ساري سنڀاري، گهر گهر ۾ پوشن ۾ ڍڪي
موڪليندي هئي. سندس رڌيل کاڌو ڏاڍو سوادي هوندو
هو. بلڪ هوءَ رڌپچاءَ جي ماهر هئي.
سندس مڙس هٽ کوليو ته اتي تريل مڇيون، بجا، پڪوڙا،
چڻا، ماڪ، باڪليٽ، مڱ، تِرن ۽ ڦُلن جون ڳڙ واريون
ٽڪيون، موهڻيون، بونديون سڀ پاڻ بنائيندي هئي. ۽
هٽ تي اهي رکندي ئي ختم ٿي وينديون هيون. جي ڪو
چوندو هئس ته تنهنجون بنايل چيزون سوادي آهن ته،
پوءِ هوءَ وات ڦاٽي ته هئي اهڙو مزي جو جواب ڏيندي
هئي جو وڃي ٿياخير. (لکجي ته سڀ کلو ها پر لکڻ
مناسب ڪونهي).
باقي جي مٺو ڳالهائيندي هئي ته دنگ هو. جهڙيس ڳولي
نه لڀي. ڪوجي سڏيندو هئس ته مرڪي چوندي، ”صدقو
وڃان،جي ابا کي چوان، گهوري آهيان تنهنجي ساهه
تان، اور گهور ٿيان تنهنجي جان تان.“
ٻي وڏي غير معمولي خوبي اها هيس جو هوءَ حد کان
وڌيڪ رحمدل هئي. ڪنهن جو به ڏک ڏسي نه سگهندي هئي،
جي ڪو مسافر هوندو ته کيس پنهنجي گهر ۾ آڻي
رهائيندي هئي. ڪو بيواهو لاوارث بيمار هوندو ته ان
کي سانڍي سنڀالي، علاج ڪرائي، اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جا
خرچ ڀريندي هئي. اسپتال ۾ داخل هوندو ته وٽس
راتيون ٽڪي اوجاڳا ڪري چڱو ڀلو ڪري پنهنجي گهر
آڻيندي هئي. پوءِ ان جي لاڙهي (مريض جو کاڌو)
پاڻيءَ جو وڏو خيال ڪندي هئي. دوائون وقت تي
پياريندي هئي.
ڪو بکيو، ڏکيو، لاوارث پوڙهو، ميرو مندو ڏسندي
هئي ته ان کي به گهر آڻي کارائي پياري، وهنجاري
تيل ڦڻيون ڪري، پنهنجي ئي گهر ۾ رهائي ڇڏيندي
هئي. اهڙا ننڌڻڪا ڪئي ماڻهو وٽس سالن جا سال رهيا
پيا هوندا هئا. اڪيلو مرد يا مائي غريب بيوارثي
ڏسندي ته اهو به سندس گهر ۾ رهيل هوندو.
پوڙهو/ پوڙهي، اڻ پهچ، غريب، ميرو، ڪنو، جڏو، اگهو
سڀني کي پنهنجي ئي گهر ۾ وهاري رڌي پچائي
کارائيندي هئي. ڪير جي پڇندو، ”اهي ڪير آهن؟“ ته
اکيون مٿي کڻي شاهد آڱر اڀ ڏانهن ڪري چوندي، ”هُن
جي مخلوق آهن اسان کي شل توفيق ڏي ته سندن خدمت
ڪريون.“ ايتري قدر جو غريب لاچار کدڙن کي به مٿي
تي شقفت جو هٿ رکي گهر آڻي رهائيندي هئي.
سندس ننڍڙي گهر ۾ ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هوندا،
هرڪو کائي پي ڀوڳ مشڪرا ڪندو، لاڳيون ڏيندو، ٽهڪ
جو ٺڪاءُ پيو پوندو. ڄڻ سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي
هجن، گڏ ڄاوا ۽ نپنيا هجن!!
اگها، سگها ٿي اٿندا ته مزدوري وغيره ڪرڻ نڪري
ويندا. موٽندا ته ڀرجي ترجي ايندا، ڪو اٽو اَن
پيو آڻيندو ته ڪو گوشت مڇي پيو آڻيندو. ڪو کير
دهي ته ڪو فروٽ مٺائي، ڪو ڦليون ڀڳڙا ته ڪو پان
سوپاريون، ڪو ٻيڙيون سگريٽ پيو آڻيندو، وڏي بستي
لڳي پئي هوندي هئي.
دادليءَ جو گهر عجيب دنيا بلڪ حيرت ناڪ ڪائنات هو.
پوءِ ته زمانو بدلجي ويو. سندس ڌيئون به اچي اڌڙوٽ
ٿيون. ڏوهٽيون ساماڻيون اهي وري اهڙيون سهڻيون جو
هرڪو پيو پنهنجا چپ چٽيندو هو. انهن وري جديد
زماني جو انداز کنيو ۽ نانيءَ جي ڪرت ’ڪال گرلز‘
جي روپ ۾ ادا ڪرڻ لڳيون، موبائل هٿن ۾. فيشن ايبل
ماڊل گرلز لڳنديون هيون. انهن جون نظرون هيٺ ڪنهن
تي به نه پونديون هيون. دوستيون ۽ ياريون سڀ ٽاپ
ڪلاس ماڻهن. سان تڪڙو ئي وڃي وڏيرن جا گهر
وسايائون ۽ ننڍڙن ڌپائي گهرن مان نڪري ڊفينس ۽
ڪلفٽن جي وڏن لگزري بنگلن ۾ رهائش پذير ٿيون. هاڻي
جڏهن سن گلاسز پائي پنهنجون گاڏيون پاڻ ڊرائيو ڪري
نانيءَ جي گهر اينديون آهن ته ڄڻ ڪنهن پرستان مان
پريون لٿيون هجن کين ڏسي سڀني جا وات ڦاٽي ويندا
آهن.
دادلي پاڻ ڪاري ڪوجهي سندس ڌيئرون به اهڙيون خاص
نه. پرڏوهٽيون حورن جهڙيون، اهي ’ڪراس بريڊ‘ جا
ڪمال ماڻهن کان ڳجها ڪين هئا.
ڏوهٽين دادليءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ چاهيو. پر
دادلي ته پنهنجي ئي دنيا ۾ مست مگن هئي اها ڪيئن
ٿي اهو سڀ ڇڏي سگهي.
پاڻ وڏي ٿي اگهامي ته واهه نه ته نوجوان ڇوڪرين جي
ڪراچيءَ ۾ ڪهڙي ڪمي. ذات ذات جون رنگ رنگيليون
ڇوريون ٽڪي ۾ ٽي.....
سندس ڪاروبار آڌيءَ کان پوءِ عروج تي هوندو هو.
سندس گهر نيپيئر روڊ جون سِڪون لاهيندو هو.
تِنِ جَيسَرَ مِيرَياڻِين جَسُ، جَي لله ڪارڻ
لَنڊِيون
هِتِ بِه رَهَين رَسُ، هُتُ بِه گَڏيون هَوتَ کي.
ڀر ۾ شريفن جو پاڙو هو جن کي ساڻس ڪا خاص شڪايت نه
هئي. ڇو جو سندس ڪاروباري سرگرمين جي وسعت سندس
گهر جي چؤديواري تائين محدود هئي.
هن ڪڏهن به اوڙي پاڙي جي ڪنهن نياڻي سياڻي کي ڪا
اهڙي مت ڏني نڪا صلاح. نڪو ڪنهن کي کاريائين نه
وري کيس اهڙي جرئت هئي، ڇو جو جن جي ڀر ۾ رهيل هئي
اهي ڏا ڍا ارڏا ۽ مضبوط ماڻهو هئا. هوءَ انهن جي
شڪر گذار هئي جو انهن کيس پاڙي ۾ رهڻ ڏنو هو. باقي
هوءَ انهن جون خوبصورت ڇوڪريون ڏسي ضرور سوچيندي ۽
دل ۾ ضرور ننديندي هوندي ته،
جَسُ تِنِ جَيسر ميرياڻين، جَي لله ڪارڻ لَنڊيون
ڪَبو ڪَوهُ سَتِين، جَي ڍَڪيو ڍَڪِين پَاڻ کي.
هاڻي ته هوءَ صفا پوڙهي ٿي وئي آهي. پر اڄ به وٽس
ميڙو متو پيو آهي. سندس ٽهڪن جا آواز ٻاهر به پيا
ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
هاڻي به هوءَ ايڏي خوش طبع ۽ خوش اخلاق آهي جو
سندس مائٽن ۾ يا سندس برادريءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن جي
ڪا شادي، مڱڻي يا ڪا به خوشيءَ جي تقريب هجي ته،
هوءَ ميندي ۽ محفلون پنهنجي گهر جي اڳيان شاميانه
لڳائي/ تنبو هڻي ڪندي آهي. اهڙين تقريبن ۾ وڏيون
محفلون، وڏا فنڪشنز، وڏا راڳ، وڏيون ڊانسون ۽ وڏا
سودا ٿيندا آهن. سڄي رات محفلن ۾ چرس، سگريٽ، پان،
ٻيڙي، ڳٽڪا، ۽ ڪُپين (ديسي شراب) ۽ ٺرن (ديسي
شراب) جي دٻ لڳي پئي هوندي. اهي محفلون ماين ۽
مردن جون گڏيل هونديون آهن، جنهن ۾ عشق جا اظهار
اڃا اُٽل (واڌو) هوندا آهن. ڪي لڪ لڪوٽيءَ ۾ ته ڪي
کلئي عام.
مايون، جيڪي سندس ڌيئون، ڀاڻيجيون ۽ ٻيون پاليل
هيون، اهي پان وات ۾ وجهي، سگريٽ چپن جي مٿن ۾
جهلي، سوٽا هڻي نڪ ۽ وات مان دونهان ڪڍنديون،
ريڪارڊنگ جيڪا لائوڊ اسپيڪرن تي فل واليوم ۾ هلي
رهي هوندي، ان تي هڪ ٻئي جي ريس ۾ وجد ۾ اچي ائين
نچنديون هيون، ڄڻ شڪاگو جي ڪنهن نائٽ ڪلب ۾
شيدياڻيون لاپرواهيءَ سان فن جو مظاهرو ڪري رهيون
هجن.
ميندين جا ٿال سجائجي دادليءَ جي گهر مان گهوٽ ۽
ڪنوار جي گهرن ڏانهن نڪرڻ مهل عورتن جا هار سينگار
به ڏسڻ وٽان هوندا هئا. دادليءَ جي ڀاڻيجي ڪاري
شيدڻ نمرا جڏهن ڪارا بخمل جا سونهري ستارن وارا
ڪپڙا پائي سگريٽ چپن ۾ اٽڪائي اکيون بند ڪري، سيان
چوڌريءَ جي مست پنجابي گاني تي نچندي هئي ته روڊن
تان گذرندڙ گاڏيون به بيهي رهنديون هيون. ڪڏهن ته
ماڻهو گاڏين مان لهي اچي نمرا جي مٿان گهورون
گهوريندا هئا ته ماين جي هوڪارن سان عرش ٻُري
ويندا هو.
هاڻي ته هوءَ صفا جهور ٿي وئي آهي. سندس ياد داشت
به هڪڙي ئي پٽ ۽ وڏي ڌيءَ جي مرڻ سان ختم ٿي وئي
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ويٺي ويٺي پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي
چوندي آهي، ”امان، هلو ته پنهنجي گهر هلون، پرائي
گهر ۾ رهندي به ڏس ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن؟.“
حالانڪه هو پنهنجي گهر ۾ ويٺل هوندي آهي. اهڙي حال
۾ به جي ڪو سندس حال پڇندو ته انتهائي پيار ۽ شفقت
مان چوندي، ”صدقو آهيان پنهنجي ٻچي تان، خوش
آهيان.“
هوءَ ڪيئن به آهي ڪهڙي به آهي پر جيئن به آهي جهڙي
به آهي، اهڙي ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
وٽس ڪا به رياڪاري، منافقت، مصلحت ۽ مفاد پرستي نه
هئي.
اسان کي مڃڻو پوندو ته هن پنهنجي چهري تي ڪوبه
دوکي ۽ دولاب جو کول نه چاڙهيو. جهڙو ڪردار هئس
اهڙوئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. کيس ڏسي مون کي هڪ فارسي
شعر ياد اچي ويندو آهي،
شيخ به زن فاحشه، گفت مستي
ڪز خيز گستي و به شر پيوستي
زن به گفت چنان ڪه مي نمايم هستم
تو نيز چنان ڪه مي نمائي هستي؟
(شيخ صاحب هڪ فاحشه عورت کي تنبيهه ڪئي ته، ’تو
مستيءَ ۾ اچي چڱائيءَ جو رستو ڇڏي بڇڙائيءَ جي واٽ
ورتي آهي.‘ عورت وراڻي ڏنس ته، ’آئون جهڙي آهيان.
تهڙو پئي پاڻ کي ظاهر ڪريان. پر تون ته ٻڌاءِ تون
جيڪو پاڻ کي پيو ظاهر ڪرين حقيقت ۾ اهڙو آهين
به.؟‘).
(ڪجهه مهينا ٿيا ته دادلي گڊي فوت ٿي چڪي آهي). |