دڪان تان سامان سڙهو آڻيندو ته اهو به ٿيلي وغيره
۾، نه پر پنهنجي پهراڻ جي جهولاڻ (دانوڻ) ۾ وجهي
آڻيندو هو. ماين جي اڳيان جهولاڻ جهلي چوندو،
”سامان کڻو“ مايون چونديون، ”هيٺ رک يا ٿانو ۾
وجهه.“ چوندو، ”هتان جهولاڻ مان کڻڻ ۾ ڇاهي؟ هتان
ڇو نه ٿيون کڻو؟ هتان کڻڻ ۾ موت ٿو اچيوَ؟“ مايون
ڦڪائيءَ مان وات تي هٿ يا چني رکي ’کي کي کي‘ ڪري
کلڻ لڳنديون هيون ته، هو لطيف سرڪار جي بيتن جون
قطارون لڳائي ڇڏيندو هو،
ڪَا جَا پَرِ پِرين، نَه سَا سُئي نَه ٻُڌِي
مَتيون سَڀُ مُنجهن، اَهڙي ڏِٺي قَيضي.
مايون ٽهڪ ڏئي کلنديون ته چوندو،
لَڏي آيا لاَلَ، پَيرَن سِين پَنڌ ڪَري
سَاجَنُ اکيون جي کڻي، تَه ڪَوڙين ڀَايان ڀَالَ
مُنهنجي نَاههِ مَجالَ، ته ڪَو وَيڻُ وَرائي
وَارِيان.
حاجي اسماعيل بنديجو ۽ سندس ڀاءُ گلو بنديجو ٻئي
لطيف رح جا عاشق، ڄاڻو ۽ حافظ هئا. ٻئي اڻ پڙهيل
بلڪ حرف شناس به نه هئا.
لطيف رح جو ڪلام انهن ڪيئن ٻڌو؟ ڪٿان ٻڌو؟ ڪنهن
ٻڌايو؟ ڪنهن سيکاريو؟ اهو سڀ اهڙو ئي ڳجهه آهي
جهڙو ڳجهو پاڻ لطيف رح آهي. اهو ڳجهه، اهو راز اها
پراسراريت جبل ۾ هڪ خوشبو، هڪ هڳاءَ جيان پکڙيل
آهي، ۽ صدين کان پئي مهڪي.
نَڪو ڊَيگُهه نَڪو وَيلُ، نَڪو مُنهن مُهاڙِ ڪا
اِي اُهو ئي کَيلُ، ڪَورُ پَرُوڙَي ڪِينَ ڪِي.
انهن ٻنهي ڀائرن کان پوءِ سندن وڏيرو غلام قادر
بنديجو، لطيفرح شناس
جي صورت ۾ سامهون آيو.
جنهن ۾ پنهنجي ٻنهي مائٽن جي سواءِ لطيف رح سان
عشق جي ٻي ڪابه مماثلت، هڪ جهڙائي ۽ مشترڪ ڳالهه
نه هئي.
وڏيرو غلام قادر بنديجو نهايت قابل، پڙهيل،
سنجيدهه ۽ معاملي فهم هو.
هو وڏيرو هو فيصلا به ڪندو هو جن مان ڪي سندس ڪيل
فيصلا نهايت انوکا، دلچسپ ۽ صلح ڀريا ڏاڍا مشهور ۽
مانائتا ٿيا. جن مان هڪ اهو ته جي ٻه ماڻهو پاڻ ۾
وڙهن يا گهر ۽ ٻه خاندان پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ته، انهن
وابسته ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن وچ جي پارٽي
بازي، گروپ بندي يا ڪنهن هڪ جي ٻَڌي ڪندي، ٻي ڌر
جي شادي يا غميءَ ۾ شرڪت نه ڪئي ته ان تي پنجاهه
هزار ڏنڊ پوندو هو ته، اهي ته پاڻ ۾ وڙهيل هئا
اوهين ڇو ڌُرِ بڻيا؟ اهو اهڙو فيصلو هو جنهن جي
ڪري ڪنهن به ڪنهن سان رت ڀت نه ڪڍيو، ۽ نه ئي ڪو
ڪنهن جي ڌر بنيو.
ٻيو سندس فيصلو اهو هو ته ڀلي ڪيڏو به وڏو جهڳڙو
ٿئي پر جيڪو به پهرين ڌڪ هڻندو ان تي پنجاهه هزار
ڏنڊ پوندو هو.
اهڙي صورت ۾ سندس راڄ (بنديجا) ۾ ڏاڍا دلچسپ واقعا
ٿيندا هئا. مثال، ڪي پاڻ ۾ وڙهندا هئا ۽ جي ڪنهن
ڌڪ هڻن لاءِ الير ڪئي ته اڳيون ڇاتي اڳيان ڪري
چوندو، ”هڻ، هڻ هڻي ته ڏس!“ ۽ الير ڪرڻ وارو
پنجاهه هزار ڏنڊ پوڻ جي خوف مان هٿ هيٺ ڪري ڇڏيندو
هو. ائين سندس راڄ ۾ جهڳڙا گهٽ ٿيندا هئا.
وڏيرو غلام قادر بنديجو هڪ نهايت اعليٰ منتظم پڻ
هو. ڪنهن به شادي وغيره جو هَشنگ (سڄي ذميداري) هٿ
۾ ڏنو ويندو هو ته، هو اها تقريب ٿوري خرچ ۾ ئي
نهايت شانائتي طريقي سان نباهي ڏيندو هو. باقي
گهڻي ۽ امونگڙي (بيحد گهڻي) خرچ سان ته هن اهڙيون
اهڙيون تقريبون ڪيون جو راڄن ۾ واهه واهه ٿي وئي.
اڄ به اهي تقريبون مثالي ليکيون وينديون آهن. جن ۾
اعلا ترين کاڌي پيتي کان علاوه مهمانن کي وهارڻ،
کارائڻ، بهترين ٿانون جي چونڊ ۽ هٿ وغيره ڌئارڻ جا
به لاجواب انتظام هوندا هئا.
پاڻ به هڪ زبردست بلڪ لاجواب بورچي هو. بورچين ۽
ديڳين جي نگراني ڪندي کيس ڏانءُ اچي ويو هو ۽ سندس
پار ڏيڻ ۽ بورچين کي سيکارڻ سان به کاڌا بي مثال
ٿي پوندا هئا.
باقي لطيف رح سان
عشق ته خانداني طور ڄڻ ورثي ۾ مليل هئس. جڏهن
منهنجي ڪتاب، ”ڇپر ڪين ڏي...“ (2002ع) جي ڇپجڻ جي
کيس خبر پئي تڏهن پاڻ سخت بيمار هو. منهنجي ادا
مولا بخش بڪڪ کي فون ڪري چيائين ته، ”آئون اوهان
وٽ اچڻ ٿو چاهيان.“ ادا کيس ڀليڪار ڏني ته، ”ڀلي
اچ پنهنجو ئي گهر اٿئي.“ جڏهن هو اسان جي اوطاق ۾
اچي ويٺو ته هو گهڻو بيمار پي لڳو. اڃا جيسين ادا
ڪجهه ڳالهائي ته پاڻ اڳ ئي ڳالهايائين ته، ”آئون
ڪتاب کي ڏسڻ آيو آهيان.“ ادا حيران ٿي چيس، ”اهو
اوهان فون تي به چئي پي سگهيا. ايڏي تڪليف ڇو
ڪيوَ؟“ پاڻ کلي چيائين، ”ڪتاب جو ديدار ڪرڻو هو.
ديدار ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ هلي اچڻو پوندو
آهي.“
ڪتاب، ’ڇپر ڪين ڏي.....‘ ڏسي ۽ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو
هو. وڃڻ مهل جڏهن ادا ڪتاب گفٽ ڪيس ته سندس لڙڪ
لڙي آيا هئا.
ادا ٻڌايو ته هو جيتري دير اوطاق ۾ ويٺو هو اهو
سمورو وقت هن رڳو لطيف رح تي
ڳالهايو ۽ بيت پڙهيائين.
وڏيرو غلام قادر بنديجو هڪ وضع دار ۽ جبل جي اعليٰ
روايتن جو پاسدار ماڻهو هو. پاڻ جبل جي هيرن،
موتين ۽ جواهرن ۾ هڪ سٺو داڻو ماڻهو هو. پاڻ تازو
ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو آهي.
ڪَاڇَي پئي ڪُوڪَ، سَچ ڪه سَنگهارن لَڏيو
مَادَرِ اَوءِ مَلُوڪَ، اُٺي وِيَڙا اُڪَرِي.
ها، ته اهو آهي جبل ۽ اهي آهن جبل جا لطيفي ڪردار.
حاجي اسماعيل بنديجو، گل محمد عرف گلو بنديجو ۽
وڏيرو غلام قادر بنديجو.
هڪ
ڄاتل سڃاتل ڏاهو ۽ پڙهيل ڪردار
الله بچايو يار محمد سمون (بهلول/ڇٽو)
ڪوهستان جي هيءَ واحد شخصيت آهي جنهن سڀ کان پهرين
ڪتاب ’سير ڪوهستان‘ (1942ع) لکي ڄڻ ته، ڪوهستان کي
هڪ معتبر سڃاڻپ ڏني.
هو پهريون ڪوهستاني ماڻهو هو جيڪو ڪوهستان جي
حوالي سان خاص طور ادبي حلقن ۾ سڃاتو ويو هو.
’سير ڪوهستان‘ ڪتاب تنهن دور ۾ ادبي دنيا ۾ ڄڻ
انقلاب آڻي ڇڏيو هو. سنڌ جو ماڻهو، خاص طور سنڌ جو
اديب ڪوهستان جي شاهوڪار ٻولي ۽ ڪلچر سان متعارف
ٿيو هو.
الله بچايو يار محمد سمون هڪ ذهين، مشفق، ڏاهو ۽
باغ بهار طبيعت جو باوقار انسان هو. پيشي جي
اعتبار سان هو استاد هو. سندس رهائش ڪراچي جي هڪ
ڳوٺ ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ هئي، جتي هو ڳوٺ جي
قديم (ڏيڍ سؤ سال پراڻي) درس گاهه، ’ابراهام ربين
بوائز اسڪول‘ ۾ هيڊ ماستر هو.
هُو هڪ لاجواب استاد هو. شاگردن کي پڙهائڻ ۽
ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سندس ڪو مثال نه هو. هُو هڪ سٺو
منتظم پڻ هو.
منهنجا چارئي ڀائر، قادر بخش بڪڪ (ٽرپل ايم.اي ۽
ايل.ايل.بي)، پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ (ماهر
پيٿا لاجسٽ)، محمد بخش بڪڪ (اليڪٽريڪل انجينئر) ۽
مولابخش بڪڪ (ايڊيشنل سيڪريٽري سنڌ حڪومت)، شاعر
اديب، شاهه رح جو
ڄاڻو، ۽ شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪندڙ)
سندس شاگرد رهيا آهن. انهن جي دلين ۾ الله بچائي
يار محمد سمي لاءِ لکين عزتون ۽ احترام آهن. جڏهن
وڏو ادا قادر بخش ڳوٺ جي اسڪول مان فارغ ٿي سنڌ
مدرسة الاسلام ۾ پڙهڻ ويو ته اسڪول جي پرنسپالن
بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ هو
اسڪول جي اڳوڻي پرنسپال سر وائنس جي زندگيءَ کان
گهڻو متاثر ٿيو، جيڪو شاگردن کي پنهنجي اولاد
وانگر سمجهندو هو، ۽ هر موسم ۾ سندن خيال رکندو
هو. سياري جي موسم ۾ هاسٽل ۾ رهيل شاگردن جي سار
سنڀال لهڻ لاءِ، هو آڌيءَ رات جو اٿي اچي انهن جي
مٿان چادرون، ڪمبل ۽ سوڙيون وغيره پائيندو هو.
الله بچايو يار محمد سمون پڻ ساڳئي طريقي سان
پنهنجن شاگردن سان، ۽ اسڪول جي ٻين استادن سان
گهڻو پيار ڪندو هو. سندس رويو ساڻن دوستن جهڙو
هوندو هو، جنهن جي ڪري ادا قادر بخش بڪڪ کيس
’سروائنس‘ جو خطاب ڏنو هو.
اهو دور 50-1945ع جو هو، جڏهن اڃا ڳوٺن ۾ تعليمي
شعور گهٽ هو، ۽ اسڪول ۾ حاضري به معمولي هوندي
هئي.
ڪراچيءَ جي اصلي رهاڪن جي مزاج کي آئون آسٽريليا
جي اصلي رهاڪن ’ايبوريجن‘ جي مزاج سان تشبيهه
ڏيندي آهيان. اصل لِکَ به نه لاهين. ساڳيا طور
طريقا، ساڳيا ئي نمونا. ساڳيو ئي وچون وچ رهڻ جو
انداز ۽ مزاج. جيئن ايبوريجن آسٽريليا جي مرڪز ۾
رهيل آهن، تيئن هي به ڪراچي شهر جي وچون وچ (مرڪزي
ضلعو) ۾ رهيل آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن اڃا تعليم جي
اهميت نه هئي، شاگردن کي پڙهائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ وڏي
ڳالهه هئي.
تڏهن (۽ هاڻ به) سنڌي ۽ ٻروچ غريب ۽ بيروزگار هئا.
اهي زندگيءَ جي هر سهوليت کان وانجهيل هئا. هُو
تڏهن به کين پڙهڻ لاءِ اتساهيندو ۽ حساب ۾ رکندو
هو.
پراڻي گوليمار مان ڪجهه خاصخيلي ۽ مڪراني ڇوڪرا
پڙهڻ ايندا هئا (تڏهن مڪراني به سنڌي پڙهندا هئا).
ان وقت نڪو اسڪول ۾ يونيفارم جو رواج هو نڪو جوتن
پائڻ جي پابندي هئي. جيڪو جيئن اچي بس اچي اسڪول ۾
پڙهي. انهن ڇوڪرن جي گهرن ۽ اسڪول جي وچ ۾ ڪو گٽر
هو يا ڇا. پر جڏهن به اهي ڇوڪرا اسڪول ۾ ايندا هئا
ته سندن پير گوڏن تائين گٽر جي ڪِن ڪچري سان ڀريل
هوندا هئا. اهو سندن روز جو معمول هو، جنهن تان
هُن ڪڏهن به کين نه ڪو روڪيو نڪو اعتراض ڪيو. ڄڻ
ته هو ان ۾ ئي خوش هو ته هو پڙهڻ اچن ٿا. پوءِ کين
ڌئاري ڪلاس ۾ وِهاري پڙهائيندو هو. ڪڏهن جي اهي
ڇوڪرا نه ايندا هئا ته هو پنهنجي باغ بهار ۽
ظريفاڻي مزاج موجب خوبصورت مرڪ سان سندن لاءِ
پڇندو هو ته، ”الائي ڇو، اڄ لانگ بوٽن وارا يار نه
آيا آهن شال خيريت سان هجن.“
لانگ بوٽ ان ڪري جو گٽر مان پير ۽ ٽنگون ائين ڀريل
هونديون هيون جو پري کان ائين لڳندو هو ڄڻ کين
لانگ بوٽ پاتل آهن. پوءِ ته سڀ ئي کين سندن
غيرموجودگيءَ ۾ ’لانگ بوٽن وارايار‘ چوندا هئا.
اهڙو ئي شاداب طبيعت جو ڌڻي هو ماستر الله بچايو
يارمحمد سمون. جيئن چئبو آهي بلڪ حقيقت آهي ته،
مڪمل رڳو الله تعاليٰ جي ذات مبارڪ آهي، ۽ جيڪا هر
خاميءَ کان عاري آهي. باقي بندو نامڪمل ۽ ناقص
آهي. ڀلي هو ڇا مان ڇا هجي پوءِ به ڪا ڪثر ۽ ڪاڻ
رهجيو وڃي. يعني ’مڪملتا‘ ماڻهوءَ جي ذات سان
منسوب نه ڪجي ته بهتر. ٻيءَ صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن
وقت، ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ ڪا اگهرائپ ظاهر ٿي،
مايوسيءَ جو سبب بنجي پوندي آهي.
جيئن هاڻي الله بچائي يار محمد سمي جي هڪ اگهرائپ
نما ڪامپليڪس ظاهر ٿي اسان کي مايوس ڪيو آهي. اهو
قومن ۽ ذاتين جي باري ۾ آهي.
سڀ کان پهرين سندس پنهنجي ذات يعني جند جان سان
وابسته
’ذات‘ جو ذڪر ڪبو. الله بچايو يار محمد سمون ذات
جو، ’ڇٽو‘ آهي. ’ڇٽا‘
برادري جي حساب سان وڏي برادري آهي جنهن جون شاخون
۽ نکون، توراڻي، بَهلول، گنجا، مارچا وغيره آهن.
ماستر صاحب پاڻ، ’ڇٽن‘، جي شاخ، ’بَهلول‘ سان تعلق
رکندڙ هو، جنهن پاڻ کي ’ڇٽو يا بهلول‘ سڏائڻ
بجاءِ، ’سمون‘ سڏايو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’ٻيلاين
جا ٻول‘ مطابق لس ٻيلي جون قديم سنڌي قومون’سما‘
ذات سان تعلق رکن ٿيون. شايد انهيءَ تعلق سبب هُن
پاڻ کي ’سمون‘ چوائڻ وڌيڪ پسند ڪيو.
جڏهن ته تحقيق ڪندي مون پنهنجي هڪ مقالي ’سخي ڄام
سپڙ ۽ چارڻن جون چلولايون‘ ۾ لس ٻيلي جي قديم سنڌي
قومن جو تعلق ’سومرن‘ سان ثابت ڪيو آهي. ان تحقيق
مطابق، ’بڪڪ‘ قوم سميت لس ٻيلي جي اڪثر قبيلن جو
تعلق سومرن سان آهي.
لس ٻيلي جي هڪ قديم سنڌي قوم ’موندرا‘ آهي، جيڪا
هاڻي تمام گهڻو تعليم يافتھ آهي. انهن وٽ هڪ ڀوڳ
نما ڳالهه مشهور آهي ته، ”جڏهن سمن کان شڪست کائي
هتي جبلن ۾ آيا هئاسين ته ڏاڍا ڊنل ۽ هيسيل
هئاسين. اسان پاڻ کي خوف مان ’سومرا‘ چوائڻ ڇڏي
ڏنو هو ته متان مارجي نه وڃون. جڏهن ته هئاسين
’سومرا‘ ئي، جيڪا ڳالهه لڪائڻ جي باوجود ذهن ۽
زبان تي ويٺل هئي. تنهن زماني ۾ جي ڪنهن اوپري
پڇيو ته ”اوهين ڪير آهيو؟“ ته اسان جي زبان مان،
”سو... سو... سو.... موندرا نڪري ويو. اسين
’سومرن‘ مان ’موندرا‘ ٿي وياسين.“
اها ڳالهه شايد ڀوڳ هجي پر هيءَ ڳالهه ڀوڳ ناهي ته
لسٻيلي جي قديم سنڌي قومن جي نسبت سمن سان نه پر
سومرن سان آهي.
لسٻيلي گزيٽيئر (1907ع) ۾ آهي ته، ”لسٻيلي جون
قديم سنڌي قومون سومرن جي نسل مان آهن جيڪي سمن جي
حڪمراني واري دور ۾ جڏهن شڪست کائي پوءِکين گهٽ
درجي جو سمجهي گهٽ درجي وارا توهين آميز ڪم وٺڻ
چاهيائون جيڪي ڪرڻ کان انهن انڪار ڪيو ۽ اُتان
ڌڪجندا پٺيان ٿيندا اچي جبلن ۾ پهتا.“
عام ڄاڻ موجب لس ٻيلي ۾ رهندڙ اڪثر قومن جو تعلق
سمان قبيلي سان هو، ان ڪري انهن پاڻ کي لس ٻيلي جي
قديم سنڌي قومن جي نسبت سان، ’سمون‘ سڏايو، جيڪا
هن پنهنجي اصل ذات ’ڇٽا‘ سان بي واجبي ڪئي. ان جو
هن کي اختيار به آهي ته هُو پاڻ کي ڪنهن به ذات
سان منسوب ڪري سگهي ٿو.
اصل بي واجبي هن ٻي ڪئي آهي جيڪا نهايت تڪليف
ڏيندڙ آهي، جيڪا ڪوهستان جي هڪ قديم سنڌي قوم
’بڪڪ‘ کي تاريخ جي ورقن تان ميسارڻ جي دانسته ڪوشش
ڪرڻ آهي.
’بڪڪ‘ قوم جيڪا اڄ به هڪ سگهاري حقيقت بنجي نه رڳو
ڪوهستان جي شينهن علائقن ۾ اُچي ڪَرَ سان رهيل
آهي. پر ڪوهستان جي دادلي انٽرنيشنل شهر ڪراچي جي
وچون وچ (مرڪزي ضلعي) ۾ اهم ترين علائقي ۾ پنهنجي
وسيع و عريض ڳوٺ ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ رهيل
آهي، جتي هُو صاحب پاڻ به رهندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾
ئي قائم قديمي درسگاهه، ’ابراهام ربين بوائز
اسڪول‘ ۾ هيڊماستر هو، جتي اڄ به سندس پٽ، پوٽا،
ڌيئرون ۽ ڏوهٽا رهن ٿا.
ڪتاب، ’سير ڪوهستان‘ جي باب، ’قومون ۽ رواج‘ صفحو
123 ۾ جتي ڪوهستان جو قومون ڳڻايون ويون آهن، اتي
هن ’بڪڪ‘ قوم کي نه ڳڻايو آهي. حيرت جي ڳالهه اها
آهي ته ’ڇٽا‘ ذات کي هن پهرئين نمبر تي ڳڻايو آهي.
حالانڪه هن پاڻ کي ’ڇٽو‘ذات سان منسوب ڪرڻ ڄڻ ته
عار سمجهيو. جڏهن ته سچ اهوئي آهي ته سندس تعلق،
’ڇٽو‘ ذات سان آهي، جنهن ڪري هُن ذاتين، ۾ ’ڇٽو‘
ذات کي اوّليت ۽ اهميت ڏني آهي.
سوال اهو آهي ته جي ’بڪڪ‘ ذات ڪوهستان ۾ ناهي ته
پوءِ ڪٿي آهي؟ انهيءَ سوال جي جواب جي اميد ان ڪري
به معدوم آهي جو ڪتاب ’سير ڪوهستان‘ جي فاضل مصنف
جي وفات کي 56 سال ٿي ويا آهن (وفات: ڊسمبر
1958ع). باخبر آهي سڀڪو ته، ’سچ‘ ڪڏهن به ختم نه
ٿيندو آهي. بيشڪ کيس هر دور ۾ موافق حالتون نه
ملنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو ڪوڙ جي اٿاريل ڌوڙ ۽
دونهين جي ڌڌڙ ۾ وڪوڙجي دونهاٽجي ويندو آهي. پر
وقت وري به سندس اجرو ۽ ملوڪ منهن سنواري پڌرو
ڪندو آهي.
ڪنهن به قوم جي باري ۾ ڪو به ماڻهو خراب رويو ۽
غلط پروپيگنڊا ڪري سگهي ٿو. پر وقت ان جي تصحيح
ڪندو آهي.
سگمنڊ فرائيڊ چيو آهي ته، ”سڀ کان وڏو فاتح وقت
آهي.“ واقعي به وقت وڏو فاتح آهي جنهن اڄ ’بڪڪ‘
قوم جي باري ۾ تصحيح ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.
’بڪڪ‘ قوم بابت ماڻهن وٽ گهٽ بلڪ اڻ هوند جيتري
معلومات آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هيءَ هڪ جابلو
قوم آهي. جن جي رهڻي ڪهڻي خوفناڪ جبلن ۾ آهي، ۽ جن
جا اصول عجب آهن ته، پرائي سک کان پنهنجو ڏک به
سٺو آهي. جنهن ڪري هو ڏکن، ڏڪارن ۾ به پنهنجا پڊ
نه ڇڏيندا آهن.
”بڪڪ“ قوم اصل ڪٿي جي آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب
مروجه تاريخن ۾ ڳولڻ به اجايو ٿيندو. هڪ ته اهي
تاريخون ويجهي ماضيءَ جون آهن. ٻيو وري انهن ۾ سچ
جو فقدان آهي.
جڏهن سنڌ ملڪ جي تاريخ اڻ لڀ آهي. اهڙيءَ صورت ۾
سنڌ ۾ وسندڙ قومن جي تاريخ ڪيئن ۽ ڪٿان لهبي؟ ان
جي باوجود قومون پنهنجو اصل ڳولڻ چاهينديون آهن، ۽
ان لاءِ سرگردان رهنديون آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
قومون جڏهن پنهنجو اصل ڳولي لهنديون آهن تڏهن ملڪ
جي تاريخ وسيع ٿيندي آهي.
’بڪڪ‘ قوم جي باري ۾ گهڻن ماڻهن رابطو ڪيو، ۽
معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اها ٺوس حالت ۾
يا هڪ هنڌ سهيڙيل نه هئڻ جي صورت ۾، کين مددگار نه
ٿي سگهي هئي.
انهيءَ دوران سوچون مسلسل حملا آور رهيون ته، ’ڇا
ڪنهن آسماني صحيفي جو انتظار آهي؟ جنهن ۾، ’بڪڪ‘
قوم بابت مڪمل تاريخ درج ٿيل هوندي؟ پڪ سان ڪو
آسماني صحيفو لهڻو نه هو. ماٺ کان بهتر آهي ته اها
ٽڙيل پکڙيل معلومات سهيڙجي ۽ ’بڪڪ‘ قوم جي تاريخ
مرتب ڪجي.
انهيءَ عزم کي ويتر تڏهن تقويت ملي جڏهن ڪتاب ’سير
ڪوهستان‘ ۾ ’بڪڪ‘ قوم ندارد هئي.
قومون پاڻ کي پاڻ جيارينديون آهن ۽ جيڪي قومون پاڻ
کي پاڻ جيارينديون آهن، انهن کي ختم ڪرڻ ۽ ميسارڻ
جي طاقت ۽ اختيار ڪنهن کي به نه هوندو آهي. هونئن
به ڪنهن جيئري ۽ سگهاري قوم کي تاريخ جي ورقن تان
نه ٿو ميساري سگهجي. اها به اهڙي قوم جنهن جي
تاريخ هزارين سالن تائين محيط هجي.
’بڪڪ‘ قوم، هزارين سال قديمي قوم آهي، جنهن جو ذڪر
هزارين سال اڳ جي پوٿين(Book
late) ۾
موجود آهي.
مثال لاءِ هزارين سال اڳ جي پوٿي، ’پرا ودا
نراَپيا‘ (تاريخ نائچ) ۾ آهي ته ، ’ڪاٺيا (سن آف
سندلي) جا پٽ، بڪڪ، واڍيلو، سيال، لنگڙيال، بڙيال،
سيلرو، ٻگهيو ۽ ڪي ٻيا هئا جيڪي هڪ ئي ماءُ ۽ پيءُ
جو اولاد آهن.
حضرت عيسيٰ عليه کان به اڳ جي هڪ پوٿي ’بروڪت
ڪُلانرآپيا‘ ۾ پڻ، ’بڪڪ‘ جو ذڪر آهي.
محمد صلاح الدين (سابق ڪشمنر سکر) جي ڪتاب
”پٽاليني، راوڙ ۽ پاليءَ“ ۾ جيڪا پراڻي زماني جي
تاريخ آهي، ان ۾، ’بڪڪ‘ قوم جو ذڪر آهي. مڪران
گزيٽيئر ۾، ’بڪڪ اسٽيٽ‘ جي باري ۾ اهڃاڻي ڏنل آهي.
لس ٻيلا گزيٽيئر (1907ع، مصنف سي.ايف. منچن) ۾ آهي
ته، ”ڍينگي کان دريجي تائين، ’بڪڪستان (Bikak
country)‘
آهي. بڪڪ قوم واحد آهي جنهن کي مصنف هن سرزمين جو
اولاد سڏيو آهي. اهي چون ٿا ته، ’اسين ٻئي ڪنهن به
هنڌان ناهيون آيا. اسين هن ئي زمين مان پيدا ٿيا
آهيون؟
محترم علي احمد بروهي پنهنجي هڪ ڪالم ”ڪوٽ قلعا ۽
مقبرا“ ۾ لکيو آهي ته، هنگلاچ ۾ ’بِڪڪ‘ قلعو آهي،
جنهن جي ڪري بِڪڪ قوم سڏجي ٿي.
جناب ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي جي ڪتاب ’حضرت سنڌ‘
۾ ’بڪڪ‘ قوم جو ذڪر آيل آهي.
’بڪڪ‘ قوم جي ٿورائي يا تعداد ۾ گهٽ هئڻ بابت قديم
تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ’بڪڪ‘ قوم،
بهادر، سگهاري، جنگ جو ۽ انصاف پسند قوم هئي، جنهن
ڪوڙ ۽ نا انصافيءَ خلاف هميشه جنگ ڪئي آهي. گهڻن
هنڌن تي، ’بڪڪ‘ قوم جون نشانيون، علائقا ۽ قبرستان
موجود آهن. پر پاڻ، ’بڪڪ‘ قوم نظر نه ٿي اچي/
ناموجود آهي.
حضرت شاهه بلاول نوراني (خضدار) جي آسي پاسي وارن
علائقن خاص ڪري،’ڪنگوري‘ (علائقي) جي پاسي، بڪڪن
جو هڪ غير معمولي قبرستان آهي، جتي تقريباً 360
قبرون آهن جيڪي سڀ هڪ جهڙيون ۽ هڪ ئي قسم جي پٿر
سان خوبصورت ٻڌل آهن.
برطانوي دور حڪومت ۾، انگريز انهيءَ قبرستان کان
ايڏو متاثر ٿيا جو انهن سڄي قبرستان کي، پٿر جي
خوبصورت ۽ پائدار چؤ ديواري لڳائي ڇڏي. (روايت،
محترم مرحوم حاجي خان محمد صاحب. خليفه درگاهه
حضرت شاهه نوراني).
بلوچستان ۾ وڍ (جهالاوان جو وچ) جي ويجهو هڪ
علائقو آهي، جنهن کي ’بڪڪي‘ سڏيو ويندو آهي جيڪو
قيمتي جبلن جو علائقو آهي. اتي مارٻل جون کاڻيون
آهن. ۽ لڪل معلومات موجب، ’بڪڪيءَ‘ واري علائقي ۾
هڪ جبل ۾ ’فيروزا‘ (پنا، بيحد قيمتي پٿر) هيري جي
برابري ڪندڙ پٿر جي کاڻ آهي. جتي پڻ بڪڪن جو وڏو
قبرستان آهي جتي هڪ جبل کي، ’بڪڪان دا لاڪارا‘
سڏيو ويندو آهي. |