سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:15 

حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي وڏيءَ گهر واري (سيٺ علي محمد خان بڪڪ جي ڀيڻ) جيڪا سندس ئي طبيعت جهڙي ۽ سندس ئي هم مزاج هئي تنهن کي سڏ ڪندي چيائين، ” آمنه، شنيءَ جي ڪاسار ته لهه، ڪو پاڻي ڪا ماني ته کارائينس.“ سندس گهر واري جيڪا پڻ مهمان کارائڻ ۽ فريادين جو فرياد ٻڌڻ جي رهيگ (عادي) هئي. اها مشڪندي آئي ۽ شنيءَ کي ڀليڪار ڏنائين ته شنيءَ چيو، مون کي نڪو پاڻي کپي نڪا ماني! مون سان انصاف ڪريو.“

حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي چيو، ”تون اسان جي گهر جي ماني پاڻي نه ٿي کائين پئين ته پوءِ تنهنجو فيصلو ڪيئن ڪنداسين؟“

شنيءَ معصوميت مان چيو، ”صبح کان وٺي گهٽڪو ڪونه کاڌو اٿم سو مٿي ۾ ڦيري اٿم. ڪجهه به وڻيئي نٿو.“ سڀني سمجهيو ته گهٽڪي جي نالي تي هوڪاوڙجي پوندو ڇو جو هو گهٽڪي جي سخت خلاف هو. پر هن شنيءَ ۾ نهاري مشڪي چيو، ”پوءِ کائين ڇو نه ٿي گهٽڪو؟“ شني چيو، ”پيسا آهن پر ڪير وٺي آڻي ڏي.“، حاجي مريد خان بڪڪ چيو، ”اڳي ڪير آڻي ڏيندو هو؟“ چيائين، ”اڳي آئون پاڻ ئي ڪبين (ڪيبن) تان وٺي ايندي آهيان.“ هُن چيو، ”هاڻي به پاڻ وٺي اچ“. شنيءَ معصوميت ۽ حيرانيءَ مان چيو، ”هاڻي ڪبين تي ڪيئن وڃان؟ منهنجو پيءُ، ڀائر ۽ ڏير واٽ تان ئي جهلي موچڙا ڏيندا ته تو طلاق جو نالو ڇو ورتو؟ ڇو جو آئون گهر مان ئي طلاق، طلاق ڪندي نڪتي آهيان.“

حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي پاڻ اٿيو، پٽڪو ٻڌي، پنهنجو چانديءَ جي مُٺِ وارو بانٺو هٿ ۾ کڻي چيائين، ”هل مون سان گڏ، ڏسان ٿو ته ڪهڙو ٿو مُتُبر (معتبر) اڳيان اچي ۽ توکي مارڏي.“ حالانڪه هو ڪنهن کان به سندس لاءِ گهٽڪو گهرائي سگهيو ٿي، پر اهي ئي ته سندس عجيب انداز هئا، جنهن جي ڪري هو نهايت مشهور ۽ معروف هو.

اهي ماڻهو سندس جي نالي واري ڳوٺ، ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ رهندا هئا ۽ هو انهن غريبن جو ساٿي ۽ محبوب هو.

هو اڳيان، شني پٺيان. جڏهن هو انهن جي گهرن وٽ پهتا ته پاڻ شنيءَ کي چيائين، ”تون وڃي گهٽڪو وٺي آءُ آئون هتي بيٺو آهيان.“ هوءَ هلي وئي ته پاڻ اُچي (بلند) آواز ۾ (سندس آواز ڳرو ۽ وڏو هوندو هو) هڪل ڪري مشڪندي چيائين، ”عبدو (شنيءَ جو پيءُ)، خيرو، ربو، گلو، نبو (شنيءَ جو مڙس، ڀاءُ ۽ ڏير) شني گهٽڪو وٺڻ پئي وڃي، جهلڻو اٿو ته ٻاهر نڪرو.“

حاجي مريد خان بڪڪ جو آواز ٻڌي اهي سڀ ئي مرد ۽ مايون ٻاهر نڪتا ۽ کلي ساڻس مليا. عام خير خيريت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته، حاجي مريد خان بڪڪ نهايت سنجيدگيءَ مان کين چيو، ”شنيءَ سان ٺهي هلو، نه ته سٺو نه ٿيندو. اڳ ئي اوهان ساڻس بيواجبي ڪئي آهي (مرگهيءَ جو مريض نوجوان ڇوڪريءَ کي مڙس ڏئي). هاڻي کيس وڌيڪ رنجايو ۽ ستايو نه نه ته جيئن هو چوي ٿي آئون کيس طلاق ڏياري ڇڏيندس.“

هو سڀيئي رنجيده ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري کيس ٻڌي رهيا هئا. ايتري ۾ شني گهٽڪا هٿن ۾ کنيو آئي ۽ حاجي مريد خان بڪڪ کيس پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر آيو.

هن ايندي ساڻ گهٽڪو کولي کاڌو، گهٽڪو کائي بس ڪيائين ته کيس ماني کارائي چانهه پياري پوءِ پڇيائين، “ربوءَ (شنيءَ جو مڙس) کان طلاق ته وٺين ٿي پوءِ ڇا ڪندينءَ؟ هونئن ته ربو توکي ڏي وٺي، کارائي پياري ٿو. سندس ماءُ جيڪا تنهنجي ماسي آهي، اها به تنهنجو خيال ڪندي آهي. ڏوڪڙ پيسو به ڏئي ٿي. پر جي تون ربوءَ کان طلاق وٺنديءَ ته پوءِ اهي توکي ته ڪونه سنڀاليندا. تنهنجو پيءُ ۽ ڀائر به ته توکي گهر ۾ ڪونه ڇڏيندا. پوءِ ڪيڏانهن ويندينءَ؟“

هو ساڻس برابريءَ واري نموني ڳالهائي رهيو هو. سڀ ئي گهر ڀاتي (حاجي مريد خان بڪڪ جي گهر جا ڀاتي سندس ٻار ۽ ڀائٽيا وغيره) مشڪي مشڪي دلچسپيءَ سان اهو ڪيس ٻڌي رهيا هئا. شنيءَ ڪو جواب نه ڏنو ته حاجي مريد خان بڪڪ جيڪو اهڙن فيصلن ڪرڻ جو ماهر هو تنهن مشڪي شنيءَ کي چيو، ” ڀلا  ڪو اک ٻک ۾ جهليو اٿئي ڇا؟“ ان تي سڀني ٽهڪ ڏنا ته شنيءَ به مشڪي چيو، ”ها“. ٽهڪ وڌيڪ وڏا اڀريا. حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي کل روڪي چيو، ”ڪير؟“ شنيءَ بنا ڪنهن خوف ۽ ڦڪائيءَ جي چيو، ”نوريءَ (سندس ڀائٽي) جو ڏير!“ پوءِ ته ٽهڪن جو طوفان کڙو ٿي ويو. جڏهن ماٺ ٿي ته حاجي مريد خان بڪڪ کيس چيو، ”ڀلاجي آئون هينئر ئي سڀني کي گهرائي توکي طلاق ڏياري ڇڏيندس ته پوءِ توکي ڪوبه گهر ۾ اندر گهڙڻ نه ڏيندو ۽ تنهنجو سامان به ڪو توکي کڻڻ نه ڏيندو. جيڪا به تنهنجي قيمتي چيز تنهنجي گهر ۾ رکيل آهي اها به توکي نه ڏيندا، پوءِ؟“ شنيءَ نهايت اطمينان سان چيو، ”اهو آئون سڀ کڻي آئي آهيان.“ سڀني حيرت مان کيس ڏٺو جنهن وٽ ڪابه چيز نه هئي.

حاجي مريد خان بڪڪ چيس، ”ڪهڙي قيمتي چيز يا سامان کڻي آئي آهين؟ نظر ته اچي ئي نه ٿو؟“ هن مشڪي پنهنجي کيسي مان ٻه ٽي سو روپيا ۽ هڪ فوٽو ڪڍي ڏيکاري چيو، ”هي ٽي سورو پيا ۽ هي رشيد (ڇورو جنهن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيائين) جو فوٽو .بس ٻيو ڪجهه به ڪونهي منهنجو گهر ۾.“

شنيءَ جي سادگي ۽ معصوميت تي سڀني مشڪيو ۽ سندس ڏک به ٿين. حاجي مريد خان بڪڪ کيس نهايت سنجيدگيءَ سان سمجهائي چيو، ”ٻڌ، تنهنجو ماسات ربو تنهنجي لاءِ سهي آهي. نه ڪو وڙهي ٿو، نڪو نشو ٿو ڪري، تون سڀني پنهنجن جي وچ ۾  ويٺي آهين، سڀاڻي جي اهو ڇورو جنهن سان تون شادي ڪرڻ چاهين ٿي ۽ جنهن کي آئون سڃاڻان ٿو ته اهو لوفر ۽ نشائي آهي. اهو توکي ٻه ٽي مهينا به نه رکندو. پوءِ تون ڪيڏانهن وينديءَ؟ هاڻي منهنجو  چيو ڪري تون پنهنجي گهر وڃ، اڃا تنهنجي شاديءَ کي به ٻه ٽي سال ٿيا آهن. اولاد ٿيندئي ته سڀ وسري ويندئي.“

شني سندس ڳالهائڻ تي يڪو ”ها“ ۾ مٿو ڌوڻيندي رهي. ۽ مشڪي سندس فيصلو مڃيائين. تڏهن حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي چيو، ”هاڻي اها پنهنجي قيمتي ملڪيت، ڇوري رشيد جو ڦوٽو منهنجي اڳيان ڦاڙي ڦٽو ڪر ته آئون به ڏسان ته تو منهنجو فيصلو دل سان قبول ڪيو آهي.“

شنيءَ هڪدم کيسي مان ڦوٽو ڪڍي سندس اڳيان ڦاڙي پرزا پرزا ڪري هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو، تڏهن حاجي مريد خان بڪڪ خوش ٿي سندس مٿي تي شفقت مان هٿ رکي چيو، ”شاباش...“ پوءِ سندس مائٽن ۽ ساهرن کي گهرائي، سمجهائي، دڙڪا ڏنا، ”هاڻي هن معصومڙي کي ڪابه تڪليف نه اچڻ گهرجي.“ سڀني سندس فيصلو مڃيو ۽ سڀ ئي خوش خوش شنيءَ کي ساڻ وٺي هليا ويا. پوءِ واقعي به هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش رهڻ لڳي ۽ کيس اولاد به ٿيو.

حاجي مريد خان بڪڪ جڏهن ٻاهر جبل ڏانهن فيصلن وغيره لاءِ ويندو هو ته ماڻهو کيس پنهنجن گهرن ۾ وٺي ويندا هئا. گهر ڇا، ڀونگا، جهوپڙيون اتي سندس لاءِ کٽون هنڌ وڇائجي ويندا هئا. وڏي عمر جون يا شادي واريون عورتون ته پنهنجن مردن سان گڏ اچي ساڻس کينڪا رينديون هيون. باقي نوجوان ڪنواريون ڇوڪريون جيڪي کيس پري کان ڏسي تجسس وچان ويجهو کان ڏسڻ چاهينديون هيون. پر جيئن ته جبل ۾ ڪنواري ڇوڪري سواءِ پنهنجي خاندان جي باقي ڪنهن به غير مرد جي منهن تي نه پوندي آهي/ سامهون نه ايندي آهي، اهي به حاجي مريد خان بڪڪ کي ڏسڻ لاءِ حيلا هلائينديون هيون.

هڪ ڏينهن هو اسان جي گهر آيو (هو منهنجي والد سيٺ علي محمد بڪڪ جي پڦي ڪميءَ (ڪمل) جو پٽ ۽ منهنجي والده حسن جان جيڪا سناسي خان بڪڪ ۽ صاحبڏني بڪڪ جي ڌيءَ آهي ان جو ماسات هو). اهڙي ويجهي سڱ هئڻ جي ڪري هو اڪثر اسان جي گهر ايندو هو، ۽ ڪن پيچيدهه فيصلن جي باري ۾ بابا سان صلاح مشورو پڻ ڪندو هو. ائين ئي هو اسان وٽ آيو هو، سندس ڳالهيون هونئن ئي دلچسپ ۽ وڻندڙ هونديون هيون، سو ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه ٻڌايائين ته، آئون ڪنهن فيصلي جي سلسلي ۾ پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر جبل ڏانهن ويو هئس. اتي اندر گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو منهنجي نظر ڀونگيءَ (گهر) جي هيٺئين پکي (ڏَرِي، پَتَرِ) تي پئي. ڏسان ته پکو مٿي کنيل آهي. ۽ نوجوان ڇوڪرين جا منهن قطار ۾ نظر آيا، جيئن ئي منهنجي نظر مٿن پئي ته انهن هڪدم پکي کي هيٺ ڇڏيو ۽ غائب ٿي ويون. مون کليو ته گهر ۾ ويٺل به سڀ کلي پيا. جن پڻ اهو منظر ڏٺو هو. چيائون ته، ”اسان جون نياڻيون به اوهان کي ڏسڻ چاهين ٿيون سو....“ مون کين چيو، ”اهي منهنجون به نياڻيون آهن ٻچا آهن. کين وٺي اچو“. هو اٿيا ۽ ڇوڪرين کي وٺي آيا جيڪي ڦڪيون ٿينديون وات تي پوتيون رکي اندر گهر ۾ آيون ۽ مون کي کيڪاري ويهي رهيون.“

حاجي مريد خان بڪڪ وٽ هر هڪ ماڻهو مانائتو هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو ”محبوب شاهه“ نالي مست هوندو هو. جيڪو رڳو وٽس اچي کاڌي جون فرمائشون ڪندو هو ته فلاڻي شيءَ به ڏي، فلاڻي شيءِ به ڏي. هو سندس سڀ فرمائشون پوريون ڪندو هو ۽ محبوب شاهه ڪڏهن کائيندو هو، ته ڪڏهن سڀ ڪجهه اڇلائي هليو ويندو هو. پر حاجي مريد خان بڪڪ جي رويي ۾ ڪو به فرق نه ايندو هو.

تيئن ٺٽي جو سائين گل حسن شاهه مست اوچتو سندس ڳوٺ ۾ وارد ٿيو ۽ اتي ئي رهجي ويو. سندس مائٽن کيس وڃايو هو جيڪي کيس ڳوليندا ڳوليندا ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ پهتا‘ پر هو ساڻن نه ويو. سندس ماءُ جيجي حليمان روئندي روئندي موٽي وئي. هو جيترا ڏينهن به رهي هئي حاجي مريد خان بڪڪ جي گهر ۾ رهي هئي، ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي وئي هئي. پٽ کان نامراد ٿي، جنهن کي حاجي مريد خان بڪڪ دلاسو ڏنو هو ته هي منهنجو گهر به اوهان جو آهي. جڏهن به اچڻ چاهيو اچي ٿا سگهو. باقي سائين هينئر اوهان سان هلڻ نه ٿو چاهي ته، آئون به زور زبردستيءَ سان کيس نه موڪليندس.“

پوءِ سائين گل حسن شاهه وٽس ئي رهڻ لڳو. سائين ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هو. کيس گهر جي ٻاهران وڏي وڻ جي هيٺيان کٽ، هنڌ، دلو ۽ گلاس رکي ڏنو هو. ماني رکي وڃبي هئي ته، کائيندو هو نه ته بس.... رڳو پيو هلندو ۽ چڪر پيو هڻندو هو.

تڏهن منهنجو ادا مولا بخش بڪڪ سنڌ مدرسةالاسلام ۾ پڙهندو هو. روز سائين گل حسن شاهه کيس ايندي ويندي ڏسندو هو. هڪ ڀيري ادا اسڪول کان گهر پي آيو ته، سائين سندس پويان پويان گهر تائين آيو ۽ واپس هليو ويو. ٻئي ڏينهن هو وري اسان جي گيٽ وٽ آيو، ۽ ٻاهران زور سان چيائين، ”اي مولابخش مون کي هڪڙي ڪاپي ۽ قلم ته ڏي“ اسين سڀ ئي حيران ٿي وياسين ته بظاهر چريو نظر ايندڙ، يعني بي ترتيب وڌيل مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي جا وار، ڳاڙهيون خوفناڪ اکيون، جنهن کي ڏسي ٻار رڙيون ڪري ڀڄي ويندا هئا، اهو ڪاپي ۽ قلم پيو گهري! ڇاڪندو هو ڪاپي ۽ قلم کي؟ ڇاهو پڙهيل آهي؟ لکي سگهي ٿو؟

ادا مولا بخش ڊوڙي وڃي کيس ڪاپي ۽ قلم ڏنو جيڪي وٺي هو خاموشيءَ سان هليو ويو.

پوءِ ادا مولا بخش اها حيران ڪندڙ خبر ٻڌائي ته اسڪول ايندي ويندي آئون جڏهن ڏانهنس نهاريندو آهيان ته هو مون ڏانهن شڪر گذار نظرن سان ڏسندو آهي، ۽ پوءِ زور شور سان لکڻ لڳندو آهي. پوءِ ته هيڪاري اسان کي تجسس ٿيو ته هو، ڇا ٿو لکي؟ پر سواءِ حاجي مريد خان بڪڪ جي ٻيو ڪوبه سندس ويجهو يا کٽ تائين نه ويندو هو. ۽ حاجي مريد خان بڪڪ کي ڏسي هو ڪاپي بند ڪري ڇڏيندو هو، اٿندو هو ته ڪاپي کڻي ويندو هو.

هڪ ڀيري ادا مولا بخش اسڪول کان موٽيو ته ڏٺائين، سائين گل حسن شاهه ڪاوڙيل هو ۽ نهايت جلال ۾ هو. ڪاپيءَ مان ٻه ٽي پنا ڦاڙي مروڙي اڇلائي پاڻ ڪاپي کڻي هليو ويو. ادا مولا بخش ٻڌايو ته آئون ڊڄندي ڊڄندي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ته سائين ته نه پيو ڏسي يا اچي، مون هڪدم اهي مروڙيل ڪاغذ کنيا ۽ ڀڄندو آيو آهيان.“

اسين اهي ڪاپي جا مروڙيل پنا ڏسي حيران ٿي وياسين. اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ خط هو  جيڪو چين جي عظيم رهنما مائوزي تنگ جي نالي لکيل هو.... (تڏهن عظيم مائو جيئرو هو.) خط ۾ لکيل هو، ”عظيم سائين، مون کي چيني ٻولي نه ايندي آهي تنهن ڪري آئون انگريزي ٻوليءَ جو سهارو وٺي رهيو آهيان. تون مهان آهين جنهن اهڙو  سرشتو متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي ڪري امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي ٿو. آئون توهان وٽ پهچي توهان جي وڏي شخصيت جي اڳيان پنهنجو سر نمائي نه ٿو سگهان. پر هتي چين جي جهنڊي اڳيان پنهنجو سر جهڪايان ٿو.“

ٻيو خط امريڪا جي صدر جان.ايف.ڪينڊي جي نالي هو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”امريڪا غريب ملڪن سان بيواجبيون ۽ ظلم بند ڪري. ۽ تنهنجي خوبصورت پرسنلٽي مان آئون اميد رکي سگهان ٿو ته تون اهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو ۽......“ اسين ته رڳو حيراني مان هڪ ٻئي ڏانهن تڪيندا رهياسين ته هو پڙهيل لکيل ۽ سياسي شعور رکندڙ آهي.

سائين گل حسن شاهه ماني رڳو حاجي مريد خان بڪڪ جي گهرجي کائيندو هو. سڄو ڳوٺ چاهيندو هو ته هو سندن به ماني کائي. پر ٻين جي ڏنل ماني اتي ئي پئي هوندي هئي. البته ڪپڙا هو رڳو ادا مولابخش کان ئي گهرندو هو. اهي به تڏهن جڏهن سندس ڪپڙا بلڪل ڦاٽي ويندا هئا ته، هو اسان جي در وٽ اچي زور سان چوندو هو، ”اي مولابخش، مون کي ڪپڙن جو هڪڙو جو ڙو ته آڻي ڏي“. ادا مولا بخش ننڍڙو هو اهو امان کي چوندو ۽ امان وڏن ادن جي ڪپڙن مان هڪڙو جوڙو ڪڍي ڏيندي هئي. هو وٺندو به رڳو ادا مولابخش جي ئي هٿن مان هو. ٻين ڀائرن مان ڪو وڃي کيس ڏيندو هو ته هو بنا وٺڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن وري ايندو. ادا مولابخش کيس ڪپڙا ڏيندو هو ته وٺي هليو ويندو هو، ۽ ٻئي ڏينهن ڏسبو هو ته اهي ڪپڙا پاتل هوندا هئس. ٻيا جي کيس  ڪپڙا ڏيڻ چاهيندا هئا ته اهي به اسان جي گهر ڏئي ويندا هئا ته، ڀلي ادا مولا بخش کيس ڏي ۽ واقعي هو اهي ڪپڙا ادا مولابخش کان وٺي ويندو هو ۽ پائيندو هو.

اهڙا ڪيئي ماڻهو حاجي مريد خان بڪڪ وٽ رهيل هوندا هئا. ماڻهن سان سندس محبت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته، سندس اوطاق تي اوير سوير ماڻهوءَ کي کاڌو ۽ هنڌ مليو ٿي. ڀلي ڪو ٽڙيو ڦڙيو مسافر آڌيءَ رات جو اچي ته کيس ڀت کير ۽ رلي وهاڻو ضرور ملندو هو.

سندس پٽ غلام قادر بڪڪ ٻڌايو ته، آڌي رات هئي ته گهر جي ٻاهرين ڏيڍيءَ واري در تي کڙڪو ٿيو، بابا ننڊ ۾ هو. ٻيو به هرڪو ستو پيو هو ته امان جي اک کلي. هن اچي مون کي اٿاريو، منهنجي عمر تڏهن 9- 10 سال هوندي. آئون اکيون مهٽيندو اٿيس ۽ وڃي در کوليم ته ٻاهر ... (معروف ماڻهو) بيٺو هو. تڏهن هو نهايت غريب هو ۽ مون ننڍڙي سان به جهڪي مليو هو. چيائين، ”ڪاڪا، حاجي ته ستل آهي نه؟“ مون چيس، ”ها.“ ته نهايت آهستي چيائين، ”متان ڪو کڙڪو ڪيو اٿئي. ڪاڪو جاڳندو ته ڪاوڙ جي پوندو؛ اسان جا افعال ئي اهڙا آهن سو تون آهستي ڪاڪيءَ کان کاڌو ۽ هنڌ وٺي آءُ“. آئون موٽي امان وٽ آيس ۽ کيس سڀ ٻڌايم. امان کير ڀت ڏنو جيڪو آئون ڇلڪائيندو ڇلڪائيندو کيس ڏئي موٽي آيس ته امان رلي ۽ وهاڻو ڏنو. آئون وهاڻو ڪلهي تي رکي رلي گهريندو گهريندو کيس ڏئي آيس. هو سڀ وٺي هليو ويو.“

جبل ۾ رهندڙ برادرين جي فيصلن کان علاوه هو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پراڻن يعني ورهاڱي کان اڳ آيل پٺاڻن، پنجاپين ۽ ڇاڇين وغيره جا پڻ فيصلا ڪندو هو، ۽ انهن جا مسئلا حل ڪندو هو. مينهن وسندو هو ته غريبن جي اوني ۾ وسندڙ مينهن ۾ گهر کان ٻاهر نڪري پوندو هو ۽ ڪچن گهرن ۾ رهندڙ غريبن ۽ نيئن جي ڀر ۾ رهندڙ ڇاڇين کي گهرن مان ڪڍي، سرڪاري اسڪول کولائي انهن ۾ رهائيندو هو، ۽ انهن جي ضرورتن جا بندوبست ڪندو هو.

هو وڏو مال دار هو. سندس مال جا واڙا سندس ڳوٺ کان علاوه ڪراچي جي ٻين علائقن موکي، صفوران، سونگل وغيره ۾ پڻ هئا. اهي خوبصورت علائقا ورهاڱي مهل آفتن جي شڪلن ۾ آيل هچائن جهڙن ڌارين ڌوتن کي ڪوڙن ڪليمن ۾ ڏنا ويا، جيڪي هاڻي گلستان ڦلهار ۽ گلشن ڌوڙڇار بنجي ويا آهن.

ڪراچيءَ جي معروف علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پڻ سندس مال جو واڙو هو. انهيءَ علائقي ۾ مارواڙين جي گهڻا ئي هئي جيڪي ڄڻ ته سڀ ئي سندس عاشق هئا. محمد هاشم گذدر (ميئر ڪراچي)، حاجي عبدالله گذدر ۽ حاجي ابوبڪر گذدر تقريباً سڀيئي سندس گهرا دوست هئا.

مارواڙي قوم ۾ وري عورتون به پنهنجا ڌار ڪارو بار ڪنديون هيون، جن ۾ ڪن جا دڪان هوندا هئا ته ڪن جا مال جا واڙا هوندا هئا.

ڪراچيءَ جي پراڻي جوبلي سينيما جي مالڪ غلام محمد مارواڙيءَ جي پڦي ۽ ان وقت جي مشهور هوٽل، ’احسان هوٽل‘ جي مالڪ جي پڦي مائي زينا مارواڙي، مردن جهڙي حشمت واري هئي جنهن جو پڻ وڏو مال جو وارو هو. اها حاجي مريد خان بڪڪ جي ڀيڻ بنيل هئي.

ڪراچيءَ ۾ وري مال جا چور به گهڻا سو جڏهن به ڪنهن مارواڙيءَ جو مال چوري ٿيندو ته، اهي مائي زينا مارواڙيءَ ڏانهن دانهن کڻي ايندا هئا. اها وري حاجي مريد خان بڪڪ وٽ ايندي هئي، جيڪو چورن ۽ پاٿاري دارن کي به سڃاڻندو هو ته سندن ٿمن (ٿم- جتي چوري جو مال لڪائي رکجي.) کان به واقف هو. اهو انهيءَ مهل اتي وڃي مارواڙين جو مال موٽائي ايندو هو. مارواڙي ويچارا شروع ۾ ته ائين سمجهندا هئا ته هو ڀُنگ (تاوان) ڏئي مال ڇڏائي ايندو آهي. اهي ساڻس ڀنگ بابت ڏي وٺ جون ڳالهيون ڪندا هئا ته حاجي مريد خان بڪڪ جو وڏو ٽهڪ فضائن ۾ ٻُري ويندو هو. ڇو جو هو چورن جو دشمن هو. هڪڙو واقعو آهي ته ٿاڻي ۾ ڪي ماڻهو جهليل هئا جن کان ايس.ايڇ.او پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هو جيڪي چوري ڪندي جهليا هئا. انهن چورن مان هڪ ماڻهوءَ ايس.ايڇ.او کي چيو ته، آئون چوريءَ ۾  نه دشمنيءَ ۾ جهليو آهيان. مون کي منهنجي دشمنن جهلايو آهي. هن پڇيس ”ڪير تنهنجو دشمن آهي؟“ چور جواب ڏنو، ”حاجي مريد بڪڪ:“ ايس ايڇ او جو وڏو ٽهڪ اڀريو ۽ کيس چيائين، ”ها واقعي حاجي مريد خان بڪڪ چورن جو دشمن آهي.“

ڪراچيءَ جو ميئر محمد هاشم گذدر (آرڪيٽيڪ) سندس گهرو دوست هو، جيڪو کيس اجمير شريف (انڊيا) ۾ خواجه معين الدين چشتي رح جي زيارت لاءِ پڻ وٺي ويو هو.

حاجي مريد خان بڪڪ حج جو فرض پڻ پنهنجي انهن ئي مارواڙي دوستن ابوبڪر گذدر وغيره وارن سان گڏ ادا ڪيو جتي کيس حضوراڪرم نبي سڳوري ﷺ  جي زيارت مبارڪ خواب ۾ نصيب ٿي هئي. پاڻ ٻڌايائين ته، ”حج جي ادائگي دوران مديني پاڪ ۾ حضورجن جي روضي اقدس ۾ حاضري ڏيندي سندس ڄاري مبارڪ تي مٿو رکي روئي رهيو هو هئس ته مون کي خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو. ڪيئن ننڊ اچي وئي، ڪيئن خواب ڏٺم، خواب ۾ ڏسان ٿو ته ڪو ماڻهو مون کي اٿاري چوي ٿو ته، ’اٿي اٿي هلي حضور. آئون هڪدم ٽپ ڏئي اٿان ٿو ۽ ٻاهر نڪري ڏسان ٿو ته ماڻهن جا هشام (هجوم) لڳا پيا آهن. آئون ماڻهن کي هٽائيندو هٽائيندو پاڻ لاءِ جاءِ جوڙيان ٿو، ۽ اچي ماڻهن جي وچ مان ڪنڌ ڪڍي ڏسان ٿو ته، سبحان الله سامهون نبي آخر الزمان صلعم بيٺل آهي. کين جبو مبارڪ پاتل آهي. مٿي مبارڪ تي رومال ائين ويڙهيل هو ۽ پاڻ ائين بيٺل هو جو آئون رڳو سندس چهري مبارڪ جو هڪڙو پاسو ئي ڏسي پي سگهيس. آئون سندس ديدار مبارڪ ڪندو رهيس. منهنجون اکيون ۽ اندر ٺرندو ۽ روشن ٿيندو رهيو ته اوچيو سندس آواز مبارڪ اڀريو، ”اوهان سڀني کي حج ادا ڪرڻ جي سعادت مبارڪ هجي. پر اها ڳالهه ضرور ياد ڪري ان تي عمل ڪجو ته حج ڪري واپس گهر وڃڻ کان پوءِ ڪو به گناهه جو ڪم نه ڪجو.“ ۽ پوءِ منهنجي اک روضي جي خدمت گذارن جي جاڳائڻ ڪري کلي وئي، جيڪي روضي مبارڪ کي سجدو ڪرڻ کان منع ڪري چئي رهيا هئا ته، ”سجدو رڳو الله کي ڪرڻو آهي.“ اک کلڻ کان پوءِ مون کي ويساهه ئي نه ٿي آيو ته آئون ايڏو خوش نصيب ٿي ويو آهيان، ۽ پوءِ روئندو خدا جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيس.“ هو اها ڳالهه ڪندي روئي ڏيندو هو. پوءِ جڏهن سندس دوستن کي انهيءَ خواب مبارڪ جي خبر پئي ته اهي سندس ديدار ڪرڻ لاءِ بار بار ايندا هئا. اهي هر بار خواب ٻڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندا هئا، جن ۾ مشهور عالم (جيڪو سندس دوست به هو) مولانا محمد شفيع اوڪاڙوي سر فهرست هو، جيڪو هميشه ڪنهن نه ڪنهن وڏي عالم کي وٺي 30- 35 ماڻهن سان گڏجي وٽس ايندو هو. نئين سر کائونس خواب مبارڪ ٻڌندو ۽ روئندو هو. حج تان واپسي وارو سندس تاريخي استقبال پڻ يادگار واقعو آهي، جيڪو سندس ماروٽ سيٺ علي محمد بڪڪ ارينج ڪيو هو، سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو بلوچستان ۾ ٽرانسپورٽ جو پايو وجهندڙ هو، ان جون الائي ڪيتريون گاڏيون ماڻهن سان ڀرجي ويو هيون. انهن سڀني جي هٿن ۾ گلن جا هار هئا. اهو دور 1951ع جو هو جڏهن اڃا نوٽن جي هارن جو رواج گهٽ بلڪ نه هئڻ جيترو هو. تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ (سناسي خان بڪڪ جو سڪيلڌو پٽ) کيس نوٽن جا وڏا وڏا هار پارايا جن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا هئا.

حاجي مريد خان بڪڪ جا فيصلا رڳو جبل تائين محدود نه هئا. ان جي ڪري سندس دوستيون به لامحدود هيون، جن ۾ سندس ويجها دوست، سائين علي محمد شاهه عرف سائين علو شاهه (سائين قادر ڏني شاهه جو والد ۽ سائين اعجاز شاهه شيرازي ۽ سائين شفقت شاهه شيرازي جو ڏاڏو)، جت برادريءَ جو سردار مامون خان ملڪاڻي، ڪيهر برادريءَ جو نواب حاجي عارب ڪيهر، غلام رسول ڪيهر (سنڌ اسمبليءَ جو اسپيڪر)، سردار الله بخش گبول، (نبيل گبول جو ڏاڏو)، محمد هاشم گذدر، (اڳوڻو ميئر ڪراچي) مير بند علي خان ٽالپر، حسن علي آفندي (وڏي حسن عليءَ جو پٽ)، وڏيرو ملهه خان پالاري، رئيس يوسف چانڊيو، سائين قادر ڏنو شاهه، سيد روشن علي شاهه، (سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو والد) وغيره.

جڏهن 1952ع ۾ ڳوٺ جو نقشو بنيو ٿي، تڏهن ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر محمد اسحاق خان هو جيڪو پڻ کيس گهڻو ڀائيندو هو، سندس جو پٽ ناميارو وڪيل خالد اسحاق خان پڻ سندس دوست هو. ڇو جو وٽس ڪيئي ماڻهو اهڙا به مدد لاءِ ايندا هئا جن جا ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ هوندا هئا. حاجي مريد خان بڪڪ کين خالد اسحاق خان کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪرڻ جي صلاح ڏيندو هو.

جبل ۽ لاڙ واري پاسي جي ماڻهن جا ڪيس گهڻو ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ويندا هئا. جتي مرزا ارشاد بيگ جج هو جيڪو  مرزا اسلم بيگ (سابق چيف آف آرمي اسٽاف) جو ڀاءُ هو. سيشن ڪورٽ ۾ اچڻ وڃڻ جي ڪري جج ارشاد بيگ حاجي مريد خان بڪڪ جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿيو. ماڻهن جو مٿس اعتماد ڏسي هو اڪثر ٻهراڙين جا فيصلا ڪورٽ ۾ ڪرڻ بجاءِ سندس حوالي ڪري ڇڏيندو هو. چوندو هو ته، ”هتي ويچارا غريب رلي ۽ وڏن خرچن ۾ پئجي ٿا وڃن، توهان راڄوڻي نموني سان انهن ڪيسن جو نبيرو ڪريو.“

يعني سيشن ڪورٽ جي جج مرزا ارشاد بيگ کي حاجي مريد خان بڪڪ جي سچائي ۽ تدبر تي ايڏو اعتماد هو، جو هو  ڪورٽ جا فيصلا به سندس حوالي ڪري ڇڏيندو هو.

نه رڳو راڄوڻي فيصلا پر ماڻهن جي هر طرح جي مدد ڪرڻ به ڄڻ سندس ذاتي ذميدارين ۾ شامل هو. کيس ڄڻ رب ماڻهن جون بي لوث خدمتون ڪرڻ تي مامور ڪيو هو.

زمانو 1952ع وارو، سهوليتون گهٽ، غربت گهڻي، پاڻ حج ڪري آيو هو، ته پنهنجي ڏاهپ جي ڪري وڏو تجربو پڻ حاصل ڪري آيو. سو نه رڳو سندس برادريءَ ۽ علائقي جا ماڻهو پر سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري لاڙ واري پاسي جا ماڻهو ۽ عام طور تي لاڙڪاڻي، ۽ شڪارپور وغيره تائين جا ماڻهو، هڪ ٻئي کان سندس باري ۾ ٻڌي حج تي وڃڻ مهل وٽس ايندا هئا. هو انهن سڀني ماڻهن کي رهائڻ، کارائڻ پيارڻ، حاجي ڪيمپ وٺي وڃڻ، ٽڪا لڳائڻ، دوائون پيارڻ، ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ کان وٺي معلمن تائين کين مدد فراهم ڪري حج تي روانو ڪندو هو.

هن ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس اٺن پٽن، نياڻين ۽ پوٽن جو اولاد آهي جن کي سندس ڪارنامن تي فخر آهي

تلڪ آثارنا، تدل علينا

فانظرو وابعدنا، الي الاثار.

(اهي اسان جا ڪارناما آهن جي اسان جي سڌ ڏين ٿا. اسان کان پوءِ انهن ڪارنامن ڏي ڏسجو).

يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني

آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.

(شاهه رح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org