جبل ۾ عام طرح هر مرد سجي (ٽانڊن تي گوشت پچائڻ)
بنائيندو آهي پر عمر بڪڪ سجي بنائڻ جو ماهر هو،
کيس گوشت پچائڻ جو ڏانءُ هو. پاڻ چوندو هو ته،
”گوشت پچائڻ مهل ڪاٺين مان دونهون نڪرڻ نه کپي، نه
ئي باهه جي ڄڀين ۾ گوشت پچائجي. گوشت تڏهن پچائجي
جڏهن بنڊ ٻري ٽانڊا ٿي وڃن.“ پاڻ دونهاٽيل گوشت
اڇلائي ڇڏيندو هو.
سندس پچايل گوشت مشهور هو. جبل جو ماڻهو سندس
پچايل گوشت کائڻ کان اڳ ڏسڻ سان سڃاڻي ويندو هو
ته، ’هي عمر بڪڪ جو پچايل گوشت آهي.‘
سيٺ علي محمد بڪڪ جي گهر ۾ دعوت هئي. شهر جا وڏا
وڏا بورچي گهرايل هئا. ڪوهستان جو مشهور ۽ حيرت
ناڪ بورچي عيسڪي ٻرو به هو. حيرت ناڪ انهيءَ ڪري
جو سندس رڌيل، پچايل کاڌا عجيب انوکي سواد وارا
هوندا هئا، مڇي ۽ گوشت کان علاوه دال ۽ ڀاڄي به
اهڙي هوندي هئي جو، ٻين جا بنايل پلاءَ به ڇڏي
سندس بنايل دال کائجي. پر سَجي بنائڻ لاءِ عمر بڪڪ
جي اڳيان عيسڪي ٻري سميت سڀني بورچين ڪنن تي هٿ
رکيا.
دعوت ۾ گوشت پچائڻ جي سڄي زميداري عمر بڪڪ جي مٿان
رکي وئي هئي. کاڌن جا ڪيئي قسم هئا جيڪي عيسڪي ٻري
جي نگرانيءَ ۾ ٻين بورچين جي حوالي هئا.
مهمانن ۾ پير سائين پاڳارو، ڄام آف لس ٻيلا ڄام
مير غلام قادر عالياڻي، ڄام مير مراد علي جوکيو،
نواب رسول بخش مينگل، سردار عطاء الله مينگل،
سردار دودا خان زرڪ زئي (زهري)، وڏيرو اميد علي
ڀوتاڻي ۽ ٻيون ڪيئي سنڌ ۽ بلوچستان جون اهم
شخصيتون شامل هيون.
اها دعوت سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ وڏيري اميد علي
ڀوتاڻيءَ جي پرچاءُ واري سلسلي ۾ ٿيل هئي.
سڀ مهمان آيا. سندن اڳيان کاڌو رکيو ويو. کاڌي ۾
هر چيز لاجواب هئي. پر سڀني پڪل گوشت جي تعريف
ڪئي. پڪل گوشت ۾ ٻڪر جون جيراڊيون (ڪليجون)،
مُنڍيون ۽ ويڙهيون هيون.
’ويڙهي‘ جبل جي ماڻهن جي گڏيل پسند آهي. ’ويڙهي‘
ٻڪر جي آنڊن مان بنائي ويندي آهي. جنهن جو طريقو
اهو آهي ته ٻڪر جا سڻڀا آنڊا (چرٻيءَ وارا) ڌار ۽
اڻڀا آنڊا (بنا چربيءَ وارا) ڌار سڄائي، سڄا بنا
وڍڻ جي پائيپن وانگر ڌوئي صاف ڪري سڀڻا، چربيءَ
وارا آنڊا ڏهه، ٻارهن انچ ڊگها جهلي ان جي مٿان
اڻڀا آنڊويڙهبا ويندا. يعني مٿان کان هيٺ، هيٺيان
کان مٿي ائين ڄڻ تجريدي آرٽ هجي. آنڊن جي آخري
ڇيڙي کي مضبوطي سان ڳنڍ ڏبي ته متان کلي اڊڙي پوي.
اهڙي ريت ’ويڙهيون‘ ٺاهيون وينديون آهن. پوءِ انهن
کي ٽانڊن مٿان رکي پچائي ڳاڙهيون ڪري ڪڍبيون آهن،
جن جي سواد ۽ مزي کان اهي ئي واقف هوندا جن اهي
’ويڙهيون‘ کاڌيون آهن. ڪي ته ’ويڙهين‘ جو ٻوڙ به
رڌيندا آهن جيڪو پڻ نهايت لذيذ ٿيندو آهي. دعوت ۾
پڪل گوشت ۽ ويڙهيون کائي ڄام مير غلام قادر، سيٺ
علي محمد بڪڪ کي چيو، ”مون زندگيءَ ۾ گهڻائي پڪل
گوشت ۽ ويڙهيون کاڌيون آهن، پر ههڙو پڪل گوشت ۽
ويڙهيون مون سڄي زندگيءَ ۾ نه کاڌا آهن! مهرباني
ڪري مون کي انهيءَ ماهر سان ضرور ملاقات ڪرايو.
جنهن هي ڪارنامو ڪيو آهي.“
جڏهن ڄام مير غلام قادر عالياڻي سان سيٺ علي محمد
بڪڪ، عمر بڪڪ کي ملائي ساڻس تعارف ڪرايو ته، ”هي
منهنجو ڏور جو چاچو ۽ ڀيڻويو آهي.“ ته ڄام صاحب
اٿي ڀاڪر پائي ساڻس مليو ۽ سندس شخصيت کان متاثر
ٿيو، ۽ سندس گهڻي تعريف ڪيائين.
پيشي جي اعتبار کان عمر بڪڪ مال (ٻڪريون ۽ رڍيون)
جو واپاري هو. مال جي خريداريءَ لاءِ هوٿر کان
انڊيا جو بارڊر ٽپي ويندو هو ۽ اتان هزارن جي
تعداد ۾ پاهو ۽ ٻاڪرو مال خريد ڪري ايندو هو. پاڻ
سندس ڀائيوار ساٿي ۽ ڌراڙ اهو سڄو سفر مال سان گڏ
پيرين پنڌ ڪراچيءَ تائين ايندا هئا. ان وچ ۾ جهنگ،
جبل، رڃ سڃ مان گذرندي کين ڪيئي واقعا پيش ايندا
هئا. ڪٿي چورن سان مقابلو ته ڪٿي دردندن سان دهدور
(مدمقابل) ٿيڻو پوندو هو. ڪيترن مفيد تجربن کان به
آگاهي ٿيندي هيس. پاڻ اهي سڀيئي واقعا ۽ مفيد
تجربا پنهنجي جوءِ ۾ خير سلامتي سان پهچي آرام سان
ويهي ڪچهرين ۾ پلٽائيندو هو.
سندس آواز ڌيمو ۽ انداز نهٺو هو. ڪچهرين ۾ سڄيون
راتيون گذري سج اڀري اچن ڪنهن کي به وقت ۽ ٿڪ جو
احساس نه ٿيندو هو. پاڻ به تازو توانو ته ٻڌندڙ به
تازا توانا هوندا هئا، جن کي سندس لاجواب ۽ ڏکين
تجربن جو حاصل ملندو هو.
اسان جي گهر ايندو هو ته آئون هن کان سندس ڏکين
سفرن جا عجيب واقعا ٻڌڻ چاهيندي هيس. هو اسان سان
ڏاڍو پيار ڪندو هو. چوندو هو، ”ابا، هل هلان واري
زندگي جيڪو به گذاري ٿو ان جي پلئه ۾ هيمشه خزانا
پيل هوندا، ڇو جو دنيا عجيب واقعن ۽ خزانن مان ڀري
پئي آهي. منهنجا ته پنڌ به وڏا ته ڄمار به وڏي.
واقعن جو ته ڪوشرو پانڌ (دنگ، ڇيهه) ئي ڪونهي.“
ورهاڱيءَ کان اڳ جو واقعو ٻڌايائين ته، ’راجستان
مان مال وٺي ورياهئاسين، ٻنهي پاسن هند توڙي سنڌ ۾
وڏو ڏڪار ۽ ڪاڙهو هو. اسين ڏهه ٻارهن ڄڻا ساٿي
هئاسين. اسان سان گڏ وڏا ڌڻ (رڍن، گهيٽن جو ميڙ) ۽
وڏا ڪيراڳ (ٻڪرين جو ميڙ) هئا. پاڻيءَ جون ڀريل
وڏيون اوئيون (پخالون) ۽ کاڌي جو سامان به هو. پر
اسان کي اَوسَو (فڪر ۽ اونو) رڳو مال جو هو ته،
متان ڪک پن ۽ پاڻي نه ملڻ جي ڪري مال نه مري.....
سو صلاح اها ڪئي سين ته رات جو ٿڌ ۾ سفر ڪجي ۽
ڏينهن جو اس ۽ گرميءَ ۾ وڻن جي ڇانو ۽ اوٽ ۾ ويهي
پاڻ ۽ مال کي آرام ڪرائجي.
ائين، سفر ڪندي ست اٺ ڏينهن ٿي ويا، هلندي هلندي
وچ وچ ۾ جتي به ڪک پن ۽ پاڻي ڏٺوسين ته مال به
اوڏانهن ڪاهيوسين. هيڏو سارو مال جتي بيهي اتي
گاهه پاڻي چَٺُ ڪري وڃي . هونئن به پهاڪو آهي ته
”اُٺ چري ٻٽيهه ته ٻڪري چري ڇٽيهه“ يعني ٻڪريون هر
قسم جو وڻ ٻوٽو کائينديون آهن. جڏهن ته اٺ ڪي ڪي
وڻ ٻوٽا نه کائيندو آهي.
واٽ تي ڪٿي ڪو پَهرو (مال) اگهو (بيمار) ٿئي ته
اهو ڪهي کاڌوسين. مڙئي پي گاڏي کاتو هليو. هڪ هنڌ
هڪ وڏي اَوَٺ (نوجوان ٻڪري) اگهي ٿي. هونئن ته پي
ڦُنُڪِي (چمڪي ۽ چهڪي) پر وَيسريندي (اوچتو) الائي
ڇا ٿيس. اها ڪٺيسين. پر ان جي کل الاهي نرم ۽
ڪونئري سٺي، ريشم جهڙي هئي. سو اها مون زِڪَ (گهه
کي محفوظ رکڻ واري پخال) جو ارادو ڪري سٺي نموني ۽
خبرداريءَ سان لاٿي ۽ کيس سڪڻ کان بچائڻ لاءِ، ان
تازي رت هاڻي (لڳل) کل ۾ چُڪِيَل (ختم ٿيل) تراهه
(تلاءَ) جي تري مان پاڻي کُري ڪڍي وليون پاڙون تري
واريون کل ۾ وڌم. وري تراهه جي اِنڊن (پاسن) تي
موريل وليون ٻوٽا، ڦش ڦوهر (ڪک پن) ڇني کوهي. اهي
به سڀ کل ۾ وڌم ته کل ڀرجي دبڙو (گول مٽول) ٿي
وئي، اوئيون به پاڻيءَ مان ڀريل. مڙس اسين به سڀ
زورائتا ۽ سگهارا هئاسين. بار ڪلهن تي کنيو اڃ بک
جي پرواهه بنا هلندا رهياسين. هلندي هلندي ٻه ٽي
ڏينهن ٿي ويا. ان وچ ۾ واٽ تي پاڻيءَ جو اتو نڪو
پتو. گهڻو ئي نهاريوسين، گهڻو ئي ڳوليوسين. پر
جيڏانهن تيڏانهن ڪارو سکڻو پَٽ. ڪک نه پن، دُڻي نه
آدمي وَيَرووَڪُ (ويران بيابان) هو. مال ته ساڻو
ٿيندو اَجهندو (ويهندو) ويو . پر اسين ماڻهو به بي
حال هجون.
’اوئين‘ ۾ جيڪو پاڻي هو اهو واٽ واٽ تي چُرُڪُ
چُرُڪُ (ذرو ذرو) ڪري پي ڇڏيوسين. هاڻي اوئيون به
سڪل هيون، ڪنهن به ڳالهه جي مَتِ ۽ نوا نه ٿي پئي
ته ڇاڪريون؟ صلاحون ڪيوسين پر، ’ڍئوبنا ڍوليا،
ڪانهي ساڃاهه سونهن جي‘ صلاحن ۾ ڪو حال نه هو جو
اسين پاڻ ئي بي حال هئاسين. ڪهڙيون صلاحون ڪريون؟
صلاحن سان ڪو زمين مان ٽوڀو ڦٽي پوندو ياڪو اسين
حضرت اسماعيل نبي هئاسين جو ڇڙهيون هڻي زم زم
ڪڍون. نڙيون سڪي ٺوٺ ٿي ويون. سکڻيون ڳيتون ڏئي
ڏئي ٿُڪ به چڪي وئي. هڏ (بنهه) ساهه ٿي نڪتو ته
مون کي اَوٺَ (ٻڪري) واريءَ کل ۾ پيل پاڻي ياد
پيو. سنگتين کي چيم، ”کل وارو پاڻي وسري ويو؟ اهو
به ته پاڻي آهي.“ سڀ ئي سنگتي ڇرڪي پيا. مون
اوئيءَ جو منهن کولي ڪٽوري ۾ پاڻي اوتيو ته، پاڻي
ڇا ڄڻ رت جو ڀريل ڪٽورو هجي. پر اڃا رت کان به
ٻيءَ ڀتاڻو (ٻي طرح جو) ڳَٽ (گهاٽو/ ٿلهو)، ڳاڙهو،
لچڪڻو، جرڪندڙ پاڻياٺ وارو محلول هو، جنهن ۾ ڪجهه
ڪجهه ساواڻ ۽ پيئراڻ به وچ وچ ۾ هئي. اهو ڏسي
سنگتين ڊڄي چيو، ”نه ادا نه اهو ته زهر آهي زهر،
اکين ڏٺو موت!“ مونکان اهڙي (موت واري) حال ۾ به
اساري کل نڪتي چيم، ”هاڻي وري جيئرا آهيون؟ نه
منهن مهاڙ جي خبر، ويري وَڪَ ۾ وک وجهڻ کان به
لاچار پيا آهيون، پوءِ ته ساهه کڻڻ کان به لاچار
ٿينداسين. ليٿڙجي، ڦٿڙي مرڻ کان سٺو آهي ته سقراط
وانگي وِههَ (زهر) جو پُرُ پيالو پي مرون! مون
وارا سنگتي ڀاڙيا ٿي بِرُ ٿي بيٺا. منهنجي ڀر مان
اٿي ڪجهندا، ڪُرُڪندا پري وڃي ويٺا. ڄڻ ڪو آئون
کين زوريءَ پياريان ها. مون ڪٽوري ۾ نهاريو ۽ دير
ئي ڪانه ڪيم، هڪدم ٻنهي هٿن ۾ ڀريل ڪٽورو جهلي کڻي
وات تي رکيم ۽ اندر ۾ اوتيندو ويس اهو ذائقي ۾ ڪڙو
صفا زهر جهڙو هو، جيئن ئي اهو زهر اندر گهڙي پيٽ ۾
پهتو، ته منهنجو اندر ۽ ٻاهر بدن جيڪو اڃ ۾ باهه
وانگر تپي رهيو هو اهو هڪدم ٺري برف جا ڳڙا ٿي
پيو. سنگتي اکيون ڦاڙي مون ڏانهن تڪي رهيا هئا ته،
’هاڻي ٿو مري، هاڻي ٿو مري.‘ پر منهنجي بدن ۾ ته
قوت ۽ توانائيءَ جي هڪ اهڙي لهر اڀري جو آئون
جيئرو ٿي ويس. ساڻو ساڻو جو مئو پيو هئس، ٽپ ڏئي
اٿي بيهي رهيس. منهنجا ساٿي وڌيڪ خوف ۽ ڊپ مان مون
کي ڏسڻ لڳا ته مون کين هڪل ڪندي چيو، ”ڀاڙي اٿو،
هي زهر نه پر امرت آهي. آب حيات آهي.“ منهنجي چستي
۽ تازگي ڏسي اهي به سرڪي سرڪي اورتي آيا، آئون کين
ڪٽورا ڀري ڏيندو ويس ۽ هو سڀ ئي پيئندا رهيا.
’اسين سڀ ئي ساٿي ڄڻ نوجوان ٿي وياهئاسين. اسان
منجهه (۾) ايڏي طاقت، ڦڙتي ۽ ٻل اچي ويو هو جو
اسين پاڻ تي پاڻ حيران هئاسين. جنهن به ڳري (وزني)
شيءِ کي کڻون اها ائين مٿي کڄي اچي منهن سان لڳي،
ڄڻ ڪنهن هلڪي چيز کي بنا اندازي وزني سمجهي کڻي
ويا هجون.“
’پوءِ ته ابا، اسان کي ڪنهن به اڃ ۽ بک جي خبر ئي
ڪا نه ٿي پئي.‘ڏاڏي عمر بڪڪ ٻڌايو ته، ”تازي رت
واري کل ۾ تراهه جي تري جو مٽيءَ وارو پاڻي،
وليون، ٻوٽا، پاڙون، ڇوڏا،ڪک پن ۽ گرمي انهن سڀني
جارس ۽ مند (موسم) گڏجي هڪ اهڙو امرت تيار ڪيو
جيڪو مئل به جياري وڃي. اهي وليون، پاڙون، ٻوٽا
الائي ڪهڙا هئا جن جو رت واري تازي کل ۾ گرميءَ ۾
سنڌڻ جا پار پتا ائين اوکا ۽ اڻ لڀ آهن، جيئن
لقمان حڪيم وٽ ڪن مرضن جو علاج، دوا داروءَ جي خبر
۽ پتو هوندي به وٽس اهڙي دوا اڻ لڀ هئي جيڪا هو
مريض کي ڏئي سگهي. جنهن جي ڪري هو اهڙن مريضن کي
لاعلاج ڪوٺي موٽائي ڇڏيندو هو.“
عمر بڪڪ هو ته جبل جو ڌراڙ ماڻهو. پر کيس نه رڳو
جبل جي ڏاهپ، ادب ۽ سگهڙائپ جي ڄاڻ هئي. پر کيس
دنيا جي مشهور واقعن جي پڻ پروڙ هئي.
هونئن به هو هر ڳالهه نهايت ڌيان، توجهه ۽
دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو. ڳالهائڻ ۾ هن ڪڏهن به تڪڙ
نه ڪئي نه ئي هو وچ ۾ پئي ڳالهائيندو هو.
ڏاڏو عمر بڪڪ اسان کي پاڻ سان (سندس پنهنجي ذات
سان) رَهَمُورَو (رڌل يا ونڌريل) ڏسي لقمان حڪيم
جي اها جڳ مشهور ڳالهه دلچسپيءَ سان ٻڌائڻ لڳو،
جيڪا ٻڌل هوندي به نئون مزو ڏئي رهي هئي. ڇو جو
اها ڳالهه هڪ اهڙو پريڪٽيڪل ماڻهو ٻڌائي رهيو هو
جيڪو اهڙن آزمودن ۽ تجربن مان گذري آيو هو.
عمر بڪڪ چيو، ”ابا، لقمان حڪيم لاءِ مشهور آهي ته
سواءِ وهم جي ٻئي هر مرض جي وٽس دوا هوندي هئي. پر
ڪي مرض اهڙا به هئا جن جي دوا کان واقف هوندي به،
هو علاج ڪرڻ کان لاچار هوندو هو. ڇو جو اهڙن مرضن
جي دوا سندس پهچ کان پري ۽ وس کان ٻاهر هوندي هئي.
هڪ ڀيري وٽس هڪ لاچار اگهو (بيمار) آندائون جيڪو
هڏ (بنهه) ختم هو. لقمان حڪيم کيس اونڌو سونڌو ڪري
ڏسي تپاسي ماٺ ٿي ويو. اگهي جي سور مان ڪنجهو
ڪنجهه هجي. لقمان حڪيم ٻاهر اچي اگهي جي مائٽن کي
چيو ته، ”هن جي دوا مون وٽ ڪانهي. باقي قدرت وٽ
ضرور آهي. اها ڪري ته ڪري نه ته هيءُ مري ويندو.“
مائٽ روئندا اگهي وٽ آيا جيڪو درد مان دانهون ڪري
رهيو هو. وري هٿ ٻڌي حڪيم کي چيائون ته، ’اگهائيءَ
جو دارون اوهان وٽ ڪونهي. پر ڪِين (ڪجهه) ته ڏيو،
ڪو ڊڀ ڪو پهو اهڙو ته ڏيو جو هي ڪو دم ڪوپل ته
آرام ڪري. لقمان حڪيم ساڳي ورندي ڏني ته، هن لاءِ
مون وٽ ته ڇا ڪنهن وٽ به دارون ڪونهي سواءِ قدرت
جي، هي ائين ئي لڇي، تڙپي، ڦتڪي مري ويندو. منهنجي
اها ئي ورندي آهي جيڪا اوهان کي ضرور ڏکوئيندي پر
اهوئي سچ، اها ئي حقيقت آهي ان کان سواءِ ٻيو جيڪو
به دلاسو ڏيندس اهو ڪوڙ هوندو.“ اگهي جا مائٽ
روئندا اگهي کي کڻي هليا ويا.
لقمان حڪيم کان نا اميد ٿي گهر اچڻ کان پوءِ مريض
جو مرض وڌندو ويو. سور ٻيڻا ٽيڻا ٿيندا ويا. جڏهن
سور جون حدون ٽپجي ويون ته هڪ رات مريض گهر وارن
کان لڪي اٿيو. دانهون اندر ۾ روڪي ٺِڪي ٺِڪي ٻاهر
نڪتو. ارادو پاڻ کي مارڻ جو هئس. پر پاڻ کي مارڻ
لاءِ به ٻل کپي. سوچيائين، پاڻ کي کوهه ۾ اڇلايان،
وري سوچيائين اتي به الائي مران يا اڃا ڀڄي ڀُري
وڌيڪ ڏَنجهن (عذابن) ۾ پوان. ائين گِهرجندو،
کِسڪندو، سِرڪندو اچي مُقام (قبرستان) ۾ سهڙيو
(پهتو). رات چانڊوڪي هئي. ۽ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو
هو. چؤ طرف رڳو قبرون ئي قبرون هيون ڪي ٺهيون
ٺڪيون ڪي ڀڳل ڀُريل. ڪن مان هڏا ۽ کوپراٽيون
(کوپڙيون) ئي ٻاهر نڪتل هيون. هڪ ڀڳل قبر کان ٻاهر
هڪ کوپراٽي (کوپڙي) جو اڌڙ (اڌ) هڪ پيالي وانگر
سنئون سڌو پيو هو. هُن ڏٺو ته انهي اڌڙ ۾ ڪجهه
پاڻي پيل هو، جيڪو پراڻو ۽ سنهاري (ڪائي) لڳل هو،
۽ صفا سائو نير ٿي ويو هو. هو اڃا ڪجهه اڳتي وڌي
يا نه ته اوچتو واسينگ (ڪاريهر/ ڪنگ ڪوبرا) جو
شوڪارو ٿيو. موت جي آس هوندي به موت کي ويجهو ڏسي
ڄُڪي، هٻڪي، اتي ئي موريل ٻوٽن ۾ لڪي ويو. رات
چانڊوڪي هئي ۽ چنڊ جي تيز روشنيءَ ۾ هو سڀ چٽي طرح
ڏسي رهيو هو، هُن ڏٺو ته هڪ بيحد وڏي جسامت وارو
ڪارو ڪٽ واسينگ نانگ مستيءَ ۾ جهومندو، شوڪارا
هڻندو پيو اچي، اچڻ ساڻ هن کوپراٽي جي اڌ وٽ اچي
جنهن ۾ سنهاري لڳل پراڻو پاڻي پيل هو. ان ۾ هڪدم
پنهنجو سڄو زهر اوڳاڇي ڇڏيو. بنا ڪنهن نهار نگاهه
جي وري ائين ئي تڪڙو وريو، ۽ جتان آيو هو وري بنا
دير اوڏانهن هليو ويو.
’بيمار جيڪو اڳ ئي موت جي آس کڻي گهران نڪتو هو،
اهو اهڙو سولو موت اڳيان ڏسي خوش ٿي ويو ۽ وِرِمَ
(دير) ئي نه لاتائين، اڳيان وڌي اچي ٻنهي هٿن سان
کوپراٽيءَ جو اڌ پيالي وانگر کڻي، اکيون ٻوٽي اهو
سڀ پي ويو.
’اهو پيئڻ شرط اهو اگهو اَرو (چڱو ڀلو) ۽ نوبنو ٿي
ويو. ۽ کلندو خوش ٿيندو گهر ڏانهن موٽيو.‘
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لقمان حڪيم پنهنجي مطب ۾ ويٺو
هو ته هڪ تندرست، طاقتور ۽ سَٻَرُ نوجوان وٽس آيو.
جنهن ايندي ساڻ حڪيم کان پڇيو، ”مون کي سڃاڻو ٿا؟“
لقمان حڪيم کيس سڃاڻڻ کان نابري واري ته نوجوان
چيو، ”حڪيم صاحب، آئون اهو ئي مريض آهيان جيڪو
ڪجهه وقت اڳ اوهان وٽ علاج لاءِ آيو هو، ڇو ته
اوهان لاءِ مشهور هو ته سواءِ وهم جي ٻيو هر مرض
جي دوا اوهان وٽ آهي. حڪيم صاحب ، آئون وهم جو
مريض نه پر جسماني مريض هئس جنهن جي مرض جي دوا
اوهان وٽ نه هئي. ۽ اوهان ان کي بنا دوا ڏيڻ جي
نااميد ڪري مرڻ لاءِ موٽائي ڇڏيو هو. اڄ ڏسو.
منهنجي مرض جي دوا هئي ۽ آئون ٺيڪ ٿي ويو آهيان.“
لقمان حڪيم بنا ڪنهن متاثر ٿيڻ ۽ بنا هُنڊ گُنڊ جي
چيو، ”ٻچا، هاڻي ياد آيم ته تون ڪير آهين. تنهنجي
مرض جي دوا جي مون کي خبر ته هئي پر اها دوا ڏيڻ
منهنجي وس ۾ نه هئي. بلڪه سواءِ قدرت جي ٻئي ڪنهن
به ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هئي ۽ قدرت اها دوا توکي کي
ڏني.“
نوجوان هجت مان چيو، ”حڪيم سائين، اها دوا ڪهڙي
هئي جيڪا اوهان جي وس ۽ اختيار ۾ نه هئي؟“
لقمان حڪيم چيو، ”تنهنجي مرض جي دوا اها هئي ته،
ڪنهن تمام پراڻي انساني کوپڙي ۾ سالن کان مينهن جو
پاڻي پيل هجي اهو مينهن جو پاڻي ايڏو پراڻو هجي جو
پنهنجو رنگ ئي مٽائي وڃي، جنهن ۾ هڪ تمام وڏي ڄمار
۽ وڏي جسامت وارو واسينگ نانگ چانڊوڪيءَ رات ۾ مست
ٿي اچي، ان کوپڙيءَ ۾ پيل پراڻي پاڻيءَ ۾ پنهنجو
سڄو زهر اوڳاڇي ڇڏي. ان وقت مريض جو به اتي بروقت
موجود هجڻ ضروري آهي ڇو جو جڏهن واسينگ، کوپڙيءَ ۾
پيل پراڻي پاڻيءَ ۾ زهر اوڳاڇي ته اهو تازو زهر
پيل پاڻي بنا دير جي مرض کي پيئڻو آهي، ۽ ائين جي
سڀ ڪجهه ٿي پوي ته اهو ئي علاج اهڙي مرض جو آهي ۽
توسان به ضرور ائين ئي ڪجهه ٿيو آهي. اها هئي
تنهنجي مرض جي دوا، جيڪا منهنجي وس ۽ اختيار ۾ نه
هئي، اهو ڪرشمو قدرت جي وس ۽ اختيار ۾ هو..... ۽
قدرت توکي بچائي ورتو آهي.“
’اهو ٻڌي نوجوان روئندو لقمان حڪيم جي پيرن تي ڪري
پيو ۽ پنهنجي ڪوتاهين جي معافي وٺڻ لڳو.“ ڳالهه
پوري ڪري عمر بڪڪ مشڪي چيو، ”اهوئي امرت اسان جي
اوئيءَ (پخال) ۾ به سنڌيل هو. جيڪو لقمان حڪيم جي
مريض گَهان (وانگي) اسان مئلن کي به جياري ويو
هو.“
مون ڇرڪي پڇيو، ”ڏاڏا، اوئي ته الاهي وڏي هئي ۽
ڀريل به هئي. ٻيو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟“ عمر بڪڪ کلي
چيو، ”ابا، ان مهل اها سونت ۽ نوا (سمجهه) ڪٿي هئي
جو ان آب حيات جو قدر ڪري سنڀالي رکون! اسان جيئرا
ٿياسين ته مال ياد آيو جيڪو پوين پساهن ۾ هو. ان
کي ڍُڪُ ڍُڪُ سُرُڪُ سُرُڪُ پياريوسين ته اهو به
هلڻ جهڙو ٿيو.“
عمر خان بڪڪ ٽي شاديون ڪيون کيرن پٽن، پوٽن،
ڌيئرن ۽ ڏوهٽن وارو هو. سڀ ئي زالون ۽ ٻار منجهانس
(هن مان) گهڻو خوش هئا، ڪڏهن به ڪنهن گهر ڀاتي ۽
اوڙي پاڙي کي ساڻس شڪايت نه ٿي. هن ڪنهن کي به ڏک
نه رسايو. ڪنهن ڪزاني پرڻيل ڌيئرن جي گهر ويندو هو
ته ناٺي، ڌيئر ۽ ڏوهٽا، کيس پير وانگي پوڄيندا
هئا. |