لفظ ’وڄا‘ بابت ساڳئي مٿين ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکيو
اٿم، ”جبل ۾ طبيب ۽ حڪيم جو ڌار تصور ڪونهي. نه
ئي جبل ۾ طبي وديا ۽ حڪمت بابت ڪي ڪلاس ٿيندا آهن.
يا ليڪچر ڏبا آهن. جبل جا ماڻهو پاڻ ئي پنهنجا ويڄ
طبيب آهن ستيون، ڦڪيون، پٽيون سڀ پاڻ ڪن. لطيف رح چواڻي،
پاڻ ئي ٻڌن پٽيون، پاڻ ئي چڪياڪن.“ مصداق، جَواڻِ،
سُڪو ليمون، کٽا ڏاڙهون، سَونفَ، سُنَ مَڪائي،
چَمَبرَ ڪاٺي، نَوشادَرُ، وَهَرُ، وَڏف، سڪا
اٺانگڙا، ايريال، جَلَ ڦُلَ، اِينَجڻيون، سُڪي
سُنڍ، ڪِرِياتَو، سَونا، سُڪا ڦودني پَنَ، اُهُرَ،
جَئورٽڪي، سِنهار، پٽ کٽالي، حُسين ٻوٽو، اڇو
زيرو، ڪَپُئي، بَوئَي مادرُ، موريءَ ٻِجُ، مصري،
ٻاٻريچي، ڪَئو جاپن، هِنڱ، هنجو، مورِتا سنگ،
مُنڍيري، ڪِڙِمت، اهي سڀ سندن دوائون، سُتيون،
ڦَڪيون، پِنيون ۽ پٽيون آهن. انهن کي سڪائي
اُکَرِيءَ ۾ جَهجَهري ڪُٽي ڪَپَڙ ڇاڻ ڪري ماکيءَ
ڳاڙ، گِههَ پچو، مَصريءَ ڳَڙي، لوڻ ڪڻو وجهي ٺاهي
جوڙي سنڀالي رکن، اهي ستيون ۽ ڦڪيون اهڙيون ته
ساڪُرِيون، سُپڪُ ۽ سوادي ٿين جو اگهو (بيمار) ته
گهوريو (ٺهيو) پر اَرو (سگهو/ تندرست) به پيو چَٽي
۽ ڦڪي. ٿوري ڪا ڇار گودڙائي (بدهضمي) ۽ هَينئن
ڀِرَڻُ (الٽي اچڻ) ٿيو ته چپٽي ڀري وات ۾ وجهن يا
تريءَ تي رکي ڦڪي هڻن ته ڪيڏي وئي ڇارگودڙائي ڪيڏي
هينئن ڀِرَڻَ. ماڻهو نئون نمرو ”هَرَ پيو
جهليندو“ (محاورو) اهيئي سندن ڪل ڪائنات آهن.
جبل اهڙي جاءِ جتي ڪنهن به احتياط ۽ حفاظت جو ڪو
بندوبست هجڻ ته ڇا اهڙي ڪنهن تصور جو به تصور
ڪونهي. اتي جيئري بندي سان موسم جون مستيون به
ٿين، اُسَ ۽ لَڪَ به تکي ته سيءُ ۽ پارو به ڇتو.
گرميءَ ۾ جبل تپي تندور ٿي پوندو آهي. زمين ٽانڊو
ٿي وڃي. ماڻهو ڀائين ته پير نه اکيون رکجن. ڪاڙهو
اهڙو جو ڀونگن کي باهيون لڳيو وڃن، سج به سو انيزي
تي لهيو اچي ته ماڻهوءَ ويچاري جي ڇا مجال آهي جو
سينو ساهي مقابلو ڪري سگهي. سج جو تئُه ۽ اس ۾
اُساٽجڻ جنهن کي شهري ماڻهو سَن اسٽروڪ (sun
stioke) چون
اُهو ته سندن لاءِ اڌري پڌري کٽي (موت) آهي. لُڪَ،
اُسَ، ڪاڙهو ته گهڻي کان گهڻو جنهن لاءِ وري وٽن
جَهلو (حفاظتي قدم) ڪوبه نه! پر جيڪو کين جياري ٿو
(الله جلھ) اهو کين سُرت ۽ جياپي جا پار به ڏي
ٿو. اهڙيءَ مهل ۾ جبل جا جوان همٿون ڪونه هارين،
لُڪاٽيل (لڪ ۽ اس لڳل) کي هڪدم ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ
ڪرائي/ وهنجاري، آمري ۽ کنڊ جو شربت پيارين ته
نئون نمرو ٿيو پوي.
سرديءَ جي موسم ۾ جبل ٺريو پارو ٿيو وڃي. ايڏي
سِههَ (سردي) جو ڦڦڙ پيا رڦن (ڏڪن). راتين جو ته
باقائده جبلن تي برف پوندي آهي. جبل به ايڏا اُچا
جن جي اڌ مان ڪڪر لنگهين ته چوٽين کي ڪشڪاءُ
(پرواهه/ احساس) ئي نه ٿئي.
لطيف سرڪار ته ڪوهستان ۾ آيو/ رهيو/ ٽڪيو آهي.
جنهن اهي سڀيئي لقاءَ ڏٺا، سٺا ۽ پنهنجي روشن
ماڻڪين ۾ انهن جا جيئرا عڪس چِٽي ماڳ موٽيو هو.
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾....! يعني،
جبلن ۽ ڪڪرن جو ميلاپ پيو ٿيئي/ جبل ۽ ڪڪر ميلاپ
پيا ڪن.
سيارو وري ماڻهن ۽ مال لاءِ نوان مسئلا ۽ مشڪلون
آڻيندو آهي. گندي پُچُ (ڪپڙا)، ليڙ لڳڙ به محدود.
گرم سوئيٽر، ڪوٽ، شالون، جراب، دستانه ۽ ٽوپيون
رهيا پنهنجي ماڳ، هتي ته هٿن سان ڪڏهن ڇاتي ته
ڪڏهن پُٺي ٿي ڍڪجي، وٺي جو سُو سَڙاٽُ ڪري جبلن
مان واءُ ورندو ته جهڳيون جهڻ ڪري ويندو. ڏريون
(ڀونگن جا پاسا) ڏري (ٽڪر ٿي) اڌ ٿي وڃي پَٽُ
وٺنديون. هانءُ هيرڻ پن کان به وڌ ڦڙڪي ڦُرِش
(ذرا) ٿي ويندو. مال جون واڙيون ڪاٺي ڪاٺي ٿي وڃي
مَلُڪَ کڻنديون ۽ مال ويچارو سکڻي ڪاري پٽ ۾ ڪَن
ڪڍيو پيو ڏڪندو.
مال به ساهدار ساسي آهي خاص ڪري گهرو/ پاليل مال
تي موسمن جو اثر ماڻهوءَ جيترو ئي پوي. ٻڪريون ٻئي
مال جي ڀيٽ ۾ سياري جي سٽ سهي نه سگهن. کنگهه ۽ ڇڪ
جو ٺڪاءُ پيو پوندن. کين هڪ زڪام جهڙي بيماري
ٿيندي آهي، جنهن کي ”پرسينڻ“ چون نڪ پيو وهندو
ڇاتي بند ٿي ويندن، چُرڻ ڦِرڻ، کائڻ پيئڻ کان
لاچار ٿي پوندا. دوا، دارون، ٽهل ٽڪور ته اهي به
لهڻا. ڪارو تماڪ اڳڙي ۾ ٻڌي ساري رات پاڻيءَ ۾
پُسائي/ ڇوڙي صبح جو تيل ۾ ملائي نڪ ۾ وجهن ته
ٻڪرين کي ڇڪون اچن ۽ ڇاتي کلي پوين.
مال جو پاڻ کان به مٿي خيال رکن ۽ انهن سان
هلاکيون (محنتون) ڪندي پاڻ به سيءَ ۾ جهلجي، وڍجي
پون. لَيسُ/ مَڏِهاڙُ/ ڀُتي، زڪام ۽ نمونيا، پاسا
جهلجيو ڇاتيون وٺجيو وڃن ته ساهه کڻڻ کان به
لاچار. پهرين ته سليماني چانهه (ڪاري چانهه) ڪاڙهي
ان ۾ لونگ، دالچيني ۽ سڪي سُنڍ وجهي ڪاڙهي ڪاڙهي
مريض کي ”مُنهن ڳاڙهه“ ٻاڦ (steam) ڏين
ته سينو ۽ پاسا کليو وڃن. جي گهڻي تڪليف هوندي ته
ڪڪڙ جا چوزا ڇلي پاسن تي ٻڌي مٿان پاهي (رڍجي)
کَلَ چاڙهي ڇڏين ته ڦڦڙ کليو پون. جي ڪو غريب آهي
۽ کل جي پهچ نه اٿس ته پاهي (ريڍي) مال جو ڀاڻ
ڪوسو ڪري ان جون تَتَا ڪُون ۽ سَيڪُ ڏين؛ يا زمين
تي باهه ٻاري سوسي ڇار (اڌ ڪوسي رک) تي بيمار کي
سمهارين ته ڇٽيو پوي. جبل وارن وٽ پلاستر به
پنهنجو، ٻاجهر جي اٽي جو ڏريو (ڏارو) رڌي پاسن تي
ٻڌن ته جند پند پلاستر جو ڪم ڏي.
جبل وارا کاڌي کائڻ، خاص ڪري گوشت کائڻ جا وڏا
خوراڪي ٿين سير ٻه سير گوشت ته اک تران (هيٺان) ئي
ڪونه آڻين/ ليکين ئي ڪونه! سڄيون کوڊيون (ٻڪر/
گهيٽو) کرڙي کايو وڃن ته اوڳرائي به ڪونه ڏين.
ڪڏهن ڪنهن مهل وِهَاٽجي، ٽِچِجي ۽ پِتاٽجي پون ته
گهه جا ٻُٽا (ڍُڪ) ڀرائي (پياري) مٿان کٽاڻ
کارائين ته اَوڪَارا ڪري پِتُ ڇنڊيو ڇڏين. ڪڏهن ڪا
اَرِ (بدهضمي) ٿين ته کنڊ جو ڦَڪُ هڻيو ڇڏين يا
کير پاڻي گڏي پي ڇڏين ته اڳوڻيءَ کان به اڳرا ٿيو
پون.
جبل سان واهپي جي ڪري ۽ لهڻ چڙهڻ دوران ڪِرَڻَ ۽
ڌڪِجڻ جا به وڏا امڪان آهن بلڪه وڏا واقعا ٿي
پوندا آهن جن کي پاڻ ئي مُنهِين (مقابلو) ڏيندا
آهن. هلڪي ڌڪ ۽ ڦٽ تي هيڊ ۽ تيل ملائي لڳائين ته
نَسون (رڳون) کليو وڃن. رڳو جي ٻاهر جا ڌڪ ۽ ڦٽ
هجن ۽ بُت جهاڳورجي پوي ته کُنڀيءَ جو پڪل اٽو ۽
گهه گڏ پيارين، جيڪڏهن نڪ ۽ وات مان رت ايندو
هوندو ته بيهي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ کي کَلَ اَوَسُ
چاڙهين. کَلَ به گرمائش ڪري نسون کولي وجهي ٿي ۽
ڄميل رت وري به رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿو.
خارش، ڦٽ ڦرڙي ٿين ته به وڏا استاد آهن. نم جا پن
ڪُٽي پاڻيءَ ۾ وجهي پاڻي ڪاڙهي ان مان وهنجا رين
ته بدن صاف ٿيو پوي. ڌڪ لڳڻ سان رت ڄمي دڙٻ ٿي وڃي
ته پٿرا ڪوسا ڪري تَتَا ڪُون ۽ سَيڪَ ڏين ته ڄميل
رت جو نشان لهي ويندو. وري جي ڦٽ ۽ ڳڙهه نٿو ڦاٽي
ته بصر ڪوسو ڪري ڦٽ/ ڳڙهه مٿان رکي اڳڙي ٻڌي ڇڏين
يا اٽي ۾ هيڊ وجهي ڳوهي ڪوسو ڪري ڦٽ مٿان ٻڌي ڇڏين
ته ڦٽ ڦاٽي پوي. ۽ رت پاءُ ۽ گند ڇڏي ڏيندو. پوءِ
سائي رنگ جي اڳڙي سرنهن جي تيل ۾ وجهي ٿوري هيڊ ۽
لوڻ جو ڪڻو وجهي باهه تي ٽاٽاري سَوسِي سوسي ڦٽ
مٿا رکن ته ڦٽ سُڪي اَرو (ٺيڪ) ٿي ويندو.
جبل ۾ ترار، ڪهاڙيون ته عام پر ٿوپاڪ/ بندوق جو به
وٽن وڏو رواج ۽ هِرس (شوق) آهي. شڪار ته شڪار پر
هونئن شغل ڪندي به نشان بازيءَ جا وڏا مقابلا
ڪندا آهن ائين سدائين لانچيا (مسلح)، پلاڻيا پيا
گهمندا آهن. وڙهن مارڻ گهوريو پر ڀوڳ مشڪري ۾ به
اهڙو ڌڪ هڻن جو زخم ٿي پوي. کلندي کلندي لاڳيون
(هٿ جي حرڪت سان ڀوڳ مشڪرو) ڏيندي به وڏا ڌڪ لڳيو
ويندا اٿن. لاڳ (ڀوڳ مان هڪ ٻئي سان هٿ چراند ڪرڻ)
۾ لڳل ڌڪ تي ڪاوڙجن ڪونه. پر ڌڪ ته ڌڪ آهي. اهو جي
اونهون لڳي وڃي ته پَنِ جو شيرو، ناس ۽ آنڃڻ
(سومو) وجهن. پَنِ جو شيرو ۽ ناس زخم سڪائي رت بند
ڪري ۽ آنڃڻ رڳو زخم کي ٿڌي ڪرڻ جو ڪم ڪري.
جبل ۾ نانگ بلائون بي شمار، خاص ڪري واسينگ
نانگ/ڪاريهر (King
Cobra) کي
خطرناڪ ۽
زهريلو سمجهندا آهن ۽ کيس عزت به ڏيندا آهن. بلڪه
کيس ’پير‘ به سمجهيو ويندو آهي. چوندا آهن ته جي
ڪا باس باسيل نه ڏبي آهي ته پير يا اولياءُ واسينگ
نانگ جي روپ ۾ ايندا ۽ جي ڪنهن جي خواب ۾ واسينگ
نانگ ايندو آهي ته هو ضرور ڪانه ڪا وسريل باس ياد
ڪري ڏئي ڇڏيندو آهي. جبل ۾ اهو پڻ مشهور آهي ته،
واسينگ سان ڇيڙ نه ڪجي ته هو ماٺ ميٺ ۾ ڀر مان به
لنگهي هليو ويندو، وڙهندو يا ڏنگيندو ڪونه. پر جي
ساڻس ڇيڙ ۽ چرچ ڪبي، يا کيس چيڙائبو ۽ هڪل ڪري
شانڪاربو (للڪاربو) ته هو پُڇَ جي چوٽيءَ تي بيهي
مقابلو ڪندو. ڪوهستان ۾ اها ڳالهه به مشهور آهي
ته، هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي سوار پي ويو. سامهون
واسينگ به پنهنجي واٽ وٺيو پي ويو ته اوچتو گهوڙي
سوار کي ڪو ڀوڳ سُجهيو ۽ هڪل ڪري واسينگ کي
شانڪاريائين، ”ڪيڏانهن پيو ڪنڌ هيٺ ڪري وڃين؟ مڙس
آهين ته مقابلو ڪر“. چون ٿا ته اڃا اهي لفظ سندس
وات ۾ ئي هئا ته واسينگ هڪدم سنئون ٿي پڇ ڀَرَ
بيهي گهوڙي سوار جي نرڙ تي ڏنگ هنيو ۽ گهوڙي سوار
اچي پٽ ورتو ۽ تڙپي دم ڏنائين (حالانڪه چوندا آهن
ته نانگ کي ڪَن نه ٿيندا آهن/ نه هوندا آهن).
جبل ۾ واسينگ نانگ کي شينهن جو درجو مليل آهي
(بلائن ۾)، ٻئي نمبر تي جبل ۾ ”ڪَوراڙِ“ بلا کي
خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو جيڪا واسينگ نانگ جي ابتڙ
بنا ڪنهن چُرچ ۽ ڇيڙ جي ٽڪو ڏئي هرو ڀرو ماڻهوءَ
سان وڙهندي ۽ ڏنگيندي آهي. ڪوراڙ بلا مختلف
خوبصورت رنگن جي هوندي آهي، جنهن جي بُت تي نهايت
سهڻا چِٽ چٽيل هوندا آهن. هوءَ نهايت زهريلي بلا
سمجهي ويندي آهي. جبل ۾ کيس واسينگ نانگ کان ٻئي
نمبر تي چِٽي/ چيتي جو درجو مليل آهي.
جبل ۾ ڪيئي نانگ بلائون آهن جيڪي ماڻهو لاءِ کُٽي
(موت) آهن. پر جنهن بلا سڄي جبل ۾ وڏا قهر ۽ خُنام
ڪيا آهن اها آهي کَپُڙ ڏيڍ فٽ جي ڊگهي. سنهڙي
ميرانجهڙي رنگ جي ڪُشاهيگِ (ڪوجهي/ بدصورت) بلا
جنهنجو رنگ صفا مٽي ۽ مُٽُڪَن (پٿرن) جهڙو ٿيئي.
بي خياليءَ ۾ ته ڪڏهن به نظر نه ايندي آهي. هونئن
به جبل ۾ بي خيالو ٿي نڪري نه سگهبو آهي. ’کپر‘ جي
فطرت ئي اها هوندي آهي ته واٽ تي ڪنهن پٿر يا سڪل
ڪاٺيءَ جي آڏ ۾ بيهي ڏنگ هڻڻ. جبل جا ڪيترائي ڪوپا
ان هچاخور بلا ڏنگي شهيد ڪيا آهن. لطيف سرڪار به
مٿس ڪاوڙيل آهي.
کَپُرَ، گاروڙين سين، وڏو وِڌئي ويرُ
نانگَ نه ويندين نڪري، تو ڏَرِ مَٿي پَيرُ
هي تِنين جو ڍيرُ، جِن جَهونا ڳڙُهه جَلائيو.
ائين ئي جبل ۾ ڪيئي نانگ بلائون آهن جن لاءِ لطيف
بادشاهه چوي ٿو، ڪَرَڙا ڏُونگر کِههَ گهڻي،جت نانگ
سُڄن نيلا. جتي نيلا... نانگ ڦڻيون ڦُلُهاريو ڦوڪا
ريندا ڦِرَن ۽ فطرت جي عين مطابق پَٽَ، پٿر، وَڻَ،
وَٽَ، ٻَوٽي ڪاٺيءَ جي رڱ ۾ رڱجي انوکن اندازن سان
سارو سنسار سراپيو ويٺا هجن. اتي ڪيئي ڏنگجڻ ۽
ڪکجڻ جا واقعا به ٿيندا آهن. پر جبل جي قدرتي ويڄن
وٽ نانگ جي ڏنگيل لاءِ به وڏيون وِٿون ۽ اَوٽَون
(طريقا) آهن. اهڙيءَ مهل اهي اَوٽَاتا حڪيم ڇَڙَڪا
۽ متحرڪ ٿي ويندا آهن. سندن وِڄائون (لياقتون) ۽
ڊَڀَ (دوائون) لوڪ جا درد لاهيو کين موت جي منهن
مان ڪڍيو زندگيءَ سان هَمَڪِنار ۽ ڀاڪر پارايو
ڇڏين.نانگ جو ڪَکيل/ ڏنگيل جي بروقت، هڪيو تڪيو
ويڄ وٽ پُنَو (پهتو) ته معنيٰ کينئُن (خير) ٿيو.
ڏنگيل کي هڪدم ڏنگ واري هنڌ کان ٿورو مٿي ڪنهن
ڪپڙي سان سَڪُ (سخت) ٻڌي ڏنگيل جاءِ کي ڪَپَ/
ڇريءَ سان ڪراس (+)
جي شڪل ۾ چيرا ڏئي رَتُ وهائيندا آهن. رت بيهي
ويندو ته ڏانگي (ڏنگ جو علاج ڪرڻ وارو) وات سان
چوهي/ چوسي به رت ڪڍندو آهي. پوءِ ڏنگيل کي بصر
کارائي گهه جا ٻٽا (ڍڪ) ڀرائيندا (پياريندا) آهن،
۽ ان کي الٽيون ڪرائي زهر جو اثر ختم ڪرائيندا
آهن. پوءِ به خاطري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڏنگيل حصي کي
اَوجَهه ۾ وجهي ڪجهه وقت ڇڏي ڏين، ائين ڪرڻ سان
زخم مان رت جاري ٿيندو آهي ۽ سڄو زهر نڪري ويندو
آهي.
ائين ئي مال جي ڀڳي ٽُٽي ۽ اگهائي سگهائي جا به
پاڻ ڪاريگر آهن. جيڪو جتي رهي ٿو تنهن کي تِتي
(اتي) قدرت سڀ جو علم ڏئي ڇڏيو آهي.
جيئرو جيءُ آهي ته کائيندو، پيئندو، ڪرندو،
ڌڪجندو، اگهو ٿيندو. انهن سڀني جا علاج، دوا،
دارون جيڪي به وٽن آهن اهي سڀ صدين جي تجربن ۽
آزمائڻ جا نتيجا ۽ ثمر آهن. جيڪي وقت سان گڏ
سڌرندا ۽ کين فائدا پهچائيندا رهندا آهن.
اڄ به جبل جا ماڻهو ڏک بک ۾ به شهري ماڻهوءَ کان
وڌيڪ تندرست ۽ طاقتور آهن. شهري ماڻهو سکيو ستابو،
کاڌو ڍئوتي، چربيون چاڙهي، گوشت جا بُٺا بڻيو هلڻ
کان هلاک ٿيو ويهي رهن. وري ٿولهه ۽ چرٻي لاهڻ
لاءِ علاج، ورزشون، کاڌي پيتي جون بندگيرون
(ڊائيٽنگ) انهن هلاکين ۾ ته مرڳو نِزِيگُ (ڪمزور)
ٿيو ڇُڙُيَو (چمڙي لڙڪايو) پون.
روز پاڻي رازق جي هٿ ۾ آهي. پر جبل وارن جو ڄڻ
وَسَ (مينهن جي مند) جي هٿ ۾ آهي. وَسَ وسي ته
ڍئو، نه ته بک. وَسَ به مُدامَ (وقت) تي اچي. ائين
جبل جو ماڻهو نئون نيرانو پيو جَهنگ جَهڙِيندو
آهي. اها ٿي جبل وارن جي ڊائيٽنگ ۽ ايڪسرسائيز سو،
هاٺيءَ ڪاٺيءَ سنوان سِڌا، وڏا قد، ويڪريون
ڇاتيون، چيلهه چهٻڪ، شَنبيءَ (اسٽيڪچر) سوهڻا،
کهيءَ ملوڪ. جُهجَهه (وڏا پيٽ) ڇڻيل ۽ ڀڀ ڀريل بي
ڊولا ڳولي نه لڀندا. ٿلهائيءَ جي ڀيٽ ۾ سنهائيءَ
ڏانهن مائل آهن. ٿورو ڪه گهڻو جيڪو به کائين اهو
بت تي لڳين باقي بوگَ (گوشت) ۽ ڪلها وس ۾ به ڪونه
چاڙهين پوءِ به بيساها ۽ نزيگ ناهن. ڀت ماني جي
ناهي ته به خير آهي. جبلن ۾ ٿيندڙ قدرتي ميون (ڏٿ
وغيره) جي ذات ذات جا رَسَ اندر ۾ ٿا پون. جيئن
ماکيءَ جي مک گل گل ۽ ميون جا رس چوسي اچي ماناري
۾ وجهي ماکي ٺاهيندي آهي تيئن ئي جبل جي ماڻهن جا
اندر به ڄڻ ته مانارا آهن. جتي ميون، گلن، پنن،
ولين ڇوڏن، پاڙن ۽ کونئرن جا مختلف رس گڏجي ماکي
بنجن ٿا. ائين اهي هر وقت مستعد ۽ چاڪ چو بند نظر
اچن ٿا. لطيف چواڻي، جن جو ويڙهين سين واپار، سي
ڏوٿي هُونِ نه ڏُٻرا.
يعني- جن جو جهنگ، جبل سان وهنوار آهي/ تعلق ۽
واسطو آهي، اهي ڏٿ چونڊيندڙ ڪڏهن به جسماني طور
ڪمزور نه هوندا. ڇو جو جهنگ ۽ جبل ۾ وس جي مند ۾
ته طرحين طرحين کاڄ جبلن ۽ پٽن ۾ پکڙيا پيا هوندا
آهن. جبل جو ماڻهو ڀلي هڪ هنڌ تي بيهي يا ويهي نه
به کائي پر جي رڳو هلندي، گهمندي، ڦرندي ڪٿان
ڳاڱي، ڪٿان ڳاڱو، ڪٿان ليهار، ڪٿان ٻير، ڪٿان چڀڙ
۽ ڪٿان کٽالي ڇِنَدو وات ۾ داڻو داڻو، ڪڻو ڪڻو
وجهندو چٻيندو هلندو ويندو ته به بکيو ڪين رهندو.
جڏهن جسم ۾ مختلف قوت ۽ طاقت جا ميوا پوندا ته اهي
ڏوٿي ڪيئن ڏٻرا ۽ بيساهارهندا! اهي ته سَٻَرَ ۽
ساهيٽا هوندا. وَسَ ۾ انهن مضبوط ۽ طاقتور ماڻهن
سان ڪو پهرين جوڙ جو ملهه به پڄي نه سگهندو. سَٽَ
سان ڪنڌ ڀر ڪيرائي وجهنس.
وَسَ وسي ته سڀيئي اُڍُڪا لهيو وڃن، ستن پٽن جا
پيئر ٿيو مڇيون وٽيو پيا مُرڪندا. مينهن تَريون
ڏئي پيو وسندو. پاڻي ڇاروڙا ڪري پيو وهندو. ڀونگن
۾ مينهن جو ڪهڙو جَهلو (رڪاوٽ)، جهڙو ٻاهر تهڙو
اندر پيو وسندو. سامان سڙهو، رلي رانٽو، ليڙ لڳڙ
سڀ پسجي سُڙُٻَ (پاڻيءَ مان ڀريل) ٿي ڀَتُ ٿي
ويندا. ڦڙيءَ جو ٺڪاءُ پيو پوندو. تنوڻ تندي جي ڪا
وار ئي ته ملندن ته به چوندا، ’اُٺا مڙيئي ڀلا.‘
ڪڪر ڪارونڀار ڪري ڪڙڪن ته ڏينهن به رات جيان ڪاري
ڪُونٽ ٿي وڃي ڳَئيءَ (ڪڪرن جي ٽڪرائڻ جو آواز) جو
ڌڌڪو پيو پوندو. وٺي جو ڪڙڪو ڪري وِڄِ لڳندي ته
سندس پڙلاءَ ۾ پسبو ته سڀيئي مُک سَرها ۽ چهرا
خوشيءَ مان ٻهڪيل نظر ايندا. سندن ڄَوڙيون
(ڄاڙيون) کل مان ڪنن سان لڳيون پيون هونديون.
وَاتَ مُرڪ مَنجهان ٻوٽجندا ڪونه، وَيلون (واڇون)
چولاٽ (ڪياڙي) سان وڃي لڳنديون. اَٿرا ۽ کيچلا ته
لاڳين ۽ کڳين ۾ پورا هوندا. پر ماٺيڻن جي مُشڪ به
چپن ۽ اکين مان پئي ڦٽندي. ڌوتل آسمان مان مَسَ
مينهن اوڪاڻبو (بند ٿيندو) ته تيز تکي اُسَ نڪري
ايندي سڀڪو ڊوڙي ٽپڙ ٽاڙي، گندي پُچَ (ڪپڙا) کڻي
آڻي رَوهه (اُسَ) تي لاڙيندو (اڇلائيندو). ٻاهر پٽ
۾ مارينگن (چلهي جي ٽن پٿرن) ۾ ڦشَ ڦوهر، ڪک ڪانا
وجهي ڦوڪون ڏئي، ٽانڊا ٻاري جيڪو ٿورو گهڻو هوندو
اهو رڌي پچائي وٺندو. وري جا رَڱَڻِ (مسلسل مينهن)
ڍَرندي (ڪڙڪندي) ته الائي ڪڏهن اوڪاڻجي.
اسين شهر وارا ٿوري مينهن تي به بيزار ٿيو الله کي
قرآن ميڙ ڪريون. روڊ، رستا، ڳليون، گهيڙ سڀ گٽر
ٿيو وڃن ماڻهو نه نڪرڻ جهڙو نه هلڻ جهڙو. جٿان
ڪٿان نڪ تي رومال رکي پانچا گوڏي تائين کڻي گذر جي
ته گذر جي نه ته گهر اچي اوڪارا (الٽيون) ڪجن.
جبل ۾ مينهن وسي ته دل چوي ته ڀلي پيو سدا وسي.
مينهن جون ڦڙيون ڄڻ عطر جا قطرا هجن. چوڏسائن مان
هڳاءَ پيا ايندا، سُرهاڻيون، مهڪارون، هٻڪارون، ٻي
ڳالهه نڪا ڳت. اسين شهري ماڻهو ڪنهن ڪذاني وڃون ته
مينهن جا منظر ۽ حسنا ڪيون ڏسي مبهوت ٿيو وڃون. پر
جبل وارن لاءِ اهي مينهن جا نظارا رڳو منظر، حسنا
ڪيون ۽ مهڪارون ناهن. مينهن ته انهن جو جياپو آهي
جنهن ۾ سندن ساهه پساهه اٽڪيل آهي. ڀلي ڪيترو به
مينهن وسي کلندا ٽهڪ ڏيندا پيا نعرا هڻندا، ڀيڄ
مولا چانديءَ جا گولا. اصل مينهن مان ڍئوئي ڪين
ٿيندن. جي ڪجهه چئبو ته مشڪي چوندا، چلهه به ڪڏهن
اڱارن مان ڍائي آهي.
ٻارن جو ته رونشو لڳو پيو هوندو، پَٽن ۾ پِڙيُون
(ڊوڙون) ڪريو خوشيءَ مان ڪُوچُ (سنهيون ڪيڪون)
لڳون پيو هوندن. مس اڃا اڀ تي ڪڪر مُچ (گڏ) ٿيندا.
ڦڙ ڦڙ شروع ٿيندي ته پڙيون ڪري ڊوڙي مائرن جي مٿن
تان گنديون جهڙپي جهوليون جهلي کلندا راڳ ڪندا گهر
گهر ويندا. ’ڪارڙو ڪنڀارڙو الاڏي مينهن وسي‘ گهر
گهر مان ڪٿان اٽو، ڪٿان ڳڙ، ڪٿان گهه، پني اچي هڪ
هنڌ ٽامڙو چاڙهي ڏريو رڌي پاڻ به کائيندا ته گهر
گهر ورهائي به ڏيندا. وَسَ جا مزا ماڻڻا آهن حسنا
ڪيون ڏسڻيون آهن ته وڃي جبل ۾ ڏسو.
مينهن وسي بَس ڪندو آهي ته سڄو وايومنڊل سرهاڻين
سان هٻڪار جي ويندو. مٽيءَ جي مقدس مهڪار سان گڏ
گلن ڦلن، ڪکن پنن، ولين گاهن ۽ ڏٿ جي هڪ هڪ قسم جي
ڌار ڌار خوشبوئن سان جبل مهڪي پوندو آهي، ۽ پَٽَ
پُوٺا مئخانه بنجي نشو اوتڻ لڳندا آهن.
جبل جي هڪ سڄاڻ شاعر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي
ڪلام کي اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ مولا بخش علي
محمد بڪڪ جو وَسَ (مينهن جي مند) بابت هڪ نظم جنهن
جو عنوان ئي وَسَ آهي اهو پيش خدمت آهي.
وَسَ
ڪَڪَرُ ڪارو ڪَري ڪَڙڪا
ڏُڪَر کي ڏي اچيو دَڙڪا
ڏڪر ويو ڀَر نه تون سڏڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
آهن چوڌار گجگوڙيون، ننڍا ڍورا به ڪَن بوڙيون
پنهوارن جون ڳنوارن جون، لڳن ڪَنَ سان ٿيون اڄ
ڄوڙيون
وڄون ٿيون ڪَنِ اجهو تِڙڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
اچي سانوڻ ڪيا سَرها، اَيون گابا رڍون ڪرها
سڀيئي ساوا سڀيئي سڻڀا، اکين پَسِجن نٿا اَرها
هَڪَلَ هُلَ سينڍ ۽ ڳِٽڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
ڦُٽن پيا گاهه جا ذرڙا، چَرَن چَوٽين چڙهي ڦرڙا
ٻڌيو ٻارا اچيو هيجئون، ڏين هاري ٿا اڄ هرڙا
لٿا خوراڪ جا کٽڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
وطن سرسبز آسارو، اڀاڳن جو وريو وارو
غريبن جو اٻوجهن جو، اچي ڏس هاڻ اوتارو
برهه باهيون ٿيون ڪن ڀڙڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
کَٽَالِيون ٻَير ڳاڱِيون ڏس، مُنگها ڦُنگيون ۽
ڪَونئريون ڏس
چِڀِڙَ ڪَوڍِيرَ گَهوگِهيٽا، مِٺا لِيهارَ پَيرُون
ڏس
ڌراڙن جا لٿا اُڍڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
بَنيا بَرَ باغَ باغيچا، وِڇايا گاهه غاليچا
غريبن تي اٻوجهن تي، اِهي احسان آڳيجا
نيون سوسيون نوان پَٽِڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي
وسيو سانوڻ آ راڳن سان، مليو آ مينهن ڀاڳن سان
ڪڏن جهومن ڪريو سوهڻيون، بَڪڪ ڏس ڪيئن چاڳن سان
مکڻ جا سِرَ مٿي مٽڪا
امان ڌرتي مٺي ڌرتي.
يا، لس ٻيلي جي هڪ آڳاٽي شاعر ولي محمد رُونجهي جو
هڪ طويل شعر آهي.
وَٺوَ مينهن وَسَ ٿي، مَوريا ٻج ٻيهرَ
ڪانههَ، ڪانڍيرا اٿيا سُڻ موچارا سَرَ
لنب لوت لڳي پيا، پٽين ۾ پُوتَر
ميها، مُنگها، مَزليون، ڇُڳا ڪيا ڇَاٻَر
ڊڀ، ڊامڻ اٿيو، ڪَيا مَنڌِيئڙي مڃر
ڳَمَ، ڳنڍير، ساوڪون، سنگيو، چيهي لاءِ چَرَ
کِههَ، کٽهڙيون، خوب کُنبهيون، ڏنهون ڪيا ڏيهر
ڀَن، ڀِچِڻيءَ، موڪ مَرِيڙو، لاڻا، لوت، للر
کيرڻيءَ جا خوشيءَ سين ٿا چَرن ٻُورَ ٻَڪَرَ
لال لاٽي ڦڳي، ٻي پوئي پٽ پٿر
ڪڏ ڪوتَڪ اٿي، اڃا زور ڦلي زَهَمَر،
ٽوپ ڪلهوڙي پنيون پڪيون، جوپ جهجهاتِتِ جَرَ
واهو، ويکو، جوپ جوانسو، ڊمائو، ڊڪر
ڦانگ، سنڱو ٽيون ڦليون، ٿا ڪن گولاڙن تي گذر
نرو، هرڙو، سڱيا، ڦٽا ڇل ڇٻر
ريڪ، مُنڍيري، سِنيَار سوايو، ڌڻين لاءِ ڌَنوَرَ
ڏڌر، ٽَانڪارِي، اُڻند انگي پيو، ٻيلوڙا گنجڪ
منجهه گهر
ڏيڏو، ڪڙمتُ، ٻيل، ٻريڙي، ڊاک جهنگين تي جر
آئون ڇَل چونڊيندس ڇٻ ۾، ٻاٻاڻن سين ٻر
چڀڙ ميڙي، وليون ويڙهي، ڀريو ڪوڙي ڪانبا ڪر
ميها آندم چونڊي پاند ۾، ڪيم کاٽَونبن سين کر
ڏونرا، پيرون پوڄ پٽن ۾، لال پڪا ليهر
درس ديڳوڙا ديسين ۾، ٻيا ڦاروئڙن ڪيا ڦر
لال ليسوڙيون پڪيون، ٻيون ڪوڍيريون ڪثر
آڻيو ڳاڱا ڳوٺ ۾، پتيون ڪن پنهور
کَوريون، ٻيريون، گگريون، ٿرين ڦليا ٿوهر
بيد، ڄميون باغ ٿيون، ڪيا گهوگهيٽي گُگُر
ڀرٽ، ڀونگر، ڪرنگهه، ڪتي پڇ، حاجيئڙي هونگر
اُست، ابتيون، ٿيو ڳوهينڊيو، ٻي جا بيحد گهڻي بتر
ٻاجهه، ٻڪني، هنڌ هنڌ هيرڻ، پَٽَين پَڇُو نگر
کوب کيروليون، هار هسڳريون، چندني ڪيا چڪر
ٽهِ پُنيون ٽهڪن، منگليون مرڪن، ڦٽيون ٻڪر هاليون
ٻيهر
بَڙَ، انجير، سرنهه ساڄو ٿيو، ويڙيون ويءَ ولر
ڪَهُوءَ، مَهوءَ وڻ ڪيترا، ٻيا پهڻيرا پڌر
لڏي لوهيڙا نڱيا، پاٻوهيا پِپِر
ٻَيل ٻٻورين ٻور ٻڌا، آئون چونڊيان ساڪڙ ساڻ سڳر
ڪورڻ، مينديون، چونڊڻ وينديون، جتي جال جڳر
گُرُڙُ، ڳاراٺي، ويڙ ورينگڻ، کاڌم سونهاري سڳر
اَڪَ، ٻُوههَ، اباڻن اوڏڙا، نِمَ تِتِ نشانبر
ٽانت، هشنگ، کار، کپون، ميشڪ ڪيا مڃر
ڦَوڙَ، گرؤڙ، خوب کرڪ، ٽيو تِتَي وڻ تمر
تنهنجا ڪم نه اچن ڪيوڙا، آما، انب اپر
ليما، ڪويون، آمريون، تو وٽ نت پڪا ناير
سرکن، ونجهه ولاتي، پر قوت اسان جو ڪؤنر
سرها سانبين سومرا، گام اسان جا گهر
کٿوريءَ خوشبو ڪئي، اوتيائون عطر
ساريم وڻ وطن جا، ساڄا سڀ سکر
واحد جي وڏائيءَ جي ڪمي ناهي ڪر
مون کي عقل ايترو آيو منجهه اندر
هي طويل شعر ٽيهٺ (63) بندن تي ٻڌل آهي جنهن جا
پويان بند غير واسطيدار آهن، تنهن ڪري آخري شعر
شاعر جي نالي وارو هيٺ ڏجي ٿو.
سندي دوساڻي در، شل وينديس ولي محمد چئي. |