سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:2 

هڪ سگهارو ۽ دادلو ڪردار

قادر بخش بڪڪ (منگهاڻي)

ڪَوڪَو وَڻا چَو وَيڙهه ۾، وِيا سَڀُ وَرِکَ

سَدي  مَيَنِ   سِڪُ  گَڏَ   گَونئرن  نه  لهي.

(شاهه رح)

پيار ڌرتيءَ تي به پير نه ٿو رکي ۽ نه ئي انساني سرن مٿان گهمي ٿو، جيڪي بهرحال ايترو نرم ڪونه آهن. پر اهو دنيا ۾ وجود رکندڙ سڀ کان نرم شئي يعني انساني دلين ۾  موجود آهي.

اهو اتي رهي ٿو، پسار ڪري ٿو ۽ اتي ديرو دمائي ٿو، ائين به ناهي ته سمورين دلين ۽ روحن ۾، پر جتي ڏاڍائي، شوخي ۽ ڪٺورتا آهي اتان اهو پر پکيڙي اڏامي وڃي ٿو ۽ اتي وڃي واهيرو ڪري ٿو، جتي نرمي، نزاڪت ۽ مڙڻ، جڙڻ آهي. پوءِ هو نه رڳو پنهنجن پيرن سان پر پنهنجي پوري وجود ۽ هستيءَ سان ان سڀ کان نرم جاءِ تي پنهنجو آستانو اڏي ٿو. ڇا؟ پوءِ پيار کان وڌيڪ ٻي ڪا انمول ۽ نازڪ نفيس شئي ٿي سگهي ٿي!“

يونان ۾ سقراط واري دور جي سٻاجهي شاعر اگيٿون جا هي مٿيان وڻندڙ ۽ اثرائتا جملا ڄڻ ته عڪس آهن خوبصورت، جوان، تعليم يافته، سجاڳ روشن ذهن ۽ رحمدل قادر بخش بڪڪ جي ڪومل دل جا، جتي پيار جو اهو نازڪ نفيس ۽ حساس پکي مڪمل سنڀال ۽ پوري تحفظ سان رهيل هو.

برک صحافي ۽ ناليوارو دانشور مرحوم ف.م. لاشاري صاحب پنهنجي مضمون ”قادر بخش بڪڪ کي ڪير وساري سگهندو؟“ (هلال پاڪستان اخبار، فيبروري 1988ع) ۾ لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن گڏيل قومن واري اداري کي هڪ بااختيار ادارو بنائجي ته انسان ذات جي اجاين ٽڪرائن کي ختم ڪرڻ لاءِ، اهو جذبو اهم ڪردار ادا ڪري جيڪو دنيا جهان جي خير لاءِ قادر بخش بڪڪ جي دل ۾ هو.“ قادر بخش بڪڪ جهڙا امر انسان صدين پڄاڻا پيدا ٿيندا آهن، انهن جي دلين ۾ رب پاڪ رڳو پيار، محبت، خير، نرمي، ٻاجهه ۽ رحم رکندو آهي، جن جو نصب العين ماڻهوءَ جا آزار، تڪليفون، غم ۽ درد ختم ڪرڻ ۽ کين خوشيون، سڪون، سک ۽ آرام ڏيڻ هوندو آهي. اهي انسان ذات جا وارث، نمائندا ۽ ترجمان هوندا آهن، جيڪي ذات ۽ برادرين کان مٿانهان هوندا آهن. انهن جي اڳيان هر هڪ ساهه وارو مستحق هوندو آهي: تحفظ جو، پناهه جو، خوشين جو ۽ امن جو.

قادر بخش بڪڪ انهن سڀني خوبين سان سينگاريل ۽ سنواريل هو جيڪي هڪ ڀلي انسان لاءِ ضروري هونديون آهن. ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ ٿيا هوندا، جن ڪراچيءَ جي ماڻهن جي سک ۽ خوشحاليءَ لاءِ ايترو سوچيو، پتوڙيو، جاکوڙيو ۽ ڪيو هوندو.

ڪراچيءَ جو هڪ هڪ ڳوٺ، هڪ هڪ ماڻهو سندس نظرن ۾ هو ۽ وٽس هرهڪ جي سک ۽ خوشحاليءَ جي خوابن جهڙا پيارا ۽ مڪمل پروگرام هئا. جن مان ڪن تي عمل ڪري سگهيو، باقي ٻيا سڀ سندس ڪمهلي وڃڻ سبب ملتوي ٿي ويا هميشه لاءِ!

”ٻين جا بار کڻي پنهنجيون سموريون صلاحيتون، وقت ۽ وت ڏئي، ايتري مختصر حياتيءَ ۾ هن ايترا ڪم ڪيا جيڪي ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڊگهيون حياتيون گهرجن.“ (ف.م. لاشاري 1988ع).

قادر بخش بڪڪ ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي بچاءَ ۽ کين سهوليتون ڏيڻ جي شروعات، پنهنجي ڳوٺ ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ کان ڪئي، جتي اڳ ڪا به بنيادي سهولت نه هئي، اتي هن سيوريج جو اهڙو سسٽم آندو جيڪو اڳ سڄي ڪراچيءَ ۾ نه هو. پاڻيءَ جو اهڙو جامع ۽ روان سلسلو هلايائين جو اڄ سندس وڃڻ جي 20 سالن پڄاڻا به، بنا ڪنهن رڪاوٽ جي صاف، مٺو ۽ مفت پاڻي جاري آهي. سڄي ڪراچيءَ ۾ ڀلي پاڻي بند هجي پر هن اولياءَ صفت انسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي وافر مقدار ۾ موجود هوندو آهي. جتي ماڻهن پنهنجي گهرن اڳيان باغ باغيچا لڳائي ڇڏيا آهن. بجلي، گيس، ٽيليفون ۽ هر جديد سهوليت اڄ ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ ۾ موجود آهي. جيڪي هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ مهيا ڪيو هيون. ائين ئي ڪراچيءَ جي هر هڪ ڳوٺ لاءِ وٽس پروگرام هئا.

مشهور صحافي ۽ روزاني اپيل ڪراچيءَ جي ايڊيٽر محترم شيرمحمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو دادلو فرزند قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي.ايم.سي) جو  ميئر هو ته، انهن ڏينهن ۾ ميئر صاحب عالمي بئنڪ ۽ يو.اين.اي کان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن ڳوٺن کي نيون ۽ ڪچيون آباديون قرار ڏئي انهن جي سروي شروع ڪرائي ڏني. ان سلسلي ۾ جڏهن هڪ ٽيم ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ جي سروي ڪرڻ لاءِ پهتي ته قادر بخش بڪڪ صاحب انهيءَ ٽيم کي موٽائي ڇڏيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن ڪائونسلرن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وفد ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته، قادر بخش بڪڪ صاحب ڪراچيءَ جي قديمي ڳوٺن جي بچاءَ ۾ ڪي.ايم.سي جي ڪائونسل اجلاس ۾ مدلل ۽ پر اثر تقرير ڪندي چيو ته، ”اسان جا ڳوٺ ننڌڻڪيون آباديون يا ڌرتي ڌڪاڻن جون وسنديون ڪونهن جو، انهن کي اک ڇنڀ ۾ قلم جي هڪ جنبش سان ڪچيون آباديون قرار ڏنو وڃي. اسان وري حڪومت جي ان عمل تي خوش ٿي تاڙيون وڄايون ته هاڻي سهوليتون ملنديون.

ڪراچيءَ ۾ قائم سنڌين جا سوين ڳوٺ اسان جا عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهن، جن جي اندر ۾ سوين هزارين سالن جي تاريخ سمايل آهي. حقيقت اها آهي ته انهن عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي امين ڳوٺن اڳيان خود نئون ڄميل پاڪستان، هڪ ڪچي آبادي آهي ان ڪري حقيقت جو ادراڪ ڪندي انهن ڳوٺن کي ڪچيون آباديون نه پر قديم آباديون قرار ڏنو وڃي.“

جڏهن عالمي وفد سندس اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هو هن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ وفد جي ميمبرن ” حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ جو دورو ڪيو. قادر بخش بڪڪ صاحب کين ڳوٺ جي گهٽيءَ گهٽيءَ جو سير ڪرايو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرايون ۽ کين سنڌ جي قديم ڳوٺن جي مسئلن کان واقف ڪرايو. ان بعد ڪي.ايم.سي به مجبور ٿي ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ سميت ڪيترن سنڌي ڳوٺن تان ڪچي آبادي واري ڇاپ لاهي، کين قديم آبادي طور تسليم ڪيو جيڪا سچ ته سنڌ واسين جي موقف جي وڏي ڪاميابي هئي. (2 فيبروري 2004ع)

قادر بخش بڪڪ ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ نهايت فڪرمند هو ۽ هر هڪ ڳوٺ جي ننڍي وڏي تقريب ۾ شريڪ ٿي سندن مسئلا ۽ تڪليفون معلوم ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته وٽس ڪراچي ۽ سندس پس گرداين وارن ڳوٺن ۾، هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ شادين جا چاليهه پنجاهه ڪارڊ ايندا هئا ته پاڻ مشڪي پنهنجي ڊرائيور کي چوندو هو ته، ”ادا، هلو ته هڪ هڪ گراهه کائيندا سڀني سان شريڪ ٿيندا هلون!“ ائين هو هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ چاليهه پنجاهه شادين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي رواج موجب بجارون، پونت ۽ پوئا (پاهت) پڻ ڏيندو ۽ ڀريندو هو. موٽ ۾ کيس وڏيون عزتون ۽ وڏا مان ملندا هئا ۽ گهوٽ پنهنجن ڪلهن ۽ ڪنڌن مان اجرڪ ۽ هار لاهي کيس پارائيندا هئا.

ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ پتوڙيندي ۽ جاکوڙيندي کيس ڪاميابيون پڻ مليون. برک شاعر، دانشور ۽ هر دل عزيز ادبي پرچي ”سوجهرو“ جي ايڊيٽر محترم تاج بلوچ صاحب پنهنجي مضمون ”سنڌ جو سچو ۽ گمنام سپاهي قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکيو آهي (سوجهرو، فيبروري 2004ع)ته، ”قادر بخش بڪڪ بنيادي جمهوريت واري سرشتي کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ هڪ بي لوث شخص وانگيان، هڙان وڙان نه رڳو پنهنجي ڳوٺ جي غريب ۽ پٺتي پيل رهواسين جي هر طرح سان مدد ڪئي، پر هن ماڙيپور، نيو ڪراچي، گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر جي چوڌاري جيڪي به سنڌي ڳوٺ آهن انهن کي بچائڻ لاءِ وڏو جهاد ڪيو. جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ اڃا اجاگر نه ڪيو ويو آهي.

هن پنهنجي والد سيٺ علي محمد بڪڪ جي بلوچستان تائين وڌيل ڪاروبار ۽ ملڪيت سان ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن کي بچائڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي جانين جي حفاظت لاءِ پيسو پاڻيءَ جيان وهايو ۽ ڳوٺن جي گهڻائي بچائي ورتي.

جڏهن هڪ سنڌي ڳوٺ جنهن کي هن پاڻ پناهگيرن جي قبضي گيريءَ کان بچايو هو، ان ڳوٺ جا رهواسي وٽس آيا ته انهيءَ ڳوٺ جو نالو ”قادر بخش بڪڪ ڳوٺ“ رکيو وڃي ته پاڻ سختيءَ سان منع ڪيائين. ان ڳوٺ جو نالو پاڻ ئي ”ماروئڙا ڳوٺ“ تجويز ڪيو هو (ڳوٺ جي ماڻهن پوءِ به سندس نالي جو بورڊ ”قادر بخش بڪڪ ڳوٺ“ لڳائي ڇڏيو هو جيڪو پوءِ سندس ئي ناراضگيءَ جي ڪري لاٿو ويو). هو  ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ سدائين متحرڪ هوندو هو. سندس انهيءَ ڊوڙ ڊڪ جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي مقامي ماڻهن کي وري به سڪون جون ننڊون مليون هيون ۽ هو بي اونا ٿي ويا هئا. سندس انهن اعليٰ ڳڻن کي ساريندي محترم فقير محمد لاشاري صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”شهرت جي شوق واري پکڙجندڙ وبا جي هن دور ۾ قادر بخش بڪڪ انهن سڀني ڳالهين کان مٿان هو، کيس پنهنجي وقار وڌائڻ لاءِ ڪنهن به فالتو ۽ اڌاري شئي جي مدد وٺڻ جو ڪو تصور ڪونه هو. لڳيم ٿو ته هو قاصد ٿي آيو هو ۽ چڱائيءَ جا پيغام ڏئي، چڱاين جو عملي مظاهرو ڪري، دنيا کي ڪجهه ياد ڪرائي هليو ويو.“

محترم شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ نه رڳو ڳوٺ واسين پر ڪراچيءَ جي سمورن سنڌين جو ڀرجهلو ۽ مددگار هو. وٽس وڃڻ لاءِ وقت به مقرر ٿيل نه هوندو هو. اڌ رات هجي يا تتل ڏينهن، جنهن وقت به ڪير سڏ ڪندو هو ته، پنهنجا ڪم اڌ ۾ ڇڏي ان جي مدد کي پنهنجي زندگيءَ جو مقدس فرض سمجهي نڪري پوندو هو.

ضلعي ٿرپارڪر جي تڏهوڪي هڪ غير سنڌي ڊپٽي ڪمشنر، ڪوڙن ڪاغذن جي آڌار تي ڪراچيءَ جي ”کنڊو ڳوٺ“ جون زمينون پنهنجي نالي ڪرائي، ورهين کان آباد ڳوٺاڻن کي گهرن مان بي دخل ڪرڻ شروع ڪيو. ضياءَ آمريت جا اهي ڏينهن هئا جڏهن ماڻهو اڃا گهرن ۽ ڳوٺن جي تحفظ لاءِ رستن تي اچڻ نه سکيا هئا. نيٺ هو بڪڪ صاحب وٽ پهتا جنهن ڊي سي طرفان ڪيل هيراڦيرين کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو، جنهن جي ڪري ڊي.سي زمين جي مالڪيءَ تان ۽ پنهنجي ڪوڙي دعويٰ تان هٿ کڻي ويو. ڳوٺ واسي اڄ تائين قادر بخش بڪڪ کي دعائون ڏئي رهيا آهن

قادر بخش بڪڪ صاحب جو شمار سنڌ جي انهن سورهيه مڙسن ۾ ٿئي ٿو، جن کي مائرون ٿڃ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان محبت جي ستي پيارينديون آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڀنڊ ڳوٺ هاڪس بي کي ليز نه ملي ها.

هي ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ عجيب قسم جو واقعو آهي. ڪراچيءَ جا ادارا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺا آهن. ضياءَ جي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ادارن جا ڪرتا ڌرتا، ڀنڊ ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. ڳوٺ واسي پاڻ کي ننڌڻڪو سمجهڻ لڳا نيٺ ڪنهن طريقي سان هو قادر بخش بڪڪ صاحب وٽ پهتا. جنهن سندن ڳالهه ٻڌي کين چيو ته، ”ڪنهن به ماءُ ڄائي کي اها طاقت ڪانهي جو توهان ڌرتيءَ ڄاون کان پنهنجا ڪک ۽ اجها خالي ڪرائي. مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته ڳوٺ کي ليز ڏياري پوءِ ساهه کڻندس.“

2 فيبروري 1988ع جي ان نڀاڳي گهڙيءَ کان ٿورو اڳ جڏهن هي مانجهي مڙس مرڪندڙ منهن سان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته، هڪ فائيل پنهنجي الماريءَ ۾ رکي گهر وارن سان کل ڀوڳ ۾ لڳي ويو ۽ کلندي کلندي ڳوٺ واسين جي اکين ۾ لڙڪ ڏئي ويو.

سندس وفات کان اٽڪل ٻن مهينن کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جا 20-25 ماڻهو بڪڪ ڳوٺ ۾ آيا ۽ اچي سڀ کان پهرين سندس گهر جي دروازي وٽ بيهي پنهنجا گوڏا ۽ ڇاتيون سٽي ماتم ڪري پار ڪڍي رنا ۽ پوءِ سندس ڀائرن کي چيائون ته، ”سائين قادر بخش اسان سان واعدو ڪيو هو ته هو اسان جي ڳوٺ کي ليز ڏياريندو. اسان کي ته آفيسر آفيسن ۾ گهڙڻ ئي نه ٿا ڏين. توهان مهرباني ڪري سندس فائيل جاچي ڏسو. اسان کي پڪ آهي ته بڪڪ صاحب اسان کان موڪلائڻ کان اڳ، پنهنجو واعدو پورو ضرور ڪري ويو هوندو ڇو ته هو واعدو نه پاڙڻ سکيو ئي ڪونه هو.“

انهن ٻن مهينن ۾ ڪنهن به گهرڀاتيءَ بڪڪ صاحب جي الماڙين يا ڪاغذ پٽن کي ڏٺو به نه هونه وري ائين ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همٿ به هئي. نيٺ دل تي پٿر رکي جڏهن سندس الماڙي کي کوليو ويو ته مٿئين خاني ۾ ڀنڊ ڳوٺ هاڪس بي جو فائيل پيل نظر آيو، جنهن ۾ ڳوٺ کي ليز ڏيڻ جي حڪم وارو ڪاغذ سڀ کان مٿان لڳل هو. قادر بخش بڪڪ وڃڻ کان اڳ ڀنڊ ڳوٺ جي رهواسين سان سندن ڳوٺ کي پڪي ڪرڻ وارو واعدو پاڙي چڪو  هو.

قادر بخش بڪڪ صاحب جي زندگي اهڙن ڪيترن ئي انوکن واقعن سان ڀريل آهي جنهن ۾ هن پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ اباڻي ملڪيت کي ڪراچيءَ جي غريب ۽ ڏتڙيل سنڌين جي مالي، اخلاقي ۽ سياسي واهر لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪراچيءَ جي چوڌاري سنڌين جا جيڪي به مشهور ڳوٺ آهن انهن کي پڪو ڪرائي ماڻهن کي پنهنجي جڳهين ۾ حفاظت سان رهائڻ ۽ آباد ڪرڻ ۾ قادر بخش بڪڪ صاحب جو وڏو هٿ هو، خدا کيس جنت ۾ ضرور جاءِ ڏني هوندي ڇاڪاڻ ته انهن ڳوٺن جا رهواسي زندگيءَ جون بنيادي سهوليتون ماڻيندي اڄ به کيس هٿ کڻي دعائون ڪندا آهن ۽ هن المناڪ وڇوڙي تي سندن هانءَ هيڻا نظر پيا ايندا آهن. نوڪرين جي سلسلي ۾ ڪراچي ايندڙ سنڌي نوجوانن کي پڻ همٿائيندو ۽ مددون ڪندو هو.

سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار صديق منگئي پنهنجي مضمون، ”پلاڻي پنڌ پيا“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع)، ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ تمام وڏو ماڻهو هو، ڪچهريءَ جو مور، وڻندڙ سڀاءُ، ملنسار مزاج ۽ دردمند هردي وارو انمول انسان هو. پنهنجي سوچ ۽ نظرين ۾ اڏول ۽ فڪر ۾ مدلل هو.

گفتار جي غازين جي اڻ کٽ قطار ۾ مون قادر بخش بڪڪ جهڙا ڪردار جا غازي گهٽ ڏٺا آهن. نه اجائي اوک ڊوک، نه وڏي پٽاڙ، ڳالهه ڪم جي ۽ انداز اثرائتو. سندس شخصيت جي اڀريل خوبي هئي.

ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي پيڙهيل ۽ مظلوم جي ڳالهه ڪڏهن کيس جذبات ۾ ضرور آڻيندي هئي پر شائستگي ان ۾  به هوندي هئي. هو مصلحتن جي ڳنڍڙي ۾ سن ٿي ويل وجودن جي وچ ۾ پنهنجي جملي حواسن سان متحرڪ انسان هو. هو سچو، کرو ۽ آدرشي انسان هو. حق گوئي ته کيس ستيءَ ۾ پيل هئي.

هڪ ڀيري سال 1977ع ۾ هڪ تعصبي ڪامورو اسان استادن جي ڳچيءَ ۾ فٽ ٿي ويو. رڪاوٽون وجهي تنگ ڪرڻ لڳو. ڳالهين مان کڙ تيل نه نڪتو ته احتجاج ڪيوسين. فرحانه اسڪول پاپوش نگر ناظم آباد ۾ استادن جو احتجاجي ميڙاڪو ٿيو. قادر بخش بڪڪ تڏهن ڪائونسلر هو. منهنجي چوڻ تي استادن جي ان احتجاجي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. هن پنهنجي تقرير ۾ ان تعصبي ڪاموري کي اها ڇنڊ پٽي جو ٻئي ڏينهن اهو آفيسر اسان وٽ هلي آيو اهو ڏينهن ڏهاڙو ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا.

”قادربخش بڪڪ ڪي.ايم.سي اسڪولن ۾ سنڌي استاد مقرر ڪرائڻ لاءِ پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون. سندس ڪوششن سان ڪجهه اسڪولن ۾ سنڌي استاد مقرر پڻ ڪيا ويا هئا.“

قادر بخش بڪڪ جو ادراڪ ۽ شعور غير معمولي هو. ڪراچي ۾ جڏهن وڏا وڏا رهائشي پلان جوڙيا پي ويا، گهڻ ماڙپلازه، فليٽز، لگزري شاپنگ سينٽرز ۽ مارڪيٽون بنيون پي ۽ جڏهن اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم وجود ۾ آيا پي تڏهن پاڻ انهن اسڪيمن تي خوش نه هو ۽ ان وقت سندس مشهور مقولو وجود ۾ آيو هو ته، ”اسان کي سنڌ خوشحال نه ٿي کپي، سنڌي خوشحال کپن ٿا.“

ساڳي ڳالهه سماجي ڪارڪن شعيب بڪڪ پنهنجي مضمون،
”سياسي شعور جو ڌڻي“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع)، ۾ لکي آهي ته، ”جڏهن ماڻهو ترقيءَ جا حوالا ڏيندي اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم وغيره جي ڳالهه ڪندي ٺرندا هئا ته، ان سڄي ماحول ۾ ان سحر ۽ نشي کان آزاد جبل جيڏو ارادو رکندڙ، هڪ انسان قادر بخش بڪڪ هو جنهن جو ڳالهائڻ به سچ ته هلڻ به سچ هو

هو هر هنڌ هڪڙي ڳالهه ضرور چوندو هو ته، ”بابا، ڌرتي بچايو، بگهڙ سڃاڻو، هي وڏا منصوبا جيڪي صبح شام پيا ڳڻايو اهي اوهان جا نه آهن. اهي اوهان کي غلام بڻائڻ وارا منصوبا آهن، اکيون کولي هلو، هوش ڪريو، انهن منصوبن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ غير سنڌي ماڻهن جي يلغار ٿيندي ۽ اسين اقليت ۽ ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي وينداسين. اسان جو نسل تباهه برباد ٿي ويندو ۽ اسين ريڊ انڊين ٿي وينداسين.“ وقت وڏو گواهه آهي جيڪو گواهي ڏئي رهيو آهي ته، هن جيڪو به چيو اهو سچ هو، حقيقت هئي. جنهن کي قادر بخش بڪڪ ارڙهن سال اڳ پڌرو ڪري ويو هو ۽ اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته جيڪا اوسر ٿئي پئي اها ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ نه آهي.“

پنهنجي ماڻهن سان هر مشڪل مهل ۾ ساٿي ٿيڻ ۽ ساٿ ڏيڻ واري سندس املهه وصف ڏانهن اشارو ڪندي محترم صديق منگئي جي مضمون ۾ آهي ته، ”1975ع ۾ بنگالي ملازمن جي بنگلاديش وڃڻ ڪري جهانگير ويسٽ، ايسٽ ڪواٽرس، جمشيد ڪواٽرس، فيڊرل بي ايريا ڪواٽرس ۽ ٻين هنڌن تي سوين ڪواٽر خالي ٿيا. اهي اسٽيٽ آفيسر ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي وڪرو ڪرڻ لڳا.

انهن ڏهاڙن ۾ اسان لينگئيج ٽيچرس ائسوسيئيشن، سنڌي استادن جي حقن لاءِ جوڙي هئي. تنظيم جو بنياد ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ ۾ پيو هو ۽ سرگرمين جو مرڪز به ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ هو. ان رات ڳوٺ ۾ تڪڙي گڏجاڻي گهرائي ٻئي ڏينهن ور کنجي ڳوٺ جو نالو ٽپي جهانگير ڪواٽرس ۾ ڪاهي پياسين. پهريون ڏينهن ڏهه ڪواٽر قبضي ۾ ڪري ورتاسين اهو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو به سنڌي استاد يا سنڌي ملازم مليو پئي کيس ڪواٽر قبضي ۾ ڪري پئي ڏنوسين. اڄ جهانگير ڪواٽرس کان سواءِ ٻين هنڌن تي به سوين ملازم ڪواٽرن ۾ رهيا پيا آهن. ان سموري ڪم ۾ نه رڳو قادر بخش بڪڪ جي عملي واهر ۽ پٺڀرائي شامل هئي. پر سندس وڏائي جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو ڏئي سگهجي ٿو جو، سندس ڪنهن به ماڻهوءَ ڪنهن به ڪواٽر تي قبضو نه ڪيو ۽ نه ئي اهڙي خواهش ڏيکاري.

قادر بخش بڪڪ دوستن ۾ ۽ ڪڙم قبيلي ۾ مقبول هو. ننڍا وڏا سندس عزت ڪندا هئا. هو هئو به دل ۾ وهارڻ جهڙو. ذاتي ڪچهرين ۾ هو بڪڪ ڳوٺ جي باڙه مارڪيٽ بنجڻ ۽ نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ گهڻو فڪر مند نظر ايندو هو. هو ڳالهيون ذهن سان گڏ دل تي به وٺڻ وارن ماڻهن مان هو ۽ اهڙا حساس هردن وارا ماڻهو گهڻو جي به ته نه سگهندا آهن.“

صحافي شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ (سوجهرو فيبروري 2006ع) ۾ لکيو آهي ته، ”فقير محمد لاشاري چوندو هو ته  يا ٿجي مڙس ماڻهو يا ويهجي مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾. اسين مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ رهيل آهيون جنهن جو نالو قادر بخش بڪڪ آهي. هو  نه رڳو پنهنجي خاندان جو ڀرجهلو آهي پرڄڻ ته سڄي ڳوٺ جو گاڊفادر آهي.“

سماجي ڪارڪن گلزار شفيع بڪڪ پنهنجي مضمون، ”هر دل تي نقش...“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع) ۾ هڪ شعر جو مفهوم لکيو آهي ته، ”پاڻ لاءِ ته هن جهان ۾ هرڪو جيئي ٿو پر زندگيءَ جو مقصد آهي ٻين جي ڪم اچڻ... اهو شعر منهنجي عزيز جناب قادر بخش بڪڪ صاحب جي وڏي شخصيت تي مڪمل ٺهڪندڙ آهي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.

کيس اسان کان جدا ٿيندي 18 سال ٿيڻ وارا آهن. پر اڄ به ماڻهو سندس نالو وٺي روئي ڏيندا آهن. ڪنهن لاءِ لڙڪ لاڙڻ معمولي ڳالهه ناهي، تڏهن ئي ته ماڻهو اڄ به اهو نعرو هڻن ٿا ته، هر دل تي نقش، قادر بخش قادر بخش....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org