هڪ ڀيري مال ۾ ’ٺَڪَاڻُ‘ پيو (مال جي بيماري جنهن
۾ رڍ يا ٻڪري هڪ ٻه رڙ مس ڪري مري ويندي آهي) ڏاڏي
ڀنڀيءَ وٽ مال جون پِرِڄُون (تمام گهڻيون) هيون،
اها نڀاڳي بيماري سندس مال ۾ به پئي، جيڪا واڙن جا
واڙا، وٿاڻن جا وٿاڻ ختم ڪريو ڇڏي. هڪ ڏينهن ڏاڏي
ڀنڀيءَ جي هڪ وڏي ٻڪري، ’ٺڪاڻ‘ ۾ جهلجي پئي،
ٻڪريءَ رڙ ڪئي، ان وقت گهر ۾ ڪوبه مرد نه هو. ڏاڏي
ڀنڀيءَ کي جبل ۾ رهندي به مذهب جي ڄاڻ هئي ته جي
مال ’گانورو‘ (مردار) ٿئي ته عورت ڪنهن بلنديءَ تي
بيهي زور سان ٽي سڏ ڪري ڪنهن مرد کي حلال ڪرڻ لاءِ
سڏي پوءِ جي ڪاورندي نه ملي ته ڀلي عورت مال کي
سيرَ (ذبح ڪري) وجهي اهو حلال ٿي ويندو. سو جيئن
ئي ٻڪريءَ رڙ ڪئي، ڏاڏي ڀنڀيءَ نڪا هم ڪئي نڪاتم
ڊوڙ ڪري ٽڪريءَ تي چڙهي وئي، ۽ زور سان سڏي چوڻ
لڳي، ’اباڪو آهي، اَئي (ٻڪري) ٿي گانوري (مردار)
ٿيئي اچي سير وجهو“. ٽي ڀيرا ائين سڏي وري ڊوڙي
گهر ڏانهن آئي ته ٻڪري زمين تي ڦٿڙي رهي هئي،
ايندي ساڻ تکي ڇري کڻي لت ڏئي ٻڪري ڪهي (ذبح)
وڌائين. سڀئي مايون اچي گڏ ٿيون. چون، ”مائيءَ جي
ڪٺل اَئي (ٻڪري) مردار آهي. اسين ڪونه کائون“.
ڏاڏي ڀنڀيءَ نڪو ڪڇيو نڪو پڇيو، هيڪلي ٻڪريءَ جي
کل لاهي، گوشت وڍي اڌ ٽانڊن تي پچايائين“. حالانڪه
جبل ۾ سَجِي مرد بنائيندا آهن. پر جئين ته ڏاڏي
ڀنڀي هر فن مولاهئي، سگهاري، سچيت، سڌير ۽ سَنگهار
هئي، ان لاءِ ڪوبه ڪم ڏکيو نه هو. سو اڌ ٻڪري
پچائي اڌ مان وڏو ٽامڙو ڀري ٻوڙ لاءِ چاڙهي
ڇڏيائين. تازي گوشت ۾ سڄا سُڪا ڳاڙها مرچ، سڄا
ڌاڻا، بصر لوڻ وجهي ڇڏيائين. گوشت پنهنجي ئي
پاڻيءَ ۾ رڌ جي مِرجُهه (صفا نرم) ٿي ويو ته، سچي
گهه جون ڏويون ڀري مٿان وجهي ڀڳي ڀڳي گوشت کي
ڳاڙهو ڪري ٽامڙو هيٺ لاٿائين، ۽ سڀني ماين کي
چيائين، سَنڍ (ٿانو) کڻي اچو ته ٻوڙ ڏيانوَ گوشت
ڀڳل ڏسي ماين جي وات ۾ پاڻي ته ڀرجي ويو هو پر دل
جي مٿان چون، ’نه نه، اسين گانورو گوشت ڪونه
کائون!‘ ڏاڏي ڀنڀيءَ سَٽَ ڏئي ٽامڙو اوڏو ڪري
ڀوڳيل گوشت پنهنجي ٿانون ۾ وجهي پنهنجي ننهن، پوٽن
۽ پوٽين کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندي ماين کي چيو،
”نٿيون کائو نه هنيون آڱوٺي جي مٿي تان. نڀاڳيون
آهيو ڀاڳ ۾ ئي هي ڀڳيل حُلُواڻُ (نرم گوشت) ڪونه
اٿوَ مَرُ (ڀلي) وڃي مُٽڪا (پٿرا) چٻيو“. ڏاڏي
ڀنڀي جي اڳيان مايون ته ڇا مرد به جواب ڏئي نه
سگهندا هئا. هوءَ ٻاجهاري هئي، ڪَندَل (ڪرڻ واري)
وَجاهتي هئي. پر سَگهي (مضبوط) ۽ چيڙاڪ به هئي
ڳالهه نه وڻنديس ته ڀَرَ ۾ رکيل لٺ وهائي ڪڍندي
هئي. ماين ماٺ ڪري سڀ ٻڌو.
ورانڊڪيءَ (شام) جو سڀ مرد مال چاري ورائي گهر
آيا.زالن ڊوڙي وڃي کين سربستي ڳالهه ٻڌائي. ڳالهه
ٻڌي سڀ ئي ڏاڏيءَ وٽ آيا ۽ پڇيائون. ڏاڏيءَ جيڪا
ڳالهه هئي اها ٻڌائي چيو، ”کائو ٿا ته پڪل گوشت به
آهي، ڀڳل ٻوڙ به، کائو ٿا ته کائو نه ته آئون
ڪٿينديسانوَ ڪونه!“ سڀني ڳالهه ٻڌي. هڪڙا چون حلال
آهي؛ ٻيا چون، مردار آهي. ڳوٺ واري ملي کان
پڇيائون. ڏڪار ۾ گوشت جو ٻڌي ملون سَرهو ٿيو چوي،
”آئون پاڻ هلي ٿو امان (ڏاڏي ڀنڀي) کان ماجرا
پڇان.“ ملون آيو. ڏاڏيءَ سڄي ڳالهه جيئن جو تيئن
ٻڌائي ته، هن ٽڪريءَ تان زور سان سڏ به ڪيا... سڄي
ڳالهه ٻڌي، جنهن جي ساک سڀني ماين پڻ ڏني ته ملي
چيو، ”امڙ ڀنڀي اڳ ئي سچي آهي. سندس ڳالهه ويساهه
جهڙي آهي جنهن جي شاهدي سڀني ماين به ڏني آهي. ۽
اهو سڄو عمل عين مذهب جي مطابق آهي، آئون فتوا
ڏيان ٿو ته امڙ ڀنڀيءَ جي هٿان ذبع ٿيل ٻڪريءَ جو
گوشت حلال آهي! ”پوءِ سڀني مردن، ملي، زالن سميت
اهو گوشت کاڌو. يعني اهو ڪريڊٽ پڻ ڏاڏي ڀنڀيءَ کي
مليو ته، عورت جو ذبح ڪيل مال مردن بلڪه ملي به
کاڌو. ائين ڏاڏيءَ جون ڪيتريون ڳالهيون اڄ به جبل
۾ مقبول آهي.
جبل ۽ ڏڪار لازم آهن. ڏڪار معنيٰ ڏک، بک ۽
ڏکيائون/ اوکايون، ان هوندي به ڪي کِل جا پهلو به
نڪريو پون. هڪ ڀيري سخت ڏڪار هو هڪ مائيءَ ميڙي
سيڙي ڪي ٻاجهر ڪڻا پيهي ٻاهر پڌر تي مارينگن ( ٽي
پٿر جن تي ٽامڙويا سرَ رکجي) تي سِرَ (پٿر جو تئو)
رکي تپائي ماني وڌائين. اڃا مس پڪي اڌ پڪي ٿي ته
پري کان ڪنهن اوپري کي ايندي ڏٺائين. جهنگ، جبل ۾
ڀلي ڪو اوچتو اوپرو مسافر يا واٽهڙو ڀونگو ڏسي اچي
ته معنيٰ اهو مزمان (مهمان) ٿيو. ڇو جو جبل ۾ ڪي
هوٽلون ۽ مسافر خانه ته ڪونهن جتي وڃي رهجي. جبل ۾
ڪنهن به مسافر کي ڪاڀونگي نظر آئي ته اتي لڙي
ايندوم ٻيو نه ته به لسي پاڻي پي ساهي پٽي اڳتي
پنڌ پوندو.
جيل جا کلاپٽ، پري کان هرڪو پڌرو. ڏڪار ته هو پر
مائي به ڪاشُوم (ڪنجوس) هئي يا ته ويچاري مجبور
هئي. پري کان جو ڪنهن اوپري کي ڏٺائين ته تڪڙ ڪري
اڌ ڪچي ماني سِرَ تان لاهي ڪپڙي ۾ ويڙهي پنهنجي
هيٺان رکي ڇڏيائين. پري کان اهو سڄو لقاءُ مسافر
ڏسي ورتو هو. مائي ته ساڌ ٿي ويهي رهي، مسافر اچي
سلام ڪيو. مائيءَ رکو (سرد مهري) جواب ڏنو ته،
”ادا، گهر ۾ ڪاٻي پَهَرَ (ماڻهو) ڪانهي“. پُرهه
(مرد) ساٿ سان ويا آهن، ڏڪار ۾ ٻار به بک مان
ٻاٿون ٿا ڏين.“ وري ٻارن کي هڪل ڪيائين، ”ڀائو کي
پاڻي ڏيو ته پي وڃي“. پاڻي پي مسافر ويٺو رهيو.
مائي جيڪا ڪوسي مانيءَ تي ويٺي هئي اها کامي پچي
رهي هئي ۽ آسيري پاسيري ٿيڻ لڳي. مسافر کي ته سب
خبر هئي ته مائي سان ڪهڙي ماجرا آهي (هن پري کان
ڏسي ورتو هو) پڇائين، ”ادي، ڪا تڪليف اٿئي ڇا؟“
مائيءَ انهري ٿي تڪليف مان چيو، ”ادا، هڪڙو ڌڪ
نڪتو اٿم ان ۾ گهڻو سور آهي.“ مسافر به ڪو حرامي
هو سو کيس تڪليف ڏيڻ لاءِ هرو ڀرو وٽس ويهي
ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ موڪلائي اٿيو، ”ادي،
تنهنجي منهن جا رنگ پيا ڦرن ضرور گهڻو سور هوندو“
۽ مشڪندو هليو ويو. مسافر جي وڃڻ کان پوءِ مائي
مانيءَ تان اٿي ته جسم جون کلون ئي لهي ويون هيون
۽ ٻاجهر جي ٿلهي سِرَ جي پڪل ماني پنهنجو ڪم
ڏيکاري وئي هئي. مائي ويچاريءَ سان ته حشر ٿي
ويو. پوءِ ته سچ به اهو وڏو ڦٽ ٿي پيو جيڪو مَس
پنيون، پها ڪري اَرو (ٺيڪ) ٿيو.
ڪجهه سالن کان پوءِ ساڳيو مسافر ساڳي ئي مائيءَ وٽ
لنگهي آيو. (شايد اها ئي واٽ هيس) تڏهن سڪار جا
ڏينهن هئا، وَسَ پئي هئي. جبل ۾ سڪار هجي ته سڀئي
ڏک ۽ ڏنجهه لحظي ۾ لهيو وڃن. دنيا جا سک ڇا، دنيا
ئي وسريو وڃي. مال مڙهو ڍائو پنو ٺينگ ٽپا پيو
ڏيندو. ٻار ٻچو نَاچ ڪَاري ۾ پورو هوندو، مائي ۽
مرد جي کِل چَپن تي اٽڪي بيٺي هوندي. وڏو ڀوڳ
مشڪرو ٺهيو. پر عام اهڙي ڳالهه جيڪا جي ڏڪار مهل
ڪجي ته دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائجي؛ اهڙي ڳالهه تي به
هرڪو ٽهڪ ڏئي ٺري ويندو. ساڌي سوڌي ڳالهه به هرڪو
هڪ ٻئي کي سڏ ڪري ٻڌائي پيو کلندو ۽ کلائيندو.
اهڙي مهل ته کاڄ جي ڪا کوٽ ئي ڪانهي. مُورُ مڙيئي
ڊوڙ ڪري ماڻهو جبل تي چڙهي ته ڏٿ مان جهول ڀري
موٽي. خاص ته ڇا ڪنهن عام مهمان يا واٽهڙو مسافر
اڳيان به ست کاڄ رکبا. سو، مائيءَ به رڌي پچائي
مهمان اڳيان رکيو، مهمان ته اهو ئي حرڪتي مسافر هو
تنهن پڇيو، ”ادي، اڳ ڏڪار مهل آيو هئس تڏهن توکي
ڪو ڦٽ هو، اهو هاڻي ڪيئن آهي؟ مائي به موسم جي
مهربانين سان کل ڦل هئي تنهن سَرهائيءَ مان چيو،
”ادا، ڦٽ ته ٺيڪ آهي پر سَرَٽ (نشان) رهجي ويو
آهي. مهمان مرڪي چيو، ”ادي، ڏڪار مان سڪار ٿيندا.
پر ڦٽ جا سرٽ نه لهندا.“ اها ڳالهه اڄ به ڪوهستان
۾ هڪ پهاڪي جي صورت ۾ مشهور آهي.
جبل ۾ ائين ئي بنا مند ڏسڻ جي اوير سوير مهمان
مڙهو، آڌي مانجهيءَ اچي سَهڙندو آهي. هوند (ڌن)
وارا ته منهن ڏئي ويندا آهن پر اڻهوند وارن لاءِ
ميارون مٿي تي اچي وينديون آهن.
ڪوهستان ۾ سڄاڻ سگهڙيون اهڙي ڏکئي وقت ۾ به پاڻ تي
ميار ۽ هَرو اکر (گلا) نه سهن ۽ دانائي سان مهمان
سان گڏ گهر ڀاتين کي به کارائي ڇڏين.
ڪنهن سمي، ڏڪار ۾ هڪ سگهڙ مائي جي گهر هڪ وڏيرو
مهمان ٿي آيو. وڏيرو به سڃاتل ۽ مانائتو، گهر ۾
هجي به ڪجهه نه، چانور، ڪڻڪ، جوار ۽ ٻاجهر جا ڪي
اڀراسڀرا داڻا ڪڻا هئا. گهه ته کڻي سٽاتيون زالون
گهر ۾ ڪِينَ چُڪائين، زِڪَ، جي ڪُنڊ ۾ اوکي وقت
لاءِ بچائي رکن. پر اٽو ۽ اَنُ ته کپي جيڪو ڏڪار
جي سٽ جهلي نه سگهيو. مڙس چيس، ”گهر ۾ جيڪي به
داڻا ڪڻا آهن اهي پيهي پچاء ته آئون ٻڪر ڪهي
پچايان.“ زال هئي عقلمند ۽ سيبتي چيائين، ”ٻڌ، هن
ڪاري ڏڪار ۾ جتي هٿ نه ڏسي هٿ کي، آئون نڪو ٻچا بک
ماريان نڪو توکي بکيو رکان. سڀئي ڪڻا پيهي پچايان
ته به مس ڪي ٽي چار مانيون ٿين. وڏيرو به ماڻهو
آهي. ڏسي سمجهي ٿو ته ڏڪار آهي. مڙس چيو، پوءِ؟
زال چيس، ”پوءِ ائين جو تون وڃي وڏيري سان ڪچهري
ڪر. آئون کاڌو رڌي پچائي توکي سڏيان ٿي.“ مڙس اڳ
ئي پنهنجي زال جي سمجهه ۽ عقل کان واقف هو. اهو
مطمئن ٿي آرام سان وڏيري کي لسي پاڻي ڏئي ڪچهري
ڪرڻ لڳو. مائيءَ ڇا ڪيو جو مختلف اَنَنَ (چانورن)
جا قسم گڏي جنڊ ۾ ڏري وڏو ٽامڙو چاڙهي اُنَ ۾ سچي
گهه جون ڏويون ڀري وجهي، ٽهڪائي ان ۾ ڏريل اٽو
وجهي ڀڃڻ لڳي ڀڃي ڀڃي جڏهن اٽي جو رنگ اڇي مان ڦري
ڳاڙهو ٿيو ته ان ۾ پاڻي جو پتيلو ڀري وڌائين ۽
ڪجهه ڳڙ جا ڳنڍا وجهي ڏوئيءَ کي مسلسل هلائي رڌڻ
لڳي، رَجهي رَجهي (رڌجي) جڏهن ڏريو پَٿُ (گهاٽو
-ٿِڪِ) ٿي ويو ته مائيءَ ان ڪوسي ڪوسي ”ڏرئي“ مان
ڏويون ڀري ڪٽورن ۾ وجهڻ لڳي. ڪٽورا ڀري رکندي آئي.
وري ڇا ڪيائين جو ٿال ۾ پاڻي ڀري ان ۾ ڏرئي مان
ڀريل ڪوسا ڪٽورا رکي ٺارڻ لڳي. جڏهن ڏريو اڌ ڪوسو
اڌ ٿڌو يعني سَو سَو ٿيو ته بلڪل جيلي ۽ ڪسٽرڊ جو
ڏيک ڏيڻ لڳو. مائيءَ ٻه وڏا ڪٽورا ڀريل ڏرئي جا هڪ
وڏي ٽري نما ٿالهي تي رکي مڙس کي سڏيو. مڙس آيو،
زال ٽري هٿ ۾ ڏنس! مڙس حيران ٿي چيو، ”ڇاهي؟“ زال
چيس، ”کاڌو آهي“ مڙس ٿورو تکو ٿي چيو، ”نوا ۾ عقل
۾ آهين ڪي نه؟ هي ڏريو وڃي وڏيري کي کارايان؟“ زال
کيس ٽامڙو ڏيکاري چيو، ڪاوڙج نه، ڏس ڪيترو کاڌو ٿي
پيو آهي. اسين به کائون، ٻار به کائين، ته مهمان
به کائي ڍئو ڪري يا رڳو مهمان کي کارايان؟“ مڙس به
سَمجُهو هو سو زال جي هٿن مان ٿالهي وٺي وڃي وڏيري
جي اڳيان رکيائين. وڏيرو به هڪ وار ڏريو ڏسي حيران
ٿيو (ڏريو، غريباڻو کاڌو آهي). هڪ ڏڪار ٻيو جبل ۽
ٽيون بک.... هٿ ڌوئي کائڻ شروع ٿي ويو. جبل ۾ چمچا
ڪٿي! ڏريو ٿيئي پَٽَو/ پٽڙو. جيئن جيئن وڏيرو
کائيندو وَيو تيئن تيئن سندس آڱرين جي وِٿين مان
ڏريو ڪرندو ويو، ائين وڏيري جي سڄي سُونهاري.
(ڏاڙهي) ۽ شهپر (مُڇون) سڀ ڏرئي مان ڀرجي ويا.
ڏريو هو سوادي ۽ لذت ڀريو، سوکائي ڍئو ڪري وڏيرو
اٿيو ته گهر ڌڻي سندس ڏاڙهي ۽ مڇون ڏرئي مان ڀريل
ڏسي چپن ۾ مُرڪ لڪائي ڪونئرو کڻي چيو، ”سائين، هٿ
ڌئو!“ وڏيرو به هو حال ڀائي سو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو،
”ادا، هٿن ٻٿن ڌوئڻ جو ڪم ڪونهي سڄو ٻوٿ ڌوئڻو آهي
پاڻي گهڻو کپندو“. وڏيري جي ٽهڪ سان گڏ گهر ڌڻيءَ
جو ٽهڪ به اڀريو. مائيءَ جنهن اهو لقاءُ ڏٺو پي
اها مرڪي مرڪي ڏرئي جا ڀريل ڪٽورا ٻارن جي اڳيان
رکڻ لڳي. وڏيري مائيءَ ۾ نهاري کلي چيو، ”امان،
واهه جو کاڌو کارايو اٿئي سڄي ڄمار نه وسرندو. ڀوڳ
ڪونه ٿو ڪريان تمام گهڻو سوادي کاڌو آهي.“
وڏيرو مزيدار ۽ سوادي کاڌو کائي هٿ منهن ڌوئي لت
کوڙي سمهي پيو. مائي ٻارن کي ڍئو ڪرائي پوءِ پاڻ
به مڙس سان گڏجي مشڪي مشڪي کائڻ لڳي. مڙس پيار ۽
تعريفي نظرن سان پنهنجي سگهڙ ۽ لائق زال ڏانهن
نهاري مشڪي ساڻس گڏ هڪ ئي ڪٽوري ۾ کائڻ لڳو. جنهن
ڏڪار ۽ اڻ هوند ۾ ٿوري مان به مهمان ۽ گهر ڀاتين
کي ڍؤ تي کاڌو کارايو.
ڪوهستان ڏکيو ملڪ ته آهيئي جتي سک واري ڪابه ريت
ڪانهي. ٻيا سک ته وڃي سک ۾ پون پر ايترو به ڪونهي
ته ڏڪار مهل ماڻهو ٻه وقت آرام سان ماني کائي سگهي
يا ڪنهن اويري سويري آيل مهمان کي ڪجهه کارائي
سگهي. اڳ ته اڳ پر اڄ به ڪوهستان انهن سهولتين کان
وانجهيل آهي. محروم آهي. جيڪي ڌارين کي ميسر آهن
جن جا اهي پر ڏيهي حقدار به ناهن. تنهن هوندي به
ڪوهستان جون ڏڪارن جون عادي سگهڙ مايون آئيءَ ويل
لاءِ اڳواٽ اٽو پيهي رکنديون آهن. پر ڪڏهن ائين به
ٿيندو آهي جو پيٺل اٽو کٽي ويندو آهي ۽ اوچتي آيل
مهمان جي اڳيان جنڊ جوٽڻو پوندو آهي، جيڪو ڪوهستان
جي سگهڙ ماين جي اڳيان هڪ عيب آهي. ڇو ته هو جنڊ
جي ”رُون، رُون“ کي مهمان جي ڪنن تائين پهچڻ
پنهنجي گهٽتائي سمجهن ٿيون. پر مجبوري ته نه ڪنهن
جي ڀيڻ نه ماءُ. ائين ئي ڪنهن گهر ۾ آڌيءَ رات جو
مهمان آيو. ظاهر آهي ماني ته ڏبي. الائي ڪڏهن
گهران نڪتو هوندو. اولاڪن (اٺن) هڻي اڌ مئو ڪيو
هوندس. سو اچڻ سان گهر ڌڻيءَ کيس گهر کان ٻاهران
ڀر ۾ ئي تڏو، هنڌ ۽ پاڻي آڻي ڏنو. جبل ۾ کاڌي
پاڻيءَ لاءِ پڇڻو ڪونهي آڻي ڏيڻو آهي. گهر ۾ پيٺل
اٽو نه هو، گهر ڌڃاڻيءَ جنڊ جوٽيو جيڪو کيس وڻيو
نه ٿي پر مجبوري هئي. جنڊ ۾ ان جو ڳارو (هٿ ۾ لپ
جيترو اَنُ/ ڪڻڪ وغيره) وجهي جيئن ئي جنڊ جي هٿئي
کي جهلي ڦيرو ڏنائين ته، هٿيو (ڪاٺ جوڳن) کُڙي
(نڪري) آيو ۽ جنڊ جو پُڙ ڪڙڪو ڪري ڪِري پيو.
مائيءَ چڙ مان چيو، ”مٿو کاڌو.... ڏاڙهي جو!“
مائيءَ چيو ته آهستي هو. پر هڪ رات جي خاموشي ٻيو
مهمان گهر جي ڀر ۾ هو، تنهن ٻڌي چيو، ”ادي، جنڊ جو
ڳالهاءُ ڳرو آهي.“ مائي به حاضر جواب هئي کلي
چيائين، ”ادا، اويرا مهمان جنڊ جو ڳرو ڳالهاءُ
سهندا.“ |