سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان

باب:

صفحو:21 

بهادر انسان هو تڏهن (ورهاڱي کان اڳ) هو مال جي سانگي سجاول ۽ دڙي جي پاسي رهيل هو. سنڌو درياهه تڏهن مست الست، موجن ڀريو هو. ٻيلا سرسبز ۽ گهرا هوندا هئا. سندس مال ٻيلن ۾ هو ۽ پاڻي پيارڻ لاءِ مال کي سنڌوءَ جي ڪناري وٺي ويندا هئا. اتي واڳوئن جي حڪمراني هوندي هئي.

سندس وڏو ڀاءُ خان محمد بڪڪ هڪ ڀيري مال کي پاڻي پيارڻ ويو، جيڪو پڻ ڏاڍو بهادر ۽ جانٺو هو. درياهه جي ڪناري تي مال کي واڳوئن کان بچائڻ لاءِ، اهي پاڻ لٺيون هٿن ۾ کڻي چيلهه جيڏي پاڻيءَ جي اندر وڃي بيهندا هئا. پاڻيءَ ۾ لٺيون هڻي شپڪا ڪري واڳوئن کي پري ڪندا هئا. ننڍا واڳو ته هٽي ويندا ها. وڏن کي هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ وڏيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون.

هڪ ڀيري هڪ بيحد وڏو واڳو هيڻا هيڻي (زوران زوري) اڳيان وڌندو آيو. هنن کيس پٺيان ڌڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر هو نه رڪيو ۽ خان محمد بڪڪ تي حملو ڪري سندس ٽنگ ۾ وات وڌو.

خان محمد بڪڪ سگهارو مڙس هو. اهو واڳوءَ کي ڪناري تائين گِهَري (گهلي) آيو. پريان بيٺل ڌراڙ کي هڪل ڪري هن کان ڪهاڙي گُهريائين پر ڌراڙ ڀاڙيو ٿيو ۽ کيس ڪهاڙي ڏيڻ لاءِ اڳيان نه وڌيو. هُو اڪيلي ئي واڳوءَ سان مقابلو ڪندو کيس لٺيون هڻندو بار بار ڪناري تي وٺي پي آيو. اهو نظارو پريان بيٺل ڌراڙ ڏسي رهيو هو. نيٺ واڳو کيس گَهِري پاڻيءَ ۾ کڻي غائب ٿي ويو. ڌراڙ ڊوڙي وڃي گهر ٻڌايو، سڀ ئي ڊوڙندا ڪناري تي آيا. پر اتي ڪجهه به نه هو سواءِ انهن هٿن جي گيساٽن (نشانن) جي، جيڪي هن واڳوءَ کي بار بار ڪناري تي آڻيندي ڪيا هئا.

عمر بڪڪ به ڪناري تي آيو پنهنجي دلير ڀاءُ جي هٿن جا ۽ واڳوءَ سان اڪيلي سر ويڙهه ڪرڻ جا نشان ۽ گيساٽ ڏسي سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا جيڪي هن بيدرديءَ سان هٿن جي ترين سان رهڙي ڇڏيا.

پوءِ ته وڏا وس ڪيائون، ٽوٻا آيا، رڇ پيا. پر لاش هٿ نه آيو. خان محمد بڪڪ جي سگهاري ۽ ڏاهي ماءُ سائينءَ ڏني، پٽ جي ملڻ جي آس ۾ چاليهه ڏينهن سنڌوءَ جي ڪناري تي ويٺي رهي ۽ ڪناري کي تڪيندي رهي. سندن پٽن ۽ پوٽن کيس گهر وٺي وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ پنهنجو هانءُ درياهه کان پلي نه سگهي. چاليهي تائين اتي ئي ويٺي رهي ۽ روئندي رهي. درياهه جي ڪناري واري رائي سندس اکين ۾ پوندي رهي. هوءَ پنهنجو نور وڃائي نيٺ گهر موٽي آئي.

 

عمر خان بڪڪ کي ڀاءُ جو ڏک جهوري ويو هو. پر سندس اندر ۾ واڳوءَ کان بدلو وٺڻ جي باهه ٻرندي کوروا ٿيندي وئي. هن گهڻو ئي ڳوليو پر کيس اهو واڳو نظر نه آيو. هو واڳوءَ کي سڃاڻندو هو ڇو ته اهو بادشاهه واڳو هو ۽ پنهنجي وڏي جسامت ڪري سَوَن ۾ سڃاتل هوندو هو.

هونئن به جهنگ ۽ جبل جي ماڻهوءَ وٽ پنهنجن پَٽن ۽ پاڻين جي مخلوق ساريل هوندي آهي.

خان محمد بڪڪ کي ته واڳو کڻي ويو. پر عمر بڪڪ اها جوءِ نه مٽائي، ۽ اتي ئي مال کي پاڻي پيارڻ ويندو رهيو.

ڊپ ته عمر بڪڪ جي سرشت ۾ ئي نه هو، سڀني چيس ته ’اها جوءِ مٽاءِ، واڳو هچاخور آهي. هاڻي ته هيڪاري ماڻهوءَ جو رت چکيو اٿس.“ هُن کي انهن ڳالهين جو ڪو اثر نه پيو هُن جو ته پلاند هو، واڳوءَ تي اهو ڪيئن ٿو واڳوءَ جو پاڙو ڇڏي سگهي.

هڪ ڏينهن هو ڪهاڙي هٿ ۾ جهليو مال کي پاڻي پياري رهيو هو ته اوچتو واڳو پاڻيءَ مان نڪتو. مال ٽٿو (ڀڳو) پرواڳوءَ هڪ وڏي گَهٽي کي ڀڄندي پويون ٻه ٽنگون وات ۾ جهلي ورتيون.

عمر خان بڪڪ بروقت بيٺل هو ان بجليءَ جي تيزي سان گهٽي جون اڳيون ٽنگون جهلي ورتيون. چوندا آهن ته واڳو پاڻيءَ جو شينهن آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڏاڍو سگهو آهي. تنهن عمر بڪڪ کان گهٽو ڇڏائڻ ۽ پاڻيءَ ۾ اندر نئڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. پر سگهاري ۽ بهادر عمر خان بڪڪ گهٽي جون اڳيون ٻئي ٽنگون جهلي واڳوءَ کي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيو. ڪهاڙي سان سندس منهن ۽ نڪ تي لڳاتار وار ڪرڻ لڳو. واڳوءَ جو وات گَهٽي جي ٽنگن مان نڪتو ته عمر بڪڪ گَهٽي کي کڻي پويان اڇلائي، بدستور واڳوءَ جي منهن تي ڪهاڙين جا وار ڪيا، ۽ هڪ اهڙو وار به ڪيائين جو ڪهاڙي واڳوءَ جي نڪ ۽ مٿي ۾ سَڪُ گچي وئي. ۽ ٻاهر نڪري نه  سگهي. تڏهن هُن ڪهاڙيءَ مان هٿ ڪڍيا ۽ پري ٿي بيٺو. واڳو رت ڳاڙيندو ڪهاڙيءَ سميت پاڻيءَ ۾ اندر هليو ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس ساٿي ۽ علائقي واسي وٽس آيا ته فلاڻي هنڌ واڳو مئو پيو آهي. تنهنجي ڪهاڙي اڃا به مٿي ۾ گتل اٿس.

عمر بڪڪ ساڻن گڏجي ان پاسي ويو ته اهو ساڳيو ئي واڳو هو. هُن وڌي واڳوءَ جي مٿي مان پنهنجي ڪهاڙي واڳوءَ جي منهن تي لت رکي ڪڍي ورتي ۽ سندس ساٿين واڳوءَ جو پيٽ ڪهاڙين سان چيريو ته پيٽ ۾ عورتن جا سونا زيور ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه نڪتو جن ۾ انساني هڏيون به هيون. يعني ان واڳوءَ عورتن سميت الائي ڪيترا ماڻهو کاڌا هئا.

عمر خان بڪڪ پنهنجي ڪهاڙي ڪلهي تي رکي ڀاءُ جو پلاند واڳوءَ کان وٺي سرخ روءُ موٽي آيو.

عمر خان بڪڪ جي ذهانت، بهادري ۽ شخصيت ڏسي مون کي اِن تويانگ جي چوڻي ياد اچي ويندي آهي ته، ”دنيا ۾ ڪنهن صحت مند ۽ عقلمند پوڙهي کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوبصورت چيز ناهي.“

سندس ڪهاڙيءَ جو واڳوءَ جي مٿي ۾ گچڻ ۽ ٻاهر نه نڪرڻ واري واقعي تان مون کي لسٻيلي جي اربيلي ۽ رزميه شاعر نم جي هڪ املهه سٽ اتي ٺهڪي ايندڙ لڳي ته، ”ڪَوسيون ڪپارن ۾، ٿيون چهٽيو چَڪَ وجهن...“

ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سندي ذات جي

ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت

عجب عبادت، پهه پروڙڻ ان جو.

(شاهه رح)

عمر خان بڪڪ جي وڏي ڄمار جا وڏا قصا، ڳالهيون ۽ ڪارناما ٻڌي انسانيت تي فخر ٿيندو آهي.

مون کي پاڻ تي به فخر آهي ته مون سندس ڳالهيون، سندس واتان، سندس روبرو ويهي ٻڌيون آهن.

ميڪسم گورڪي چوي ٿو ته، ”مون وٽ سادا دل ۽ گمنام انسان پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جا لازوال تحفه کڻي اچن ۽ منهنجي روح کي مالا مال ڪن. اهي انهن کان بهتر آهن جو پڙهيل ڪڙهيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان منهنجي روح کي رنج پهچائين.“

 

هڪ معجزاتي ڪردار

صاحب ڏني بڪڪ (جمعاڻي)

 

سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي) جي سؤٽ ۽ سندس جيون ساٿياڻي بيحد خوبصورت، سگهڙ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي تمنائي، صاحب ڏني بڪڪ.

جبل ۾ اتي رهيل جتي سواءِ پنهنجن جي ڪجهه گهرن جي، ٻيو  مڙئي الو الا، نڪو اوڙو نڪو پاڙو، جبل ئي جبل، مضبوط ڪوٽن جيان اڀا، لوهي ڪلن وانگر زمين ۾ ٺوڪيل.

ڏَونگَرَ ڀُونيين ڪِيرَ، سَڄڻ مَيخُون ڏُونگرين.

جتي ڪنهن مزمان (مهمان) مڙهي جو اچڻ به ڏکيو. سالين ڪالين ڪوٽِڙيو ڦڙِيو اچي منهن ڪڍندو ته کيس اکين ۾ اوتارا، هانءَ ۾ هنڌ ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندا، نه ڀائيندا ته ڪٿي وهاريونس.

صاحب ڏني، گهر ۾ سڀني کان ننڍي هئي ۽ گهڻي دادلي پڻ هئي. هوءَ دادلپائيءَ جي لائق به هئي، جو منجهس ڪو به ڪُرُ زياڻُ (عيب) ڪونه هو. هر نيت ۾ سوهڻي هئي.

اڃا 11-12 سالن جي مس هئي ته وٽن هڪ نوراني چهري وارو اڌڙوٽ سٻاجهو ماڻهو منمان (مهمان) ٿي آيو. انهن حسب دستور کيس مانَ مان آئِڪَر (ڀليڪار) ڪئي. جڏهن ٻڌايائين ته، ’سيد آهيان‘ ته کٽون هنڌ وڇائجي ويا، هٿ پير ڌئارڻ لڳا. دل جي دالانن ۾ دلبر وانگي رهايائونس. هن پنهنجو نالو سيد غلام رسول شاهه ٻڌايو. مايون به سندس منهن پيون، جيڪي عام مهمان جي اڳيان نه اينديون هيون. عام مهمان کي گهر کان پرتي ڇِتَرُ (تڏو) رلي وهاڻو، ڪَرڻو (ڪونئرو)، پاڻي کاڌو ڏبو هو. هيءُ ته سيد سڳورو هو، گهر منجهه ئي رهايائونس.

جهنگ جبل، جتي ڪنهن ملي موراڻي جو به اچڻ وڃڻ نه هو جيڪو مُئي جيئري کي سُرهو  ڪري. هي ته سيد پير هو. وٽس ڪل مڏي هڪ تسبيح ۽ ٻيو بڪچو (بجڪو) هو، جنهن ۾ قرآن شريف هو. پاڻ نماز پڙهي جڏهن قرآن شريف جو دور مٺي آواز سان ڪرڻ لڳو ته، هرڪو اکين ۾ پاڻي ڀري سِرڪي اچي وٽس ويٺو.

ڪوهستان جو ماڻهو عقيدي جو ڪمزور ڪونهي. جهڙو جبل مضبوط تهڙا پاڻ به مضبوط، مسلمان ته مسلمان، هندو ته هندو. بس، ٻي نڪا ويل (ويڪرائي)، نڪا ڊيگهه، نڪو منڊ ڪامڻ تي وسهن نڪو تعويذ پليتي کي مڃين.

پرهي ته سيد سڳورو آيو هو، ان جو ته نمونو ئي اورُ (ٻيءَ طرح) هو. آواز جهيڻو ۽ مٺو. قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪيائين ته، ڄڻ ڪَنجهايِڻڪا ڪري وڳا، سڀني جا پوزرا اڀري وارڪانڊارجي ويا.

صاحب ڏني معصومڙي به اچي سائينءَ جي ويجهو ويٺي. سائينءَ قرآن شريف بند ڪري سندس ملوڪ منهن ۾ نهاري پاٻوهه مان پڇيو، ”امان، قرآن شريف پڙهنديءَ“. صاحب ڏنيءَ جون روشن اکيون تارن وانگي ٽمڪي پيون. هن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته سائينءَ اٿي وڃي کيس وضو ڪرايو. پاڻ سان گڏ ويهاري کيس قرآن شريف پڙهائڻ لڳو.

سڀ ئي مائٽ حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا ته، جيئن جيئن سائين پڙهائيندو وڃي، تيئن تيئن هيءَ ٻارڙي به سندس پويان پڙهندي پئي وڃي.

سائين کيس ڏينهن رات پڙهائڻ لڳو ۽ هوءَ بنا تنگ ٿيڻ جي ڏينهن رات شوق سان قرآن شريف پڙهندي هئي. هڪ ته سائينءَ جي پڙهائڻ جو حيرتناڪ طريقو ۽ ٻيو ان ٻارڙيءَ جي ذهانت، شوق ۽ اڻورچائي. هوءَ قرآن شريف پاڻيءَ وانگر پيئڻ لڳي. اڃا هفتو  مس ٿيو هو ته سائين انهن کان ائين چئي موڪلائي ويو ته، ”وري ايندس.“

انهن کيس گهڻو ئي جهليو ته اڃا ٻه ٽي ڏينهن رهي پئو، ترسو پر هن نه مڃيو. صاحب ڏني کيس حيرت مان تڪي رهي هئي. جڏهن سائينءَ هن کان به موڪلايو ته هن رڳو ايترو چيو، ”سائين، منهنجو قرآن شريف اڃا پورو نه ٿيو آهي.“ ته سائينءَ مشڪي ڏانهنس ڏسندي سندس مٿي تي پيار مان هٿ گهمائي چيو، ”امان، تون فڪر نه ڪر! آئون توکي سڄو قرآن مجيد پڙهائي پوءِ ويندس.“ هو هليو ويو.

سائينءَ جي شخصيت اهڙي عجيب ۽ ايڏي سنجيده هئي جو ڪنهن کي به ساڻس گهڻو ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي.

ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته سائين موٽي آيو. سڀ ئي حيران پريشان ته ڪيڏانهن ويو هو؟ ڪيئن آيو آهي؟ نه اٺ نه گهوڙو نه ئي ٻي ڪا سواري اٿس...... پر هو پڇي نه سگهيا.

وري به هفتو مس رهيو ۽ وري هليو ويو. نڪو ڪير پڇي سگهي، نڪو ڪير جهلي سگهي. ڄڻ مٿس صاحب ڏنيءَ کي قرآن شريف پڙهائڻ جي ذميداري رکيل هئي، جيڪا هو نڀائي رهيو هو.

وري آيو، وري ٻه ٽي ڏينهن رهي وڃڻ لڳو ته ماڻهو به ساڻس گڏ هلڻ لڳا. جيئن جبل وارن جو دستور آهي ته مهمان کي موڪلائڻ مهل ساڻس گڏجي اڌ واٽ تائين ته ضرور وڃبو آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ به جابلو ماڻهن جو اهو ئي دستور آهي. دروازي تائين ته ضرور ساڻس گڏجي وڃبو.  يا جي گاڏي آهي ته گاڏيءَ تائين گڏجي وڃبو.

جهنگ جبل ۾ ته مانائتي مهمان سان پري پري تائين گڏ وڃي واٽ تائين ڇڏي ايندا آهن.

سائين ته وڏي کان به وڏو مانائتو مهمان هو جنهن سان اڳ به وڃڻ چاهيائون، پر سائينءَ جو بيزاريءَ وارو رويو ڏسي ڊڄي بيهي رهيا. هاڻي جو سائين ٻه ٽي ڀيرا آيو ته کين ٿوري همٿ ٿي. اهي وڃڻ مهل ساڻس گڏ هلڻ لڳا ته سائينءَ کين سختيءَ سان منع ڪندي ائين به چيو ته، ”جڏهن به آئون وڃان ته، مون سان گڏ ۽ منهنجي پويان ڪوبه نه اچي.“ ائين چوندي سندس نوراني چهري تي قدرتي جلال اچي ويو هو ۽ ماڻهن کي ڄڻ تنبيهه ٿي وئي.

سائين، جڏهن ائين چئي هليو ويو ته هڪ همراهه چيو، ”سائين اسان کي پنهنجي گُڏَ (پٺيان) ۾ اچڻ کان ڇو ٿو جهلي؟ سو به ڪاوڙجي، اڄ آئون به ڏسندس.“

جبل جو ميداني علائقو هو. سائين پيرين پيادو وڃي رهيو هو. هي سڀ ئي کيس ويندو ڏسي رهيا هئا. جڏهن سائين گهڻو پري هليو ويو ۽ مس ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته اهو همراهه اٿيو ۽ سائينءَ جي پويان پيو . اهڙي نموني سان جو سائينءَ کي ستين واءَ مان واءُ به نه پوي!

هلندي هلندي هڪ هنڌ هڪ ننڍو وڻ آيو. سائين وڻ جي پٺيان ويو ته وري نه نڪتو همراهه جبل جو هو. جبل وارن جي نظر تيز ٿيندي آهي. هن هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو. پر سائين ظاهر نه ٿيو. همراهه حيران ٿي ويو. يڪو وڻ کي تڪڻ لڳو ته هير (هينئر) ٿو نڪري.... هير ٿو نڪري. جڏهن گهڻي دير ٿي ۽ سائين، اڳيان پويان، آسي پاسي ڪٿان به نه نڪتو ته هو ڊوڙندو ڊوڙندو وڻ وٽ آيو. اچي ڏسي ته اتي ڪير به نه هو. همراهه اچي پريشان ٿيو ته کلي پَٽَ ۾ جتي پٿرو مُٽِڪَو سڀ پڌرو آهي. اتي هيڏو  سارو ماڻهو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو؟ وري جان هيٺ نهاريائين ته پيرن جا نشان وڻ وٽ اچي دنگ ٿا ڪن. نه هيڏي نه هوڏي نه اڳيان نه پٺيان. همراهه جبل جو سياڻو ماڻهو هو ۽ پيرن جي سَرَٽَنِ (نشانن) جو سَراز (ماهر) هو.

وري ڊوڙيو گهرن ڏانهن اچي سڀني سان اها روئداد اوريائين. سڀيئي ڊوڙيا ان وڻ ڏانهن. وڻ وٽ اچي ڏسن ته واقعي اها ڳالهه هئي ته، پيرن جا سَرٽ وڻ کان ٻاهر ڪيڏانهن به ڪونه ٿي ويا. هرڪو حيران پريشان موٽي آيو.

صاحب ڏنيءَ جو اهو سڀ ٻڌو ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. چوي ته، ”جڏهن سائينءَ چيو هو ته منهنجي پٺيان متان اچو ته پوءِ ڇو  وياءُ هاڻي الائي اچي نه اچي...“ هوءَ روئڻ لڳي ته سڀني کي گهڻو ڏک ٿيو.

اڃا مس ٻه ٽي ڏينهن ٿيا هئا، ڏسن ته سائين غلام رسول شاهه پيو اچي. بنا ڪنهن فرق جي اڳوڻيءَ وانگيان ماٺ ۽ سنجيده. سڀ گهڻو  خوش ٿيا. زالين مڙسين ڊڊي ڊوڙ ٿي وئي، سڀ مڙي اچي مُچ ٿيا. صاحب ڏني ته گلاب وانگيان کڙي رهي هئي.

صاحب ڏني کي قرآن شريف پڙهندي مس ڪو مهينو ڏيڍ ٿيو هو ۽ هوءَ بنا پڙهائڻ جي پاڻ ئي قرآن شريف پڙهڻ لڳي هئي. سڀ خوش ۽ حيران هئا.

سائينءَ کي نڪا حيرت نڪا خوشي، انهن ئي ڪجهه ڏينهن ۾ صاحب ڏني قرآن شريف ختم ڪرڻ واري هئي، جيڪو هڪ انوکو معجزو ۽ ڪارنامو هو ته جبل جي هڪ 11- 12 سالن جي ڇوڪري جنهن اڳ زندگي ۾ ڪڏهن ڪو ڪتاب اکين سان نه ڏٺو هو نه ئي ڪو اکر.... اها ڪيئن ٿي ايترڙن ڏينهن ۾ سڄو قرآن شريف پڙهي سگهي!! پر ائين ٿي رهيو هو.

سائينءَ ايندي ساڻ پاڻي پيتو. صاحب ڏني وضو ڪري قرآن شريف کنيو ۽ هو کيس پڙهائڻ لڳو. سڀ حيرانيءَ مان ڏسندا رهيا ته سائين هميشه پيرين پيادو (پيدل) ايندو آهي. پرنڪو ٿڪ نڪو ٻيو تازو توانو.

قرآن شريف پڙهائيندي اوچتو سائينءَ چيو، ”بابا، پٽ، هاڻي تنهنجو قرآن شريف پورو ٿيڻ وارو آهي.“ صاحب ڏني خوش ٿيڻ لڳي. سندس مائٽ به حيران ۽ خوش هئا ته ٻارڙي ائين شوق ۽ باقاعدگي سان پڙهي رهي آهي.

سائينءَ کيس آخري سورتون پڙهائيون. اهي جڏهن صاحب ڏنيءَ پڙهيون ته کيس دعاختمھ القرآن پڙهائي. 14 سجدا ڏياريائين. ۽ پوءِ دعا گهري ڪلمو پڙهي سندس مٿي تي هٿ رکي کيس مبارڪ ڏنائين. بعد ۾ سندس پيءُ مُنگهي خان بڪڪ کي پڻ مبارڪون ڏئي چيائين، ”قرآن پاڪ پورو ڪرڻ تي شڪراني جو نياز ڪريو.“ منگهي خان بڪڪ ٻڪر ڪهي نياز ڪيو ۽ سائينءَ کي اجرڪ پارايا.

ٻئي ڏينهن تي سائين غلام رسول شاهه، صاحب ڏني جي مٿي تي چمي ڏئي کيس قرآن شريف سوکڙي ڏيندي چيو، ”قرآن پاڪ کي پڙهندي رهجانءِ هاڻي آئون هلان ٿو.“

ڪنهن کي به کيس روڪڻ جي همٿ نه ٿي سڀ ماڻهو سائينءَ لاءِ سوکڙيون ۽ الائي ڇاڇا کڻي آيا. منگهي خان بڪڪ کيس سوکڙيءَ ۾ اٺ ڏنو ته سائينءَ چيو، ”بابا، آئون هيڏي بار کي ڇا ڪريان؟“ سڀني کي سڀ موٽائي ڏئي وڃڻ لڳو ته مڙئي ساڻس روئي موڪلائڻ لڳا.

صاحب ڏنيءَ روئندي،لڙڪ لاڙيندي، سڏڪندي چيو، ”سائين، وري اچجو.“ سائينءَ انهرو ٿي جواب ڏنو، ”امان، پٽ، يا نصيب......“ ۽ هليو ويو.

سائين جڏهن سڀني کان موڪلائي هليو ويو ته ساڳيو همراهه جيڪو اڳ به سائينءَ جي پٺيان ويو هو، اهو وري به سائينءَ جي ڪَڍ ويو. تجسس ته هو!!. ڪيئن ٿو وڃي؟ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ اٺ به موٽائي ڏنائين.

ٻيا ته سڀ تجسس هوندي به سائينءَ جي چوڻ جي احترام ۾ سندس پويان نه ويا ته، ”منهنجي پٺيان نه اچو.“ پر ان نوجوان کي اڻ تڻ ته هئي ۽ جائز به هئي، ڇو جو وڻ جي پويان سائينءَ کي هن غائب ٿيندي ڏٺو هو.

هُو لڪي لڪي وري به سائينءَ جي پويان ۽ پري پري کان هلندو رهيو. جڏهن تمام گهڻو پنڌ ٿيو ۽ نوجوان به هلي هلي ٿڪجي پيو ته هن اهو اڻ وسهندڙ منظر ڏٺو، جيڪو تصور کان به ٻاهر هو. هن ڏٺو ته اوچتو سائين زمين کان مٿي ٿيو ۽ اڏامندو نظرن کان غائب ٿي ويو. نوجوان جا اوسان خطا ٿي ويا. هو بيهوش ٿي ڪري پيو. سندس پويان ماڻهو کيس ڳوليندا آيا جن اچي کيس بيهوش ڏٺو. ڪنهن وٽ پاڻيءَ جي اوئي (پخال) هئي جنهن مان ٻڪ ڀري مٿس ڇٽيائون، تڏهن هو مس هوش ۾ آيو پر گهڻو ٻاتاڙيل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org