سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:13 

هڪ خوبصورت ۽ بهادر ڪردار

سيٺ غلام محمد بڪڪ (جمعاڻي)

هڪ اهڙي شخصيت جيڪا مقناطيسي ڇڪ جي جيئري جاڳندي تصوير هئي. هر شخص وٽس ڇڪجي ويندو هو.

 

بيحد خوبصورت، بهادر ۽ سگهارو، جنهن جي اکين سان اکيون ملائي ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام گهٽ هو. سچ به ته سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ ڀوڳ يا معولي ڳالهه نه هئي. ايڏو ئي رعب ۽ تجلو هو سندس اکين ۾.

ڪوهستان ۾ سندس بهادريءَ جا قصا ائين ئي مشهور آهن، جيئن پراڻي زماني جي سورهين جا قصا ۽ ڳالهيون.

هو هڪ ديو مالائي ڪردار لڳندو هو. ڄڻ يونان جو ديوتا، ڄڻ روم جو ڪو شهنشاهه هلندو هو  ته ڄڻ زمين هلندي آهي. آسمان هلندو هو.

سدائين مهڪيل، سدائين ٻهڪيل. خوشبوئن جو شيدائي. مهانگو ترين عطر، مشڪ، اگر، خس.... الائي ڇا ڇا؟ ڪٿان ويهي اٿي ويندو هو ته اهو هنڌ اها جاءِ ڏينهن جا ڏينهن مهڪندي رهندي هئي. جنهن واٽ تان لنگهيندو هو. اها واٽ گلستان بنجي ويندي هئي. گلابن جو چمن بنجي ويندي هئي. سندس محفل مان ڪو اٿي ويندو هو ته اهو به واسوند ٿي هٻڪاريندو ويندو هو.

راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي

خستوري خوشبوءَ سين، تنهن ولات سڀ واسي

سوڌو سناسي، اتاهين ٿي آيو.

(شاهه رح)

يقين ڪريو اهو مبالغو ڪونهي حقيقت آهي. ڳالهائيندو هو ته ڏاهپ جا دريا ءَاٿلائي ڇڏيندو هو. گفتگوءَ جو انداز نهايت دلڪش ۽ رشڪ جهڙو. آواز اهڙو جنهن کي ڪنهن سان به تشبيهه ڏئي نه سگهجي!! کلندو گهٽ هو، ٽهڪ ڏئي کلڻ وارو منظر اڻ لڀ هو.

سندس پسند اعليٰ ۽ لاجواب هئي. هر شيءِ جو معيار جڏهن مٿاهون هوندو هو تڏهن سندس استعمال ۾ ايندي هئي. لباس پائڻ جو اهڙو سليقو هوندو هئس جو چاهيندي به ڪو ائين پائي نه سگهي. سندس ريس ڪندي ڪيترن سندس انداز ۽ لباس پائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڄڻ ته پاڻ کي کلڻ هاب ڪيائون.

سندس دوستن جو تعداد تمام گهڻو هوندو هو. شايد ان ڪري جو ساڻس دوستي رکڻ جي خواهش هر ڪنهن کي هوندي هئي.

سورهيه سناسي خان بڪڪ جو اهو ئي ڇهن ورهين جو سڪيلڌو پٽ جنهن کي پاڻ اسيريءَ جي حالت ۾ ممبئي وڃڻ مهل دوستن ۽ مائٽن جي ڪلهن تي چاڙهي پري کان بحري جهاز مان آخري ڀيرو ڏسي الوداع چئي هئائين، جنهن ۾ پنهنجي بي مثال پيءُ جا جينس مڪمل  منتقل ٿيا هئا، هو ڄڻ سندس تصوير بنجي ويو هو. ساڳي ئي خوبصورتي، ساڳيوئي بهادر ۽ سگهارو، ساڳيو ئي غريبن جو ڀرجهلو، ساڳيوئي رعب ۽ دٻدٻو ۽ ساڳيو ئي ظالمن لاءِ ڊيهو ۽ ڇرڪ.

مشهور صحافي ۽ مترجم محترم مظفر شاهه بخاري ٻڌايو ته، سندس والد محترم غلام علي شاهه بخاريءَ کيس ڳالهه ٻڌائي ته، سيٺ غلام محمد بڪڪ هڪ غير معمولي شخص هو. جنهن جي بهادري ۽ ذهانت دنگ هئي. هن هڪ واقعو ٻڌايو جيڪو سندس بهادري ۽ ذهانت جو مثال آهي. هڪ ڀيري سندس هڪ ٽرڪ گهاري جي پوليس، ٿاڻي ۾ بند ڪئي، جنهن ۾ اهڙو سامان هو جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس کي وڏي خرچي جي اميد هئي. سيٺ غلام محمد بڪڪ کي سندس ماڻهن اطلاع ڪيو، هو هڪدم جيپ ۾ هڪ ماڻهوءَ سان گڏ ٿاڻي تي پهتو. ٿاڻي وارا پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي ڦوڪي اٿي بيٺا ته هو اچي ڪا ڏي وٺ ڪندو. غلام محمد بڪڪ ٿاڻي جي اندر آيو ته سندس ٽرڪ جيئن جو تيئن بيٺل هئي. هن پنهنجي ماڻهوءَ کان پڇيو، ”ٽرڪ هلائي سگهندين؟“ سندس ماڻهوءَ انڪار ڪيو ته چيائين، ”ٺيڪ آهي ٽرڪ مان ٿو ڊرائيو ڪريان. تون جيپ کڻ پر جيپ کي ٽرڪ جي بلڪل پويان رکج. ۽ جڏهن مان اشارو ڪريان ته هڪدم جيپ کي ٽرڪ جي اڳيان کڻي وڃج. ”ايترو چئي جيپ جي چاٻي هن کي ڏئي پاڻ جيپ مان ٽپ ڏئي لهي، هڪدم ٽرڪ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. اهو سڀ ڪجهه لمحن ۾ ئي ٿيو هو. هن جيئن ئي ٽرڪ اسٽارٽ ڪئي پوليس وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڇو جو اهو سڄو منظر سندن سوچن کان به ٻاهر هو. اهي هڪدم ڏانهس ڊوڙيا ته هو ٽرڪ کي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي چڪو هو. ۽ سندس پويان ئي سندس جيپ به ٿاڻي کان ٻاهر نڪري وئي هئي. پوليس وارا پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن ڀڳا ۽ گاڏي انهن کي پويان لڳي. جڏهن گهارو ڪراس ٿيڻ تي هو ته منظرنامو اهو هو ته اڳيان ٽرڪ، پويان جيپ ۽ ان جي پويان پوليس جي گاڏي. سڀيئي گاڏيون تيز اسپيڊ ۾ وڃي رهيون هيون. جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ ڏٺو ته گاڏيون هڪ ٻئي جي لڳو لڳ اچي ويون آهن ته هن جيپ کي اڳيان نڪرڻ جو اشارو ڪيو. سندس ماڻهو ان ئي اشاري جو منتظر هو. اهو تيز رفتاري سان جيپ کي ٽرڪ جي اڳيان کڻي ويو. جيئن ئي جيپ اڳيان نڪتي ته پوليس گاڏيءَ جوبمپر ٽرڪ کي ڇهڻ لڳو. هن هڪدم ايڪسيليٽر کي دٻائي بريڪ هنئي ته، پوليس جي گاڏي زوردار ٽڪر سان اٿلجي پري هلي وئي. هو ٽرڪ کي اڏائيندو کڻي ويو، پوليس وارن پاڻ کي سنڀالي هڪدم آءِ جي پوليس کي ڪراچي ۾ وائرليس تي ٻڌايو ته، ”فلاڻي رنگ جي ٽرڪ ۽ فلاڻي نمبر پليٽ واري گاڏي جيڪا اسان جهلي ٿاڻي ۾ بند ڪئي هئي، ان جو مالڪ ان کي زبردستي کڻي هليو ويو آهي جيڪو ڪراچيءَ ڏانهن پيو وڃي، ان کي گرفتار ڪيو وڃي. انهيءَ ٽرڪ کي پٺيان ڌڪ لڳل آهي.“ آءِ.جي پوليس ڪاوڙ جي چيو، ”ڪوڙا، اهڙي رنگ ۽ نمبر واري گاڏي ته مون وٽ آهي ۽ هينئر به بيٺي آهي. جنهن کي پٺيان ڪوبه ڌڪ لڳل ناهي.“

سندس اهڙيون ئي پراسرار سرگرميون هونديون هيون جيڪي عام ماڻهن لاءِ هاڪاري هيون.

پاڻ پنهنجي بي مثال پيءُ وانگر هميشه سفر ۾ هوندو هو. سندس جيپ سدائين سفري سامان سان ليس هوندي هئي. هڪ ئي وقت ۾ هو الائي ڪيترن هنڌن تي پهچي ويندو هو، ڪنهن به ڏکئي جي دانهن تي بنا دير ۽ بنا ڳڻڳوت جي پڄندو هو. جتي به ٻڌندو هو ته ڪنهن غريب سان ناانصافي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي ته، هو انهيءَ مهل اتي پڄندو هو. پوءِ اهو جبل جو ڀلي ڪيڏو به ڏورانهون ۽ ڏکيو علائقو ڇو نه هجي. ظالم ڀلي ڪيڏو به طاقتور هجي، هو اتي پهچي غريبن سان انصاف ڪري ۽ کين حفاظت ڏئي محفوظ ڪري ايندو هو. جتي هو پهچي انصاف ڏئي اچي اتي ڪو نا انصافي ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندو هو.

هڪ ڀيري ڪوهستان جي علائقي مول ۾ سنڌي هندن جي گدامن ۾ ڪن بااثر ماڻهن جي چرچ تي ڌاڙو هنيو ويو، جتان چاليهه ڳوڻيون ايلائچي ۽ ٻيو سامان چوري ڪيائون. واڻئا ويچارا روئندا دانهن کڻي ڪراچيءَ  ۾ سيٺ غلام محمد بڪڪ وٽ آيا جنهن انهن کان شڪ ۽ پڪ وغيره پڇيا. انهن پنهنجا شڪ کيس ٻڌايا ته پاڻ کين دلاسو  ڏئي کارائي پياري گهرن ڏانهن اماڻيو ته اوهان سان انصاف ٿيندو. پاڻ هڪدم انهن چورن ۽ ڌاڙيلن جي ڳوٺ پهتو. سندن وڏن کي گهرائي چيائين، ”سڀاڻي تائين توهان چوري ڪيل سامان ۽ چاليهه ڳوڻيون ايلائچين جون ساڳين گدامن تائين پهچائي ڇڏجو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ توهان جو مقابلو واڻين سان نه مون سان ٿيندو ۽ ها هڪڙي به ايلائچي گهٽ ٿي ته ان جو به حساب ڪتاب ٿيندو.“

پوءِ واقعي به ائين ئي ڪيائون. واڻين جي دانهن جي اهڙي طرح داد رسي ٿي جو ڪوهستان ۾ واهه واهه ٿي وئي. جنهن کان پوءِ سندس چيل اهي لفظ سڄي ڪوهستان ۾ ڄڻ ته محاورو بنجي ويا ته، ”هڪڙي به ايلائچي گهٽ ٿي ته ان جو به حساب ڪتاب ٿيندو.“

اهڙا سيڻ سڌير، ڪين لهنديءَ ڪي ٻيا.

سيٺ غلام محمد بڪڪ انتهائي درجي جو بهادر ۽ ذهين هو جنهن جا ڪيل ڪارناما ڳڻڻ کان مٿي آهن. جيئن اهو به هڪ واقعو آهي ته، ڪنهن برادريءَ جي ٻن گروپن ۾ وڏي دشمني هئي، ۽ انهن جو هڪ ٻي سان جهڙپون ٿينديون رهنديون هيون. هڪ ڀيري ٻنهي گروپن ۾ پنهنجي علائقي کان ٻاهر جهڳڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ گروپ جو سگهارو ماڻهو مارجي ويو، جنهن تي ٻئي گروپ جي ٻن ٽن ماڻهن جي مارڻ جو الزام هو، جنهن جي ڪري انهن چيو ته اسين سندس لاش کي ڳوٺ ۾ آڻڻ نه ڏينداسين. انهن چؤ طرف سخت گهيرو هڻي ڇڏيو ۽ ڳوٺ جي واٽ به انهن جي پاسي کان ئي هئي، ان ڪري انهن چيو ته جيڪو به لاش کڻڻ ايندو اسين ان کي به مارينداسين. ٻي ڪا واهه نه ڏسي ماڻهو ڊوڙي سيٺ غلام محمد بڪڪ وٽ آيا ۽ سڄي سربستي ڳالهه ٻڌايائون. ڳالهه ٻڌي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته مارڻ کان پوءِ وير ڪهڙو؟ پاڻ انهن سان گڏجي لاش وٽ آيو، ۽ لاش کي پنهنجي جيپ ۾ اڳئين سيٽ تي ٻڌي ويهاريو. پاڻ اڪيلو ئي جيپ ڊرائيو ڪري لاش کي سندس گهر ۾ پهچائي موٽي آيو. سڀ ئي حيران ٿي ويا ۽ جڏهن مخالفن کي خبر پئي ته اهي منهن مٿو پٽڻ لڳا ته لاش گهر ۾ ڪيئن پهتو؟! اهڙي ئي غير معمولي ۽ پراسرار شخصيت هئي سيٺ غلام محمد بڪڪ جي.

ظالمن سان مهاڏو اٽڪائڻ کيس وراثت ۾ مليل هو. جنهن سبب جي ڪري دشمنن جو تعداد به گهڻو هو، جيڪي زندگيءَ جي پڇاڙ ڪن لمحن تائين ساڻس پڄي نه سگهيا هئا.

هو بيحد طاقتور هو. جسم جو نارمل ۽ ڪثرتي. وٽس ڄڻ ته خدائي طاقت هئي جيڪا هرهڪ کي حيران ڪري ڇڏيندي هئي.

هڪ ڀيري شڪار ڪرڻ دوران سندس گاڏيءَ جو ٽائر برسٽ ٿي ويو. گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ چار پنج ٻيا به ماڻهو هئا. سڀ ئي گاڏيءَ مان هيٺ لٿا ته پاڻ اسپيئر ٽائر کڻي چيائين، ”گاڏيءَ کي هڪ پاسي کان ٿورو مٿي کڻو ته ٽائر بدلايان، ڇو جو جيڪ کڻڻ رهجي ويو آهي.“ سڀ ئي جوان ۽ زورائتا ماڻهو هئا. گاڏيءَ کي هڪ پاسي کان مٿي کنيائون پر گاڏي ايترو مٿي نه ٿي سگهي جو ٽائر بدلائي سگهجي. جڏهن تمام زور ۽ ڪوشش جي باوجود گاڏي مٿي ٿي نه سگهي ته پاڻ ٿورو ڪاوڙجي چيائين، ”هٽو، آئون ٿو گاڏي مٿي کڻان اوهين ٽائر بدلايو.“ سڀني چيو، ”اسين به ٿورو ساٿ ڏيون؟“ پاڻ سڀني کي پري ڪري اڪيلي ئي گاڏيءَ کي مٿي کنيائين ته گاڏي مٿي ٿي وئي ۽ ماڻهن کي ايڏي حيرت ۽ اچرج ٿي جو انهن کان ٽائر به بدلجي نه پي سگهيو ۽ ٽائر بدلائڻ ۾ به ڪافي دير لڳي. پاڻ اڪيلو ئي گاڏيءَ کي مٿي ڪري بيٺو رهيو. اهڙيون ڳالهيون به تمام گهڻيون آهن.

ڪنهن غريب سان ڪنهن ڏاڍي ماڻهوءَ بي واجبي ڪئي ته، پاڻ اتي پهچي ويندو هو ۽ غريب جي جند ظالم کان آجي ٿي پوندي هئي يا عمر لاءِ....

ڪوهستان ۾ سندس لقب ”شينهن“ ۽ ”شهباز“ هئا. هو سچ به شينهن ۽ شهباز هو. هر هنڌ بنا دير پهچڻ سندس ”شهباز“ واري صفت هئي، ته بي ڊپائي، طاقت ۽ جرئت ”شينهن“ واري علامت هئي.

ڊپ سندس سرشت ۾ ئي نه هو. هُو ڪوهستان جي جهنگن ۽ جبلن ۾ گهمندو ڦرندو هو جتي هن ڪيئي عجيب ۽ خوفناڪ لقاءَ ڏٺا. ساڻس ڪيئي حيرت ناڪ ۽ پراسرار منظر منهن مقابل ٿيا، جيڪي ڪنهن عام ماڻهوءَ سان ٿين ته جيڪر انهن جا هانءَ ڦاٽي وڃن.

هڪ ڀيري آڌيءَ رات جو جيپ ۾ گهري جهنگ مان گذري رهيو هو. ساڻس گڏ هڪ ماڻهو هو جنهن ٻڌايو ته، جهنگ مان گذرندي گاڏيءَ جي لائيٽ ۾ اسان ڏٺو ته سامهون رستي تي هڪ انساني کوپڙي پئي هئي، ان جي اکين مان روشني ائين نڪري رهي هئي ڄڻ سرچ لائيٽون هجن.“ هن ٻڌايو ته، ”مان بلڪل هوش وڃائي ويٺس پر سيٺ غلام محمد بڪڪ پاڻ گاڏي بيهاري هيٺ لٿو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان کوپڙيءَ کي کڻي رستي تان هٽائي، هڪ پاسي رکي وري اچي گاڏي ۾ ويٺو ۽ پنهنجو سفر جاري رکيائين.“

سيٺ غلام محمد بڪڪ نهايت عبادت گذار هو. نماز تهجد سميت پڙهندڙ ۽ چوويهه ڪلاڪ وضوءَ ۾ رهندڙ هو. قدرت پاران کيس وڏيون طاقتون مليل هيون. هڪ اها به ته هو جنهن به بند تالي ڏانهن هٿ وڌائيندو هو ته اهو کلي ويندو هو! هو هڪ ئي رات ۾ لکين درود شريف پڙهڻ جوپڻ وظيفو ڪندو هو.

سندس خوبيون بي انت ۽ بي شمار آهن. سندس شخصيت جا ڪيئي روپ ڪيئي رخ هئا. ڳالهائيندو ۽ فيصلا ڪندو هو ته ڄڻ ججن جو جج هوندو هو. هلندو هو ته هڪ ايٿليٽ لڳندو هو. شڪار ڪندو هو ته سندس نشان بي مثال هو. ڊرائيونگ ڪندو هو ته هڪ لاجواب ڊرائيور لڳندو هو. سندس گاڏيءَ جي اڳيان پنهنجي گاڏي وڌائڻ جو  ڪو ڊرائيور تصور به ڪري نه سگهندو هو. وڏا وڏا ڊرائيور سندس ڊرائيونگ جا معترف هئا. هونئن به سندس شخصيت ايڏي باوقار ۽ بارعب هوندي هئي جو گهٽ ماڻهو سندس سامهون اچڻ جو سوچي سگهندا هئا.

هڪ محفل ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب (جيڪو ان مهل سنڌ جو وزير اعليٰ هو)، تنهن جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ جي شخصيت ۽ بهادريءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته، ”غلام محمد خان بڪڪ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ سان وڏن وڏن جو به..... نڪري ٿو وڃي.“ ته اتي انهيءَ محفل ۾ ويٺل سندس هڪ مخالف سردار چيو، ”جتوئي صاحب، اهي پراڻيون ڳالهيون آهن. هاڻي ائين ڪونهي.“ اهو ٻڌي اتي ئي ويٺل ڪوهستان جي هڪ معروف شخصيت چيو، ”جتوئي صاحب، ٺيڪ آهي غلام محمد خان بڪڪ جي هاڻي جواني ناهي. پر آئون هاڻي به پنهنجي سڄي دولت ۽ زمينون انهيءَ شرط تي رکان ٿو ته هاڻي به هي سردار صاحب سندس اکين ۾ رڳو هڪ منٽ نهاري ڏيکاري ته آئون سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندس.“ پوءِ سردار صاحب کڻي اکيون هيٺ ڪيون.

انهيءَ ساڳئي سردار سان سندس مخالفت ان ڪري هئي جو  سردار جي راڄ ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجا فيصلا ۽ دانهون سيٺ غلام محمد بڪڪ ڏانهن کڻي ايندا هئا. سيٺ غلام محمد بڪڪ جي ڪيل فيصلن کي رد ڪرڻ جو اهو سردار سوچي به نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جا فيصلا ماڻهن کي قبول هوندا هئا، جنهن جو ازالو هو پنهنجي گهر ۽ علائقي ۾ ويهي ائين ڪندو هو جو سندس خلاف ڳالهائيندو رهندو هو ته، ”هو اهي رعب ٻين کي ڏيکاري آئون راڄ جو ڌڻي آهيان سردار آهيان. ماڻهو ته الائي ڇو مڙئي اجايو هن کان مرعوب ۽ متاثر آهن.“ ائين ئي هو گهڻو ڳالهائيندو هو، ۽ ڪڏهن ته هو ماڻهن کي چوندو هو ته، ”وڃي کيس چئو ته آئون ڊڄڻ وارن مان ناهيان.“ ماڻهو وڃي اهي سڀ ڳالهيون ڪجهه وڌائي، اچي سيٺ غلام محمد بڪڪ کي ٻڌائيندا هئا جيڪي پاڻ خاموشيءَ سان سڀ ٻڌندو رهندو هو.

سيٺ غلام محمد بڪڪ ۾ سگهه، بهادري ۽ بي ڊپائيءَ سان گڏ، صبر تحمل ۽ برداشت ڪرڻ واريون خوبيون ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏينديون هيون ته، هيڏو سگهارو ماڻهو ڪيئن ٿو سڀ سهي وڃي. هو ته ڄڻ لطيف سرڪار جي هن بيت جي مڪمل تشريح هو ته،

سوڍا صَبر تنهنجو، لَڄاين مَرَڪُ

نه ڪُڇڻ سِين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ راڻي وَڍيو.

سچ به وٽس صبر جا انبار هئا. حيرت جهڙو ماڻهو جنهن ۾ هرهڪ خوبي وافرمقدار ۾ موجود هئي.

ڳالهائڻ/ ماٺ. ڌڪ/ دلاسو ٻئي حدون، ٻئي سطحون، هڪ ئي وقت ڪارگر ۽ متحرڪ. هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ هئڻ وسهڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر ائين هو.

عبادت گذار هو ته تهجد سميت سڀ نمازون پڙهندو هو. ۽ چويهه ڪلاڪ وضوءَ ۾ رهندو هو. هڪ ئي رات ۾ لکين صلاتون ۽ درود وظيفا ڪندو هو.

ٻيو دنگ اهو ته ڪنهن سٺي سينيما هائوس ۾ ڪا سٺي انگريزي فلم آئي ته هڪدم ماڻهو موڪلي ٽڪيٽون گهرائيندو ۽ پنهنجي لائق ۽ ڀرجهل ڀاڻيجي قادر بخش بڪڪ کي ساڻ وٺي فلم ڏسڻ ويندو هو، پنهنجي وفادار ماڻهن سميت.

سندس پسند جا ايڪٽر چارٽن هسٽن، گريگري پيڪ، ڪرڪ ڊگلس هئا. سندس پسنديده فلمون بن حر، لارنس آف عربيا، مڪناز گولڊ، گنز آف نيوران، اسپارٽيڪس، ڪلوپترا ۽ اهڙيون ئي تاريخي ۽ ڪلاسيڪل فلمون هيون.

هڪ ڀيري دستور موجب پنهنجي ڪا وڻندڙ فلم ڏسڻ لاءِ سنيما ۾ آيو، ته اتي سندس مخالف سردار به پڻ فلم ڏسڻ آيو  هو. ٻنهي کي سندن ماڻهن هڪ ٻئي جي موجودگيءَ جي خبر ڏني. سيٺ غلام محمد بڪڪ پنهنجي ماڻهن کي چيو.“ ڏسجو، متان نڪري وڃي.“

سردار صاحب کي به شايد پنهنجا موڪليل پيغام ياد آيا ۽ هو ٿڙ ڦٿڙ ڪري انٽر ويل کان اڳ سنيما کان ٻاهر نڪتو. سيٺ غلام محمد بڪڪ جي ماڻهن جي نظر ۾ هو جيئن ئي هو ٻاهرين دروازي ڏانهن وڌيو ته هنن سيٺ غلام محمد بڪڪ کي ٻڌايو ته، ”سردار صاحب ٻاهر پيو نڪري.“ سيٺ غلام محمد بڪڪ بجليءَ وانگر پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ سينيما کان ٻاهر نڪتو ته، سردار صاحب جيڪو پنهنجي سؤٽ ۽ باڊي گارڊن سان گڏ هو سو پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي رهيو هو. قداور سيٺ غلام محمد بڪڪ وڏيون وکون کڻي وٽس پهچي ويو ۽ سندس ڪالر جهلي چيائين، ”ماڻهن کان ڏاڍا پيغام موڪليا اٿئي. بيهي جواب ٻڌُ.“ سردار صاحب پنهنجي قميص جي ڪالر ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”مون کي جوابن جي ضرورت ناهي....“ هن جو جملو اڃا اڌورو هو ته سيٺ غلام محمد بڪڪ شينهن وانگر پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ هڪ زوردار چماٽ سنهڙي سيپڪڙي سردار صاحب جو منهن وڄائي وجود ڌوڏي وئي. انهيءَ وچ ۾ حيرت ۽ عجب اهو ٿيو ته چماٽ سردار صاحب کي لڳي ۽ سندس سؤٽ چڪرائچي ٺڪاءَ ڪري اچي پٽ تي ڪريو.

سيٺ غلام محمد بڪڪ به ڏانهس نهاريو ۽ گارڊ جيڪي کيس ڏسي سڪتي ۾ اچي ويا هئا، انهن ڇرڪي اچي کيس مٿي کنيو جيڪو بيهوش ٿي ويو هو. سيٺ غلام محمد بڪڪ موٽي وري سينيما ۾ آيو ۽ فلم ڏسڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن تي اها خبر هُلي وئي ته سردار صاحب جو سئوٽ هارٽ اٽيڪ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو. خبر پئي ته جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ، سردار صاحب کي چماٽ هنئين هئي، تڏهن سندس رعب، ڪاوڙ ۽ دهشت ڏسي خوف مان کيس اٽيڪ ٿيو.

سيٺ غلام محمد بڪڪ کي رب تعاليٰ گهڻيون خوبيون ڏنيون هيون. هُو پٿرن جي وڏي شناس رکندڙ هو ۽ پٿرن جو ماڻهن تي سٺن ۽ خراب اثرن کان پڻ چڱي ريت واقف هو.

اڪثر هُو ڪوهستان جي پراسرار ۽ گونا گون جبلن ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ويندو هو. کيرٿر جبل جي چوٽين ۾ هن هڪ اهڙو به سَرَه (Ibex) شڪار ڪيائين جنهن جا ڏند سون جا هئا. ان جي تصديق صرافن به ڪئي. پاڻ چوندو هو ته، ”جبلن ۾ وڏيون قدرتون ۽ راز آهن. اتي جا وڻ ٻوٽا ڪيميا آهن، اتي جا پٿر پارس آهن.

هڪ ڀيري پٻ جبل ۾ شڪار دوران جبل جي چوٽين ۾ کيس هڪ سِپَ (سيپي) جهڙو پٿر مليو، جنهن جو ڍڪڻ کولڻ سان کلي ويو ته ان جي اندر مختلف خانا هئا، جن ۾ مختلف رنگ رنگ جا سفوف پيل هئا. پاڻ چوندو هو ته، ’اهي انسانن لاءِ رب پاڪ جي طرفان سوکڙيون آهن جيڪي فرشتا جبلن جي چوٽين تي رکي ويندا آهن.‘ پاڻ پنهنجي منڊين ۾ فيروزا ۽ يعقوت (روبل) پٿر پائيندو هو جيڪي اڇي سون جون هونديون هيون.

پنهنجي ماڻهن جي ڏک سور ۾ گڏ رهڻ وارو هي جري جوڌو حڪومت جي ڪڌن قانونن خلاف هميشه ڪاوڙيل ۽ سرگرم رهيو. جدوجهد ڪندڙ بلوچ ساٿين سان گڏ سختيون ۽ قيد به ڪاٽيائين.

پنهنجي سؤٽ (ٻنهي جا ڏاڏا سڳا ڀائر هئا) ۽ ماروٽ سيٺ علي محمد بڪڪ سان گڏ پاڻ به جيل ۾ رهيو، جنهن جو تفصيلي ذڪر، سيٺ علي محمد بڪڪ“ جي پروفائل ۾ آيل آهي.

هُو ايڏو غير معمولي بهادر هو جو دشمن هن کان ڏنئون ڏيندا هئا. هو دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار هو. ڪنهن ڳالهه ۾ جي ’نه‘ ڪيائين ته ان ڳالهه ۾ ’ها‘، ڪرائڻ جي طاقت ڪوبه نه ساري سگهندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org