سائين بشير احمد جوکئي کي ڪتابن سان عشق هو.
انهيءَ جو پتو تڏهن پيم جڏهن ساڻس پنهنجي ڪتاب
’مانجو ڪوهستان‘ جي لکڻ جي ڳالهه ڪيم ته پاڻ بيان
کان ٻاهر خوش ٿيو. چيائين، ”ڪنهن به معلومات يا
ڪتاب جي ضرورت هجي ته مون وٽ نئين زندگي ۽ مهراڻ
رسالن جا سڀ جلد آهن، اوهان کي جنهن به پرچي جي
ضرورت هجي مون کي ٻڌائجو.“
آئون تڏهن ته وڌيڪ حيران ٿيس جڏهن رسالي ’سوجهرو‘
۾ محترم قادر بخش بڪڪ صاحب تي نڪتل ڪارنر ۾ تاج
بلوچ صاحب ايس.ايم ڪاليج جي مخزن ۾، ڇپيل سندس هڪ
مضمون جي تعريف پنهنجي لکيل آرٽيڪل ۾ ڪئي هئي،
جنهن کي پڙهي سائين بشير احمد جوکئي مون کي فون
ڪئي ته آئون کيس محترم قادر بخش بڪڪ صاحب جا
ايس.ايم ڪاليج ۾ پڙهڻ وارا سال ٻڌايان ته هو سندس
ڇپيل مضمون پڙهي. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته وٽس
ايس.ايم ڪاليج جا سڀ ڇپيل مخزن موجود آهن.
جِن کي دَور دَرد جَو، سَبق سُورپڙهن
ذِڪر ڦَرِهي هَٿ ۾، ماٺ مُطالعو ڪَن
پَنو سَو پڙهن، جَنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
(شاهه رح)
سائين بشير احمد جوکيو گرامر جي هڪ ڪتاب ’نور
گرامر‘ جو مصنف پڻ هو. جنهن بابت مون کي سنڌيءَ
جي هڪ ذهين نثرنگار، شاعر ۽ مترجم شير مهراڻي
ٻڌايو (جيڪو ڪراچي يونيورسٽي مان پي.ايڇ.ڊي ڪري
رهيو آهي) ته، ”سائين بشير احمد جوکيو صاحب جو
مرتب ڪيل گرامر جو ڪتاب ’نورگرامر‘ ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول آهي. هر شاگرد
سائينءَ جوکئي صاحب جو ’نورگرامر‘ ئي خريد ڪرڻ
چاهي ٿو. ڇو جو اهو ڪتاب مڪمل ۽ مددگار آهي.“
سائين جوکيو صاحب معاشي ۽ مالي طور ڪو سکيو ستابو
نه هو. ظاهر آهي ته هڪ پرائمري يا سيڪنڊري ٽيچر
اهو به ريٽائرڊ ان جي ڪمائي ڪيتري هوندي؟ پر مون
ڪڏهن به سندس زبان تي اڻ هوند ۽ مهانگائيءَ جو ذڪر
نه ٻڌو. جڏهن ته خاشا خاشا، ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به
ڏکين حالتن ۾ اڻ هوند جو ماتم ڪندي نظر ايندا آهن.
اهڙي ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ سائين بشير احمد جوکيو
صاحب، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ وارو ۽ ڏکن کي سکن جي
سونهن سمجهي مزو ماڻيندڙ، هڪ حيرت جهڙو باهمٿ اڻ
مول انسان هو.
سدائين سَرهو، سدائين کلندڙ، ڄڻ کيس ڪو مسئلو، ڪو
مونجهارو نه هو.
ٿَوري قُوتَ قَرَارِيا، رَهَن سَٻَرَ سَتَ
کَٿيءَ ۾ کِھَ بُڪليا، ڀُڻَنِ اَهڙيءَ ڀَت
پَنوهارڪي پَتِ، پَيهي پُڇج مَلير ۾
(شاهه رح)
جسماني طرح پاڻ سنهو، تندرست ۽ ڦڙت هو. ڪراچيءَ ۾
اهڙي ڪابه ادبي تقريب نه هوندي هئي جنهن ۾ پاڻ
شريڪ نه ٿيندو هجي. بشرطيڪ کيس دعوت مليل هجي.
هونئن به سدائين هل هلان ۾ هوندو هو. 2009ع ۾ مون
سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايائين، ”بدر ابڙي صاحب
وارا جبل ڏانهن وٺي ويا هئا.“ وري کلندي چيائين.
”آئون هن عمر ۾ به جبل تي چڙهي ويو هئس ۽ ٻيا....“
ساڳئي اپريل مهيني ۾ (2009ع) يعني وڃڻ کان ڪجهه
ڏينهن اڳ، جڏهن هو ڪنهن ڪتاب يا پرچي لاءِ سوجهرو
جي آفيس ۾ آيو هو ته، مون کي تاج بلوچ صاحب ٻڌايو
ته، ”بجلي نه هئڻ جي ڪري لفٽ بند هئي پر سائين
بشير احمد جوکيو صاحب ست ماڙ مٿي چڙهي آيو هو. پاڻ
بلڪل تازو توانو هو. نه ڪو ساهه چڙهيل هئس نه ڪو
ٿڪل هو.“
سَدائين سَفَر ۾، رَمن مَٿي رَاهه
پُرن پُورب پَنڌ ڏي، مَنجهه مَوالي مَاهه
جي اَلک سين آگاهه، هَلو تُڪيا پَسون تِن جا.
(شاهه رح)
سائين بشير احمد جوکيو هڪ گمنام سپاهيءَ جي حيثيت
رکندڙ، اهو ڪوهستاني سچيت هو جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽
ڌرتيءَ وارن لاءِ، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ سان ويڙهه
وڙهندو اونداهيون ٽاريندو رهيو. جنهن جي سوڀ نور
جيان پنهنجن جون راهون روشن ڪري وئي آهي.
مُنهنجي هڪ مضمون، ’ڪو جو قهر ڪلاچ ۾/ ڪراچيءَ جو
ڪيڏارو‘ ۾ مورڙي جي قبر بابت معلومات ۽ کديجيءَ جي
برباديءَ جا سڀ ئي داستان سائين جوکئي صاحب جا
ٻڌايل آهن.
اها ئي کديجي جيڪا سندس جاءِ پيدائش به آهي ۽ جيڪا
هاڻي سندس جاءِ دائميت به آهي. جتي پاڻ پيدا ٿيو ۽
جتي هاڻي دفن آهي. اها ئي کديجي جنهن جا ڏک سندس
اکين ۾ آلاڻ ڀري ڇڏيندا هئا. اها ئي کديجي جنهن جي
سونهن ۽ سرهاڻ سندس ساهه ۾ سمايل هئي ۽ جنهن جي
ويرانيءَ جا تازا منظر سندس ماڻڪين ۾ چٽجي کيس
درماندو ڪري ڇڏيندا هئا.
اهائي کديجي جنهن جي مٺي جهرڻي جون ساروڻيون کيس
ٺاري ۽ جياري وينديون هيون. وري پيش منظر ۾ ساڳيو
مٺو جهرڻو زهريلي پاڻيءَ جو وهڪرو بنجي سندس هانءَ
کي ڪڙو زهر ڪري ٻاري ۽ ماري ڇڏيندو هو.
کديجيءَ جي مٺي جهرڻي جو پاڻي ڌارين ڌوتن جي ڪري
زهر ٿيڻ تي مون کي انگريزي شاعر ڪالرج جي هڪ سٽ
ياد اچي ٿي ته، ”پاڻي ئي پاڻي چئني پاسي پاڻي،
پرپيئڻ لاءِ هڪ ڦڙو به نه!!“
اها ئي کديجي جيڪا اڄ لانگ بوٽن جي ڀيل هيٺ ساهه
کڻي رهي آهي، جتي واقعي به پاڻي ئي پاڻي آهي
زهيريلو پاڻي ۽ جتي واقعي پيئڻ لاءِ هڪ ڦڙو به
ناهي.
جتي سائين بشير احمد جوکيو مورڙي وانگيان پنهنجي
اباڻي پٽ ۾، پِڊ ۾ ڌارين وٽ قيد آهي غير محفوظ
آهي:
کَنيائون کائر ڏي، سَاري هَاجَ هِئان
لاَهي لَڏَ لطيف چئي، پَرئين ٿَرِ ٿيا
ڇَڏي ڳُڻ وِيا، ماروئڙا مَلير ۾.
(شاهه رح)
(بشير احمد جوکيو صاحب، پيدائش: 1932ع، وفات:
2009ع)
سماجي ڪارڪن
محمد عرف ممون بڪڪ باراڻي
جيئن بسنت رت جو احساس درماندن لاءِ مونجهه
لاهيندڙ هوندو آهي. بلڪل ائين ئي ڪنهن مهربان
ماڻهوءَ جو وجود، پيڙا ورتل انسان لاءِ ساوڻي جي
وقت ڀري بوند مثل هوندو آهي.
محمد عرف ممونءَ جو وجود به ڏکويلن ۽ بيمارن لاءِ
وڏو آٿت، مدد ۽ سهاري جو باعث آهي.
سندس عمر هن مهل 70-72 ورهيه هوندي ۽ اهي، سڀ سال
هن غريب بيمار ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاريا آهن.
کيس ڪنهن به اعزاز، ايوارڊ، سند ۽ سرٽيفڪيٽ جي نه
پرواهه آهي نه ئي هو ان جي ڪمي محسوس ڪري ٿو.
پاڻ ڪو پيسي ڏوڪڙ وارو يا ڪو زميندار ۽ جاگيردار
ڪونهي. نهايت غريب مسڪين ماڻهو آهي. پر سندس اندر
۾ اگهن جو ايڏو اهنجهه آهي جو هو برداشت ئي نه ٿو
ڪري سگهي. ڪو غريب بيمار لاچار اسپتال ۽ دوا لاءِ
واجهائي ۽ هو پٺ ڏئي هليو وڃي.
هو ڪنهن بيمار جي تڪليف ڏسي ئي نه سگهندو آهي.
سندس غاريبي (غريب)، گهر ۾ سدائين اگهن جي ڪنجهو
ڪنجهه لڳي پئي هوندي آهي. هو بنا ڪنهن نرڙ ۾ گهنج
وجهڻ جي سندن خدمت ۾ لڳو پيو هوندو آهي. هڪڙن کي
پيو اسپتال وٺي ويندو آهي ته ٻين کي اسپتال مان
علاج ڪرائي پنهنجي گهر ۾ پيو آڻيندو آهي.
اهي بيمار به سندس اوسي پاسي جا نه، پر جبل جي
ڏورانهن علائقن جا هوندا آهن جيڪي سندس مائٽ ته ڇا
پر ذات ڀائي به نه هوندا آهن. اهي الائي ڪٿان ڪٿان
کان سندس هاڪ ٻڌي ايندا آهن، جن جي رهائش ۽ کاڌي
پيتي جو انتظام به سندس بلي هوندو آهي. جبل جا
مسڪين ماڻهو ڪهڙا وري راشن ۽ ڏوڪڙ کڻيو ٿا اچن.
بس، بيمار کي گاڏي موٽر ۾ ڀاڙو ڪري ڪراچيءَ ۾ ممون
بڪڪ جي گهر تائين پڄايائون ته وڏو ڪارنامو ڪيائون.
پوءِ ته بس جيڪي بيمار سان گڏ آيل هوندا انهن جي
به رهائش، کاڌو پيتو سندس حوالي هوندو.
وڏي ڳالهه اها جو رڳو کيس خبر پوندي آهي ته ڇپر ۾،
۽ جبل ۾ ڪو غريب ماڻهو گهڻو بيمار لاچار آهي. اچي
به نه ٿو سگهي ته هو پاڻ اتي وڃي بيمار کي ڪراچي
وٺي ايندو آهي.
حالانڪه هو پاڻ به نهايت غريب آهي. پنهنجي سڄي
زندگي غربت ۾ ڪاٽي، ڏکويلن جا ڏک ڏور ڪرڻ ۾ گذاري
آيو آهي.
سندس هڪ ئي پٽ آهي نالو اٿس صادق. جيڪو پڻ غريب
ٻچڙيوال آهي. صادق جو وڏو پٽ مينهن وسايو جيڪو پڻ
شاديءَ وارو آهي ۽ اولادي آهي.
ممون بڪڪ هينئر ماشاء الله پڙ ڏاڏو ٿيو آهي. تنهن
کي ان ڳالهه جو ڪو اونو ڪونهي ته سندس پٽ، پوٽا،
پڙپوٽا غربت ۾ ڏکي زندگي گذارين ٿا. نه ئي هن ڪنهن
کي دانهن ڏني. يا حڪومت ۽ سرنديءَ وارن کي چيو
هوندو ته انهن کي نوڪريون وغيره ڏيو. اهي سڀ محنت
مزدوري ڪري پيٽ پالين ٿا.
ممون بڪڪ جي اڳيان غربت جي ڪائي اهميت ۽ پرواهه
ڪونهي. ڄڻ غربت سندس مسئلو ئي ناهي.
هن وٽ جي ڪا اهميت آهي. پرواهه آهي. يا مسئلو آهي
ته اهو ته هو ڪنهن به بيمار کي تڪليف ۾ ڏسي نه ٿو
سگهي.
بيمارَ به ڀلي ڪيڏو به بيمار هجن. پر کيس ڏسي ڏاڍا
سرها ۽ خوش ٿيندا آهن ته، بس هاڻي اسان جو نجات
ڏيندڙ اچي ويو آهي. مون کي وري اهڙي صورت حال ۾
لطيف رح جو
بيت ياد ايندو آهي ته،
اگهن ڪَيو اَڄُ، مِڙِي سَڏُ صَحَتَ کي
ڏُورُ ڏُکَندا ڀَڄُ، مَهَريءَ مُنهن ڏَيکاريو.
آئون ممون بڪڪ کي مدرٽريسا (ٽريزا) سان فخر سان هڪ
جهڙائي ڏينديس. مدرٽريسا پڙهيل خاتون هئي. ٻيو
جرمنيءَ جهڙي عزت واري ملڪ جي ڄائي، ۽ ٽيون وري
هندوستان جهڙي عظيم جمهوريت واري ملڪ ۾ ڪوڙهه جي
بيمارن جي خدمت ڪرڻ ۽ کين سانڍڻ آئي هئي. تنهن ڪري
هن جو هر عمل، محنت، خدمت ۽ ڪوشش وارو عمل دنيا
اڳيان نروار آهي.
جڏهن ته هي اڻ پڙهيل غريب ۽ پيڙهيل سنڌي قوم جو
فرد آهي، جنهن جون خدمتون، محنتون ۽ ڪوششون لڪل ۽
اڻ ساريل آهن.
منهنجو مقصد مدرٽريسا جي عظمت گهٽ ڪرڻ يا کيس
مڃتا نه ڏيڻ هرگز ناهي.
منهنجو سر امڙ ٽريسا جي مهانتا اڳيان نميل آهي. پر
ڳالهه اها ئي آهي ته بنا ڪنهن جي سهڪار ۽ مدد جي
اڪيلو ئي ڪم ڪرڻ تي ممون بڪڪ به خراج لهڻي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو ان سلسلي ۾ ڪنهن کان
به ڪا مدد گهرندو به ناهي، جيترو پڄي سگهندو آهي
پاڻ ڪندو آهي ۽ انهي نيڪ ڪم ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا به
ساڻس لاَٽَو پُوٽُ (گڏ گڏ مددگار) آهن.
جيئن چئبو آهي ته سج کي کاري هيٺان نه ٿو لڪائي
سگهجي. بلڪل تيئن ئي سندس خدمتون ۽ محنتون ماڻهن
اڳيان مڃتا ماڻي رهيون آهن.
هاڻي ڪراچيءَ جي سرڪاري اسپتالن ۾ کيس قدر جي
نگاهه سان ڏٺو وڇي ٿو . جڏهن به هو ڪنهن مريض کي
اسپتال وٺي ويندو آهي ته سندس مريض کي اهميت سان
ڏٺو ويندو آهي. ان کي جيڪا به تڪليف هوندي آهي ان
بيماريءَ جي اسپيشلسٽ وٽ بناروڪ ٽوڪ جي هليو ويندو
آهي. سندس آندل مريض کي دوا، رت يا آپريشن جي
ضرورت هوندي آهي ته اهو سڀ هڪدم ٿي ويندو آهي. ٻيو
علاج به ترت ٿي ويندو آهي.
هو پاڻ ڏسڻ ۾ ڪمزور، هاٺي ڪاٺي/ جسم جو آهي. پر
تنهن هوندي به هو ضرورت مند مريضن کي پنهنجو رت به
ڏيندو آهي.
وڏي ڄمار هوندي به هو بغير ڪنهن ڊپريشن ۽ ٽينشن جي
خوش باش، عمل جي ميدان ۾ ٽراپيون (ڊوڙون) ڪري رهيو
آهي.
جنهن وقت به کيس ڏسبو ته هو ڪنهن نه ڪنهن مريض کي
اسپتال وٺيو پيو ويندو. گاڏي موٽر ته وٽس ڪانه هئي
جو هو مريضن کي آسانيءَ سان اسپتال تائين پهچائي.
ڏسبو ته مريض کي هٿ کان جهليو روڊ ڪراس ڪرائيندو،
بسن ۾ ويهاريندو. وري هٿ وٺي بس مان پيو لاهيندو.
پاڻ به غريب. بيمار به غريب. ڪيئن ٿو پورت ڪري اها
ضرور حيرت جهڙي ڳالهه آهي.
ممون بڪڪ تي فخر ڪرڻ جو حق رڳو جبل نه پر هر سنڌ
واسيءَ کي آهي.
اسين جيڏي به عزت کيس ڏيون. اها ڏيندي ٺهون. جيڏو
به مان کيس ڏيون اوڏو سونهون.
سندس نالو ڪنهن به سماجي ڪارڪن (نالي ڪوٺئي) يا
وڏن نالن وارن سماجي ليڊرن اڳيان فخر مان پيش ڪرڻ
جي لائق آهي.
اسان کي پنهنجن جو قدر ڪرڻ گهرجي. پراون کي گهڻو
ئي ڏنوسين گهڻو ئي آزمايوسين (حاصل ڪجهه به نه
ٿيو.) هاڻي پنهنجي کي به ڪجهه مڃتاڏيون، جيڪا
حقيقت ۾ پنهنجي ذات جي مڃتا آهي. اچو ته پاڻ کي
سڃاڻون
(ممون بڪڪ ڪجهه سال ٿيا آهن گذاري ويو آهي. مون
سندس زندگيءَ ۾ ئي هي مضمون لکيو هو، جيڪو ٻين کان
پڙهائي ڏاڍو خوش ٿيو هو. اها اخبار هر وقت پنهنجي
ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي رکندو هو ۽ هر ڪنهن کي ڏيکاري
خوش ٿيندو هو. ايتري قدر جو جڏهن مريضن کي وٺڻ جبل
تي ويو هو ته اتي به منهنجو لکيل اهو مضمون انهن
کي ڏيکاريو. ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي
به اها اخبار ڏيکاري هئائين جنهن ۾ مضمون سان گڏ
سندس تصوير به لڳل هئي.)
ويا سي وينجهار.....،
هَارِيا وَيڄَ مُياسِ! سُڌِ نَه لَهِين سُورَجِي،
پِرِيَان کي چَوَندِياسِ، تَه تَرسُ طَبيبن ڇَڏيو.
هڪ سريلو ڪردار ۽ نئون ٻيجل
استاد محمد جمن (سخيراڻي)
سنڌي موسيقيءَ سان پيار ڪندڙن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي
ڄاڻ رکندڙ. اڳيان، مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو
نالو لڪل ۽ اڻ ٻڌل نه هوندو.
ڪوهستان کي اهو پڻ فخر حاصل آهي ته استاد محمد جمن
جهڙو
بي مثال فنڪار سندس مٽي ۽ سندس خمير جي پيداوار
آهي، جنهن ميوزڪ ۽ گائڪي جي دنيا ۾ اهو عروج ماڻيو
جيڪو موسيقيءَ سان واڳيل هر هڪ ڪلاڪار جو خواب
هوندو آهي. رشڪ جو باعث هوندو آهي.
استاد محمد جمن جو تعلق ڪوهستان جي ڏکين جبلن واري
شينهن علائقي ’موئيداڻ‘ سان آهي. سندس پيدائش
سخيراڻي مڱڻهار قبيلي ۾ مشهور سرندي نواز استاد
حاجي احمد المعروف حاجي آمن جي ڪکائين جهوپڙيءَ ۾
، ’ڪنڊ جهنگ‘ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي.
هوش ۾ اچڻ کان اڳ ئي سندس ذهن ۽ ڪَن ساز ۽ آواز جي
سنگم ٻڌڻ جا رهيگ (عادي) ٿي ويا هئا. ڇو ته سندس
ڪٽنب پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ خوشيءَ جي محفلن ۾ ڳائيندو
وڄائيندو هو.
سندس پيءُ حاجي آمن جيڪو نهايت خوش شڪل ۽ خوش
اخلاق هو، ۽ جيڪو پنهنجي خاندان جو پهريون فرد هو
جنهن جو وڄايل ساز (سرندو)، گراموفون ريڪارڊز ۽
ريڊيو جي ذريعي پنهنجي راڄ ۽ علائقي جا دنگ
اورانگي (اورانگهي) پري پري تائين ماڻهن جي دلين ۾
پهتو هو. حاجي آمن پاڻ چوندو هو، ’سندس وڄايل
سرندي جو آواز ٻين به گهڻن استادن جي رڪارڊن ۾ آهي
جن ۾ استاد برڪت علي خان صاحب، استاد قدرت الله
خان صاحب شامل آهن. پر خاص طرح سان عظيم ڪلاڪار
فيض محمد بلوچ جي سڀني پراڻن رڪارڊن ۾ سندس ئي
وڄايل سرندي جو آواز آهي.‘
استاد محمد جمن اتفاقي يا حادثاتي ڳائڻو نه هو.
بلڪ سندس سڄو گهراڻو موسيقيءَ جي رمزن کان واقف
هو. سندس سڀيئي ابا ڏاڏا موسيقيءَ جي اَجهل ڪائنات
جا ملهائتا فرد هئا. اهي واڳيل هئا انهيءَ سريلي
دنيا سان.
سندس گهراڻي بابت وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان اڳ، سنڌ جي
هڪ وڏي ۽ معتبر اداري پاران ڪيل هڪ غفلت ۽
لاپرواهيءَ ڏانهن هٿ، سَڃَ ڪنديس. هڪ ڀيري جڏهن
انهيءَ وڏي ۽ معتبر اداري ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، ۽
ميوزيم ۾ فنڪارن جي گيلري ۾ استاد محمد جمن جي
تصوير ڏسي خوشيءَ مان پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا. اتي
ئي بيهي رهيس. تصوير جي هيٺيان لکيل هو، ”استاد
محمد جمن ولد.... (ڊيش ڊيش ڊيش)،“ اهو لقاءُ ڏسي
حيران ٿي ويس. انهيءَ اداري جي اهڙي لاپرواهيءَ
واري غفلت ۽ لاغرضيءَ واري عمل پريشان ڪري ڇڏيو.
استاد محمد جمن کي ڪي سوين هزارين سال ته نه ٿيا
آهن، جو سندس والد جو نالو معلوم ڪرڻ ممڪن نه هجي.
اڃا ته خير سان سندس سڄو خاندان پٽ، پوٽا، ڀائٽيا
ماشاء الله سڀ سلامت آهن. بلڪ ساڳئي ئي کيتر ۾
لانچيا پلاڻيا بيٺا آهن. استاد محمد جمن جي پيءُ
جو نالو پڇڻ لاءِ اوڙي پاڙي، ڄات سڃات کان رلي
پني جهپا ڏئي. مٿا هڻي، هلاکيون ڪري پڇڻ جي به ڪا
ضرورت ناهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته استاد محمد
جمن جو والد ڪو عام ماڻهو نه هو. بلڪ هُو پنهنجي
دور جو ٻُڌو سُئو سرندي وڄائڻ جو وڏو ماهر استاد
هو. جنهن جو وڄايل سرندو وقت جي وڏن استادن جي
گراموفون رڪارڊن ۾ موجود ۽ محفوظ آهي. باالفرض جي
هو ڪو فنڪار نه به هجي ها ته به هو عام ماڻهو نه
هو، ڇو جو هو مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو والد
آهي. انهيءَ وڏي ۽ معتبر اداري جي ميوزيم مان ڏک ۽
مونجهه کڻي گهر پهتيس.
انهيءَ سلسلي ۾ استاد محمد جمن جي پڦاٽ ۽ سالي،
مشهور ڍولڪ نواز محمد دائود جي گهر فون ڪيم، جتي
موجود استاد محمد جمن جي لائق پٽ اويس جمن بنا دير
پنهنجو شجرو ٻڌائي ڇڏيو، ”استاد محمد جمن ولد حاجي
آمن ولد ڪنور ولد موڙائي ولد سومار ولد...“
بس هڪڙو فون ۽ ايتري دير. الله الله خير صلا
(صلاح). استاد محمد جمن جي سلسلي ۾ اهڙيون
لاپرواهيون، لاغرضيون، غفلتون ۽ اڻ پڇائون ٿينديون
رهيون هيون. سندس زندگيءَ ۾ به جو سندس کان گهٽ
ڄاڻو ۽ گهٽ درجي جي فنڪارن کي، سندس موجودگيءَ ۾
به وڏيون عزتون، وڏيون مراعاتون، وڏا انعام ۽
اعزاز ملندا رهيا. جن جو ذڪر فراخ دل استاد محمد
جمن پاڻ به نجي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ اڪثر کلي کلي
ڪندو هو.
هوهڪ سچو فنڪار هو. جيڪو سچا سُر ڳائيندو هو. ڇو
جو سُر کيس سُتيءَ ۾ مليل هئا. سندس والد کان
علاوه سندس وڏو ڀاءُ حاجي الله ڏنو پڻ دنبوري ۽
سرندي جو ماهر استاد هجڻ سان گڏ هڪ ڪلاسيڪل گائڪ
پڻ هو. جنهن کي ڳائڻ کان وڌيڪ سازن سان چاهه هو.
هو ريڊيو ڪراچيءَ تان دنبوري ۽ سرندي وڄائڻ جي
نسبت سان وابسته هو. دنبوري جا سُر ۽ تندون مختصر
هوندا آهن. پر حاجي الله ڏنو دنبوري جي انهن مختصر
تندن مان اهڙا سُر ۽ راڳ آلاپيندو هو جو ماهر
حيران ٿي ويندا هئا. حاجي الله ڏني جي اڳيان
دنبورو سندس طابع ٿي پوندو هو. منهنجو ڀاءُ
انجنيئر محمد بخش بڪڪ راڳ ۽ ساز سان چاهه رکي ٿو.
راڳ سان ٿوري گهڻي واقفيت به اٿس، ان ٻڌايو، ”هڪ
ڀيري ڏٺم ته حاجي الله ڏنو هٿ ۾ ٽٽل تارن وارو
دنبورو کنيو پي ويو. مون کي ڏسي بيهي رهيو ۽
کيڪاري چيائين، ”دنبوري جون تارون ڀڄي پيون آهن.
ٺهرائڻ لاءِ پيو کڻي وڃان.“
مون کيس چيو، ”هن ٽٽل تارن واري دنبوري سان، ’لال
موري پت...‘ واري ڌن وڃاءِ ته مڃاءِ. هن هڪدم
دنبورو سنڀالي ٽٽل تارن کي ڇيڙي اهڙي ته مهارت سان
اها ڌن وڄائي، جو آئون انهيءَ ناممڪن عمل تي حيران
ٿي ويس. يعني سندس آڱرين جيئن ئي دنبوري جي تارن
کي ڇهيو ته دنبورو ست ساز ٿي ويو هو.“
حاجي الله ڏني جي سازن سان چاهه ۽ مهارت ته هئي پر
هو نجي محفلن ۾ استاد محمد جمن سان گڏ ڳائيندو به
هو. اهڙين محفلن ۾ ٻنهي ڀائرن جا زبردست مقابلا
ٿيندا هئا. ٻئي ڀائر ڪلاسيڪل راڳن جا واهڙ وهائي
ڇڏيندا هئا.
منهنجو وڏو ادا قادر بخش بڪڪ ته هاسيڪار سندن راڳ
جا مقابلا ڪرائيندو هو. ٺمرين ۽ دادرن جا اهي
مقابلا نهايت حيرت ناڪ ۽ متاثر ڪندڙ هوندا هئا.
ٻئي ڀائر سج اڀاري ڇڏيندا هئا. ماڻهو دمبخود، ساهه
جهلي ويٺا سندن راڳ پيا ٻڌندا هئا. حاجي الله ڏنو
پنهنجي راڄ ۾، ۽ پنهنجن ويجهن وٽ استاد محمد جمن
کان سواءِ ڌار محفلون به ڪندو هو، جن ۾ صوفياڻي
ڪلام سان گڏ هو غزل ۽ گيت به لاجواب ڳائيندو هو.
يعني استاد محمد جمن ته راڳ جو ڇيهه ٿي ويو. پر
حاجي الله ڏنو به دنگ هو. حاجي الله ڏني جو هڪڙو
ئي پٽ آهي. خداڏنو، جيڪو پڻ راڳ کان واقفيت رکي
ٿو، ۽ محدود حلقي ۾ ڳائي ٿو. هو ڏاڍو سريلو آهي.
مٿي جيئن چيم، استاد محمد جمن اتفاقي يا حادثاتي
ڳائڻو نه هو. بلڪ سندس سڄو گهراڻو راڳ سان واڳيل
هو. هن جو پيءُ حاجي آمن ۽ سندس ماءُ مائي مهناز
(جيڪا انگياڻي مڱڻهار قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي)
ٻئي بيحد خوبصورت ۽ ذهين هئا. سندس والد جي باري ۾
ٻڌايو اٿم ته هو سرندي وڄائڻ جو ماهر استاد هو. پر
سندس ماءُ به راڳ جي ڄاڻ رکندڙ هئي. هوءَ پنهنجي
ٻنهي پٽن (استاد محمد جمن ۽ حاجي الله ڏنو) کي
ننڍپڻ ۾ ڳالهين، قصن ۽ ڪهاڻين ۾ موسيقيءَ جي سکيا
ڏيندي هئي.
منهنجي بابا وڏي (ڏاڏو ڇٽو خان بڪڪ) ٻڌايو ته، هڪ
ڀيري هو سندن گهر ڀرسان، لنگهي رهيو هو ته گهر
اندران مٺڙا مٺڙا سريلا آواز اچي رهيا هئا. مون کي
انهن اڳيان وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. هڪدم گهوڙي تان لهي
بيهي ٻڌڻ لڳس ته مائي مهناز پنهنجي ٻنهي پتڪڙن پٽن
کي، پنهنجي سريلي آواز ۾ منظوم قصو ڳائي ٻڌائي رهي
هئي. سندس ٻئي پٽ سندس پويان پويان ائين ئي
ورجائي ڳائي رهيا هئا.
ڪڪڙ منهنجو نيڪ نمازي بي نمازي تون
نه مار منهنجي ڪڪڙ کي حرامزادي تون.
استاد محمد جمن جي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سندس پڦيون،
مائي صالحان ۽ مائي پِنڻي ۽ سندس چاچي مائي سوڍي
پڻ وڏيون ڏاتوند ۽ سريليون ڳائڻيون هيون. جيڪي
شاديءَ جي مختلف رسمن ۽ وقتن جا راڳ، ڳيچ، سهرا ۽
لاڏا نه رڳو، ڳائينديون هيون پر پاڻ پنهنجي شاعري
۽ موسيقيءَ ۾ ڳائينديون هيون. جڏهن به ڪنهن شادي ۽
خوشيءَ جي ڪنهن تقريب ۾ گڏجي راڳ ۽ سهرا ڳائينديون
هيون ته، سندن آواز جو زيرو بم ۽ آلاپ ائين هوندو
هو ڄڻ ڪيئي ساز، سرندا ۽ سارنگيون وڄي رهيا آهن.
حيرت اها جو اهي بنا ڪنهن ساز ۽ دهل جي ڳائينديون
هيون. پر يقين ڪريو سندن آواز هارميونيم جهڙو
هوندو هو. لڳندو ئي نه هو ته ڪي مايون ڳائي رهيون
آهن. ائين لڳندو هو ڄڻ هارميونيم تي ڪا ڌُن وڄي
رهي آهي.
استاد محمد جمن ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي ته اهي سازن تي
خاص ڪري هارميونيم تي ڳائين. پر انهن ائين نه ڪيو.
هونئن به سندن آواز ايڏا مٺا ۽ سريلا هئا جو کين
ڪنهن به ساز جي ضرورت نه هئي.
هن پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ کين مڃتا ڏيندي اعتراف
ڪيو آهي ته، سندس پڦين ۽ چاچيءَ کيس ڪافي ڌنون
ڏنيون آهن جن ۾ مشهور ڌنون، 1- مارن مون ڏي موڪليو
رنگ رتو رومال، ڌوٻيئڙي ڌوتو سو رنڱيئڙي رتو...
2 - ڇيرن ڪئي ڇمڪار، عطر ڪئي هٻڪار، راڻل آيو
ويڙهي لاڏل آيو ويڙهي...
3 - ادل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ ڀينر ڀلي ڀلي ڀلي
آيو...
4 - موهيڙيءَ ٿي اچان شال ڀريڙي ويا....
۽ ٻيون به ڪيئي شاندار ۽ شاهڪار راڳ ۽ ڌنون آهن.
شروع ۾ ڳائڻ سان گڏ هو بانسري به وڄائيندو هو. هن
ريڊيو ڪراچيءَ تي پهرين ڳائڻ کان اڳ بانسري وڄائڻ
لاءِ ئي آڊيشن ڏنو هو. ريڊيو تي رڳو بانسريءَ ئي
وڄائيندو هو. اتي ئي ڪراچيءَ ريڊيو تي هن پنهنجي
آواز جو آڊيشن محترم احمد غلام علي چاڳلا جي اڳيان
ڏنو هو. اهو ئي چاڳلا صاحب جنهن ملڪ جي قومي تراني
جي ڌُن ڪمپوز ڪئي هئي. ائين ئي هن ريڊيو ڪراچيءَ
تان بانسري سان گڏ ڳائڻ به شروع ڪيو. جنهن کي پوءِ
ڪلاسيڪل راڳ سکڻ دوران سندس بي مثال استاد نظر
حسين خان صاحب، بانسري وڄائڻ کان منع ڪئي هئي ته
بانسري وڄائڻ سان گلي تي اثر پوندو، ۽ آواز خراب
ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ هن بانسري وڄائڻ ڇڏي ڏني
هئي.
ريڊيو حيدآباد جي وجود ۾ اچڻ سان ئي هو ڪراچيءَ
ريڊيو کان حيدرآباد ريڊيو سان منسلڪ ٿي ويو. اهو
ئي دور هو سنڌي موسيقيءَ ۾ انقلاب اچڻ جو! انقلاب
هڪ نه بلڪ ٻه آيا هئا! هڪ ته سنڌي موسيقي جي دنيا
کي نيون، اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڇهيون ڌُنون مليون. ٻيون
انقلاب هو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ بادشاهه
کي سندس روح سان درست اُچار، لهجي ۽ تلفظ سان ڳائڻ
وارو انقلاب.
موسيقيءَ جي ڄاڻن کي خبر آهي ته سنڌي موسيقي استاد
محمد جمن کان اڳ ايڏي وسيع، شاهوڪار ۽ مالدار نه
هئي. هن کان اڳ سنڌي موسيقي موجود ته هئي. پر کيس
اها سونهن جمال، رونق، وسعت، عروج ۽ ڪمال مليل نه
هو. جيڪو سندس سنڌ ملڪ ۽ قوم جو تاريخي شاندار
ورثي موجب هجي. ڀڳت ڪنور رام، استاد بيبو خان،
استاد الله ڏنو نوناري، استاد عاشق علي خانصاحب،
استاد برڪت علي خان صاحب ۽ ٻين قابلِ عزت استادن
سنڌي موسيقيءَ لاءِ وس آهر ڪم ڪيو. پر ان دور کي
سنڌي موسيقيءَ جو شاندار دور ته سڏي سگهجي ٿو. پر
شاهوڪار دور نه ٿو چئي سگهجي- ڇو جو اهو ڪجهه
محدود ڌنن ۽ راڳن تي مشتمل دور هو. البته جي استاد
ورڙي (بڙﻵ) غلام علي خان صاحب کي اونڌو زيڊ. اي.
بخاري پنهنجي ڦونڊ ۽ تعصب وچان جلاوطن نه ڪري ها
ته جيڪر ٻي ڳالهه هجي ها.
استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جي ڳايل لطيف سائين
جي رڳو هڪڙي وائي، ”دم دم ياد پون ٿيون مارن مٺيون
ڳالهڙيون....“ ٻڌي به ماڻهو هڪ اهڙي دنيا ۾ پڄي
وڃي ٿو جتي رڳو سک، امن، شانتي، آرام ۽ سڪون آهي.
ان ئي استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جي اڳيان جڏهن
هڪ محفل ۾ ننڍڙي محمد جمن (استاد محمد جمن تڏهن
ننڍي عمر جو هو) هڪ ڪلام ڳايو ته استاد بَڙي غلام
علي خان صاحب کيس سڏي ڀاڪر پائي پنج روپيا انعام
ڏنو هو، جنهن جو هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پاڻ ذڪر
ڪيو آهي، ”استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جا ڏنل
اهي پنج روپيا منهنجي لاءِ دنيا جي وڏن انعامن کان
به وڏو انعام آهن.“ ڇو جو اهي کيس پنهنجي دور جي
تانسين پاران انعام طور مليل آهن.
لطيف سرڪار کي استاد محمد جمن کان اڳ گهٽ بلڪ تمام
گهٽ ڳايو ويو هو جن لطيف پاڪ جو ڪلام ڳايو به هو
ته انهن به اهي ئي مروجه سولا ۽ معروف سُر ۽ راڳ
ڳايا هئا.
هن جو تعلق جيئن ته ڪوهستان سان هو جتي نج ۽
شاهوڪار سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، ۽ لطيف
بادشاهه جو ڪلام به ان ئي نج ۽ شاهوڪار سنڌي ٻولي
۾ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جا اچار صحيح آهن ۽
لطيف رح جي
راڳن جي ڄاڻ ۽ سڃاڻ رکڻ جي ڪري ڀٽائيءَ جي واين کي
سندس ئي راڳن ۾ ڳائڻ ۽ انهن راڳن منجهان ئي
لاڳاپيل بيت ڏيڻ استاد جو ڪارنامو نه پر هڪ معجزو
آهي.
هو هڪ اهڙو روايتي ڪوهستاني هو جيڪو قدرتي طور
لطيف رح جي ڪلام جو ڄاڻو ۽ ڪلاسيڪل راڳي هو، جنهن
کي لطيف رح جي ڪلام ۽ راڳن تي وڏي دسترس هئي. هو
هڪ ئي وائيءَ کي ساڳئي ئي راڳ ۾ ڳائيندي مختلف
ڌُنون ڪمپوز ڪندو هو. نه ته هن کان اڳ ائين هوندو
هو جو هڪ ئي ڌُن ۾ مختلف ڪلام ڳايا ويندا هئا.
ائين سنڌي موسيقي اڻ هوند جيتري هئي. هن کي لطيفرح جي
راڳ ۽ ڪلام تي عبور حاصل هو. جنهن پنهنجي زرخيز
ذهن ۽ قدرتي ڏات جي آڌار تي راڳ کي وسعتون ڏنيون،
جرڪائي لازوال ۽ بي مثال بڻائي ڇڏيو. انهن خوبين
کان علاوه منجهس ٻي به هڪ غير معمولي خوبي هئي ته
هو محفلن ۾ سڄيون راتيون ڳائيندو هو. جنهن رات
سندس محفل هوندي هئي ان ڏينهن هو کاڌو به نه
کائيندو هو. محفل به اڪيلو ئي اڪيلو پاڻ ئي ڪندو
هو. کيس ڪنهن ٿوڻي ۽ ٿنڀ جي ضرورت نه هوندي هئي.
نڪو ساٿي نڪو ڀرجهلو. رات کان صبح تائين مسلسل
ڳائيندو هو، جنهن جا اڄ به هزارين شاهد آهن ته هو
جيئن جيئن ڳائيندو هو تيئن تيئن سندس آواز ريشمي
تاڪين وانگر کلندو، جرڪندو ۽ پڙاڏا ڪرڻ لڳندو هو.
هُو سدائين اُچن سُرن ۾ ڳائيندو هو. سندس آواز
صبح تائين بنا ٿڪڻ جي چڙهت ۾ هوندو هو. ڪڏهن به
ڪنهن محفل ۾ سندس آواز جهڪو/ ويٺل يا گلو گِگو نه
ٿيو. صبح تائين تازو توانو، کلندو، ڀوڳ ڪندو
ڳائيندو رهندو هو. جيئن جيئن رات ٺرندي گهري ٿيندي
۽ چُڪندي (ختم ٿيندي) ويندي هئي، تيئن تيئن هن جو
آواز زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ گهنٽين ۽ چنگن جيان
پڙاڏا ڪندو ٻُرندو رهندو هو. شهرن ۾ ته کڻي لائوڊ
اسپيڪرز وغيره آهن، پر جهنگ ۽ جبل ۾ جتي انهن جو
ڪو تصور به ڪونهي اتي به جڏهن شادين جي محفلن ۾ هو
ڳائيندو هو ته، سندس طاقتور ۽ سريلي آواز سان گڏ
جبل به ڳائيندا هئا ته جهنگ به گڏجي جهونگاريندا
هئا.
هاڻي ته خير معجزن/ ڪرشمن ۽ ڪرامتن تي ويساهه گهٽ
ڪيو ويندو آهي. انهن کي گذري ويل وقت جا قصا ۽
ڪهاڻيون قرار ڏئي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. بلڪ
غير اهم سمجهيو ويندو آهي.
مغل شهنشاهه اڪبر جي اڳيان مهان راڳي تانسين، راڳ
ديپڪ ڳائيندي پاڻيءَ ۾ باهه لڳائي ڇڏي هئي ته اڄ
انهيءَ واقعي کي ماڻهو ڀوڳ تصور ڪن ٿا- جڏهن ته
آئون سمراٽ راڳي تانسين جي انهيءَ معجزي تي يقين
ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پئي آهيان. ڇو جو ان ئي قسم جو
معجزو اسان جي صديءَ ۾ رونما ٿي چڪو آهي. جنهن
معجزي کان اسان جي ماڻهن جي گهڻائي لاعلم آهي/ بي
خبر آهي.
استاد محمد جمن جو غلام محمد سومري صاحب نالي هڪڙو
فدائي ۽ عاشق هو. جنهن جو تعلق شڪارپور جي سومرن
جي معزز خاندان سان هو جيڪو بزرگ سياستدان ۽ قومي
اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر محترم الاهي بخش سومري جو
ويجهو عزيز ۽ ايس.پي فتح محمد سومري جو وڏو ڀاءُ
هو.
غلام محمد سومري صاحب جو ڪراچيءَ ۾ چوکنڊيءَ جي
قريب مينهن جو وڏو واڙو هو. ۽ اتي ئي سندس اوطاق
به هئي جتي هو اڪثر پنهنجن خاص دوستن کي دعوتون
ڏئي استاد جون محفلون ڪرائيندو هو. ۽ اهو دور
استاد محمد جمن جي جوانيءَ جي عروج وارو دور هو.
هڪ ڀيري محفل هلندي محترم غلام محمد سومرو وجد جي
عالم ۽ خماريل لهجي ۾ استاد سان مخاطب ٿيو،
”استاد، ڪراچي ڪڙهي پئي. اڄ ڪو مينهن وسائي
ڪراچيءَ کي ٺاري ڏيکار.“ گرميءَ جا ڏينهن هئا.
هونئن به ڪراچيءَ تي مينهن گهٽ مهربان هوندو آهي.
غلام محمد سومري صاحب جا جملا اوطاق ۾ ويٺلن شريڪ
محفل کي متوجه ڪري ڇرڪائي ويا. هن پنهنجي عاشق
ڏانهن نهاري مشڪي چيو، ”سومرا صاحب، بجليءَ جو
انتظام ڪري ڇڏجو.“
غلام محمد سومري صاحب ساڳي ڪيفيت ۽ پرڪيف آواز ۾
چيو، ”پرواهه نه ڪر استاد، جنريٽر موجود آهن.“
استاد محمد جمن سُر سارنگ مان بيت ڳائڻ شروع ڪيا.
هڪڙو بيت،
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا بُرجن سين
ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ
صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.
ٻيو بيت:
سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين
پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿيئي .
۽ ائين ٽيون ، چوٿون بيت.
ماڻهن کي ڄڻ سڪتو ٿي ويو هو. سڄو ماحول ٻيءَ ڀتاڻو
ٿي ويو هو. ائين لڳاتار بيت ڳائيندي اوچتو، هڪدم
سُر سارنگ جي وائي، ’رات به مينهڙا وٺا، کنوڻين
کيل ڪيا....‘ ڳائڻ شروع ڪري ڏنائين ته لڳو سندس
آواز آسمانن مان ڇڻي رهيو آهي. هو پاڻ به مدهوشيءَ
مان ڳائي رهيو هو ته ٻڌڻ وارا به سڀيئي مدهوش هئا.
بغير ڪنهن مڌ ۽ شراب جي سڄو ماحول ڳڱاٽيل هو.
سڄي ڪائنات ڄڻ وجد ۾ اچي وئي هئي ته اوچتو،
ڪراچيءَ جو آسمان جتي تارا ٽمڪي رهيا هئا، اتي
الائي ڪٿان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچڻ لڳا. ۽ اوچتو
وڄن/ کنوڻن ۽ ڪڙڪاٽن سان ڀرپور مينهن وسڻ شروع ٿي
ويو. استاد محمد جمن جي ڳائڻ ۾ ڪو فرق نه آيو.
ماڻهن به ائين ئي سڪتي ۾ ساڪت ويٺل هئا ڄڻ سڀ پٿر
جا هجن. بجلي هلي وئي هئي، مينهن تريون ڏئي وسي
رهيو هو، ۽ لڳاتار وسي رهيو هو.
اها ڪا محاورا تي، تصور اتي يا ٻڌل ڳالهه ناهي.
توڙي جو انهيءَ معجزاتي واقعي کي تقريباً پنجاهه
سالن جو وڏو عرصو گذري چڪو آهي. پوءِ به اڃا ڪي
اکين ڏٺا شاهد موجود آهن جيڪي ساڳي حيرت ڀرئي
نموني، ان ناقابل يقين ۽ اڻ وسرندڙ واقعي جو بيان
ڪندا آهن.
اهڙو ئي ٻيو واقعو پڻ هن جي عروج واري دور جو آهي.
هڪ ڀيري هو حضرت لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ
واري محفلِ موسيقيءَ ۾ ڳائي رهيو هو. ٻيا به ڪيئي
ننڍا وڏا ڳائڻا ۽ فنڪار محفل ۾ شريڪ هئا. استاد
محمد جمن واري تي پنهنجا مقبول ڪلام ٻڌائي رهيو
هو، جن ۾ هڪ فارسي ڪلام حضرت لال شهباز قلندر جو
پنهنجو به هو،
’بي نام وبي نشانم مست والست هستم....‘
هو اصل فارسي ڪلام سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو، ’بي
نام وبي نشان مان، مست والست آهيان‘ ڳائي رهيو هو.
هزارين بلڪ لکين زائرين کيس ٻڌي ۽ ڏسي رهيا هئا.
اها محفل موسيقي ريڊيو تان سڌو سنئون نشر ٿي رهي
هئي (تڏهن اڃا ٽي.وي آيل نه هئي). ته اوچتو استاد
محمد جمن جي طبيعت خراب ٿي پئي. سندس اکيون ڦاٽي
ويون. ڪنڌ ٽيڙو ٿي ويو. هٿ پير ڦري ويا. ۽ زبان هٿ
جيڏي ٻاهر نڪري آئي. جسم لرزڻ ۽ ڏڪڻ لڳو، ۽ هو هوش
حواس وڃائي بيهوش ٿي ويو. ماڻهو ڊوڙيا، اچي کيس
کنيائون. هڪدم اسپتال کڻي ويا. سندس حالت ڏسي
ڊاڪٽر ڊڄي ويا ۽ کيس هڪدم ڪراچي وٺي وڃڻ جي صلاح
ڏنائون. ڪراچيءَ ۾ وڏين اسپتالن ۽ وڏن ڊاڪٽرن سندس
علاج ڪيو. پر سندس حالت ۾ ڪو ذرو به فرق نه آيو.
سندس مائٽ، دوست ۽ پرستار حيران ۽ پريشان هئا. نيٺ
ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي کيس ساڳي حالت ۾ گهر کڻائي
آيا ته، دوائن مان فائدو نه ٿو ٿئي ڪا دعا ۽ ڦيڻو
وغيره ڪرائجي. سڀ ڪجهه ٿيو پر سندس حالت ساڳي ئي
رهي. سندس دوست ۽ چاهيندڙ سڀ سندس خدمت ۽ پر گهور
لهڻ لڳا. جن ۾ سرفهرست قادر بخش بڪڪ صاحب، سليمان
بڪڪ صاحب، غلام محمد سومرو صاحب، پيرل پياسي صاحب،
عبدالڪريم بلوچ صاحب ۽ ٻيا ڪيئي شامل هئا.
سندس اهڙي حالت الائي ڪيترو وقت رهي. هُو ڪنهن کي
سڃاڻي نه سگهندو هو. نه ڳالهائي سگهندو هو. سندس
ڄڀ حيرت ناڪ حد تائين ٻاهر نڪتل هوندي هئي. اوڙي
پاڙي جا ٻار کيس ڏسي ڊڄي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا هئا.
”هرڪو پيو چوي ته جمن چريو ٿي ويو آهي.“
آهستي آهستي عزيزن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي محبت،
محنت، توجهه ۽ دعائن سان سندس حالت سڌرڻ لڳي. ۽
هوٺيڪ ٿيڻ لڳو. پنهنجن کي سڃاڻڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ
لڳو.
جڏهن هو مڪمل ٺيڪ ۽ صحتياب ٿي هلڻ گهمڻ ڦرڻ لڳو
ته، محترم قادر بخش بڪڪ کيس پنهنجي اوطاق تي وٺي
آيو. هاڻي هو ساڳيو خوش طبع ۽ ڀوڳائي هو. ڳالهه
ڳالهه تي تاڙي ملائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو ته قادر بخش بڪڪ
صاحب هن کان سندس اهڙي عجيب ڪيفيت ٿيڻ بابت پڇيو،
”استاد، ڇا ٿيو؟“
ٻڌايائين، ”جڏهن آئون محفل ۾ ڳائي رهيو هئس ته مون
کي خبر نه ٿي پئي ته آئون ڪٿي آهيان. ۽ منهنجي
اڳيان ڪير ويٺل آهن. مون کي ڪير ٻڌي رهيا آهن. ڪو
پتو نه هو. ائين ئي ڳائيندي ڳائيندي ڏٺم ته سيوهڻ
جي قبرستانن جون سڀ قبرون کُلڻ لڳيون ، ۽ مردا
ڪفنن ۾ ويڙهجي قبرن کان ٻاهر نڪري محفل ۾ اچي مون
کي ٻڌڻ لڳا. پوءِ اوچتو ڏٺم ته حضرت لال شهباز
قلندر پاڪ پنهنجي مرقد مبارڪ مان اٿي بيٺا ۽ مون
ڏانهن وڌڻ لڳا. سندن نور جا تجلا چوڏس گهمي ويا. ۽
روشنيون ٿي ويون جنهن کان پوءِ مون کي ڪا به خبر
پئجي نه سگهي ته مون کي ڇا ٿي ويو هو؟“
اهو آهي، ’مانجي ڪوهستان‘ جوغير معمولي، حيرت ناڪ،
مهان ڪلاڪار جنهن کي سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن به
سرڪاري اداري جوڳي عزت، مان ۽ سک نه ڏنو. جنهن جي
کيس پرواهه به نه هئي. هو ته پنهنجي ئي فقيريءَ ۾
خوش ۽ مست هو.
استاد محمد جمن کي جوانيءَ جي پور ۾ نجي محفلن ۽
شادين ۾ لکين روپيا ملندا هئا، جيڪي هو اتي ئي ڏئي
وٺي خرچ ڪري اٿندو هو. ايتري قدر جو هو پنهنجو گهر
به بنائي نه سگهيو. اهو ئي غريباڻو ننڍو گهر.
سندس تمام محدود گهرجون هيون.
استاد محمد جمن اسان جي ڀر ۾ رهندو هو. سندس ڏکئي
گذر سفر کي ڏسي لطيف پاڪ جو بيت ياد ايندو هوم،
جنين سک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهي ڪينرا.
اڄ جيڪا سنڌي موسيقيءَ جي هنج، سُرن ۽ سنگيت جي
هيرن ۽ موتين مان ڀريل ۽ مالا مال آهي. اها صرف ۽
صرف استادمحمد جمن جي طفيل ئي آهي، جنهن لاتعداد
ڌُنون ڪمپوز ڪري بيشمار گيت، نغمه، سهرا لاڏا ڏنا.
هن ڪيئي اهڙا گيت ڏنا جن جون ڌُنون ته هن پاڻ
ڪمپوز ڪيون. پر اهي ڌُنون ايڏيون انوکيون، اڻ
ڇهيون ۽ عظيم هيون جيڪي پوءِ، سندس نالي بنا لوڪ
ڌُنن جو روپ اختيار ڪري ويون آهن. اها هڪ فنڪار جي
مڃتا ۽ عظمت آهي، جو هن جو پورهيو لوڪ ڪلا جو حصو
بڻجي ويو آهي.
ڪير ٿو ڄاڻي ڀلا ته هنن لوڪ گيتن جون ڌُنون استاد
محمد جمن ڪمپوز ڪيون آهن؟
*ادل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ.....
*لوڏي لنگيءَ پاندُ راڻل آيو.....
* ڇيرن ڪئي ڇمڪار،عطر ڪئي هٻڪار....
*مارن مون ڏي موڪليو رنگ رتو رومال....
۽ ٻيا بيشمار گيت ۽ سهرا آهن جن جون ڌُنون، هن جون
ڪمپوز ڪيل آهن. عثمان فقير جي مشهور ڪافي، ’يار
ڏاڍي عشق آتش لائي هي...‘ جي ڌُن ته ملڪي سرحدون
لتاڙي وئي آهي. جتي ڪٿي فوڪ توڙي پاپ ۾ اهائي ڌن
بنا نالي جي وڄي ۽ ڳائجي رهي آهي.
برک شاعر ۽ دانشور تاج بلوچ صاحب جڏهن انڊيا ۾
مشهور شاعر ۽ فلمساز گلزار سان ملڻ ويو ته، گلزار
اها ئي ڪافي، ڪيسٽ تان اسپول تي شفٽ ڪري ۽ ورائي
ورائي ٻُڌي رهيو هو. جڏهن تاج بلوچ صاحب کيس
ٻڌايو، ”اهو مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن آهي. ۽
اها ڌُن سندس ئي ڪمپوز ٿيل آهي. جيڪو اسان جو آهي/
سنڌي آهي.“ گلزار صاحب اکيون ڦاڙي وراڻيو، ” آئون
حيران آهيان ته هيءَ ڪهڙي ڌُن آهي؟ هيٺ مٿي سڀ سُر
جنهنجا عجيب ۽ حيران ڪندڙ آهن. ۽ ماڻهو انهن تائين
پهچي نه ٿو سگهي.“
ساڳي ئي ڪافي هڪ پنجابي فلم لاءِ ملڪه ترنم
نورجهان کي، ڳائڻ لاءِ ڏني وئي ته هن هڪدم انهيءَ
ڌُن جي خالق جو نالو پڇيو. جڏهن کيس ٻڌايوويو ته
اها ڌُن استاد محمد جمن جي آهي ته هن متاثر ٿي
چيو، ”پهرين انهيءَ عظيم موسيقار کي ڌُن جي معاوضي
جي ادائگي ڪريو تنهن کان پوءِ آئون اها ڌُن
ڳائينديس.“ جڏهن اها پنجابي فلم تيار ٿي ته فلم جي
موسيقي ڏيندڙن ۾ استاد محمد جمن جو نالو پڻ ڏنو
ويو هو.
جڏهن هو لاهور ويو هو ۽ اداڪار مصطفيٰ قريشي ۽
روبينه قريشي جي گهر ۾ رهيل هو ته اتي ملڪه پکراج
هن کان راڳ سکڻ آئي هئي.
هُو جيئن ته فطرتن خوش مزاج ۽ ٻار جهڙي معصوم
طبيعت جو مالڪ هو، سو جڏهن لاهور جي دوري کان
موٽيو ته قادر بخش بڪڪ سان ملڻ آيو. کيس لاهور جون
خبرون چارون ٻڌائڻ لڳو. بڪڪ صاحب هن کان لاهور جا
حال احوال ورتا. ته استاد کلي ٻڌائڻ لڳو، ” آئون
مصطفيٰ قريشي صاحب وٽ ٽڪيل هئس ته، هڪ ڏينهن
مصطفيٰ قريشي صاحب ڪجهه ڪجهه گهٻرايل ۽ حيران
نموني مون وٽ آيو ۽ چيائين،
”استاد، ملڪه پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي.“
مون وراڻيو، ”ڀلي اچي.“
چيائين، ”ملڪه پکراج وڏي ڳالهه آهي. ڪيڏانهن به نه
ويندي آهي. اسان کي به لاهور ۾ رهندي وڏو عرصو
گذريو آهي پر هوءَ ڪڏهن به اسان وٽ لڙي نه آئي
آهي. هي توهان سان ملڻ آئي آهي. جيڪا وڏي ڳالهه
آهي.“
مون چيو، ”ها، ها وڏي ڳالهه آهي. پر وٺي اچينس.“
چيائين، ”خبر اٿئي الاهي وڏي ڳالهه آهي.“
تڏهن مون کلي چيو، ”مصطفيٰ صاحب، هيءَ ته ملڪه
پکراج آهي مان جي ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ لاهور ۾ رهندس
ته علامه اقبال به قبر مان اٿي ايندو.“ ايترو چئي
هو ٽهڪ ڏئي پنهنجي مخصوص انداز سان قادر بخش بڪڪ
صاحب سان تاڙي ملائي کِلڻ لڳو.
جڳ مشهور سُر جي راڻي لتا منگيشڪر کان جڏهن سرحد
جي هن پار وارن ڳائڻن ۽ موسيقارن جي باري ۾ پڇيو
ويو ته چيائين، ”استاد جمن وڏو ڪلاڪار آهي.“
هن جي ڪمپوز ڪيل هڪ ڌُن جيڪا زيب النساء جي آواز ۾
رڪارڊ ٿيل آهي، ’ساڊا من وي موهيا يار وي...‘ اها
ساڳي ڌن انڊيا جي هڪ سنڌي فلم، ’اچ ته ڀڄي هلون‘ ۾
لتامنگيشڪر جي آواز ۾ ٻي شاعري، ’منهنجا سپرين
توکان وڇڙي...‘ ۾ ڳارائي وئي آهي. جنهن جي نڪو
ادائگي ڪئي وئي ۽ نه ئي فلم جي موسيقي ڏيندڙن ۾
استاد محمد جمن جو نالو ڳڻايو ويو آهي جيڪو هڪ
اخلاقي ۽ قانوني ڏوهه آهي. جنهن لاءِ هن مضمون ۾
احتجاج رڪارڊ ڪندي انهيءَ ڌُن جي ادائگي ۽ استاد
محمد جمن جو نالو فلم جي موسيقارن ۾ شامل ڪرڻ جو
پرزور مطالبو ڪجي ٿو.
هن جيئن لطيف بادشاهه کي ڳايو آهي ان جو مثال اڃا
تائين سنڌي موسيقيءَ ۾ نه ٿو ملي. پر اسان ماڻهن ۾
الائي ڪهڙي وِڏَ يا سنئون سڌو چئجي ته، حرامپائي
آهي جو هروڀرو اڀري کي سڀري سان ملائي، مڙئي لئي
مٽي ڪري هڪ جهڙو ڪندا آهيون.
جيڪڏهن هن کي گهربل صحيح مقام ڏنو وڃي ها ته هو
بنا ڪنهن مقابلي جي هڪ عظيم موسيقار، مهان ڪلاڪار
۽ سنڌ جو نئون ٻيجل آهي، جنهن کي لطيف رح جي لفظن
۾ خراج ڏئي سگهجي ٿو.
’مٿو مٿائين گهوريان، مٿو تو مٿان
سو مون ٿئي نه هٿان، جنهن تون لائق مڱڻا.‘
مٿو کڻي سچي وڍي نه ڏجي. پر سکڻي وات جي واهه واهه
۽ حق ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو ٿو خرچ اچي؟ ايتري سخا لاءِ
به سڌ ٿا مرون.
سندس اهو به هڪ وڏو ڪارنامو آهي جو هن عورت
ڪلاڪارن سان جيڪي ڊوئيٽ ڳاتا آهن، انهن ۾ پاڻ رڳو
بيت ۽ واين جون وراڻيون ڳايون آهن. باقي سڄيون
وايون انهن کان ئي ڳارايون آهن، جيڪو پڻ هڪ حيرت
جهڙو خوشگوار ۽ باڪمال تجربو آهي. انهن دوگانن ۾
هن پاڻ جيڪي بيت ڳايا آهن، اهي اهڙي ته ماهراڻي
انداز ۽ چابڪدستي سان ڳايا آهن جو عقل دنگ رهجي
وڃي ٿو. مثال طور نور بانو سان گڏ ڳايل وائي،
* سکي سانڍيم عمر جن سي سنگهاريون ڇو نه ساريندس.
زيب النساء سان گڏ ڳايل وائي،
* مان ڪيئن جيئنديس جڳ ۾ پنهنجي پنهل پڄاڻا.
زرينه بلوچ سان گڏ ڳايل وائي،
* پيچ پنهل مون سان پائي جي هليو ويو. الا ڪنهن کي
ٻڌايان....
امينه سان گڏ ڳايل وائي،
* جوڳي ڏاڍي ذات سامي ڏاڍي ذات.....
انهن سڀني ڳائڻين سان گڏ ڳايل شاهه سائينءَ
جي هڪ وائي،
* گهاتو گهر نه آيا، جيڪس جهليا مڇ.
استاد محمد ابراهيم سان گڏ ڳايل گيت،
*وري آپکي واهيري، تون هينئڙو هٿ ڪيو هيري.
۽ ثريا حيدر آباديءَ سان گڏ ڳايل لاجواب ڪمپوزيشن
۾ باڪمال گيت آهن.
هو هڪ سچو ڪوهستاني هو. هر سچي ڪوهستانيءَ وانگر
لطيف سرڪار سندس روح ۾ رهيل هو. هن جي ڳايل ڪلامن
۾ اڪثريت حضرت شاهه سائينءَ جي ڪلامن جي آهي. جيڪي
هن لطيف رح جي روح، لهجي ۽ اچارن ۾ ڳايا آهن، ڇو
جو لطيف رح جو ڪلام ڪوهستاني لهجي سان هٻڪاريل آهي
جيڪا هر ڪوهستاني کي امڙ جي ٿڃ ۽ لوليءَ وانگيان
سُتيءَ ۾ ملندي آهي.
هو لطيف سرڪار جو عاشق هو. ۽ ’شاهه جو رسالو‘، هر
وقت پڙهندو رهندو هو. هڪ ڀيري ٻڌايائين ته مون هڪ
بيت پڙهندي لفظ، ”اويون“ اچاريو ته، اتي ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ پڻ ويٺل هو جنهن مون کي چيو، ”اهو
لفظ ’اويون‘ نه ’اديون‘آهي ۽ ڪاتب جي غلطي سان، ’
د ‘ جي جاءِ تي ’و‘ لکجي ويو آهي. تون ان کي درست
ڪري ’اديون‘ پڙهه.“
مون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي عرض ڪيو، ”سائين،
هي لفظ، ’اديون‘ نه پر، ’اويون‘ آهي. هي ڪتابت جي
بگڙيل صورت نه پر اصلي ۽ نج جبل جو لفظ آهي. واحد،
’اوئي‘، ۽ جمع، ’اويون‘ ان پخال يا مشڪ کي چئبو
آهي، جيڪا ٻڪر/ ٻڪريءَ جي کل مان بنائي ويندي
آهي.“
هن جهڙو فنڪار سنڌ ۾ وري الائي ڪڏهن پيدا ٿئي؟
جواب لاءِ شايد صديون ۽ قدرت به منجهي پون. ڏک
مان لکڻو ٿو پوي ته، استاد محمد جمن جا پڇاڙيءَ
وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا ۽ تڪليف ۾ گذريا هئا. جنهن ۾
سندس اهڙي پوئواري نه ڪئي وئي جنهن جو هو لائق به
هو ته حقدار به هو. تنهن هوندي هن ڪڏهن به ڪنهن جي
شڪايت نه ڪئي. نه ئي ڪڏهن ڪو هيڻو ۽ ويچارو رهيو.
محمد قاسم ماڪا صاحب جو هن کان ورتل انٽرويو شايد
سندس آخري انٽرويو آهي، جنهن ۾ بيماري ۽ پيسي جي
اڻهوند جي باوجود ساڳيو ئي خوش مزاج ۽ خوش گفتار
استاد هو. پنهنجي مخصوص انداز سان تاڙي ملائي کلي
کلي پنهنجي زندگيءَ جا اهم، دلچسپ، تلخ ۽ شيرين
واقعا ٻڌائي رهيو هو.
انهيءَ آخري انٽرويو ۾ استاد محمد جمن سنڌالاجيءَ
جي هاڻوڪي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا کي پنهنجون
ساروڻيون ٻڌائيندي چيو، ”1959ع ڌاري پشاور ۾ هڪ
بين الصوبائي موسيقيءَ جي محفل رچائي وئي. انهي
محفل ۾ ملڪ جو صدر فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان
پنهنجي مهمان ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي سان
موجود هو. مون جڏهن عثمان فقير جي مشهور ڪافي،
’يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي...‘ ڳائي بس ڪئي ته صدر
ايوب اُٿي بيهي رهيو. صدر جي اُٿي بيهڻ سان ايران
جي شهنشاهه سميت سڄو پنڊال اُٿي بيٺو ۽ صدر صاحب
مون کي مخاطب ٿي چيو، ’محمد جمن حڪم کرو کيا
چاهيي؟‘ ۽ مون ادب سان هٿ ٻڌي وراڻيو، ’سائين، بس
آپ کي دعا چاهيي.‘ |