فيض احمد فيض
هيءَ انهن ماڻهن جي ئي خوشقسمتي هوندي آهي، جن جو شوق ۽ تعليم
ساڳيا هوندا آهن ته اردو ادب جي ممتاز شخصيت فيض
احمد فيض جو به اهڙو ئي ڀاڳ هو. هُو ادب ۾ ڊبل ايم
اي هو. هڪڙِ ايم اي هن انگريزي ادب ۾ ۽ ٻي عربي
ادب ۾ ڪئي هئي. جڏهن ته شاعري سندس شوق هئي، جيڪا
هن ڏهين جماعت کان شروع ڪئي هئي- فيض 13-فيبروري
1991ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد خان بهادر
سلطان محمد خان بيريسٽر، سابق سفير دولتِ
افغانستان، لنڊن هو. فيض جي ساري دنيا ۾ سڃاڻپ هڪ
حسن پرور ۽ ترقي پسند انقلابي شاعر واري آهي. سندس
پهريون شعري مجموعو نقشِ فريادي 1941ع ۾ ڇپيو. فيض
جي زندگيءَ ۾ ڪئين عجيب اتفاق ٿيا ۽ انهن مان هڪڙو
عجيب ۽ غريب اتفاق سندس شاعراڻي مزاج خلاف فوج جي
نوڪري هئي. جتي جون 1942ع کان ڊسمبر 1946ع تائين
هو رهيو، جتي جيتوڻيڪ کيس ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي
سان گڏ فوجي اعزاز ايم بي اي به مليل هو. ليڪن اها
نوڪري کيس راس نه آئي، هو شاعريءِ ۽ انقلاب جي
رستي تي نڪري پيو، جنهن رستي تي ڪيئن ٻاٻرا ڪنڊا
هيا، جن جو سارو درد گيانين جيان ميڙي سيڙي هڪ
هاءِ تي جمع ڪندو رهيو. پر ان سور کي پاڻ مٿان
طاري ٿيڻ نه ڏنائين، تڏهن ته هو هر امتحان ۾ پار
ٿي ويو. کيس مٿان پهريون امتحان ’راولپنڊي سازش
ڪيس‘ هو. جنهن تحت فيض کي 1951ع ۾ گرفتار ڪيو ويو،
هي ڪيس جيتوڻيڪ تمام وڏو ڪيس هو، لڪن هن ٻڙڪ ٻاهر
نه ڪڍي، وري ٻيهر جڏهن کيس 1958ع واري پهرين مارشل
لال ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن به هُو بنهه ئي نرالن
انقلابين جيان ڳاٽ اوچو ڪري سُور سهي ويو.
سندس تصنيفن ۾ نقشِ فريادي، دستِ صبا، زندان نامه، دستِ ته سنگ،
سرِ وادي سينا، شامِ شهر ياران، مري دل مري مسافر،
ميزان(تنقيدي مضمون)، صليبين مري دريچي مين(خطوط)
متاع لوح و قلم(تقريرون ۽ متفرقه تحريرون)، مه و
سالِ آشنائي(يادون ۽ تاثرات) ۽ قرض دوستان (مقدما،
ديباچا ۽ فليپ) وغيره شامل آهن.
فيض احمد فيض
انٽرويو وٺندر؛طاهر مسعود
انٽرويو وٺندڙ؛ فيض صاحب! ماڻهو جي دل خواهشن سان ڀري پيئي
هوندي آهي. مثال ته عزت، شهرت، محبت ۽ خوشحاليءَ
کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ته هر دل ۾ وسندي آهي.
انهيءَ ڳالهه تي نظر ٿا وجهون ته اوهان جيءَ دل ۾
ڪا اهڙي خواهش، اميد يا ڇِڪَ نه رهي آهي، جيڪا
پوري نه ٿي هجي. خدا جون هيتريون ساريون نعمتون
اوهانکي مليون. ڇا انهيءَ کان پوءِ به اوهان
پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪريو ٿا؟
فيض احمد فيض؛ ڀاءُ! ڳالهه اها آهي ته اسان ته جيترو زندگيءَ
کان گهريو هو، انهيءَ کان وڌيڪ مليون اٿئون. ڪڏهن
ڪڏهن ته اها ڳالهه سوچي پُورن ۾ پئجي ويندا آهيون
جيڪي ڪم اسان کي ڪرڻ کپي ها، اُهو اسان کان ٿي نه
سگهيو. انهيءَ جو هڪ ڪارڻ شايد اِهو آهي جو اسان
هڪ هنڌ ڄمي ويهي ڪم نه ڪيو، پنهنجو ڌيان ڪنهن هڪ
خاص شيءَ تي نه ڏيئي سگهياسين. انهيءَ مان فائدا
به ٿيا. رکي رکي ٻين ڪمن ڪارين ڪرڻ جا وُجهه مليا،
ان ڪري اسان جا لڳ لاڳاپا به وڌيا.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان ڪنهن هنڌ چيو ته اوهان
شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪري نه سگهيا. انهيءَ ڳالهه
مان اوهان جي مراد ڪهڙي هئي؟
فيض احمد فيض؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو اسان کي چاهين ٿا، پر
سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جون جيڪي دل جون
اميدون هيون، اُهي پوريون ٿي نه سگهيون، پر انهن
گهرجن جي پوري ٿيڻ کانسواءِ به ايڏي وڏي موٽ ملي
آهي، جو ڪا شڪايت ڪرڻ ناشُڪري ٿيندي. اسان جي گهُر
ته اها هئي ته اسان شاعريءَ ۾ اهو درجو حاصل ڪريو،
جيڪو ناظم حڪمت، پئبلو نيرودا ۽ لورڪا جهڙن شاعرن
حاصل ڪيو. ظاهر آهي ته اسان ايڏا وڏا شاعر ناهيون.
اسان تي ته عربي ٻوليءَ جي اِها چوڻي ٺهڪي ٿي اچي
ته ’اسان وڏا ته نه هئاسين، پر جڏهن وڏا اُٿي ويا
ته اسان وڏا ٿي پياسين.
انٽرويو وٺندڙ: ماڻهن اوهان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ اوهان کي
هٿن تي کنيو پيا هلن. ته اوهان جيڪي پنهنجا احساس
پيا ٻڌايو ته اُهي اُنهيءَ آءُ ڀڳت جو نتيجو ته
ناهن؟
فيض احمد فيض؛ ڳالهه جو هڪڙو پاسو اِهو به آهي، پر اسان سمجهون
ٿا ته اسان ڪو ايڏو وڏو ڪمال ڪري نه ڏيکاريو آهي،
جيڪو ڪري ڏيکارڻ گهرجي. اصل ۾ ٿيندو اهو آهي ته جي
پورهيت کي سندس پورهئي کان اجورو گهٽ ملي ته کيس
ڪاوڙ وٺندي آهي، پر جي گهڻو ملي وڃي ته پوءِ شرم
وچان ڪنڌ جهڪي ويندو اٿس. اسان کي اسان جي خواهشن
کان وڌيڪ مليو آهي. انهيءَ ڪري ڪا شڪايت ته نه
اٿئون پر ٿوري گهڻي حيرت ضروري ٿئي ٿي ته آخر اسان
ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان جي نقادن جو خيال آهي ته اوهان کي ڪجهه
سياسي ڪارڻن جي ڪري اهميت ڏني وڃي ٿي. پهرئين
پهرئين اوهان کي پنڊي سازش ڪيس جي ڪري شهرت ملي ۽
هاڻي کاٻيءَ ڌر جا ماڻهو اوهان کي پنهنجو نظرياتي
ساٿي سمجهي، توهان جو نالو اُهڃاڻ طور تي استعمال
ڪن ٿا. توهان جو ڇا خيال آهي؟
فيض احمد فيض؛ ڳالهه هيءَ آهي ته پنڊي سازش ڪيس، جيلون، سياست
يا ڪي ٻيا اهڙا واقعا يا ڳالهيون اسان جي سامهون
برابر آيون پر سمجهو ته جي اهي واقعا نه سامهون
اچن ها ته هينئر ته اهو چوڻ ڏاڍيو ڏکيو آهي ته
اڳتي هلي ڪر ڇا ٿئي ها ۽ ڇا نه ٿئي ها. رهي ڳالهه
مخالفن جي، ته اُها وچان ئي ٽين ڳالهه آهي. انهن
ماڻهن جو اسان سان ڪو ذاتي وير ته ناهي. سندن
مخالفت ته اسان جي سياست ۽ نظرين سان آهي. اسان جي
جيل نه به وڃون ها ته ڪجهه به نه ڪريون ها ته به
کين مخالفت جو ڪونه ڪو بهانو ملي وڃي ها. انهيءَ
ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي يا سوچڻ جي ڪا ايڏي وڏي
ضرورت ناهي. جي اسان جيل نه وڃيون ها ته اخبارون
اسان وٽ هجن ها. جيڪڏهن مارشل لا نه لڳي ها ته
اخبارون اسان کان ڦُريون نه وڃن ها ۽ اسان ڪر
صحافت ڪندا هجون ها ۽ آئون سمجهان ٿو ته صحافت ۾
نالو پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود هجي ها. ٿي سگهي ٿو
ته پوءِ اسان شاعريءَ ۾ پوئتي رهجي وڃون ها ۽
صحافت جي ذريعي ماڻهن جي خدمت ڪريون ها. ائين به
ٿي پئي سگهيو ته جي صحافت ۾ نه هجون ها ته ماستري
ڪريون ها. اسان پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ئي
ماستريءَ سان ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ماستري ڪرڻ
جي ڪري اسان جي ذهن جي سگهه وڌي ها ۽ اسان سُٺا
استاد بڻجي وڃون ها.
اصل ۾ ٿيو اهو ته واٽ ويندي هيڏانهن هوڏانهن جا ڪيئي موڙ آيا ۽
سڀ ڪجهه پاڻ ئي پاڻ ٿيندو ويو، اسان پنهنجي مرضيءَ
سان ڪوبه ڌنڌو ڪونه جهليو. حالتون بدلجنديون ويون
۽ اسان کي حالتن سان گڏ هلڻو پئجي ويو، ڏسو نه،
اخبارون ضبط ٿيون ته اُهي ڪي اسان پنهنجي شوق سان
نه ضبط ڪونه ڪرايون. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته ٿي
سگهيو پئي ته اسان کي شاعريءَ لاءِ وڌيڪ وقت ملي
ها. اسان شاعريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ها ته يا
ماستري ڪريون ها يا ڪيو ٻيو ڪم ڪار. جن چڱن مڙسن
جو چوڻ آهي ته اسان جو نالو انهيءَ ڪري پيدا ٿيو
جو اسان جيل هليا وياسين. اتي اهو سوال ٿو اُٿي ته
جيڪي ماڻهو جيل نه ويا، انهن کي شهرت ڇو ملي ويئي.
مثال ته فراق صاحب جن ته جيل نه ويا. انهيءَ سان
سندس شاعريءَ ۾ ته ڪوبه فرق نه آيو.
انٽرويو وٺندڙ؛ مطلب ته اوهان جي زندگيءَ ۾ جيڪي به موڙ آيا،
انهن ۾ اوهان جي ذاتي ارادن جو هٿ گهٽ ۽ حالتن جو
هٿ وڌيڪ هو؟
فيض احمد فيض؛ جي ها، حالتون ئي اهڙيون پيدا ٿي پيون، جيڪي اسان
کي ڌِڪي پنهنجي طرف وٺي ويون، نه ته ڪر اسان اها
واٽ ئي نه جهليون ها. سمجهه ته جي جاپان ۽ جرمني
حملو نه ڪن ها ته اسان فوج ۾ نه وڃونها. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ سياسي حالتون سُٺيون هجن ها ته اسان
ڇو جيل وڃون ها. انهيءَ قسم جي معاملن ۾ هڪڙِي حد
تائين حالتن جو هٿ هوندو آهي ۽ هڪ حد تائين ماڻهو
جو پنهنجو هٿ هوندو آهي. انهن حالتن ۾ ٻه واٽون
اڳيان اينديون آهن، يا ته حالتن سان ٺاهه ڪري هٿ
هٿ تي رکي ويهي رهو يا وري حالتن کي منهن ڏيو ۽
حالتن جي جيڪا گهرج آهي، انهن گهرجن کي پورو ڪرڻ
جي ڪوشش ڪريو.
انٽرويو وٺندڙ؛ راولپنڊي سازش ڪيس هاڻي ته پراڻي ڳالهه ٿي ويئي
آهي پر جنهن پيڙهيءَ جو آئون نمائندو آهيان، گهٽ
۾ گهٽ انهيءَ پيڙهيءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي
آهي، توهان جي شخصيت ۽ شاعري ايتري ته وڻندڙ آهي،
جو انهيءَ کي سامهون رکي سوچي ڪري حيرت ٿي ٿئي ته
اوهان جهڙي ماڻهوءَ جي به ڀلا ڪنهن سازش، بغاوت يا
حڪومت ڪيرائڻ سان واسطيداري ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي جڏهن
انهيءَ واقعي کي ورهيه گذريا ته اوهان ان جي باري
۾ ڪجهه چوڻ چاهيندا؟
فيض احمد فيض؛ ڀاءُ قصو اهو آهي ته هو جيڪو چوندا آهن ته ڳالهه
مان ڳالهوڙو ٺاهڻ، اِهو به اُهو آهي. جيئن ته اسان
فوج ۾ رهي چڪا هُئاسين. ان ڪري گهڻي ئي فوجي آفيسر
اسان جا دوست هئا. ڪجهه اهڙا به هئا جن سان اسان
جا نظريا لڳاءُ کائيندا هئا. قصو رڳو ايترو هو جو
هڪڙي ڏينهن اسان ويهي پاڻ ۾ ڳالهه ڪئي ته هن ملڪ ۾
ڇا ٿيڻ کپي. ڪهڙي نموني هن ملڪ جون حالتون سڌارجن.
ملڪ ٺهئي کي چار پنج سال ٿي ويا هئا، پر هن ملڪ
جو آئين تائين نه ٺهي سگهيو هو ۽ نه وري سياسي
جوڙجڪ سولي ٺهي سگهي هئ. ملڪ جي بري، بحري ۽ هوائي
فوجن جو سربراهه لياقت علي خان هو. ڪشمير جو قصو
ڌار ٽنگيو پيو هو. مطلب ته اهڙي قسم جا مسئلا هئا،
جن تي ڳالهه ٻولهه پيئي ٿيندي هئي. جيئن ته انهن
دوستن سان اسان جي ذاتي ڄاڻ سڃاڻ هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن
سندن ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿي ويندا هئاسين. انهن
يارن پاران رٿابندي ڪئي ۽ اسان کي چيائون ته اسان
جي ڳالهه ٻڌو، اسان سندن ڳالهه ٻڌي، پوءِ انهن ئي
چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو ناهي، انگريزن جو
’سازش‘ بابت هڪ قانون ٺهيل هو ته جي ٽي ماڻهو هڪ
هنڌ گڏ هجن ۽ انهن مان ٻه ماڻهو هڪڙي ڳالهه تي
يڪراءِ ٿي وڃن ۽ ٽيون ماڻهو اها شاهدي ڏيئي ويهي
رهي ته انهيءَ شاهدي سان سازش ثابت ٿيو ٿي وڃي.
انهيءَ لاءِ ضروري ناهي ته ڪنهن قسم جي ڪارروائي
ڪئي وڃي. اسان جي معاملي ۾ وچان ئي نئون قانون
ٺاهيو ويو ته جيڪا صفائيءَ جي گنجائش رکيل هئي،
اها به ختم ڪيئي ويئي. اهو قانون به پارليامينٽ
يا قومي اسيمبليءِ ذريعي منظور ٿيو. پر اهو قانون
وري قانون ساز اسيمبليءَ ٺاهيو ۽ قانون ساز
اسيمبليءَ جي ڪنهن به فيصلي کي ڪورٽ ۾ چئلينج نٿو
ڪري سگهجي. جيئن مون ٻڌايو ته اسان جي ميٽنگ ۾ اهو
فيصلو ٿي چڪو هو ته اسان کي حڪومت جو تختو اونڌو
ڪرڻو ناهي. ڪنهن مٿي وڃي چغلي هنئي ته اسان حڪومت
جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سِٽا سِٽي هئي، پر پوءِ اهو
فيصلو ڪيوسين ته انهيءَ سٽاءُ تي عمل نه ڪيو وڃي،
پر اسان تي وري ابتو ڪيس ٺاهيو ويو. ٻئي پاسي
فريادي ڌر جو جيڪو انچارج هو، انهيءَ اسان کي
ٻڌايو ته اوهان جون سڀ ڳالهيون ٺيڪ هيون ته اوهان
پاڻ ۾ مليا هئا، توهان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي
۽ اوهان اهو فيصلو ڪيو هو ته اوهان کي حڪومت جو
تختو اونڌو ڪرڻو ناهي. اسان ته انهيءَ ۾ ايترو
واڌو ڪيو آهي ته اوهان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ
ٿي گهريو. وڌيڪ اهو ته اوهان ماڻهن سڄي رٿابندي
جوڙي هئي.
انٽرويو وٺندڙ: ميجر جنرل اڪبر خان جوڙي؟
فيض احمد فيض؛ جي ها. جڏهن هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڪجهه ڪرڻو
ناهي. ته جيڪي ڪا ڳر پٽ ٺاهيائين، اُهي نه
ساڙيائون، نه ڦاڙيائون، ڪاغذن وٽن موجود هئا. جڏهن
ڪنهن جاسوسي ڪئي ته سڀ ڪاغذ هٿ اچي ويا ۽ ڳالهه
مان ڳالهوڙو ٺاهيو ويو. ڀائنجي ٿو ته انهيءَ جو
ڪارڻ اهو هو ته حڪومت اسان جي فوجي آفيسر دوستن تي
ڪاوڙيل هئي. حڪومت کي اِهو شڪ بيٺل هو ته شايد
اِهي ماڻهو فرمانبردار ناهن ۽ ڪيئن نه ڪيئن حڪومت
انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهريو ٿي. ته ائين
حڪومت وارن کي وجهه ملي ويو. اسان ته وچ ۾ ائين ئي
ڏيڻي نه وٺڻي اچي ڦاٿاسين۔
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ واقعي ته اوهان جي زندگيءَ تي گهڻو ڪجهه
اثر ڇڏيو هوندو؟
فيض احمد فيض؛ چار سال جيل ۾ رهياسين. گهڻو ڪجهه سکيوسين،
پڙهيوسين ۽ لکيوسين. انهن ڳالهن کي محسوس ڪرڻ جو
وجهه مليو. اسان جو ضمير مطمئن هو ته اسان ڪجهه به
نه ڪيو آهي ۽ بي گناهه هئاسين.
انٽرويو وٺندڙ؛ جيڪا سزا بنا ڪنهن ڏوهه ڪرڻ جي باوجود ملي، ته
ڇا ماڻهوءَ کي ڪاوڙ نٿي اچي؟
فيض احمد فيض؛ ڪاوڙ ته ايندي آهي، پر ماڻهوءَ جو حوصلو بلند
رهندو آهي ۽ همٿ وڌندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛: وچ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي جو اوهان کي اها آڇ ڪئي
ويئي هجي ته معافي نامو لکي ڏيو ته ڇڏي ڏيون؟
فيض احمد فيض؛ سازش جي ڪيس ۾ معافي جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
انهيءَ ڪري اهڙو ڪو موقعو نه آيو. ها! ايوب خان جي
زماني ۾ سيفٽي ائڪٽ ۾ گرفتار ٿياسين. انهيءَ زماني
۾ اِها آڇ ٿي ته معافي وٺو، پر اسان معافي وٺڻ
لاءِ ڄاوا ئي ناهيون.
انٽرويو وٺندڙ؛اوهان جي سياسي نظرين سببان مُلڪ ۾ هڪ طبقو اوهان
جو ڏاڍو مخالف رهيو آهي. توهان جي سياسي ۽ نظرياتي
ڳانڍاپن جي ڪري اوهان کي هر وقت تنقيد ۽ طعنن
مِهڻن جو نشانو بڻايو ويو. پر اوهان هڪ خوبي
سدائين لاءِ رهي آهي ته اِنهن ماڻهن کي مُڙي جواب
نه ڏنو ۽ نه ئي اهڙن ماڻهن وانگر ڪريل ڳالهيون
ڪَيوَ، اها خوبي مولانا مودوديءَ ۾ به هُئي. آئون
اهو پڇڻ ٿو گهران ته انهيءِ قسم جي مخالفتن جي ڪري
اوهان ڪڏهن دل هاري؟ يا ڪڏهن ڪاوڙ ۾ آيا؟
فيض احمد فيض؛ اسان پنهنجي شخصيت کي ڪڏهن ڪا اهميت ئي نه ڏني ۽
نه وري اهو مناسب سمجهيوسين ته پنهنجي شخصيت جي
لاءِ ڪري ڪنهن سان جهيڙا جهٽا ڪندا وتون، ڪا اصول
يا نظريي جي ڳالهه هُجي ته پوءِ انهيءَ تي بحثا
بحثي ڪري سگهجي ٿي، ڇو جو انهيءَ ۾ بحث ڪرڻ جو
ڪارڻ موجود هوندو آهي. پر جي ڪنهن کي ذاتي اعتراض
هجي ۽ اوهان اُنهيءَ کي ساڳئي شدت سان جواب ڏيندئو
ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيندو ته توهان پنهنجيءَ
حيثيت کان هيٺ لهي گند کي گند سان صاف ڪرڻ ٿا
گهرو. خاص ڪري اهڙيءَ صورت ۾ جڏهن اهڙي ذاتي
مخالفت اوهان جي عقيدن يا نظرين جي ڪري ٿئي ٿي.
ڳالهه هيءَ ته ماڻهو پنهنجي ذاتي حيثيت کي ايڏي
اهميت ڇو ڏئي؟ پنهنجي شخصيت جي حوالي سان ڳالهه
ڪرڻ ته پنهنجو وقت وڃائڻ جي برابر آهي.
انٽرويو وٺندڙ: توهان کي جيڪي ذاتي تجربا ٿيا آهن يا اوهان جيڪي
ڪجهه اکين سان ڏٺو آهي، انهيءَ تجربي ۽ مشاهدي جي
روشني ۾ اهو ٻڌايو ته ڪنهن اديب کي ڪنهن سياسي
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي يا نه؟
فيض احمد فيض؛ انهيءَ لا ڪو فائدو قانون گهڙيل ته ناهي، جنهن
ماڻهوءَ جو مزاج سياست مان ٺهڪي اچي ٿو ته اهو
بيشڪ سياست ۾ حصو وٺي، جنهن جو مزاج سياست سان نٿو
ٺهڪي ته ظاهر آهي ته انهيءَ کي سياست ۾ حصو وٺڻ نه
گهرجي. سياست زندگيءَ کان ڪا ڌار شيءَ ناهي، هر
ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني سياست سان ذهني ۽ جذباتي
ڳانڍاپو رکڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ سياست ۾ عملي طرح شامل
ٿي وڃڻ ٻي ڳالهه آهي، مطلب ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾
گهڙي ڪري، انهيءَ جي ضابطن ۽ قائدن تي هلڻ، انهيءَ
سڄي معاملي جو تعلق پنهنجي پنهنجي مزاج سان آهي.
ان ڪري جيڪو سياست ڪري سگهي ٿو ته کيس ڪرڻ کپي ۽
جيڪو سياست ڪري نٿو سگهي سو نه ڪري. ادب ۽ شاعريءَ
جو فائدو قانون ته ايترو ئي آهي ته زندگيءَ جا
جيڪي بنيادي قدر آهن انهن جي حفاظت ڪرڻ کپي. نيڪي،
انسان دوستي، سچائيءَ جي رکوالي اديبن ۽ شاعرن جو
بنيادي فرض آهي ۽ سياسي ڪارروائين تي انهن جو
اطلاق ٿئي ٿو. انهيءَ حد تائين ته هٿ پير هڻڻ کپن،
باقي جيستائين پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ڪري، پارٽي جي
قانون کي مڃڻ جو سوال آهي ته شاعر ۽ اديب تي اهڙي
پابندي لازمي ناهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ هڪ نفاد اوهان جي شاعري جي باري ۾ لکيو آهي ته
اوهان جي شاعريءَ ۾ الائي ڪهڙو جادو آهي، جو ان کي
پڙهي ڪري هڪ پاسي سرمائيدارن جي بنگلن مٿان هَرُ ۽
ڪِيڻ هلائڻ وارا انقلابي مست ٿيو وڃن ته ٻئي طرف
انهن ساڳين بنگلن جي ڊرائينگ رومن ۾ ويهي ڪري
انقلابين کي غدار چوڻ وارا سرمائيدار به توهان جي
شاعريءَ مان مزو وٺندا آهن. ترقي پسندي(سوشلزم) جي
خيال کان اوهان پنهنجي شاعريءَ جي ڪهڙي چٽائي
ڪندئو؟
فيض احمد فيض؛ انهيءَ جي چٽائي اها آهي ته زندگيءَ
جون ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن، جيڪي سڀني کي دل سان
لڳن ٿيون. ترقي پسند کي ڇڏي ڪري ڪو سرمائيدار
منهنجو شعر پڙهي مزو ٿو وٺي، ته انهيءَ جو مطلب
اهو ٿيو ته اهڙي ماڻهوءَ جي اندر ۾ ضمير آهي. ٻي
ڳالهه ته شعر جو جيڪو فني پهلو ٿيندو آهي، جنهن جو
اطلاق سڀني تي ٿئي ٿو. غالب، مبر يا شيڪسپيئر جي
شاعريءَ جو به جمالياتي پهلو آهي، جيڪو غير طبقاتي
آهي. شعر پڙهڻ وارو شاعريءَ مان پنهنجي پسند جي
ڳالهه وارو حصو پاڻ لاءِ ڪڍي وٺندو آهي. اسان اِهو
ٿا سمجهون ته اسان جي ملڪ جهڙي مُلڪ ۾ اِهو لازمي
آهي ته توهان جي ڳالهه رڳو هڪ طبقي تائين نه پهچي،
پر اسان جو آواز هر طبقي تائين پهچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ
ته هر ڪنهن سماج ۾ هر ڪو طبقو پنهنجو پنهنجو ڪردار
هوندو آهي. ان ڪري ڪوشش اها ڪرڻ کپي ته توهان جو
پيغام ڪنهن هڪ طبقي تائين محدود ٿي نه وڃي. جن
ماڻهن جو تعلق مظلوم ۽ محڪوم طبقي سان ناهي، ته
انهن جي ذهن ۽ ضمير تي به اها ڳالهه چٽي ٿيڻ کپي
ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهيءَ ۾ ڦير ڦار
آڻين. انهن جي اندر ۾ تبديلي ايندي ته لازمي
انهيءَ جو اثر عوام تي به پوندو. |