مختصر ڪهاڻي
جيڪڏهن هزارها سال اڳ ۾ اسٽينڊ فورڊ ۾ ويهي توکان مختصر ڪهاڻيءَ
لکڻ سکان ها ته پوءِ اُها سکيا اڄ به چٽيءَ طرح
ياد هجيم ها. جنهن زماني ۾ اڃا منهنجي اک ڪرڙي
هئي، ذهن مٿان وڻن ڇانءَ هئي، ان زماني ۾ توکان
عظيم مختصر ڪهاڻي لکڻ جي فن جو راز هٿ ڪرڻ جي چڪر
۾ هوس. تو منهنجو اهو مونجهارو سگهوئي ختم ڪري
ڇڏيو. تو چيو هو ته ”سٺي مختصر ڪهاڻي لکڻ جو وڏي ۾
وڏو فارمولو اهو آهي، ته سٺي مختصر ڪهاڻي لک ۽ بس.
لکجي وڃڻ کان پوءِ ئي پڙهي معلوم ڪري سگهبو ته
واقعي اِها سٺي آهي يا خراب.“ ۽ اهو تو جيڪي ڪجهه
ٻڌايو هو، اُهو واقعي تمام گهڻو ڏکيو آهي. ان
ڳالهه جو ثبوت ان ڳالهه مان ئي ملي ٿو ته دنيا ۾
سٺيون ڪهاڻيون ايڪڙ ٻيڪڙ لکيون ويون آهن.
تو ڪهاڻي لکڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو اهو سولو، پر مايوس ڪندڙ هو.
اثرائتي ڪهاڻي اُها آهي جنهن ۾ ليکڪ ڪجهه نه ڪجهه
پڙهندڙ کي آڇيندو آهي. انهيءَ آڇيل شيءِ ۾ ڪيتري
شڪتي آهي، اُها شڪتي ئي سٺيءَ ڪهاڻي جي ڪٿ آهي. تو
چيو هو ته ان شڪتيءَ کان ٻاهر ٻيو ڪو به قاعدو ۽
قانون نه آهي. ڪهاڻي ڪنهن بابت به ٿي سگهي ٿي.
ڪهاڻي ڪهڙين به معنائن ۽ ٽيڪنڪن ۾ اچي سگهي ٿي-
ڏسڻو رڳو اهو آهي ته ڪهاڻي ڪيتري اثرائتي آهي.
ان کان پوءِ جيڪا ڳالهه اچي ٿي اُها اِها آهي ته ليکڪ جي اها
مرضي هجي ته هو مختصر لفظن ۾ ڇا ٿو چوڻ گهري. اسان
جيڪڏهن سڄيءَ ڪهاڻيءَ جو مواد هڪ جملي ۾ چوڻ جي
اهل هونداسين، تڏهن ئي ان کي ٽن، ڇهن يا ڏهن هزار
لفظن ۾ چئي سگهنداسين.
سو تو اسان کي مختصر ڪهاڻي لکڻ جو جيڪو ڳجهو گُرُ سيکاريو ۽
جيڪو جادوئي فارمولي ڏسيو، ان پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽
اسان کي ليکڪ جي حيثيت ۾ اهڙي واٽ جهلائي اٿئي ۽
ان واٽ تي هلندي هلندي بيڪار ڪهاڻين ۾ پناهه وٺڻ
جو به خطرو موجود آهي. آءٌ ڪو سٺي ۾ سٺي ڪهاڻي لکي
وڃڻ جي اُميد رکان، ته به تو جيڪي معيار ڏنا هئا،
انهن اهو اثر زائل ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن مون محسوس
ڪيو ته مون تي بي انصافيءَ سان تنقيد ڪئي ويئي آهي
ته به ايڊيٽرن جا فيصلا تنهنجي ئي پاسي رهندا،
منهنجي پاسي نه.
بهرحال اها ڳالهه چڱي نه آهي. آءٌ سٺي ڪهاڻي پڙهي پئي سگهيس ۽
اهو معلوم ڪري پئي سگهيس ته اها ڪيئن لکي ويئي
آهي. تو جيڪا سکيا ڏني، ان لاءِ مهرباني. پر آءٌ
ڪيئن ويهي لکان. معاملو اهو آهي. گذريل سالن ۾ مون
ڪجهه سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اها خبر اڃا
تائين نه پيئي سگهي اٿم ته ڪهاڻيءَ لکڻ جا ڪهڙا
طريقا آهن، سواءِ ان جي ته بس سٺي ڪهاڻي لکجي
ويندي آهي.
جيڪڏهن ڪو چوي ته ڪهاڻي لکڻ جادوءَ جو ڪم آهي ته اها ڳالهه آءٌ
مڃڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته ٻيو ڪو به اهڙو نسخو
نه آهي، جنهن تحت اهڙي ڪهاڻي لکجي، جيڪا پڙهندڙ
تائين سولائيءَ سان منتقل ٿئي. جيڪڏهن لکڻ جو ڪو
فارمولو آهي ته اُهو اِهو ئي آهي ته لکڻ واري وٽ
لکڻ جي خواهش موجود هجي، جنهن تحت هو پنهنجي اهم
ڳالهه ڪنهن تائين پهچائي سگهي. خود لکڻ جي جيڪا
خواهش آهي، اها به اهڙي شيءِ آهي، جنهن تحت ڪنهن
وقت ڪهاڻي لکجي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وقت نٿي به لکي
سگهجي.
ڪهاڻي لکي ستت ئي ان کي پرکڻ ته سولو آهي، پر ڪجهه سال رکي وري
لکڻ جو معاملو مون کي ڊيڄاريو وجهي. بلڪه آءٌ ته
چوندس ته جيڪو لکڻ کان نٿو ڊڄي، ان کي ڪهاڻيءَ جي
صنف جي رڃ جو پتو ئي نه آهي.
توکي ياد آهي ته مون کي آخري صلاح ڏني هئي. اهو 1920ع جو سکيو
زمانو هو ۽ منهنجو ارادو هو ته ليکڪ جي حيثيت سان
دنيا ۾ گهڙي پوان.
تو چيو هو ته، ”ليکڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندئي، ڇاڪاڻ ته تنهنجا کيسا
خالي آهن. سٺو اٿئي ته آمريڪا ڇڏي يورپ هليو وڃ.“
”ڇو؟“ پڇيومانس.
”ڇاڪاڻ ته يورپ ۾ غربت بدقسمتي آهي، پر آمريڪا ۾ بي حيائي آهي.
مون کي اها خبر نه آهي ته بدقسمت ٿي جيئڻ ٿو گهرين
يا بي حيا.“
تنهنجيءَ ان ڳالهه کان جلد ئي پوءِ آمريڪا ۾ مالي بدحاليءَ جو
زمانو آيو ۽ هر ماڻهو غريب ٿي ويو، ان ڪري غربت بي
حيائي نه رهي. جيتوڻيڪ مون کي اها خبر نه پيئي ته
مون حياتي بي حيا ٿي گذاري يا نه، پر ايڊٿ پياري
تو سچ چيو هو ۽ مون کي غربت مان جان ڇڏائڻ ۽ ليکڪڪ
ٿيڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳو آهي.
ليکڪ ۽ مجبوري
`Murder at full moon`
جو جيڪو مسودو موڪليانءِ پيو اهو پڙهي تون پاڻ
سمجهي ويندين ته قصو ڇا آهي. ڪجهه وقت کان منهنجي
حالت خراب آهي. ڪارڻ اِهو آهي ته مون تي ماڻهن جي
اوڌر آهي ۽ منهنجي حالت دکدائڪ آهي. منهنجون
لکڻيون ڇپيون ته آهن، پر اُهي خريد ڪري ماڻهو پڙهڻ
گهرن ٿا. مون ڪجهه وقت لاءِ منهنجي ذات لاءِ ڪري
پنهنجي ڪلاڪار جي قرباني ڏني آهي. مسودو پڙهڻ سان
توکي ذهني تڪليف ته سهَڻي پوندي، پر اهو به ياد
رکي ڇڏ ته مون لکڻ وقت توکان به گهڻو سَٺو هوندو.
ڪونراڊ چيو آهي ته ”صرف ٻن قسمن جا ڪتاب وڪرو
ٿيندا آهن. هڪڙا اِهي جيڪي تمام سٺا لکيا ويا آهن
۽ ٻيا اُهي جيڪي تمام خراب لکيا ويا آهن.“ مون لکڻ
جون جيڪي تازيون ڪوششون ڪيون آهن، ان مان لڳي ٿو
ته آءٌ اڃا تمام سٺو لکڻ جي اهل نه آهيان. مون کي
پڪ آهي ته مستقبل ۾ آءٌ تمام سٺو لکندس، پر هن وقت
لکي نٿو سگهان. البت اها اڃا خبر نه پئي اٿم ته
آءُ تمام خراب لکي سگهان ٿو يا نه. اُها ته هن ئي
ڪتاب ۾ خبر پوندي.
هي مسودو مون 59 ڏينهن اندر لکيو آهي. 62000 کن لفظن تي مشتمل
آهي. لکڻ کان پوءِ ٽائيپ ڪرڻ ۾ ٻه هفتا لڳا اٿم.
اهڙي قسم جي ڪتاب لکڻ ۾ جيڪي واهيات ۽ سستيون
اٽڪلون استعمال ٿينديون آهن، اُهي سڀ ڪيون اٿم. هن
مسودي جي خبر هڪڙي منهنجي زال کي آهي ۽ ٻي گهر جي
ماڻهن کي ۽ ٽئين توکي. مسودو هٿرادو نالي سان لکيو
اٿم. وڌ ۾ وڌ هٿرادو نالو ئي خوار خراب ٿيندو. اهو
نالو آهي پيٽرپائم. ڪهاڻيءَ ۾ مسٽري آهي، ته گليمر
به آهي.
ڪتاب جي سائيز
اِهو چيو وڃي ٿو ته وڏو ڪتاب ننڍي ڪتاب جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهم ۽
وڌيڪ سچو آهي. ڪجهه ڪتابن کي ڇڏي اها ڳالهه تقريبن
سچي ٿي بيهي. سوچيم ته ان ڳالهه جا معقول ڪارڻ
ڳولي لهان ۽ نيٺ ان نظريي تي پهتس ته: انسان جو
دماغ، سو به خاص ڪري اڄڪلهه جي زماني ۾ هزارين
ننڍن ننڍن تفصيلن سان ڇانيل آهي. انهن تفصيلن ۾
ٽيڪسن ۽ گوشت جي قيمت کان وٺي جنگ جا تفصيل اچي
وڃن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون گڏجي مرد کي ايترو ته تنگ
ٿيون ڪن جو اُها باهه ڪڍڻ لاءِ کيس زال سان وڙهڻو
ٿو پوي. اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو
ڪهڙو سولو رستو ٿي سگهي ٿو. ڪتاب هڪ ڇيڻيءَ وانگر
ماڻهوءَ جي ذاتي زندگيءَ تي وهي ٿو. ڪتاب جيڪڏهن
ننڍو هوندو آهي ته اهو جيترو جلدي ذهن ۾ گهڙي ٿو،
اوترو جلدي ذهن مان ٻاهر به نڪري ٿو. پوءِ ائين
ممڪن آهي ته اهڙو ڪتاب ذهن کي ڇيڻيءَ وانگر کولي،
تنتي سرشتي کي ڏڪندو ڇڏي جلدي جلدي هليو وڃي. پر
وڏو ڪتاب ذهن کي تمام آهستگيءَ سان ٿو کولي. ذهن
کي کولي پوءِ ايترو وقت ڏئي ٿو ته ذهن ٻئي ڀيري
پنهنجو پاڻ کي ترتيب ڏيئي وٺي. سو جيڪڏهن ڪتاب
ننڍو آهي ته ماڻهوءَ جو ذهن جلد کلي ٿو ۽ پوءِ وري
جلدي جلدي پنهنجيءَ پهرين حالت ۾ اچي ٿو. پر ان جي
ابتڙ وڏو ڪتاب ذهن کي ايترو ته کوليو ٿو وجهي، جو
پوءِ ذهن پهرينءَ حالت ۾ اچي ئي نٿو. ڪتاب جي
سائيز جي باري ۾ منهنجو اِهو ئي نظريو آهي. ان مان
وڏي ڪتاب جي اهميت پڌري ٿئي ٿي. ڪتاب جيترو وڌيڪ
وقت هلي ٿو اوتري هن ۾ وڌيڪ سگهه آهي. اِها حقيقت
آهي ته وڏو عام ڪتاب هڪ بهترين مختصر ڪهاڻيءَ کان
وڌيڪ اثرائتو آهي.
ڪردار
ڪنهن ماڻهوءَ جو اندر کولي، ان ۾ نهارڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن جي
خلوت ۾ دخل ڏيڻ سٺي ڳالهه نه آهي. پر ليکڪن ۽
جاسوسن کي ماڻهن جي خلوت ۾ دخل ڏيڻ مباح آهي. مون
پنهنجي ڪتاب
East of Eden
۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پڌرو ڪري وڌو آهي. انهن مان
ڪجهه ڄڻا ته ٿورو ٿورو مون تي ڪاوڙجن به پيا، پر
ڇا ڪريان منهنجي ته مجبوري آهي. منهنجي خيال ۾ سٺي
ناول لکڻ ۾ جيڪو ڌيان ۽ گيان کپي ٿو، اهو ٻئي ڪنهن
به ڪم ۾ ڪو نه ٿو کپي.
ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته انسان جي شخصيت هڪ اهڙي
جهنگ وانگر آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا جن ۽ ديو ويٺا آهن
۽ ڪٿي ڪٿي معمولي روشني به آهي. اِهو جهنگ ايترو
ئي خطرناڪ آهي جيتريون ڪوني ٻيٽ ۾ ٺهيل چُرون.
مون تي اڪثر الزام لڳايو ويندو آهي ته آءٌ
اينبارمل ماڻهن تي لکندو آهيان. آءٌ جيڪڏهن
پنهنجي ڪتاب جي ڪردارن کي سُڪو ئي سُڪو ڇڏي ڏيان
ته اِها انهن تان وڏي ٺٺول آهي، اهي ڪردار جيڪڏهن
مون تي دٻاءُ وجهن ۽ جيئن من ۾ اچين تيئن ڪن ته
گوليءَ مان ڪڍانِ. اِهي ايستائين چُري نٿا سگهن
جيستائين آءٌ هٿ ۾ قلم نٿو کڻان.
خيال
لکڻ جي فن ۽ ڏانءَ سان نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اِهو ڪم ان کان
وڌيڪ ڏکيو ڇا ٿي سگهندو جو بي اکريءَ کي علامتون
ڏيڻيون ٿيون پون. ليکڪ کي اڪيلو ئي اڪيلو نه
سمجهڻ جهڙيون ڳالهيون سمجهائڻيون پونديون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ جا ڀاڳ ڀلا هوندا آهن ۽ وقت سوايو
هوندو آهي ته هو اهو ڪجهه آسانيءَ سان چئي ويندو
آهي، جيڪو چوڻ گهرندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو لکيڪ اهو
ٿو سمجهي ته اِهو اظهار ناممڪن آهي ته پوءِ اهو
ليکڪ ئي نه آهي. سٺو ليکڪ هميشه اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي
بنائيندو آهي. ليکڪن جو هڪ ٻيو قسم به هوندو آهي،
جيڪي اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي بنائڻ جي عمل ۾ پنهنجا
هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مورڳو لکڻ ئي ڇڏي
ويندا آهن. ان ڳالهه کي اوهان خوشقسمتي چئو يا
بدقسمتي پر مون سان ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي. لکڻ
جي انڌي خواهش هميشه مون ۾ رهي آهي. منهنجي خيال ۾
منهنجي اِها خواهش ڏاڍي ڏکي مرندي. لکڻ جو ڪم هڪ
ڇُسو ڌنڌو آهي. پر ان مان جيڪا حاصلات ٿئي ٿي اُها
شاندار آهي. زندگيءَ جي تصوير کي اکرن ۾ چٽڻ وڏو
بيهودو ڪم آهي ۽ ماڻهوءَ کي زندگيءَ کان ٽٽي
زندگيءَ جي تصوير چٽڻي ٿي پوي. ليکڪ هڪ اهڙي ٽياڪڙ
ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي
طريقيڪار کي ڇڏي ٻين جي زندگي چٽڻ ۽ سڌارڻ جي
پويان پوندو آهي. اهو سڄو گڏهپڻي وارو ڌنڌو آهي.
سڄو جبل کوٽڻ کان پوءِ رڳو ڪوئو ٿو هٿ اچي. ان
سڄيءَ بيوقوفيءَ کان پوءِ به ليکڪ پنهنجو پاڻ کي
وڏو تيس مار خان ٿو سمجهي، جڏهن ته خبر اٿس ته
حقيقت ائين نه آهي.
اِهي سڀ ڳالهيون ڊپ ۽ بي يقينيءَ جي ڪري محسوس ٿين ٿيون، جيڪي
سدائين ماڻهوءَ جي سِر تي چڙهيون ويٺيون آهن.
ماڻهو اڪيلو ۽ من ۾ اهي ئي خيال اُٿنس ٿا ته لکڻ
جي ڌنڌي مان جيڪڏهن فائدو پهچندو هجي ته پوءِ ٻيا
به هيترا سارا ماڻهو جو ويٺا آهن، اُهي ڇو نٿا
لکن. بهرحال منهنجي خيال ۾ لکڻ اجايو ۽ بي فائدو
ڪم آهي، رڳي مسخري آهي ۽ ٻيو ڪجهه نه آهي. سياڻا
ماڻهو اُهي آهن، جيڪي ٿيڻيءَ مطابق زندگي گذاريندا
آهن. ڪو اهڙو کانئن ڪم نٿو پڄي ته به پنهنجيءَ کِل
۾ مست آهن. ڀرپور ڏينهن گذارين ٿا ۽ جڏهن مرڻ تي
اچن ٿا ته اِهو ڏک نه هوندو اٿن ته فلاڻو يا فلاڻو
ڪم کانئن پڄي نه سگهيو. اِهي ماڻهو انهن ماڻهن کي
سؤ ڀيرا وڌيڪ عقلمند آهن، جيڪي لکڻ جهڙيءَ
بيوقوفيءَ جي پويان پنهنجي اندر جا اڌ ڪڍيو ويٺا
آهن.
لِکڻين ۾ اڄڪلهه نئين فيشن وارا خيال اچي نڪتا آهن ته هر ماڻهو
شڪست خورده ۽ ٽٽي ٽڪرا ٿيل آهي. آءٌ نٿو مڃيان ته
هر ماڻهو ٽٽي ٽڪرا ٿيل آهي. آءٌ اهڙا ڪيئي شخص
ڄاڻائي سگهان ٿو، جن جي ڀَرَ تي هيءَ دنيا هلي رهي
آهي. روح به جنگ وانگر آهي. ڪڏهن هار کائي زمين
تان ٿڙهي ويندو آهي ته ڪڏهن کَٽي زنده رهيو آهي.
مون سميت اڄڪلهه جا سڀ ليکڪ روح جي تباهيءَ جو جشن
ملهائڻ لاءِ آتا آهن. خدا ٿو ڄاڻي ته اهو روح
الائي ڪيترا ڀيرا تباهه ٿي چڪو آهي. پر اِها به
حقيقت آهي ته روح ڪڏهن ڪڏهن نه به تباهه ٿيندو
آهي. هينئر آءٌ اِها ڳالهه وڏيءَ خوشيءَ سان چئي
سگهان ٿو. لکڻيءَ کي دلچسپ بنائڻ سان گڏوگڏ اُن جو
هڪ مٿڀرو مقصد پڻ آهي ليکڪ جو اِهو فرض آهي ته هو
زندگيءَ کي مٿي کڻي ان کي وڌائي ۽ ان جي همت
افزائي ڪري. جيڪڏهن لکڻيءَ ۾ آيل ڪنهن لفظ اسان جي
انسانذات ۽ اسان جي ترقي پير ڪلچر کي ڪجهه به ڏنو
آهي ته ان کي اهيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته، عظيم
لکڻي هڪ اهڙي ماءُ آهي جيڪا ٿاٻڙيل ٻار کي پيرن تي
بيهاري ٿي ۽ اِها هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا ڪمزوريءَ
مان اڀري ٿي ۽ هڪ اهڙي همت آهي جيڪا بيمار گيديءَ
کي پيرن ۾ بيهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ان جي باوجود مايوس
انڪاري روين کي ادب چئي هام ڇو ٿي هنئي وڃي- اُن
جي مون کي خبر نه آهي. آءٌ مڃيان ٿو اسان ڪمزور
آهيون، بيمار آهيون، گدلا آهيون، هڪٻئي سان تڪراري
آهيون پر ان سان گڏوگڏ ٻيو به ته ڪجهه آهيون. ائين
نه هجي ها ته اسين لکين سال اڳ ڌرتيءَ تان مٽجي
وڃون ٿا، اسان جي جنس ئي پٿر ٿي وڃي ها ۽ پويان
هڏن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچي ها، پر نه ائين
ڪونهي. انسان زمين تي جيئي پيو.
اسان جي مزاج کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. ڪتاب آخر ڪتاب هوندو آهي.
دنيائون ته نه هوندو آهي، جيڪي ٺهن يا ڦٽن پيون.
جنهن جي جيتري اهميت آهي، ان جي اوتري ئي ڳڻجي.
آءٌ جڏهن ڪتاب لکي پورو ڪندو آهيان ته پوءِ ان ڪتاب جي پرواهه
نه ڪندو آهيان. اُن ڪتاب مان پوءِ مون کي ڪيترا به
پئسا ملن، ڪيتري به شهرت ملي، مون لاءِ اُهو ڪتاب
ساڳيو ئي هوندو آهي. منهنجي ڪتاب تي حقيقي موت
تڏهن ئي اچي ويندو آهي، جڏهن آءٌ ان ڪتاب جو آخري
لفظ لکندو آهيان. ان ڪتاب جي موت تي ٿورو گهڻو ڏک
ته ٿيندو اٿم، پر آءُ وڌي ٻيو ڪتاب هٿ ۾ کڻندو
آهيان، جيڪو مون لاءِ جيئرو جاڳندو هوندو آهي. ڪٻٽ
۾ پيل منهنجا لکيل ڪتاب مون لاءِ ويڙهيل لاشن
وانگر آهن. اُهي نه جيئرا آهن ۽ نه وري منهنجا
رهيا آهن. مون کي انهن تي ڪو به ڏک نه ٿيندو آهي،
ڇاڪاڻ ته انهن کي آءٌ صحيح معنيٰ ۾ وساري چڪو
هوندو آهيان.
لکڻ جو هنر
آخرڪار ڪتاب شروع ڪرڻ جو ٽائيم اچي ويو آهي. گهڻي ئي سستيءَ کان
ڪم ورتو، پر اها سستي به چڱي هئي. اڃا خبر نه اٿم
ته اکر اڳتي ڪيئن چُرندا. اکرن کي اڳتي چورڻ به
گهڻين ڳالهين تي مدار رکي ٿو. بهرحال وقت سارو ڪم
جاري رهندو. اڳتي هلي منجهيل سُٽ کولڻو اٿم. اهو
به ڊپ اٿم ته اِهو ڪتاب پورو ڪري ٻيو هٿ ۾ کڻندس.
مون کي اڳتي هلي اِها ڳالهه به وسارڻي پوندي ته
ڪتاب سٺو لکڻو آهي. اِهي سڀ ويچار ڪتاب کي رٿڻ وقت
ذهن ۾ ايندا اٿم. ڪتاب هڪ ڀيرو شروع ٿي ويو ته
پوءِ رڳو لکڻ جي لار لڳل هوندي اٿم، ٻيون سڀ
ڳالهيون وسريو وڃنم. وڻندڙ ماٺ لڳي پيئي آهي. لکڻ
جو ڍنگ ۽ لاڙو مون لاءِ تمام اهم آهن. اُهو ڍنگ ۽
لاڙو منهنجي ويچار ۾ ۽ منهنجيءَ حيات تي ايستائين
ڇانيا رهندا، جيستائين ڪتاب لکندو رهندس. سو ان
ڪري ڪو به ائين ڪو نه چوندو ته آءٌ وڃائڻ جي ڪارڻ
وڃائي رهيو آهيان. هيءُ ڪپر مٿان منهنجو آخر ٿِٿُ
آهي ۽ درياءَ ڏانهن منهنجي آخري نگاهه آهي. هن کان
پوءِ آءٌ هيٺ درياهه ۾ ڇلانگ هڻي ڇڏيندس.
پهرين سٽ لکندي مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اڳيان دهشت
آهي، جادو آهي، تپسيائون آهن، شرم ۽ مرم آهي. لفظ
نه رڳو پڪيون ۽ پختيون شيون آهن، پر ٻين شين کي
پنهنجي رنگ ۾ رڱڻ واريون آهن. لکڻ جو هنر اوپرو ۽
راز ڀريو هنر آهي. لکڻ جي هنر ۾ جيستائين نئين
ايجاد نه ڪبي، تيستائين ڪتاب اڳتي نه وڌندو. اِهو
ڪتاب ايترو ئي سڌريل هوندو جيترو ويهين صديءَ جون
ٻيون شيون آهن. ان ڪتاب ۾ ايترو سڌارو ايندو ته
ڪيترائي ڪردار منهنجي پيرن هيٺان پيل هوندا ۽ اُهي
ٻاڏائيندا رهندا ته ”يار اسان کي اسانجي اکرن مان
جند ڇڏاءِ.“
ڪيترو عرصو اڳ مون اِهو سکي ڇڏيو هو ته ڪتاب شروع ڪرڻ وقت اِها
خبر نه پوندي آهي ته انهيءَ جو ڇيڙو ڪٿي وڃي
ٿيندو. هن ئي صفحي ڏانهن نهار، ڪيتري نه ڪاٽا ڪوٽي
ٿيل آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته مون ميڊيڪل جي
شاگرد وانگر ڏيڏر کي چير ڏيئي ٽيبل تي ڇڏي ڏنو
آهي. پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڏسندين ته اِهو صفحو
بلڪل صاف ۽ چٽو تنهنجي اڳيان هوندو.
ڪم جي شروعات ڀلي ڪئي اٿم. منهنجو اِهو ڪم انهن ڳجهن سان ڀريل
آهي، جيڪي انسان جي لاشعور ۾ رهندا آهن. اِهي ڳجهه
هن ڪتاب ۾ ڪم ايندا ۽ ٻين لکڻين مان جيڪو سبق
پرايو اٿم اُهو به هن ڪتاب ۾ اچي ويندو.
مون ڪيترائي ڀيرا سوچيو هوندو ته هيءُ ڪتاب منهنجو آخري ڪتاب
آهي. آءٌ ائين نه سوچيندو آهيان ته آءٌ جيستائين
مرندس نه، تيستائين لکندو رهندس. آءٌ ته ائين
سوچيندو آهيان ته هن ڪتاب کان پوءِ ٻيو ڪتاب نه
لکڻو اٿم. هيءُ منهنجو آخري ڪتاب آهي. مون
هيستائين جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، سي ان ئي جذبي
تحت لکيا آهن.
مون کي اُميد آهي ته ڪتاب جون واڳون منهنجي هٿ ۾ رهنديون، پر
اُهو ڪتاب لڳندو ائين جيئن ڄڻ حادثاتي طور تي لکجي
ويو هجي. ڪم ته اُهي ڏکيو پر نيٺ ٿي ويندو. مون کي
ڪهاڻي ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي ائين هلائڻي آهي، جو
پڙهندڙ کي ايستائين ڪا به خبر نه پوي جيستائين
پوريءَ طرح ڪهاڻيءَ جي چنبي ۾ نه اچي وڃي. مون کي
ائين ٿو لڳي ته آءٌ لومڙيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ جهنگ ۾
ڪوڙڪي هڻڻ جو ڍونگ رچايو ويٺو آهيان ۽ اها به خبر
نه اٿم ته جهنگ ۾ لومڙي واقعي آهي به سهي يا نه.
آءٌ پنهنجو پاڻ کي ٽن شخصيتن م ورهائيندو آهيان ۽ مون کي خبر
آهي ته اهي ٽي شخصيتون ڪهڙيون آهن. هڪ شخصيت
سِٽاءُ سٽيندي آهي، ٻي ان تي تنقيد ڪندي آهي ۽ ٽين
وري انهن ٻنهي ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪندي آهي، ٽنهي
شخصيتن ۾ اڪثر تڪرار رهندو آهي، پر نتيجا سٺا
نڪرندا آهن. هونئن اِهو تجربو منجهائيندڙ به ڏاڍو
هوندو آهي.
تخليق جو ڪم مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ جيئن ڪا شيءِ چئن ڏسائن
کان مون اندر اچي گڏ ٿيندي هجي ۽ پوءِ اُها شيءِ
اندر ۾ گهوٽجي، ڇاڻيءَ مان ٻاهر نڪرندي هجي ۽ اها
اُميد هوندي اٿم ته اِها شيءِ سونهن ۽ سچ ڀري
هوندي. پر ڀلا جيڪڏهن اِهو به پتو پئجي وڃيم ته
جيڪا تخليق ڪريان پيو ۽ اُها ڪجهه به نه آهي، ته
به پنهنجو ڪم جاري رهندو آهي. ائين لڳندو اٿم ته
منهنجا حواس آوازن ۽ اشارن کي علامتون ڏيندا آهن ۽
اندر مان تخليقي خوشيءَ جا سرچشما ڦٽي نڪرندا آهن.
هر ماڻهوءَ جو پنهنجو رنگ ڍنگ هوندو آهي، پنهنجي
پنهنجي خوشي هوندي اٿس. ڪي کِلي خوش ٿيندا آهن، ڪي
ڪا نه ڪا شيءِ ٺاهي خوش ٿيندا آهن ته ڪي وري
پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري خوش ٿيندا آهن. منهنجي
خوشيءَ جو ڪارڻ ٻه شيون آهن- هڪ عورت ذات سان
جسماني پيار ۽ ٻيو پنو ۽ پينسل. پني تي پينسل سان
اڇي تي ڪارو ٿيندو ڏسي ڏاڍو مزو ايندو اٿم. لفظ
ائين لڳندا اٿم ڄڻ خوشيءَ جو چشمو هجن، سونهن جا
ٽهڪ هجن ۽ تخليق مان ملندڙ سُک هجن. ۽ اهڙيءَ طرح
ڪنهن ڏک ڀريءَ صورتحال کي به ڦاٽندڙ خوشيءَ وچان
پوريءَ قوت سان چٽيو ويندو آهي، پوءِ اُها ڏک ڀري
صورتحال ڀلي کڻي سونهن جو موت يا ڪنهن خوبصورت ڳوٺ
جي تباهي هجي. صورتحال ڪهڙي به هجي، پر ڳڻپ ۾ اِها
ڳالهه ايندي ته ان کي ڪهڙي زوردار ۽ ڀرپور احساسن
سان چٽيو ويو آهي.
منهنجو لکڻ جو ڪم هڪ هنڌ ڄميل نه هوندو آهي. اهڙي بيضي وانگر
هوندو آهي، جيڪو فرض تي ڪِري ڦسي پوي ۽ پوءِ ان جو
ذرو پرزو ويهي گڏ ڪجي. لکڻ جو ڪم اهڙو آهي جو مون
کي صفا پاڻيءَ مان ڪڍيو ڇڏي. بهرحال ڪوشش جي ابتدا
ڪري ڇڏي اٿم، ڊپ به ٿي بيٺو اٿم ته منهنجي اها
ڪوشش ئي نه ڪم مان جان ڪڍي ڇڏي. خبر نه اٿم ته
هيءُ مصيبت ڪٿان آئي آهي. ها ايتري خبر ضرور اٿم
ته اِها مصيبت نئين ڪانهي.
اسان ليکڪ جيڪو لکڻ جو ڪم ڪندا آهيون اُهو اڪثر ايتريءَ
اونداهيءَ ۾ ڪندا آهيون جو اِها خبر نه هوندي
اٿئون ته ڇا پيا ڪريون. بهرحال ٻين اڪثر ليکڪن جي
ڀيٽ ۾ مون کي خبر هوندي آهي ته ڇا پيو ڪريان. پر
اُها خبر به ايتري نه هوندي اٿم، جيتري هئڻ کپي.
مون کي لڳي ٿو ته ڪتاب شروع ڪندي مون کي ايترو ڊپ پيو ٿئي ته
ڪتاب سان گڏ متان آءٌ به پورو نه ٿي وڃان.
جيئن ڪتاب لکڻ شروع ڪيو اٿم ته عجيب قسم جي اڪيلائي محسوس ڪري
رهيو آهيان. لڳي ٿو ته ڏاڍو ڊنل آهيان پر اها به
حقيقت آهي ته ڪتاب جيئن جيئن پڄاڻيءَ کي ويجهو
پهچندو ويندو، تيئن تيئن اهي ساڳيا ويچار من ۾
رهندا، جيڪي شروع ڪرڻ وقت هوندا آهن. اُها هڪ
قدرتي ڳالهه آهي آهي.
ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ڪتاب لکي پورو ڪندس ته پوءِ اُها تخليق
منهنجي نه رهندي، پر ٻين جي ٿي ويندي ۽ ٻين جي وري
ائين ٿي ويندي. ڄڻ ته اُها منهنجي شيءِ رهي ئي نه
آهي. آءٌ ڊڄان ٿو ان وقت کان جڏهن منهنجي اها
تخليق هڪ اهڙي يار وانگر هوندي، جيڪو بس تي چڙهي
چڪو آهي، بس رواني ٿي چڪي ۽ اوهين کيس پويان
الوداع ٿا ڪريو، پر اوهان جو آواز بس جي گوڙ ۾ گم
ٿي وڃي ٿو ۽ يار جي ڪنن تائين نٿو پهچي.
مقابلو
توکي خبر آهي ته آءٌ ڄائي ڄم کان ئي مقابلي ڪرڻ جو لاڙو ڪو نه
رکان. مقابلي جي ڪيفيت ماڻهوءَ کي ٽنڊو ڪريو وجهي.
آءٌ جُوا ان ڪري نه ڪندو آهيان جو جوا هڪ بي معنيٰ
فعل آهي. آءٌ نيزو ته اڇلائيندو رهندو آهيان، پر
اُها خبر نه پوندي اُٿم ته اهو ڪيترو پري وڃي
ڪِرندو. آءٌ ويڙهو به ڏاڍو آهيان، پر وڙهندو کٽڻ
لاءِ نه آهيان. بس پنهنجي اندر مان ڪا شيءِ ڪڍي
ٻاهر ڦٽي ڪرڻي هوندي آهي. سو به ٻينجي چوڻ تي نه،
پر پنهنجي اندر جي چوڻ تي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ٻين
ليکڪن جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن به نه آڻيندو آهيان. پتو ئي
نٿو پوي ته ائين ڇو آهي- ان ڪري ئي جن جهيڙن ۾
ذاتيات جو دخل هوندو آهي، انهن کان پري ڀڄندو
آهيان.
لکڻ جو ڪم منهنجو انتهائي ذاتي ۽ ڳجهو معاملو آهي. جڏهن لکي بس
ڪندو آهيان ته منهنجي لکڻي مون کان موڪلائي ويندي
آهي. ان ڪري تنقيد کي آءٌ کنگهان ئي ڪو نه.
اشاعت
جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته منهنجن هٿن ۾ اُلا آهن، جيڪي آءُ پني
تي پکيڙي اُن کي روشن ڪري ڇڏيندس، پر ان سان گڏوگڏ
مون کي ان جي اڍنگي پڻي جي، ان جي بي عمليءَ ۽
نااهليءَ جي به ڄاڻ رهندي آهي.
ڪتاب ماڻهوءَ وانگر ئي هوندو آهي. ڪو هوشيار ته ڪو ڏڏ، ڪو بهادر
ته ڪو ڊنل، ڪو خوبصورت ته ڪو گدلو.
توکي خبر آهي ته ڪتاب ليکڪ جي هٿن مان ئي سڌو پڙهندڙ جي هٿن ۾
نه ويندو آهي، اِهو پهرين واڳن جي ور چڙهندو آهي،
يعني ايڊيٽرن، ناشرن، نقادن، پروف ريڊرن ۽
دڪاندارن جي ور چڙهندو آهي ۽ انهن ڌرين وچ ۾ ٿڏبو،
وڍبو ۽ وڃائبو رهندو آهي، جيڪو ان کي تخليق ڪندو
آهي اُهو اکيون ڦاڙي ڏسندو رهندو آهي.
ڌرين جي پاڻ ۾ گفتگو ڪجهه هن ريت هوندي آهي:
ايڊيٽر: ڪتاب ۾ ڪو توازن نه رکيو ويو آهي. پڙهندڙ جي گهر هڪڙي
آهي ته اوهان ان کي وري ڪا ٻي شيءِ ڏني آهي. ٻه
ڪتاب لکي انهن کي کڻي پاڻ ۾ گڏيو اٿئي. پڙهندڙ کي
سمجهه ۾ ئي نه ايندو.
ليکڪ: نه سائين ائين نه آهي. مون ڪتاب برابر هڪڙي خاندان متعلق
لکيو آهي، پر ان ۾ رنگارنگي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻئي
خاندان جون ڪهاڻيون به شامل ڪيون اٿمانس.
ايڊيٽر: اها تو واري رنگارنگي ئي ته تنهنجي ڪتاب کي سست رفتار
بنايو بيٺي آهي. ڪتاب پڙهندڙن کي سمجهه ۾ ئي نه
ايندو.
ليکڪ: ڪتاب جي نوعيت ئي اهڙي آهي پر توکي ڪهڙي تيز رفتاري ٿي
کپي؟
ايڊيٽر: لکندي لکندي هڪڙي هنڌ بيهو رهين ۽ پوءِ الله سائين جي
ذات تي ڊگها بحث ڇيڙيو ويهو رهين.
ليکڪ: اهو ته ڪيو اٿم. خبر ناهي ڇو؟ دل چيو هوندو شايد مان غلط
ئي هجان.
دڪاندار: ڪتاب وڏو آهي. اگهه چڙهيل آهن. هي ڪتاب اسان کي 5
ڊالرن ۾ وڪڻڻو پوندو. ماڻهن ۾ 5 ڊالرن ڀرڻ جو دم
ئي ڪونهي. ماڻهو هي ڪتاب خريد نه ڪندا.
ليکڪ: اڳئين ڪتاب جي ڀيري تو چيو هو ته ڪتاب ننڍو آهي، ان ڪري
ماڻهو وٺندا ئي نه.
پروف ريڊر: ڪتاب جي ترتيب ۾ خال رهيل آهي. گرامر صحيح نه اٿس.
فلاڻي صفحي تي تو هڪڙو ڪردار ڄاڻايو آهي، جيڪو
World Almanic
۾ سامونڊي جهازن جا اگهه پيو جانچي. ڀلا
World Almanic
۾ سامونڊي جهازن جا اگهه ڪٿان آيا؟ مون سڄو ڪتاب
جانچي ڏٺو آهي. نئين چيني سال جي تاريخ به غلط لکي
اٿئي. ڪردارن جي پاڻ ۾ ڪا بهموافقت نه آهي. تو
ليزا هيملٽن جي طبيعت هڪڙي قسم جي ڏيکاري آهي ته
ان جا ڪم وري سندس طبيعت جي ئي ابتڙ آهن.
ايڊيٽر: ڪٿيءَ کي تو تمام خراب ڄاڻايو آهي. ان ڪري ماڻهو اعتابر
ئي نه ڪندا. سام هيملٽن کي وري ايڏو ته ڀلو ڄاڻايو
اٿئي جو ان تي به پڙهندڙ اعتبار نه ڪندا. تنهن کان
سواءِ آئرش ماڻهو ائين ڳالهائيندا ئي نه آهن، جيئن
تو پنهنجن آئرش ڪردارن کان ڳالهرايو آهي.
ليکڪ: پر منهنجو ڏاڏو آئرش هو. اهو ائين ئي ڳالهائيندو هو.
ايڊيٽر: ها، پر اعتبار ڪير ڪندو.
ٻيو ايڊيٽر: ۽ جيئن تو ٻارن کان ڳالهرايو آهي، ٻار ائين ٿوروئي
ڳالهائيندا آهن.
ليکڪ: (ڪاوڙ ۾ اچي) الله جي ڪا مار پئي. هيءُ ڪتاب منهنجو آهي.
منهنجي مرضي آهي جيئن ٻارنکان ڳالهرايان. منهنجو
ڪتاب برائيءَ ۽ چڱائيءَ متعلق آهي. مون هن ڪتاب جي
موضوع جي گهر پوري ڪئي آهي. بس رڳو اهو ٻڌاءِ ته
هيءُ ڪتاب ڇاپين ٿو يا نه؟
ايڊيٽر: ڏسون ٿا. ڪم کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ايترو گهڻو ڪم نه
آهي. ٿي ويندو. ڀلا توکي ڪتاب سٺي حالت ۾ کپي
نه”....يا نه؟ ڪتاب جي پڇاڙي پڙهندڙ کي سمجهه ۾ نه
ايندي.
ليکڪ: توکي سمجهه ۾ اچي ٿي؟
ايڊيٽر: مون کي ته اچي ٿي پر پڙهندڙ کي نه ايندي.
ليکڪ: ا: توبهه! تون ته پويان ڪاهي اچي پيو آهين. فلاڻو صفحو ته
اُٿلائي ڏس. سو منهنجا يار! ماڻهو شاندار شيءِ هٿ
۾ کڻي نڪرندو آهي ۽ جڏهن موٽندو آهي ته ٻئي هٿ گند
۾ ڀريل هوندا اٿس.
هاڻي ٿورو وچائين ٽينءَ ڌر سان به ملي ڇڏ، جنهن کي پڙهندڙ چيو
ويندو آهي.
پڙهندڙ ايڏو اُٺ مغز هوندو آهي، جنهن تي اعتبار ڪرڻ ئي اجايو
آهي.
پڙهندڙ ايڏو هوشيار هوندو آهي، جو ٽڪي جي غلطي معاف نه ڪندو
آهي.
پڙهندڙ ننڍڙا ڪتاب خريد نه ڪندو آهي.
پڙهندڙ وڏا ڪتاب خريد نه ڪندو آهي.
پڙهندڙ ڪجهه، جيئنس ۽ ڪجهه دئيت هوندو آهي. شڪ آهي ته شايد
پڙهندڙ کي پڙهڻ ايندو ئي نه آهي.
عنوان
عنوان جي معاملي ۾ آءٌ ايترو ڦاسان ئي ڪو نه. مون کي ان ڳالهه
جي به پرواهه نه آهي ته هن ڪتاب
(East of Eden)
کي ڪير ڪهڙي نالي سان ٿو سڏي. ان ڪتاب کي آءُ
`Valley`
يا
`Sea`
وغيره جو نالو ڏيئي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي
خوبصورت لفظ آهن، پوءِ ڀلي کڻي انهن لفظن جو ڪتاب
سان واسطو نه به هجي. تون ڇا ٿو سمجهين؟ ڪتاب جي
عنوان تي مون کي سوچڻ کپي ڇا؟
نقاد
اڄ صبح جو
`Saturday Review` ۾ ڪجهه تازن ڪتابن تي تبصرا پڙهيم. جيتوڻيڪ تبصري هيٺ انهن
ڪتاب ۾ منهنجو ڪو ڪتاب شامل نه آهي. ان هوندي به
تبصرا پڙهي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي.
نقاد يا تبصري نگار اهو ئي سٺو ٿي سگهي ٿو، جيڪو
پرائو رت چوسي ٿلهوٿنڀرو ٿئي. پرائي مال سان گڏوگڏ
سندس خاص خوراڪ سندن پنهنجا وائڙا لفظ هوندا آهن.
آءٌ نٿو چاهيان ته ليکڪ ڇڙواڳ رهي، پر هي جيڪي
نقاد آهن، سي ته پنهنجو پاڻ کي زوري پٽڪي ٻڌائي،
چڱا مڙس ٿي، فيصلا ڪرڻ ويهي رهندا آهن. نقادن جي
شڪل ۽ عقل ٻئي خراب آهن.
آءٌ سدائين ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجا ڪتاب نقادن جي بدران
پنهنجن ڪنن کي پڙهي ٻڌايان. ڇاڪاڻ ته مون وارو ڪتو
اينجل آرام سان ويهي وڏي غور سان منهنجون ڳالهيون
ٻڌندو آهي ۽ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه
سمجهي رهيو آهي پر مون واري ڪتي چارليءَ سان ٻيو
معاملو آهي. انهيءَ لاءِ لفظ ترار وانگيان آهن.
ڪافي سال اڳ مون وارو سيٽر منهنجي ڪتاب
`Of Mice and Man` جو مسودو چٻاڙي کائي ويو. سوچيم ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو
به سٺو نقاد ٿي نٿو سگهي.
وقت ئي صحيح نقاد آهي.
نقاد کي آڱر رکڻ ڏيو، هو سڄي ٻانهن ڪري ڏيندو.
هڪ مَنائي
منهنجي زندگيءَ جو جيڪو وڏي ۾ وڏو نقص آهي، اُهو اِهو آهي ته
مون ۾ هڪ مَنُو ٿي رهڻ جي لياقت ئي نه آهي. مون کي
نٿو ياد اچي ته ڪو آءٌ زندگيءَ ۾ ڪڏهن هڪ منو ٿي
رهيو هجان. ننڊ ۾ هوندو آهيان، تڏهن به بي آرام ۽
تاڻيل تاڻيل هوندو آهيان. ٿوري به کڙڪي تي يا ٻيءَ
ڪنهن تبديليءَ تي اک پٽجيو وڃيم. اها سٺي ڳالهه نه
آهي. هڪ منو ٿي گهارڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي. منهنجو خيال
آهي ته اِها شيءِ مون کي پنهنجي پيءُ وٽان ملي
آهي. بابي سائينءَ جي بي آرامي مون کي اڃا تائين
ياد بيٺي آهي. پاڻ گهڻو نه ڳالهائيندو هو پر تڏهن
به گهر ۾ سندس اندر جون ريهون گُڙنديون محسوس
ٿينديون هيون. بابو گهر ۾ واحد خاموش ماڻهو هو،
جنهن وٽ هڪ ته لفظ ئي ٿورا هئا ۽ جيڪي وري هئا
اُهي لفظ وري ٻڌڻ وارو ڪو به ڪو نه هو. هو جيترو
گنبير هو، ان کان وڌيڪ مضبوط شخصيت جو مالڪ هو.
ذهانت کيس منجهائيندي هئي. اِها به دلچسپ ڳالهه
آهي ته سنگت ڏانهن صفا لاڙو نه هئس. لاڪائنس سُرَ
بي معنيٰ هئا. مون کي مٿس عجب لڳندو هو. جڏهن مون
ليکڪ بنجڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي ته گهر ۾ بابو ئي
هو، جنهن جي مون کي پُٺ هئي. امان جي ان معاملي ۾
ڪا به دلچسپي نه هئي. امان جي ته اِها مرضي هئي ته
آءٌ ليکڪ بنجڻ جي بدران ڪو سٺو ڌنڌو ڪريان ۽ بئنڪر
ٿي وڃان. امان جو خيال هو ته ڪامياب ليکڪ اهو ئي
ٿي سگهي ٿو، جيڪو ٿارڪنگٽن جهڙو لکي پر سندس خيال
۾ مون لاءِ اهڙو لکڻ ناممڪن هو. پر بابا جو خيال
هو ته آءٌ اهڙو ئي ليکڪ ٿيان، جيڪو اندر ۾ آهيان.
هو ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي واکاڻيندو هو، جيڪي
پنهنجيءَ مرضيءَ جي لڪائين جهلي ۽ ان سان توڙ
نباهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو سنهن ٿلهن معاملن کي
ليکيندو ئي نه هو. سندس منهن مٿو گهر جي جوابدارن
۾ گتل هو. ڪنهن به ڳالهه تي هٺ نه ڪندو هو ۽ نه ئي
خودغرضيءَ جو بار سهڻ جهڙو هو. هو هڪ اهڙو ماڻهو
هو، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ بيچين هوندو آهي. مون ليکڪ
بنجڻ جو جيڪو بيڪار فيصلو ڪيو، بابو اُن جي
پٺڀرائيءَ ۾ هو. رڳو امان کي ڳالهه نٿي وڻي. جتي
بابو منهنجي همت افزائي ڪندو هو، اُتي امان جو
خيال هو ته ڇوڪرو اڄ نه ته سڀاڻي پير تي اچي ويندو
۽ سڌري پوندو.
خاندان ۾ بحيثيت ليکڪ جي
ڳڻتيءَ جي ڳالهه ٻڌائي اٿئي ته تنهنجو پٽ ڊينس ليکڪ بڻجي ويو
آهي. پر آءٌ نٿو سمجهان ته تون ان صورتحال کي
بدلائي سگهين. مون کي ياد آهي ته جڏهن منهنجي گهر
جي ڀاتين کي خبر پيئي ته آءٌ ليکڪ آهيان ته سڀ
(سواءِ بابي جي) سڪتي ۾ اچي ويا. سو ان صورتحال
مان آءٌ به لنگهيو آهيان. منهنجن مائٽن کي ائين
لڳو ڄڻ چڱو خاصو ڇورو ڪميڻو، ڌانڌلي باز، وات
ڦاٽورو، موڊي، جهيڙائي، اجوڳو، مُنڌل، رول ۽ غير
ذميوار ماڻهو ٿي پيو آهي. اهڙي ماڻهوءَ مان مائٽن
کي ڪنهن به قسم جي چڱائي ۽ ذميواريءَ جي اُميد نه
هوندي آهي. بلڪه اهڙو ماڻهو ته مائٽن لاءِ موت
سمان نظر ايندو آهي. پڪ اٿم ته مائٽن اِهو ضرور
سوچيو هوندو ته ڇوري کي ان جي بدران ته زهر ڏيئي
ماري ڇڏجي. اهڙيءَ حالت ۾ نه مائٽ اولاد کي ۽ نه
اولاد مائٽن کان خوش هوندو آهي. ليکڪ مان ڪامياب
زندگي گهارڻ جي ته ڪا به چڱائيءَ واري اُميد نه
هوندي آهي ۽ لکڻ جي ڌنڌي جي اِها وڏي بدنصيبي رهي
آهي ته جيتريون سندس لکڻيون ڪامياب هونديون
اوتروئي زندگي ناڪامياب هونديس. ڊينس ويچارو ته نه
رڳو سٺو ليکڪ آهي، پر ڪامياب ليکڪ پڻ آهي.
مون کي توسان ۽ تنهنجيءَ زال سان همدردي آهي. آءُ اوهان کي
چتاءُ ٿو ڏيئي ڇڏيان ته هاڻي ڪجهه به نه ورندو.
پيءُ جي حيثيت ۾ هاڻي هيئن ڪرينس جو ٻنڌڻ مان ٻاهر
ڪڍينس ته ٿورو بکون ڪڍي ڏسي. ان کان پوءِ ويهي
مايوسيءَ وچان سندس بيهودگيون ڏس. ۽ بدلي ۾ انعام
۾ توکي چڱي خاصي بي ڌياني، بي عزتي ۽ بدنامي
ملندي. کيس سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. ڇاڪاڻ ته هو
پنهنجي پاڻ کي به نٿو سمجهي ته تون ڪير ٿيندو
آهين. خدا جي واسطي کيس عام انساني معيارن ۽ غلطين
تي نه پرکجانءِ. هر ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو ملهه
هوندو آهي. پر ليکڪ جو ملهه ڳولي لهڻ ۽ پوءِ ان جي
ادائگيءَ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. منهنجي توکي صلاح آهي
ته تون کانئس هٽي پري ٿي ۽ پنهنجا عضوا بچاءِ. ڀلا
جيڪڏهن توکي سندس قتل ڪرڻو هجي ته پوءِ دير اصل نه
ڪجانءِ. نه ته پاڻي مٿي مٿان چڙهي ويندو. ڏسان پيو
ته هاڻي صبر نه تنهنجي نصيب ۾ آهي، نه تنهنجي پٽ
جي نصيب ۾. بس رشتن کان انڪار ڪري ڇڏ، مرفي صاحب
ايترو لکيو گهڻي ئي اٿئي.
اعزاز
ماڻهو ڪم ڪرڻ تي اچي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. پر ڏسان پيو ته
ناول نگار جي حيثيت ۾ پاڻ کان ڪجهه ڪو نه پهچندو ۽
وري دل ڪجهه ڪرڻ تي چوندي. منهنجن همعصرن فاڪنر ۽
هيمنگوي تي ئي نظر وجهي ڏس، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ
آهي. لڳي ائين ٿو ته اهي ٻئي همراهه قبر مٿان ويٺا
کنڌي جو حساب ڪن، جتان ڪا اُڳاڙي ٿيڻي ئي نه آهي.
نوبل پرائيز جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي. مرڻو مري ويندس، پر اهو نوبل
پرائيز نه ملڻو آهي، سو نه ملندو. (نيٺ 1962ع ۾
مليس) جيئن ته مون اڃان تائين اهو انعام نه ورتو
آهي، ان ڪري ان جي پرواهه نه اٿم ته ان ۾ ڪيڏي ڪشش
آهي. پر اهو ضرور محسوس ٿئيم ٿو ته نوبل پرائيز
وٺڻ کان پوءِ اديب لکڻ جي ڪم کان صفا وڃي هليو.
اِهو انعام ڪنهن کي رٽائر ڪرڻ لاءِ ئي ڏنو ويندو
آهي. اها خبر اٿم ته اهو انعام ڇا لاءِ ڏنو ويندو
آهي. دراصل اديب کي اهو چتائڻو هوندو آهي ته هاڻي
تنهنجو وارو ڄمارو پورو ٿيو ۽ پنهنجي سڄيءَ
حياتيءَ انهيءَ انعام جي سهاري تي گذاري ڇڏ ۽ ٻيون
بهادريون ڇڏي ڏي. انهيءَ انعام وصول ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي پاڻ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي
پوندي آهي، جيڪا گهڻن کان نه پهچندي آهي. ها، البت
اديب صاحب وڏو باعزت ماڻهو بڻجي ويندو آهي. اديب
رڳو باعزت بڻجڻ لاءِ ته لکندو ئي نه آهي. اها
صورتحال ٻين اعزازي ڊگرين ۽ ٻلن وٺڻ سان به پيدا
ٿي ويندا آهن. جيترا گهڻا ٻلا ڇاتيءَ تي لڳندا
ويندا آهن، اوتريون لکڻيون ويچاريون وينديون
گهٽبيون. انهيءَ ڊپ جي ڪري ئي مون
LLD
ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اِهو ئي ڪارڻ آهي ته
آءٌ اڪيڊمي کان پري ڀڄندو رهندو آهيان. هالانڪه
مون کي ميمبر پڻ بڻايو ويو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي
جو پلزر پرائيز جا ڏوڪڙ واپس موٽائي ڇڏيم.
هيمنگوي
ارنيسٽ هيمنگوي جي موت جي مون کي تڏهن خبر پيئي جڏهن لنڊن ڊيلي
ميل اخبار وارن فون ڪري مون کان سندس موت تي
تاثرات گهريا. سچي ڪري پڇيو ته مون کي سندس موت جو
انديشو بيٺو هو. پر ان هوندي به خبر ٻڌي منهنجي ته
پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي. وٽس هڪ ئي موضوع هو ۽
اُهو اِهو ته ماڻهوءَ کي دنيائي قوتن يعني قسمت
سان وڙهڻو آهي ۽ وڏيءَ همت سان وڙهڻو آهي. مون کي
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي
حياتي ختم ڪرڻ جو حق آهي، پر هيمنگوي جا هيرو ته
ائين مرندا ڪو نه پڙهيم، جيئن پاڻ مئو. منهنجي
خيال ۾ اها ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته کيس
خودڪشيءَ کان وڌيڪ حادثاتي موت کان نفرت هئي. هو
وڏو هٺيلو آهي، ماڻهو هو. ڪو به ماڻهو ايستائين
مٿي تي گولي رکي پنهنجو پاڻ کي نه هڻندو آهي،
جيستائين اڳواٽ ان جي رٿا رٿيل نه هجي. اڪثر ائين
ٿيندو آهي ته پستول هٿ مان ڪِري پوندو آهي ۽ پوءِ
ڇُٽِ پوندو آهي ته گولي گهڻو ڪري ماڻهوءَ جي پيٽ ۾
اچي لڳندي آهي. جن ماڻهن جو چوويهه ڪلاڪ هٿيارن
سان واهپو هوندو آهي، اُهي اهڙي بي پرواهي نه ڪندا
آهن ته پستول ۾ گوليون به ڀريون پيون هجن ۽ ان جي
صفائي به پيئي ٿئي. مون وٽ به بندوقون آهن، جيڪي
آءٌ مٿي ٽنگي رکندو آهيان. جڏهن ان جي صفائي ڪرڻي
هوندي آهي ته پهرين اهو ڏسندو آهيان ته منجهس
ڪارتوس وغيره ته پيل نه آهن.
دراصل هيمنگوي جون جيڪي گذريل سال جون لکڻيون پڙهيم ته ان مان
لڳم ته سندس شخصيت ۾ وڏو ڦيرو پيو اچي. پاڻ جيڪو
گذريل اونهارو اسپين ۾ پئي گهاريائين. ان جي باري
۾ رسالي ٽائيمز ۾ جيڪا رپورٽ ڇپي، ان مان به اهو
لڳم همراهه هاڻي اُهو ساڳيو نه رهيو آهي. پل ڊي
ڪيرف جيڪي سندس باري ۾ مون کي ڳالهيون ٻڌايون ته
ان مان به لڳم ته همراهه موچارا صدما سَٺا آهن ۽
اِهي صدما ئي سندس زندگيءَ ۾ تبديلي جو ڪارڻ بڻيا
هوندا.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس لکڻين ۾ گهرو اثر هو، جيڪا هر
ڪنهن جي جاءِ نه آهي. عجيب زندگي هيس. سدائين
پنهنجيءَ ڳالهه کي مڃائڻ تي زور ڏيندو هو ۽ ڪا
ڳالهه مڃائڻ تي زور ڏبو ئي ان ڪري آهي ته ان ۾
ماڻهوءَ جو خود پنهنجو يقين نه آهي. پاڻ نقادن جو
ڏاڍو دادلو هو. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به پنهنجي اسٽائيل
موضوع ۽ آکاڻي ۾ تبديلي نه آڻيندو هو ۽ نه وري
ڪڏهن خيال ۽ جذبي جي سطح تي ڪو نئون تجربو ڪيائين.
لائيف رسالي جي مشهور فوٽو گرافر ڪاپا پنهنجو هڪ
تصور قائم ڪيو ۽ ان تي ئي زندگي گذاريندو رهيو.
مون کي سندس موت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. منهنجي
ساڻس ايتري گهڻي ڄاڻ سڃاڻ نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن
ملاقات ٿيندي هئي ته پاڻ هڪ مهربان ماڻهوءَ وانگر
مون سان ملندو هو. حالانڪه ڪجهه ماڻهن مون کي
ٻڌايو ته منهنجون لکڻيون کيس نه وڻنديون آهن. نه
رڳو اهو پر ٻيا ليکڪ جيڪي اڃا زنده آهن، انهن کي
به پاڻ جهڙو ليکڪ سمجهڻ جي بدران کين پنهنجو مخالف
سمجهندو هو. کيس پنهنجي امرتا جو وڏو فڪر رهندو
هو. ڇاڪاڻ پنهنجي امر هئڻ جي کيس ڪا به پڪ نه هئي
۽ واقعي امر هو به ڪو نه.
هو ڪجهه سالن کان پنهنجن انهن ڪتاب جي تخليق جو تذڪرو ڪندو هو،
جيڪي هو لکي رهيو هو مون کي سندس ڳالهه تي پورو
اعتبار نه ايندو هو. ڇو ته ليکڪ جي وڏي ۾ وڏي اِها
خواهش هوندي آهي ته ڪو نه ڪو ان ڪتاب کي پڙهي، پر
اهڙي ڪا ڳالهه ئي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته آءٌ غلط
هجان ۽ هو صحيح هجي. هيمنگوي جي موت تي تاثرات جي
ڏس ۾ مون وٽ اخبار لنڊن ڊيلي ايڪسپريس لاءِ ڪنهن
ليکڪ جون صرف ٻه سٽون آهن، جيڪي هن اهڙيون ته
لکيون آهن، جنهن جهڙو اسين لکي نٿا سگهون. اُهي
آهن:
“He was a man, take him fo all in all
I Shall not look upon his line again.”
جيستائين کيس ’بابو سائين‘ چيو ويندو، تيستائين هي سٽون قائم
رهنديون.
شهرت
هي مٿڀري جاءِ ڏاڍي سٺي آهي، جتان جيڪا به شيءِ ڏسجي ٿي اها
نظارو آهي. انهن نظارن مان ڪيترائي نظارا اجڙيل
وسنديون آهن، جن جي لاءِ اها خبر نٿي پوي ته اهي
ڪنهن ٺاهيون، ڪڏهن ٺهيون ۽ ڇو ٺهيون. شهرت چاهنائن
کي بيهودو بڻائي ڇڏيندي آهي. مون ڪيترائي ڪتاب
لکيا آهن، جن مان ڪي تمام سٺا آهن ۽ ڪن ۾ ڪي ڪي
تمام سٺيون ڳالهيون اينديون. سٺو تڏهن ٿيندو جڏهن
ڪنهن کان پڇجي ته
`World’s little acre`
۽
`Farwell to arm’s
لکندي ڪيئن لڳئه؟
ڪجهه پريسون مون کان منهنجا مسودا گهرنديون آهن، جڏهن آءُ جواب
ڏيندو آهيان ته مون وٽ ڪو به مسودو نه آهي ته هو
وري مون کي لکندا آهن ته ”ڀلا تو وارو خط ڇپيون؟“
آخري خط
پياري ايلزبيٿ!
ڪيتري وقت کان تنهنجي خط جو قرضي آهيان، منهنجون
آڱريون قلم جهلي نٿيون سگهن. لڳي ٿو ته آڱريون
ڦٽائي ويٺو آهيان. |