سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو : 18

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا خواب ۾ به اُتساهه جو وسيلو هوندا آهن؟

گارشيا ماڪئز؛ شروع شروع ۾ آئون خوابن تي ڌيان ڏيندو هوس، پر پوءِ ڄاتم ته خود زندگيءَ اُتساهه جو وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي، خواب ته زندگيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حصي جي بگڙيل صورتحال هوندا آهن، منهجين لکڻين جي باري ۾ خواب جي حقيقت اها آهي، ته مون وٽ خواب جي باري ۾ پنهنجو نڪته نگاهه ۽ پنهجي سمجهاڻي آهي. خواب  برابر زندگيءَ جو حصو آهن پر حقيقتون وڌيڪ امير آهن. هونئن منهنجن خوابن ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه نه هوندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ اُتساهه ۽ ڪشف ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

گارشيا ماڪئز؛اُتساهه هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي دل وٽان موضوع هٿ اچي ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ تي اڳتي لکڻ ۾ سولائي پيدا ٿي ويندي آهي. باقي ڪشف ته لکڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڪشف ته تمام وڏي خصوصيت آهي. جنهن ۾ نه ڪنهن سائنسي معلومات جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ڪنهن ٻيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي. ڪشف ته  اُتساهه جي جبلتن مان ڦاٽ کائيندو آهي. جيڪي مرڪزيت جا قائدا قانون آهن، انهن به ڪشف ذريعي جلدي ۽ سولائي سان معلومات حاصل ٿي وڃي. ناولسٽ لاءِ ته ڪشف بنيادي شيءَ آهي. ڪشف دانشوريت جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ دانشوريت ته مون کي اکين پيل آهي. ڇاڪاڻ دانشوريت حقيقي ۽ چڙندڙ ٻرندڙ دنيا کي هڪ غير متحرڪ نظرئي ۾ قيد ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن ته ڪشف کي انهيءَ ڪري سرسي حاصل آهي ته اُهو ’ها‘ يا ’نه‘ ۾ فيصلو ڪري ٿو وٺي ۽ توهان کي کُتِ سان تلاءِ کوٽڻ جي ضرورت نٿي پوي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا تو نظريا ٺاهيندڙن کي ناپسند ٿو ڪرين؟

گارشيا ماڪئز؛ صحيح. آئون کين سمجهي ئي نه سگهندو آهيان، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جڏهن مون کي ڪي ڳالهيون سمجهائڻيون هونديون آهن ته اهي مثالن ۽ لطيفن سان سمجهائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون ۾ تجريدت ۾ وڃڻ جو دم ناهي، انهيءَ ڪري منهنجا ڪي نفاد مونکي ڄٽ  سمجهندا آهن. نالا ڪو نه ٿو ٻڌايان.

انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجي خيال ۾ جيڪي نفاد آهن، توکي خانن ۾فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن؟

گارشيا ماڪئز؛ منهنجيءَ نظر ۾ دانشوريت جو وڏي ۾ وڏي مثال نفاد آهن. هو  پهرئين ته نظريو گهڙندا آهن ته ليکڪ کي ڇا لکڻ کپي. تنهن کان پوءِ پنهنجي ٺاهيل ماڊل ۾ ليکڪ کي فِٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽  ليکڪ کي ڦُسي زوريءَ خاني ۾ وجهندا آهن. تو پڇيو آهي، تڏهن آئون سندس ذڪر پيون  ڪريان. هونئن سالن کان وٺي نه منهنجي نفادن ۾ ڪا دلچسپي ٿي آهي ۽ نه ئي کين پڙهندو آهيان. نفاد هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پٽڪو ٻڌائي ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ چڱا مڙس  ٿي ويهندا آهن. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي هوندي اٿن، آئون چٽيون ۽ مختصر ڳالهيون لکندو آهيان، جيڪي نفاد جي مدد کان سواءِ پڙهندڙ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ؛ مترجمن جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

گارشيا ماڪئز؛  آئون متوجمن جي عزت ڪندو آهيان، سواءِ انهن متوجمن جي، جيڪي سمجهاڻيءَ لاءِ فوٽ نوٽ هڻندا آهن. اهڙي قسم جا مترجم پڙهندڙن کي اهڙيون ڳالهيون سمجهائڻ  جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي ليکڪ ڄاڻايون ئي نه هونديون آهن. ترجمو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، هڪ تي مترجم کي نه داد ملندو آهي ۽ نه ئي وري ايترو پئسو. اصل ۾ سٺو ترجمو اهو آهي جنهن ۾ اصل لکڻيءَ کي ٻيهر تخليق ڪجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون گرگلويري راباسا جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. منهنجا ڪتاب ايڪوويهن ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. پر راباسا واحد مترجم آهي، جيڪو پنهنجا فوٽ فوٽ نوٽ هڻي پڙهندڙن کي نه سمجهائيندو آهي، منهنجي  خيال ۾ انگريزيءَ ۾ منهنجين لکڻين کي ٻيهر تخليق ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا ڪيترائي اهڙا حصا هوندا آهن، جن کي ٻيءَ ٻولي ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته مترجم ڪتاب پڙهندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي دماغ تي روز ڏيئي ياد ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ لکندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون مترجمن جي عزت ڪندو آهيان. مترجم دانشور هئڻ جي بدران تخليقڪار هوندا آهن، نه رڳو پبلشر کين گهٽ پئسا ڏيندا آهن پر کين تخليق ڪار به نه سمجهندا آهن. ڪيترائي  اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي آئون پاڻ اسپينش ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهران ٿو. پر انهن ۾ ايڏي  ئي محنت ڪرڻي پوندي جيتري پنهنجي ڪتاب لکڻ ۾، ۽ پوءِ ايترا پئسا به نه ملندا. جو آئون پنهنجو پيٽ ڀري سگهان.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڪهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ٿو چاهين؟

گارشا مارڪئز؛ آندري مالرو جا سڀ ڪتاب، ڪونراڊ ۽ ايڪسوپيريءَ جون لکڻيون. جڏهن آئون ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان ته منهنجي دل گهرندي آهي ته انهيءَ کي ترجمو ڪريان. وڏن شاهڪارن کي ڇڏي آئون وچولي قسم جا ڪتاب اصلي ٻوليءَ ۾ پرهڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان. پر ٻين ٻولين ۾ ڪتاب پڙهندي، آئون مصيبت ۾ اچي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون هڪ ئي ٻوليءَ جي لکڻين کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندو آهيان، اها آهي منهنجي مادري زبان اسپينش، انهيءَ هوندي به آئون اٽالين ۽ فرينچ ٻوليون ڳالهائي ويندو آهيان. مونکي انگريزي ٻولي به چڱي طرح سمجهه ۾ ايندي آهي، انگريي سمجهڻ جي ڪري آئون گذريل ويهن سالن کان رسالي ”ٽائيم” جو زهر پيئندو ٿو اچان.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا هن وقت ميڪسيڪو توکي پنهنجو گهر ٿو لڳي؟ ڇا تون هتان جي ليکڪن مان پنهنجو  پاڻ کي هڪ حصوٿو سمجهين؟

گارشيا ماڪئز؛ عام طور تي آئون ليکڪن ۽ فنڪارن سان انهيءَ ڪري دوستيءَ نه رکندو آهيان جو هو ليکڪ يا فنڪار آهي. منهنجي  ياري گهڻن ڌنن وارن ماڻهن سان آهي. جن ۾ ليکڪ فنڪار به اچي وڃن ٿا. آئون ليٽن آمريڪا جي سڀني ملڪن کي پنهنجو  وطن ٿو  سمجهان، نه ڪنهن ٻئي ملڪ کي. ليٽن آمريڪا جا ماڻهو محسوس ڪندا آهن ته صرف اسپين اهڙو ملڪ آهي، جيڪو پنهنجو ملڪ ٿو لڳي، پر آئون ذاتي طرح تي پنهنجو پاڻ کي اسپين سان ڳانڍاپيل نه سمجهندو آهيان. ليٽن آمريڪا جي مُلڪن جي سرحدن کي آئون ليکيندو ئي ناهيان. مون کي خبر آهي ته ليٽن آمريڪا جو هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کار ڌار وجود رکي ٿو، پر منهنجيءَ دل ۽ دماغ ۾ سڀ ملڪ هڪجهڙا آهن، ڪريبئن آئون پنهنجو گهر سمجهندو آهيان. پوءِ اهو علائقو کڻي فرينچ جو هجي، ڊچ جو هجي يا وري انگريزي جو هجي. آئون جڏهن باران ڪُٽيلا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيري رنگ جي ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي آهي. جڏهن آئون جميڪا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيرن ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورت تي ٺپو هڻندي آهي ۽ انگريزي ۾ هڻندي آهي ته آئون  انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيندو آهيان. منهنجو انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ناهي ته ٻوليءَ سان ڪو فرق اچي ويندو آهي پر انهن پنهنجن ملڪن کي ڇڏي دنيا جي ٻئي ملڪ ۾ هوندو آهيان ته آئون پنهنجو پاڻ کي پرديسي سمجهندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ به. اهي منهنجا هڪڙا ذاتي احساسات آهن ۽ مون کي اقليتي هئڻ جو احساس هوندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجي خيال ۾ ليٽن آمريڪي ليکڪن کي ٿوري گهڻي وقت لاءِ يورپ ۾رهڻ ضروري آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ ٻاهران ويهي جيڪو پنهنجي ملڪ جو پس منظر نظر ايندو آهي، اُهو شايد وڌيڪ ساکائتو بڻجي ويندو آهي، آئون سوچيندو آهيان ته يورپ وڃي اُتي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ ڪهاڻيون سوچجن، اها ڳالهه ويهن سالن کان منهنجي مٿي ۾ ويٺل آهي، پر ميڪسيڪن ماڻهن کي يورپ ۾ سک نه ايندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڪيوبا جي انقلاب ليٽن آمريڪن ادب تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن؟

گارشيا ماڪئز؛ هيستائين ته ناڪاري اثر پيو آهي. ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جيڪي سياسي طرح تي انهيءِ انقلاب سان ٻڌل آهن ته اهي جيڪي ڪهاڻيون لکن ٿا سي سياسي ٻنڌڻن کي مان ڏيڻ لاءِ لکندا آهن، نه خاص ٽائيپ جون بڻجي وينديون آهن. جن جو ڪشف  سا يا تجربي سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪيوبا جي  ثقافتي اثر جي خلاف سوچ وڌيل آهي، خود ڪيوبا ۾ نئين قسم جو ادب يا فن تخيليق نه پيو ٿئي ۽ نه ئي ڪي ان جا جيوڙا نظر اچن ٿا. ڀانيان ٿو ته انهيءَ ۾ اڃا وقت لڳندو. ڪيوبا جي جيڪا وڏي ثقافتي اهميت آهي ته انهيءَ جي تقاضا آهي ته ليٽن آمريڪا ۾ جيڪو اڳي ادب تخليق ڪيو پئي ويو آهي، سالن کان وٺي ته انهيءَ ادب کان پُلِ جو ڪم وٺجي. باقي آمريڪا ۾ جيڪا ليٽن آمريڪن ادب ۾ بابت هاڪار مَتي آهي ته اها ڪيوبا جي انقلاب جو نتيجو آهي. اڳ ۾ جيڪي ويهن سالن کان ليٽن آمريڪي ليکڪ لکندا  رهيا. انهن لکڻين کي آمريڪا ۽ يورپ جي پبلشرن کنگهيو ئي ڪونه، پر جڏهن ڪيوبا ۾ انقلاب آيو ته يورپ ۽آمريڪا جي پبلشرن هڪدم ڪيوبا ۽ ليٽن آمريڪا جي ٻين ملڪن جي ادب تي ڌيان ڏنو. ڪيوبا جو انقلاب هڪ کپائيندڙ شيءَ بڻجي ويو. ليٽن آمريڪا ادب فئشن بڻجي ويو. اها ڳالهه سامهون اچي ويئ ته ليٽن آمريڪن ناول ترجمو ڪري ڇپائڻ جهڙا آهن، جيڪي بين الاقوامي ادب بنجڻ جهڙا آهن، پر ڏک جي ڳالهه آهي ته ليٽن آمريڪا جي جيڪا ثقافتي ڪالونيءَ جي حيثيت هئي. ان جي ڪري ليٽن آمريڪي ناولن کي ايستائين سُٺو نه ليکيو ويندو هو، جيستائين ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو انهيءَ جي واکاڻ ڪن.

انٽرويو وٺندڙ: لٽن آمريڪا جا ڪجهه اهڙا ليکڪ هوندا، جيڪي ايترا گهڻا مشهور نه هوندا. اهڙا ڪي ليکڪ آهن، جن کي تو مڃتا ڏني هجي؟

گارشيا ماڪئز؛ مون کي شڪ آهي ته ڪو اهڙو ليکڪ ناهي، هن وقت ليٽن آمريڪا جي ادب جي جيڪا دنيا هاڪار آهي، ته انهيءَ جو اهو نتيجو نڪتو آهي، ته جيڪو به ليٽن آمريڪي ليکڪ وڻ مان ڪاٺي وڍي ڏاڍو مڙس بڻجي ٿو وڃي. انهيءَ کي به پبلشر ڇپائڻ ۽ ترجمو ڪرائڻ کان نٿا مُڙن. بدقسمتي سان ڪيترائي نوجوان ليکڪ انهيءَ ڪري لکن ٿا ۽ انهيءَ خيال سان لکن ٿا ته محنت ڪرڻ جي بنا کين شهرت ملي وڃي. هڪڙو فرينچ پروفيسر ليٽن آمريڪا جي ادب تي لکندو آهي، انهيءَ کي اسان جا نوجوان خط لکندا آهن ته هو سندن باري ۾ نه لکي. ڇاڪاڻ ته کين ضرورت ناهي ته ڪو مٿن ٽيڪا ٽپڻي ڪري. پر اهي اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته جڏهن آئون سندن عمر جو هوس ته نفاد مون تي لکندا ئي نه هئا.  منهنجي انهيءَ  ڳالهه ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته نوجوان ليکڪن کي نفادن ڏانهن خط لکڻ جي بدران پنهنجيءَ تخليق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وڌيڪ اهميت  انهيءَ ڳالهه جي آهي ته لکائڻ جي بدران پاڻ لکجي. وڏي ڳالهه اها آهي ته منهنجو ادبي ڪيئريئر چاليهن سالن جي ڄمار کان پوءِ اٿيو. منهنجا پنج ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. تيستائين مون کي ڪابه رائلٽي نه ملي.

انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجو اهو خيال ته ناهي ته ننڍيءَ عمر ۾ ليکڪ کي جيڪا شهرت ملي ٿي، اها ليکڪ جي ڪيريئر لاءِ سٺي ناهي؟

گارشيا ماڪئز؛ شهرت ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ملي ته اها خراب آهي. مون کي جيڪا شهرت ملي سا بابي جي وفات کان پوءِ ملي. گهٽ ۾ گهٽ سرمائيدار ملڪن ۾ ته ليکڪ جي شهرت بازار جي جنس بڻجي ٿي وڃي.

انٽرويو وٺندڙ؛ هڪڙا ته ليکڪ اهي آهن، جيڪي توهان جيءَ خاص پسند جا آهن، انهن کي ڇڏي تون اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيو آهين؟

گارشيا ماڪئز؛ پڙهڻ جي معاملي ۾ اڄ ڪلهه آئون آواره گرد بڻجي ويو آهيان. گذريل ڏينهن مون ٺونشي باز محمد علي جون يادگيريون پڙهيون. برام اشوڪر جو ڪتاب ’ڊراڪولا‘ به ڏاڍو سٺو آهي. اهو ساڳيو ڪتاب اڳ ۾ نه پيو پڙهان، جو خيال هئم ته اهو ڪتاب پڙهڻ پنهنجو وقت وڃائڻ جي برابر آهي. آئون ڪنهن به ڪتاب سان ايستائينن نه واڳجندو آهيان، جيستائين ڪو اهڙو ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏئي، جنهن تي منهنجو اعتبار هجي. آئون اهڙ ياديرگين جا ڪتاب پڙهندو آهيان يا دستاويزي ادب پڙهندو آهيان، جيڪي منهنجي مغز ۾ واڄٽ ڪرائي وجهن. باقي جيڪي منهنجي پسند جا ليکڪ آهن، انهن کي ورائي ورائي پڙهندو آهيان. ورائي ورائي پڙهڻ مان اهو فائدو آهي ته جيڪي صفحا، جيڪو حصو توکي وڻي، اهو ويهي پڙهه، رڳو ’ادب پڙهڻ‘ جو جيڪو ڀوت مغز ۾ ويٺل آهي، انهيءَ کان آئون بچيل آهيان. آئون ادب کان هٽي ڪري ٻيا ڪتاب به پڙهندو آهيان. آئون پنهنجو پاڻ کي اپ ٽو ڊيٽ رکندو آهيان. آئون تازيون تازيون خبرون به پڙهندو آهيان. آئون دنيا جهان جون اخبارون پڙهندو آهيان ۽ منهنجي زال به مون کي تازيون خبرون ٻڌائيندي آهي. آئون جڏهن کانئس پڇندو آهيان ته ”تو اهي خبرون ڪٿي پڙهيون آهن؟“ ته ٻڌائيندي آهي ته بيوٽي پارلر ۾ پڙهيون اٿس. ٻيو آئون ائين فيشن جا رسالا ۽ عورتن  جي باري ۾ نڪرندڙ رسالا ۽ افواهن وارا رسالا به پڙهي ويندو آهيان. انهن مان آئون گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. آئون پڙهڻ ۾ هر وقت مصروف رهندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: اهو تون ڇو ٿو سوچين ته شهرت ليکڪ لاءِ نقصانڪار آهي؟

گارشيا مارڪئز: پهريون نقصان اهو آهي ته شهرت تنهنجي پرائيويٽ زندگيءَ تي حملو ڪندي آهي. ٻي ڳالهه ته توکي جيڪو دل گهرين دوستن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ لکڻ جو وقت ملندو آهي، اُهو خراب ٿيندو آهي، ٽين ڳالهه ته تون اصلي دنيا کان ڪٽجي ويندين. مشهور ليکڪ کي پنهنجي بچاءَ ۾ به وقت خراب ڪرڻو پوندو آهي. آئون اهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻ نٿو گهران، جيڪا دل وٽان هجي. پر آئون اهو چاهيندو آهيان ته منهنجا ڪتاب مرڻ کان پوءِ ڇپجن ته جيئن آئون پنهنجي شهرت کان پوءِ وڏو ۽ مشهور ماڻهو هئڻ جي کٽراڳ کان بچي پوان. منهنجي شهرت جو صرف هڪ ئي ڪارج آهي، اُها آهي سياست. باقي ٻيءَ صورت ۾ ته منهنجو سک ڦٽل هوندو آهي. شهرت جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته تون تون چوويهه ئي ڪلاڪ مشهور ماڻهو هجين ته اهو چئي نٿو سگهين، ”ٺيڪ آهي، ائين کڻي سمجهه ته سڀاڻي کان اڳ تون مشهور ماڻهو ناهين.“ يا ڪو بٽڻ دٻائي چئي ته، ”هن وقت آئون مشهور ناهيان.“

 

انٽرويو وٺندڙ: توکي جيڪا شهرت ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ مان ملي، انهيءَ کي تون پاڻ کان الڳ ڪيئن ٿو ڪري سگهين؟

گارشيا مارڪئز: مون کي خبر آهي ته منهنجي انهيءَ ڪتاب تي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ منهنجا دوست خوش ٿيا آهن. مون کي منهنجي اسپينش پبلشر جڏهن اهو ٻڌايو ته ڪتاب جون اٺ هزار ڪاپيون ٿيون ڇپجن ته منهنجا وڻ وڄي ويا. ڇاڪاڻ ته منهنجن اڳين ڪتابن مان ڪو به ڪتاب 700 ڪاپين کان مٿي نه ڇپيو آهي. مون کيس چيو ته پهرئين ٿوريون ڪاپيون ڇپاءِ، پر هن چيو ته کيس پڪ آهي ته ڪتاب تمام سٺو آهي. اٺ هزار ڪاپيون هلي وينديون، خاص ڪري مئي جي مهيني کان وٺي ڊسمبر تائين. پر حقيقت اها آهي ته اهي اٺ هزار ڪاپيون رڳو بيوئينوس ايئرس شهر ۾ وڪامجي ويون.

انٽرويو وٺندڙ: توکي اهو خيال ڪيئن ٿيو ته ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ماڻهن کي ايترو وڻندو؟

گارشيا مارڪئز: منهنجي ته خواب خيال ۾ به اهڙي ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي ڪم جو ڏاڍو خراب نقاد آهيان. ٻين ماڻهن مون کي ٻڌايو ته اهو ڪتاب ليٽن آمريڪا جي ماڻهن جي نِجي زندگيءَ ۾ گهڙي ويو آهي. اهو ڪتاب منهنجيءَ دل مان ڦٽي نڪتو هو. ماڻهن جيڪا اها ڳالهه ئي ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو مون پهريون عنوان ئي رکيو هو ’گهُر‘ مون ناول جي جيڪا اُڻت ڪئي هيم. انهيءَ ۾ مون ’گهر‘ کان قصو شروع ڪيو هو، پوءِ انهيءَ گهر تي پوندڙ ٻاهرئين اثرن جو ذڪر ڪيو هو. پر پوءِ جڏهن سڄو قصو ماڪانڊو شهر ۾ هليو ٿو وڃي ته مون ’گهر‘ وارو عنوان ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ جيڪا ٻي ڳالهه مشهور ٿي، اُها اِها هئي ته انهيءَ ڪتاب جي ڪردارن کي پڙهندڙ پنهنجي گهر جا ڀاتي ٿو سمجهي. انهيءَ ڪتاب جي مون فلم ٺاهڻ نه ڏني، ڇاڪاڻ ته ماڻهو جيڪي ڪردار ڏسي ٿو ڪتاب ۾، انهن کي تصور يا شڪل ۾ آڻي نٿو سگهي.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ تنهنجي دلچسپي ڇا آهي؟

گارشيا مارڪئز: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ وارن کي ڀڄائڻ لاءِ منهنجيءَ ايجنٽ ڏهه لک ڊالر گهريا، پر فلم وارا پوءِ به نه مُڙيا ته قصو ٽيهه لک ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيائين. مون کي انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ جيترو مون کان پهچندو ته آئون فلم ٺاهڻ نه ڏيندس. ڇاڪاڻ ته ناول ۽ ان جي پڙهندڙن ۾ جيڪي تعلقات پيدا ٿي پيا آهن، آئون انهن تعلقاتن کي ٽوڙڻ نٿو گهران.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪتابن تان ڪامياب فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون؟
گارشيا مارڪئز: آئون نٿو سمجهان ته ڪو سٺن ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون پر اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته خراب ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهيون ويون آهن.

انٽرويو وٺندڙ: تو پاڻ ڪڏهن فلم ٺاهڻ تي سوچيو آهي؟

گارشيا مارڪئز: هڪڙو زمانو هو، جڏهن مون فلم ڊائريڪٽر ٿيڻ پئي گهريو. انهيءَ لاءِ مون روم ۾ ڊائريڪٽريءَ جي سکيا به ورتي. منهنجو خيال هو ته سئنيما هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن ۾ ڪي حدون ناهن ۽ هر شيءِ کي فلم ۾ آڻي سگهجي ٿو. موٽي ميڪسيڪو آيس ته مون فلم تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ئي، پر ڊائريڪٽر جي حيثيت جي بدران اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾. پر مون کي خبر پيئي ته فلم جيئن ته انڊسٽري آهي، انهيءَ ڪري فلم ٺاهڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. تون جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيندين، اُهو سڀ ڪجهه فلم ۾ چئي نه سگهندين. ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. آئون اڃا به دوستن ۾ ويهي فلم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو آهيان، مڙيئي تفريح وٺڻ لاءِ، مون کي ڪا به اهڙي اُميد نه آهي ته فلم ذريعي آئون پنهنجون ڳالهيون سمجهائي سگهان. ائين آئون ڏينهون ڏينهن فلم کان پري ڀڄندو ويس. آئون ۽ فلم پاڻ ۾ اهڙا زال مڙس آهيون، جيڪي نه گڏ ٿا رهي سگهون ۽ نه ڌار ٿي ٿا سگهون. منهنجي اڳيان تون فلم ۽ ڪتاب رکندين ته آئون ڪتاب هٿ ۾ کڻي وٺندس.

انٽرويو وٺندڙ: هن وقت تون ڪيوبا تي ڪتاب لکي رهيو آهين، اهو ڪم ڪيئن پيو هلي؟

گارشيا مارڪئز: اصل ۾ اهو ڪتاب اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪنهن ڊگهي مضمون وانگر آهي. جنهن ۾ اهو ٿو چوڻ چاهيان ته ڪيوبا جا گهر ڪيئن ٿا هلن. کوٽ ٽوٽ ۾ ڪيئن ٿو پورائتو ٿئي. اصل ۾ گذريل ٻن سالن ۾ مون ڪيوبا جا تمام گهڻا چڪر لڳايا آهن. اتي ’ضرورت جي ثقافت‘ جي ڪري ڪيتريون ئي رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن. ماڻهن کي ڪيترين ئي شين کان سواءِ گذارو ڪرڻو ٿو پوي. مون کي ڪيوبا جي زندگيءَ جي جنهن خاص پهلوءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي پيئي آهي، اُها اِها آهي ته رڪاوٽن ماڻهن جي نفسيات تي ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. اسان وٽ دنيا ۾ هڪ پاسي کائڻ، پيئڻ ۽ کپائڻ وارو سماج پيدا ٿي پيو آهي ته ٻئي پاسي انهيءَ جي خلاف سماج پيدا ٿي پيو آهي. ٻنهين قسمن جي سماج ۾ هڪ ٽڪراءُ پيدا ٿي پيو آهي. اُهو ڪتاب سوچڻ کانپوءِ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو هوس ته اهو هڪ صحافيانه مضمون بڻجي پوندو پر اهو ڪتاب هاڻي هڪ ڊگهي ۽ منجهيل ڪتاب ۾ بدلجي چڪو آهي. پر مون کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀ ڪتاب اهڙا ئي آهن. گڏوگڏ اهو ڪتاب ڪجهه تاريخي حقيقت جي ذريعي ڪيريبئن دنيا جي حقيقتن تي تخليقي ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو. ائين جيئن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ ٿيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تو وٽ ڊگهي مدي واريون اُميدون آهن يا ڪي نااُميديون به؟

گارشيا مارڪئز: انهيءَ سوال جو اهو ئي جواب ٿيندو، جيڪو مون توکي شهرت جي باري ڏنو هو. اڳئين ڏينهن ڪنهن مون کان پڇيو هو، ”تون نوبل ادب انعام وٺڻ ۾ دلچسپي رکين ٿو؟“ پر آئون سوچيان ٿو ته جي اهو انعام مليو ته منهنجي وڏي تباهي آڻيندو. اها مون کي پڪ آهي ته آئون انهيءَ انعام جو حقدار آهيان، پر اهو انعام وٺڻ وقت مون کي اندران ٻاهران لوڏي وجهندو، جيئن شهرت هڻي مون کي منجهائي وڌو آهي، تيئن اهو انعام اڃا به وڌيڪ منجهائي وجهندو. جيتريقدر نااُميدين جو تعلق آهي ته اُها اِها آهي ته مون کي ڌيءُ نه ڄائي.

انٽرويو وٺندڙ: ڪي رٿائون تنهنجي هٿ هيٺ هونديون. انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائي سگهندين؟

گارشيا مارڪئز: مون کي اها پڪ بيٺي آهي ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو سٺي ۾ سٺو ڪتاب لکندس پر اها خبر نه اٿم ته اهو ڪتاب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو. آئون جڏهن اها ڳالهه سوچڻ ويهندو آهيان ۽ جيڪا هينئر به محسوس پيو ڪريان. اُها اِها آهي ته مون کي خاموش رهڻ کپي، ته جيئن انهيءَ ڪتاب جو مواد ۽ موضوع منهنجي ڀر مان لنگهي ته اُن کي پڪڙي وٺان.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org