سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو : 12

وليم بورو

 

]هيءُ مست ملنگ ماڻهو ۽ گڏهه تي سوار اخبارن جا سَٿا کڻي آمريڪا ۽ ليٽن آمريڪا ۾ رُلڻ وارو ليکڪ آمريڪا جي اسٽيٽ لوئس ۾ 5 فيبروري 1914ع ۾ ڄائو. 1936ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان اٿينالاجي ۽ آرڪيالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُتان کان پوءِ ويانا وڃي ميڊيڪل سائنس ۾ داخلا ورتائين. پر ڊگري وٺي نه سگهيو. ويانا کان واپس موٽي پنهنجي ملڪ ۾ مختلف ڌنڌا ڌاڙون ڪيائين، جن ۾ صحافت، جاسوسي ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي ڪوئا، چچيون، مُنگهڻ، مڇر ۽ مکيون مارڻ جا ڌنڌا اچي وڃن ٿا.

ويٽنام جي جنگ ته ڊگهو عرصو هلي، پر 1958ع کان پوءِ آمريڪا جي ڪيترن ئي فنڪارن، فلم  ڊائريڪٽرن ۽ ليکڪن ويٽنام جي جهنگن ۾ جيڪا تباهي ٿي، انهيءَ جي خلاف هڪ تحريڪ هلائي. انهن تحريڪ هلائيندڙ ليکڪن کي ’بيٽ جنريشن‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جنريشن ادب ۾ ٽي وڏا نالا پيدا ڪيا، جن ۾ ايلن کن گنسبرگ ۽ جيڪو ڪيرويي سان گڏ وليم بورو جو نالو به اچي ٿو.

وليم بورو جيڪي ڪتاب لکيا. انهن جي فهرست ڪجهه هن ريت آهي: ’موالي’ (1953ع)، ’منجهند جي اُگهاڙي ماني‘ (1959ع)، ’نرم مشين‘ (1961ع)، ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ (1962ع)، ’چوريءَ جا خط‘ (1963ع)، ’نووا ايڪسپريس‘ )1964ع)، ’جهيڙاڪ ڇورا‘ (1971ع)، ’جيت جَڻا مارڻ وارو‘ (1973ع)، ’درويشن جو اڏو‘ (1980ع) ۽ ’ڳاڙهي رات ۾ وهنجندڙ شهر‘ (1981ع).)

 

 

وليم بورو

 

پينل انٽرويو

 

گِيروڊياس: اِهو ايلن گنسبرگ ئي هو، جيڪو پهرئين پهرئين تنهنجي ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جو مسودو کڻي مون وٽ پئرس پهتو هو 1958ع ۾، انهيءَ وقت آئون پئرس ۾ انگريز ٻوليءَ جا اُهي ڪتاب ڇپائيندو هوس، جن جي ڇپجڻ جي اجازت آمريڪا ۾ ڪو نه هوندي هئي. تنهنجو لکيل ڪتاب ايڏو ته ڀَلو هو جو پڙهڻ واري کي اصل اٿاري ويهاري ڇڏي ۽ ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏي، پر مسودو جنهن نموني ٽائيپ ڪيو ويو هو، ته ٽائيپ ڏاڍي خراب هئي. اهو مسودو جڏهن مون تائين پهتو، ته انهيءَ کان اڳ مسودي سان الائي ڪهڙو حشر ڪيو ويو هو، اها مون کي خبر ناهي.

گنسبرگ: اصل ۾ اها ٽائيپ اسان واري يار جيڪ ڪيرويي ڪئي هئي 1957ع ۾. ڪجهه حصو وري ايلن اينسين ٽائيپ ڪيو هو. ڪجهه حصو مون به ٽائيپ ڪيو هو. مطلب ته اها ٽائپنگ جي ڳُڙڌاڻي هئي.

گِيروڊياس: ٽائيپ ته ايڏي چٽي هئي جو جهَٻڪا پئي ڏنائين، پر پڙهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. مون کي ياد آهي ته انهيءَ وقت منهنجي زبان مان اهي اکر نڪري ويا ته ”ڪَمُ ته حد کان وڌ ڀلو آهي، پر تنهن هوندي به هن ڪتاب تي فيصلو ڏيان ته ڪيئن ڏيان. تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ڪريون.“ منهنجي خيال ۾ منهنجي ۽ گنسبرگ جي اها پهرئين ملاقات هئي. مون کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جڏهن پاڻ جي اها پهرئين ملاقات ٿئي ته تون (گنسبرگ) مون کي ائين لڳو هُئين، ڄڻ آمريڪا جو ڪو کڙپيل جوان مڙس واپاري اچي ٽٽو هجي. منهنجي خيال ۾ تون انهيءَ وقت ليکڪ جو ٺُپ قسم جو ايجنٽ پئي لڳين. مهينو کن رکي تون اهو مسودو ٻيهر ٽائيپ ڪرائي مون وٽ پهتو هئين. پوءِ اهو ڪتاب مون ڇپايو 1959ع ۾.

وليم بورو: پر نُڪتو اهو ٿو اُٿي ته منهنجي اِنهيءَ ڪتاب جو جيڪو مسودو 1959ع ۾ ڇپيو، انهيءَ مسودي ۾ ڦيرڦار ٿيل هئي. جيڪا حقيقت مون کي ٿي ياد اچي ته منهنجي انهيءَ مسودي جا ڪجهه حصا پهرئين ’شڪاگو رويو‘ ۾ ڇپيا ۽ پوءِ ’بگ ٽيبل‘ ۾ ڇپيا. انهن حصن جي ڇپجڻ کان پوءِ ئي توکي شوق اچي کنيو ته ’آئون اهو ڪتاب ڇپايان.‘ هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير سنڪليئر بيليس مون وٽ لنگهي آيو ۽ چيائين ته تون منهنجو ڪتاب ٻن هفتن اندر ڇپائي پڌرو ڪرڻ ٿو گهرين.. انهيءَ کان پوءِ اسان سڀ ڪم ۾ لڳي وياسين ۽ ڪتاب جي مواد کي ٻيهر ترتيب ڏنوسين. مهيني کان پوءِ ڪتاب بُڪ اسٽالن تي پهچي ويو. منهنجي خيال ۾ ته اهو ته رڪارڊ قائم ٿي ويو. اصل ۾ مون يڪا هڪ هزار صفحا لکيل هئا، جيڪي گڏ وچڙ هئا. انهن ۾ ’نرم مشين‘ ۽ ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ ڪتابن جو به مواد شامل هو. ڪجهه مواد ’نووا ايڪسپريس‘ جو به هو. اهي سڀ شيون ٽڪرن ٽڪرن ۾ لڪکيل هيون. پر جيئن ئي مواد تو تائين پهتو ته تو اِهو پرنٽر جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن اهو مواد پرنٽر وٽان پروفن لاءِ اسان وٽ پهتو ته مون، بِريون گائسن ۽ سنڪليئر بيليس گڏجي، انهيءَ ڪتاب جي ترتيب ئي بدلائي ڇڏي سين. ترتيب ۽ ترميم کان پوءِ اسان وري ڪتابن تي هڪ نظر وڌي ۽ چيوسين ته، ”هاڻي ڪم ٺهي ويو آهي. هلڻ ڏيئنس اڳتي.“

گنسبرگ: اهو سڄو ڪم سئين نديءَ کان وٺي، ريوگئلي ڪوئر کان وٺي، ريو سائينٽ ۽ سيويرن تائين جيڪي وچ ۾ گهٽيون آهن، اُتي ٿيو. ٻنهين جڳهن ۾ ڪو ايترو پنڌ به ناهي. هڪڙي دوست کان صبح جو ٻئي دوست وٽ ڪافي پيئڻ لاءِ پنڌ اچي وڃي سگهبو هو. هڪ ٻئي کي ايترو ويجهو هئڻ جي ڪري ايڏي جلدائي سان ڪم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ جيڪا شڪاگو ۾ اسان کي پبلسٽي ملي، انهيءَ مان به فائدو وٺڻ جهڙا ٿي وياسين. گِيروڊياس! اِنهيءَ سال تو ٻيا ڪهڙا ڪتاب ڇپايا؟

گيروڊياس: مون 1950ع واري ڏهاڪي ۾ دٻاسلٽ قسم جا شاهڪار ڪتاب ڇپايا آهن. اولمپيا پريس 1953ع ۾ کوليم. پهرئين ڌڪ ۾ مون سيموئل بيڪيٽ جو ڪتاب ’بجلي وارو جهٽڪو ڏيندڙ سگهه‘ ۽ ڊي سيڊ جو لکيل ڪتاب ڇپايم، ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڪتاب جو نالو ’خطاب‘ يا ’فلسفين جي سمهڻ وارو ڪمرو‘ هو. تنهن کانپوءِ هينري ملر جڪو ڪتاب ’دماغ جون نسون‘ ڇپايم. مون جيڪو اهو ڇپائيءَ جو ادارو جڏهن تمام نئين رنگ ڍنگ سان شروع ڪيو ته اُنهيءَ اداري جو پئسو به بئنڪ ۾ جمع ٿيل نه هو. سچي ڳالهه  اها آهي ته اسان تمام سٺن ڪتابن سان ڇپائڻ جي شروعات ڪئي.

گنسبرگ: آمريڪا جي نئين پيڙهيءَ جا جيڪي ليکڪ پئرس ۾ لڏو لاهي اچي ويٺا هئا، تو انهن جا به تمام گهڻا ڪتاب ڇپايا؟

گِيروڊياس: ها، ميسين هوفينبرگ هو. اِرس اووينس هو. تنهن کان پوءِ چپٽرهائيمس جو ڪتاب سندس نالي سان ڇپايم. ٻين جن به ليکڪن پنهنجا ڪتاب ڇپرايا، اهي هٿرادو نالن سان ڇپيا.  نالا به رنگارنگ قسم جا ايجاد ڪياسين، جيئن آيت الله مردان، اڪبر ڊيل پيومبو، تنهن کانپوءِ ٻه ٻيا جيڪي ليکڪن جا هٿرادو نالا ڏناسين، انهن ۾ نارمن رُبنگٽن ۽ هيرئيٽ ڊيملر جا نالا هئا، انهن ٻن نالن سان وري اووينس ڪتاب لکندو هو.

وليم بورو: ماڻهو اڃا تائين مون کان پڇن ٿا ته جيڪي ڪتاب اڪبر ڊيل پيومبو جي نالي سان ڇپيا، سي اصل ۾ تنهنجا لکيل هئا.

گِيروڊياس: موڳن کي خبر ناهي ته ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهن ٿا ته جيڪو ڪتاب ’مواليءَ جو جُهوٽي سان جهيڙو‘ جي نالي سان ڇپيو، اهو اصل ۾ وليم بورو جو لکيل هو. ڪيترن سالن کانپوءِ مون کان پڇيو ويو ته اهو ڪتاب وليم بورو لکيو هو يا ٻئ.ي ڪنهن. پوءِ جاچ ڪيم ته خبر پيئي ته اها ڀُل اسان کان ڪاپي رائيٽ واري صفحي تي ٿي ويئي هئي، جيڪا پرنٽرن ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته اها سڄي غلطي منهنجي هُئي.

گنبسرگ: انهيءَ ڪتاب جو اصل ۾ لڪيکڪ نارمن رُوبنگٽن هو.

جيمس: پر انهيءَ ته ’فيشني ڪپڙا پائي پاڻ کي عقل جو وِير سمجهندڙ جي ڊائري‘ نالي ڪتاب لکيو هو؟

گيِروڊياس: اهو ڪتاب ته انهيءَ زماني ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو هو، جنهن زماني ۾ آئون پنهنجو ادارو اولمپيا پريس جوڙڻ ۾ مصروف هوس.

وليم بورو: 1959ع ۾ جيڪو ڪتاب ڇپيو ’سرنگهه ۾ هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ اُڀري آيل ڇٻر‘ اهو ڪتاب ته تو ڇپايو هو؟

گيِروڊياس: ها. اهو ڪتاب مون ’لوليٽا‘، ’مرچ مصالحن وارو ماڻهو‘، ’کٽمٺڙو‘ ڪتابن ۽ بيڪيٽ جي ڪتابن کان پوءِ 1958ع ۾ ڇپايو. انهيءَ وقت مون ڪئين نمونن جا لکيل ڪتاب ڌڙا ڌڙ ڇپايا. انهن ڏينهن ۾ مون جيڪو آخري خاص ڪتاب ڇپايو اُهو تنهنجو ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ هو جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ منهنجو ڪم هيٺ وڃڻ لڳو. فرانس جي حڪومت مون سان ايترو ته رڻ ٻاري ڏنو، جو لاچار ٿي اشاعت جو ڌنڌو ختم ڪيم. انهيءَ زماني ۾ آمريڪا ۾ سينسر شپ جو زور جهڪو ٿيو ۽ اُتي اهڙن ڪتابن جي ڇپجڻ جي واٽ کُلي. آئون آمريڪا جي اشاعتي اداري گروو پريس جو ٿورائتو آهيان، جو انهن منهنجا فرانس ۾ ڇپايل ڪتاب ٻيهر آمريڪا ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. اصل ۾ انهن ڪتابن جي ڇپائي آمريڪا ۾ ڏاڍي دير سان ٿي. آمريڪا ۾ انهيءَ زماني ڪاپي رائيٽ جو مامرو مُنڌل هو ۽ آمريڪي پبشلرن اسان جا ڪيترائي ڪتاب بنا حق واسطا خريد ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جي، ڇاپي ڇڏيا. پر چوري چڪاريءَ ڪري ڪتاب ڇاپڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڪتاب بچي ويا ۽ اُهي هئا: ’منجهند جي اگهاڙي ماني’ ۽ ’لوليٽا‘، وليم بورو جا اسان ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپايا.  ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ ۽ ’نرم مشين‘، هڪڙي ڪتاب جي ته ڪچي ڪاپي به ڇپي هُئي، شايد اهو ڪم بريون جائسن ڪيو هو.

وليم بورو: اُها ڪاپي ’نرم مشين‘ جي ڇپي هُئي. باقي ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جي ته ڏاڍي شاندار ڪاپي ڇپي هُئي، جيڪا آئين سومروائيل ڇپائي هئي.

گِيروڊياس: خير ته آمريڪا ۾ ڇپائيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو، اُهو 1962ع ۾ گروو پريس وارن ڪيو. وچ ۾ چڱو خاصو ڊگهو عرصو ميدان خالي رهيو. اوهان کي اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته 1959ع تائين آمريڪا ۾ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڏاڍيون ڏکيايون هُيون. آمريڪا جا ماڻهو ڌيان ئي نه پيا ڏين. اها به حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي پڌري پَٽ پئي آهي ته 1959ع ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ گروو پريس وارن ڪتاب ’محترمه چئٽرليءَ جو يار‘ ڇپايو. اهو هڪڙو وڏو ڪارنامو ۽ وڏي همٿ ڪري ڪتاب ڇاپيو ويو. مون کي ته اعتبار ئي نٿو پيو اچي.

گنسبرگ: آئون اهو ٻڌائي ڇڏيان ته آمريڪي ادب جا جيڪي چڱا مڙس هئا، ايڊيٽر ۽ پبلشر هئا، اُنهن ته باقاعدگيءَ سان هڪ پارٽي لائين بنائي رکي هئي. جنهن جا مول متا اِهي هُئا ته جيڪو ڪتاب کين فحش لڳي، اُهو آمريڪا ۾ نه ڇاپڻو آهي، پوءِ انهيءَ جو معيار ڪيڏو به کڻي وڏو هجي. ميرٽ ته ڳڻپ ۾ ئي نه پيا آڻين. ڪارڻ اهو نه ڄاڻاين ٿي اُهي ڪنهن ڦڏي ۾ گهڙڻ نٿا گهرن. سندن نظر ۾ سٺا سٺا مسودا به ڪا به حيثيت نه پيا رکن. گِيروڊياس؛ اها ته هڪڙي اٽڪل بازيءَ ڪري ويهي رهيا. مڙيئي بهانو جو هٿ اچي وين.

وليم بورو؛برني روسيٽ ۽ گِيروڊياس ۾ جيڪا لکپڙهه هلي. اها مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي. روسيٽ ويچارو ته وڏي فڪر وچان رکي رکي پير گِيروڊياس کان پڇندو هو ته، ”ڇا تون سمجهين ته آئون ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ ڪتاب هتي ڇپائي سگهندس؟ تون ته مٿي ڦريل ماڻهو آهين، هتي اهو ڪتاب ڇپائڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.، انهيءَ ڪري پهرين ’محترمه چيٽرليءَ جو خط‘ ٿا ڇپائون، تنهن کان پوءِ ملر جي لکڻي ٿا ڇپايون، انهيءَ کان پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي. جيڪي ڪجهه به ٿيو انهيءَ کان پوءِ ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ کي ڏسنداسين ته ڇا پيون يا نه، وغيره وغيره.”

جيمس؛بلڪل. روسيٽ ائين ئي ڪيو ۽ مون کي سندس اها رٿا عقل واري لڳي. جنهن نيٺ وڃي ڪم ڏيکاريو، هن ماٺ ماٺوڙي ۾ زمين زيني ۽ فرينڪ هيرس جا ڪتاب به ڇپايا. انهيءَ طريقي سان هُو ڪم ڪڍي ويو. مزيدار ڳالهه اها آهي ته اهڙا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا، انهن سڄيءَ پيڙهيءَ جي قائدن قانونن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. جيڪو ڪم ناممڪن هو، اُهو ممڪن ٿي پيو. انهن ڪتابن ڇا ڪيو جو اسان جا اظهار جا جيڪي رنگ ڍنگ هئا، انهن ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو.

گنسبرگ؛ جڏهن وليم بورو جو ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ ڇپيو ته نيويارڪ ۾ وڏو ڦڏو ٿي پيو. مٿان وري جو جيڪ اسمٽ پنهنجي فلم ’ٻرندڙ ساهه وارا‘ ٺاهي ته ڀنڀڙ مچي ويو. نيويارڪ جي چڱن مڙسن ۽ ڪامورن وڏو گوڙ ڪري وڌو. اِهو سٺ جو شروعاتي ڏهاڪو هو. فلم ٺاهيندڙن ۽ اديبن سان ڦڏو ڪيو ويو. چڱن مڙسن ۽ ڪامورن جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته گروو پريس جي اداري کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ختم ڪيو وڃي، وڏي اچي لٺي لڳي.

جيمس؛ گروو پريس وارن پنهنجي انهيءَ ڪتابي سلسلي جي شروعات ’لوليٽا‘ کان 1958ع ۾ ڪئي. منهنجي خيال ۾ اهو پهريون موقعو هو جو سينسرشپ جي خلاف کُلي ويڙهه ڪئي ويئي. نيويارڪ جي چڱن مڙسن ۽ حاڪمن اها ڪريل حرڪت ڪئي ۽ بيوقوفي ڪيائون ته ’لوليٽا‘ جون جيڪي ڪاپيون نيويارڪ جي مبصرن ڏانهن موڪليون ويون، اُهي وچ ۾ ڪسٽم وارن جي هٿان ضبط ڪرايائون ۽ پوءِ مجبور ٿي ڪاپيون واپس به ڪيائون. اهي خبرون ٻڌي اصل مون ڪسٽم آفيسر کي خط لکي احتجاج ڪيو ته ’لوليٽا‘ جي ضبطي ڪري چڱو نه ڪيو اٿوَ. ڪسٽم آفيسر جيڪو مون کي جواب لکيو اهو اُميد افزا هو. ائين ’لوليٽا‘ جون ڪاپيون ضبطيءَ مان ٻاهر نڪري آيون. ڪسٽم وارن جا به ٻه ڌڙا هئا. هڪڙي وٽ سينسرشپ ڪرڻ جا اختيار هئا ۽ ٻيا وري پوسٽ آفيس ۾ ويهي ضبطيون ڪندا هئا. هڪڙي ڌر اسان سان وهي ويئي، انهيءَ ڪري ’لوليٽا‘ ڪتاب جي سلسلي ۾ جيڪا قانوني صورتحال پيدا ٿي، انهيءَ ۾ ڪتاب جي جيت ٿي. ڪورٽ ڪتاب مٿان پابندي مڙهڻ جي خلاف فيصلو ڏنو. فيصلو ڏاڍو سٺو ٿيو ۽ ائين پوءِ اشاعت جو ٻيو ڪم به شروع ٿيو.

گنسبرگ؛ مون کي ياد آهي ته ڪتاب ’محترمه چيٽرليءَ جو پيار‘ تي جيڪا ويڙهه هلي، انهيءَ ۾ پوسٽ ماس جنرل آرٽرسر فيلڊ به شريڪ ٿي ويو، ڇا ڪيائين جو ڪتاب جي قابل اعتراض حصن هيٺان ليڪون ڏيئي صدر آئزن هاور جي ميز تي وڃي رکيائين. آئزن هاور جيڪي ڪتاب تي ريمارڪ ڏنا، اُهي رسالي ٽائيم يا نيوزويڪ ۾ ڇپيا ته، ”هي ڪتاب تڪليف ڏيندڙ ۽ واهيات آهي، اهڙي ڪتاب جي ڪابه  ضرورت ناهي ۽ هن ڪتاب تي بنا ڪنهن دير جي ڪيس هلايو وڃي.” پوءِ جڏهن ڪيس هليو ته گروو پريس وارن جا وڪيلن جي في ۽ خرچ پکي ڏيڻ تي هڪ  لک ڊالر خرچ اچي ويا.

گِيروڊياس: ڪتاب ’محترمه چيٽرليءَ جو پيار‘ جي ايڏي مخالفت نه ٿي، جيڏي ڪتاب  `Tropic of Cancer` جي ٿي. اهو ڪتاب 1960ع ۾ گروو پريس وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. مقامي پوليس ڇتي ٿي اچي ٽٽي ۽ هنڌ هنڌ ڪيس داخل ٿي ويا. اهي ڪيس وڙهيا ويا ۽ ڪورٽن ۾ نيٺ کٽيا به ويا.

گنسبرگ؛ ٻي جيڪا ڳالهه ٿي، سا وري اها ٿي ته جنهن زماني ۾ گروو پلصراط تان لنگهي ڪري قانوني جنگ کٽي ته جيڪي نيويارڪ ۾ ٻيا اشاعتي ادارا هئا. انهن وري موقعي جو فائدو وٺي. ’محترمه چيٽرليءَ جو يار‘ ڪتاب جا ايڊيشن شايع ڪري وڌا.

گِيروڊياس؛ اهو ئي وقت هو، جڏهن سڄو مامرو خلق تائين پهتو ۽ ڪاپي رائيٽ جو قانون جڙيو.

گنسبرگ: ٻيا پبلشر ته صفا ڪُڪڙ لڳا پيا هئا. هينئون ٿي ڦاٽن يا ڊڄڻا هُئا يا وري قدامت پسند، جيڪي پبلشر پنهنجن حقن لاءِ وڙهي نه پيا سگهن، انهن ته حد ڪري ڇڏي. پوءِ جڏهن وري گروو جهڙن همٿ ڪري ’محترمه چيٽرليءَ جو يار‘ ڇاپي پڌرو ڪيو ته وري انهيءَ ڪتاب جي نقلي ڪاپين ڇاپڻ ۾ لڳي ويا. باقي جيڪا آمريڪي سرڪار هئي. انهيءَ جي سڄي پاليسي ايڊگر هوور جي انهن اکرن مان پڌري هئي ته، ”آمريڪا کي ڪميونسٽن ۽ جددت پسندن مان ئي خطرو آهي.” هُن اهو باقاعدي سرڪاري بيان ڏنو هو. سو انهيءَ وقت حال اهو هو.

گِيروڊياس؛ ٻين کي ته ڇڏيو پر روزانو اخبار ’نيويارڪ ڊيلي نيوز‘ ته باقاعدي ايڊيٽوريل لکيا ته جي ڪون نئون ڪلچر پيدا پيو ٿئي، جيڪي ادبي ڪتاب پيا ڇپجن ۽ جيڪا اديبن کي آزادي ڏني پئي وڃي، اهي شيون آمريڪا کي نهوڙي نينديون. اصل ۾ انهيءَ پاليسي جي پويان آمريڪي حڪومت جو هٿ هو ۽ حڪومت اها سازش ايف بي آءِ جي ذريعي تيار ڪئي هئي. ايف بي آءِ نئين آواز کي دٻائڻ جو ڪم 1956ع کان شروع ڪري ڇڏيو هو. ايف بي آي ته قانون جون حدون به ٽپي ويئي.ائين جيئن سي آءِ اي سازشون ڪندي آهي. ايف بي آءِ جديد ادب کي روڪڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو. آمريڪي حڪومت انهن جاسوسي ادارن جي معرفت نه رڳو پنهنجي ملڪ پر بين الاقوامي سطح تي ادب جي اهڙن نون توڙي پراڻن شاهڪارن مٿان بلاڪيٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جن کي هُنن الائي ڇو پنهنجي لاءِ هاڃيڪار ٿي سمجهيو.

وليم بورو: بلڪل صحيح. اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪو ادبي رسالو  `Encounter`نڪتو، انهيءَ جي مالي مدد سي آءِ اي ڪئي. اهو رسالو شايع  ئي سي آءِ اي وارن ڪيو. انهيءَ رسالي ۾ ڪجهه ڀاڙيتو نفادن جي هٿان نه رڳو مون مٿان حملا ڪرايا ويا، پر گِيروڊياس جي اشاعتي ڪم تي به حملا ڪرايا‍‍ؤن. اسان تي سخت نڪته چيني ڪئي ويئي. گِيروڊياس ۽ اولمپيا پريس تي جيڪا جارج اسٽينز ڇتي تنقيد ڪئي، اُها انهيءَ سازش جو حصو هئي.

گنسبرگ؛ اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. جنهن زماني ۾ اسٽيفن اسپينڊر `Encounter` جو ايڊيٽر ٿيو ته مون کيس ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جا ڪجهه باب ڇاپڻ لاءِ موڪليا هئا. اهو 1958ع جو زمانو هو. اسٽيفن اسپينڊر موٽ ۾ مون کي لکيو هو ته اهي باب ڪنهن نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ واري لاءِ ته بهتر آهن، پر انهن جي ڪابه ادبي حيثيت ناهي.

وليم بورو؛ بلڪل صحيح. اسٽيفن اسپينڊر چيو ته، ”اهو ڪتاب ته والن جا وال بي ڪمي مواد سان سٿيو پيو آهي....” گِيروڊياس! تون پهريون ماڻهو هئين، جنهن زين زيني کي انگريزيءَ ۾ ڇپيو، ائين نه؟

گِيروڊياس؛ انهيءَ جو انگريزي ترجمو ’گلن واري عورت‘ مون نه ڇپيو هو، اهو ڪتاب ڪاڪٽيو پروٿيج وارن ڇاپيو هو، جنهن جي مالڪ جو نالو مائريان هو ۽ هُن هڪ ڪلب ٺاهي هئي، سندس ڪتابن جو هڪ ڏاڍو مزيدار دڪان به هو ۽ پهرئين پهرئين انهيءَ اهو ڪتاب ڇپايو انگريزيءَ ۾، پر ڪتاب جون ڪي ٻه ٽي سؤ ڪاپيون ڇپايون هُئائين، جيڪي بڪ اسٽالن تائين ڪونه پهتيون.

گنسبرگ؛ اها ته پوءِ عجيب ڳالهه ٿي، جو انهيءَ وقت به زين زيني ادب تي تمام وڏو اثر ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ اسان ماڻهن ۾ ته سندس نالو ڏاڍو وڄندو هو.

گِيروڊياس؛ فرينچ ٻوليءَ ۾ جنهن پهرئين پهرئين ٻڙڌڪ مچايو، اهو سيلينسي هو، جنهن جو نالو جنگ کان اڳ وڄڻ لڳو هو. انهيءَ وقت کان وٺي ٻي ڪابه اهڙي ادبي تخليق نه هئي، جنهن فرينچ ٻوليءَ جي ادب ۾ گوڙ ڪرائي وڌو هجي، پر پوءِ سست ئي زين زيني  جو ڇپيو ته سندس نالو وڌيڪ وڄڻ لڳو، مون سندس ٻه ڪتاب ڇپيا. هڪڙو اهو ساڳيو ئي ’گلن واري عورت‘ ۽ ٻيو ’چور جون ڳالهيون’ زين زيني کي ڇاپي آئون وڏيءَ تڪليف ۾ اچي ويس. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساڳئي وقت فرانس جي تمام شاهوڪار ۽ مشهور پبلشر ۽ گئليمارڊ زين زيني جا فرينچ ڪتاب ڇپايا ۽ وڪري لاءِ ٻاهر نه موڪليائين.

گنسبرگ؛ گئليمارڊ وارن زين زيني جي ڪتاب جي ڪاٽ ڪوٽ ڪري ته نه ڇپايا؟

گِيروڊياس؛ نه، جيئن ڌڻي لکيا هئا، ائين اکر اکر ڪري ڇپايائين، مون جيڪي انگزيري ترجما ڇپايا، انهيءَ تي پابندي وڌي ويئي، مون تي ڪيس هليا ۽ اهي اهڙا ڪيس هئا، جيڪي بيوقوفيءَ جهڙا هئا. اڳ جيڪا پاڻ ڳالهه ڪئي ته ڪي ڪتاب با تصوير ڇپيا هئا، ته انهن ڪتابن تي آمريڪا وارن ڪوشش ڪري پابندي نه مڙهائي هُئي. پر سڄي دنيا انهن ڪتابن جي پويان ڪاهي پيئي هئي. پئرس ۾ رهي ڪري مون مٿان جيڪو دٻاءُ وڌو ويو هو، اها سڄي ڪارستاني برطانيه وارن جي هُئي. جن انٽرپول ذريعي ۽ فرانسي حڪومت ذيعي مون تي حڪم هلايو ته آئون اهي ڪتاب ڇپائڻ بند ڪريان. سندس نظر ۾ اهي ڪتاب ڪن وڏن خوف خطرن سان ڀريا پيا هئا.

گنسبرگ:تو ’سفر جو ساٿي‘ نالي به ته ڪتاب چپايو هو، جيڪو سياح خريد ڪري وڃي برطانيه مان نڪرندا هئا؟

گِيروڊياس؛ صحيح. اِهي ڪتاب مختلف لکڻين جو مجموعو هو، جنهن ۾ تمام سٺن ليکڪن جون فحش لکڻيون شامل ڪيون ويون هُيون.

گنسبرگ؛ انهيءَ مان پئسا به جام ڪمايئه؟

گِيروڊياس بلڪل پئسا ڪمايم. اهي لکڻيون ڪتاب ’لوليٽا‘ وانگيان هيون. آئون اهي ئي لکڻيون وڪڻي پيو سگهان، جن کي گندي قسم جون لکڻيون چيو ويو، فحاشي ته هئي، انهيءَ ڪري سياح اهي لکڻيون وڏن اگهن ۾ گهڻيون ڪاپيون وٺندا هئا. هڪ هڪ ڪاپي 9 فرانڪن ۾ ويندي هئي. جيئن به هو،  پر اسان جيڪي پورنو گرافي جا پبلشر هئاسين، سي تمام گهڻي تعداد ۾  هُئاسين ۽ پاڻ کي وڏي شيءَ سمجهندا هئاسين، پر گڏوگڏ مون کي انهيءَ ميدان مان ڪڍڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ٿيون. ڇاڪاڻ ته آئون دنيا ۾ واحد پبلشر هوس، جيڪو انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپائيندو هوس. منهنجي سليڪشن سٺي هوندي هئي. سٺن سٺن ليکڪن جون چونڊ لکڻيون شايع ڪندو هوس. پوءِ ٿيو ائين ته فرانس جي حڪومت منهنجي پويان ڪاهي پيئي ۽ مون کي پبليڪيشن جي ڌنڌي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيائين.

گنسبرگ؛ مغربي دنيا جيڪي لکڻين جي خلاف ايڪشن کنيا ۽ اُهي انٽرپول کان وٺي پوسٽ ماسٽر جنرل تائين ۽ تنهن سان گڏ صدر آئزن هاور ۽ برطانيه جي سرڪار به شامل  هئا. انهيءَ پويان مقصد آخر ڪهڙو هو؟

گِيروڊياس؛ منهنجو خيال آهي ته انهيءَ جو پويان اهو ئي مقصد هو ته جنس بابت جيڪا به بحثا بحثي ٿئي، انهيءَ فڪري آزاديءَ کي ختم ڪيو وڃي. ياد ڪريو ته انهيءَ کان ڪيترا سال اڳي فرائيڊ کي به اِنهيءَ مصيبت هيٺ پنهنجي اهڙي ساڳئي جنگ جوٽڻي پئجي ويئي. منهنجو خيال آهي ته اهو هڪڙو حڪومتي ڏاڍ مڙسي ۽ اُرهه زورائي وارو عمل هو. جيڪو ماڻهن مٿان زوري مڙهيو ويو ته جيئن جنسي بحثن کي دٻايو وڃي ۽ ماڻهن کي اهڙن ڪتابن پڙهڻ کان روڪيو وڃي، وڪٽورين دور ۾ برطانيه جو سماج ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو، هڪ طبقو غريب ماڻهن هو، جنهن کي ڪتاب پڙهڻ کان روڪيو ويو ۽ ٻيو جيڪو مٿيون، طبقو اميرن جو هو، انهن کي سڀ ڪا سهوليت حاصل هئي. کانئن ڪو پڇڻ وارو نه هو جيئن وڻين تيئن پيا ڪن.

گنسبرگ؛برطانيه جو حاڪم طبقو ته ڪتاب ’ٻُنڊڻن جون ٽڪريون‘ جو ڊيلڪس ڇاپو پڙهي مزا وٺندو رهيو.

گِيروڊياس؛ پر فرانس ۾ اهڙي صورتحال نه هئي. ٻي عظيم جنگ کان اڳ سڄي دنيا ۾ فرانس ئي اهڙو مُلڪ هو، جتي هر قسم جي آزاديءَ هُئي. فرانس آزاد ملڪ هو. جنگ کان پوءِ جرمنيءَ هڻي فرانس جا ڌاڻا ڪڍي وڌا ۽ پورا چار سال فرانس، جرمن فوجن جي جوتن هيٺان رهيو. انهيءَ عرصي ۾ فرانس جي وچئين طبقي سينسرشپ جو موچڙو به کائي ڏٺو ته سينسرشپ ٿيندي ڇا آهي. مون کي ته ڏاڍو ظلم سهڻو پيو. هن وقت به فرانس ۾ انگريزي ٻولي اُوپري آهي، مون سان سرڪار انهيءَ ڪري جُٺ ڪئي، جو جيڪي جج ويهاريا، انهن کي انگريزيءَ ٻولي ايندي ئي نه هئي. اڳتي هلي فرينچ پوليس مون کي اهي فائيل به ڏيکاريا ته ڪتاب ’لوليٽا‘ تي ڇو بندش وڌي وئي.اتان ئي فرانسي حڪومت جو مون سان جهيڙو ٿيو، جيڪي فائيل مون ڏٺا، اهي برطانوي پوليس جي خطن سان سٿيا پيا هئا. برطانوي پوليس اها لکپڙهه انٽرپول جي قانونن هيٺ ڪئي. فرينچ پوليس کي ذر ذر اهو لکيو ويو ته آئون پئرس ۾ ويهي جيڪا چريائي پيو ڪريان، اها ختم ڪئي وڃي. مون کي سورنهن جا ويهه آنا پڪ آهي ته اِها ڪارستاني هوور جي هئي. هوور ته سندرا ٻڌي فحاشي ۽ فڪري آزاديءَ جي پويان ڪاهي پيو هو.

گنسبرگ؛ ٺيڪ، پاڻ جيڪي ڪجهه هتي ڳالهايو ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌو، انهيءَ مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته آزاديءَ جي سوال تي اڳتي توڙي پوءِ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو. پراڻي آمريڪي چوڻي آهي ته، ”آزادي جي حاصلات لاءِ اوهان کي وڏا وڏا ڌڪ پچائڻ کپن.” جنهن سان سٺو سبق اهو ٿو ملي ته اسان جي ايندڙ نسلن کي اها ڳالهه هينئين سان هنڍائڻ کپي ته جيڪي حاڪم طبقا آهن، اُهي مُئي مارائي به اوهان کي فڪري آزادي نه ڏيندا. آزاديءِ جي حق لاءِ اوهان کي وڙهڻو پوندو. اسان به ته وڙهندا پيا اچون ۽ اها ويڙهه اڃا ايندڙ ڏهاڪن تائين هلندي رهندي، جيئن جيئن فڪري آزاديءَ کي وڌيڪ کان وڌيڪ دٻايو ويندو، تيئن تيئن آزاديءِ لاءِ وڌيڪ وڙهڻدو پوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org