قرة العين حيدر
هر ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجي من اندر جو سارو احوال اهڙي
خوبصورت انداز ۾ ڪري وڃي، جو پڙهندڙ/ٻڌندڙ دنگ
رهجي وڃي. ليڪن هر ڪنهن سان ائين ٿيندو ناهي! ۽ جن
جي حصي ۾ وري اهو سڀ ڪجهه ايندو آهي، اُهي وڏا
خوشنصيب ليکيا ويندا آهن. قرت العين حيدر اهڙن ئي
خوش قسمت ماڻهن منجهان آهي، جنهن جيڪي لکيو، چيو ۽
ٻڌايو، سو سڀني جي جيءَ ۾ رات راڻيءَ جي مڌر
خوشبوءَ جيان پکڙجي ويو. قرت العين حيدر جنهن کي
پيار مان عيني آپا به چيو ويندو آهي. سا اردوءَ جي
چند آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿي. هُن
لکڻ جي شروعات 1944ع ۾ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سندس
ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ستارون سي آگي“ 1947ع ۾
ڇپيو ۽ ان ئي سال سندس پهريون ناول ”ميري ڀي صنم
خاني“ پڻ ڇپجي منظر عام تي آيو. جيتوڻيڪ عيني آپا
لکڻ ۾ ڪهاڻين، ناولن، ناوليٽن، رپورٽيج سان گڏ آتم
ڪٿا به لکي آهي ۽ جن سڀني ئي گڏجي کيس هڪ قدآور
ادبي شخصيت بڻايو آهي. ليڪن انهن سڀني مان وري هُن
جو 1958ع ۾ ڇپيل ناول ”آگ ڪا دريا“ کيس مشهوريءَ
جي بنهه ئي بلندين تي وٺي ويو. هن ناول جا هندستان
جي چوڏهن ٻولين ۽ روشي ٻوليءَ کان سواءِ، دنيا جي
ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ بيشمار ترجما شايع ڪيا ويا
آهن.
قرت العين حيدر کي تاريخ سان بيپناهه دلچسپي آهي، ان ڪري ئي
هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ تاريخ کي خوبصورت انداز ۾ بحث
هيٺ آڻي ٿي ۽ پڙهندڙ ان بهاني تاريخ جي مضمون کي
پڙهڻ ڏانهن ڇڪجڻ لڳن ٿا.
قرت العين حيدر جيڪا 1927ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ڄائي ۽
1947ع ۾ لکنؤ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم.
اي ڪيائين، تنهنجو ادب ۽ تاريخ ڏانهن لاڙو فطري
هو، ڇاڪاڻ ته سندس پڙڏاڏو انگريزن سان 1857ع جي
آزادي
واري جنگ ۾ وڙهيو هو ۽ پڻس سجاد
حيدر يلدرم وري ’نوجوان ترڪ هلچل‘ ۾ شامل هو. جيڪو
نه رڳو پرجوش نوجوان هو،ڪ پر هو اردوءَ جو مشهور
ڪهاڻيڪار به هو. اِن کان وڌيڪ اِهو ته عيني آپا کي
مٺيون مٺيون لوريون ٻڌائيندڙ سندس ماءُ به، هڪ
حساس دل رکندڙ ناول نگار هئي.
قرت العين
حيدر
پينل انٽرويو
حسن رضوي؛ اڄ پاڻ هتي اردوءَ جي نامياري ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار
قرت العين حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا
آهيون.
سجاد حيدر ملڪ؛ آئون اديءَ عينيءَ کان هڪڙو روايتي سوال پڇڻ ٿو
گهُران سندس تعلق علم ۽ ادب جي وڏي گهراڻي سان
آهي. توهان ناول نگاريءَ ۾ وڏو مانُ ماڻيو آهي.
شاعريءَ جي پاسي ڌيان ڇو نه ڏنوَ؟
قرت العين حيدر؛ اهو ته ائين پڇڻ ٿيو، جيئن ڪنهن کان پڇجي ته تو
ڪرڪيٽ ڇو کيڏي، فوٽ بال ڇو نه کيڏيئه، جنهن جو
لاڙو جيڏانهن هوندو، اهو اهوڏانهن ويندو.
حسن رضوي؛ اوهان جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پهرئين ئي ڪهاڻيءَ سان
اوهان جي سُڃاڻ ٿي ويئي؟
قرت العين حيدر؛ مون لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي، ’پهول‘
اخبار ۾، پوءِ ’تهذيب نسوان‘ ۾ لکيم. اهي ڳالهيون
آئون پنجويهه ڀيرا ٻڌائي چڪي آهيان. ڪو ٻيو سوال
ڪريو.
حسن رضوي؛ پر ڪجهه نقان جو خيال آهي ته اوهان جي جيڪا سڃاڻ ٿي،
اُها ’آگ کا دريا‘ سان ٿي؟
قرت العين حيدر؛ ٺيڪ آهي، ٿي ويئي. بابا معاف ڪريو مون کي، ’آگ
کا دريا‘ کي وساري ڇڏيو. منهنجا ٻيا به ڪتاب آهن.
انهيءَ ناول تي گهڻي ئي ڳالهه ٿي چڪي آهي. پڙهڻ
وارا ته منهنجيون ٻيون تخليقون به پڙهندا آهن، پر
نقاد رڳو هڪڙي ئي ڪتاب کي کڻيو بيٺا آهن. هاڻي ته
اها ڳالهه ٻڌي ٻڌي منهنجا ڪن پچي پيا آهن.
حسن رضوي؛ صرف هڪ ننڍو سوال آهي ’آگ کا دريا‘ جي باري ۾، انهيءَ
ناول کي گهڻن نقادن تاريخ ۽ سياست جي حوالي سان
قبوليو آهي، اوهان انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيو؟
قرت العين حيدر؛ اُهو ته نقادن جي عقل تي ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ
آئون ڇا ٿي ڪري سگهان، جنهن حوالي سان کپيوَ تنهن
سان وڃي پڙهوس.
حسن رضوي؛ هونئن توهان جي راءِ ڇا آهي؟
قرت العين حيدر؛ مُون ته ناول لکي ڇڏيو آهي. هاڻي ماڻهن جو ڪم
آهي ته وڃي پڙهن ۽ پنهنجا مطلب ڪڍن.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ ’آگ کا دريا‘ جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ هڪ
ڳالهه ٿي اچي؟
قرت العين حيدر؛ وري ساڳيو ’آگ کا دريا‘.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ اهو ته اوهان جو بنيادي ڪم ٿيل آهي، انهيءَ تي
ته ضرور ڳالهه ٻولهه ٿيندي، پوءِ ڀلي کڻي اوهان کي
خراب لڳي؟
قرت العين حيدر؛ اوهان ته اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اءهو
منهنجو بنيادي ڪم آهي پر منهنجو پنهنجو خيال آهي
ته اهو ناول منهنجو بنيادي ڪم ناهي.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ هڪ تخليق ئي ته شهرت جو ڪارڻ هوندي آهي؟
قرت العين حيدر؛ ضروري ناهي ته ليکڪ نقادن جي راءِ کي مڃي ويهي
رهي ۽ پوءِ اها راءِ ڪنهن حُڪم وانگر هلندي رهي.
ابصار عبدالعلي؛ پوءِ اوهان پنهنجي ڪهڙي ڪم کي بنيادي ڪم سمجهو
ٿيون؟
قرت العين حيدر؛ انسان لکندو رهندو آهي. ڪا شيءِ سٺي لکندو آهي
ته ڪا شيءِ خراب لکندو آهي.
ابصار عبدالعلي؛ اوهان پنهنجي ڪهڙيءَ تخليق کي سٺي تخليق سمجهيو
ٿيون؟
قرت العين حيدر؛ اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ پاڻ ڳالهه کي اڳتي ٿا واڌايون، ان کان
پوءِ.....؟
قرت العين حيدر؛ اوهان وري ’آگ کا دريا“ تي اچي ويندؤ. ڏسو نه،
مون گهڻا سارا افسانا لکيا آهن جن تي ڳالهه ٿي
سگهي ٿي. ڪو به ماڻهو اءهو نٿو ڏسي ته ڪهڙن افسانن
ڪهڙو ٽرئنڊ شروع ڪيو. ڪهڙي نئين لاڙي اثر ڇڏيا. پر
هِتي ’آگ کا دريا‘ جو راڳ هلندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
۾ سياست آهي، انهيءَ ۾ سنسڪرت آهي. انهيءَ ۾ هندو
تهذيب آهي. آئون سمجهان ٿي ته اهو ورجاءُ ليکڪ سان
بي انصافي آهي.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ادي عينيءَ جا
ناول، ناولٽ يا افسانا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي
منفرد آهن، جو اها سندس سوچ آهي. هر تخليق کي
Concieve
ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي ۽ پيش ڪرڻ جو پنهنجو
طريقو آهي. جيتريقدر ’آگ کا دريا‘ جو تعلق آهي ته
اسان اِهو چئي سگهون ٿا ته اِنهيءَ ناول جيءَ ڪُکِ
مان گهڻا ناول پيدا ٿيا آهن، گهڻن ماڻهن انهيءَ
ناول جي پيروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
قرت العين حيدر؛ منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ’آگ کا دريا‘ ناول
جي ذريعي ’تاريخيت‘ جو لاڙو پيدا ٿيو آهي ته ماڻهو
تاريخ کي سمجهن، پر تاريخ کي سمجهڻ لاءِ وري عقل
جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. سمجهيو ائين پيو وڃي ته
تاريخ سياست کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿي ۽ سياست وري تاريخ
کي. ٻه عمل گڏوگڏ پيا ٿا هلن. هندستان ۾ انهيءَ جي
چٽائي ٻئي نموني ڪئي ٿي وڃي. اُتي ڌار ڌار حلقن ۾
ڌار ڌار قسم جون معائنون ڪڍيون ٿيون وڃن. اُتي
PNO جو ننڍڙو گروپ ڌار آهي ته وري پروفيسر عرفان حبيب جهڙا مارڪسٽ
تاريخدان ڌار آهن. هڪڙو گروپ مرحوم صباح الدين
عبدالرحمان جو به هو. ڪنهن به ڳالهه تي فتويٰ مڙهي
نٿي سگهجي ته اُتي رڳو لاڙو آهي ۽ هُتي پاڪستان
سان ڳانڍاپيل پاڪستان جو نظريو آهي. پاڪستان جي
سڃاڻ کي ڳولي لهڻ جو جيڪو عمل آهي، ته اِهو سڀڪجهه
تاريخيت جو
Concept
آهي. منهنجي خيال ۾ ’آگ کا دريا‘ ناول انهيءَ
معاملي ۾ ٿوري گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ ماڻهن انهيءَ
ڍنگ ۾ لکڻ شروع ڪيو. پهرئين طبقاتي ڇڪتاڻ کي چٽڻ
جو لاڙو هو. پوءِ عصمت چغتائي ’ٽيڙهي لکير‘ لکي
نفسياتي لاڙي جي شروعات ڪئي. گهريلو ڇوڪريءَ ۽ مڊل
ڪلاس جي فرسٽريشن تي لکيائين. کانئس اڳ عزيز احمد
هندستان جي وچولي طبقي جي پيڙهين لکين نوجوانن جي
مغرب جي آمهون سامهون ٿي بيهڻ جي نفسياتي ڪيفيتن
تي لکيو. ان کان پوءِ عصمت چغتائي ۽ ڪرشن چندر وٽ
هڪ قسم جي غنائيت، رومانيت ۽ ترقي پسندي آئي.
انهيءَ سان گڏوگڏ هنن گهڻا سارا سماجي مسئلا اڳيان
آندا. انهيءَ دور ۾ اهڙيون گهڻيون شيون اردوءَ ۾
لکيون ويون، جنهن جي شروعات سجاد ظهير جي ڪتاب
’لنڊن کي ايک رات‘ کان ٿي. انهيءَ قسم جي لکڻين
کانپوءِ ’آگ کا دريا‘ اچي ٻڙڌڪ مچايو. ڪارڻ اهو ئي
هو جو ناول ۾ تاريخيت آهي ته تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ
کي اسان ڪيئن پرکيون؟ تاريخ لاءِ اسان کي ڪيئن
سوچڻ گهرجي ۽ ڪيئن پيا سوچيون؟ ڪيئن ٿا سوچيو، ته
پوءِ اها ڳالهه ته ٿي ويئي نه، ته هيئن سوچيو.
ائين انسان اڪيلي سر تاريخ جي آمهون سامهون ٿئي
ٿو. هر ماڻهوءَ وٽ لاشعوري طرح پنهنجا پنهنجا مول
متا موجود آهن، جنهن ۾ سندس ڀيتا به اڇي ٿي وڃي.
هندستان ۾ گڏ وچڙ سڀيتا جو مامرو موجود آهي. ٻن
سڀيتائن ۾ ٻن لساني گهراڻن جي ٽَڪر جو مسئلو هو.
يعني ته ترڪي، عربي ۽ فارسيءَ جو ٽڪر هندستاني
سڀيتا سان ۽ ٻولين سان ٿيو. انهيءَ ٽڪر مان جيڪي
مسئلا پيدا ٿيا، انهن مسئلن کي ڌار ڌار ماڻهن ڌار
ڌار طريقن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون پنهنجي
انهيءَ ناول ۾ انهيءَ مسئلي کي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. آئون ڪا باقاعدي تاريخدان ناهيان. مون
تاريخ رڳو بي اي تائين پڙهي آهي. مون انگريزيءَ ۾
ايم اي ڪئي پر مون کي شوق هو، انهيءَ ڪري رستو کلي
ويو. هت پاڪستان ۾ جيئن ته اهو مسئلو وڏو مسئلو
هو. پاڪستان ته بڻجي ويو پر ان کان پوءِ تاريخ جو
ڇا ٿئي. پاڪستان ته ائين ٺهيو جو اهو هڪڙو ڪيس هو،
جيڪو کٽيو ويو. سياست جي ميدان ۾ ٽي ڌڙا هئا،
ڪانگريس، برطانيا ۽ مسلم ليگ. اهو ڪيس قائداعظم
کٽيو ۽ پاڪستان جُڙيو. پوءِ اڳتي هلي مسئلا اُٿيا
ته اسان ڪيئن هن ملڪ کي ماضيءَ سان ملايون؟ ماضي
آهي ڇا؟ انهيءَ ماضيءَ جي معنيٰ اوهان وٽ ٻي آهي ۽
مون وٽ ٻي آهي. مون پنهنجي حساب سان تاريخ جي
معنيٰ ڪڍي ڏني. انهيءَ ڪري هتي تاريخ ڏانهن لاڙو
پيدا ٿي پيو. منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جا ناول به
لکيا ويا، جيئن ڊاڪٽر احسن فاروقيءَ منهنجي جواب ۾
’سنگم‘ نالي ناول لکيو. جيتوڻيڪ جڏهن ’آگ کا دريا‘
پڌرو ٿيو هو ته ڊاڪٽر فاروقيءَ ناول جي تمام گهڻي
واکاڻ ڪئي. سندس هٿ اکر مون وٽ پيا آهن.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ پر اڳتي هلي هو اوهان جي خلاف ٿي ويو.
قرت العين حيدر؛ جي ها. ناول کي سياسي ڳالهوڙو بڻايو ويو. ڪنهن
ڪم جي ڳالهه نه هئي. اهـڙيءَ طرح مون جيڪي به
لکڻيون لکيون آهن، انهن ۾ مون انسان کي ايڪو بڻائي
نه ڏٺو آهي. انسان جي پويان ٻيون ڪئين شيون پنهنجو
ڪم ڏيکارين ٿيون. سندن سڀيتا آهي، جيڪو هڪ اجتماعي
عمل آهي. اوهان ڪٿي به هليا وڃو، اُتي اِهو نٿا
چئي سگهو ته فلاڻي سڀيتا نج آهي. برطانيا جي سڀيتا
به نج ناهي.
ابصار عبدالعلي؛ نج رهي به نه ٿي سگهي. رستا کليا پيا آهن. ٻاهر
جا اثر پون ٿا؟
قرت العين حيدر؛ جي ها، اِهي ٻاهريان اثر مذهب، زبان ۽ واپار
وسيلي پوندا رهندا آهن. اوهان تاريخ کي مارڪس جي
نڪته نگاهه کي سامهون رکي پڙهو يا بلڪل تجديد پرست
بڻجي وڃو، توهان اسلامي نڪته نگاهه کان ڏسو يا
هندو ڌرم کي ٻيهر اُجارڻ جي نڪته نگاهه سان پڙهو،
تاريخ ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي. انهيءَ جي
چِٽائي توهان پنهنجي پنهنجي طريقي سان ڪندا آهيو.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ توهان تمام گهڻي اهم ڳالهه ڪئي آهي. تاريخ ۽
تاريخيت ۾ وڏو فرق آهي. توهان هسٽرياگرافيءَ جي
ڳالهه پيون ڪريو؟
قرت العين حيدر؛ نه. آئون هسٽرياگرافيءَ جي نه پر ’هسٽوريسي‘ جي
ڳالهه پيئي ڪريان. جنهن جو مطلب آهي تاريخيت يا
تاريخ جو احساس.
ابصار عبدالعلي؛ اهو احساس جميله هاشميءَ جي ناولن ۾ به ملي ٿو.
جيئن ’چهره درچهره روبرو‘ يا ’دشتِ سوس‘ آهن.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ جي ها. جميله هاشميءَ ادي عينيءَ کي فالو ڪيو
آهي. هونئن تاريخيت ۾ گهڻيون شيون اچي وڃن ٿيون.
انهيءَ ۾ ڪلچر به اچي وڃي ٿو ۽ سماجيات ۽ نفسيات
به اچي وڃن ٿيون.
حسن رضوي؛ اڃا تازو ’کتاب نما‘ ۾ شميم حنفيءَ جو مضمون ڇپيو
آهي. انهيءَ ۾ هن لکيو آهي ته قرت العين حيدر
علامه اقبال وانگر گذري ويل ڀنڀڙن جي ڳولا ۾ آهي ۽
سندن سڄي سرگذشت وڃائجي ويلن کي ڳولڻ جي جستجو
آهي.
قرت العين حيدر؛ هاڻي ته جيئن جنهن جي دل چوي، اهو ائين چوندو
وتي. هونئن تاريخ وڃائجي ويلن جي ڳولا ناهي.
حسن رضوي؛ پر اوهان ۽ علامه اقبال ۾ جيڪا هڪجهڙائيءَ جي ڳالهه
ڪئي وئي آهي.
ابصار عبدالعلي؛ ڇا اوهان انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪريو ٿيون؟
قرت العين حيدر؛ علامه اقبال تمام وڏو شاعر ۽ مفڪر هو. مون کي
تمام گهڻو وڻي ٿو. پر علامه اقبال تاريخ کي اسلام
۽ مسلمانن جي ڪردار کي اڳيان رکي ڏسي ٿو. پر تاريخ
جون ٻيون به ڌارائون آهن، منهنجي نظر انهن تي به
آهي.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ اقبال اسلامي مابعدالطبيعات جي حوالي سان ڳالهه
ڪئي آهي.
قرته العين حيدر؛ علامه صاحب فلسفي هو، آئون فلسفي ناهيان.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ ڳالهه ٻئي پاسي نڪري ويئي. پاڻ اصل ۾ ’آگ کا
دريا‘ کان ’گردش رنگ چمن‘ تائين اچڻ پئي گهريو،
جيڪو عينيءَ جو تازو ناول آهي. انهيءَ ۾ تاريخيت
به موجود آهي ۽ زوال پذير سوسائٽي کي به چٽڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ انهيءَ جي ڪارڻن تي به آڱر
رکي ويئي آهي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه اردو ناول
۾ پهريون ڀيرو آئي آهي. انهيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ هوءَ
ڪامياب ويئي، جيڪا معمولي ڳالهه ناهي ته هن ڪئين
صدين تي ڇانيل تاريخ کي صرف تارخ جي حوالي سان ڏٺو
آهي، پر تاريخيت جي حوالي سان ڏٺو آهي. انهيءَ
خيال کان هيءُ ناول تمام اهم آهي. آئون سمجهان ٿو
ته دنيا جي وڏي ادب ۾ جيڪي وڏا ناول لکيا ويا آهن،
هيءُ ناول انهن سان ڪلهو هڻيو بيٺو آهي. انهيءَ
ناول پڙهڻ کان پوءِ هت ماڻهن ۾ ڳالهيون ٿيون. گهن
ماڻهن کي ڪجهه شين سان اختلاف هو پر منهنجي خيال ۾
هيءُ هڪ ڀرپور ناول آهي، ڪجهه ماڻهو وري اهو پيا
سمجهن ته همراهن هتان ٽڪيٽ ورتو، دهليءَ پهتا،
اُتان کان لکنوءَ هليا ويا. امام واڙا ڏٺا، گو متي
ڏٺي، ميهن جا ڪباب کاڌائون، ڏيڍ ڏينهن لکنوءَ ۾
گذاريائون ۽ ....
قرته العين حيدر؛ ۽ اهو سمجهي ورتن ته لکنوءَ جو ڪلچر ڏسي
ورتائون.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ اها ڳالهه صحيح ناهي. عينيءَ ته پاڻ لکنوءَ جو
ڪلچر ڏٺو آهي. هڪ هڪ ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿائين.
ڪنهن نتيجي تي پهتي آهي. هن ناول جو موضوع ڏاڍو
ڏکيو هو، اسان ته اُتان کان پيرا ڳولي ٿا لهون.
جڏهن بنياد پرستن اسان جي سوسائٽيءَ کي بدلائڻ جي
ڪوشش ڪئي. اسان جيءَ تاريخ ۾ اهڙا وقت به آيا،
جڏهن ڏکڻ هند ۽ اتر هند جا پاڻ ۾ سڀ لڳ لاڳاپا
ٽُٽي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ اُتر هند ۾ جيڪا گڙٻڙ
ٿي ۽ 1857ع جي واقعن جو ڪارڻ بڻي. اهو واقعو
پنهنجي ليکي ڪجهه به ناهي. انهيءَ واقعي جي پويان
جن ڪارڻن ڪم ڏيکاريو آهي. عينيءَ ته انهن ڪارڻن کي
Concieve
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ناول جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ صوفيءَ
جو ڪردار پئنٽ ڪيو اٿائين. منهنجن ڪن دوستن جو
خيال آهي ته اهو حصو ٻئي ناول کان ڌار آهي.
قرته العين حيدر؛ اهو ته هن پوري سيٽ اپ جو هڪ حصو آهي. هندستان
۾ ماڻهو هڪ اهڙي سوسائٽي ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ ڌار ڌار
فرقا ۽ طبقا لهه وچڙ ۾ رهن ٿا. ائين صدين کان
ٿيندو پيو اچي. وڏي هڻ پٽ هلندي ٿي اچي. جهيڙا
جهٽا ٿيندا آهن ۽ گڏوگڏ هڪ ٻئي سان پيار عزت سان
به ماڻهو لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اها هڪ سوسائٽي آهي،
جنهن ۾ عروج ۽ زوال سياسي ڦيرين گهيرين جي ڪري
ايندو آهي. انهيءَ ڪري اسان قطعي فيصلو ئي نٿا ڪري
سگهون ته جيڪو حال اڄ آهي، سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو.
مطلب ته حالتون بدلجنديون رهنديون پر فريم ورڪ هڪ
ئي رهندو. پاڪستان جي سوسائٽي ائين ناهي. هڪ مُلڪ
آهي. هڪ مذهب آهي، ان ڪري اوهان کي اِها کُڙڪ ئي
نه پئجي سگهندي ته هندستان ڇا آهي. هندستان مُلڪ
ته هڪ ئي آهي، پر اُتي ڪيترين ئي زبانن، مذهبن ۽
ثقافتن جي پاڻ ۾ ٽڪر آهي. انٽر ايڪشن به آهي، ٺاهه
به آهي، پراڻيون روايتون به آهن ته صنعتي دور جي
اچڻ ڪري، نيون روايتون به ٺهي پيون، اُهي به
انهيءَ صورتحال ۾ شامل آهن. مثال اُتي هاڻي اڇوت
اڇوت نه رهيو آهي. هاڻي ڪارخانن جي ڪئنٽينن ۾ اڇوت
برهمڻ سان گڏ ويهي ماني کائي ٿو.
ابصار عبدالعلي: اهو ته ٻڌايو ته اهو جيڪو اڇوت ڪئنٽين تائين
پهتو آهي. اهو اڇوت انهيءَ کان اڳتي ۽ اِنهيءَ کان
مٿي ڪڏهن پهچندو؟ انسان جو جيڪو اصلي مقام آهي،
اُنهيءَ تائين ڪڏهن پهچندو؟
قرت العين حيدر: اهو سياسي سوال آهي. آئون ڪا اڇوتن جي ليڊر ته
ناهيان. آئون اوهان کي ڇا ٿي ٻڌائي سگهان. هت ڪو
اڇوت ليکڪ اچي ته کانئس اِهو سوال پڇجو. آئون
صنعتي دور جي پيئي ڳالهه ڪريان، جنهن ۾ هندو،
مسلمان، عيسائي سڀ شامل آهن. توهان جڏهن ڀارت وڃي،
اُتي رهندؤ، تڏهن اوهان کي چڱيءَ طرح خبر پوندي.
آئون اُتي 28 سالن کان رهان پيئي. مون اتي صحافي
ٿي ڪم ڪيو آهي. آئون ڏکڻ هند توڙي اُتر پرديش جي
ڳوٺن ۾ ويئي آهيان. اُتان جي زندگيءَ کان واقف
آهيان. کليءَ دل سان هر شيءِ کي ڏسندي آهيان. هر
رنگ جي ماڻهوءَ سان ڳالهائيندي آهيان. منهنجي
ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ آهي. آئون انهن ماڻهن مٿان
پنهنجي راءِ مڙهڻ جي بدران، سندن ڳالهيون سمجهڻ جي
ڪوشش ڪندي آهيان. آئون سياسي فتوائون نه ڏيندي
آهي. مون انهيءَ سوسائٽيءَ ۾ موجود هر پهلوءَ جي
ڪنهن نه ڪنهن حصي کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بمبئي،
لکنو، دهلي، ڪلڪتي ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي گهڻو ڪجهه ڏٺو
آهي. گهڻا ماڻهو چون ٿا ته مون پنهنجي هن ناول ۾
مسلمان طوائف جو ڪردار لکيو آهي. اهو اعتراض آهي.
مسلمان عورتن جو جيڪو استحصال جيڪو ويو آهي ۽ ڪيو
پيو وڃي، مون اهو استحصال جاگيردارانه تهذيب جي
حوالي سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ ناول (گردش رنگ
چمن) ۾ مون جيڪو پِير جو ڪردار لکيو آهي ته اهڙا
ڪردار اُتان جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ موجود آهن ۽
خانقاهي تهذيب جون جيئريون جاڳنديون حقيقتون آهن.
مون اهو ڪردار به لکيو آهي ۽ ناول جا سڀ ڏيک هڪ
ٻئي سان جُڙيل آهن. منهنجي لاءِ هتي چيو ويو ته
مون ڀڳتي تحريڪ کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي
باري ۾ اها ڳالهه صفا بي بنياد آهي.
ڊاڪٽر آغا سهيل؛ هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته اوهان
جي اپئروچ صحيح آهي. توهان انهيءَ ڳالهه کي چڱيءَ
طرح سمجهي ويون آهيو ته اها سڄي گڙٻڙ بنيادپرستن
پکيڙي آهي ۽ سوسائٽيءَ کي بگاڙڻ ۾ انهن وڏو ڪردار
ادا ڪيو آهي. اوهان جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو
انهيءَ جو علاج آهي.
قرت العين حيدر؛ جي نه. مون ڪو به نسخو نه لکيو آهي. منهنجي
بنيادي ائپروچ انسان پرستيءَ واري آهي. اڄڪلهه
انهيءَ جي سڄي دنيا کي ضرورت آهي. انهيءَ جي وضاحت
ڪرڻ نٿي گهران. مون ته هڪ سماجي پس منظر لکيو
آهي،جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن جي ڪهاڻي پيش ڪئي اٿم. جيئن
دلشاد عليءَ جو ڪردار آهي. اهڙا ڪردار اڄڪلهه
موجود آهن ۽ هر هنڌ ملي ٿا وڃن. اهو ڪردار مون لکي
ڇڏيو. منهنجي باري ۾ اهو چئي ڇڏڻ ته آئون ناسٽلجيا
جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيان، تڏهن ئي ائين ٿي ڪريان. ته
اها ڳالهه غلط آهي. ناسٽلجيا جو لفظ ته وساري
ڇڏيو. هڪ ماڻهو ناول پيو لکي ۽ ڪردار پيو تخليق
ڪري، ته انهيءَ جي ٻَڌڻي ته کيس ٻُڌڻي آهي. ٻَڌڻي
ٻڌڻ کان پوءِ ئي ليکڪ تخليق ڪندو آهي. انهيءَ کي
ناسٽلجيا چوڻ ته مون کي ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي لڳي.
آخر نقاد اهڙن لفظن ۾ ٽنگيا ڇو پيا آهن.
ڊاڪٽر سليم اختر: جنهن ناول جو ذڪر پيو ٿئي، مون هن ئي مهيني
پڙهيو آهي. اوهان لکيو آهي ته 35- 1934ع ۾ ڪا فلم
ٺهي هئي، جنهن جا ڊائلاگ علامه اقبال لکيا هئا؟
قرت العين حيدر؛ ڪهاڻي علامه اقبال لکي هئي ۽ ڊائلاگ خواجه حسن
نظاميءَ لکيا هئا، هڪ ٻيءَ فلم جي ڊائلاگ مولانا
آزاد لکيا هئا.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ ٻي اها ڳالهه آهي ته اوهان پنهنجي ناول ۾ ڪنهن
عورت جي پهرئين ديوان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي
سر ورق جي تصوير به ڏني اٿوڦ. اِهو فڪشن آهي يا
حقيقت؟
قرت العين حيدر؛ ملڪ جان جي ديوان ٽائيٽل لاءِ مون شروع ۾ لکي
ڇڏيو آهي ته، ”برٽش لئبريري لنڊن جي ٿورن سان.“ ۽
سرورق جي تصوير به ڏني اٿم. پوءِ به اوهان ڪيئن ٿا
سمجهو ته اهو فڪشن آهي. ڇا توهان اهو ڏٺو ناهي.
ملڪ جان ڳائڻي هُئي سندس ڌيءَ گوهر جان هئي.
انهيءَ ڪري مون انهيءَ ناول کي نيم دستاويزي چيو
آهي. ٻي ڳالهه ته علامه اقبال جي باري ۾ آئون بنا
تحقيق جي پنهنجي طرفان ڪيئن ٿي چئي سگهان ته هُن
فلم لکي.
ڊاڪٽر سليم اختر؛ هتي ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه جي خبر ناهي.
قرت العين حيدر: ايتري لاعلميءَ لاءِ آئون ڇا ٿي چئي سگهان.
ااوهان رسالي ’نيرنگ خيال‘ جا 1934ع يا 1935ع جا
پرچا کڻي ڏسو. انهيءَ ۾ اوهان کي فلم ’افغان
شهزاده‘ جو اشتهار پوري صفحي تي ملي ويندو، جنهن
جي ڪهاڻي علامه اقبال لکي هئي.
حسن رضوي؛ ’گردش رنگ چمن‘ تي گهڻي ئي تبصرا اچي چُڪا آهن. نقادن
جو خيال آهي ته توهان جي انهيءَ ناول جو گهاڙيٽو
ٻين ناولن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط اهي؟
قرت العين حيدرِ هوندو.
سجاد حيدر ملڪ: اوهان جي انهيءَ ناول ۾ هڪ ٻيو رُخ به مون کي
نظر آيو. توهان نؤ آبادياتي دور جي هڪ ڇوڪريءَ جي
ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا فرانسيسي ۽ هندستاني
والدين جو اولاد آهي. انهيءَ رُخ تي ڪجهه روشني
وجهو؟
قرت العين حيدر؛ اهو مسئلو آئيڊنيٽٽي ڪرائسس جو آهي. ٻين اکرن ۾
ته اسان جي اصليت ڇا آهي. اهو مسئلو اڄڪلهه ڳچ
ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي. هر ماڻهوءَ کي ڌار
ڌار به، ته قومي سطح تي به. انئگلو انڊين طبقي جي
باري ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي. جنهن گارڊنر
خاندان جو مون ذڪر ڪيو آهي، اُهي انگريز ۽
هندستاني والدين جو اولاد آهن ۽ منجهانئن ڪيترائي
ماڻهو اڃا جيئرا ويٺا آهن. گارڊنر خاندان جا ڳچ
نڪاح ناما فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ لکيل مون وٽ موجود
آهن ته مسٽر فلاڻي يا فلاڻي گارڊنر جي شادي بلقيس
زماني بيگم ٿي گذري. اهڙيءَ طرح ڪيترين ئي مسلمان
ڇوڪرين ۽ عيسائي ڇوڪرن ۾ نڪاح ٿيو ۽ ٻئي پنهنجن
پنهنجن مذهبن تي قائم رهيا. ٻيا به اهڙا ڪيترائي
خاندان آهن، جهڙوڪ اڪسز ۽ ڪرڪ پيٽرڪ وغيره. رام
بابو سڪسينه جو ڪتاب ’اردو کي انڊويورپين شعراء‘
اوهان ڏٺو هوندو. گارڊنر خاندان جي ڳچ مردن ۽
عورتن جو ذڪر اِنهيءَ ڪتاب ۾ آهي. انهن مان الاهي
ماڻهو اڃا جيئرا آهن. مون پنهنجي ڪتاب ’گردش رنگ
چمن‘ ۾ سليمان شڪوه جي اينگلو انڊين سلسلي جو ذشڪر
ڪيو آهي. شهزادي سليمان شڪوه جي هنج ورتل ڌيءَ قمر
چهره جو سڳو پڙ پوٽو به اينگلو انڊين ۽ دهليءَ ۾
رهندو آهي. اهڙا گهڻي ئي خاندان اڄ به لکنو ۾ ويٺا
آهن. انگريز فوجي ۽ پلانٽر گهڻو ڪري مسلمان نوابن
جي ڇوڪرين سان شآديون ڪيون. ڪلڪتي جو بشپ انهن
شادين کي درست قرار ڏيندو هو، پر اصل ۾ اهو سڄو
طبقي جو مسئلو هو. هڪ صاحب رابرٽرس هو، جنهن جي
خاندان جي شاخ مسلمان هئي. سندس هڪ ڀاءُ جي اولاد
مان امام واڙي شاهه نجف جو مرثيه خوان ٿيو. هر
زماني جا پنهنجا معيار ۽ اخلاقيات هوندي آهي ۽ ان
کي قبول ڪيو ويندو آهي. ارڙهين صديءَ کان وٺي
1920ع تائين هڪ گڏيل انڊو برٽس ڪلچر رهيو، جنهن جو
ڪارڻ انگريزن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ شاديون هيون.
ابصار عبدالعلي؛ هندستان ۾ ششي ڪپور هڪ اهڙي ئي خاندان جي باري
۾ فلم ٺاهي آهي. انهيءَ فلم ۾ عصمت چغتائيءَ هڪ
پوڙهي مائيءَ جو رول ادا ڪيو آهي.
قرت العين حيدر؛ جي ها. انهيءَ فلم جو نالو ’جنون‘ آهي. مسوريءَ
۾ هڪڙو اينگلو انڊين ليکڪ رهندو آهي. نالو اٿس.
لونڊ. انهيءَ فلم جي ڪهاڻيءَ جو بنياد سندس ڪنهن
امئٽ جي لکيل ڊائريءَ ۾ واقعن تي ٻڌل آهي.
سجاد حيدر مَلڪ: اوهان جي ناول ’گردش رنگ چمن‘ ۾ عنبرين جو جيڪو
عذاب ڀريو ڏک آهي. اهو ڪردار ٻين سڀني کان ڌار
آهي.
قرت العين حيدر؛ اُنهيءَ جو ڏک ڌار انهيءَ ڪري آهي، جو هوءَ هڪ
اهڙي قدامت پسند سوسائٽيءَ ۾ پيدا ٿي آهي، جنهن ۾
شاديء جو ادارو قائم آهي.جيڪڏهن هوءَ اڄڪلهه جي
سئيڊن ۾ پيدا ٿئي ها، جتي شاديءَ جو ادارو لڳ ڀڳ
ختم ٿي ويو آهي، ته سندس ڏک جي اها حالت نه هجي
ها. عنبرين جيڪڏهن ڏکن جي آمهون سامهون بيٺي آهي
ته هوءَ هڪ قدامت پسند سماج ۾ روئي پيئي.
ابصار عبدالعلي: پر فرانس، آمريڪا ۽ سئيڊن جي جيڪا پيڙهي شاديءَ
کان سواءِ پيدا ٿي آهي ۽ اڃا ننڍي آهي، پر اڳتي
هلي اها پيڙهي به ڏکن جو شڪار ٿيندي.
ڊاڪٽر سليم اختر: هن ناول تي توهان وڏي محنت ڪئي آهي، وڏي تحقيق
ڪئي آهي. اهو ٻڌايو ته انهيءَ ناول لکڻ ۾ اوهان کي
گهڻو وقت لڳو؟
قرت العين حيدر؛ اهي ڪي چار پنج مهينا لڳا. آئون رام پور هلي
ويئي هئس. اُتي وڃي بيگم صاحبه رامپور کان وٺي
بينظير جي ميلي ۽ گوهر جان وغيره جي باري ۾
معلومات حاصل ڪيم. بيگم رضا علي خان بيگم صاحبه
رامپور جي اڃان تازو وفات ٿي آهي.
سجاد حيدر ملڪ؛ جيئن ته هر ليکڪ وٽ پنهنجي تخليق کي مڪمل ڪرڻ جو
پنهنجو ڍنگ آهي. انهيءَ خيال کان ڊاڪٽر سليم اختر
جو سوال تمام ڀلو آهي. اسان کي انهيءَ باري ۾
ٻڌايو؟
ڊاڪٽر سليم اختر؛ لڳي ائين ٿو ته اوهان کي لکڻ کان وڌيڪ تحقيق
ڪرڻ تي وڌيڪ وقت لڳو آهي.
قرت العين حيدر: اوهان جو مطلب آهي ته منهنجو لکڻ جو ڪم مٿاڇرو
آهي.
ابصار عبدالعلي: توهان پاڪستان ۾ آيون آهيو. پڪ سان توهان کي
هتي رهي ڪري پنهنجي ناول لکڻ لاءِ گهڻو مواد ملي
ويو هوندو. اسان توهان جي نئين ناول جي ڪڏهن اُميد
رکون؟
قرت العين حيدر؛ آئون انهيءَ کي نٿي مڃان ته آئون هڪ يا ٻن
مهينن لاءِ ڪنهن ملڪ وڃان ۽ اُتان جي باري ۾ فيصلو
ڪري اچان يا پنهنجن تاثرات جي ڏيک تي ناول لکي
وٺان.
ابصار عبدالعلي؛ مگر ڪو انٽليڪچوئل ائين ڪري سگهي ٿو؟
قرت العين حيدر: جي ڪري ٿو ته غلط ٿو ڪري.
ڊاڪٽر سليم اختر: ماڻهو ڪنهن ملڪ ۾ ٽي ڏينهن رهندا آهن ته اُتان
جو سفرنامو رهڙي وٺندا آهن.
ابصار عبدالعلي: پر ڪي سفرناما ته پاسپورٽ ٺهڻ کان اڳ لکجي
ويندا آهن.
قرت العين حيدر: اها ڳالهه به غلط آهي. ٿورن ڏينهن جي مشاهدي جي
زور تي تاثر ته لکي سگهجي ٿو. مون به ڳچ لکيا آهن
پر ناول لکي نٿو سگهجي.
ابصار عبدالعلي: توهان لڳ ڀڳ اٺاويهين يا ٽيهن سالن کان پوءِ
پاڪستان آيون آهيو. هتان جيءَ ۽ هندستان جيءَ رهڻي
ڪهڻيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق محسوس ٿيو آهي؟
حسن رضوي: هتي اوهان ڳچ ماڻهن سان مليون آهيو. انهن ۾ لکيڪ ۽
فنڪار به اچي وڃن ٿا ته انهيءَ باري ۾ اوهان جا
ڪهڙا تاثرات آهن؟
قرت العين حيدر: هتي ڪجهه طبقن کي جيڪا خوشحالي نصيب ٿي آهي،
اُهي ڏاڍا خوش آهن، مطمئن آهن. هتان جا ليکڪ به
اسان جي ليکڪن جيان آهن. جهيڙا جهٽا ۽ بحثابحثي به
جام ٿي ٿئي. جيتوڻيڪ هتان جي ليکڪن جا مسئلا ٻيا
آهن ۽ اسان جا ٻيا.
ڊاڪٽر سليم اختر: پاڪستان ۾ اچي رهڻ کان پوءِ هتان جي باري ۾ ڪو
تاثر لکيو ويندو يا نه؟
ڊاڪٽر آغا سهيل: اهو ٻڌايو ته اوهان جنهن زوال پذير سماج کي
ناول جو موضوع بڻايو آهي. انهيءَ سماج جي ڊهڻ
پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
قرت العين حيدر: انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ ته ارڙهين صديءَ ۾
بادشاهن جي عياشي ۽ جديد تعليم کان ڪن ٽار هئي.
انهيءَ ڳالهه کي مون هڪ فوجي کاهوڙي جو ڪولاڊ
مارٽن جي حوالي سان پيش ڪيو آهي، جيڪو هندستان ۾
اچي ٿو. سندس انهيءَ ٽرسٽ تحت قائم ڪيل اڄ به هڪ
ڪاليج هلي رهيو آهي. سندس زماني ۾ مسلمان فوجي
سردار رڳو عياشيءَ ۾ لڳا رهن ٿا ۽ هڪ ڪاليج يا
اسڪول به نٿا کولين. جديد تعليم تي ڪو به ڌيان نٿا
ڏين. ڪلاڊ مارٽن کان آصف الدوله توبون ٺهرائي ٿو،
جيڪي اڳتي هلي ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال ٿيون.
اِها ڪيتري نه ڏکوئيندڙ صورتحال هُئي.
ابصار عبدالعلي: مسلمانن جو اهو زوال ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو
ته ڇا اڄ به ائين آهي؟
قرت العين حيدر: جي ها. عربن وٽ اڄ به عياشي جاري آهي. جنهن توپ
جو مون ذڪر ڪيو، جيڪا ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال
ٿي. اها اڄ به ڪاليج جي سامهون رکي آهي. عياشيءَ ۽
بي حسيءَ جي حالت اها آهي جو جڏهن انگريز ٽيپو
سلطان کي شڪست ڏيئي اچي ٿو ته انهيءَ خوشيءَ ۾ اچي
ته انگريز طرفان ڪنهن کي چنداٻائي مهه لقا جو لقب
ملي ٿو، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
ابصار عبدالعلي: ۽ چندا ٻائي مهه لقا اهو لقب قبول ڪري ٿي؟
قرت العين حيدر: ڪيئن نه ڪندي. چندا ٻائي به انهيءَ ساڳئي
لڙهندڙ سماج جي عورت آهي. مطلب ته زوال شروع ٿي
چڪو هو، پر مسلمانن ۾ پوءِ به انهيءَ حالت جو
احساس شروع نه ٿيو هو.
ابصار عبدالعلي: سر سيد جي دور ۾ اچي اءهو احساس جاڳيو. مرزا
غالب وٽ به اهو احساس ملي ٿو؟
قرت العين حيدر: جي ها. شاهه ولي الله کي به اهو احساس هو. پر
ان کان اڳ ڪجهه به نه هو. جديد شعور ته هئو ئي ڪو
نه. مون پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ڪجهه انگريزي
ڪتاب عيسائي مبلغن ترجمو ڪرايا هئا. ڪجهه ڊاڪٽر
جانسن جا ڪتاب هئا ۽ ڪجهه ناول هئا. ڊپٽي نذير
احمد انهن ڪتابن کي نمونو بڻائي پنهنجيون لکڻيون
لکيون.
ڊاڪٽر آغا سهيل: جيئن توبته النصوح؟
قرت العين حيدر: جي نه. اهو ڊاڪٽر جانسن جو هڪ ناول هو، جنهن ۾
ٻڌايل هو ته يورپ جا ماڻهو ايتري قدر سڌريل ۽ سٺا
ماڻهو آهن، جن جو اهو ڪم آهي ته ڪارن ماڻهن کي
سڌارين ۽ مٿن حڪومت ڪن. اهو ناول ترجمو ڪري ماڻهن
کي پڙهايو ويندو هو. انهيءَ دور ۾ ڪجهه احساس
رکندر ۽ ذهين ماڻهو به هئا، جيئن بادشاهه
نصيرالدين حيدر هو. هن سچ پچ لکنئو کي جديد شهر
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسپتال، پرنٽنگ پريس ۽ اسڪول
کولرايائين پر پوءِ انگريزن کيس به عياشيءَ ۽ محرم
جي پويان لڳائي ڇڏيو ۽ هو ٻيون سڀ ڳالهيون وساري
ويهي رهيو. هاڻي جو اوهان چيو ته مون مسلمانن جو
زوال چٽيو آهي ته مون انهيءَ زوال جا ڪارڻ به لکيا
آهن. مون اکيون پوري هٿ جون ڪو نه هنيون آهن. اهو
مسلمانن جو نه پر هڪ سڀيتا جو زوال آهي.
حسن رضوي: ڀارت ۾ اردوءَ جو مستقبل آهي؟
قرت العين حيدر: اهو هڪ سياسي سوال آهي، جنهن جو تفصيلي جواب هن
ادبي ڳالهه ٻولهه ۾ ڏيڻ ڏکيو آهي. هندستان ۾
اردوءَ جي مستقبل جو دارومدار اتان جي سياسي حالتن
تي وڃي بيهندو. هن ننڍي کنڊ ۾ ٻولين جي سياست
مُنجهائيندڙ بڻجي ويئي آهي. پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي
صورتحال جو مقابلو مشرقي پاڪستان جي زماني ۾ ڪري
چڪو آهي. اڄ به ننڍي کنڊ جا ٻوليءَ سان لاڳاپيل
مسئلا، اُتان جا سياسي مسئلا آهن.
حسن رضوي: انتظار حسين کي اوهان پڙهيو آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ناول
۾ هڪ ئي صورتحال آهي. جڏهن ته توهان پنهنجي ناول ۾
ڌار ڌار رنگن کان ڪم ورتو آهي. اهو توهان جي شعوري
ڪوششن جو نتيجو آهي يا لاشعوري طرح ائين ٿي ويو
آهي؟
قرت العين حيدر: هر ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي.
حسن رضوي: پاڪستان توڙي هندستان ۾ اوهان جي ناولن کي پڙهندي
اوهان تي مغرب زده هئڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.
انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڇا ٿيون چئو؟
قرت العين حيدر: سڄو پاڪستان هندستان مغرب زده ٿي ويو آهي.
سجاد حيدر ملڪ: اوهان جي ڪتابن ۾ انگريزيءَ جا لفظ گهڻا اچي
ويندا آهن؟
قرت العين حيدر: اردوءَ جي شاعري، تنقيد ۽ ڪهاڻيءَ ۾ انگريزيءَ
جا تمام گهڻا لفظ استعمال پيا ٿين. توهان جي
انهيءَ سوال تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي آهي. اوهان
خود روز پنهنجين ڳالهين ۾ ڪيترا انگريزيءَ جا اکر
ٿا ڳالهايو.
سجاد حيدر ملڪ: منهنجو مطلب آهي ته اوهان گهڻا اهڙا انگريزي لفظ
استعمال ڪنديون آهيو، جن لاءِ اردوءَ ۾ لفظ موجود
آهن؟
قرت العين حيدر: منهنجي باري ۾ ٿيندڙ تنقيد صرف ٻن ٽن لفطن
تائين پهچي ختم ٿي ٿي وڃي ته آئون ناسٽلجيا، مغرب
زندگي ۽ انگريزي زبان جو گهڻو استعمال ٿي ڪريان.
مختصر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ فڪشن تي تنقيد ئي
موجود ناهي. اسان وٽ فڪشن پڙهيو ئي نه ويو آهي.
اوهان ماڻهو رڳو شاعريءَ کي سمجهي ٿا وٺو، ڇاڪاڻ
ته اردوءَ ۾ شاعري آڳاٽي آهي.
ابصار عبدالعلي: ڊاڪٽر سليم اختر صاحب انهيءَ ڳالهه جو جواب
ڏيو. عيني تنقيد نگار تي تنقيد ڪري رهي آهي.
قرت العين حيدر: ٺيڪ ته چوان پئي. اسان جي نقادن فڪشن پڙهيو ئي
ناهي. بس رڳو شاعريءَ تي تنقيد ڪندا آهن. فڪشن تي
تنقيد ڪئي ئي نه وئي آهي.
ڊاڪٽر آغا سهيل: جيڪڏهن تنقيد ڪئي به ويئي آهي ته تنقيد نگارن
پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ابصار عبدالعلي: تاريخيت جي خيال کان جميله هاشميءَ جي ناولن جي
باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ خاص ڪري ’چهره به
چهره روبرو‘ ۾ قرت العين حيدر طاهره جو ذڪر آهي ۽
’دشت سوس‘ ۾ منصور حلاج جو ذڪر آهي؟
قرت العين حيدر: آئون ڇا چوان. جميله هاشمي پاڻ جيئري هجي ها ته
اها ٻڌائي ها.
ابصار عبدالعلي: آئون هڪ تمام وڏي ناول نگار کان پوءِ اچڻ واري
ناول نگار جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿو گهران. ٻئي هم عصر به
آهيو.
قرت العين حيدر: سر ننڍڙي شيءِ پنهنجي جاءِ تي سج سمان آهي.
حسن رضوي: پاڪستان ۽ هندستان جي اديبن ۽ فنڪارن کي هڪ ٻئي جي
ملڪ ۾ وڃڻ جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
قرت العين حيدر: اهم سياسي سوال آهي. ۽ ڀريل بندوق جهڙو سوال
آهي.
حسن رضوي: هندستان کان سواءِ پاڪستان ۾ به توهان جا سڀ ڪتاب ڌار
ڌار ناشرن شايع ڪيا آهن. ٻڌو اٿئون ته اوهان وٽ
انهن ناشرن لاءِ شڪايتون آهن.
قرت العين حيدر: شڪايتون ته گهڻيون ئي آهن. ڏسو نه
’آگ کا دريا‘ جو پهريون ايڊيشن 1960ع ۾ ڇپيو.
انهيءَ کان وٺي اڄ تائين منهنجي رائلٽي نه ملي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ منهنجي رائلٽيءَ جا حقدار ويٺا
آهن. مون ناشرن کي ذر ذر خط لکيا ته منهنجي رائلٽي
انهن کي ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ ناول جا الاهي سارا
ايڊيشن پاڪستان ۾ شايع ٿي چڪا آهن. انهن ايڊيشنن
مٿان ناشرن اهو به لکيو آهي ته سڀ حق واسطا ليکڪا
جا آهن ۽ اهي ڪتاب ليکڪا جي مرضيءَ کان سواءِ شايع
ڪيا پيا وڃن. مون جيڪي به ڪتاب لکيا آهن اُهي
انڊيا ۾ ڇپيا آهن، جن جو تعداد ٻارهن کان مٿي آهي.
انهيءَ کان سواءِ روسي ڪتابن جا ڪجهه ترجما نئين
دهلي يونيورسٽيءَ وارن شايع ڪيا آهن. پر پاڪستان ۾
منهنجن ڪتابن جا عنوان بدلائي بدلائي بنا اجازت جي
شايع ڪيا پيا وڃن. انهن جو تعداد وڃي چاليهن کي
پهتو آهي. اهي ڪتاب لاهور، راولپنڊي ۽ ڪراچيءَ جي
ناشرن ڇپيا آهن. مٿان وري منهنجن افسانن ۽ مضمونن
جا نالا مٽائي هنن پڙهندڙن سان به ٺڳي ڪئي آهي.
’کار جهان دراز هي‘ جي ٻن جلدن کي گڏ ڪري هڪ جلد ۾
ڇاپيو اٿن. هڪ ڪتاب ’منهنجي پسند جا اَفسانا‘ به
آهي، ڄڻ اهي افسانا مون پاڻ چونڊي ناشر جي حوالي
ڪيا هجن. گهڻن ڪتابن تي منهنجي پراڻي تصوير ڇاپي
اٿن. جوانيءَ واري. ڪجهه وقت ٿيو ته منهنجي ڪتاب
’همين چراغ همين پرواني‘ جي سر ورق تي منهنجي
رنگين تصوير ڇاپي اٿن. ظلم مٿان ظلم اِهو ته
منهنجن ڪتابن ۾ انتساب به منهنجي طرفان پاڻ ڪيو
اٿن ۽ ٻين ليکڪن جا مضمون مهاڳ طور ڪم آندا اٿن.
منهنجي ڪتابن جا جملي ايڊيشن 36 کان وڌيڪ ڇپيا ويا
آهن. |