سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو : 17

انٽرويو وٺندڙ: توکي اهڙيون غير معمولي ڀليون ڳالهيون ڪيئن حقيقت ڀريون لڳيون؟

گارشيا مارڪئز: مون لاءِ جيڪا ڳالهه اهم هئي، سا اها هئي ته جڏهن ڏاڏي ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي سندس چهري جا تاثرات ڏاڍا زبردست هوندا هئا. ڪهاڻي ٻڌائڻ وقت منهن تي سَرُ به ڪو نه ايندو هوس ۽ ٻيا جيڪي ٻڌندا هئا، سي به حيران ٿي ويندا هئا. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ کان اڳ ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مون جيڪي ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون ته انهن تي مون کي پاڻ کي ڪو ايترو پڪو پختو اعتبار نه هوندو هو. پوءِ وڃي انهيءَ ڳالهه تي بيٺس تي آئون اهڙيون ڪهاڻيون لکان، جن تي منهنجو پنهنجو ته اعتبار هجي، جيئن ڏاڏيءَ کي پنهنجين ڪهاڻين تي پڪو پختو اعتبار هوندو، جيڪو سندس چهري جي تاثرات مان پڌ پڌرو هوندو هو. اصل مُنهن تي رُڪ ٻڌي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.

انٽرويو وٺندڙ: ائين لڳي ٿو ته انهيءَ ۾ صحافيانه طرز استعمال ٿيل آهي. تنهنجا غير معمولي واقعا پڙهندي پڙهندي لڳي ٿو ته تون منٽ منٽ ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ٿو وڃين، جو اهي ڪهاڻيون حقيقي ٿيون لڳن. اها شيءِ تو صحافت تان ته نه کنئي آهي؟

گارشيا مارڪئز: اها طرز ئي صحافيانه آهي، جيڪا ادب ۾ استعمال ڪرڻ کپي. مثال ته تون چئي ٿو ويهي رهين ته، ”هاٿي آسمان ۾ پئي اڏاڻا.“ ته تنهنجيءَ انهيءَ ڳالهه تي ڪو به اعتبار نه ڪندو. پر انهيءَ جي بدران اهو چوندين ته ”مون آسمان ڏانهن ڏٺو ته مون کي پنجويهه هاٿي نظر آيا.“ ته ماڻهو اعتبار ڪندا ته شايد متان ائين توکي محسوس ٿيو هجي. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي. اها ئي طرز ڪهاڻي بيان ڪرڻ وقت منهنجي ڏاڏي استعمال ڪندي هئي. مون کي سندس هڪ ڪهاڻي خاص طور تي ياد ٿي اچي ته انهيءَ ۾ هڪڙو ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري پوپٽ اُڏامندا آهن. آئون اڃا تمام ننڍڙو هوس ته اسان جي گهر ۾ بجليءَ وارو ايندو هو. مون کي انهيءَ تي حيرت ٿيندي هئي ته هو پاڻ ساڻ هڪ پَٽو کڻي ايندو هو، جيڪو کيس بجليءَ جي شاڪ کان بچائيندو هو. انهيءَ بجليءَ واري لاءِ ڏاڏي چوندي هئي ته اهو بجليءَ وارو جڏهن هليو ٿو وڃي ته پويان گهر پيلن پوپٽن سان ڀرجيو وڃي. پر جڏهن اها ساڳئي ڳالهه لکڻ ويٺس ته مون اهو نه لکيو ته پوپٽ پيلي رنگ جا هئا. ڇو ته ماڻهو مون تي اعتبار نه ڪندا. مون جڏهن ريڊيوس نالي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳالهه لکي ته اها بهشت ڏانهن هلي ٿي وڃي. ته انهيءَ ڳالهه کي اعتبار جوڳو بنائڻ لاءِ مون کي لکڻ تي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئجي ويئي. هڪڙي ڏينهن باغ ۾ نڪري ويس، اُتي هڪ عورت ڏٺم، جيڪا گهر اچي ٿانءِ ڌوئيندي هئي ۽ ٿالهيون کڻي ٻاهر سُڪائيندي هئي ۽ هوا لڳندي هئي ته پليٽون اڏامي وينديون هيون. مائي هوا سان وڙهڻ شروع ٿي ويندي هئي ته ”نه لڳ.“ مون محسوس ڪيو ته آئون انهن پليٽن کي ائين بيان ڪريان ته اهي پليٽون ريڊيوس ڏانهن ٿيون وڃن ته ڪر مائي مڃي وڃي. مون جڏهن اها ڪهاڻي ائين لکي ته اعتبار جوڳي بڻجي ويئي. هر ليکڪ لاءِ جيڪو مسئلو آهي، اُهو آهي ته هن جي لکڻيءَ جي ساک هجي. هر ماڻهو ايترو ڪجهه لکي، جيڪو اعتبار جوڳو هجي. (هيءُ معاملو سنڌيءَ ۾ ائين آهي ته جيئن ڪو ماڻهو ائين بيان ڪري ته، ”فلاڻو ماڻهو جڏهن گهوڙي تي چڙهي نڪرندو هو ته وڻ پيا ڏڪندا هئا.“ جيتوڻيڪ وڻ ماڻهوءَ کي ڏسي ڏڪندا ناهن، پر ماڻهو گهوڙيسوار جي حشمت تي اعتبار ڪندا آهن. مترجم)

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ناول ۾ ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ جيڪا  اوجاڳي جي وبا (Insomnia) پکڙجندي آهي ته انهيءَ جو بنياد ڪهڙو هو؟

گارشيا مارڪئز: منهنجي شروعات کان وٺي وبائن ۾ دلچسپي رهي آهي. وچئين دور ۾ جيڪي وبائون آيون، انهن جي مون اسٽڊي ڪئي. منهنجو پسند جو هڪڙو ڪتاب “The Journal of plague year.” به رهيو آهي، جيڪو ڊينئل ڊيفو جو لکيل آهي. انهيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ڇاڪاڻ ته ڊيفو هڪ اهڙو صحافي هو، جيڪو ايڏيون ته زبردست رپورٽون لکندو هو جو اُهي جاڳ جا خواب نظر ايندا هئا.  پهرئين پهرئين ڪافي سال ته آئون اهو سوچيو ويٺو هوس ته سندس ڪتاب لنڊن ۾ پکڙيل وبا جي رپورٽ آهي ۽ جيئن ڏٺي اٿائين، تيئن لکي ڇڏي اٿس، پر پوءِ خبر پيئي ته جڏهن لنڊن م پليگ پکيڙي هئي، ته ڊيفو انهيءَ وقت ستن سالن جو ٻار هو ۽ سندس ڪتاب رپورٽ ناهي، پر ناول آهي. وبا منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي. جنهن کي مون ڌار ڌار نمونن ۾ لکيو آهي. ’نڀاڳي گهڙي‘ ۾ جيڪي پمفليٽ بيان ٿيل آهن، اهي به هڪ وبا آهن، ڪيترن سالن لاءِ اهو سوچيندو رهيس ته ڪولمبيا ۾ جيڪي ڦڏا فساد هلندا ئي رهن ٿا. اُهي به هڪ قسم جي وبا آهن. ’سؤ سالن جي اوجاڳو‘ لکڻ کان اڳ مون هڪ ڪهاڻي لکي، ’ڇنڇر کان پوءِ،‘ انهيءَ ڪهاڻي ۾ پکي  وبا ۾ مرندا نظر  اچن ٿا. ’سؤ سالن جو اوجاڳو‘ ۾ جيڪا اوجاڳي (Insomnia) جي وبا آهي ته اها مون هڪ ادبي اٽڪل ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي ’ننڊ جي وبا‘ جي خلاف ابتڙ وبا ڄاڻائي اٿم، حقيقت اها آهي ته ادب ٻئي ڪا شيءَ ناهي، اُڻت ئي اُڻت آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڌار ڌار قسم جي تخليقن ۾ جيڪا هڪجهڙائي ٿيندي آهي، اها ڳالهه وڌيڪ کولي ٻڌاءِ؟

گارشيا مارڪئز؛ ٻئي ڪم سخت پورهئي جا طالبُو هوندا آهن، لکڻ به ايڏو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيڏو ميز ٺاهڻ، ٻنهين ڪمن ۾ توکي حقيقتن کان ڪم وٺڻو پوندو. لکت جو مواد به ڪاٺ وانگيان سخت آهي، ٻنهين ڪمن ۾ اٽڪل ۽ ٽيڪنڪ ئي کپي. ٿورو جادو هجي ۽ گهڻي محنت هجي، پرائوسٽ صحيح چيو آهي ته، ”لکڻ جي ڪم ۾ 10 سيڪڙو اتساهه کپي ۽ 90 سيڪڙو پگهر وهائڻ کپي.” مون ڪڏهن به ڪنهن غاليچي جي اُڻت جو ڪم نه ڪيو آهي، پر انهي ڪم کي آئون تمام گهڻو مان ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم توهان پاڻ لاءِ نه ڪندا آهيو.

انٽرويو وٺندڙ؛ تو پنهنجي ناول ’اوجاڳي جا س‍ؤ سال‘ ۾ ماڻهن تي ڪيلن جي چڙهيل تپ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟ انهيءَ ڳالهه جو يونائيٽيڊ فروٽ ڪمپنيءَ سان ڪيترو تعلق آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ ڪيلن جي باري ۾ جيڪي لکيو اٿم، اها هڪ حقيقت آهي. ها! مون لکڻ ۾ جيڪو اٽڪلون استعمال ڪيون آهن، انهن کي تاريخ جي بنياد تي ثابت ڪري نٿو سگهجي. مثلاَ چونڪ ۾ جيڪو قتل عام ٿئي ٿو ته اهو واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، پر جيتري قدر انهيءَ واقعي جي پڪين شاهدين ۽ ثبوتن جو تعلق آهي ته انهن کي بنياد بڻائي لکان ها ته اها ته خبر پئجي نه سگهي ها ته اصل ۾ مرڻ وارو جو ڪيترو تعداد آهي. مون ٽن هزارن جو انگ استعمال ڪيو. جنهن ۾ وڏاءُ هو(تخليق کي زوردار بنائڻ لاءِ. مترجم) مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن هڪ ڊگهي ريل گاڏيءَ کي ڪيلن جي فصل مان نڪرندي ڏسندو هوس، جنهن لاءِ چوندا هئا ته انهيءَ ۾ ڪيلا پيل آهن ۽ ڪيلن سان گاڏي سٿيل آهي، پر اهو به ٿي پئي سگهيو ته انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ٽي هزار ماڻهن جا لاش پيل آهن، انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لاءِ نيو پيو وڃجي. هاڻي جڏهن ڪانگريس ۾ ۽ اخبارن ۾ آهي ڳالهيون پيون اچن ته اهي واقعي ٽي هزار لاش هئا ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري مون کي اهو شڪ آهي ته جيڪا اسان تاريخ لکي پئي وڃي انهيءَ جو اڌ انهيءَ طريقي سان لکيو ويو آهي. منهنجي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ ڊڪٽيٽر ائين ٿو‘ چوندو نظر اچي ته، ”اها ڪا ڳالهه ئي سچ بڻجي ويندو.” اڄ يا سڀاڻي ماڻهو حڪومت جي ڳالهين کي مڃڻ جي بدران ليکڪن جون ڳالهيون مڃيندا.

انٽرويو وٺندڙ؛ ائين نه پوءِ ليکڪ ڏاڍا سگهارا آهن. ناهن؟

گارشيا ماڪئز؛ ها، آهن، آئون به انهيءَ ڳالهه کي محسوس ٿو ڪريان. آئون چاهيان ٿو ته آئون صحافت جي طرز تي ڪو مضمومن لکان، جيڪو اصل ۾ سچو هجي، پر گڏوگڏ ايڏو سگهارو ۽ زوردار هجي، جيڪڏهن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي ۽ مون کي ماضي ياد ايندو پيو وڃي ته آئون اهو ٿو سمجهان ته صحافت ۽ ادب هڪ ٻئي سان تمام گهڻو لاڳاپيل آهن.

انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ هڪ ملڪ پنهنجي حصي جو سمنڊ غير ملڪي قرض ۾ ٻئي ملڪ کي ڏيئي ٿو ڇڏي. اوهان ائين ڇو لکيو آهي؟

گارشيا ماڪئز؛پر ائين ٿيو آهي. نه رڳو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، پر ايندڙ  وقت ۾ به ائين ڪيترا ئي ڀيرا ٿيندو رهندو. ’حاڪم جي سرءُ‘ نه مڪمل تاريخ ڪتاب آهي، اصلي حقيقتن مان انديشا ڪڍڻ ته صحافيءَ ۽ ناول نگار جو ڪم آهي، حقيقت اها آهي ته گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته آئون خيالي ڪهاڻين ۽ ناولن جو ليکڪ آهيان، جڏهن ته آئون حقيقت پسند ماڻهو آهيان ۽ جيڪي ڪجهه لکان ٿو ته اها سوشلسٽ حقيقت نگاري آهي.

انٽرويو وٺندر؛ اها ڪا يوٽوپيا آهي؟ مون کي اها پڪي پختي خبر ناهي ته يوپوٽيا حقيقت آهي يا خيال پرستي، پر آئون سمجهان ٿو ته يوٽوپيا حقيقت آهي؟ مثلاَ جيئن حقيقي قسم جا ڊڪٽيٽر هئا، جهڙوڪ فرانڪو، پيرون ۽ ٽراجيلو.

گارشيا ماڪئز؛ هر ناول جو ڪردار گهڻين خاصيتن وارو ماڻهو هوندو آهي، ائين کڻي چئو ته اهو مختلف ڪردارن جو مجموعو آهي، جن کي اوهان سڃاڻندا آهيو، ٻڌندا آهيو ۽ پڙهندا آهيو. آئون هر اها لکڻي پڙهندو آهيان. جنهن ۾ گذريل صديءَ جي لپٽن آمريڪي ڊڪٽيٽرن جو ذڪر هوندو آهي. الاهي ماڻهن کان سندن باري ۾ پڇائون به ڪيون اٿم، ائين ڏهه سال لڳي ويا، جڏهن مون کي اها پڪ ٿي ويئي ته ڪردار ڪهڙي  قسم جو هئڻ کپي. انهيءَ کان پوءِ مون پڙهيل ۽ ٻڌل ڳالهيون وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آئون پنهنجا ڪردار تخليق ڪري سگهان ۽ اهي  اهڙا ڪردار هجن، جيڪي اصلي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ حالتن جا محتاج نه هجن. هڪ مرحلي تي پهچي مون کي اهو به  احساس  ٿيو ته مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو ڪو حصو ڪنهن ڊڪٽيٽرشپ هيٺ نه گذاريو آهي. سو مون سوچيو ته جيڪڏهن آئون اسپين ۾ رهي لکان ها ته جيئن مون کي خبر پوي ها ته ڊڪٽيٽرشپ جي ماحول ۾ رهندي ماڻهو ڇا ٿو سوچي، پر اُتي مون کي اهو خيال به آيو ته جنرل فرانڪو جي اسپين کان ڪيريبئن ڊڪٽيٽرشپ هڪ ڌار شيءَ آهي، ائين سال لاءِ منهنجو ڪتاب روڪجي ويو. ڪا ڳالهه مون کا گسي ويئي هئي ۽ مون کي پڪ نه هئي، ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي انهيءَ کان پوءِ مون راتو رات  فيصلو ڪري ورتو ته ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪيريبئن ڏانهن موٽ کائجي، ائين اسان ڪولمبيا موٽي آياسين. مون صحافين کي بيان ڏنو ته سمجهيائون ته آئون ساڻن چرچا پيو ڪريان، مون کين  چيو ته ” مون کي پنهنجي ملڪ جي ميويدار وڻن جي خوشبوءِ وسري ويئي هئي.” جڏهن اها حقيقت آهي ته مون کي اهڙين حالتن جي ضرورت هئي. جن ۾ ويهي آئون لکان پر سڄي ڪيريبئن جو دورو ڪيم. جيئن جيئن هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيت تائين گهمندو رهيس ته مون کي اها خبر پيئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آهن، جيڪي ناول ۾ مون کان گسي ويون آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ تو پنهنجين اڪثر لکڻين ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل سگهارين قوتن کي اڪيلو بڻائي پيش ڪيو آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ توکي جيترو وڌيڪ پاور ملندو ويندو، اوترو وڌيڪ منجهندو ويندين ته ڪير توسان سچ ٿو ڳالهائي، ڪير ڪوڙ ٿو ڳالهائيءَ جڏهن توکي حڪمرانيءَ جي مڪمل سگهه ملي ويندي، تڏهن تنهنجو حقيقت سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رهندو ۽ تون اڪيلو رهجي ويندين ۽ اها اڪلائي خراب ۾ خراب شيءَ آهي، ڊڪٽيٽر جي چوڌاري اهڙا  ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، جن جون پنهنجيون غرضون هونديون آهن، انهن ماڻهن جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته ڊڪٽيٽر کي حقيقتن کان پري ڪري اڪيلو بڻائي ڇڏجي.

انٽرويو وٺندڙ: ليکڪ جي به اڪيلائي ٿيندي آهي. ڇا اِها اڪيلائي ڊڪٽيٽر جي اڪيلائي کان الڳ آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ اڪيلائي جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هوندو آهي، ۾ پر ليکڪ جي اڪيلائي وري کيس حقيقتن کان ائين پري ڪندي آهي ته هو حقيقت چٽڻ وقت، حقيقت جي شڪل ڦٽائي وجهندو آهي، پوءِ اهو ليکڪ پنهنجي هٿ جون گهڙيل ڳالهيون ماڻهن جي مٿي ۾ ٺوڪيندو آهي ۽ پاڻ ٽپ ڏيئي جبل جي چوٽيءَ تي ويهي رهندو آهي. انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ صحافت تمام ذميوار پهريدار آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو آئون صحافت جو به ڪم ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته صحافت مون کي اصلي دنيا جي ويجهو رکندي آهي، خاص ڪري سياسي صحافت ۽ خود سياست به. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ کان پوءِ مون کي جيڪو اڪيلائي جو احساس ٿيو، اها اڪيلائي ليکڪ جي نه هئي، پر شهرت جي اڪيلائي هئي. شهرت ۽  حاڪميت جون اڪيلائيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون.  منهنجن دوستن مون کي شهرت جي اڪيلائي کان بچائي ورتو. پنهنجا يار جتي ڪٿي جڏهن ڪڏهن گهڻي ئي آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڪيئن بچايائون؟

گارشيا ماڪئز؛ڇاڪاڻ ته مون پراڻن يارن کي ڌار نه ڪيو، منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته آئون پنهنجن يارن کان ڪٽجي نه ويو آهيان ۽ اهي ئي يار آهن، جيڪي مون کي واپس زمين تي لاهيو وجهن، اهي يار ايڏا ڪي مشهور ماڻهو ناهن، عام ماڻهو آهن ۽ سندس پير ڌرتيءَ تي کتل آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪندو آهين؟ تنهنجو جيڪو ڪتاب آهي ’حاڪم جي سرءُ‘ اهيءَ ۾ اهو تصور ٿو اچي ته ڍڳيون محل ۾ بيٺيون آهن، ڇا اهو اصلي تصور آهي؟

گارشا ماڪئز: مون وٽ فوٽو گرافيءَ جو هڪ ڪتاب پيل آهي، اهو توکي ڏيکاريندس، مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته منهنجي ڪتابن جا جيڪي به جُزا آهن، انهن ۾ تصور  ته هوندو ئي هوندو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ پهريون تصور اهو ئي هو ته عاليشان محل ۾ هڪ تمام پوڙهو ماڻهو ويٺو آهي ته اتي ڍڳيون اچن ٿيون ۽ پردا کائڻ لڳن ٿيون، پر اهڙو ڪو تصور منهنجي ذهن ۾ ايستائين نه ايندو آهي، جيستائين ڪو اهڙو فوٽو گرافر ڏسان، روم شهر ويس ته اُتي ڪتاب جي دڪانن ۾ گهڙي ويس ۽ فوٽو گرافيءَ جا جام ڪتاب ورتم، فوٽو گرافيءَ ڪتابن گڏ ڪرڻ جون مون کي خفت آهي، سو اُتان ئي ورتل هڪ ڪتاب ۾ اهڙو ساڳيو فوٽو گراف ڏٺم سي ڏسڻ کان پوءِ تصور جي شروعات ٿي ويئي، آئون ڪو ايڏو وڏو دانشور ناهيان. آئون ته روزانه زندگيءَ جي عام شين ۽ ڳالهين مان علم اخذ ڪندو آهيان. وڏا وڏا شاهڪار پڙهي انهن مان ته پرائيندو آهيان.

 انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجن ناولن ۾ ڪهاڻي هلندي هلندي اوچتو بي خبريءَ ۾ موڙ کائيندي آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ پهرئين پهرئين ائين ٿيندو هو. بيخبريءَ ۾ ڪهاڻي موڙ کائي ويندي هئي، منهنجين شروعاتي ڪهاڻين ۾ پهرئين ته ڪهاڻي ته مرڪزي خيال تي هلندي هئي ۽ پوءِ اوچتو موڙ کائي ويندي هئي. شروع شروع ۾ مون کي اها سٺي صلاح ڏني ويئ ته لکڻ جو اهو طريقو ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آئون نوجوان هئس ۽ اتساهه جو ماريل هوس، پر مون کي اها به صلاح ڏني ويئي ته مون کي ٽيڪنڪ سکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي اتساهه جي جڳهه ٽيڪنڪ والاريندي. جيڪڏهن آئون اهي صلاحون نه مڃيان ها ته اڳتي هلي تڪليف ۾ اچان ها ۽ اڳواڻ ناول يا ڪهاڻيءَ جي آئوٽ لائين ٺاهي سگهان ٿو. گهاڙيٽو خالص ٽيڪنيڪل مسئلو آهي، جيڪڏهن اوهان شروع ۾ اهو نه سکيا ته پوءِ ڪڏهن به سکي نه سگندئو.

انٽرويو وٺندڙ؛ تو لاءِ لکڻ ۾ ڊسيپلين ضروري آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ آئون نٿو سمجهان ته بنا غير معمولي ڊسيپلين جي ڪو ئي سٺو لکي سگهندو.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڪجهه ليکڪ ڪجهه اُڀاريندڙ نشا پتا ڪري لکندا آهن، اوهان جو ڇا خيال آهي؟

گارشيا ماڪئز؛مون کي ته هيمنگوي جي لکيل هڪ ڳالهه ڏاڍي وڻي ته، ”مون لاءِ لکڻ جو ڪم باڪسنگ وانگيا آهي.” هيمنگوي پنهنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکندو هو، وليم فاڪنر شراب جي نشي ۾ ٽٻ رهندو هو، پر هن هر انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو جڏهن به نشيءَ ۾ رهيو آهي ته به لکي نه سگهيو آهي. هيمنگوي به ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪي واهيات پڙهندڙ آهن، اهي مون کان پڇندا آهن ته، ”تو جيڪي ڪجهه لکيو آهي، نشو وٺي پوءِ لکيو آهي؟” سندن انهيءَ سوال مان پڌرو آهي ته کين نه ادب جي ڪا خبر آهي نه ئي وري نشي جي، سٺو ليکڪ هئڻ لاءِ صحت جو سٺو هئڻ ضروري آهي. آئون لکڻ جي انهيءَ رومانوي تصور جي خلاف آهيان ته لکڻ قرباني ڏيڻ وانگيان آهي ۽ بک ۽ خراب جذباتي حالتن ۾ ماڻهو سٺو لکي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ لکڻ لاءِ جسماني توڙي نفسياتي صحت درست هجي. تخليق سٺيءَ صحت مان جنم وٺندي آهي، منهنجي اها ڳالهه آمريڪا جي ‘گم نسل‘ چڱيءَ طرح سمڌي آهي. اهي ماڻهو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ بلئس سئنڊرارس چوي ٿو ته ٻئي ڪم جي مقابلي ۾ لکڻ سولو ۽ لئه واري ڪم آهي ۽ ليکڪ پنهنجيون تڪليفون وڌائي بيان ڪندا آهن، ڄڻ ڪا سندن ماءُ مئل هجي، انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ تنهنجو خيال ڇا آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ آئون سمجهان ٿو ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر ٻيو ڪم به ڏکيو آهي. باقي لکڻ ۾ لئه وري ڪهڙي آهي، ماڻهو پنهنجيءَ تسڪين لاءِ لکي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ آئون نه پنهنجو پاڻ کي ۽ نه  ئي وري ٻين کي معاف ڪرڻ وارو آهيان، ڇاڪاڻ ته غلطي معافي جوڳي ناهي. باقي جيستائين لئه ڪرڻ جو تعلق آهي ته جيڪو به ڪم هجي ته اُهو سٺو ڪجي ۽ پوءِ پنهنجي سٺي ڪم تي ڀلي ماڻهو لئه ڪري. باقي اها ڳالهه صحيح آهي ته ليکڪ هرو ڀرو پنهنجو پاڻ کي سماج جو ٺيڪيدار ۽ دنيا جو مرڪز سمجهندا آهن، ته دنيا ڦري  ئي سندن چوڌاري ٿي. آئون ته انهيءَ ڳالهه جو حامي آهيان ته مون کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ٿيندي آهي ته پائليٽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ليکڪ کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛اڄڪلهه ڪهڙي وقت تون لکندو آهين؟ تو وٽ ڪم جو شيڊول هوندو آهي؟

گارشيا ماڪئز؛ جڏهن کان آئون پروفيشنل ليکڪ بڻيو آهيان، تڏهن کان وٺي منهنجو وڏو مسئلو شيڊول آهي. صحافت ۾ ته رات جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. آئون  جڏهن کان فُل ٽائيم ليکڪ ٿيو آهيان، تڏهن منهنجي عمر چاليهه سال هئي. منهنجو شيڊول  ائين آهي ته آئون صبح جو نوين وڳي کان لکڻ ويهندو آهيان ۽ ٻين ٽين وڳي تائين پيو لکندو آهيان.  ايستائين منهنجا پٽ، اسڪول مان موٽي ايندا آهن. جڏهن مون گهڻي محنت ڪئي ته مون کي جرم جو احساس ٿيو ته آئون رڳو صبح جو ڪم ٿو ڪريان. انهيءَ ڪري مون شام جو به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن شام جو ڪم  ڪرڻ شروع ڪيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو وري ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ڪري فيصلو ڪيم ته صبح جو نوين وڳي کان اڍائي وڳي تائين ڪم ڪرڻو آهي ۽ بس، شام جو ملاقاتن، انٽرويوئن ۽ ٻين ڳالهين جو وقت رٿيل هوندو آهي. منهنجو ٻيو مسئلو اهو آهي ته آئون اهڙن هنڌن تي ويهي لکي سگهندو آهيان، جن تي اڳ ۾ ئي آئون هريل هوندو آهيان. آئون هوٽلن يا مسواڙ تي ورتل جڳهين ۾ يا مسواڙ ورتل ٽائيپ رائيٽر تي ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آئون جڏهن سفر ۾ هوندو آهيان ته ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آسپاس جو اوپريون حالتون ڪم کي ته گهٽائينديون آهن، جهڙو به هجي چون ٿا ته، آسپاس جو ماحول جهڙو به هجي اُتساهه ته ملندو آهي. اُتساهه جو لفظ کي رومانويت پسندن ڏاڍو استعمال ڪيو آهي. منهنجا مارڪسٽ دوست انهيءَ لفظ کان گهڻي ئي ڪن هڻندا آهن، جيڪي ڪجهه به هجي، انهيءَ لفظ کي ڪجهه به چئو، پر منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو آهي ته ليکڪ جي دماغ جي ڪا اهڙي حالت ضرور هوندي آهي، جڏهن هو وڏي سولائيءَ سان لکي سگهندو آهي ۽ قلم وهندو ويندو اٿس. اهڙي دماغي ڪيفيت ۾ ٻيون ڳالهيون وسري وينديون اٿس. ايستائين جو پنهنجو گهر به وساري وهندو آهي، جتي ماڻهو ويهي لکندو آهي. اهڙو پل ۽ اهڙي دماغي ڪيفيت تڏهن ايندا آهن، جڏهن لکڻ وارو مناسب موضوع ۽ انهيءَ موضوع کي لکڻ جي طرز ڳولي وٺندو آهي، اها ڳالهه ليکڪ لاءِ خوشيءَ جهڙي هوندي آهي ته هو ٻيا اڻ وڻندڙ ڪم ڇڏي ڏي ۽ لکڻ ويهي رهي. جنهن ڪم تي دل نه چوي اهو ڪم ڇو ڪجي.

لکڻ ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو پهريون پئراگراف هوندو آهي. آئون ته مهينن جا مهينا پهرئين پئراگراف لکڻ لڳائي ڇڏيندو آهيان. جڏهن پهريون پئراگراف منهنجي قبضي ۾ اچي ويندو آهي، ته رهيل ڪم وڏيءَ سولائي سان ڪري ويندو آهيان. پهرئين پئراگراف ۾ ڪتاب لکڻ ۾ درپيش ايندڙ مسئلا حل ٿي ويندا آهن.  موضوع پڌرو هوندو، اسٽائيل ملي ويندو ۽ لهجو درست بڻجي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي معاملي ۾ ته پهريون پئراگراف سڄي ڪتاب جو نمونو بڻجي ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪهاڻين جو ڪتاب لکڻ ناول جي ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. جڏهن به ڪتاب جي نئين ڪهاڻي لکڻ ويهندين ته هر ڀيري توکي ساڳين مرحلن سان لنگهڻو پوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org