مهاڳ
پنهنجي پنهنجي عادت ٿيندي آهي. هڪ ليکڪ هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجون
به ڪجهه عادتون آهن. هڪ ته جيستائين ڪجهه صفحا نه
لکان، تيستائين سُک نه ايندو اٿم. لکڻ جي اِنهيءَ
عادت جي ڪري عادي ليکڪ وٽ جڏهن پنهنجي طرفان ڪجهه
چوڻ لاءِ نه بچندو آهي ته پوءِ اهو ٻين جون لکڻيون
ترجمو ڪندو رهندو آهي.مون سان به ڪجهه ائين ئي
آهي، ٻيو ته منهنجي دل چوندي آهي ته آئون جيڪي
ڪجهه پڙهان اهو ٻين سان به شيئر ڪيان. اهو ائين
آهي جيئن ڪو مهمان نواز ماڻهو جيستائين ماني ٻئي
ڪنهن ماڻهو سان شيئر نه ڪندو ته کيس ماني کائڻ ۾
مزو نه ايندو. ٽيون ته اسان وٽ سنڌيءَ ٻولي جي ادب
۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اڃا بحث طلب آهن.هونئن به
علم جو ڪجهه ڇيهه نه هوندو آهي.
اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي مون هي انٽرويو هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪري پڙهڻ
واري اڳيان رکيا آهن.
هنن انٽريوئن ۾ مون اهو خيال رکيو آهي ته ڌار ڌار نظريا رکندڙ
ليکڪن جا انٽرويو گڏ ڪيا اٿم. هي انٽرويو گڏ ڪندي
مون پنهنجي نظريي يا نڪته نگاهه کي اڳيان نه رکيو
آهي ۽ پنهنجا خيال ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي
اٿم. اهو پڙهندڙ تي ڇڏيو اٿم ته هو ڪهڙين ڳالهين
کي قبول ٿو ڪري ۽ ڪهڙي ڳالهين کي رد ٿو ڪري. ائين
ڪري مون پڙهندڙن جي فڪري آزادي جو احترام ڪيو آهي.
هي ڪتاب هڪ قسم جي انفرميشن آهي.
هيءٌ ڪتاب پهرئين ته غير ملڪي ٻولين جي ليڪکن جي انٽرويوئن تي
ٻڌل هو. پر پوءِ خيال آيم ته ڇو نه ديسي ليڪکن کي
به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي. انهيءَ خيال کان ٻه
انٽرويو اردوءَ تان ترجمو ڪرڻا پئجي ويا ۽ ٻه
انٽرويو سنڌي ٻولي جا شامل ڪرڻا پئجي ويا.
هن انٽرويوئن مان باقي انٽرويو ته
,Writers at Work.
تان کنيل آهي. جڏهن ته وليم بورو جو انٽرويو
,Conversations with American Writers.
تان ۽ مايا ائنجليو جو انٽرويو انٽرنيٽ تان هٿ ڪيو
ويو. ميلان ڪنديرا جو سٺو انٽرويو ته
,Writers at Work.
جي اٺين جلد ۾ موجود آهي،پر جيئن ته انهيءَ جلد
کي پاڪستان ۾ اچڻ نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري لاچار
ٿي سندس انٽرويو ”آج” رسالي تان اردوءَ مان ترجمو
ڪرڻو پئجي ويو. اردوءَ جي عظيم ليکڪا قرته العين
حيدر جو انٽرويو رسالي ”قومي زبان” ۽ فيض احمد فيض
جو انٽرويو ڪتاب ”يه صورت گر کچهه خوابون ڪي” تان
ترجمو ڪيو ويو آهي. اهڙي ساڳي طرح شيخ اياز جو
انٽرويو مظفر چانڊئي جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪرندڙ رسالي
”پروڙـ تان کنيو ويو آهي.
بهرحال آخري فيصلو پڙهندڙ جي هٿ ۾ آهي ته اهو هن ڪتاب کي ڪيئن
ٿو قبول ڪري.
آخر ۾ آئون امين ابڙو، امداد حسيني، سحر امداد، ولي رام ولڀ،
طارق عالم ابڙو، رضيه طارق ابڙو، اسلم عزيز، ساجد
ميمڻ ۽ علي نواز گهانگهرو جو ٿورائتو آهيان، جن هن
ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي.
عبدالقادر جوڻيجو
23 مارچ 1998ع
پئبلو نيروُدا تاريخ 12 جولاءِ 1904ع تي ڏکڻ چليءَ ۾ ڄائو. جڏهن
جوان ٿيو ته چلي سرڪار سندس ذهانت ۽ علم کي نظر ۾
رکندي، کيس سفارتي نمائندو (ڪائونسلر) مقرر ڪيو ۽
هو اسپين کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفارتي
نمائندو ٿي رهيو. 1945ع جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ
پارٽيءَ جو سينيٽر تي چونڊاڻو. 1947ع ۾ واپس وطن
موٽي آيو. 1970ع جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ
طرفان صدارتي اُميدوار بڻيو، پر پنهنجي دوست
اُلندي جي حق ۾ هٿ کنيائين.
سندس پهريون نظم 15 ورهين جي ڄمار ۾ ڇپيو. ان بعد سندس ڪيترائي
ڪتاب ڇپيا. جن مان سندس شاعريءَ جو مجموعو
“Twenty love poems and song of despair”
تمام گهڻو مقبول ٿيو. اهو مجموعو 1924ع ۾ شايع ٿيو
۽ ان جون چوويهه لک ڪاپيون وڪاڻيون. سندس شاعري
تڏهن چوٽ تي پهتي، جڏهن سندس شاهڪار مجموعو
`General Song` 1950ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ مجموعي تي کيس ڪيترائي اعزاز مليا.
1971ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪيائين. 23 سيپٽمبر 1973ع
تي 69 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. هي انٽرويو
1971ع جي سياري جي مند ۾ ورتو ويو.
پئبلو نيرُودا
انٽرويو
انٽرويو وٺندڙ؛ پنهنجو اصلي نالو بدلائي ”پئبلو نيرودا“ سڏائڻ
جو ڪارڻ؟
پئبلو نيرودا: آئون تيرهن يا چوڏهن سالن جو هوس جو مون ليکڪ
بڻجڻ چاهيو. بابي کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. سندس
خيال هو ته منهنجو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته آئون ليکڪ
نه بڻجان. جيڪڏهن ليکڪ بڻبس ته نه رڳو منهنجي
تباهي ٿيندي، پر گهر به ڦٽندو ۽ سڄي حياتي، ائين
ئي بي ڪمي گذري وينديم. بابي جي انهيءَ سوچ جا
ڪجهه گهرو ڪارڻ هئا، پر مون تي سندس ڳالهين ڪو به
اثر ڪو نه ڪيو ۽ آئون ليکڪ بڻجي ويس. البت ايترو
سو ڪيم جو بابي جي ڊپ کان اصلي نالي جي بدران
هٿرادو نالي ’پئبلو نيرُودا‘ سان لکڻ شروع ڪيم.
انٽرويو وٺندڙ؛ نيرودا نالي هڪ چيڪ شاعر پڻ ٿي گذريو آهي. اوهان
ڪٿي کانئس متاثر ٿي ته پنهنجو نالو ’نيرودا‘ ته نه
رکايو!
پئبلو نيرودا؛ سندس شاعري، مون نه پڙهي آهي، البت ڪهاڻيون
پڙهيون اٿامنس. سندس ڪتاب
Stories from Mala Strana
پڙهيو اٿم. اهو ڪتاب پراگ جي هڪڙي پاڙي جي چڱن
مڙسن جي باري ۾ لکيل آهي. ممڪن آهي ته کانئس ئي
متاثر ٿي پاڻ تي نيرودا نالو رکايو هجيم، پر چڱيءَ
طرح ياد ڪو نه اٿم ته ڪو واقعي اهو ڪارڻ هو.
بهرحال چيڪ قوم جا ماڻهو مون کي پنهنجو سمجهندا
آهن. هو اهو ئي سمجهندا آهن ته آئون ڪو ڌاريو نه
پر سندن ئي قوم مان آهيان. چيڪن سان منهنجا ڏاڍا
گهاٽا ۽ سُٺا لاڳاپا آهن.
انٽرويو وٺندڙ؛ چليءَ جو صدر چونڊجي وڃڻ کانپوءِ به لکڻ جي
سلسلو جاري رهندو؟
پئبلو نيرودا؛ لکڻ مون لاءِ ائين آهي جيئن ساهه کڻڻ، جيئن آئون
ساهه کڻڻ بنا جيئرو نه رهي سگهندس ائين آئون لکڻ
بنا به جيئرو رهي نه سگهندس.
انٽرويو وٺندڙ؛ اهڙا شاعر سُجهنو جن شاعريءَ سان گڏوگڏ وڏا
سياسي عهدا ماڻڻ چاهيا هجن، عهدا ماڻڻ ۾ ڪامياب
ٿيا هُجن؟
پئبلو نيرودا؛ هي دور حڪمران شاعرن جو دور آهي. مائوزي تنگ ۽
هوچي منهه جا مثال سامهون آهن. مائوزي تنگ ۾ ته
شاعريءَ ۽ حڪمرانيءَ کانسواءِ ٻيون به خوبيون آهن.
مثلن: هو وڏو تارُو آهي. پر مون کي ترڻ صفا ڪو نه
اچي. ليو پولڊ سنگهور شاعر هئڻ سان گڏ سينيگال جو
صدر پڻ آهي. سر ريئلسٽ شاعر ايمي سيزائر به ميئر
جي عهدي تي فائز آهي. خود اسان جي پنهنجي ملڪ ۾
شاعرن جو سياست ۾ وڏو عمل دخل رهيو آهي. اها ٻي
ڳالهه آهي ته انهن مان ڪو صدر بڻجي نه سگهيو آهي.
رومو گاليگوس به ته وينزو ويلا جو صدر رهي چُڪو
آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان جي صدارتي چونڊن واري مهم ڪيئن هلي رهي
آهي؟
پئبلو نيرودا؛ سڄيءَ مهم جي پڪي رٿا ٿيل آهي. جلسي شروع ٿيڻ وقت
پهرين لوڪ گيت ڳايا ويندا آهن ان بعد ڪو ذميوار
ماڻهو اسٽيج تي اچي خالص سياسي ۽ اقتصادي مسئلن تي
ڳالهائيندو آهي، جيڪي گهڻو ڪري شاعراڻا ۽ آزاد
هوندا آهن. آئون آزاديءَ سان ڳالهائيندو آهيان،
منهنجا خيال ايترا منظم نه هوندا آهن. تقرير جيءَ
آخر ۾ پنهنجو ڪلام پڙهندو آهيان. انهن جلسن ۾ آئون
پنهنجو ڪلام نه پڙهان ته ماڻهو مايوس ٿي ويندا
آهن. مڃان ٿو ته ماڻهن کي شاعريءَ کانسواءِ منهنجن
خالص سياسي ويچارن ٻڌڻ جو به شوق هوندو، پر آئون
سياسي ۽ اقتصادي پهلوئن تي ايترو زور ڪو نه ڏيان،
ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي سياست ۽ اقتصاديات کانسواءِ ٻيو
به گهڻو ڪجهه گهرجي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ؛ سياسي جلسن ۾ اوهان جڏهن پنهنجو ڪلام پڙهندا
آهيو ته انهيءَ وقت ماڻهن جو ردعمل ڇا هوندو آهي؟
پئبلو نيرودا؛ ماڻهو مون سان جذباتي حد تائين پيار ڪندا آهن.
ايتريقدر جو ماڻهن جي ڳاهٽ کان بچڻ خاطر مون لاءِ
خاص پهريدارن جو ٽولو مقرر ٿيل آهي. اهي پهريدار
مون کي ماڻهن جي ڳاهٽ مان ڇڪي نه ڪڍن ته ڪر پيسجي
وڃان، جتي وڃان ٿو اُتي اها حالت آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان کي جيڪڏهن چليءَ جي صدارت ۽ نوبل انعام
مان ڪا هڪ شيءِ چونڊڻي پوي ته ڇا چونڊيندو؟
پئبلو نيرودا: اهو ته سوال ئي اجايو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ پر فرض ڪريو ته اوهان جي سامهون ٽيبل تي هڪ طرف
صدارت ۽ ٻئي طرف نوبل انعام رکيا وڃن ته پوءِ؟
پئبلو نيرودا؛ ته پوءِ آئون انهيءَ ٽيبل اڳيان اُٿي ٻيءَ ٽيبل
اڳيان وڃي ويهان.
انٽرويو وٺندڙ؛ سيموئل بيڪٽ کي جيڪو نوبل انعام مليو آهي، اُهو
حق تي مليو آهي؟
پئبلو نيرودا؛ بلڪل حق تي مليو آهي. سندس لکڻيون مختصر پر وڏي
معنيٰ ٿيون رکن. نوبل انعام جنهن کي به مليو آهي،
حق تي مليو آهي. اهو انعام ادب لاءِ وڏو اعزاز
آهي. آئون انهن ماڻهن مان نه آهيان جيڪي خلق ۾
دانهيندا ڦِرندا آهن ته فلاڻي يا فلاڻي کي غلط
انعام مليو آهي. هن انعام جي جيڪا وڏي اهميت آهي،
اُها آهي ته انهيءَ انعام ليکڪ جيءَ ذات کي وڏو
مان ڏنو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ ڪي اهڙيون يادگيريون جيڪي وسريو نه وسرن؟
پئبلو نيرودا؛ مون جيڪي ڏينهن اسپين ۾ شاعرن جي سنگت ۾ گذاريا،
اُهي وساريا نٿا وسرن. ايڏي ڀائپي، ايڏو پيار ۽ هڪ
ٻئي سان ايترو سٻنڌ هتي اسان جي هن ليٽن آمريڪن
دنيا ۾ ڪٿي آهي! جڏهن اسپين ۾ خانه جنگي لڳي ته
منهنجا ڪيترائي شاعر دوست هڪڙو هڪڙو ٿي تباهه ٿي
ويا. اهو وقت ڏاڍو ڏکن ڀريو هو. اها خانه جنگي
فاشسٽ داٻي ۽ ظلم جو بدترين ۽ حقيقي مثال هئي. سڀ
يار پن پن ٿي ويا. لورڪاس ۽ هرنينڊز جهڙا جُنگ
جوان اسپين ۾ ئي ماريا ويا. ڪي ٻيا دوست جلاوطن ٿي
پرديس ۾ گذاري ويا ۽ ڪي اڃا به جلاوطنيءَ ۾ آهن،
منهنجي زندگيءَ جو اهو دور واقعن سان ڀريو پيو
آهي. اهو دور مون لاءِ وڏو جذباتي دور هو، جنهن
منهنجي زندگيءَ جا رُخ بدلائي ڇڏيا.
انٽرويو وٺندڙ؛ هن وقت اسپين ۾ گهڙڻ جي اوهان کي اجازت آهي؟
پئبلو نيرودا؛ اسپين سرڪار طرفان هن وقت مون تي ڪا به پابندي نه
آهي، هڪ ڀيرو اُتي جي چليءَ جي سفارتخاني طرفان
ڪلام پڙهڻ جي دعوت ملي چڪي اٿم. ممڪن آهي ته اسپين
وارا ڪلام پڙهڻ کان به مون کي نه روڪين، پر آئون
اسپين وڃڻ نٿو گهُران. ڇاڪاڻ ته اتي ويس ته پوءِ
اسپين وارن کي پنهنجي جمهوريت جو دُهل وڄائڻ جو
موقعو ملي ويندو ته ”ڏسو اسان وٽ ايتري جمهوريت
آهي، جو جيڪي اسان سان وڙهيا انهن کي به ملڪ اندر
ڪلام پڙهڻ جي اجازت آهي.“ ڪيترن ئي ملڪن ۾
منهنجيءَ داخلا تي پابندي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن
۾ آئون پاڻ ڪو نه وڃان. اڳي پابنديءَ تي مون کي
باهيون وٺي وينديون هيون، پر هاڻي انهيءَ ڳالهه کي
ليکيان ئي ڪو نه.
انٽرويو وٺندڙ؛ توهان پنهنجي هڪري نظم ۾ لورڪا جي دکدائڪ موت جي
پيشنگوئي ڪئي هئي، جيڪا اڳتي هلي سچي ثابت ٿي. اهو
ڇا آهي؟
پئبلو نيرودا: ها! اها عجيب حقيقت آهي. لورڪا ايڏو ته خوش باش
ماڻهو هو، ايڏو ته کلڻو کڙڪڻو ماڻهو هو، جو سندس
مثال ئي ملڻ مشڪل آهي. وڏو اوتار قسم جو ماڻهو هو.
سندس زندگيءَ کي ڪامياب زندگي ته نٿو چئي سگهجي،
پر جندڙيءَ سان ڏاڍو پيار هوس. هن پنهنجي جيون جي
پل پل جو رَسُ چوسي خوش گذاريو. اهڙي ماڻهوءَ کي
بي ڪفنون ڪري مارڻ فاشزم جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.
جيڪو يا عمر بخشي نٿو سگهجي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان پنهنجي اڪثر نظمن ۾ لورڪا سان گڏوگڏ هر
نينڊز کي به ڏاڍو ڳايو وڄايو آهي نه؟
پئبلو نيرودا؛ هرنينڊز مون کي پنهنجي پٽ وانگيان هو. هو منهنجو
پوئلڳ هو ۽ رهندو ئي منهنجي گهر ۾ هو. کيس جيل
موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته سرڪار لورڪاس جي موت جو جيڪو
افسانو گهڙيو هو، هُن اهو افسانو مڃڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو. فاشسٽ سرڪار لورڪا جي موت جو جيڪو ڪارڻ
ٻڌايو هو، اُهو جيڪڏهن سچو هو ته پوءِ هرنينڊز کي
جيل ۾ ڇو رکيائون ۽ هتان چليءَ جي حڪومت اسپين جي
حڪومت کي استدعا ڪئي هئي ته هرنينڊز کي اسپتال ۾
رکيو وڃي، پر اسپين سرڪار اها گذارش رد ڪري ڇڏي.
آخر اها گذارش ڇو رد ڪيائون ۽ انهيءَ جو مطلب ته
هرنينڊز جو موت به قتل ئي هو.
انٽرويو وٺندڙ؛ انڊيا جون ڪجهه يادگيريون؟
پئبلو نيرودا؛ انڊيا وڃي مون کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو
جن لاءِ آئون ذهني طور تي تيار ئي نه هوس.، انهيءَ
اوپري کنڊ جي وايو منڊل مون کي ٻوڙي وڌو. اڄ به
جڏهن اهو وقت ياد ڪندو آهيان ته مايوسي ويڙهي
ويندي اٿم. ڇاڪاڻ جو اُتي جيڪو وقت گذاريم اُهو
تنهائيءَ جو هڪڙو ڊگهو وقت هو. ڪڏهن ڪڏهن محسوس
ٿيندو هوم ته آئون ڪا اهڙي شاندار رنگين فلم ڏسي
رهيو آهيان جنهن جو ڪو ڇيهه اچڻو ئي نه آهي ۽ نه
ئي وري اڌ فلم مان اُٿڻ جي اجازت اٿم. ڏکڻ آمريڪا
مان يا ٻين ٻاهرين ملڪن مان جيڪي ماڻهو انڊيا
ويندا آهن، انهن جو گهڻو تڻو مقصد روحاني تجربن
مان گذرڻ هوندو آهي. اهي ماڻهو اتي وڃي روحاني راز
ڳوليندا آهن ۽ مذهبي سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ ويندا
آهن ته من ڪو نئين رنگ ڍنگ ۾ ڇوٽڪارو ملين. انهن
ماڻهن جي ابتڙ مون کي وري اُتي جي سماجي حالتن پاڻ
ڏانهن ڇڪيو. انڊين هڪ مايوس، بي هٿيار ۽ بي سهارا
قوم آهي، جنهن جي وات تي بيٺڪيت جا اياڻ لغام
چڙهيل آهن. انگريزي ثقافت لاءِ منهنجيءَ دل ۾ عزت
هُئي پر انڊيا ۾ انهيءَ ثقافت جيڪو رنگ ڏيکاريو
آهي ۽ هندستانين سان جيڪا آحالت ڪئي، اُها ڏسي
منهنجيءَ دل ۾ انگريز ثقافت لاءِ نفرت پيداد ٿي
ويئي. اتي جيتوڻيڪ آئون سفارتي پوسٽ تي هوس پر
تڏهن به مون اتي جي باغي نوجوانن سان تعلقصات قائم
ڪري ڇڏيا ۽ ڪيترن ئي انقلابين کي سڃاڻڻ لڳس. اهي
انقلاب ئي هئا جن اڳتي هلي وڏي تحريڪ هلائي پنهنجو
ملڪ آزاد ڪرايو.
انٽرويو وٺندڙ توهان جيڪو نظم
Residence on Earth
لکيو، انهيءَ جو پس منظر شايد هندستان ئي آهي؟
پئبلو نيرودا؛ جي ها. جيتوڻيڪ ادبي سطح تي هندستان مون تي ايڏو
اثر ڪو نه ڇڏيو، تڏهن به اهو نظم لکيم.
انٽرويو وٺندڙ؛ توهان ارجنٽائين ۾ هيڪٽر اياندي ڏانهن جيڪي دل
کي جهٻيون ڏيندڙ خط لکيا، اُهي هندستان مان ئي
لکيا هئا؟
پئبلو نيرودا؛ جي ها. اهي خط منهنجي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن
ٿا، ڇاڪاڻ ته آئون جڏهن انڊيا ۾ تنهائيءَ جا جيڪي
ڊگها ڏينهن گذاري رهيو هوس، انهن ڏينهن ۾ اياندي
،مونکي خط پٽ لکي لئٽن آمريڪا جا حال احوال ڏيندو
هو، رسالا ۽ ڪتاب موڪليندو هو. جيتوڻيڪ مون سان ڪا
ذاتي واقفيت به ڪانه هئس، انهيءَ زماني ۾ مون کي
دل ۾ اهو خوف اچي ويٺو ته ملڪ کان سالن جا پري رهڻ
ڪري متان پنهنجي ٻولي وساري نه ويهان، سالن جا سال
ڪو اسپيني ٻولي ڳالهائڻ وارو نه ملندو هو. هڪڙي خط
۾ ته اياندي کي اهو به لکيم ته مون کي اسپيني
زبان جي ڊڪشنري موڪلي ڏي. تنهن کان سواءِ اتي جيڪا
منهنجي نوڪري هئي اها گهٽ پگهار واري هئي. جنهن
مان منهنجي پورت ڪانه ٿيندي هئي. جو هفتن جا هفتا
ماڻهن جو منهن ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو هوم.
انٽرويو وٺندڙ: اتي اوهان جي جوزي بلس سان به ته عشق هليو هو
اوهان پنهنجن ڪيترن ئي شعرن ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي؟
پئبلو نرودا؛جي ها، جوزي بلس منهنجيءَ شاعريءَ تي اڻ مٽ چٽ ڇڏيا
آهن، آئون کيس سدائين ياد ڪندو رهندو آهيان،
پنهنجن تازن ڪتابن ۾ به کيس ياد ڪيو اٿم.
انٽرويو وٺندڙ ؛ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان جي شاعريءَ ۽
اوهان جي ذاتي زندگيءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ آهي؟
پئبلو نيرودا؛ اها ته قدرتي ڳالهه آهي. شاعر جي شاعريءَ تي شاعر
جي ذات جا پاڇا ته پوڻا ئي آهن. اهو ته شاعري جو
توڙي زندگي جو قاعدو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛توهان جون لکڻيون عمر جي لحاظ کان مختلف مرحلن ۾
ورهائي سگهجن ٿيون نه؟
پئبلو نيرودا؛ خبر ناهي شايد مرحليوار ورهائي به سگهجي. اهو ڪم
منهنجي بدران ڪو نقاد ئي بهتر ڪري سگهي ٿو. ها،
جيڪڏهن مون کي ئي اهي مرحلا بيان ڪرڻا پون ته اهي
شايد هن طرح ٿين ته منهنجي جنهن ڪلام ۾ ٻاراڻا
خيال هجن اهي ٻاروتڻ ۾ لکيا هجنم. جنهن ڪلام ۾
ڳڀرو پڻو هجي اهو جواني ۾ لکيو هجيم. جنهن ڪلام ۾
مايوسي هجي اهو ڪلام تڏهن لکيو هجيم، جڏهن ڏکن
ڏوجهرن مان گذريو هجان. جنهن ڪلام ۾ ويڙهاند هجي
اهو سياسي جدوجهد دوران لکيون هجيم. پر منهنجي
موجوده ڪلام ۾ به اهي سڀ لاڙا موجود آهن، مون کي
سدائين منهنجي اندر جو ماڻهو لکائيندو آهي، منهنجو
خيال آهي ته سڀني ليکڪن کان سندن اندر جو ماڻهو
لکائيندو. آهي، تنهن ۾ شاعري ته صفا داخلي هوندي
آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان کي هڪ ڀيرو هلندي ڪار ۾ لکندي ڏٺم.
پئبلو نيرودا؛ جتي به جڏهن به وجهه ملندو اٿم ته لکندو آهيان.
آئون ته سدائين لکندو رهندو آهيان.
انٽرويو ويندڙ؛ توهان پنهنجو ڪلام هر وقت پنهنجي هٿ اکرن ۾
لکندا آهيو يا ڪڏهن ڪڏهن، ٽائيپ رائيٽر به استعمال
ڪندا آهيو؟
پئبلو نيرودا؛ هڪ ڀيري هڪ حادثي ۾ هٿ ڦٽائي ويٺس ۽ ڪيترائي
مهينا ٽائيپ رائيٽر جو استعمال ڪيم پر اهو مزو نه
آيو،ل جيڪو هٿ سان لکڻ ۾ آيو، جيڪا شيءَ هٿ اکرن ۾
لکي سگهجي ٿي اها شِءَ ٽائيپ رائيٽر پيدا ڪري نٿو
سگهي. هٿ سان لکيل ڪلام جو تاثير پيدا ٿئي ٿي، سو
جڏهن ٻيهر هٿ سان لکڻ شروع ڪيم ته لڳم ته پنهنجي
شاعريءَ سان ٻيهر پنهنجائپ پيدا ڪري چڪو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ؛ لکڻ جا ڪي خاص وقت؟
پئبلو نيرودا؛ ڪو خاص وقت مقرر نه ڪيو ڪونه اٿم. هونئن صبح جي
پهر لکڻ وڻندو اٿم، ائين کڻي سمجهه ته هن وقت
جيڪڏن تون هتي منهنجو ۽ پنهنجو وقت خراب نه ڪندو
هجين نه ڪو آئون لکڻ ۾ لڳو پيو هجان ها. ڏينهن جو
آئون ايترو گهڻو ڪونه پڙهان بلڪه ڏينهن جو پڙهڻ
جي بدران لکندو رهندو آهيان. منهنجو اهو لکڻ تڏهن
ٿيندو آهي، جڏهن مون وٽ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو
آهي. اندر جو ٿانءُ ڀريل هوندو يا عرف عام ۾ ائين
کڻي چئه ته جڏهن مون کي لکڻ لاءِ اتساهه ٿيندو
آهي. لکي جڏهن کيس ڪندو آهيان ته انهيءَ کانسواءِ
سڄو سڄو ڏينهن ڊيسڪ تي خالي ويٺي ويٺي به مزو نه
ايندو آ. زندگي جي مامرن کي منهن ڏيڻ، گهر جا ڪم
ڪاريون ڇڏائڻ ۽ قدرت جي رنگن تي ويچارڻ به منهنجا
دلپسند شغلا آهن، انهن ڪم ڪارين جي باوجود جڏهن
به ۽ جتي به لکڻ جي خواهش من ۾ اڀرندي اٿم ته سڀ
ڪجهه نظر انداز ڪري لکڻ ۾ لڳي ويندو آهيان. چوطرف
ڀلي ڪيترائي ماڻهو ويٺا ڳالهيون ڪن، پر جڏهن لکڻ
تي ايندو آهيان ته بنا مُنجهڻ جي لکندو رهندو
آهيان.
انٽريو وٺندڙ؛ توهان جڏهن لکڻ تي ايندا آهيون ته چوڌاري متل
محفل کان صفا ڪٽجي ويندا آهيو؟
پئبلو نيرودا؛ جي ها، البت ائين ٿيندو آهي ته چوڌاري ويٺل ماڻهو
ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو چپ ٿي وڃن ته پوءِ
مُنجهي پوندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ؛ توهان نثر لکڻ تي ايترو ڌيان ڇو نه ڏنو آهي؟
پئبلو نيرودا؛ نثر.....! مون پنهنجي سڄيءَ حياتي ۾ نظم کي وڌيڪ
اهميت ڏني آهي. نثر ذريعي اظهار ڪرڻ جو ايترو شوق
نه اٿم. ها! البت ڪو خاص قسم جو واقعو بيان ڪرڻو
هجيم يا ڪن خاص جذبن جو اظهار ڪرڻو هجيم، جيڪي
سولائيءَ سان نثر ۾ بيان ٿيڻ جهڙا هجن ته پوءِ
آئون بيانيه نثر لکندو آهيان. باقي حقيقت ته اها
آهي ته نثر لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم. ڪڏهن ڪڏهن عارضي طور
تي نثر به لکڻو ٿو پوي.
انٽرويو وٺندڙ؛ سمجهو ته اوهان جي گهر کي باهه لڳي پوي ته ڇا
اوهان ٻين سڀني شين کان اڳ پنهنجي لکڻين کي بچائڻ
جي ڪوشش ڪندا؟
پئبلو نيرودا؛ نه، پنهنجين لکڻين کي بچائي ڇا ڪندس، انهيءَ وقت
منهنجي گهر ۾ ڪا ڇوڪري هجي ته ڪر سڀني کان پهرين
انهيءَ کي بچايان، ٻئي نمبر تي گهر ۾ پيل جاسوسي
ناول بچايان. مون کي منهنجيءَ شاعريءَ کان وڌيڪ
جاسوسي ناول وندرائيندا آهن.
انٽرويو وٺندڙ؛ اهي ڪهڙا نقاد آهن جن اوهان جون لکڻيون بهتر
طريقي سان سمجهيون هجن”
پئبلو نيرودا؛ ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پُڇين، نقادن جون! دنيا ۾ جيڪا
به نفرت موجود آهي، جيڪو به پيار موجود آهي. اها
نفرت ۽ محبت دل ۾ ڌاري منهنجي نقادن لکي لکي
منهنجا ذرا پرزا ڪري ڇڏيا آهن. اوهان پنهنجين
تخليقن يا پنهنجي عملن مان سڀني ماڻهن کي ته خوش
ڪري ئي نٿا سگهو. اها صورتحال ٻئي هنڌ به هوندي،
پر اسان وٽ ته اڻهيڻي موجود آهي. شاعر نصيب ۾ سجھي
زندگي چميون ۽ ٿڦڙون، ڀاڪر ۽ ٿڏا آهن، ئي آهن.
مون کي جيڪي ڳالهيون به تنگ ڪنديون آهي، اهي آهن
شاعريءَ جو غلط مطلب بيان ڪرڻ ۽ زندگي جي واقعن کي
غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ.
مثلا‘ PEN
ڪلب وارن نيويارڪ ۾ اديبن ۽ شاعرن جو وڏو ميڙ
سڏايو، جنهن ۾ مختلف ملڪن مان مختلف نظرين جا
اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا، مون به اتي پنهنجا سماجي
نظم پڙهيا. اهي نطم ڪيوبا ڏانهن منسوب ٿيل هئا ۽
ڪيوبا جي انقلاب جي حمايت ۾ لکيل هئا، پر ٿيو ائين
جو ڪيوبا جي ليکڪن گڏيل صحيحن سان لکن ڪاپين جي
تعداد ۾ منهنجي خلاف بيان ڪڍيو ته منهنجا نظريا
مشڪوڪ آهن ۽ آئون آمريڪا جو ڇاڙتو آهيان. اهي
الزام هڻي هنن مون کي پنهنجي برادريءَ مان خارج
ڪري ڇڏيو. مون تي اهو الزام به هنيو ويو ته آمريڪا
وارن مون کي ورسائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ گهرايو آهي.
الزامن جي ڪابه حد ٿيندي آهي. حالانڪه انهيءَ
ساڳئي ميڙ ۾ سوشلسٽ ملڪن جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر
گڏ ٿيا هئا. خود ڪيوبا جي اديبن اها دعوت قبول ڪئي
هئي. نيويارڪ وڃي اتي ادبي ميڙ ۾ ڪلام پڙهڻ سان ڪو
ماڻهو غدار ۽ سامراجي ٿي پوي ٿو، اها ڳالهه اڄ
تائين مون کي سمجهه ۾ نه آئي. ڪيوبا جي اديبن اهو
بيان يا ته اٻهرائيءَ مان ڪڍيو هو يا ته وري سندن
عقيدي ۾ ڪا کوٽ هئي. هن وقت چليءَ ۾ پارٽيءَ جو
مون کي صدارتي اميدوار بڻايو ويو آهي. ان مان ئي
ظآهر آهي ته آئون انقلابي آهيان. جن ماڻهن انهيءَ
بيان تي صحيحون ڪيون، انهن منهنجي انقلابي ڪم جي
سوين پتيءَ جيترو به ڪم نه ڪيو آهي. آئون انقلاب
لاءِ وڙهيو آهيان، اها سڄي دنيا کي خبر آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي جيڪا مالي حيثيت آهي يا جنهن ٺٺ سان
اوهان زندگي گذاريو ٿا انهيءَ تي به ڪافي تنقيد ٿي
آهي؟
پئبلو نيرودا؛ اهي سڀ ڳالهيون هٿ سان گهڙيءَ پوءِ مشهور ڪيل
آهن، اسان وٽ هتي جيڪو به ماڻهو وڏو ڪم ڪري
ڏيکاريندو آهي ۽ ڪارنامو ڏيکاري حاصل ڪندو آهي،
اسان جا ماڻهو انهي کي ٽنگ مان جهلي هيٺ ڪيرائڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن. اها روايت اسان ماڻهو اسپين مان
کڻي آيا آهيون. ڪولمبس هيڏو سارو ڪارنامو ڪري جڏهن
واپس اسپين پهتو ته موٽ ۾ کيس سنگهرون مليون. اها
عادت اسان پنهنجي وچولي طبقي مان پرائي آهي.
انهيءِ طبقي جو ماڻهو هميشه اهو سوچيندو آهي ته
”فلاڻو جيڪو ڪارنامو ٿيو آهي، اهو فلاڻي ماڻهوءَ
ڇو ڪيو آهي، مون ڇو نه ڪيو آهي !” مون پنهنجي سڄي
حياتي عوام سان گڏ وڙهندي گذاري آهي. منهنجي گهر ۾
ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڌوڙ آهي، اهي ڪتاب به مون
پنهنجين لکڻين جيءَ ڪمائيءَ مان ورتا آهن، ڪنهن جو
استحصال ڪونه ڪيو اٿم، اجايو الزام ٿا مڙهين، هنن
جيڪي مون کي مهڻا ڏنا آهن، اهڙا مهڻا هنن انهن
ليکڪن کي ته ڪڏهن ڪونه ڏنا، جيڪي ڄائي ڄم کان امير
ڪبير آهن، هو اهڙي شاعر تي الزام مڙهي رهيا آهن،
جنهن پورا پنجاهه سال خدمتون ڪري نالو ڪمايو آهي.
اهي ماڻهو سدائين هاءِ گهوڙا ڪندا نظر ايندا ته ”ظلم ته ڏسو
نيرودا ڪهڙي نه ٺٺ سان زندگي گذاري رهيو آهي، سمنڊ
جي ڪناري تي بنگلو اٿس، اتي ويهي سٺو شراب ٿو
پيئي.” وغيره وغيره. ”اڙي بابا چليءَ جو شراب آهي
ئي سٺو ته آئون ڇا ڪريان؟” اهڙين بيوقوفين جي
ڳالهين کي ڪير جهلي، دراصل اسان جو ملڪ اڃا پوئتي
پيل ملڪ آهي، ساڙ، حسد ۽ سطحي ذهنيت جهڙيون
بيماريون اهڙن ملڪن ۾ هونديون ئي هونديون آهن. تو
پاڻ کي ٻڌايو هو ته آمريڪا جي هڪڙي رسالي نامن
ميلر کي ٽن مضمونن جو اجورو 90 هزار ڊالو ڏنو، هتي
ليٽن آمريڪا ۾ جيڪڏهن ڪنهن اديب کي ايترو معاوضو
ملي ته ڪر هتان جا اديب ٽانڊا ٿي وڃن ۽ جيئڻ حرام
ڪري ڇڏين. حالانڪه هئڻ ته ائين کپي ته ٻيا اديب
خوش ٿين ته واهه ليکڪ جي ذات کي ايڏو مان مليو
آهي. بس ائين سمجهه ته هاءِ گهوڙا ڪرڻ جي عادت رڳو
عادت نه آهي، پر اسان جي بدقمستي به آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اوهان ڪميونسٽ پارٽي ۾ آهيو، انهيءَ ڪري اهي
الزام وڌيڪ شدت ٿا رکن، نه؟
پئبلو نيرودا؛ بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي اٿئي، مون هر
وقت خطرو سر تي کنيو آهي، منهنجو سر منهنجو گهرُ،
منهنجا ڪتاب سڀ داءُ تي لڳل آهن، منهنجو گهر ساڙيو
ويو، مون سان جُٺيون ڪيون ويون، مون کي ڪيترائي
ڀيرا جيل ۾ رکيو ويو، مون کي جلاوطن ڪيو ويو.
منهنجي زبان بند ڪئي ويئي، هزارن جي منهن پوليس
منهنجي پويان بڇي ويئي، مون گهڻو ڪجهه سَٺو آهي
جيڪي ڪجهه مون سان ٿيو آهي، اُهو انهيءَ ڪري ٿيو
آهي جو آئون عوام سان ويڙهه ۾ گڏ آهيان. جيڪو گهر
ڏسين پيو اهو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حوالي ٿيل آهي.
اِها ته پارٽيءَ جي مهرباني آهي جو آئون اُتي ٽڪيو
پيو آهيان. انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کي مِهڻا
ڏيڻا آهن، الزام هڻڻا آهن ته پيا هڻن.
انٽرويو وٺندڙ؛ اڳ اوهان جي لئبريري يونيورسٽيءَ جي حوالي سان
ڪئي. هاڻي ٻڌڻ ۾ پيو اچي اوهان ايسلاناگرا جي
علائقي ۾ ليکڪن جي ڪالوني ٺهرائڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي
آهي؟
پئبلونيرودا؛ نه رڳو لئبريري پر انهيءَ کان سواءِ ٻيا به گهڻا
سارا ڪتاب مفت ۾ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيا اٿم.
منهنجي لکيل ڪتابن مان جيڪا مون کي آمدني ٿئي ٿي
منهنجو گذر سفر انهيءَ آمدني تي آهي. انهيءَ
آمدنيءَ مان هيل تائين آئون پاڻ لاءِ ڪجهه به
بچائي نه سگهيو آهيان. هن وقت تائين ٻيو ڪجهه به
نه آهي. سواءِ ڪتابن مان آمدني جي، جيڪا هر مهيني
ٿيندي اٿم. تازو انهيءَ آمدنيءَ مان سمنڊ جي ڪناري
تي زمين جو ٽڪر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته جيئن اڳتي
هلي اديب دوست اونهاري جي مند ۾ اُتي وقت گذارين ۽
خوبصورت ماحول ۾ تخليقي ڪم ڪن. انهيءَ رٿا کي
ڪئنٽئلو فائونڊيشن جو نالو ڏبو ۽ ڪئٿلڪ يونيورسٽي،
يونيورسٽي آف چلي ۽ سوسائٽي آف رائيٽرس جا نمائندا
انهيءَ فائونڊيشن جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيندا. |