ميلان ڪنديرا
(ميلان ڪنديرا سابق چيڪو سلوويڪيا جي شهر برنو ۾ ڄائو. 1947ع ۾
ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ
کيس پارٽي مان ڪڍيو ويو. 1956ع ۾ وري کيس پارٽيءَ
۾ آندو ويو ۽ 1970ع ۾ وري پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو.
هو 1969ع تائين پراگ نيشنل فلم اسڪول ۾ پروفيسر
رهيو ۽ فلمي دنيا
`New Wave` تحريڪ هلائيندڙن مان هڪ هو، جنهن جي نقل ۾ اڳتي هلي انڊين آرٽ
فلمون ٺهيون. 1975ع ۾ هو پنهنجو ملڪ ڇڏي پئرس ۾
وڃي آباد ٿيو ۽ اڃا تائين اتي رهي ٿو.
هونئن ته سندس سڀني لکڻين جي سڄيءَ دنيا ۾ هاڪ آهي. پر هن
پنهنجي تازي ناول
`Immortaility`
۾ مضمون، آکاڻي ۽ آتم ڪٿا کي ملائي ناول جي فن کي
هڪ نئون ۽ ڪامياب رُخ ڏنو آهي. انهيءَ کان اڳ سندس
لکيل ناول
`Life is else where` ناول جي انهيءَ نئين رُخ جي ابتدا آهي. سندس مقبوليت جي
اها حالت آهي جو اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي ڪا به ادبي
محفل سندس ذڪر کان خالي نه هوندي آهي. هي انٽرويو
چيڪو سلوويڪيا ٽٽڻ کان اڳ ۾ ورتو ويو آهي.)
ميلان ڪنديرا
انٽرويو وٺندڙ؛ ايان ميڪ ايون
ايان ميڪ ايوان: پهرئين جلاوطنيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، چيڪو
سلوويڪيا ۾ تنهنجن ڪتابن تي پابندي آهي. تون جيڪي
ڪجهه لکين ٿو، اُهو تنهنجي ملڪ ۾ پڙهجڻ کان اڳ
فرانس وارا پڙهن ٿا. تون پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کان
ٽٽل آهين. ته ڇا اهو وڏو نقصان ناهي؟
ميلان ڪنديرا: هونئن ته هاڻي جن ماڻهن کي مون پنهنجا حياتيءَ جا
چاليهه سال ڏنا آهن، انهن پنهنجي ملڪ ماڻهن کي
وڃائي ويهي رهڻ جو هينئين تي ته ڳوڙهو بيٺو اٿم.
باقي منهنجن ڪتابن تي به پابندي انهن ڏينهن ۾ لڳي
ويئي هئي، جن ڏينهن ۾ روس جي فوجن منهنجي ملڪ تي
قبضو ڪيو. انهيءَ کان اڳ آئون پراگ ۾ رهيس. منهنجو
ڀاڳ ڀلو هو جو انهيءَ وقت کان اڳ ۾ ئي منهنجو ڪتاب
ڇاپڻ جو معاهدو فرانس جي پبلشرن سان ٿي ويو هو.
مون کي اها ته پڪ بيٺي هئي ته منهنجو لکيو ڇپبو.
انهيءَ معاهدي جي ڪري آئون وڏي ڌڪ کان بچي ويس.
پابندي رڳو مون تي نه لڳي هُئي، پر منهنجيءَ
پيڙهيءَ جا جيڪي ٻيا همراهه هئا، جيڪي سنگت ساٿ
وارا هُئا، انهن لاءِ ڪو به پبلشر نه رهيو هو.
فرانس ۽ منهنجي ملڪ جي خلق کي ڇڏي ٻين ملڪن جي خلق
ته مون لاءِ اڻ واقف هُئي. مون لاءِ انڌ ۾ هئي.
اوهان کي جيڪي پڙهڻ وارا آهن، انهن جي پنهنجي گهرج
آهي، پنهنجو ذوق شوق آهي. اُهي لکڻ واري تي اڻ
سڌيءَ طرح دٻاءُ وجهي ٿا ڇڏين. پڙهندڙ لکڻ وارن
لاءِ پريشاني پيدا ڪندا آهن. لکڻ وارو جي هڪ ننڍڙي
مُلڪ ۾ رهندو هجي ۽ اُتي کيس سڀ ڄاڻندا سڃاڻندا
هجن ته پوءِ اهي دٻاءُ ته وجهن ٿا. سو پابنديءَ
لڳڻ کان پوءِ مون جيڪي ڪجهه لکيو، پنهنجي دل وٽان
لکيو ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد محسوس ڪيم. وڏي ڳالهه
ته منهنجون لکڻيون منهنجي ملڪ ۾ شايع نه پئي ٿيون.
انهيءَ ڪري آئون سنسر شپ کان بچي ويس ۽ مون تي
منهنجي ملڪ جي ماڻهن جو به دٻاءُ نه هو.
انٽرويو وٺندڙ: وطن ڇڏڻ جي ڪري تو ائين ته محسوس نه ڪيو ته تون
پاڙئون اُکڙي ويو آهين؟
ميلان ڪنديرا: پاڙئون اکڙڻ مان تنهنجي مراد ڇا آهي؟
انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته وطن ڇڏڻ جو مسئلو تولاءِ ڏکيو هو يا
سولو؟
ميلان ڪنديرا: ڍرائيم ڪيم. 1968ع ۾ جن ماڻهن کي پنهنجي وطن جا
وڻ ڇڏڻا هئا، تن دير ڪا نه ڪئي، هليا ويا. انهيءَ
وقت ڳچ سارن ٻين ماڻهن وانگيان مُلڪ ڇڏڻ نٿي
گهُريم. خاص ڪري منهنجو خيال اهو بيٺو هو ته ڪنهن
به ليکڪ لاءِ ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ ۾ رهڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه
آهي. روسي قبضي کان پوءِ پورا ست سال پنهنجي ملڪ ۾
رهيس. ڏک ته بيٺو هو، پر دل لڳي پيئي هُئي. هڪ
ليکڪ لاءِ انهيءَ تجربي مان گذرڻ ويچار ڀريو ڪم
هو. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته دل ڏکوئجڻ سان
گڏ کيسا خالي رهڻ لڳا. آهستي آهستي ملڪ تان دل کڄي
ويئي ۽ اُتي رهڻ مون لاءِ ٺُپ بند ٿي ويو. منهنجي
نوڪري ختم ٿي ويئي هئي، پگهار بند هو. پنهنجون
لکڻيون ڇپائي نه پيو سگهان. مطلب ته منهنجيءَ
روزيءَ جون سڀ واٽون بند ٿي ويون. ٿورا پئسا بچائي
رکيا هئم، اُهي ڪجهه وقت لاءِ ڪم آيا. منهنجيءَ
زال انگريزي پڙهائڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ سرڪار طرفان
اهڙي اجازت نه هئي، سو اِهو ڪم به کيس لِڪي ڪرڻو
ٿي پيو. مل ڇڏڻ جو خيال مون کي 1973ع ۾ آيو. مون
کي پنهنجي ناول
life is elesewehere
تي جڏهن ميڊيچي انعام مليو ته مون کي ڏاڍي حيرت
ٿي، جو حاڪمن نه رڳو منهنجو ضبط ٿيل پاسپورٽ مون
کي واپس ڏنو پر گڏوگڏ انعام وٺڻ لاءِ پئرس وڃڻ جي
موڪل ڏيئي ڇڏيائون. تڏهن وڃي منهنجا ڪَن وڳا ته
حڪومت ليکڪن کان ملڪ ڇڏائڻ ۾ راضي آهي ته ڀلي اِهي
ٻاهر هليا وڃن. تڏهن وڃي ملڪ ڇڏڻ جي باري ۾ سوچڻ
لڳس. ڪجهه ڏينهن رکي فرانس جي ريني يونيورسٽي ۾
مون ٻه سال پڙهائڻ جي آڇ ڪئي. انهن ڏينهن چيڪو
سلوويڪيا جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون هُيون.
اهڙين حالتن ۾ فرانس وڃڻ ۾ چڱائي هئي. مون کي ڏاڍي
حيرت ٿي ته فرانس ۾ رهي ڪري مون کي مُلڪ جي اُڪير
نه کنيو، جيتوڻيڪ آئون ته سوچيو بيٺو هوس ته پرائي
ملڪ ۾ ڏاڍي اُڪير ٿيندي. آئون هتي خوش آهيان.
انٽرويو وٺندڙ هڪ مغربي ملڪ ۾ رهي ڪري ڇا تون پنهنجو پاڻ کي
سردجنگ جي محاذ تي بيٺل ٿو سمجهين؟ تنهنجي شخصيت ۽
لکڻيون ماڻهن کي سياسي مقصدن لاءِ اُتساهين ٿيون
ڇا؟
ميلان ڪنديرا:؛ چٽي چٽي ڳالهه چوانءِ ته ائين ناهي، جيئن تون
چوين ٿو. مون کي هتي اچڻ ساڻ جيڪا ڳالهه دل سان
لڳي، اُها هئي ته منهنجين لکڻين کي سولي سياسي رنگ
ڍنگ ۾ ڏٺو پيو وڃي. مون کي اها ڳالهه کُٽڪي بيهي
رهي ته کاٻيءَ توڙي ساڄي ڌر جا ماڻهو منهنجي لکڻي
کي سياسي دستاويز سمجهي پڙهن ٿا. اها ڳالهه مون کي
بُڇڙي به لڳي ۽ ڪاوڙ به آيم. آئون ائين نٿو سمجهان
ته انهن ماڻهن جي نيت ۾ ڪو رولو آهي، پر مون کي
اها خبر آهي ته هي جيڪو نئون سماج آهي، انهيءَ ۾
اخباري قسم جي فڪر کي مان ملي ٿو. هتي انهيءَ قسم
جي سوچ جا وڏا ٺٺ آهن. اخباري سوڍ ڏاڍي تِکي آهي.
اها سوچ حقيقي سوچ کي گوڏن هيٺان ڏيو ويٺي آهي ۽
ڏاڍي سڌي سولي آهي. سون مٿان سهاڳو. اهو ته جي ڪو
ليکڪ پراگ يا وارسا مان ڪري هتي اچي ٿو ته کيس
هتان جي سوچ پاڻيهي ئي پاڻ سياسي ليکڪن جي ٽولي ۾
شامل ڪري ٿي ڇڏي. منهنجي لکڻين کي انهن سمجهاڻين
ڏاڍو نقصان ڏنو ۽ مون کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو پئجي
ويو. منهنجو خيال آهي ته آئون پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو آهيان. هاڻ ٿورو گهڻو ماڻهو مون کي
سمجهڻ لڳا آهن.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ناول
`Unberable lightness of Being`
جي ڪردار تيريزا روسي حملي وقت روسي فوجين ۽ ٽئنڪن
جا فوٽو ڇڪي ٿي ته اهي فوٽو ٻاهرين ملڪن ۾ ڇپجندا.
اِهي فوٽو ڇڪڻ کان پوءِ هوءَ پاڻ کي همٿ ڀري ۽
نامچي ۾ آيل سمجهي ٿي ته سندس مقصد پورو ٿي ويو
آهي. ڇا تو به اُنهن ڏينهن پنهنجو پاڻ کي همٿ ڀريو
ماڻهو محسوس ڪيو ته جيڪا ڳالهه تو کڻڻ ٿي گهُري،
اها هڪ ٺهيل ٺڪيل صورت ۾ سامهون اچي ويئي؟
ميلان ڪنديرا: اهو معاملو تيرزا جو هو، منهنجو نه هو. مون ڪنهن
به نموني پنهنجو پاڻ کي همٿ ڀريو ماڻهو محسوس نه
ڪيو هو. اهو ته هڪڙو ذاتي ۽ عوامي زندگيءَ جو
مسئلو هو. جڏهن تيريزا لاءِ عوامي زندگي ڏاڍي هڻ
پٽ واري ٿي وڃي ٿي، ته کيس سندس پنهنجي ڳڻتي نٿي
رهي. اهو ته ائين آهي ته اوهان پاڻ ڊرامائي
زندگيءَ جي گهيري ۾ اچي وڃو ٿا، موت سان وڙهو ٿا ۽
ڏکن ۽ مصيبتن جي سامهون بيهي ٿا رهو، پوءِ به
اوهان پنهنجو پاڻ کي مزي ۾ ٿا سمجهو. اهو انهيءَ
ڪري آهي جو اهڙن حالتن ۾ ماڻهو پنهنجون تڪليفون
وساري ويهي رهندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي ناول
`The book of laughter and fargething`
۾ ٻن قسمن جي کِل بيان ڪئي آهي. شيطان سنهڙيءَ
ڳالهه تي به کلي ڏئي ٿو. جڏهن ته فرشتن جي خوشيءَ
وچان نچندڙ کل ۾ دنيا جي هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي
بيٺل نظر اچي ٿي. انهيءَ حساب سان تون ته چيڪو
سلوويڪيا کي شيطانن جي سنگنين ۾ شمار ڪرين ٿو. چيڪ
شيطان وانگر کلندا آهن، جڏهن ته روسي فرشتن وانگر
کلن ٿا. آئون صحيح ٿو چوان؟
ميلان ڪنديرا: بلڪل صحيح ٿو چئين.
انٽرويو وٺندڙ: ائين ته پوءِ تون هڪ ننڍڙي ملڪ جو ماڻهو آهين.
تنهنجي ڪري ته انهيءَ ڳالهه جو دنيا جي باري ۾ وڏو
اثر پوندو ته تنهنجا ويچار ڪهڙا آهن؟
ميلان ڪنديرا: ها! اتي قصو ئي ٻيو ٿي ٿو وڃي. قومي تراني کي ئي
کڻي کڻ ته چيڪ ترانو هڪڙي سڌي سادي سوال سان شروع
ٿو ٿئي ته ”منهنجو مُلڪ ڪٿي آهي؟“ ٻين اکرن ۾
پنهنجو وطن به هڪ سوال جي صورت ۾ منهنجي اڳيان ٿو
اچي ۽ مون لاءِ اها جند نه ڇڏيندڙ بي يقيني بڻجيو
ٿي وڃي. يا کڻي پولينڊ جي قومي تراني تي نظر وجهه
ته انهيءَ جي به شروعات ساڳئي طرح ٿئي ٿي ته،
”پولينڊ اڃا ٿيو ناهي.“ هاڻي انهن قومي ترانن جي
ڀيٽ وري روس جي قومي تراني سان ڪر، جنهن ۾ چيل آهي
ته، ”ٽن جمهوريتن جي ٻڌيءَ جي پڪيءَ پيڙهه کي عظيم
روس سدائين لاءِ پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.“ يا برطانيه
جي قومي تراني کي ڏس، جنهن ۾ چيل آهي ته، ”فتح
مند، خوش ۽ شاندار...“ اهو هڪ عظيم ملڪ جو ترانو
آهي. عظمت، عظيم، فتح مند، شان ۽ شوڪت، فخر ۽
لاقانونيت، جي لاقانيت، ڇاڪاڻ ته وڏيون قومون پاڻ
کي لافاني سمجهنديون آهن. ڏٺئه؟ جيڪڏهن اوهان
انگريز آهيو، ته توهان جي انگريزيت کي ڪير به شڪ
جي نظر سان نه ڏسندو، ڇاڪاڻ ته اوهان انگريز آهيو.
انگريزيت ته شڪ کان مٿڀري آهي. تون برطانيه جي
سياست تي شڪ ڪري سگهين ٿو، پر مُلڪ جي وجود تي شڪ
ڪري نٿو سگهين.
انٽرويو وٺندڙ؛ پاڻ جو ملڪ ڪنهن زماني ۾ وڏو هوندو هو. هاڻي
ننڍڙو ٿي پيو آهي.
ملان ڪنڊيرا: ايترو ننڍو به ناهي.
انٽرويو وٺندڙ: اسان پنهنجو پاڻ کان سوال ٿا پڇون ته اسان ڪير
آهيون ۽ دنيا ۾ اسان جي ڪهڙي حيثيت آهي. اسان جي
ذهن ۾ جيڪو تصور ويٺل آهي، اُهو ڪنهن ٻئي زماني ۾
قائم ٿيو هو؟
ميلان ڪنديرا: ها، پر تون اهو سوال ڪڏهن به نٿو ڪري سگهين، ته
جڏهن برطانيا نه رهندو تڏهن ڇا ٿيندو. اهڙو سوال
ڪري ته سگهجي ٿو، پر پوءِ انهيءَ سوال اندر هڪ وڏو
مونجهارو ملندو. ننڍن ملڪن ۾ اهو سوال ذر ذر ڪيو
ويندو آهي، جيئن ”پولينڊ نه رهندو ته ڇوءِ ڇا
ٿيندو؟“ پولينڊ ۾ ٽيهه لک ماڻهو رهن ٿا، سو اِهو
ڪو ايڏو ننڍو ملڪ به ناهي. پوءِ به اهو سوال حق تي
آهي. مون کي سزسلا مائيلوسز کي گومبروزس جو لکيل
خط ياد ٿو اچي، جنهن جو پهريون جملو ئي اِهو آهي
ته، ”سؤ سالن کان پوءِ جي پنهنجو مُلڪ نه رهيو
ته،،،” ڪو به انگريز، آمريڪي، جرمني يا فرانسي
اهڙو جملو ڪڏهن به نه لکندو.
اهو جيڪو ڌوڙ ٿي وڃڻ جو احساس آهي. فنا جو احساس آهي، اهو تاريخ
جي ڏيکاءَ سان ڳنڍيل آهي. وڏيون قومون سمجهن ٿيون
ته اهي تاريخ ٺاهي رهيون آهن. جڏهن اوهان تاريخ
ڍاهڻ جي پويان پيل هُجو ته پوءِ اوهان پنهنجي پوڄا
پاڻ ڪرڻ لڳندا آهيو. جيئن ماڻهو چوندا آهن ته،
”تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي.“ پر تاريخ اسان جو
ڪهڙو فيصلو ڪندي؟ تاريخ ته اسان جو ٻيڙو ٻوڙيندي.
انٽرويو وٺندڙ: تاريخ ڪو سخت فيصلو ڪندي؟
ميلان ڪنديرا: نه. اهو ته نٿو چوان ته ڪو سخت فيصلو ڪندي، پر
اسان جي باري ۾ فيصلو ضرور ڪندي، جيتوڻيڪ تاريخ کي
اهو حق نٿو پهچي فيصلي ڪرڻ جو. اسين ائين ڇو
سمجهون ته ڪو تاريخ اسان سان انصاف ڪندي. تاريخ جو
فيصلو ته سراسري بي واجبيءَ وارو هوندو، مورڳو
بيوقوفيءَ وارو هوندو. اها جيڪا ڳالهه ڪئي ٿي وڃي
۽ هرڪو ائين پيو چوي ته تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي.
اهي ماڻهو اصل ۾ تاريخ کي ڪو ڏاڍو عقل واري شيءِ
سمجهن ٿا. ٻين اکرن ۾ اهي ماڻهو تاريخ کي حق تي ٿا
سمجهن. اها ڳالهه وڏين قومن وارن وٽ ملي آهي.
ڇاڪاڻ ته اِهي وڏيون قومون تاريخ ٺاهي رهيون آهن،
انهيءَ ڪري انهن قومن جا ماڻهو تاريخ کي حق تي
سمجهن ٿا.
پر جيڪڏهن اوهان ننڍڙي قوم آهيو ته پوءِ توهان تاريخ نٿا ٺاهيو،
اوهان ته مورڳو تاريخ لاءِ هٿ تي پيل ڳُڙ وانگر
آهيو. تاريخ ته هڪ بي رحم سگهه آهي، جنهن کان
اوهان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻو آهي. توهان پاڻ ئي
پاڻ محسوس ڪندؤ ته تاريخ بي انصافين ۽ بيوقوفين
سان ڀري پيئي آهي. اوهان تاريخ کي چٽائيءَ سان ۽
دل ۾ عقل ڌاري ڏسوئي ڪو نه ٿا.
انٽرويو وٺندڙ: تو انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي
ته جڏهن ماڻهو يوٽوپيا تي يقين ڪرڻ لڳندا آهن ته
سمجهندا ته انهن زمين تي بهشت اڏي ورتو آهي.
انهيءَ حالت ۾ ورتل ماڻهن کي تون ائين ڏسندو آهين
ته ڄڻ اُهي هڪڙي ئي هنڌ گهمريون پيا پائين ۽ سندن
دليون ٻاراڻن خيالن سان ڀريون پيون آهي. اُهي اهڙا
ٻار آهن، جيڪي گرانڊ مارچ ڪندي مُٺيون بند ڪري
نعرا هڻندا پيا وڃن- پر تنهنجا جيڪي ڪردار اهي
حدون ٽوڙي ٻاهر نڪرندا آهن ته اڌ مغزي لڳندا آهن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙا ڪردار پاڻ ۾ ڇڪ رکن
ٿا، پر انهيءَ هوندي به سندن زندگيون اجايون
لڳنديون آهن. لڳي ٿو ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪردارن
جي وچ ۾ ٻيو ڪو ڪردار ئي ناهي.
ميلان ڪنديرا؛ آئون ڪو مُبلغ ته ناهيان. آئون ماڻهن کي اهو نٿو
چئي سگهان ته هُو ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي يقين
آڻين.
انٽرويو وٺندڙ: تون پاڻ به ته زمين تي جوڙيل بهشت ۾ رهي چُڪو
آهين. 1948ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ کي حڪومت ملي ته تو به
هڪڙي ئي هنڌ گهمريون پئي پاتيون. تو انهن گهمرين
مان ڪڏهن جند ڇڏائي؟ ڏاڪي به ڏاڪي ڇڏائي يا فٽافٽ
فيصلو ڪري؟
ميلان ڪنديرا: آئون جيئن جيئن اُنهيءَ زماني کان پري ٿيندو ٿو
وڃان، تيئن تيئن ائين پيو لڳيم ته مون سِگهي جند
ڇڏائي پر اهو منهنجيءَ اک جو ڦير آهي، ڇاڪاڻ جو
اهو زمانو آئون گهڻو اڳ ڇڏي آيو آهيان. اصل ۾
ايتري سِگهي جند ڪو نه ڇڏائي هونديم.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي نئين ناول
`Unberarable lightness of being`
جي آخري حصي ۾ بهشت جي باري ۾ جيڪو ڌار لاڙو
ڏيکاريو آهي، اهو دلپسند آهي. تنهنجي هيروئن
هيريزا پنهنجي مڙس ٿامس ۽ سندس ڪتي ڪيرنن سان گڏجي
ٻهراڙيءَ ڏانهن ڀجھي ويندي آهي. اُتي تو لکيو آهي،
”آدم ۽ ڪيرنن جي ڀيٽ ڪندي مون کي لڳي ٿو ته بهشت ۾
به ماڻهو اڃا ماڻهو نه بڻيو هو. يا ائين چوڻ صحيح
ٿيندو ته اڃا انسان جلاوطن ئي انسان جي واٽ وٺڻ تي
مجبور نه ٿيو هو. هاڻي اسان کي جلاوطن ٿئي کي ڳچ
زمانو گذري چڪو آهي ۽ هينئر اسان سِڌيءَ لِيڪ ۾
اُڏري رهيا آهيون.“ اهي سٽون لکڻ کان پوءِ ستت ئي
تون حيوانن کي بي روح مشينون سمجهڻ جي خطري تي
ويچار ڪندي لکين ٿو، ”ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجا
جنت سان لڳ لاڳاپا ٽوڙي ويهي ٿو رهي ۽ وٽس ڪا
اُڏام ۽ ڪو آسرو ڪو نه ٿو رهي.“ ته ٻين اکرن ۾
ائين کڻي چئجي ته جنت آهي ئي انهيءَ لاءِ ته اُن
سان لڳ لاڳاپو رکيو وڃي. پوءِ هِن جنت جو هُن جنت
سان ڪهڙو واسطو آهي؟
ميلان ڪنديرا: تيريزا کي جنت جي لوڙ آهي. اها خواهش نيٺ وڃي
اُتي ڇيهه ئي ڪري جتي انسان انسان نٿو رهي.
انٽرويو وٺندڙ: ته ڇا جيڪو ماڻهو هتي هڪ هنڌ گهمريون پائڻ ۾ لڳو
پيو آهي. هوش ڇڏي جوش مان گهمريون پيو پائي، اهو
ماڻهو پنهنجي ماڻهو هئڻ واري حيثيت وڃائي ويٺو
آهي؟
ميلان ڪنديرا: جنوني ماڻهو پنهنجي انسان هئڻ واري حيثيت نه
وڃائيندا آهن. جنون انسان جو سڀاءُ آهي. فاشزم
انسان جو سڀاءُ آهي. ڪميونزم انسان جو سڀاءُ آهي.
خون ڪرڻ انسان جو سڀاءُ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو
تيريزا جنهن جنت ڏانهن وڃڻ ٿي گهري اُتي انسان
انسان نٿو رهي. سياسي يوٽوپيا جو جيڪو بهشت آهي،
اُتي انسان رهن ٿا. انهيءَ ڪري سياسي يوٽوپيا جو
نتيجو مارا ماريءَ تي وڃي بيهي ٿو. تيريزا جي جنت
جو انسان تي ڀروسو ناهي.
انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي ناول جي آخر ۾ تو ’ڪچ‘ جي تصور تي تفصيل
سان روشني وڌي آهي. ’ڪچ‘ لفظ مان تنهنجي مراد بي
لڇڻائي ته ناهي؟
ميلان ڪنديرا: ها، پر انهيءَ کان به وڌيڪ. اهو لفظ پهريون ڀيرو
اڻويهين صديءَ ۾ استعمال ڪيو ويو. آئون انهيءَ جو
اصل مفهوم استعمال ڪندو آهيان. اڻويهين صديءَ ۾
جرمني ۽ وچ يورپ رومانويت جو شڪار هئا. حقيقت کان
وڌيڪ رومانوي. اڻويهين صدي پهرئين صدي هئي، جيڪا
ڪنهن به قسم جي اسلوب کان خالي هئي. انهيءَ صديءَ
هر شيءِ جو پير ٻَڌي نقل ڪيو ويو. خاص ڪري عمارت
سازيءَ ۾، هرمن بروخ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو
`Comments on Kitsch` هُن انهيءَ صديءَ ۾ سوال اٿاريو ته ڇا اڻويهين صدي رومانيت جي
بدران ڪچ جي صدي نه هُئي؟ سندس مطلب هو فنڪارانه
موقعي پرستي. جنهن سان ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪا به
ڪسر نه ڇڏي ويئي. انهيءَ جو صرف هڪڙو ئي مقصد هو
ته ماڻهن کي خوش ڪجي. بروخ جو چوڻ آهي ته عظيم
روماني شخصيتون ڪچ جي سمنڊ ۾ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ
هيون. هُو ته واگز ۽ چائيڪو وسڪيءَ کي به ’ڪچ‘
ڪري سڏي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: تو لکيو آهي ته سڀني سياستدانن، سياسي پارٽين ۽
تحريڪن جو جمالياتي آدرش ڪچ ئي آهي. تنهنجو خيال
آهي ته ڪچ جو ڪم موت مٿان پردو وجهڻو آهي. ڇا
انهيءَ جو مطلب آهي سياست جو ڪو به تصور ڪچ کان
سواءِ ٿي نٿو سگهي؟ (چيڪ لفظ ’ڪچ‘ ۽ سنڌي لفظ ’ڪچ‘
جي معنيٰ ساڳي آهي- مترجم)
ميلان ڪنديرا: منهنجي خيال ۾ سياست ڪچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
ناهي. ڪامياب سياستدانن جو ڪم آهي ماڻهن کي خوش
ڪرڻ. جيترا گهڻا ماڻهو ٿي سگهن، انهن کي خوش ڪجي ۽
ايترن ماڻهن کي خوش ڪجي جو اهي سڀ ماڻهو سندس رٿيل
پٽيل ڳالهيون ٻڌي خوش ٿين.
انٽرويو وٺندڙ: ته ڇا روسين جو مقصد به خوش ڪرڻ آهي؟
ميلان ڪنديرا: اها ڳالهه صحيح آهي ته روسين کي انهيءَ جي ضرورت
ناهي. انهن وٽ طاقت آهي، انهيءَ طاقت کي برقرار
رکڻ لاءِ هو بلڪل ٻڌل ناهن. برزنيف جي ڪهڙي مُٺي
آهي جو ٻين کي خوش ڪري. پارٽيءَ جو جيڪو نعرو آهي،
ماڻهن کي اندر مان جهلي ڌونڌائڻ جو رنگ ڍنگ آهي،،
ته انهيءَ جو مطلب ته ماڻهن کي خوش ڪرڻ آهي. اِها
ته هڪ وڏي پکڙيل ڪچ آهي.
انٽرويو وٺندڙ: گيسيٽ چوي ٿو ته لڙڪ ۽ مرڪ جمالياتي خيال کان
ڪوڙا آهن؟
ميلان ڪنديرا: صحيح. آئون اها ڳالهه پهريون ڀيرو پيو ٻڌان، پر
ڳالهه صحيح آهي. ڪجهه وقت اڳ مون کي پڙهندڙ ڪنهن
سئيڊش خط لکيو. هو لکي ٿو، ”..... ڇا توکي انهيءَ
ڳالهه جو احساس آهي ته اصل ۾ اسان توکي پنهنجو
سمجهي اهڙين ڳالهين تي پردو وجهيو ڇڏيون، جيڪي
اسان جي جَپَ ڦِٽائيو وجهن. ائين ڪرڻ سان لڳي ٿو
ته اسان توکي ڪچ ۾ بدلايون ڇڏيون. جڏهن تنهنجو
ناول
`Unbearable lightness of being`
ڇپيو ته تبصري نگار تنهنجي صرف هڪ ڪردار تمينه جي
باري ۾ لکندا رهيا. اهو ڪتاب جو هڪ دلچسپ حصو آهي
۽ ٻين حصن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي، پر انهيءَ
۾ جيڪو جذباتي عنصر موجود آهي، هڪ عورت پنهنجي
گذاري ويل مڙس سان دلي ڳانڍاپو ته رکي ٿي، هوءَ
اڃا به ساڻس محبت ڪري ٿي، پر ڪنهن به ڪتاب جي آخري
حصي جو ذڪر نه ڪيو، جنهن ۾ هڪ سماج دشمن ۽ انسان
دشمن خصوصيت موجود آهي. انهيءَ حصي جو ذڪر کائي
وڃڻ جو ڪارڻ اهو ته آهي ته توکي به ڪچ وارو ڪري
شمار ڪجي.“
انٽرويو وٺندڙ: اچ ته ٻيون ڳالهيون ڪريون. ڇا تنهنجي خيال ۾
سڀني انساني لڳ لاڳاپن جي پاڙ جنسي لاڳاپن سان ٻڌل
آهي؟ ڇا جيڪي ڪجهه عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ٿئي ٿو اُهو
سڀ ڪجهه انساني لاڳاپن جي آرسي آهي؟
ميلان ڪنديرا: آئون نٿو سمجهان ته ڪو ائين آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ
ناهي ته جنسي عمل هڪ وڻندڙ صورتحال آهي، پر هر ڪا
شيءِ اِتي بيهي دنگ نٿي ڪري.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجين لکڻين جي شروعات سدائين شادي يا عشق
هوندو آهي. لڳي ٿو ته لاڳيتي جنسي عمل جي سلسلي ۾
تون صفا جنون تائين پهچي ويندو آهين؟
ميلان ڪنديرا: اهو ته آهي، پر مون وٽ جنسي عمل ڪنهن نه ڪنهن
صورتحال جو اندر ڪڍي وٺندو آهي يا جي ائين نٿو
ٿئي، پوءِ اها شيءِ منهنجي ناول ۾ جنم وٺي نٿي
سگهي. جڏهن منهنجا ڪردار جنسي عمل ۾ رڌل هوندا آهن
تڏهن اهي پنهنجيءَ زندگيءَ يا واسطيدار جي حقيقت
پروڙي وٺندا آهن. مثال ته جيئن منهنجي ناول
`The farewell party`
۾ جيڪي ۽ اوگما پنهنجو پاڻ کي لڳ لاڳاپن جي ڪري
محفوظ سمجهندا آهن. اوچتو هڪ ڏينهن هڪ ٻئي سان
سمهڻ وقت سندن لڳ لاڳپو لاڪانئن سهپ جوڳو نه رهندو
آهي. اهو سهپ جوڳو انهيءَ ڪري نٿو رهي جو انهيءَ
دوران سندن رحم جو جذبو هڪ ڏٺي وائٺي شڪل اختيار
ڪري وٺندو آهي ۽ سندن لڳ لاڳاپو دل ڏاريندڙ بڻجي
ويندو آهي. رحم جي جذبي هيٺ محبت ٿي ئي نٿي سگهي.
`The Joke` ۾ جڏهن لڊوِڪ هيلينا سان سمهندو آهي ته اسان اها حقيقت پرکي
وٺندا آهيون ته اِنهيءَ جو بيناد وير وٺڻ جي جذبي
تي ٻڌل آهي. سڄي ڪتاب جي پيڙهه اُتان شروع ٿئي ٿي.
`Unberarbale lightness of being`
۾ سبينا جڏهن فرانز سان سمهندي آهي، ته کيس فرانز
هڪ اهڙي قسم جو نظر ايندو آهي، جيڪو سندس محتاج
آهي. سبينا ڪرامت ۾ وٺجي ويندي آهي ۽ اصليت تائين
پهچي ويندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو مصيبتن جي ماريل
(Victim)
هئڻ جي خواهش کي ڏاڍي سٺي رنگ ڍنگ ۾ چٽيو آهي.
تنهنجو خيال اهو بيٺو آهي ته مصيبتن جو ماريل رڳو
اهو شخص ناهي، جنهن تي مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي، پر ڪي
ماڻهو هٿ وٺي مصيبتن جا ماريل بڻجڻ چاهيندا آهن.
ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته اُهي هٿ وٺي پنهنجو
دوزخ پاڻ پيا ٺاهيندا آهن؟
ميلان ڪنديرا: مثال ڏي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجا ڪيترائي ڪردار رقابت ۾ ڏاڍا ورتل هوندا
آهن. اها رقابت هڪڙي خيال کان سندن پناهه گاهه
آهي. لڳي ٿو کين رقابت سان دل آهي ۽ رقابت سندن
ضرورت آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اهي مصيبت جا ماريل
آهن. هُو هٿ وٺي پنهنجو دوزخ پاڻ پيا ٺاهين؟
ميلان ڪنديرا: اهو هڪ دلچسپ نظريو آهي، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه
اِها آهي ته مون هن کان اڳ ڪڏهن به ائين نه سوچيو
آهي. تنهنجيءَ ڳالهه ۾ آئون ڪو واڌارو نٿو ڪري
سگهان. تون صحيح ٿو چوين.
انٽرويو وٺندڙ: تو جنسي فتحن جي جنون جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو
آهي. ڇا تون سمجهين ٿو ته جنسي فتح ۽ سياسي فتح جو
پاڻ ۾ لاڳاپو آهي؟ يعني جيئن هڪ مُلڪ ٻئي ملڪ کي
فتح ڪري وٺندو آهي؟
ميلان ڪنديرا: مون کي خبر ناهي.
انٽرويو وٺندڙ: مثال ته ڪيئي ڀيرا تنهنجي ڪردارن جي تقدير ملڪ
جي تقدير سان واڳجي ويندي آهي.
`Unbearable lightness of being`
۾ تمينه ۽ سندس ملڪ جي شناخت هڪ ٿي ويندي آهي.
هوءَ جلاوطن ٿي پنهنجي ملڪ کان ڪٽجي وڃي ٿي. ته ڇا
تون مصيبتن جي ماريل ڪردارن وانگيان، ملڪن جي
ڳالهه نٿو ڪرين؟ تنهنجا ڪجهه مصيبت جا ماريل ڪردار
پاڻ مصيبتون پئدا ڪندا آهن. جيئن
`The farewell party` ۾ روزينه رحم جوڳو ڪردار آهي. پر هڪ اهڙي چرئي پوڙهي جو
پاسو کڻي بيهي رهندي آهي، جيڪو ماڻهن جا پاليل ڪتا
ماريندو ڦرندو آهي يا وري انهن ٿلهن بدشڪلين مائين
جو پاسو کڻي بيهي رهندي آهي، جيڪي تلائن ۾ وهنجندي
پنهنجي اوگهڙ ۽ پنهنجن بڇڙن جسمن جي نمائش مان لست
وٺنديون آهن. هڪڙي خيال کان اها ڏاڍايون ڪندڙن ۽
ڏاڍايون سهندڙن جي پاڻ ۾ سازباز آهي.
ميلان ڪنديرا: تنهنجي اها ڳالهه صحيح آهي. مون کي انهيءَ ڳالهه
جي اڳ ۾ خبر نه هئي. تون سچ ٿو چوين.
انٽرويو وٺندڙ:منهنجو خيال آهي ته هاڻي اهڙيون ڳالهيون ڪريون،
جيڪي درست نه هجن. جن جي تون هن ڳالهه ٻولهه ۾
ترديد ڪري سگهين. اهڙا ناول ۽ فلمون، جن ۾ ذاتي ۽
سياسي مامرا هڪڙيءَ صورتحال ۾ ڳري هڪ ٿي وڃن.
اهڙيون فلمون ۽ ناول ڏاڍا ڀلا ٿيندا آهن؟
ميلان ڪنديرا: جيڪي ڪجهه به مٿئين سياست ۾ ٿيندو رهندو آهي،
اهو ماڻهوءَ جي ذاتي زندگيءَ ۾ به ٿي ويندو آهي.
جارج اُرويل اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جن ۾ سياسي
حاڪميت تاريخ کي نئين سر بيان ڪري ڇڏيو ۽ اهو
فيصلو ڪريو ٿو ڇڏي ته سچ ڇا آهي، ڪهڙين شين کي ياد
رکڻ کپي يا وساري ڇڏڻ گهرجي. هڪ ناول نگار جي
حيثيت ۾ آئون ٺپ کانئس الڳ آهيان. منهنجو وري اهو
خيال بيٺو آهي ته اسان مان هر ماڻهو، شعوري يا غير
شعوري طرح تي پنهنجي تاريخ ذر ذر پيو لکندو آهي.
اسان هر پل پنهنجين زندگين جون ڪهاڻيون ٻيهر ٽيهر
پيا لکندا آهيون. سدائين واقعن کي اسان پنهنجي
معنيٰ ڏيندا رهندا آهيون. اسان چونڊ ۽ ڪاٽ ڪُوٽ
ڪندا رهندا آهيون. اسان اهڙين شين کي چونڊيندا
آهيون، جيڪي دل کي وڻنديون آهن ۽ ڀليون لڳنديون
آهن، جڏهن ته اڻوڻندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ شين کي رد
ڪندا رهندا آهيون، ته جيڪا ڳالهه آرويل ڪئي آهي،
اهڙي طرح تاريخ کي ٻيهر لکڻ ڪو غير انساني ڪم ته
ناهي. ماڻهو سدائين پنهنجين ذاتي زندگين ۽ سياست
کي ڌار ڌار سمجهندا آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ سندن
دليل ۽ قانون ڌار ڌار هجن، پر سياست جي شاهي اسٽيج
تي پيش ٿيندڙ دل ڏاريندڙ واقعا حيرانيءَ جي حد
تائين سورنهن جا ويهه آنا اسان جي ذاتي زندگيءَ تي
ٺهڪي اچن ٿا.
انٽرويو وٺندڙ: تون هڪ ڀيرو چئي چڪو آهين ته ناول جو ڪم آهي
اينٿراپالاجيڪل اسڪينڊلن کي بيان ڪرڻ. انهيءَ
ڳالهه جو مطلب ڪهڙو ٿو بيهي؟
ميلان ڪنديرا: اصل ۾ مون اها ڳالهه آمريت وارن رياستن ۾ پيدا
ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي هئي. مون چيو هو
ته انهن ملڪن ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي حالتون
ڪنهن ليکڪ لاءِ سياسي نه، پر اينٿراپالاجيڪل
اسڪينڊل آهن. مطلب ته مون اهو نه پئي سوچيو آهي ته
ڪا سياسي حڪومت ڇا ڪري پيئي سگهي، پر مون اهو پئي
سوچيو آهي ته انسان جي هٿ وس ڇا آهي.
انٽرويو وٺندڙ: پر اسڪينڊل ڇو؟
ميلان ڪنديرا: اسڪينڊل اها شيءِ آهي، جيڪا اسان ۾ ڇرڪ وجهي ڇڏي.
هر ماڻهو انهيءَ ڪامورا شاهيءَ ۽ انهيءَ ڪميونسٽ
نظام جي دهشت جي باري ۾ ڳالهائيندو آهي، جن ماڻهن
عذاب گهرن، سياسي ڪيسن ۽ اسٽاليني دهشتگرديءَ کي
جنم ڏنو آهي. پر ماڻهو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته
ڪو به سياسي نظام ايترو ڪجهه ڪري نٿو سگهي، جيترو
اهو نظام هلائيندڙ ماڻهو ڪندا آهن. جيڪڏهن خون ڪرڻ
ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هُجي ته ڪو به سياسي نظام
جنگ ڇيڙي نٿو سگهي. سياسي نظام ماڻهن جي هٿ وس
آهي. ڪهڙو به سياسي نظام هُجي اُهو نظام ماڻهوءَ
کان اها گهُر ڪري ته پنهنجي ٿُڪَ چار ميٽر پري
اُڇلائي ڏيکار يا ايتري ئي پنڌ تي مُٽ جي لار
اُڇلائي ڏيکار ته ماڻهو ائين نٿو ڪري سگهي، پوءِ
سياسي نظام ڀلي کڻي ڪهڙو به هُجي. ڀلي کڻي اسٽالن
حڪم ڏئي ته چار ميٽر پري ٿُڪ اڇلائي ڏيکار، پر تون
ائين ڪري نه سگهندي. پر ماڻهو مارڻ تنهنجي هٿ وس
آهي، ته اينٽراپالاجيءَ جو اُٿاريل اهو سوال ته
انسان ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو، سياست جي پويان پڙ ڪڍيو
بيٺو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: آئون ته ائين ٿو سمجهان ته تنهنجو خيال اهو آهي
ته هن دنيا ۾ ناول اسان کي خاص قسم جي اهڙي سُڌ
ڏئي ٿو، جنهن جي مقابلي ۾ ريسرچ جون ٻيون صورتون
ڪجهه به ڪري نٿيون سگهن.
ميلان ڪنديرا: ها، جيڪا ڳالهه ناول وسيلي چئي سگهجي ٿي، اُها
ٻئي ڪنهن وسيلي چئي نٿي سگهجي. پر ناول اندر چوڻو
ڇا هوندو آهي، اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي، پر انهيءَ
ڳالهه کي اُبتو به ڪري سگهجي ٿو. مثال ته تون چئي
سگهين ٿو ته ناول نگار اسٽالين جي خدمت ڪرڻ لاءِ
ناهن، انهيءَ ڪم لاءِ ته سولزي نٽسن جا اعلان ئي
ڪافي آهن. ناول تاريخ بيان ڪرڻ لاءِ ناهي، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ لاءِ تاريخ دان ويٺا آهن. ناول جو ڪم
سماج بيان ڪرڻ ناهي. سماج کي بيان ڪرڻ لاءِ
عمرانيات جا ڄاڻو ويٺا آهن، پر انساني وجود جي
سڀني پهلوئن جا تهه کولي پڌرا ڪرڻ، انهيءَ جي
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، اُنهيءَ کي اکين اڳيان آڻڻ ۽ بيان ڪرڻ
لاءِ ناول کان وڌيڪ ٻيو ڪو وسيلو ئي ناهي. منهنجي
خيال ۾ ڪا به ٻي دانشورانه سرگرمي اهو ڪجهه ڪري
نٿي سگهي، جيڪي ناول ڪري سگهي ٿو. وجوديت جو فلسفو
به نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ناول جي خمير ۾ هر
فلسفي لاءِ شڪ شبهو رکيو آهي. ناول جي مڃتا ته
اُتان ئي شروع ٿئي ٿي، جتي اهو مڃڻو پئجي ٿو وڃي
ته انسان زندگيءَ کي ڪنهن فلسفي جي خاني ۾ بند ڪري
نٿو سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو تو جيڪي سوال ڪجهه
وقت اڳ پڇيا، انهن جو سولو جواب آئون نه پيون ڏيئي
سگهان. جنت ۽ اقتدار، ۽ اقتدار يا شهوانيت سان
انسان جي وجود جو لڳ لاڳاپو ڳولي لهڻ جهڙا سوال
صرف انهيءَ صورت ۾ ڇنڊي ڇاڻي سگهجن ٿا، جڏهن اهي
ڌار ڌار ماڻهن جي ڪردارن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ جي ڪري
پڌرا ٿين. ناول سوالن جا جواب نه ڏيندو آهي، پر
رڳو امڪان ٻڌائيندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي فڪشن جي مٿڀري خصوصيت اها آهي ته انهيءَ
۾ ليکڪ هڪ ڪورس وانگيان رهندو آهي. ۽ هو پنهنجن
ڪردارن جي لاڙن ۽ لاڙن پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن جو پويان
پويان جائزو وٺندو ويندو آهي ۽ تبصرو ڪندو ويندو
آهي. اهو رنگ ڍنگ تنهنجي ناول `The joke`
۾ اڀرندڙ محسوس ٿئي ٿو ۽ پوئين ٻن ناولن ۾ اهو
تهائين وڌيڪ اڀري اچي ٿو. جيڪو روايتي ناول آهي،
ڇا انهيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ ليکڪ اکين کان لڪل رهي ٿو”
انهيءَ مان تنهنجي مقصد جو پورائو نٿو ٿئي؟
ميلان ڪنديرا؛ هت آئون ٽي ڳالهيون ڪندس، هڪ ته اها ٽيڪنڪ آئون
پنهنجي ناول
life is elsewhere ۾ ڪري چڪو آهيان. جنهن ۾ بيان ڪندڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. (اها
حقيقت هن انٽرويو کان گهڻو پوءِ هن پنهنجي ناول
Immortality
۾ به استعمال ڪئي آهي. ع ق ج.) ٻيو تو پڇيو آهي
ته اها ٽيڪنڪ انهيءَ روايتي ناول کي رد ڪريو ٿي
وجهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو تبصرو نه ڪيو ويندو
آهي، پر بيان ڪرڻ وارو صرف اڻويهين صديءَ ۾ غائب
ٿو ڏسجي. ارڙهين صديءَ جي ناولن ۾ ته رهيو آهي.
Rebelais, Cervantes
۽
Steme
وارن ته اها ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي. ٽئين ڳالهه
اها اٿئي ته جيڪا اڳ ۾ به چيو ويٺو آهيان ته
منهنجي نظر ۾ ناول جي خاصيت اها آهي ته اهو ڪنهن
به صورتحال کي ڇنڊي ڇاڻي تير پتير اڳيان آڻي ڇڏي.
ناول ٺلهي صورتحال ڪونه ٿو چٽي. جيئن رقابت آهي يا
دردمندي آهي يا طاقت جو حرص آهي، پر ناول ته انهن
ڳالهين کي ٺاهي ٺوڪي رسن ۾ ٻڌيو ڇڏي، ناول انهن
شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿو ڪري، ويچاري ٿو، سوال ٿو ڪڍي ۽
ڌاڳو ڌاڳي کان ڌار ڪري ٿو. ناول ڀيڙو ماڻهو جيڪڏهن
ڌاڳو ڌاڳي کان ڌار ڪرڻ جي اٽڪل سمجهي ٿو وڃي ته
پوءِ ان جي باري ۾ سوچڻ ويهي ٿو رهي. رقابت کي ئي
کڻي وٺ، ته اها ڪيفيت اهڙي عام شيءَ آهي جو انهيءَ
جي چٽائيءَ جي ڪا ضرورت ناهي، پر جو تون جيڪڏهن
پير کوڙِي انهيءَ تي سوچيندين ته توکي ڳالهه ئي ٻي
نظر ايندي. جنهن عورت سان تون پيار ڪندو هجين ۽
انهيءَ کي ٻئي ڪنهن سان ستل ڏسين ته پوءِ صورتحال
تنهنجي سهڻ کان چڙهي ويندي، هڪ عام معاملو اوچتو
ئي اوچتو ڏکيو، تڪليف ڏيندڙ ۽ منجهيل مامرو بڻجي
ويندو. آئون ته ائين چوندس ته ناول نگار جو مقصد
ئي مونجهارن کي بيان ڪرڻ جو آهي. آئون ناول ۾ هڪ
سوچيندڙ آواز ته ٻڌڻ گهران ٿو پر فلسفو نه، تو
منهنجي ناولن جي باري ۾ جيڪي سوال ڪيا آهن، اُهي
وڏيءَ سمجهه مان پڇيا آهن، جيتوڻيڪ اهي سوال ئي
آهن، اهي سوال ڪنهن ناول نگار جي لکڻ جي رنگ ڍنگ
سان ملن ٿا. جيڪي لکندي لکندي مسئلي جي تهه تائين
ته پهچي وڃي ٿو پر ڪو دل نٿو ٻڌائي.
انٽرويو وٺندڙ؛ تون پنهنجي ڪردار جي نفسيات کان پاسو ڪريو وڃين،
اصل ۾ تنهنجون لکڻيون نفسياتي ناول جي ابتڙ آهن.
گهڻو ڪري تون لکندي لکندي هڪ هنڌ بيهي اسان کي ياد
ٿو ڏيارين تنهنجا ڪردار هٿ جا گهڙيل آهن، پوءِ
اڳتي هلي انهن ڪردارن کي حقيقي بڻائي ٿو ڇڏين.
منهنجي خيال ۾ انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته تون
ڪردارن جي باري ۾ ائين ٿو ڳالهيون ڪرين، ڄڻ ڪنهن
ويجهي سنگتيءَ جو ذڪر پيو ڪرين. تنهنجو اهو رنگ
ڍنگ ڪنهن اوچي قسم جا
Gossip
آهن. انهيءَ ڪري اسان اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو
وڃون، ڄڻ اهي ڪردار سچ پچ اسان جي اڳيان موجود
هُجن.
ميلان ڪنديرا؛ اها ڳالهه صحيح آهي، آئون پنهنجي ڪردار جي باري ۾
سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي ته دعويَ نٿو ڪري سگهان، اصل ۾
آئون ته ڪردار هٿ جا گهڙيندو آهيان. ٻيا يار به
ائين ئي ڪندا آهن، تون ڀلي کڻي ڪنهن دوست جو ذڪر
ڇيڙي ويهي رهين ۽ سندس باري ۾ سڀ ڳالهيون لکي ويهي
رهه، پوءِ به دوست جي باري ۾ بيان ڪيل قصو هٿ جو
گهڙيل بڻجي وڃي ٿو.
انٽرويو وٺندڙ؛ تو چيو آهي ته هيءَ دنيا هڪ ڄار بڻجي ويئي آهي،
ناول انهيءَ ڄار بڻجي ويل زندگيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪري
ٿو. ڇا ائين چئجي تون ڪا فڪا جي پُٺڀرائي نٿو
ڪرين؟
ميلان ڪنديرا؛ صحيح. ها. اڄڪلهه جو ناول ڄار بڻجي ويل دنيا جي
پرک ڪري ٿو، ناول جي تاريخ انسان جي تاريخ جي آرسي
آهي، پر ڪافڪا جي اچڻ کان پوءِ سڄي ڳالهه حيرت جو
هنڌ بڻجي ويئي آهي، هونئن جديد ناول جي نمائندگي
ڪرڻ وارا ٽي نالا ورتا وڃن ٿا. چوائس، پروست ۽
ڪافڪا. جڏهن ته مون کي ائين ٿو لڳي ته ناول جي
جنهن روايت جي شروعات ڪئي، اهو فلابيئر هو. انهيءَ
روايت جو دنگ اچي جوائس ۽ پروست تي ٿئي ٿو. ڪافڪا
۽ ڪنهن حد تائين بروخ ۽ ميوزل کان پوءِ ناول ٻئي
پاسي هلڻ شروع ٿئي ٿو.ئ ڪافڪا کان اڳ ۾ ماڻهو جنهن
قهري بلا سان وڙهي ٿو، اها سندس اندر ۾ هئي. جنهن
مان سندس داخلي زندگي، سندس ماضي، سندس ننڍپڻ ۽
سندس مونجهارو ڦٽي نڪري ٿو. پر ڪافڪا وٽ اها بلا
ٻاهران کان اچي ٿي ۽ دنيا هڪ ڄار وانگيان لڳي ٿي،
جنهن ۾ ڦاٿو پيو آهي، منهنجن ڪتابن ۾ تاريخ هڪ
اهڙو ڄار آهي، جنهن ۾ يورپ جو ماڻهو ڦاسي پيو آهي.
هيءَ دنيا اسان جي چوڌاري ويڙهيل ڄار بڻجي چڪي
آهي. انهيءَ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ جيڪا جُٺ ٿئي ٿي،
انهي جُٺ ۾ ڪوبه ڦيرو اچڻو ناهي، پروست ۽ فلابيئر
جي دنيا کليل هئي. تاريخ نظرون کان ڍڪيل آهي، اها
هڪ اهڙي شيءَ هئي جيڪا خيال جي مُٺ ۾ نه ايندي هئي
پر اسان لاءِ تاريخ ته ائين بيٺي آهي، جو کيس
ڇُهي سگهجي ٿو. اها جنگ آهي، آمريت آهي، يورپ جو
خاتمو آهي، اها صورتحال اسان جي، مُٺ ۾نٿي اچي، پر
اسان سندس مُٺ ۾ قابو آهيون، اسان پڪڙيا ويندا
آهيون ۽ دنيا ڄار بڻجي ويندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ تو ڪافڪا جي ڪردارن جي اڪيلائي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي
ڳالهه ڪئي هئي؟
ميلان ڪنديرا؛ ها. توهان برادريءَ جي گهيري ۾ آهيو، اهو گهيرو
ڪافڪا وٽ هڪ اهڙو قلعو آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ
ڪابه در دري ناهي، اوهان جي اڪيلائي ۾ ٽنگ اڙائي
وڃي ٿي، اڪيلائي کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ اها پساهه
ڇڏي ٿي وڃي، سڀ ماڻهو اوهان کي ڏسن پيا. اوهانکي
اڪيلائي نصيب ۾ ئي ناهي. پر ڪافڪا کي اڃا تائين
رومانيت جي ڪليشي ۾ ڏنو پيو وڃي ته اسان اڪيلائي ۾
ڦاٿل آهي ۽ اهو ته اڪيلائي ڪا خراب ڳالهه آهي ۽
اهو ته انٽليڪچوئل سان ظلم اِهو آهي ته سندس پاڙون
ماڻهن ۾ ناهن ۽ اهو ته ڪافڪا اونڌو ڪري ڦِٽو ڪيو.
اصل ۾ ڪافڪا جي دنيا ئي ٻي آهي، جيئن
`Castle`
جو سرويئر پنهنجي آسپاس جي زندگيءِ کان تنگ ٿي پيو
آهي. کيس برادريءَ جي نه پر نوڪريءِ جي ضرورت آهي.
پر انهيءَ جي بدران هو هر ماڻهو کيس پريشان پيو
ڪري. مٿس ماڻهن جون اکيون آهن. سندس بستري تي سندس
زيردست ويٺا هوندا آهن. انهن ماڻهن جي ڪري هو
فريڊا سان سمهي نٿو سگهي. ڪافڪا وٽ جيڪي ماڻهو هن
دنيا ۾ پنهنجي جاءِ بڻائي وٺندا آهن، اهي پنهنجي
اڪيلائي ۽ نيٺ پنهنجي شخصيت وڃائي ويهي رهندا آهن.
برادري آخر آهي ڇا؟ ڪافڪا انهيءَ تصور کي مٿي ڀر بيهاري ٿو
ڇڏي. برداري هڪ نفرت جوڳي. دهشت پکيڙيندڙ ۽
خطرناڪ شِيءَ بڻجي وڃي ٿي(جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن
ته ”ابا راج آهي جبل، جي جبل سان مٿو هڻندي ته جبل
کي ڪجهه ڪونه ٿيندو، تنهن جو مٿو ڦاٽندو.” ع ق
ج.)ڪافڪا ته سماج جي مڃيل مڃايل تصور سان وڙهي
بيهي ٿو رهي ۽ سڀني ناول نگارن جو اِهو ئي ڪم آهي
ته هو لاڳيتو انهن بنيادي تصورن سان ويڙهه
کائيندا آهن. جن تي اسان بيٺا آهيون. |