گارشيا مارڪئز
]گابرئيل (جبرائيل) گارشيا مارڪئز 1928ع ۾ ڪولمبيا جي ننڍڙي شهر آراڪاٽاڪا ۾
ڄائو. جنهن شهر جي چوڌاري ڪيلن جا باغ هُئا.
پنهنجو ننڍپڻ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ سان گذاريائين. جن کي
ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۾ پنهنجو استاد سمجهي ٿو. لکڻ جي
شروعات صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ اخبار ’ايل
ايسپيٽا ڊوم‘ جو رپورٽر ۽ فلمي مبصر ٿي رهيو. ڪجهه
وقت لاءِ ساڳئي اخبار جو روم ۽ پئرس ۾ نمائندو به
ٿي رهيو.
گارشيا مارڪئز جيڪي پنهنجيون شروعاتي ڪهاڻيون لکيون. اُهي اخبار
جي آفيس ۾ ويهي تڏهن لکندو هو، جڏهن ٻيا صحافي
اُٿي ويندا هئا. پر انهن ڪهاڻين کي ڇپائڻ جي بدران
ڪجهه ويجهن دوستن کي ٻڌائڻ تائين محدود رکيائين.
هيستائين سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول دُنيا جي
تقريبن سڀني وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿي. داد
حاصل ڪري چڪا آهن. کيس گهڻي ۾ گهڻي مشهوري سندس
ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ جي ڪري ملي. کيس پنهنجين
اعليٰ تخليقن تي ٻين ايوارڊن سان گڏ ’نوبل ادب
انعام‘ به ملي چڪو آهي.
پاڻ جيئن ئي 1961ع ۾ ميڪسيڪو سِٽيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺو ته اڃا
تائين اُتي رهي ٿو. سندس شادي پورن ويهن سالن جي
عشق کان پوءِ مرسڊيز سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ
آهن ۽ پنهنجن ڌنڌن سان لڳل آهن.
اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريان ليکڪ وڌ ۾ وڌ مشهور آهن. گارشيا
مارڪئز انهن مان هڪ آهي.
کيس انگريزي ته اچي ٿي، پر هيءُ انٽرويو اسپينش ٻوليءَ ۾
ڏنائين، جنهن جو ترجمو سندس پُٽ ڪندا رهيا.
هي انٽرويو کانئس 1981ع ۾ ورتو ويو. جڏهن اڃا کيس ’نوبل ادب
انعام‘ نه مليو هو.[
گارشيا مارڪئز
انٽرويو
انٽرويو وٺندڙ: ٽيپ رڪارڊر ذريعي انٽروي وٺڻ تي تون ڇا ٿو محسوس
ڪرين؟
گارشيا مارڪئز: مسئلو اهو آهي ته جڏهين اوهان کي اها خبر پئجي
ٿي وڃي، ته توهان جو انٽرويو ٽيپ ڪيو پيو وڃي ته
اوهان جو رويو بدلجيو ٿو وڃي. آئون ته ٽيپ رڪارڊر
ڏسي دفاعي رويو اختيار ڪندو آهيان. هڪ صحافيءَ جي
حيثيت ۾ آئون محسوس ٿو ڪريان ته اسان ٽيپ رڪارڊر
وسيلي انٽرويو وٺڻ جو گُر اڃا سکيا ئي ناهيون.
ڳالهه ٻولهه جو سُٺي ۾ سٺو طريقو اهو آهي ته صحافي
بنا نوٽس وٺڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪري. اُتان اُٿي پوءِ
وڃي، اها ڳالهه ٻولهه ياد ڪري پنهنجن اکرن ۾ لکي.
ضروري ناهي ته جيڪي اکر انٽرويو ڏيندڙ چيا هُجن
اُهي ساڳيا لفظ ائين جو ائين استعمال ڪري. ٻي
ڪارائتي صورت نوٽس وٺڻ جي به آهي. نوٽس وٺو ۽
پوءِ انٽرويو ڏيندڙ سان پنهنجو خلوص ڏيکاري انهن
کي پنن تي پنهنجي لفظن ۾ لاهيو. ٽيپ رڪارڊر ۾ اها
خرابي آهي ته جڏهين توهان ٽيپ رڪارڊر اڳيان ٿا رکو
ته محسوس اهو ٿيندو آهي ته اوهان کي انٽرويو ڏيندڙ
سان ڪا به همدردي ناهي. ماڻهو ڳالهائيندي سدائين
هڪڙي خاني ۾ نه رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳُئيءَ مان
به ڳالهائڻ لڳندو آهي ۽ صحافي آهي ئي ڳالهيون
اُڀاري پيش ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن مون
کان ڪو ٽيپ رڪارڊر تي انٽرويو وٺندو آهي ته آئون
خبردار ٿي ويندو آهيان. پر جڏهين ٽيپ رڪارڊر نه
هوندو آهي، تڏهن آئون پنهنجي اصلي رنگ ۾
ڳالهائيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو ته اها ڳالهه ڪري اسان کي ڏوهاري بڻائي وڌو
آهي، پر ههڙي قسم جي انٽرويو لاءِ ٽيپ رڪارڊر جي
ضرورت هئي.
گارشيا مارڪئز: ڪجهه به هجي. مون جيڪا ڳالهه توکي چئي آهي ته
انهيءَ سان توکي دفاعي انداز اختيار ڪرڻو پئجي ويو
آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تون پاڻ صحافي به آهين ته تون ڪڏهين انٽرويو وٺڻ
لاءِ ٽيپ رڪارڊر استعمال ڪيو؟
گارشيا مارڪئز: صحافي جي حيثيت ۾ مون ڪڏهين به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾
نه کنيو. مون وٽ تمام سٺو ٽيپ رڪارڊر آهي پر آئون
انهيءَ تي سنگيت ٻڌندو آهيان. باقي صحافيءَ جي
حيثيت ۾ ته مون ڪڏهن به ٽيپ رڪارڊر ڏانهن نه ڏٺو.
مون ڪئين رپورٽون لکيون آهن، پر ڪڏهين به سوال ۽
جواب وارو انٽرويو نه ڪيو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: مون ٻڌو آهي ته تو ڪنهن جهازيءَ کان ڪو تمام
مشهور انٽرويو ورتو هو. انهيءَ جهازيءَ جو سامونڊي
جهاز تباهه ٿي ويو هو پوءِ؟
گارشيا مارڪئز: سوال جواب نه هئا. اهو جيڪو جهازي هو مون کي
پنهنجن خطرناڪ مهمن جي باري ۾ ٻڌائيندو ويندو هو
ته آئون سندس قصا لکندو وڃان. اهو سڀ ڪجهه مون
فرسٽ پرسن ۾ لکيو ۽ ائين لکيو ڄڻ جهازي پاڻ پيو
لکي. جڏهن سندس اهو قصو قسطوار اخبار ۾ ڇپيو ته
انهيءَ تي جهازيءَ جي صحيح لڳل هوندي هُئي، مون ته
ان قصي هيٺيان پنهنجي صحيح ڪا نه لڳائي. انهيءَ
وقت ته اُنهيءَ قصي تي ڪنهن ڌيان ڪو نه ڏنو، پر
ويهن سالن کان پوءِ ماڻهن کي خبر پيئي ته انهيءَ
قصي لکڻ ۾ منهنجا هٿ اکر هئا. خود ايڊيٽر به
انهيءَ قصي کي ايترو لکيو ئي ڪو نه، پر جڏهين
منهنجو ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ڇپيو ته پوءِ وڃي
ايڊيٽر صاحب کي اها کڙڪ پيئي ته قصو ڏاڍو ڀلو هو.
انٽرويو وٺندڙ: پاڻ ڳالهه پئي ڪئي صحافت جي، تون ڳچ وقت ناولن
لکڻ کان پوءِ وري صحافت ۾ آيو آهين، ته هن وقت
توکي صحافت اوپري اوپري ته نه ٿي لڳي؟
گارشيا مارڪئز: مون کي سدائين کان اهو خيال رهيو آهي ته منهنجو
اصلي ۽ صحيح ڌنڌو صحافت آهي. اڳ ۾ صحافت جي جيڪا
ڳالهه مون کي نه وڻندي هئي، اُها اِها هئي ته
صحافت ۾ ڪم لاءِ حالتون سازگار نه هُيون ۽ گڏوگڏ
اهو به هو ته صحافت ۾ مون کي پنهنن خيالن ۽ نڪتن
تي پابندي هڻڻي پوندي هئي، آئون مشروط صحافي هوس.
پوءِ جڏهن ناولسٽ ٿيس ۽ ناول لکڻ جي ڪري جيڪا مون
کي اقتصادي آزادي ملي ته هاڻي آئون پنهنجي
دلچسپيءَ جا خيال ۽ نُڪتا ۽ موضوع پنهنجي مرضيءَ
سان چونڊي اخبارن ۾ لکي سگهان ٿو. جيڪي ڪجهه به
هجي، پر جڏهين مون کي صحافيءَ جي ڪم ۾ سٺيون
سٺيون رپورٽون لکڻ جو وجهه ملندو ته آئون انهن
موقعن مان ڏاڍو مزو وٺندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو لاءِ صحافت جي ڪم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون
رپورٽون آهن؟
گارشيا مارڪئز: جان هيريسيءَ جي رپورٽ ’هيروشيما‘ صحافت جو غير
معمولي ڪارنامو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: اڄڪلهه ڪا اهڙي خبر آهي، جنهن تي تون رپورٽ لکڻ
گهرندو هجين؟
گارشيا مارڪئز: ڪيتريون ئي آهن. ڪجهه ته لکيون اٿم. پورچو گال،
ڪيوبا، انگولا ۽ ويٽنام تي لکيون اٿم. هينئر ته دل
گهري ته پولينڊ تي ڪا رپورٽ لکان. جيڪڏهن اهو لکي
وڃان ته پولينڊ ۾ ڇا پيو وهي واپري ته ڪر تمام اهم
رپورٽ ٺهي پوي. پر اڄڪلهه پولينڊ ۾ سيءُ ڏاڍو آهي
۽ آئون وري اهڙو صحافي آهيان، جنهن کي ٿوري گهڻي
آرام پسندي کپي ٿي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي نظر ۾ ناول ۾ ڪي اهڙيون خاص شيون هونديون
آهن، جيڪي صحافت ۾ لکي نه سگهجن؟
گارشيا مارڪئز: ڪجهه به نه. ٻنهين ۾ ڪو فرق ناهي. وسيلا ساڳيا
آهن. مواد ساڳيو آهي، ٻولي ۽ ٻيا ذريعا ساڳيا آهن.
ڊينئيل ڊيفو جو ڪتاب
“The Journal of the plague year.”
عظيم ناول آهي، ساڳئي طرح ’هيروشيما‘ صحافت جو
عظيم ڪارنامو آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڇا حقيقت ۽ تصور ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾
صحافتي ۽ ناولسٽ جي ذميوارين ۾ ڪو فرق آهي؟
گارشيا مارڪئز: صحافت ۾ جيڪڏهين ڪا به هڪڙي ڳالهه ڪوڙ تي يا
تعصب تي ٻڌل هجي ته سڄي ڪم کي ڦٽايو ڇڏي. ٻئي پاسي
ناول ۾ ڪا به هڪ رکي حقيقت بيان ٿي وڃي ته سڄي
ناول کي ڦٽايو وجهي. اهو ئي فرق آهي، پر ڏسڻو اهو
آهي ته لکڻ واري جي ڪمنٽمنٽ ڪهڙي آهي. ناولسٽ کي
اها آزادي آهي ته هو جيڪي دل چئيس اُهو لکي، ماڻهن
کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي.
انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه سال اڳ تو انٽرويو ڏنا هئا. ته تون مُڙي
جڏهين پنهنجي صحافت جي پهرئين دور ڏانهن نهارين ٿو
ته وڏو فخر ٿو محسوس ڪرين ته تون ڪيڏيءَ نه تيزي
سان لکي ويندو هئين؟
گارشيا مارڪئز: اڳي جيڏو آئون تيزيءَ سان لکندو هوس، اُنهيءَ جي
ڀيٽ ۾ هاڻي ناول توڙي صحافت لکڻ ۾ ڏکيائي ٿو محسوس
ڪريان. آئون جڏهين اخبارن لاءِ لکندو هوس ته آئون
پنهنجي هڪڙي هڪڙي اکر کي خبرداريءَ سان نه لکندو
هوس ته هن اکر جي الائي ڪهڙي معنيٰ نڪرندي، هُن
اکر جو ڇا ٿيندو. آئون جڏهن ايل ايسپيڪٽاڊور اخبار
۾ ڪم ڪندو هوس ته هفتي ۾ ٽي ٽي رپورٽون لکي ويندو
هوس. روزانو ٻه يا ٽي ايڊيٽوريل نوٽ يا فلمن تي
تبصرا لکي ويندو هوس. پوءِ جڏهين رات ٿيندي هُئي
ته منهنجا ٻيا ساٿي صحافي گهرن ڏانهن هليا ويندا
هئا ته آئون آفيس ۾ ويهي ناول لکندو هوس. مون کي
لائينو ٽائيپ مشينن جو گوڙ ڏاڍو وڻندو هو. ائين
جيئن ڄڻ مينهن وسندو هجي. جڏهن مشينون بند ٿي
وينديون هيون ته آئون ماٺ ۾ پئجي ويندو هوس ۽ لکي
نه سگهندو هوس. هاڻي آئون ايترو لکي ئي نٿو سگهان.
جڏهين لکڻ لاءِ ڪو سڀاڳو ڏينهن هوندو آهي ته صبح
جو نوين وڳي کان وٺي ٻين يا ٽين وڳي تائين لڪکان
ٿو ته مس مس چئن يا پنجن ستن تي ٻڌل ننڍڙا پيرا
گراف لکندو آهيان. ٻئي ڏينهن وري اُهي ڦاڙهي
ڇڏيندو آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: تو ۾ اها جيڪا تبديلي آئي آهي، اُها انهيءَ ڪري
ته نه آئي جو تنهنجي ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو
آهي؟ يا ڪنهن سياسي ڪمنٽ مينٽ جي ڪري آئي آهي؟
گارشيا مارڪئز: ٻنهين ڳالهين جي ڪري آئي آهي. مون ڪڏهين به اهو
ڪو نه سوچيو هو ته مون کي ايترن گهڻن ماڻهن لاءِ
لکڻو پوندو. هاڻي جڏهين گهڻن ماڻهن لاءِ پيو لکان
ته انهيءَ خاص ڳالهه جي ڪري مون ۾ ادبي ۽ سياسي
ذميواري پئجي ويئي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مون کي
پنهنجين لکڻين تي فخر به ٿي پيو آهي ته ائين نه
ٿئي ته جهڙو اڳي پئي لکيم. انهيءَ درجي تان هيٺ نه
ڪري پوان.
انٽرويو وٺندڙ: لکڻ شروع ڪيئن ڪيئه؟
گارشيا مارڪئز: تصويرن ٺاهڻ سان شروعات ڪيم. ڪارٽون ٺاهيندو
هوس. جڏهين لکڻ ۽ پرهڻ جهڙو ٿيس. تنهن کان اڳ
اسڪول ۽ گهر ۾ ويهي مزاحيه تصويرون ٺاهيندو هوس.
مزيدار ڳالهه اها آهي ته هاڻي وڃي مون کي خبر پيئي
آهي ته آئون جڏهين هاءِ اسڪول ۾ هوس تڏهن مون کي
اُتي ليکڪ سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُنهيءَ وقت
مون ڪجهه به نه لکيو هو، انهيءَ زماني ۾ ڪو پمفليٽ
لکڻو پوندو هو يا ڪا درخواست لکڻي پوندي هُئي ته
اِهو ڪم اڪيلو آئون ئي ڪندو هوس، انهيءَ ڪري مون
کي ليکڪ ڪري سمجهيو ويندو هو. جڏهين ڪاليج ۾ داخل
ٿيس ته عام طور تي منهنجو سٺو ادبي پس منظر بڻجي
چڪو هو. مون کي پنهنجن ٻين هم ڪلاسين کان مٿانهون
سمجهيو ويندو هو. بوگوٽا يونيورسٽيءَ ۾ پهچي مون
نوان ۽ واقفڪار ۽ دوست ٺاهيا، جن مون کي اُنهيءَ
وقت جي ليکڪن سان متعارف ڪرايو، هڪ رات منهنجي هڪ
دوست مون کي فرانز ڪافڪا جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڏنو.
اُهو مون گهر وڃي پڙهيو. پهرئين سِٽ ئي مون کي ڌڪ
هنيو ۽ اُٿي ويهي رهيس. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. اها
سٽ هن طرح هئي ته، ـگريگور سم سا صبح جو جيئن ئي
پنهنجن تڪليف ڏيندڙ خوابن مان اُٿيو ته هن پنهنجي
بستري تي پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏي جيت ۾ تبديلي ٿيندي
محسوس ڪيو.“ مون جڏهين اها سٽ پڙهي ته پنهنجي ليکي
سوچيم ته مون کي ته اها خبر ئي نه آهي ته ليکڪ کي
ماڻهو ڪي اهڙيون ڳالهيون لکڻ ڏيندا. جيڪڏهن اها
مون کي خبر هجي ها ته آئون ڪڏهوڪو لکڻ شروع ڪري
ڇڏيان ها. بس پوءِ ته مون جلدي ئي ڪهاڻيون لکڻ
شروع ڪيون. منهنجون اهي ڪهاڻيون مڪمل طرح تي
دانشورانه هيون، ڇاڪاڻ انهن جو بنياد منهنجو پڙهڻ
وارو ادبي تجربو هو ۽ اڃا تائين مون کي اها خبر نه
هئي ته زندگي ۽ ادب جا پاڻ ۾ ڪهڙا لڳ لاڳاپا آهن.
منهنجون اهي ڪهاڻيون ’ايل ايسپيڪٽاڊور‘ اخبار جي
ادبي ايڊيشن ۾ ڇپيون. انهيءَ وقت ٿوري گهڻي
ڪاميابي به ماڻيائون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ڪولمبيا
۾ ڪو دانشورانه ڪهاڻيون لکڻ وارو هوئي ڪو نه.
انهيءَ وقت اتي لکڻ وارا ڳوٺن جون ۽ اتان جي سماج
جون ڪهاڻيون لکندا هئا، پر منهنجون جڏهن پهريون
ڪهاڻيون ڇپيون ته مون کي ٻڌايو ويو ته توتي جيمس
جوائس جو اثر آهي.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت تو جيمس جوائس کي پڙهيو هو؟
گارشيا مارڪئز: مون ته جوائس کي ٺُپ ڪو نه پڙهيو هو. پوءِ ماڻهن
جي چوڻ تي سندس ناول ’پوليسس‘ پڙهڻ شروع ڪيم.
انهيءَ وقت انهيءَ ڪتاب جو اسپينش ترجمو پڙهيم.
پوءِ وڃي اصل انگريزيءَ ۾ ۽ فرانسيسي ترجمو به
پڙهيم. جيڪو ڏاڍو سُٺو هو، باقي اسپينش ترجمو ته
تمام واهيات هو، پر انهيءَ مان مون هڪڙي ڳالهه
سکي، جيڪا اڳتي هلي مون کي ڪم آئي. اها ڳالهه هئي
ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ واري ٽيڪنڪ ۾ ڪيئن
لکجي. اڳتي هلي اها ٽيڪنڪ مون کي ورجينيا وولف ۾
به نظر آئي ۽ ڏٺم ته انهيءَ ٽيڪنڪ ۾ ورجينيا وولف،
جوائس کان وڌيڪ سگهاري آهي. اڳتي هلي مون کي خبر
پيئي ته پهرئين پهرئين اها ٽيڪنڪ هڪ اڄاتي ليکڪ
لازرِيل ڊِي ٽوريس ايجاد ڪئي هئي.
انٽرويو وٺندڙ: توتي جيڪي شروعاتي شروعاتي اثر پيا، انهن جي
باري ۾ ٻڌائي سگهندين؟
گارشيا مارڪئز: جن ماڻهن سچي پچي مون کي دانشورانه ڪهاڻين لکڻ
جي چڪر مان ڪڍيو، اُهي آمريڪا جي ادبي تحريڪ ’گم
ٿيل نسل‘ جا لکيڪ هئا. مون اها ڳالهه سَهي ڪري
ورتي ته سندن تخليق ڪيل ادب جو لڳ لاڳاپو زندگيءَ
سان آهي ۽ آئون جيڪي ڪهاڻيون پيو لکان، انهن جو
زندگيءَ سان ڪو لڳ لاڳاپو ناهي. پوءِ هڪڙو تمام
وڏو واقعو ٿي پيو، جنهن منهنجي ادبي لاڙن تي وڏو
اثر ڇڏيو. اهو زمانو هو 9 اپريل 1948ع جو ۽ هنڌ هو
بوگوٽازو شهر. انهيءَ تاريخ تي گائيٽان نالي هڪ
سياسي ليڊر کي گولي هنئي وئي. بوگاٽا جا ماڻهو
انهيءَ واقعي تي ڇتا ٿي گهٽين ۾ ڪاهي پيا. مون
پنهنجي ٺڪاڻي تي منجهند جي ماني کائڻ جي تياري پئي
ڪئي، ته مون تائين اها خبر پهتي. آئون ڀڄي سڌو اتي
پهتس، جتي گائيٽان کي گولي لڳي هئي، پر ماڻهو کيس
ٽئڪسي ۾ وجهي اسپتال کڻي ويا هئا. آئون گهر واپس
ٿيس، تيستائين ماڻهن جا ميڙ گهٽين ۾ گڏ ٿي ويا.
مظاهرا، ڦرمار ۽ باهيون شروع ٿي ويون. آئون به
عوام سان گڏجي ويس. انهيءَ ڏينهن شام جو مون اک
پٽي ته آئون ڪهڙين حالتن واري ملڪ ۾ پيو رهان ۽
انهن حالتن جي مقابلي ۾ منهنجن ڪهاڻين جي ڪهڙي
حيثيت آهي. انهيءَ کان پوءِ جڏهن مون کي زوري
باران ڪُئيلا مولين، جتي مون پنهنجي ننڍپڻ گذاري
هئي ته مون کي اها ڳالهه دل سان لڳي ته زندگيءَ جو
اهوئي رنگ آهي، جنهن کي پنهنجين لکڻين ۾ چٽجي.
1950ع يا 1951ع ۾ وري ٻيو واقعو ٿي گذريو. منهنجيءَ ماءُ مون کي
چيو ته ”تون مون سان گڏجي آراڪاٽاڪا هل.“ اُتي
آئون ڄائو هوس ۽ امان کي اهو گهر وڪڻڻو هو، جنهن ۾
آئون زندگيءَ جا پهريان پنج سال رهيو هوس، جڏهن
آئون اتي پهتس ته منهنجيءَ دل کي ڌڪ لڳو. انهيءَ
وقت منهنجي عمر ٻاويهه سال هئي ۽ مون اٺن ورهين جي
ڄمار کان پوءِ اباڻا پٽ ڪو نه ڏٺا هئا، اتي ڪا به
شيءِ تبديل نه ٿي هئي، پر مون اهو محسوس ڪيو ته
آئون پنهنجي ڳوٺ نه پيو ڏسان، پر هڪ تجربي مان پيو
گذران ۽ ڳوٺ کي ڏسڻ جي بدران ڳوٺ کي پڙهڻ شروع
ڪيم. مون کي لڳو ته پنهنجو ڳوٺ ۾ دل جي پٽيءَ تي
ته لکجي چڪو آهي، هاڻي مون کي اها شيءِ پني تي
لاهڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا پريڪٽيڪل رُخ
منهنجين لکڻين ۾ پيا اچن. گهر، ماڻهو ۽ يادگيريون.
مون کي پڪ ناهي ته انهيءَ زماني ۾ مون فاڪنر کي
پڙهيو هو يا نه، پر هاڻي خبر پئي اٿم ته جيڪي ڏٺم،
اُهو صرف فاڪنر جي ٽيڪنڪ اختيار ڪندي اُتان جي
باري ۾ لکي پيو سگهان. مون ڳوٺ جو جيڪو ماحول،
زوال ۽ گرمي محسوس ڪيو ته اهي شيون اهڙيون ساڳيون
هيون، جيڪي مون فاڪنر جي لکڻين ۾ محسوس ڪيون آهن،
اُتي جيڪي ڪيلن جا فصل هئا، اُتي انهن فروٽ ڪمپنين
جا آمريڪي ماڻهو رهندا هئا، جن اهو ئي ماحول پيدا
ڪري وڌو هو، جيڪو سائوٿ جي ليکڪن پنهنجين لکڻين ۾
چٽيو هو. نقاد ته چون ٿا ته مون تي فاڪنر جو اثر
آهي، پر آئون انهيءَ کي اتفاق واري هڪجهڙائي ٿو
سمجهان. سولي سنواٽي ڳالهه پيئي آهي ته مون کي
اُتي اهوئي مواد ملي سگهيو، جنهن جهڙو مواد ساڳئي
طريقي سان فاڪنر لکيو.
ڳوٺان موٽي مون اچي ’پنن جي وانئر‘ نالي ناول لکيو، جيڪو منهنجو
پهريو ناول هو. ڳوٺ وڃي مون کي جيڪا اصل ڳالهه
سمجهه ۾ آئي ته مون جيڪي ڪجهه ننڍپڻ ۾ ڏٺو ۽ سَٺو،
انهيءَ زندگيءَ جو هڪ ادبي مُلهه هو، جنهن کي هاڻي
وڃي مڃيو اٿم. جڏهن مون ’پنن جي وانئر‘ ناول لکيو
ته مون کي خبر پيئي ته مون ۾ ليکڪ جا جيوڙا آهن ۽
هاڻي مون کي ڪو به لکڻ کان روڪي نٿو سگهي، ۽ اهو
ته هاڻي مون لاءِ رڳو اها واٽ وڃي بچي آهي ته آئون
دنيا جو بهترين ليکڪ بڻجان. اهو 1953ع جو سال هو.
پر مون کي 1967ع کانپوءِ پنهنجي اٺن ڪتابن مان
پنجن ڪتابن جي رائلٽي ملي.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ اها عام ڳالهه آهي ته ڇا ته
نوجوان ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ جي گذاريل زندگيءَ کي
لکڻ جي لائق نه سمجهندا آهن ۽ دانشورانه ڳالهيون
لکندا آهن، جيئن تو ڪيو؟
گارشيا مارڪئز: نه نه. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن نوجوان ليکڪن کي
صلاح ڏجي ته لکڻ جو سلسلو تو واريءَ چيل ڳالهه جي
ابتو وڃي بيهندو. آئون ته چوان ٿو تهته ڀاءُ اهو
ئي ڪجهه لکو، جيڪو اوهان ڏِٺو، سَٺو، پڙهيو ۽ ٻُڌو
آهي. پئبلو نيرودا پنهنجي نظم جي هڪ سٽ ۾ چوي ٿو،
”منهنجا رب! جڏهن آئون ڳائڻ ويهان ته مون کي راڳ
ايجاد ڪرڻ کان بچاءِ.“ مون کي اها ڳالهه ڏاڍي
وڻندي آهي ته مون هيستائين جيڪي ڪجهه لکيو آهي،
انهيءَ جي هڪ سٽ ۾ به تصور جي جاءِ پوٺي تي پيل
حقيقت نه والاري آهي. مسئلو اهو آهي ته ڪيريبين
حقيقتون ڇتي تصور جهڙيون آهن.
انٽرويو وٺندڙ: هن وقت جڏهن تون لکندو آهين ته لکندي ڪنهن سان
مخاطب هوندو آهين؟
گارشيا مارڪئز: مون ڪتاب ’پنن جي وانئر‘ لکيو ته اهو ناول مون
پنهنجن انهن دوستن لاءِ لکيو، جيڪي منهنجي مدد
ڪندا هئا، ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُڌارا ڏيندا هئا ۽
منهنجين لکڻين جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. هونئن عام
طور تي لکڻ وارو ڪنهن نه ڪنهن سان مخاطب ٿي لکندو
آهي. جڏهن آئون لکڻ ويهندو آهيان ته منهنجي دماغ ۾
اها ڳالهه کُتل هوندي آهي ته فلاڻو يار هن حصي کي
پسند ڪندو، فلاڻو يار وري منهنجين هنن ٻين سٽن کي
يا باب کي پسند ڪندو. منهنجا خاطب ڪجهه خاص ماڻهو
هوندا آهن، حاصل مطلب ته آئون پنهنجن دوستن کي
مخاطب ٿي لکندو آهيان. ’اوجاڳي جا سؤ سال لکڻ کان
پوءِ مون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته هاڻي
مون کي اها خبر نٿي پوي ته اُهي ڪهڙا ۽ ڪير لکين
پڙهندڙ آهن، جن لاءِ آئون لکندو آهيان. انهيءَ
حقيقت هڻي مون کي مُنجهائي وڌو آهي. توڏانهن جڏهن
لکين اکيون ڏسنديون هجن ته توکي اها خبر ته نه
پوندي ته اُهي ڇا ٿيون سوچين.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين تي صحافت جو ڪيترو اثر
آهي؟
گارشيا مارڪئز: منهنجي خيال ۾ اهو اثر ٻه طرفو آهي. مون جيڪي
ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا، انهن مون کي صحافت ۾ مدد
ڪئي. ڇاڪاڻ جو صحافت جي ادبي حيثيت بڻجي ويئي. ٻئي
پاسي وري صحافت منهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ ۾ مدد
ڪئي، ڇاڪاڻ صحافت زندگيءَ جي حقيقت کي ويجهو ٿي
آڻي.
انٽرويو وٺندڙِ ظاهر آهي ته تو پنهنجي اسٽائيل قائم ڪرڻ لاءِ
سوچ ويچار ڪيو هوندو. ته ’پنن جي وائنر‘ کان
’اوجاڳي جا سؤ سال‘ تائين تنهنجي اسٽائيل ڪيئن
ٺهي؟
گارشيا مارڪئز؛ مون جڏهن ناول ’پنن جي وانئر‘ لکي پورو ڪيو ته
منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته پنهنجي ڳوٺ ۽
ننڍپڻ تي لکندي، مون ملڪ جي سياست کان ڪن ٽار ڪئي
آهي. مون تي اهو ڪهڙو اثر ويٺل هو ته آئون انهيءَ
قسم جي اُڪير جي پويان لڪو ويٺو آهيان، جڏهن ته
لکندي مون کي انهن سياسي حالتن سان به وڙهڻ کپندو
هو، جيڪي حالتون ملڪ ۾ موجود هيون. اهو ئي وقت هو،
جڏهن ادب ۽ سياست جي لڳ لاڳاپن تي گهڻي بحثا بحثي
ٿي. ٻنهين جي وچ ۾ جيڪو ويڇو هو، اهو مون ڀرڻ جي
ڪوشش ڪئي. پهرئين آئون فاڪنر وانگيان هوس، پوءِ
هاڻي هيمنگوي وانگر آهيان. مون ’ڪرنل کي ڪو به خط
نٿو لکي‘، ’نڀاڳي گهڙي‘ ۽ ’وڏيءَ امان جو جنازو‘
جيڪي لکيا، سي لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ۾ لکيم. انهن ۾
گهڻيون شيون هڪ جهڙيون هيون. انهن ڪهاڻين انهيءَ
ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هو، جنهن ڳوٺ ۾
’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۽ ’پنن جي وانئر‘ جنم وٺن
ٿيون. اهو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڪو به جادو
ٻادو ناهي. اهو صحافيا نه ادب هو. پر مون جڏهن،
’نڀاڳي گهڙي‘ لکي پورو ڪيو. مون ڏٺو ته منهنجا
خيال وري غلط ٿي ويا. مون کان اهو خيال ٿي بيٺو ته
مون کان ڪا ڳالهه گُسي ويئي آهي ۽ مون کي اهڙي ڪا
پڪ به نه هئي ته هڪ ڏينهن اها گُٿل ڳالهه به جهلي
وٺندس. پوءِ اها گٿل ڳالهه مون ’او جاڳي جا سؤ
سال‘ ۾ جهلي ورتي. اهو ناول مون انهيءَ طرز ۾
لکيو، جنهن طرز ۾ منهنجي ڏاڏي مون کي ڪهاڻيون
ٻڌائيندي هئي، ڏاڏيءَ جون ٻڌايل ڪهاڻيون مون کي
پليون ۽ مافوق الفطرت لڳنديون هيون، پر انهن
ڪهاڻين جي طرز حقيقت پسنديءَ واري هئي. مون جڏهن
اها طرز ڳولي لڌي ته پوءِ يڪا ارڙهن مهينا ڏينهن
رات هڪ ڪري پيو لکندو هوس. |