مايا ائنجليو
]ليکڪا،
شاعره، تاريخدان، ناٽڪ نويس، ڪمپيئر، ڳائڻي،
اداڪاره ۽ فلم ڊائريڪٽر مايا ائنجليو آمريڪا جي
رياست لوئس ارڪنساس جي ڳوٺ ۾ ڄائي. اُن وقت سندس
ماءُ ۽ پيءُ ۾ طلاق ٿي چُڪي هُئي. اٺن ورهين ج
ننڍڙي ڄمار ۾ ساڻس زوريءَ زنا ڪئي ويئي، نتيجي ۾
شاڪ وچان پورا پنج سال ڳالهائڻ يا زبان کولڻ کان
وانجهيل رهي. سورهن سالن جي ڄمار ۾ بنا شاديءَ جي
کيس ٻار پئدا ٿيو. پاڻ مشهور تڏهن ٿي جڏهن آمريڪا
جي عظيم ٽي وي سيريل
`Roots`
۾ اهم ڪرادر ادا ڪيائين. کيس فرئنچ، اسپينش،
اٽالين ۽ فانٽي ٻولين تي به پوري پوري دسترس حاصل
آهي.
ڪجهه عرصو مجبوريءَ ڪري ڪال گرل رهندڙ ڇهه فوٽ ڊگهي آمريڪن
شيدياڻيِ مايا ائنجليو پنهنجي ڪيريئر جي شروعات
ناٽڪ ۽ ناچ سان ڪئي، شادي ڏکڻ آفريقا جي آزاديءَ
لاءِ وڙهندڙ هڪ شخص سان ڪيائين ۽ قاهره ۾ رهڻ لڳي.
پنج سال مصر ۾ رهڻ دوران اُتان جي واحد انگريزي
هفتيوار رسالي
`The Arab Observer` جي ايڊيٽر ٿي رهي. انهيءَ کان پوءِ گهانا ۾ ماستريءَ جي نوڪري
ڪرڻ سان گڏوگڏ
`The African Review` جي اندرين صفحن جي ايڊيٽر پڻ رهي.
هن وقت تائين سندس شعرن ۽ نثرن جا ڏهه ڪتاب ڇپجي سڄي دنيا ۾
مقبوليت حاصل ڪري چُڪا آهن. جڏهن سندس آتم ڪٿا جو
پهريون جلد
`I know why the Caged bird sings.`
ڇپيو، جنهن ۾ هن پاڻ سان ٿيل زوري زنا، ساڻس زوري
زنا ڪندڙ جو چچلائيندڙ موت ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس
پنجن سالن جي چُپ بيماريءَ جو وستار لکيو ته سڄي
ملڪ ۾ باهوڙ مچي ويئي ته سندس انهيءَ ڪتاب تي
پابندي هنئي وڃي. مٿس فحاشي ۽ گند ٿڦڻ جا الزام
هنيا ويا.
مايا ائنجليو هن وقت نارٿ ڪئرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيوريسٽيءَ
۾ آمريڪن اسٽيڊيز شعبي جي پنهنجي ذاتي حيثيت ۾
پروفيسر آهي ۽ سڄي آمريڪا ۾ وڃي ليڪچر ڏيندي آهي.)
مايا اينجلو
انٽرويو وٺندڙ: ڪين ڪيلي
انٽرويو وٺندڙ: آمريڪا جي قدامت پسند سياستدانن جي وڏي ڪوشش لڳي
پيئي آهي ته سرڪار طرفان جيڪي ڏوڪڙ فن تي خرچ ڪيا
وڃن، انهن فنن کي ختم ڪيو وڃي. جي فن بند ٿي ويا
ته آمريڪا جي ثقافت زندگيءَ تي ڪهڙو اثر پوندو؟
مايا ائنجليو: وارِي وسندي. سڄو ملڪ هڪ اهڙو رڻ پٽ بڻجي ويندو،
جتي ڪا به اوڀڙ نه ٿيندي آهي، ڪو به بيٺل ٻوٽو واڌ
نه کائيندو آهي، ڪو به پير پنهنجي جاءِ تي بيهي نه
سگهندو آهي ۽ ڪو به سولو ساهه کڻي نه سگهندو آهي.
ڀينگ ٿي ويندي. انهن سياسي اڳواڻن جيڪا سِٽا سٽي
آهي، سا گهڻو وقت هلي نه سگهندي. منهنجي دُعا آهي
ته اِها نه هلي.
انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڏس ۾ فنڪارن ۽ ليکڪن کي ڇا ڪرڻ کپي؟
مايا ائنجليو: فنڪار کي کپي ته اهڙين ڳالهين کي روڪين ۽ فنڪار
ائين ڪندا. قدامت پسندن جيڪڏهن اهو فيصلو ڪري ورتو
آهي ته فنڪار لڏو عوام کان الڳ آهي، ته اهو ته
هڪڙو گڏهه پڻو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته ليکڪ،
مصور، گهر سينگاري بنائڻ وارا، اداڪار، ناچُو، لوڪ
ڳائڻا- اسان سڀ عوام آهيون. اسان عوام مان آيا
آهيون ۽ عوام ۾ رهڻ وارا آهيون. اسان جو ته اهو ڪم
آهي ته پارڪن ۾ ڳائيون، ٻارن سان ڳالهيون ڪري سندن
دل وندرايون، ٻارن جي مائٽن سان گڏجاڻين ۽ دعوتن ۾
گڏ رهون، نچون، شاعري پڙهون ۽ اداڪاري ڪريون.
سدائين لاءِ ڪندا رهون. عوام کي خبر آهي ته،
”فنڪار اسان جا پنهنجا آهن. انهن کي نه ڪو روڪي
سگهي ٿو ۽ نه ماري سگهي ٿو.“ اسان کي عوام کان ڇڄڻ
نه کپي، ساڻن گڏجي هلجي. سڀني فنڪارن کي ائين ڪرڻ
کپي. عوام کان ٽُٽي ڪري ڪير ڏنگ سهندو.
انٽرويو وٺندڙ: قدامت پسندن فنڪارن کي جيڪا ڌمڪي ڏني آهي،
اُنهيءَ ڌمڪي جو اثر تنهنجي ڪم تي پيو آهي ڇا؟
مايا ائنجليو: مالي خيال کان ته منهنجي ڪم کي ڪو خطرو ناهي. پر
جنهن اسپرٽ مان منهنجو ڪم ٻاهر اچي ٿو، انهيءَ کي
ڌڪ لڳو آهي. جڏهن نوجوان ليکڪ، شاعر، موسيقار ۽
مصور منهنجي سامهون مالي هيڻائيءَ جو روئڻو رکن ٿا
ته مون کي اُداسي ويڙهي ويندي آهي. اُنهيءَ
اُداسيءَ جو منهنجن خوابن، خيالن ۽ اُتساهه تي ڪو
به اثر ڪو نه ٿو پوي پر کين ڏسي آئون هيڻي ٿي
ويندي آهيان.
انٽرويو وٺندڙ: آمريڪي زندگيءَ جا جيڪي طور طريقا آهن، انهن ۾
تون روحاني طور تي پنهنجو پاڻ کي ڪيئن فِٽ ڪندي
آهين؟
مايا ائنجليو: ڪجهه به هجي، اسان سڀ جا سڀ برابر گوشت، رت ۽ هڏن
مان ٺهيا آهيون، پر اسان جا عقيدا غلط آهن. انهيءَ
ڪري اسان پنهنجا قدر مادي شين ۾ ٻوڙي ڇڏيا آهن.
ليکڪ بيهه رچرڊس جي لفظن ۾ اسان ’مادي شين‘ ڏانهن
جلاوطن ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان وٽ ٻن ڪارن جي
بدران ٽي ڪارون اچي وڃن ٿيون ته اسان جي عمر ڪجهه
ڪجهه وڌيو ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان جا چار وڌيڪ ڪتاب
ڇپجي ٿا وڃن ته اسان جي عمر تهائين وڌي وڃي ٿي ۽
خاص ڪري جيڪڏهن اسان وٽ ٻئي ماڻهوءَ کان وڌيڪ پئسا
آهن ته اسان جي عمر انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌي وڃي
ٿي. اِهي ڳالهيون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم انهن مالي
شين کان وڌي ڪري اسان جي دل آهي، روح آهي. منهنجي
خيال ۾ جيڪو ماڻحو پنهنجي روح ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي
ٿو ته اها اهليت اسان کي همٿ ڏياري ٿي، نئڙت پئدا
ڪري ٿي. ٻين ماڻهن جو خيال ٿئي ٿو، اسان جي دماغ
کي سگهه ڏئي ٿو. اسان ۾ رحم جو جذبو پئدا ڪري ٿو ۽
اسان جي شناخت ٿئي ٿي.
انٽرويو وٺندڙ: تون روحانيت جي ڀاڪرن ۾ آهين. ڇا اها صورتحال
توکي پراُميد بنائي ٿي، جڏهن تون پنهنجي شاعريءَ ۾
ههڙا سوال پڇي ويهي رهين ٿي ته، ”ڪارڙا ٻار ڇو
اُميدون رکن؟ اهو ڪير آهي، جيڪو کين کاڄا، پڪل
گوشت ۽ هڪ وڌيڪ صبح آڇيندو؟“
مايا ائنجليو: انهن شيدي ٻارڙن کي اها به خبر ناهي ته هوُ اسان
سڀني جا پونئير آهن، تنهن هوندي به اُهي وڌ ۾ وڌ
بهادر آهن. اِهي جيڪي ڪارڙا ٻارڙا آهن، جيڪي غريب
گورا ٻارڙا آهن، جيڪي اسپينش ٻارڙا آهن، جيڪي
آمريڪا ۾ آباد ٿيل ايشيائي ٻارڙا آهن. انهن ٻارڙن
کي هن ملڪ ۾ رهي ڪري هن وقت جي حالتن کي مُنهن
ڏيڻو پوي ٿو. پر تنهن هوندي به اهي ٻارڙا هڪ ٽنگ
تي نچن ٿا، ٿُونا هڻن ٿا، رڙيون ڪري ٻئي کي سڏين
ٿا ۽ اسڪول وڃن ٿا. منجهن پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ جي
همٿ آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ جي به همٿ آهي.
سندن اِهو روپ دل خوش ڪريو ڇڏي. انهن ٻارن کي جيڪي
اُميدون بيٺيون آهن، اهي ئي اُميدون ته مون کي
پراُميد بڻائين ٿيون.
انٽرويو وٺندڙ: ٻارن ۾ اهي جيڪي اُميدون بيٺيون آهن، اِهي
ٻاراڻيون اُميدون اڳتي چڙهي گهٽين ۾ جهيڙن جهٽن ۽
تشدد ڏانهن ته نه وڌنديون؟
مايا ائنجليو: ها. کانئن جنهن سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ڪن ٽار
ڪيئي وڃي ٿي ته تشدد ته وڌندو.
انٽرويو وٺندڙ: مطلب؟
مايا ائنجليو: جڏهن انساني نسل پنهنجن ڪمزور ميمبرن کان ڪن ٽار
ڪندو آهي. جڏهن ڪو خاندان پنهنجي گهر جي ڪمزور
ڀاتيءَ کان ڪن ٽار ٿو ڪري ته انهيءَ حالت ۾ انسان
خودڪشيءَ ڏانهن پهريون وکون کڻي ٿو. مون گهمي ڦري
ڏٺو آهي. شهرن ۾ جيئن ڪن ٽار ڪئي ٿي وڃي، جيئن
ويسٽ ورجينيا ۾ غريب گورن ٻارن کان ڪن ٽار ڪئي ٿي
وڃي، خاص ڪري وڏن شهرن ۾ ته اِها رنگ ته لائيندي.
مون آمريڪا جي اصلي رهاڪن ريڊ انڊين جي ٻارن کي به
نظر انداز ٿيندي ڏٺو آهي. کين وانڍن ۾ رهايو ويو
آهي. اِهي وانڍيون نه پر عقوبت خانا آهن.
جيڪي سگهارا ماڻهو آهن سي چون ٿا، ”توهان پاڻ زور لائي پنهنجن
پيرن تي بيهو ۽ پاڻ ڀرا ٿيو.“ اها ڳالهه ڪندي هُو
اِهو نٿا ڏسن ته جيڪي محرومين جا شڪار آهن، جيڪي
بارود مٿان بيٺا آهن، جيڪي باندي بڻايل آهن، اُهي
ماڻهو ڪولمبيا ۽ عراق مان آيل چرس ۽ هيروئن ۾ ورتا
پيا آهن، ته اهڙا ويچارا مجبور ماڻهو پنهنجن پيرن
تي ڀلا ڪيئن بيهندا. اهڙا ويچارا عذابن جا ماريل
ماڻهو ته اهو ئي چوندا آهن ته، ”جي ڪري سگهين ٿو
ته ڪر، جي نٿو ڪري سگهين ته وساري ڇڏ هن دنيا کي.“
ته اها جيڪا تباهيءَ جي صورتحال آهي، اُها انهيءَ
هڪ ٻئي کي ڇڄي ڌار ٿيڻ وارين حالتن مان نڪتل آهي.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهو مامرو ايترو منڌل آهي.
انٽرويو وٺندڙ: جڏهن آمريڪا ۾ شهري حقن جو ائڪٽ پاس ڪيو ويو.
انهيءَ کان پوءِ جي جيڪا پيڙهي آهي، اُنهيءَ
پيڙهيءَ آمريڪا ۾ نسلي ويڇن جي خلاف ڪيتري ويڙهه
ڪئي آهي ۽ ڪيتري حد تائين انهيءَ جا نتيجا نڪتا
آهن؟
مايا ائنجليو: انهيءَ معاملي ۾ اسان ڪافي اڳتي وڌي چُڪا آهيون.
اها ڳالهه ته چوان ته ڏوهاري ٿيان. ڇاڪاڻ ته جي
اسان اها ڳالهه نه ڪنداسين، نوجوانن کي نه
ٻڌائينداسين ته اُهي هٿ ڪڍي بيهي رهندا ۽ اهو چوڻ
لڳندا ته، ”مارٽر لوٿر ڪنگ جونئر، مالڪولم ايڪس ۽
ڪئنڊيءَ ۽ ٻين ماڻهن هن ڏس ۾ جيڪو ڪم ڪيو، زندگي
ڏني ۽ موت ورتو. روزاپارڪس جيڪا حياتي ڀر جدوجهد
ڪئي. انهن ايڏو ڪجهه ڪيو، پوءِ به نسلي تفرقي
وارين حالتن کي ذريءَ ڀر بدلائي نه سگهيا؟ جيڪڏهن
ائين آهي ته پوءِ اسان وڃي ڌوڙ پايون.“ اها هڪ
حقيقت آهي ته گهڻو ڪجهه ٿيو آهي ۽ چڱائي ٿي آهي.
اسان اڃان به جي همٿ ڪري پنهنجي دل و جان سان اڳتي
وڌنداسين ته اڃان به وڌيڪ سُٺا نتيجا نڪرندا
ايندا.
انٽرويو وٺندڙ: اجھ تون سورهن ورهين جي ٿي پوين ته پوءِ اڄڪلهه
جي انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ لاءِ ڪر
ڪهڙي جاءِ ڳولي لهين؟
مايا ائنجليو: پڙهڻ کي لڳي وڃان. ٻيو ڪر وري ڇا ڪريان؟ سڀني کي
پڙهان ۽ سڄو وقت پڙهندي رهان. ڊڪنس کي پڙهان،
ڪينزابُرو اُوئي کي پڙهان، جنهن جي اندر ۾ دک
دونهيون ٻاريو ويٺو آهي. بالڊوِن پڙهان، جنهن ۾ اڻ
ڄاتل پيار ۽ سونهن ڀري پيئي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: پر نوجوان بالڊون کي پڙهي نه سگهندا آهن؟
مايا ائنجليو: ٺيڪ آهي. اسان جي هڪ ٻئي کي سيکارينداسين ته ڪم
ٿي ويندو ۽ هڪڙو ماڻهو ڏهن ماڻهن کي سيکاري سگهي
ٿو، پوءِ ڀلي کڻي تون منهنجيءَ ڳالهه کي تبليغ
سمجهه. جهالت کي ختم ڪرڻ اسان لاءِ ايترو ئي ضروري
آهي، جيترو غلاميءَ کي ختم ڪرڻ.
انٽرويو وٺندڙ: اسان جي اسڪولن ۾ تعليم کي ايتري اهميت ناهي،
جيتري اهميت اسڪول ۾ ٿيندڙ عبادتي ابتدا جي گيتن
کي آهي. اهو جيڪو صبح صبح جو عبادت ڀريا گيت ٻارن
کان ڳارائيا ويندا آهن، ڇا اُهي اسان جي نصاب ۾
شامل آهن؟
مايا ائنجليو: منهنجو خيال آهي ته عبادت ڀريا گيت ٺيڪ آهن. صبح
صبح سان جيڪڏهن شاگرد انهن تي ڌيان نٿا ڏين، ته
نه ڏين پر عبادت جي پويان جيڪا خاموشي آهي، اسها
سندن ڌيان ڪنهن نه ڪنهن سٺيءَ ڳالهه ڏانهن کڻي
ويندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا ظلم سٺا آهن، پر پوءِ
به تون پنهنجو پاڻ کي روحاني طور تي خدا سان ڪيئن
ٿي ڳنڍين؟
مايا ائنجليو: منهنجي معلومات جو سُٺي ۾ سٺو اهو حصو آهي ته مون
کي خدا پئدا ڪيو آهي. منهنجيءَ دل کي ڏاڍو ڏڍ ۽
خوشي آهي ته خدا نه رڳو مون کي پئدا ڪيو آهي، پر
گڏوگڏ ٻين شين کي به پئدا ڪيو آهي. انهيءَ حساب
سان اسان خدا جون پئدا ٿيل سڀ شيون هُنَ جي ناتي
ٻين ماڻهن ۽ شين سان ڳنڍيل آهيون.
آئون انهيءَ ڳالهه تي ايستائين ته خوش هوندي آهيان، جيستائين
وري انهيءَ حقيقت تي وڃي پهچندي آهيان ته جيڪي
ماڻهو ٻين کي ليکين نٿا، جيڪي ظالم آهن، جيڪي ذر
ذر ٻين کي نقصان رسائين ٿا، اُهي به خدا جا پئدا
ڪيل آهن (ٽهڪ). پر انهيءَ هوندي به مون کي اها پڪ
آهي ته خدا آهي. ۽ منهنجو خدا سان تعلق هئڻ کپي.
مون رب جا ڪيئي رنگ ڏٺا آهن، جيڪي حيرت جو هنڌ آهن. هڪڙي ڀيري
مون کي ٽيڪساس ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ گهرائين ۽ ڪانفرنس
جو موضوع هو ته شيطان کي ڪيئن منهن ڏجي. هڪڙي
ڳالهه تي ٽيڪساس جو هڪ ماڻهو اُٿي بيهي رهيو ۽ چوڻ
لڳو ته، ”مون شيطان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي سگهه کي
به محسوس ڪيو آهي. آئون جرمنيءَ ويس اُتي نازين جا
ظلم گهڻا ڏٺم.“ سندس انهيءَ ڳالهه تي اُتي بيهي
رهيس ۽ چيومانس، ”تون اهو ٿو سمجهين ته اسان سڄيءَ
دنيا مان هتي اچي گڏ ٿيا آهيون، سي عقل کان
وانجهيون ڳالهيون ڪرڻ آيا آهيون. بڪواس ڪرڻ آيا
آهيون. توکي جرمني ته سُجهي آئي، پر جتي رهين پيو
اُتان جي خبر نٿو رکين. هت هِن ٽيڪساس رياست ۾
ميڪسيڪن آمريڪن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي. تو پاڻ
غلاميءَ جي تاريخ سِرَ تي سَٺي آهي، پوءِ به توکي
اهو ناحق ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ته تون ميڪسيڪن کي پنهنجي
پاڙي ۾ آزاد انسان جي حيثيت ۾ رهائڻ لاءِ تيار
ناهين. پنهنجين خامين کي ڇڏي جرمنيءَ جو راڳ ڳائڻ
ويٺو آهين. جرمني جرمني جرمني. جرمنيءَ جا ڏوهه
ڏسڻ ۾ اچن ئي ٿا، انهن تي ڳالهائين ٿو، پنهنجو پاڻ
ڏانهن نهارڻ لاءِ تيار ناهين. آئون تنهنجي بڪواس
ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. چپ ڪري ويهه رهه.“
مون کي لڳي ٿو ته اسان شيطان جي حقيقت کي قبول ڪري ويٺا آهيون.
آئون شيطان جي حقيقت کي قبول ڪرڻ سان گڏوگڏ
چڱائيءَ جي حقيقت کي به قبول ڪريان ٿي. اها ڳالهه
مون کي اُتساهه ڏياري ٿي، اها ئي حقيقت مون کي
زندهه رهڻ جي خوشي عطا ڪري ٿي. اها ئي حقيقت مون
کي موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. مون کي لڳي ٿو
ته جيستائين مون کي جيئڻو آهي، ايستائين چڱائيءَ
سان ۽ خوشيءَ سان جيئڻو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ اسان لاءِ اڳتي هلي سٺو وقت اچڻ جي اُميد بيٺي
آهي. انهيءَ حالت ۾ اسان جون ترقي پسند قوتون
سياسي سطح تي ڇا ڪنديون؟
مايا ائنجليو: اسان کي جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اُها همٿ آهي.
اسان کي وڏي دل ڌارڻ کپي. اسان جي اڳيان اُميدن جا
ڍير لڳا پيا آهن. اسان نون تضادن ڏانهن وڌي رهيا
آهيون، انهيءَ ڪري اسان کي ڪنڊن پاسن مان نڪري
ڇاتيءَ تي هٿ هڻي، ٻاهر نڪرڻ گهرجي. اسان مان جيڪي
به ماڻهو پنهنجن خيالن، خوابن ۽ شناختن جا هٿيار
ليڊرن اڳيان ڦٽا ڪندا، اُهي هارايل ماڻهو اسان
بيٺل ماڻهن جا حق، شناختون ۽ ذميواريون به نه واپس
وٺي ڇڏين.
اسان کي جهيڙو جوٽڻو آهي، نه رڳو خارجي قوتن سان
جهيڙو جوٽڻو آهي، پر پنهنجي اندر سان به ويڙهه
کائڻي آهي. اسان پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ گهرون
ٿا؟ جي ها! ته پوءِ اهو ڏسڻو آهي ته اسان ۾ ڪيتري
روشني آهي، ڪيتري سمجهه ۽ سونجهه آهي ۽ ڪيتري همت
آهي؟ انهيءَ کان پوءِ اسان کي ها يا نه چوڻي آهي ۽
اڳتي وڌڻو آهي. |