سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو :5

انٽرويو وٺندڙ: جي مارڪسزم ختم ٿي ويو ته ان جو حل ڇا آهي؟

شيخ اياز: مون کي پاڻ هن وقت ان جو حل نظر نه ٿو اچي. پر Violance ان جو حل ناهي. جيڪڏهن تون خوني ۽ جنوني آهين ته تنهنجي پڇاڙي به خوني ٿيندي. ذريعو ڪري به تون ان کي اپنائي نه ٿو سگهين. خاص ڪري سنڌ ۾ Means ۽ Ends جو فلسفو آهي. جيڪڏهن Means صحيح آهن ته End به صحيح ٿيندي. نه ته Perverted, End ٿي ويندي ۽ مان اهو منڍ کان چوندو رهيو آهيان. اسٽالن ڌاڙا هڻندو هو (جيئن اڄڪلهه هتي ماڻهو ڌاڙا هڻن ٿا). بئنڪون ڦريندو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي انقلاب لاءِ پئسا گهربا هيا.

انٽرويو وٺندڙ: توهان جي نظر ۾ هينئر اها End ڪهڙي آ، ڇا هينئر مارڪسزم جو ڪو رول رهيو آ؟

شيخ اياز: هينئر مارڪسزم جو ڪو به رول ڪونهي. The World is waiting for an alternative. جيڪو پيدا ٿي سگهي ٿو. هينئر Unipolar سياست آهي. جاپان ۽ جرمني اُڀري رهيا آهن، ڏسون ته دنيا ڪٿي تي پهچي! ڇو ته هينئر Economic power جاپان ۽ جرمني آهي. آمريڪا ۽ روس ته هنن جا قرضي آهن. باقي اسان آمريڪا دشمنيءَ جو ٺيڪو ته ڪو نه کنيو آهي. آمريڪا به چڱو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. آخري سياسي نظريو هن وقت اهو ٿيندو جو ڌرتيءَ مان ازخود اُڀري ۽ عوام جي دماغ تي مسلط ڪيو نه وڃي. دنيا نظرياتي دنيا نه رهي آهي. اڻويهينءَ صديءَ جي فلاسافيءَ ۽ سياست کي مدِنظر رکي اڪويهينءَ صديءَ جا مسئلا حل نه ڪري سگهبا، نيئن سوچ جي ضرورت آهي.

انٽرويو وٺندڙ: توهان اڳ ۾ وقت ۽ ازل جي فلسفي جي باري ۾ ڳالهايو، انهيءَ ۾ ته زندگيءَ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. خود توهان جي شاعري...

شيخ اياز: نه نه، زندگي بي معنيٰ ناهي، زندگي ته ماڻهو کي بار بار ٿي ملي. اهو منهنجو عقيدو آهي. مون کي موت جو ڪو به خوف ناهي. منهنجي لاءِ اهو ائين آهي، جيئن هڪڙي چانئٺ تان ٻرانگهه ورائي ٻئي پاسي وڃڻ.

انٽرويو وٺندڙ: يعني موت کان پوءِ زندگي آهي؟

شيخ اياز: آهي.

انٽرويو وٺندڙ: وري ماڻهو هتي ايندو يا،،،،؟

شيخ ايازۡ ڏسو نه، آءٌ ڪنهن مُلي جي چڪر ۾ نه ٿو پوڻ چاهيان، پر اسان جي مذهب ۾ به اهو آهي ته مان توهان کي وري وري جيئاريان ٿو. مطلب ته منهنجو پنهنجو هڪڙو عقيدو آهي. مان ان جو ڪو مبلغ (Preacher) ناهيان، پر مون کي ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ، ڪائنات جي باري ۾، انسان جي Self جي باري ۾ يا انهيءَ جي بقا جي باري ۾ سوچڻ جو حق آهي ۽ هر انسان کي انهيءَ جو حق آهي. اهو حق نه ڏنو ويو تڏهن ته USSR ختم ٿي ويئي. مون انگلينڊ مان ساليڊارٽيءَ واري ليڪ وليچا جي زندگيءَ تي ڪتاب ورتو، ان ۾ توهان ڏسندؤ ته پولن سان ڪيڏو ظلم ٿيو آ. جيرو زلڪسي تائين هنن سان ظلم ڪيائون.... پر منهنجو ڪو هاڻي اهو مقصد ڪونهي ۽ نه ئي ڪو مان آمريڪن ايجنٽ آهيان، جو ماسڪو يا USSR جي خلاف ويٺو پروپئگنڊا ڪيان. اسان لاءِ ته جان ميجر يا جارج بش جي جمهوريت به في الحال ڪجهه ڪو نه ٿي ڪري. هُو ڏکڻ ايشيا ۾ ڪهڙو ڪردار ٿا ادا ڪن، ڪيئن چئجي، پر مان ڀانيان ٿو ته هو صحتمند ڪردار ادا ڪندا، جيڪو USSR ادا نه ڪري سگهي، جن جا جيڪي به ايجنٽ هتي هُيا سي پنهنجا ٻار تعليم واستي ٻاهر موڪليندا هيا، پوءِ انهن مان ڪو رومانيا ويو، ڪو روس ويو، ڪو مشرقي جرمني ويو. ڇڙو پنهنجي واپار وغيره لاءِ سهولتون وٺندا هيا. هُنن جا سمورا وسيلا پنهنجي لاءِ استعمال ڪندا رهيا ۽ سوويت ڪائونسل جي صحيح مخبري اصل نه ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو ون يونٽ جي. ماسڪو مان نڪرندڙ ماهوار رسالي Time حمايت ڪئي هئي! ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي! پوءِ انهيءَ تان ڦِري ويا.

انٽرويو وٺندڙ: توهان جي ڪتابن پڙهڻ وقت (خاص طور نثر کي) محسوس ٿيندو آ ته توهان به انهن حقيقتن ۽ بيانن کي درگذر ٿا ڪيو...؟

شيخ اياز: توهان مون کي ٻڌايو ته مون ڪهڙيون ڳالهيون درگذر ڪيون آهن.

انٽرويو وٺندڙ: توهان جي تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ۾ Spanish Civil war جي حوالي سان، توهان اها ئي ڳالهه ڪئي  آ، جيڪا عام طور تي ساڄي ڌر وارا ماڻهو ڪندا رهيا آهن. مثال: توهان چئو ٿا....

شيخ اياز: جيڪا `Spanish civil war` جي تاريخ ڇپي آهي. توهان آرويل کي پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ جو Prophetic ناول پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ ته هيءَ بدمعاشي ختم ٿي آهي. جارج ارويل ڦري ويو،  آندري مالرو ڦري ويو، هيمنگوي ڦري ويو، ڪرسٽافر ڪاسرڊويل ڦري ويو، جيڪو ڪميونسٽ هيو. اهي سڀئي ماڻهو ڦري ويا. ڪرسٽا ڪارڊويل ته پڇاڙيءَ تائين هنن سان هيو، پر جڏهن هن Illusion and poetry ڪتاب لکيو ته ڄڻ هڪ Mystic راونگي لکيائين. ڪرسٽافر اشروڊ جهڙي ماڻهوءَ ڪيليفورنيا ۾ وڃي گيتا جو ترجمو ڪيو، جيڪو پرڀوپاد وارن جو سينٽر آ. هونءَ اهي سڀ ڪميونزم جا حامي هئا.

هاڻي اهي سڀئي ماڻهو جيڪي انهيءَ دؤر جا وڏا Interlectuals هيا. توهان اندري مالرو جو Spanish war تي ناول پڙهي ڏسو ته ڇا لکيو اٿائين. هئري پالٽ، جيڪو برٽش ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هيو. هدايتون موڪليون ته ”توهان اتي اديب مارايو ته جيئن اسان  Daily worker ۾ Play up ڪري سگهون.“

انٽرويو وٺندڙ: ڇا اها حقيقت ناهي ته اسپين جي خانه جنگي ۾ برطانيا ۽ فرانس اهڙي انداز جي سياست اختيار ڪئي جنهن آخرڪار وڃي هٽلر ۽ مسوليني جون ٻانهون مضبوط ڪيون؟

شيخ اياز: نه رڳو برطانيا ۽ فرانس ٻانهون مضبوط ڪيون، پر روس به ڪيون. ڇاڪاڻ جو ڪئٽلونيا ۽ بارسيلونيا ۾ انارڪسٽن ۽ ڪميونسٽن گڏجي حڪومت ٺاهي هئي ۽ جڏهن فرانس جو اسٽالن تي دٻاءُ پيو ته ڪميونسٽن کي اسٽالن چيو ته توهان انارڪسٽن کان جدا ٿيو ۽ پوءِ هنن جي حالت وڃي اها ٿي جيڪا اسان جي جيئي سنڌ وارن جي وڃي ٿي آهي. (ڪهڙو حلقو، اهو مان نه ٿو چوان. شخصي طرح مون کي آريسر لاءِ عزت آهي، جيڪو ڪافي حد تائين حقيقت پسند آهي، جنهن کي تاريخ جو شعور آهي ۽ جنهن جي مستقبل جي صحيح طرف ڏانهن نگاهه آهي.) ته اهي وچ چؤنڪ تي بيهي نعرو هڻندا هيا ته Long live Spain ته پوءِ فرينڪو جي سپاهيءَ جي گولي ٺڪاءَ ٿي ويندي هُين ۽ بوبڪ جي ڳيري جيان ٻٽڪو اچي ڪندا هئا. فقط نعري بازن جا دماغ پڇاڙي جو ٽڙڪي ٿا پون. جيئن USSR ٽڙڪي پيو تيئن دماغ به ٽڙڪي ٿا پون ۽ انهن دماغن کي ڪنهن حد تائين ته ماڻهو سڄو ڪري سگهندو آ، پر انساني دماغ جي صفا ٽڙڪي پوي ته اهڙي ماڻهو ڪا به Tape يا سوليوشن ڪونهي، جيڪا ان کي ڳنڍي سگهي.

انٽرويو وٺندڙ: سياست جي حواالي سان ته ڪافي ڳالهيون ٿيون، پر هاڻي ادب تي اچون ته ”بين الاقوامي ادب ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو وڪوٽورين سماج وٽ دليرانا لفظ يا جملا، بيهودگيءَ ۽ بدتميزيءَ جي نشاني سمجهيا ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾ D.H.Lawrence جهڙن ماڻهن جا ڪتاب ملڪ ۾ نه پئي ڇپجي سگهيا، پر فرانس ۾ پئي ڇپيا. پوءِ ته اهڙو زمانو به اچي ويو جو هنري ملر جا ناول به عام پئي ڇپيا.

شيخ اياز: هنري ملر جي لائيف به پڙهي اٿم. پڇاڙيءَ جو جڏهن هنري ملر لکڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي ته هن کان انٽرويو ورتائون. چيائين : ”هاڻي Sex تي ڇو لکان. دنيا ايڏي Liberate ٿي چڪي آهي جو منهنجي لکڻ جي ضرورت ئي ڪونهي.“

D.H. Lawrence جسماني طرح ڪمزور ۽ ذهني عياشي ۾ Dabble ڪرڻ وارو ماڻهو هوندو هيو. D.H. Lawerence ڪمزور هجڻ ڪري گهڻيون عورتون ڪو نه رکي سگهندو هيو، پر هن جي زندگيءَ ۾ هڪڙي عورت فليڊا هُئي. انهيءَ کان اول جارج سئنڊ جا مون خط پڙهيا آهن. جارج سئنڊ جي هڪ ڳالهه مون کي ياد آهي. هن چيو هو:

“I don’t dislike the night that I pass with my lover, But I do dislike the day that I pass with my husband.”

ان زماني ۾ نورا رسيل (شايد برٽرانڊ رسيل جي ڌيءَ يا مائٽياڻيءَ) هڪ مضمون لکيو هو، ”اِن کان وڏي بي عزتي منهنجي لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ڪوئي مون مان عصمت جي توقع رکي!“ دراصل عورتازاد (Feminist movement) کي غلط طور Sexrevolt جو رنگ ڏنو ويو. اردو ادب ۾ اهو عصمت چغتائيءَ جي ’لحاف‘، منٽو، بيديءَ، بلونت سنگهه جي افسانن سان شروع ٿيو. هينئر اِهو مغرب ۾ ته ختم ٿي چُڪو آهي. زندگيءَ ۾ ته آهي، ادب ۾ اُن جي ضرورت گهٽ ٿي محسوس ڪئي وڃي.

انٽرويو وٺندڙ: اها ڳالهه ته لطيف سائينءَ به سهڻيءَ ۽ ڏمَ جي حوالي سان چئي آ؟

شيخ اياز: لطيف سائين جو سڄو ڪلام معرفت جو ڪلام آهي. انهيءَ کي Distort ڪيو ٿو وڃي. لطيف جي هڪڙي سٽ آ ته ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جنهن ۾ به سائين اڳ ۾ ٿو اچي ۽ اهو سائين ڪير آ، اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آ. سنڌ تي سڪار جي ڳالهه پوءِ جي آ. ڀٽائي پنهنجي همعصرن ۽ پيشرون کان تمام گهڻو مختلف هو. انهيءَ ڏس ۾ هومر کي ڏسو، ورجل کي ڏسو، ڊانٽي کي ڏسو، شيڪسپيئر کي ڏسو، فرانس ۾ بودليئر، رامبو، وَرَلين وغيره کي ڏسو، ته ڀٽائي هڪڙو واحد شخص هو. ڪاليداس ۾ به اها شيءِ ڪانهي، ٽئگور ۾ ڪنهن حد تائين هئي، جنهن پنهنجي روحاني جستجو (Spiritual Quest) جي واسطي، جيڪي علامتون کنيون سي عوامي زندگي ۽ غريب ماڻهو جي زندگيءَ مان کنيون. ڀٽائي ڪا تلوار کڻي، حملي جي خلاف ڪو نه وڙهيو هو. ڀٽائيءَ جون جيڪي به لوڪ- ڪهاڻيون آهن، سا اسان جي گڏيل لوڪ ميراث آهي. اهي توهان کي ميئين عنات ۾ ملن ٿيون. ميئين عنات کان به اڳ جيڪو لاڙڪاڻي وارو شاعر هو شاهه لطف الله قادري، ان ۾ ملن ٿيون. اها اسان جي قومي دولت هئي، جنهن کي لوڪ- ڪٿائون، يا ڏند ڪٿائون چئجن. لطيف ۾ اها ڏاهپ هئي جو هن سڄي ڳالهه کي ميڙي چونڊي اچي منطقي نتيجي تي پهچايو، پر شاهه سائينءَ کان پوءِ وئي ڳالهه ڪِرندي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ذهانت وارا ماڻهو پيدا نه ٿيا. شاهه جو جيڪو روحاني پيغام آهي سو سورنهن آنا صحيح آ، جيڪي ماڻهو هن سان Attribute ڪن ٿا، هاڻي ماڻهو ڪيترو اُن کي سمجهي سگهيا آهن. ڪيتري قدر ان کي Explain ڪري ٿا سگهن، اها هڪڙي ٻي ڳالهه آهي، پر انسان جي جيڪا جستجو يا اندروني اُڃ آهي.

“For Knowing the Ultimate reality of life.”

 

اها ئي شاهه سائين ۾ آهي، مون شاهه جا سڀئي سُرَ پنهنجي پيغام سان لکيا ها. مثال طور؛ ليلا چنيسر ۾ مون  Means ۽  Ends جو فلسفو پيش ڪيو، ته جي تون مڻين تي مڙس مٽائيندينءِ ته اهو مڙس هميشه لاءِ تو کان هليو ويندو؛ ته  `Wrong   means will distort the End` اهڙي طرح سورٺ آهي.  ”ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ جيڪي سڀئي سُر ڏنا اٿم تن ۾ منهنجو، هر هڪ سُر ۾ پيغام مختلف آهي. شاهه سائين جو رڳو وحدته الوجود جو پيغام هو پر مان جڏهن سُر مارئي لکيو ته سنڌ سان وحدته الوجود ڏيکاريو. سورٺ لکيم ته آرٽ جي لاءِ آرٽسٽ کي سِرُ ڏيئڻو آ.

”مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياج،

منهنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تنڌ ۾،”

انٽرويو وٺندڙ؛ رچرڊ ايب برٽ چيو آهي ته ”شاعري دنيا کي تبديل نه ڪندي آهي، پر شاعر کي تبديل ڪندي آهي.” توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

شيخ اياز؛ شاعري دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪرڻ ڪونه چاهيندي آهي ۽ نه ئي شاعر جو اهو مقصد هوندو آهي ته دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪري. دنيا کي اهڙي طرح تبديل ڪرڻ وارا ٻيا ماڻهو گهڻا آهن، شاعر جو ڪم آهي دنيا جون جيڪي بنيادي ڳالهيون آهن، انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي، انهيءَ کي چڱي طرح پيش ڪري ۽ انهيءَ جا جيڪي عملي  نتيجا نڪرن انهن کان پاڻ لاغرض رهي. ممڪن آهي هت اهي ان جي دور تي اثر وجهن ۽ ان کي بدلائين، ممڪن آهي اُهي هن جي ايندڙ  دور تي اثر وجهن، ممڪن آهي انهن کي  Practical Ends هجن ۽ ممڪن آهي انهن کي Practical Ends نه هجن، ازراپائونڊ فاشي هيو ۽ مسوليني جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، پر مان هن کي وڏو ڀاءُ ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ منهنجو فاشزم ۾ اعتبار نه هو، پر  T.S Eliot جهڙو ماڻهو هن جي شاعريءَ جي اڳيان ايترو مرعوب ٿي ويندو هو، ڄڻ هن جو هڪ شاگرد هجي، اهڙي نموني سان جدا جدا ماڻهو ڪائنات خلقيا آهن، انهن ماڻهن جي ڏاهپ کي سياست جي ماتحت ڪرڻ فضول آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ %2 ماڻهو توکي سمجهن ٿا، تنهن ڪري تون %98 لاءِ لِک، جن کي ڪا سمجهه ڪانهي، اهو ڪم سياستدانن جو آهي، هونءَ به سچ هڪ ماڻهوءَ جي اقليت ۾ پيدا ٿيندو آهي. پوءِ اُهي ٻه ٿيندا آهن، پوءِ ٻه هزار ٿيندا آهن، پوءِ  ٻه ڪروڙ ٿيندا آهن، سچ جو ڦهلاءُ، حسن ۽ نيڪي جو ڦهلاءُ واقعي شاعر جو ڪم آهي، دراصل هر پيغمبر جو به اهو ڪم آهي، يسوع سان پهريون گهڻا ماڻهو هئا؟ روميءَ جو شاعري جُز ويست از پيغمبري، وارو پيغام صحيح آهي. اها دنيا کي بدلائي ٿي، پر شاعر جو اِهو مقصد نه آهي، اِها ٻي ڳالهه آهي ته اِهو شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. شاعري هر آرٽ وانگر مقصد بالذاٽ آهي. شعر انساني روح ۾ جو حسن، جا باليدگي پيدا ڪري ٿو، اها پنهنجي ليکي ڪافي آهي، اها ڏاهپ جيڪا خدا امانت ڪري ڏني آ، انهيءَ کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻو آ، ليکڪ کي انهيءَ امانت ۾ خيانت نه ڪرڻي آ، توڙي منهنجو انقلاب ۽ سياست جو پيغام هو، تڏهن به مون فن کي اوليت ڏني، مان هڪ به اهڙي سٽ نه لکي آ، جيڪا مون پنهنجي روح مان چاقو سان چيري نه ڪڍي هجي، تنهن ڪري منهنجي شاعريءَ ۾ پيغام پرائمري نه آ، پر فن کي اوليت آ.

انٽرويو ٺندڙ؛ توهان جي شاعري ۾ پيغام آهي ته سهي؟

شيخ اياز؛ آهي، پر اهو پيغام مري وڃي ها، ختم ٿي وڃي ها، جي شاعريءَ کي اوليت نه هجي ها، جيئن ڪيترن شاعرن جي شاعري ختم ٿي وئي. مولانا ظفر علي خان مسلم ليگ تحريڪ جي باري ۾ ڪيترو لکيو ۽ پنهنجي دور ۾ وڏي  Craze هو. هن وقت سندس چار ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيل آهن، ڇا انهن مان هڪڙي سٽ به ڪنهن پڙهي آهي؟

پر مان ان تي ضد نه ٿو ڪيان ته فن کي ڪوئي آدرش نه هجڻ گهرجي. شاپن پولنڊ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي موسيقي ڪم آڻيندو هو، پر اها موسيقي اڄ به لازوال آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته شاپن کي مُئي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. ساليڊارٽي پولنڊ ۾ ڪيترو وقت پوءِ پيدا ٿي. اها ڪنهن زار نه، پر ڪميسار پيدا ڪئي ۽ ان کي به شاپن جي موسيقيءِ اتساهيو. مان اهو تسليم ٿو ڪيان ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگر ڪي ڪي شاعر پنهنجي دور جو پيڙا جو اظهار ٿين ٿا، ڪي ته زلزلي ماپ جي اوزار وانگر ٿين ٿا ۽ پنهنجي دور جا سارا ڌوڏا ڏيکارن ٿا، پر انهن جو مقصد دنيا کي بدلائڻ نه آهي، انهن جي دل ۾ اها چاهنا ٿي سگهي ٿي، شاعر هميشه چاهيندو آهي ته؛ ”مان ڪجهه ٻيو هجان،” ؟ڪنهن ٻي هنڌ هجان. ” پر تبديلي لاءِ شعوري ڪوشش شاعري کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي. غالب سپاهي به هو، پر جي بهادر شاهه ظفر لاءِ وڙهي ها، جي انگريزن خلاف غدر ۾ شامل هجي ها ته اوهان کي ديوانِ غالب نه ملي ها. شاعر جو مقصد دنيا کي بدلائڻ جو نه آهي، دنيا ۾ تبديلي شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، ڪبير ۽ نانڪ اِن جا مثال آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ مادرڪ اسٽرينڊ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي شاعري جي پاڻ ساراهه ڪري ته بيوقوف ماڻهو هن جي عزت ڪندا آهن.” توهان جو ڇا خيال آهي؟

شيخ اياز؛ ٻه ڳالهيون آهن، هڪڙو ته انسان جي پنهنجي ذات جي آڦِري، اُمامَ، ماڻهو انهيءَ ڪري پنهنجي ساراهه ڪندو ته مان هڪڙي وڏي چيز آهيان، مان هيڏو وڏو پهاڙ آهيان، مونسان ته ڪو پڄي ئي ڪونه سگهندو، انهيءَ کي ته مان مڪمل طور  رد ٿو ڪريان، هونئن ڪو وقت هيو جو مان سمجهندو هوس ته ڪنهن فنڪار جي ڪسرِ نفسي هُن جي روح جو فالج آهي. هو پاڻ کي ۽ فن کي ضرورت  Assert ڪري ۽ چئي ته ”نه هي صحيح آهي.” جيستائين هو ائين نه ڪندو، تيستائين پنهنجا مخالف نظريه ڊاهي ڍير نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن  Impressionism کي ختم ڪرڻو هو ته  Post Impressionism جي ضرورت هئي. جيڪڏهن  Post Impressionismکي ختم ڪرڻو هو ته  Futurism جي ضرورت هئي. آرٽ ۾ اهي  Variations ٿينديون رهيو آهن ۽ ماڻهو تمام زور سان پنهنجي ڳالهه تي  Emhasis ڏيندا رهيا آهن. پر هينئر منهنجو ساڳيو نقطئه نظر آ، جيڪو ازراپائونڊ جو آخر ۾ هو ته؛

  `I Know only this much that I do not know any thing`

ڪافي وقت کان هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ آئي آ  Moving Finger writes واري، هاڻي اهو ڪير لکائي، اهو مان  نه ٿو ڄاڻان، اها شاعري ڪٿان ٿي اچي، انهيءَ کي جڏهن مان  Objectively ڏسان ٿو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه چوان ٿو ته اها  Inflated Ego ناهي. مان توهان کي اها خاطري ٿو ڏيان ته انهيءَ لحاظ کان مان Humblest Possible ماڻهو آهيان، ڇاڪاڻ ته انسانذات ۾ ڀُلئون ئِي ڀَل پئي آ ۽ مون کان پوءِ الائي ڪيترا ماڻهو اچن، ڇو ته دنيا اڄ کٽي ته ڪونه ٿي  وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سنڌ ئي مونکان ڏهه ڀيرا وڌيڪ چڱو شاعر پيدا ڪري، اڃا ٻه سو ڀيرا وڌيڪ پيدا ڪري. مان تازو پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته چار ڳالهيون ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت لهڻن ٿيون، حق، نيڪي، حسن ۽ خدا، پر خدا ورجاءِ آهي، پهرين ٽن ڳالهين جو، ڇاڪاڻ ته خدا، حق، نيڪي ۽ حسن کانسواءِ ٻي ڳالهه ٿي نٿو سگهي، يا انهيءَ کان به مٿي هجي، ڇاڪاڻ ته سڄو   Evilبه ته انهيءَ ۾ سمايل آهي، اهو  Evil ڪئين ٿو چڱائي ۾ تبديل ٿي وڃي، اهو مان نه ٿو ڄاڻان،  ڪائنات جي سڄي  Network کي ڄاڻڻ تنهنجي ۽ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي. هن سڄي ڪائنات ۾ ڌرتي جي حيثيت تر جيتري به ڪانهي ۽ ان تي وري اسان ڪهڙي حيثيت رکون ٿا؟ مان اها ڳالهه احساس ڪمتريءَ جي لاءِ نه ٿو ڪيان، پر اها حقيقت آهي ته انسان پنهنجي ليکي ڪا شيءَ ڪانهي، ماڻهو گهڻا اُڀامن ٿا، اڏامن ٿا، ته هيئن ڪنداسين، هونئن ڪنداسين، پر ڏٺو وڃي ته انهن جي وَس ۾ تمام ٿورو ڪجهه آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا توهان پنهنجي پوئين شاعري ”ڀونر ڀري آڪاس” يا ”ڪلهي پاتم ڪينرو کي  Disown ٿا ڪريو؟

شيخ اياز: مان ڪنهن ڳالهه کي  Disown نه ٿو ڪريان، سواءِ هڪ يا ٻن نظمن جي، جيڪي مون سڌو سنئون ڪميونزم جي اثر هيٺ لکيون، پر انهن جو به منهنجي ارتقا ۾ هٿ آهي، زندگيءَ جا مختلف  دور ٿين ٿا، اِها به ان جو حصو آهي، حافظ چيو آهي؛

غلامِ همتِ آنم کي زيرِ چرخِ  کبود زهرچه رنگ تعلق پذيره، آزاد اَست

(ترجمو؛ اُن جي همت جو غلام آهيان، جو هن نيري آسمان هيٺان، جنهن به رنگ سان تعلق پيدا ڪري ٿو، ان کان آزاد آهي.)

انٽريو وٺندڙ؛ نه رهندي نه رهندي جواني نه رهندي، نه  الله باقي نه رهندي انسان فاني...

شيخ اياز: (کلندي) توهان انهن ڳالهين ۾ پَئي ڏوهه نه ڪيو، ڇو ته ان نظم تي پابندي آ.

آءُ عمر جي انهيءِ حصي ۾ آهيان جو ڪنهن کي رنجائڻ نه ٿو چاهيان، جنهن ۾ ٻئي کي مشتعل ڪرڻ ۾ اذيت پسندي هوندي آ. ماڻهو زندگيءَ جي تجربي مان سمجهي ٿو ته مان هيڏن ماڻهن کي ڇا جي لاءِ رنجايان، هڪڙي سٽ جي ڪري مان اهو ڪهاڙو ٻئي جي مٿي ۾ ڇا جي لاءِ هڻان! انهيءَ جي ڪري مون جڏهن ”پوءِ نر ڀري آڪاس” جو ٻيو ڇاپو  آندو ته سٽون ڪٽي ڇڏيون، حالانڪه انهن جي لکڻ وقت منهنجو مقصد ٻيو هو، پر ماڻهن ان کي مختلف مقصد سان پئي سمجهيو ۽ انهن کي اهي سٽون ڏکوئن پيون، بحيثيت اديب ۽ فنڪار جي مونکي هن عمر ۾، ڪنهن کي رنجائڻ جو ڪو شوق ڪونهي، باقي توهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته  Poetic licence نالي به ڪا شيءَ آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ان جو مطلب ته توهان جا ڪالهوڪا مخالف، اڄوڪا دوست ۽ اڄو ڪا دوست ...

شيخ اياز؛  نه نه، منهنجو ادب ۾ نه ڪو مخالف آهي ۽ نه ڪو دوست آهي، مونکي رڳو ڪجهه مداح آهن، جن کي خدا ساڃهه ڏني آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي منهنجي ادب کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ  رنگين عينڪ سان ڏسن ٿا، جيئن ڀٽائي جي شاعريءَ کي ڏسن ٿا، ”سچل چيو هو، مان جوئي آهيان سوئي آهيان، منهنجي هڪ غزل جو مطلع آهي؛

ڪنهن ڪيئن  چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي،

هي ڪا ته سُريلي آگ هئي، هي ڪا ته  ڀري برسات هئي.

ائين آهي ته ڪي سُريليءَ آگ جو سيڪ سَهي نه ٿا سگهن ۽ ڪڏهن ڀَري برسات کان ڀڄي، ڇڄهريءَ هيٺان بيهن ٿا ته ڀڄي نه وڃون، منهنجي دوستي پنهنجيءَ شاعريءَ سان رهي آهي،  جو ماڻهو، جا نقطئه نگاهه، منهنجي شاعريءَ جي دوست رهي آهي، ان کي مون اپنايو آهي، جنهن ان جي مخالفت ڪئي، انهن کي مون مسترد ڪري ڇڏيو آهي.

انٽريو وٺندڙ؛ هينئر ڪائنات ڏانهن توهان جي جيڪا صوفياڻي روش آهي ته ڇا پوئين ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جو دانشور وري واپس ٿو ٿئي؟

شيخ اياز؛ منڍ کان وٺي اها هئي. مون توهان کي ٻڌايو ته جيڪي منهنجا  مخالف  هيا اهي منهنجي ”ڪفر” کي ان حد تائين وٺي ويا جو خوامخواه ڳچيءَ ۾ هڪڙو نوڙ وڌائون ۽ منهنجي حمايت ۾ انهن جا مخالف هيا، اهي به ايترائي ڪٽر هيا، هڪڙا ڪميونسٽ ملان هيا ۽ ٻيا اسلامي مُلان هيا. جهيڙو ٻنهي جو پاڻ ۾ هيو، آئون شٽل ڪاڪ وانگر ٻنهي جي وچ ۾ هوس، رشيد لاشاريءَ هڪ خط ۾ لکيو هو(جو شايع ٿي چُڪو آهي) ته ”جي مون تي ادبي بورڊ جا دروازا بند نه ڪيا وڃن ٿا، ته مان اياز کي پنهنجي دور جو وڏو صوفي شاعر ثابت ڪري سگهان ها.” ۽ مرحوم منهنجي خلاف ڪيئي مضمون لکيا ها ته مان ڪفر ٿو ڦهلايان. دراصل مون منڍ کان تصوف جي هوا ۾ ساهه کنيو آهي. تصوف برصغير جي وڏي ۾ وڏي بغاوت آهي ۽ ان تعصب جي جَڙ تي ڪُهاڙي جو وَڍ آهي، جنهن انسان  کي انسان سان ويڙهايو آهي. تصوف انسان کي سِر الاهي سمجهي ٿو، انسان سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو. هُن کي ”همه اوست” جي لوئيءَ ۾ ڍڪي ٿو ۽ هر استحصال کي نندي ٿو. ان جي خلاف ڍال به آهي ۽ ان تي تلوار جو ڪم به ڏئي ٿو. اهو  ئي حافظ واري ”محبت جي بِنا” آهي، جا ”خلل کان خالي آهي.” سنڌ ۾ جي. ايم سيد ان ڳالهه کي سڀ کان چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. آخر هو صوفي ڄيٺمل جو دوست رهيو آهي، توهان مهرباني ڪري اهو سمجهي ڇڏيو ته مان تصوف  Mysticismکي ٿو چوان ۽ اها ڪنهن مذهب تائين محدود نه آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org