سيڪشن: ادب

ڪتاب: مُلهه مهانگو قَطرو

باب:

صفحو:9 

نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ عورت جو ڪردار

 

نجم عباسي اهو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي سياسي، سماجي، ۽ مذهبي شعور کي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي عام ماڻهن ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار پوءِ اهي سياسي هجن يا سماجي، هر هنڌ تي انقلابي جدوجهد سان ڀرپور جستجو ڪري، پنهنجي منزل پاڻ حاصل ڪندي نظر اچن ٿا. هونئن ته پاڻ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياسي، سماجي، مذهبي هر قسم جي مسئلن جي عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو، پر هتي اسان سندس ڪهاڻين ۾ عورت جي ڪردار جي اهميت جو ذڪر ڪنداسين. عورت صدين کان جتي مردن جي هٿان استحصال جو شڪار رهي آهي، اتي ئي اها پنهنجي سماجي، اخلاقي، سياسي ۽ مذهبي ڪردار ۾ بلند حوصلي، صبر، شڪر، امن، ڀائيچاري، پاڪدامنيءَ ۽ عظمت جو اعليٰ مثال پڻ رهي آهي.

نجم عباسي جي ڪهاڻين ۾ عورت کي هميشه سجاڳ ۽ بهادر مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندڙ محبت توڙي شخصيت ۾ هميشه انقلابي قدم اٿاريندڙ پيش ڪيو ويو آهي. هو هر جڳهه تي عورت کي مردن جي برابريءَ وارا حق ڏيڻ جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو. هو ڪٿي به عورت کي صبر، شڪر ۽ رضا تي راضي رهڻ جو درس نٿو ڏئي، پر هميشه ان سماجي مت ڀيد کي ننديندي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ مرد کي جائز ناجائز سڀئي حق ملن ٿا، پر عورتن کي هميشه مذهبي سطح تي شريعت، گناه، ثواب ۽ سماجي سطح تي رسم و رواج ۾ قيد و بند ڪيو وڃي ٿو، نه صرف ايترو، پر سندس بنيادي حق، تعليم ۽ پسند جي زندگي گذارڻ يا کڻي چئجي پسند جو جيون ساٿي ڳولڻ جي حق کان به کين محروم رکيو وڃي ٿو، جنهن سبب هو سڄي زندگي ٻين جي ڪيل فيصلن جا نتيجا ڀوڳين ٿيون.

نجم عباسي پنهنجي ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. شادي جي معاملي ۾ سندس اهو رايو آهي ته شادي سڄي عمر جو رشتو هوندو آهي، انڪري ان ۾ پسند يا ناپسند جو حق ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي هڪ جيترو هئڻ گهرجي، نه ڪي مائٽن کي. سندس لکيل اهڙين ڪهاڻين ۾ ”عمر شادي جي سزا“، ”مڙهيل ناتو“، ”مڙسي“ شامل آهن. عمر شادي جي سزا هڪ پڙهيل لکيل شهري جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ عورت جي رضامندي کان سواءِ شادي ٿئي ٿي، شادي کان پوءِ زال مڙس ۾ اختلاف وڌي وڃن ٿا، جن جي سزا ٻارن کي ڀوڳڻي ٿي پوي.

مڙهيل ناتو:

هي ڪهاڻي به پيءُ ۽ ماءُ جي فيصلن اڳيان جهُڪندڙ  اولاد جي ڪهاڻي آهي، جيڪي ازدواجي زندگي ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي باوجود گڏ رهڻ تي مجبور آهن ۽ سندن انهيءَ وهنوار جو اثر سندن اولاد تي پوي ٿو. انهن ڪهاڻين ۾ ليکڪ واضح ڪري ٿو ته، وري به مرد ٻاهر رهي پنهنجا غم غلطان ڪري ٿو، پر عورت پوري عمر قيد ۾ رهي اهو درد عمر ڀر ڀوڳي ٿي ۽ زندگيءَ جا تلخ تجربا ان رشتي تي غالب پئجي وڃن ٿا، ان ڪري پاڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو اٿس ته جتي اختلاف پيدا ٿين ته انهن کي ان رشتي کي اتي ئي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن مرد هڪ زال هوندي ٻي شادي ڪري ٿو (پوءِ ان جو سبب ڪهڙو به ڇو نه هجي) ۽ عورت ان کي برداشت ڪري زندگي گهارڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته، اهو سراسر غلط فيصلو آهي. عورت کي به ان مرد کان طلاق حاصل ڪري ٻي شادي ڪرڻ جو ايترو ئي حق ڏنو وڃي، ان کان علاوه جي مرد زال هوندي غير عورت سان جنسي تعلق رکي ٿو ته، عورت کي به پنهنجي پسند مطابق ڪنهن سان به رشتي رکڻ جي اجازت ڏئي. ان ۾ مرد لاءِ ”شوقين مزاج“ ۽ عورت لاءِ ”گنهگار“ واري ٻٽي پاليسي کي ختم ڪيو وڃي. سندس اهڙين ڪهاڻين ۾ ”رشتا ناتا“، ”ايندو ڍولڻ سائين“ ”اهي ڏينهن، اهي نينهن“ ۽ ”رقيب“ شامل آهن.

نجم عباسي جو اهو پڪو يقين هو ته جڏهن پيار ڪرڻ جي آزادي عورت ۽ مرد کي برابر ڏني ويندي، تڏهن ئي هي دنيا جنت بنجي ويندي ۽ جنهن ماڻهو کي ڀرپور پيار ملي ٿو پوءِ اهو چاهي ڪهڙي به شعبي سان واسطو رکندڙ هجي، ان جون اتي وڌيڪ صلاحيتون اُڀرن ٿيون. نجم عباسي نه صرف عورت ۽ مرد جي برابريءَ جو قائل آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن عورت جو ڪٿي به استحصال ٿئي ٿو، پوءِ اهو چاهي مڙس هٿان هجي يا مائٽن هٿان، سماج هٿان هجي يا مذهب هٿان، هو هر هنڌ عورت کي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو.

جيئن ”سڙي سارو ڏينهن“ ۾ هڪ عورت جي شادي مائٽن جي مرضيءَ مطابق هڪ مولوي سان ٿئي ٿي، جيئن هوءَ شهري ماحول ۾ پليل هڪ شهري ڇوڪري آهي، ان ڪري هوءَ پنهنجي اندر انهن سڀني قانونن لاءِ بغاوت پيدا ڪري ٿي. جيڪي مذهب جي آڙ ۾ عورتن مٿان مڙهيا ويا آهن. مثال جڏهن هُن جو مڙس هِن کي زوريءَ برقعو پارائي ٿو ۽ ميڪ اپ هڻڻ کان روڪي ٿو تڏهن هوءَ سوچي ٿي، هي عجيب و غريب ماڻهو عورتن کي سرخي پائوڊر هڻڻ ته حرام ٿا سمجهن، پر پاڻ پنهنجي ڏاڙهي سونهاري کي ڪيئن نه مهنديءَ جا تَهه ٿا چاڙهين ۽ اکين ۾ ڪيئن نه ڏوئيءَ سان سرمو ٿا پائين ۽ جڏهن هن کي مولوي صاحب رسالا ۽ ناول پڙهڻ کان هي چئي روڪي ٿو ته، اهي شيون بداخلاقي ۽ دهريت ڦهلائن ٿيون. تڏهن هوءَ سوچي ٿي ته هتي ته مُرڪڻ به گناه آهي ۽ جڏهن هوءَ ڄم روڪ لاءِ سوچي ٿي، ته وري ساڳيو دڙڪو ٿو مليس. اهي ڪافرن وارا ڪم مون کان نه ٿيندا، مان قدرت جي ڪمن ۾ هٿ وجهڻ نٿو چاهيان، تڏهن هوءَ سوچي ٿي ته هي قدرت ۾ هٿ وجهڻ وري ڪهڙي بلا آهي، جهرجهنگ نه ڪپجن ها ته اناج جا فصل ڪٿي ٿين ها، مکين مڇرن ۽ بيمارين جي جيوڙن کي ناس نه ڪجي ها ته، بيمارين تي فتح ڪيئن ٿي سگهي ها؟

ائين هوءَ پنهنجي اندر مولوي ۽ ان جي فيصلن خلاف هڪ جوالا مُکي پالي ٿي؛ ان مهل روشن آرا جون غصي ۾ ڀريل اکيون ۽ چهرو ڏسي مولوي به هيسجي ويو ۽ وري هن کي هٿ لائڻ جي همت نه ٿيس. (1)

مُڙسي:

هيءَ ڪهاڻي به سنڌي سماج ۾ مڙس جي ظلمن جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مڙس پنهنجي مردانگي ڏيکارڻ واسطي پنهنجي بيگناه زال کي ماري ڪُٽي ٿو، پر نيٺ ان ڪاري رات جو انت اچي ٿو ۽ مائيءَ هڪ ڏينهن همت ڪري کيس ايترو ته ماري ٿي، جو هو بيهوش ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ عورت لاءِ هي راءِ رکي ٿو ته جيستائين هوءَ ظلم سهندي اوستائين هن تي ظلم ٿيندو رهندو ۽ ظلم سهڻ، ظلم ڪرڻ کان وڏو گناه آهي.

توکي مرڪندو ڏسان:

هِن ڪهاڻيءَ ۾ سماج کان باغي عورت جي تصوير آهي، جنهن جي شادي مائٽن جي رضامندي سان پوڙهي مواليءَ سان ٿئي ٿي. مواليءَ جي هن کان لاتعلقي سبب هن کي ڪيترائي مرد استعمال ڪري ڇڏين ٿا، پر تڏهن به هوءَ جيئڻ جي آس نٿي ڇڏي ۽ واپس ان مواليءَ ڏي نٿي موٽي. هيءَ ڪهاڻي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي خواهشن، اميدن ۽ انتظار جي ڪهاڻي آهي، آخر ۾ ليکڪ ان ڪردار بابت لکي ٿو ته، انهن ڪردارن کي جي امر بنائڻو آهي ته، پهرين انهن طاقتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻو پوندو، جي اهڙين سون جهڙين مرڪن، ٽڙيل مکڙين، جهڙن مرڪن کي ناس ڪن ٿا، يعني وري به هو انهن کي گنهگار ٿو سمجهي، جيڪي ان نياڻيءَ جي زندگي تباه ڪرڻ جا ڪارڻ ٿا بڻجن. (2)

ڇوريءَ جا انگل:

هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ عورتن کي تعليم پرائڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ڪردار ذريعي اهو ثابت ڪري ٿو ته جڏهن ڇوڪري جديد تعليم حاصل ڪري ٿي ته هوءَ نه صرف باشعور فرد بنجي ٿي، پر پنهنجي زندگيءَ بابت هر فيصلي ڪرڻ جي طاقت پڻ رکي ٿي.

ترت ترقيءَ جا تاڙ:

هن ڪهاڻي ۾ سپيءَ جي ڪردار ۾ هڪ ڳوٺاڻي عورت جي همت، بهادري ۽ محبت کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ليکڪ ٻُڌائي ٿو ته، جيڪڏهن عورتون پنهنجو پاڻ کي ڪمزور نه سمجهن ته هو ڪيترن ئي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهن ٿيون، ليکڪ سپيءَ جي شخصيت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته سپي جي قد ڪاٺ واري سرير جي سگهاري گهر توڙي ٻني جو ڪم ڪرڻ ۾ مڙس ماڻهو، هن جي پيءُ کي ايترو آرام هو، جو ڏهن ڏَٽن مُٽن پُٽن هوندي به نه هجيس ها. انهن جملن مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڳوٺاڻي عورت جيڪا گهر توڙي ٻين جڳهين تي ڪم ڪندي نظر اچي ٿي، اها مردن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪمزور يا گهٽ نه آهي، رڳو هوءَ پاڻ کي مضبوط سمجهي جيئن سپيءَ جو ڪردار آهي؛ جنهن کي جڏهن ڳوٺ جو وڏيرو ڏسي ٿو (جيڪو اڪثر ڪري پاڻ کي پوري ڳوٺ ۽ ان  ۾ رهندڙ بني بشر جي مال ملڪيت جو حقيقي وارث سمجهندو آهي) ۽ ڏسڻ سان ئي هن ۾ جيڪا خود اعتمادي، سختي ۽ پختگي محسوس ڪيائين، تنهن هُن کي سپي سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ يا رڳو گهر آڏو لامارا ڏيڻ کان ئي بي همت بنائي ڇڏيو، نه صرف ايترو، پر ان ڳوٺاڻي عورت پنهنجي بچاءَ واسطي هٿيار جو استعمال ڪرڻ پڻ سِکيو.

اونچا ڳاٽ پهاڙن جا:

هن ڪهاڻي ۾ مستقبل جي سنڌي عورت جو ڪردار چٽيل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي نويس پُر اُميد آهي ته مستقبل جي سنڌي عورت نه صرف جديد تعليم يافته هوندي، پر ان سان گڏ سندس ڪردار سماجي سطح تي انقلابي پڻ هوندو. هن ڪهاڻي ۾ حبيبان جو ڪردار حويلين جي رسم و رواج سان بغاوت جو آهي. هوءَ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو حق بخشايل آهي، ”توکي ته ياد هوندو اسان جي هڪڙي ڀيڻ حويليءَ جي نوڪر سان ڀڄي ويئي هئي ۽ پوءِ بابي ڪنهن طرح هن کي پڪڙائي زهر ڏيئي مارايو هو ۽ حويليءَ جي ان نوڪر کي جنهن سان منهنجي ڀيڻ جو نڪاح ٿيو هو، تنهن کي ماٺ ئي ماٺ ۾ قتل ڪرائي پورائي ڇڏيو هو، مون سان به جي اهڙي جُٺ ڪئي ويئي ته ائين ڪرڻ کان اڳ بابي جو انت آڻينديس، ان لاءِ تنهنجو ڏنل پستول مون وٽ آهي ۽ سدائين ان کي پنهنجي سٿڻ جي ور ۾ لڪائي رکندي آهيان. حبيبان جو پيءُ جيڪو دنيا جي هر قسم جي عيش عشرت ڪندي نظر اچي ٿو، پر اهو به نياڻين کي سندن جائز حق (شادي) کان صرف دولت بچائڻ لاءِ يا برادري اندر رشتو نه هئڻ سبب محروم رکي ٿو. سندس ڌيئر ان ظلم جو مقابلو ڪن ٿيون ۽ صدين جي رسمن کي ٽوڙي پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ انقلابي قدم کڻن ٿيون. آخر حويلي بابت هي خبر ڇپجي ٿي ته ”سائينءَ جي ٻن حق بخشايل ڌيئرن شادي ڪري ڇڏي ۽ ٽين ڌيءَ پڌرو ڪيو آهي ته، هن اول ئي نڪاح ڪري ڇڏيو هو ۽ هُن کي پيٽ به آهي، اهو پڻ ڄاڻايو ويو ته ٽئي گهوٽ ڌاريا آهن. (3)

هنن سڀني ڪهاڻين جي مختصر حوالي مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته نجم عباسي ڪٿي به عورت کي سماج، مذهب يا تهذيب جو غلام نٿو بنائي، پر هر هنڌ عورت کي مضبوط انقلابي ڪردار ۾ پيش ڪري ٿو، ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي سماج ۾ عورت کي ڄاڻي واڻي پسمانده حالتن اندر رکيو ٿو وڃي، کين ڏوه، گناه پردي، بي همتي، بزدلي جي چادر ڍڪرائي اندر بند ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ عورتن کي مضبوط ڪردار ۾ پيش ڪيو آهي، ڇو ته جيستائين عورتون پوءِ اهي ڳوٺن ۾ هجن يا شهرن ۾ حويلين ۾ هجن يا جهوپڙين ۾، ٻاهر نڪري پنهنجي جائز حقن لاءِ جدوجهد نه ڪنديون تيستائين سندن استحصال ٿيندو رهندو.

 

حوالا:

1.         نجم عباسي: (سڙي سارو) جيڪي منهنجي من ۾، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ص 130

2.        نجم عباسي، 2008 ع، (توکي مرڪندي ڏسان) دل وارن جي دنيا، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 66

3.        نجم عباسي، 1993 ع، اونچا ڳاٽ پهاڙن جا، نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد ص 154

خير النساءِ جعفري بحيثيت افسانه نگار

 

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي افساني ۾ ڪيترائي نوان رجحان ۽ نوان موضوع شامل ٿيا، جن ۾ ان وقت جي بدلجندڙ سياسي، معاشي، سماجي حالتن ۽ نون خارجي توڙي داخلي اثرن جو ڪافي عمل دخل نظر اچي ٿو. جنهن سبب ڪهاڻي جو ڪئنواس وسيع ٿيندو ويو، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر هڪ پهلو جي عڪاسي ڪئي ويئي. 1950ع کان وٺي 1980ع تائين سنڌي مختصر ڪهاڻي ٻين ادبي صنفن جي برعڪس وڌيڪ مشهور ۽ مقبول نظر اچي ٿي. انهيءَ عرصي ۾ جتي مرد افسانه نگارن ڪهاڻي کيتر ۾ پاڻ موکيو، اتي ڪجهه خواتين افسانه نويسن پڻ انهيءَ صنف کي اڳتي وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، جن ۾: زينت عبدالله چنا، رشيده حجاب، ثميره زرين، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه ۽ خيرالنساءِ جعفري جا نالا قابل ذڪر آهن.

خير النساءِ نه صرف سماجي حالتن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ قلمبند ڪيو، پر ان سان گڏ مذهبي ۽ معاشي حدبندين جو شڪار سماج کي پڻ لفظن جو روپ ڏيئي بهترين ڪهاڻيون تخليق ڪيون. هن پڌرشاهي سماج جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي پرکي ۽ پروڙي نهايت ايمانداريءَ سان انهن کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنايو، ترقي پسند فڪر ۽ فن کي حقيقت نگاري ۾ سموهي، هن ڪيترائي سٺا افسانه تخليق ڪيا. سندس تعلق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي شعبي سان هو، اُنڪري يونيورسٽيءَ جي ماحول جو هن ويجهي کان مشاهدو ڪيو. سندس مشهور ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ان ماحول جي نشاندهي ڪندي نظر اچي ٿي. ان کان علاوه سندس ٻين مشهور ڪهاڻين ۾ ”تخليق جو موت“، ”پيڙا جو پڙلاءُ“، ”ڪهڙو برانڊ ۽ ڪهڙو سگريٽ“، ”قربتون ۽ فاصلا“، ”1969ع، 1968ع، 1967ع“ وغيره شامل آهن. جيڪي سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”تخليق جو موت“ ۾ 1978ع ڌاري شايع ٿيون. جن بابت هوءَ پاڻ لکي ٿي ته ”مون ادب کي عبادت جي حد تائين پوڄيو هو. جيڪي به ڪهاڻيون لکيون اٿم، سي ڪنهن پر ڪوڙيون نه هيون، سچي موتين جيان سمورو ئي سچ، لفظ لفظ، سٽ سٽ تي زهر پيتو هوم.“. سندس ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ پنهنجي اندر حويلي ۾ قيد زندگي جتي بقول ليکڪا جي ته ”مڃان ٿي ته مقدس آهي هيءَ حويلي...... جنهن جي اونچين ديوارن تان سج صدين تان ڪڏهن لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن جو ته هن حويلي تان ڪڏهن گذر ٿيو ئي ناهي، هر وقت رات ئي رات جو رسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏين_ صرف رات جو ديرو دکندو رهي، اتي ناجائز مال ڪيڏو نه اپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو....“ ڪهاڻي جي هنن سٽن مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وڏين وڏين محلن جي اندر زندگي ڪيئن سسڪندي ۽ گهٽجندي ختم ٿي ويندي آهي يا وري ان ماحول سان بغاوت ڪري گناه جي دلدل ۾ وڃي ڦاسندي رهي ٿي. اهڙي زندگيءَ جي نشاندهي ڪندي هوءَ لکي ٿي ته ”پر شايد هن حويلي جي مڪينن جون قسمتون، ڪاتب تقدير اتي ڳري مري وڃڻ لاءِ جوڙيون آهن. تڏهن ته بن بن ڀٽڪي وري اتي اچي پهتي آهيان. اهي ئي پراڻا شهر.....“

هُن معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن جي سوچ نفسيات ۽ ماحول کي بي باڪيءَ سان قلمبند ڪري ڪهاڻين جو حصو بنايو. سندس مشاهدو تمام ڳوڙهو هو، جنهن ۾، ماضي ۽ حال جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. جيئن هوءَ لکي ٿي ته ”ڀلا  ازل کان ئي جن قسمتن جي بنواس ۾ ڀڪشو جيان بن بن ڀٽڪڻ هجي، اهي ڪٿي ٿا هڪ هنڌ گوتم جيان گيان ۾ گهارين..... شايد آءٌ به ڀڪشو آهيان ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو آهي.“

مرداڻي سماج ۾ عورت جو وجود صرف غلامي ۽ تفريح جو باعث ليکيو ويندو آهي ۽ جيئن ته هوءَ نفسيات جي شعبي سان وابسته هئي، انڪري هن سماج جي نفسيات جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. عورت ۽ مرد جي سماجي حيثيت کي پڻ هن پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنايو، جنهن ۾ سندس پر معنيٰ ۽ برجسته جملا، مرد جي نفسيات جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مثال هوءَ هڪ ڪهاڻي ۾ لکي ٿي ته ”عورت هميشه سادي فطرت جي ڀلي لڳندي آهي مرد کي جيئڻ لاءِ ذهانت جو هجڻ ضروي ناهي...... خصوصاً ذهين مرد کي“. هڪ ٻي هنڌ هوءَ لکي تي ته ”ڪو به مرد ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر ڪري سگهي ٿو، پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه پائيندو.“

هُوءَ سماج جي هر پهلو کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو، ايستائين جو گهٽين ۾ رلندڙ ڪتن تي به هن ”ميونسپالٽي ۽ ڪتا“ جي نالي سان ڪهاڻي لکي پيش ڪيو. خيرالنساءِ هڪ سماجي حقيقت نگار ليکڪا هئي، جنهن پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي سنڌي ادب کي بهترين ڪهاڻيون ڏنيون.

 

وجودي فڪر جو نمائندو- ڪهاڻيڪار

شوڪت حسين شورو

 

جديد سنڌي ڪهاڻي يا افسانو صحيح معنيٰ ۾ ويهين صديءَ ۾ اُسريو ۽ اُن ۾ ادب ۾ پير پائيندڙ نون لاڙن ۽ رجحانن جو عڪس نظر اچڻ لڳو. شروعاتي ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي نصيحت آميز موضوعن تي لکيون ويون، جن جو مقصد سماج جي جديد دور موجب اصلاح ڪرڻ هو ۽ جڏهن ان صديءَ جي ٻي ڏهاڪي ۾ روس ۾ مزدور انقلاب آيو ۽ آزاديءَ جون تحريڪون اُسرڻ لڳيون ته، ڪهاڻيون نظرياتي فڪر ۽ انقلابي موضوعن تي لکجڻ لڳيون، پر ادب ۾ جنهن لاڙي تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي، اهو لاڙو 1936ع ۾ ترقي پسند تحريڪ جي روپ ۾ وجود ۾ آيو، جنهن ادب کي ادب براءِ ادب جي مروج خيالن مان ٻاهر ڪڍي، ان کي هڪ نئين فڪري ڌارا ۾ شامل ڪيو، جنهن ادب کي سماجي زندگيءَ جي حقيقتن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج کي تبديل ڪرڻ جا نوان قدر ۽ ماپا ڏنا، جن کي پروان چاڙهڻ ۾ طبع زاد ڪهاڻين سان گڏ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو پڻ ڪليدي ڪردار رهيو، جيڪي مختلف ملڪن جي ادب مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيون ويون.

 ان دور جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ امر لعل هگوراڻي، عثمان علي انصاري، عبدالله عبد، مرزا نادر بيگ وغيره شامل آهن، جن جديد فڪري رجحانن کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنايو. 1940ع کان ورهاڱي تائين ڪهاڻين جا موضوع سياسي ڪشمڪش سان گڏ پڻ سماجي مسئلن جي اپٽار ڪندي نظر اچن ٿا، جن ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻي ”سفيد وحشي“ ڀڳوان لعلواڻي جي ”ساڙهي“، گوبند مالهيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد آهون“ وغيره شامل آهن. ان دور ۾ پهريون دفعو جنسيات جي موضوع تي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن ۾ آسانند مامتورا جي ڪهاڻي ”ڳنوارڻ“ به شامل آهي. ورهاڱي بعد سنڌي ڪهاڻي ٻن ڌارائن  ۾ ورهائجي ويئي، هڪ پاسي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي پارکن جو هندستان لڏي وڃڻ ته ٻئي پاسي وري هڪ ڌاري لوڌ جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ، جنهن سبب سنڌي ادب ڪجهه وقت ماٺار جو شڪار بنجي ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي وري پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ جمال ابڙو، غلام رباني، اياز قادري جهڙا ڪهاڻيڪار اُڀري آيا، جن سماجي اڻبرابرين کي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي بيان ڪيو، ان کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪو دور شروع ٿيو، اهو سنڌ جي شناخت ۽ ٻولي جي مالڪي وارو دور هو، ڇاڪاڻ ته ملڪ تي ون يونٽ مڙهي صوبن جي قديم تهذيب ۽ ثقافت کي ختم ڪيو ويو، ان دور ۾ جيڪو ادب تخليق ڪيو ويو، اهو قوم پرستي ۽ وطن پرستيءَ جي فڪر سان سلهاڙيل ڀرپور انداز ۾ تحرير شده مزاحمتي ۽ انقلابي ادب هو، جنهن ۾ هر قسم جي ناانصافين ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ خلاف جدوجهد جو فڪر سمايل ملي ٿو.

موهن ڪلپنا ان دور جو جائزو پيش ڪندي لکي ٿو ته ”ورهاڱي کان اڳ سنڌي ۾ ترقي پسند فڪر ادب مٿان حاوي پوڻ لڳو، جنهن ادب جي روايت ۽ پرمپرا کي رَدِ ۽ نوَن قدرن کي اُجاگر ٿي ڪيو، پر ورهاڱي جي ڪاپاري ڌڪ کائڻ سبب، اهو دور سنڌيءَ ۾ فلسفياتي طور ختم ٿي ويو، 1956ع ۾ ون يونٽ، جنهن سبب سنڌ، پاڪستان جي نقشي مان غائب ٿي وئي، ترقي پسند دور ٻيهر پوري زور سان ظاهر ٿيو ۽ پوءِ 1970ع تائين سنڌي ڪهاڻي ۾ نئين سِر حاوي رهيو.“ (1)

ان وقت ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار اڀريا، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، نجم عباسي، ابن حيات پنهور، امر جليل، نسيم کرل، زينت عبدالله چنا، حميد سنڌي ۽ بشير موريائي وغيره شامل آهن، جن گهڻي ڀاڱي قوميت جي لاڙي مطابق بامقصد ادب تخليق ڪيو، جيڪو سنڌي قوم سان ٿيندڙ سياسي توڙي لساني ويساه گهاتين خلاف آواز بلند ڪندي نظر اچي ٿو، ان سان گڏ ان دور ۾ معاشري جي بُرائين ۽ مذهبي ڇڪتاڻ تي پڻ کُلم کُلا لِکيو ويو. نيٺ سنڌ تان ڪارا ڪڪر ڌوپجي ويا، پر ايستائين سفر ڪندي سنڌي ڪهاڻي روايتي موضوعن جو شڪار بنجي ويئي، ون يونٽ ختم ٿيو ته ڪجهه نوجوان ليکڪن جديد ادبي لاڙن مطابق ادب تخليق ڪيو ۽ ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ ملڪ جي سياسي توڙي سماجي حالتن جي تبديلين سبب ڪجهه ڪهاڻيڪارن مثال: ماڻڪ، مدد علي سنڌي، ڪيهر شوڪت، شوڪت شورو، مشتاق شورو، لياقت رضوي جديديت ۽ وجوديت جي فڪري رجحانن کي پنهنجي فني تخليق جو موضوع بنائي ڪهاڻيون لکيون. وجوديت جي هن فڪر ٻي عالمي لڙائيءَ کانپوءِ تباه ٿيل يورپ ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي. جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهن ۾ جيڪا مايوسي ۽ بيزاري پيدا ٿي، ان جي عڪاسي انهن هن ادبي لاڙي هيٺ خاص طور تي افسانوي ادب ۽ شاعري ذريعي ڪئي. ڪافڪا، ڪامئو ۽ سارتر هن تحريڪ جا روح روان هئا. وجودي فڪر ڇا آهي؟

نويد سنديلو ان بابت لکي ٿو ته ”وجوديت اهڙو نڪته نظر ۽ ورتاءُ آهي، جيڪو انساني وجود تي زور ڏئي ٿو. پاسڪل ۽ سورين ڪيرڪي گارڊ واسطي وجوديت جي فڪر جو سندس دور جي دينيات تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي. هن فڪر ۾ مجرد (ايبسٽرڪٽ) يا فطرت ۽ عام دنيا جي بدران ”اڪيلي فرد“ کي امتيازي حيثيت حاصل آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به چئي سگهون ٿا ته، وجودي فلسفي جي دنيا ۾ اڀريل هڪ اهڙو نظريو آهي، جنهن مطابق هن بي معنيٰ دنيا ۾ انسان، آزاد ۽ پنهنجي عملن لاءِ پاڻ جوابدار آهي. هڪ تحريڪ جي حيثيت ۾، ان جو سڄو زور انفرادي وجود جي داخلي مسئلن، انفرادي آزادي، ۽ انساني نفسياتي وارتائن جي سندس سماجي روين تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪرڻ هو. وجوديت جي فڪر ٻي عالمي لڙائيءَ کانپوءِ تباه ۽ ڀڙڀانگ ٿيل يورپ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهن منجهه پيدا ٿيل مايوسي ۽ بيزاري جي جذبن جي ادب، شاعري، ناٽڪ ۽ ٻين شعبن ۾ ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي.“ (2)

سنڌي ڪهاڻي ۾ شوڪت حسين شورو اهو ڪهاڻيڪار هو، جنهن وجوديت جي هن فڪر مطابق ان دور جي استحصالي نظام جي پس منظر ۾ هڪ انسان جي دل شڪسته جذبن، اڪيلائي، مايوسي، پيڙا ۽ نفسياتي مونجهارن کي موضوع بنائي ڪهاڻيون لکيون، جن بابت سندس هي چوڻ هو ته ”ان وقت جي ليکڪن جديد ڪهاڻي ۾ جيڪي ڌاريائپ، اڪيلائپ، ذهني جستجو ۽ جاکوڙ بي دلي ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو، ان جا ڪارڻ اهي ڪونه هئا، جيڪي يورپ وغيره جا سمجهيا ٿي ويا. ان دور ۾ لکيل تجريدي  ۽ علامتي ڪهاڻين ۾ نراسائي هجڻ جو احساس ۽ مايوسي جي فضا جا ڪارڻ معروضي حالتون هيون، باقي نئين ڪهاڻي جي ٽيڪنيڪ، جيئن شعور جو وهڪرو يا علامت نگاري ۽ وجوديت، اَبسَرِڊٽي وغيره جهڙا انداز ۽ فڪر ٻاهران ورتل آهن“.(3)

شوڪت شوري جي پهرين ڪهاڻي ”اکيون روئي پيون“ ان وقت جي مشهور ۽ معروف ماهوار رسالي ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپي، هيٺ سندس ڪهاڻين جو وجودي فڪر جي تناظر ۾ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

سمنڊ ۽ هيڪلو روح:

هي هڪ ٽٽل ڦٽل شخص جي داخلي پيڙائن تي آڌاريل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ بقول ليکڪ جي ته ”سمنڊ دنيا جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي، جهاز ٽٽل معاشري جي علامت آهي، جنهن ماڻهو ۾ اڪيلائپ، بي سلامتي ۽ بي سهاري هجڻ جو احساس ڀري ڇڏيو آهي.“

 اُنهيءَ ڪيفيت کي بيان ڪندي هو لکي ٿو ته، ”هو هڪ ٽٽل جهاز جو مسافر هو. پاڻ به ٽٽل ۽ سهارو فقط هڪ تختيءَ جو، پر هڪ تختي هيڏي وڏي انساني سمنڊ ۾ هن کي ڪهڙو سهارو ڏيئي سگهي پئي. پر، پوءِ به هن ۾ جيئري رهڻ جي خواهش موجود هئي ۽ هو سوچي ٿو ته ڪو به سهارو آخر تائين نه رهڻو آهي، هن کي سهارن جي نه، پر مضبوط ڌرتيءَ جي ضرورت هئي، جنهن تي قدم رکي هو پاڻ کي محفوظ سمجهي.“

هن ڪهاڻي جا مڪالمه فرد جي انهيءَ ڪرب، نراسائيءَ کي ظاهر ڪن ٿا هو لکي ٿو ته، ”انسان آخر انسان آهي ۽ ڪک آخر ڪک آهي پر ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي ٻنهي جو هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ تمام مشڪل آهي.“ (4)

گم ٿيل پاڇو:

هيءَ ڪهاڻي فرد جي پنهنجي ذات جي تلاش، بيوسيءَ ۽ مايوسي کي بيان ڪري ٿي هو لکي ٿو ته ”رستو سنسان ۽ خاموش آهي، لڳي ائين ٿو ته رستو کٽڻ جو ناهي. هونئن به ڪا راه ڪٿي کٽي ڪانه ٿي، راه مان راه ٿي ڦٽي ۽ آءٌ انهن ئي راهن مان ڦٽندڙ ڪن راهن ۾ وڃائجي ويس. اهو ڄاڻي نه سگهيس ته منهنجي راه ڪهڙي آهي يا ڪا راه آهي ئي ڪانه! ڪا به پڪ ڪانهي. اوچتو من وکن ۾ وچڙي پوندو آهي ته، آءٌ واڪا ڪندو آهيان. ڪو آهي...... ڪو آهي....... جيڪو مون کي دڳ لڳائي...... سڏ پڙاڏو بڻجي موٽي ايندو آهي ۽ منهنجي اندر ئي ڪو جواب ڏيندو آهي: هتي هر ڪو ڀٽڪيل آهي ۽ پنهنجي راه پاڻ ڳولي رهيو آهي. ڪير واندو آهي، ڪنهن کي دڳ ڏسڻ لاءِ“.(5)

اکين ۾ ٽنگيل سپنا:

هي پيار ڪندڙ ٻن انسانن (ڪنول ۽ جاني) جي ڪهاڻي آهي، جيڪي وقت ۽ حالتن سبب جدا ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ کين وري قسمت ملائي ٿي، ته ڪنول هن کي ناخوش ڏسي، هن کان پڇي ٿي ته ”خوش آهين؟“. تڏهن جاني هن کي چوي ٿو ته ”اصل ڳالهه اها آهي ته ٻين جي مرضي اڳيان ڪنڌ جهُڪائي شادي ڪرڻ کانپوءِ مون اهو سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي ته، آءٌ خوش آهيان يا نه. توکي خبر آهي، منهنجي ڪا مرضي ڪانهي.“ (6)

هڪ ڊنل ماڻهو:

هيءَ ڪراچي جي هجوم واري شهر ۾ رهندڙ هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو اڪيلائيءَ جي دهشت کان بچڻ لاءِ هڪ پيشه ور عورت سان چند لمحن جي رسمي ملاقات کي به پنهنجي زندگيءَ جو وڏو اثاثو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان سان سندس وجود جي ويراني، ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي گهڙي پل لاءِ سانتيڪي ٿئي ٿي. بقول قمر شهباز جي ته ”هڪ ڊنل ماڻهو جيڪا منهنجي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکيل هزارين ڪهاڻين مان چند آڱرين تي ڳڻيل جيترين سٺين ڪهاڻين منجهان هڪ آهي، سا نه رڳو ڪهاڻيءَ جو بهترين مثال آهي، پر شوڪت شوري جي پنهنجي شخصيت جو عڪس پڻ آهي. ان ڪهاڻي ۾ اهي سمورا گڻ ملندا، جيڪي نئين ڪهاڻي جي تعريف لاءِ ضروري آهن. ان ڪهاڻي ۾ شوڪت شوري انڊلٺ جا ست ئي رنگ سموئي ڇڏيا آهن. هن جي ٻولي، ڊائلاگ، مونولاگ، طنز ۽ پلاٽ جي چونڊ کان ويندي واقعاتي (لوڪل) جي تفصيلن تائين، سندس مهارت ۽ ذهانت جو ثبوت ڏين ٿا“.(7)

نارائڻ ڀارتي هن جي ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته، ”شوڪت شوري جي ڪهاڻين ۾ هڪ انوکي قسم جي جدت آهي، اڪيلائپ جيڪا موجوده دور جو اهم مسئلو آهي، ان ڪري شوڪت جي اڪثر افسانن ۾ اڪيلائپپ، ڌاريائپ، بي سلامتي، مايوسيءَ جو اظهار، انتظار، اوسيئڙو، ذهني جستجو، جاکوڙ ۽ جدوجهد جا موضوع  خاص طور تي ملن ٿا.“ (8)

اشارو:

هيءَ ڪهاڻي بيروزگار نوجوان ڪمال جي آهي، جيڪو شهر نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ اچي ٿو، پر جيڪا نوڪري هو ڪري ٿو، ان مان هو صرف پنهنجو پيٽ ئي پالي سگهي ٿو، جنهن سبب هن جو پيءُ هن کان ناراض ٿي وڃي ٿو ۽ شهر جي اجنبي ماحول ۾ هن کي هڪ عورت جو سهارو ملي ٿو، جيڪا هن کي پسند ڪري ٿي، پر وقت اچڻ تي اها به سندس مفلسيءَ کي ڏسي هن کان ڌار ٿي وڃي ٿي. ڪمال جي وجود جي انهيءَ بيوسيءَ کي ليکڪ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته، ”ايتري ساري زندگي گذري ويئي، پر مون کي ڪٿان به ڪو گرين سگنل نه مليو. اڳتي وڌڻ لاءِ گرين سگنل هميشه ٻين لاءِ هوندو آهي. ٻيا اڳتي وڌي ويندا آهن ۽ جڏهن منهنجو وارو ايندو آهي ته، ريڊ سگنل روشن ٿي ويندو آهي ۽ آءٌ پوئتي ڌڪجيو وڃان، موجوده وقت ۾ اڻ ٺهندڙ صفا مس فٽ“.(9)

خوف جو موت:

هيءَ ڪهاڻي لساني فسادن جي پس منظر ۾ هڪ سنڌي ڪٽنب جي عدم تحفظ واري ڪيفيت کي بيان ڪري ٿي، جنهن ۾ موت جي خوف کان خوف جي موت تائين جي سفر ۾ ان فيملي جي لاچاري، ڊپ، بيوسي ۽ نااميديءَ جي وارتائن کي ڏاڍو اثرائتي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. آخر ۾ موت جو اهو خوف ئي سندن سگه بڻجي اڀري ٿو، ليکڪ ان جي عڪاسي هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته ”ڪامل جڏهن گهر پهتو ته زينب واقعي ئي پريشان هئي.

 ڇا ٿيو؟ ايتري دير ڇو ٿي؟

”ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. تون پريشان نه ٿي، خير آهي.“ هو کٽ تي ويهي بوٽ لاهڻ لڳو.

”گهر جي چاٻي وٺي آئين؟“

”نه پاڻ کي ڪيڏانهن به ناهي هلڻو. پاڻ هتي ئي رهنداسين پنهنجي گهر ۾. جنهن گهر ۾ منهنجا سمورا وڏا، بابو ۽ امان مري ويا. ان گهر ۾ پاڻ مرڻ کان ڇو ٿا ڊڄون! اڄ کان ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ. ڪو الڪو نه ڪر.“ ڪامل کٽ تي ليٽي پيو ۽ سگريٽ دکائي آرام سان سوٽا هڻڻ لڳو. (10)

وجودي ليکڪن پنهنجي ڪهاڻين جا عنوان به فرد جي احساسي محرومين، بي اعتمادي، خوف، موت جو ڪرب ۽ اجنبيت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل تصور جي پس منظر هيٺ منتخب ڪيا، جيئن شوڪت صاحب جي ڪهاڻين جا هي عنوان ”ڀڳل ٽٽل ٽهڪ“، ”ڊنل ماڻهو“، ”اوپرو ماڻهو“، ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“، ”ڳلي ۾ سڏڪو“، ”خوف جو موت“، ”گم ٿيل پاڇو“، ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان“، ”پيڙا جا پڙلاءُ“، ”مئل ويساه“، ”آخري ڏينهن ۽ چتيءَ جيترو آسمان“ وغيره.

 مجموعي طور تي ڪٿ ڪجي ته سندس لکيل ڪهاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي انسان جي ذاتي زندگي ۽ سماجي زندگي جي تصادم سان سلهاڙيل، وجودي فڪر جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن ۾ فرد جي اڪيلائي، پيڙا، درد، اذيت، ڊپ، تلاش، ننڌڻڪائي ۽ موت جي خوف ۾ گهيريل، انسان جي زندگيءَ جي ڀڃ ڊاه جي تصوير پيش ڪندي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سندس ڪهاڻين جي فن ۽ فڪر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته، ”شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي رڳو موضوع ۽ اندروني خيال کان جديد نه آهي، انهن عنصرن سان گڏ سندس ڪهاڻيءَ جي رٿا، گهاڙيتو، ٻاهريون ڏيک، لفظن جو استعمال، ڪهاڻي پڙهندڙن جي ذهن تي آخري اثر، ڪردارن جو رويو، اختصار، رفتار، ۽ سڀني عنصرن جي ترتيب کيس جديديت وارن لاڙن ۾ صف اول ۾ بيهاري ٿي.“ (11)

سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان 1981ع،  اکين ۾ ٽنگيل سپنا 1983ع، گم ٿيل پاڇو 1993ع، رات جو رنگ  2009ع شامل آهن.


 

حوالا:

1.         موهن ڪلپنا، 2007ع، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو ص 19 سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

2.        سنديلو نويد، وجوديت جو فلسفو پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي سنڌ ص 43، 44

3.        شورو شوڪت، 2017ع، سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ص 29

4.        شورو شوڪت، 2009ع، رات جو رنگ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 175

5.        ايضاً، ص 165

6.        ايضاً، ص 61

7.        قمر شهباز ايضاً، ص 11

8.        ڀارتي نارائڻ؛ سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ ص 344

9.        شورو شوڪت، 2009 ع، رات جا رنگ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 137

10.    ايضاً ص 128

11.     جوڻيجو عبدالجبار، 2006 ع، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد، ص 69

عصمت چغتائي جي ڪهاڻين جو اڀياس

 

سندس تعلق نه رجعت پرست گروپ سان هو، نه ترقي پسند گروپ سان، نه پاڻ مغربي نقادن کان متاثر هئي، نه مشرقي، نه ڪميونسٽ پارٽيءَسان سندس واسطو هو، نه وري ڪنهن مذهبي جماعت جي پوئلڳي ڪيائين. پوءِ هوءَ آخر ڪير هئي؟ اهو سوال ذهن ۾ اڀرندي ئي ڪئين جواب خود بخود سامهون اچي وڃن ٿا. هوءَ عصمت هئي ليکڪائن جي تخليقن جي. هوءَ مبشر هئي، عورت جي نفسياتي مطالعي جي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ پيچيدگين ۽ سماجي رسمن رواجن ۾ پيڙهيل معاشري جي هوءَ ترجمان هئي، مغربي معاشري جي هڻ هڻان ۾ پاڻ وڃائيندڙ طبقي جي. ۽ اُن معصوم عورت جي عڪاس هئي، جيڪا گهر جي زينت بنائي سجائي شوڪيس ۾ قيد ڪئي وڃي ٿي. عصمت چغتائي ان معصوم نينگريءَ جي جذبن جي عڪاس پڻ هئي، جيڪي هن جا ارمان پورا ٿيڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويا هئا، عصمت درد هئي، ان ماءُ جي ٿڃ جو، جيڪا پنهنجي ڄاول پٽ جي بک ۽ اُڃ اجهائڻ کان محروم هئي.

عصمت چغتائي پنهنجي افسانوي فن جو آغاز ورهاڱي کان پهرين ڪيو. هي اهو دور هو، جنهن ۾سياسي، قومي ۽ انقلابي تحريڪون زور شور سان هلي رهيون هيون. برصغير جا ماڻهو هڪ نئين ماحول ۾ جديد تعليمي ۽ ثقافتي ڪلچر کان متعارف ٿي رهيا هئا. بنيادي طور تي هيءُ شعوري تبديليءَ جو دور هو. انهيءَ شعوري تبديلي علم ادب جي ماحول کي پڻ حرارت ڏني. ليکڪن ان نئين ماحول ۽ حالتن کي پنهنجي قلم  جو موضوع بنائي جديد ادب تخليق ڪيو، جنهن ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو برپا ڪري ڇڏيو. اهڙن ئي بيباڪ اردو اديبن ۾ عصمت چغتائي پڻ شامل هئي، جنهن هندو _ پاڪ ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشرتي ناهموارين، سياسي مذهبي ۽ تعليمي اڻبرابرين قديم توهم پرستي ۽ فرسوده رسمن رواجن خلاف ڪهاڻيون لکي، افسانوي ادب کي عروج تي پهچائي ڇڏيو. ڊاڪٽر ايم. سلطانه بخش سندس افسانوي فن تي نظر وجهندي لکي ٿي ته:

عصمت چغتائی اردو کے نئے افسانے کی معمار ہیں وہ ایک درد مند دل، اخلاق ذہن جرئت آزما قوتوں کی مالک ہیں وہ زندگی کی سچائی سے پیار کرنے والی اور ان سچائیوں کو اپنی بے پناہ تخلیقی قوتوں سے کہانیوں کا روپ دینے والی عظیم فنکار ہیں۔ عصمت چغتائی اردو افسانے کے عظیم کہانی کاروں، سعادت حسن منٹو، راجندر سنگ بیدی، اور کرشن چندر کی ہمعصر ہیں عصمت چغتائی کی کہانیاں اپنے عہد کی پیداوار اور اپنے معاشرے کی عکاس ہیں۔ عصمت چغتائی نے جس بے رحمی سے اپنے معاشرے کے دوغلے پن کو بے نقاب کیا اور جس بے دردی سے اپنے عہد کے ضمیر کو جهنجهوڑا ایسی سماجی تنقید کی مثال ان سے پہلے اردو ادب میں نہیں ملتی۔(1)

سندس ڪهاڻين جي مقبوليت جو خاص سبب هڪ ته نوان ۽ وسيع موضوع، سادو ۽ پُر اثر انداز بيان، دلچسپ مڪالما، ٽيون ڪردار نگاري ۽ مڪالمن ۾ اصليت جو ڀرپور مظاهرو، جيئن سندس ڪهاڻي ”ننهي ڪي ناني“ هڪڙو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو هر سماج ۾ هوندي به معاشري جي نظرن کان اوجهل رهي ٿو. ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته اهو سندس شاهڪار ڪرداري افسانو آهي. عصمت ان ڪردار کي سامهون آڻي سندس شخصيت تي اثر انداز ٿيندڙ انهن چڱن ۽ بُرن پهلوئن کي پيش ڪري، اهو تاثر ڏئي ٿي ته انسان بنيادي طور تي خراب نه آهي، پر حالتن جي تبديلي سندس زندگيءَ کي نوان موڙ ڏئي ٿي. مثال: سندس هي ڪردار، جنهن لاءِ هوءَ لکي ٿي ته:

دنیا کا کوئی دکھ ذلت کوئی بدنامی ایسی نہ تهی جو نصیبوں نے نانی کو نہ بخشی تهی۔ جب سہاگ کی چوڑیوں پر پتهر گرا تو سمجهیں تهی کہ اب کوئی دن کی مہمان ہے پهر جب بسم اللہ کو کفن پہنانے لگی تو یقین ہوگیا کہ  "اونٹ کی پیٹ پر آخری تنکا ہے" اور جب ننهی کے منہ پر کالک لگائی گئی تو نانی سمجهی بس۔ یے آخری گهاؤ ہے۔ زمانے بهر کی بیماریاں پیدائش کے وقت سے جهیلیں سات بار تو چیچک نے اس کے صورت پر جهاڑو پهیری ہر سال تیج تہوار کے موقع پر ہیضے کا حملا ہوتا۔ (2)

ڪهاڻي جي هنن پنجن ڇهن سٽن مان ڪهاڻي جو پورو تاثر اُڀري اچي ٿو. اهو عصمت جي فن جوئي ڪمال هو. ان کان علاوه سندس ڪرداري افسانن ۾ ”کلوکی ماں“ ان کان علاوه ”بچهو پڦي“ پڻ شامل آهي، جنهن جو ڪردار هڪ اهڙي عورت جو آهي، جيڪا زماني جي سختين سبب ايڏي ته ڪٺور بڻجي پوي ٿي، جو نه صرف پنهنجي مڙس، پر پنهنجي ڀائرن کان به بد دل ٿي وڃي ٿي. عصمت هن ڪهاڻي ۾ ڏيکارڻ اهو چاهي ٿي ته، جيڪا عورت مڙس جي هٿان ڪنهن به ظلم جو شڪار ٿئي ٿي، اها پوءِ ان جو انتقام هر عورت کان وٺڻ چاهي ٿي، پوءِ ڇو نه اها سندس ڀاءُ جي زال ئي هجي! پر تنهن هوندي به عورت پنهنجي ڀاءُ مٿان ٿوري به تڪليف برداشت ڪري نه ٿي سگهي.

”کلوکی ماں“ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جا بيوه آهي ۽ ٻيهر صرف ان لاءِ شادي نٿي ڪري ته جيئن سندس پٽ سماج ۾ شرمندگي محسوس نه ڪري، ان لاءِ هوءَ پنهنجا جذبا قربان ڪري محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ جو پيٽ پالي ٿي، ”لحاف“ هڪ ليزبين عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي مڙس کان جنسي آسودگي نه ملڻ سبب هم جنس پرستي جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هڪ عورت هئڻ جي ناتي عورتن جي نفسيات جو سندس مشاهدو وسيع هو. ”گهروالي“ لاجو نالي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو ڪوبه وارث ڪونه هو. ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته، هوءَ ڪٿي ڄائي. گهٽين ۽ رستن تي پلجي وڏي ٿيندڙ هيءَ ڇوڪري جڏهن جوان ٿي، تڏهن جوانيءَ جي عيوض هن کي زندگي جون سهوليتون ميسر ٿيون. پوءِ هڪ نيڪ ماڻهو هن سان نڪاح ڪري ٿو، پر جيئن ته هوءِ رشتن ناتن کان وانجهيل هئي، آزاد خيال پليل هئي، ان ڪري هوءَ اتان ٻئي ڇوڪري سان ڀڄي وڃي ٿي. عصمت جي هيءَ ڪهاڻي انهن سماجي بندشن تي هڪ قسم جي ٽوڪ آهي، جيڪي عورت ۽ مرد لاءِ الڳ الڳ حد بنديون مقرر ڪن ٿا.

عصمت چغتائي جي افسانن جي عورت ڪا خوبصورت عورت يا مرد کي مجازي خدا مڃڻ واري مشرقي زال نه آهي، پر ان جي برعڪس سندس ڪهاڻين جي عورت ڪٿي خودار ۽ نيڪ ته ڪٿي وري بد زبان چيڙاڪ، ڪٿي وري بظاهر لوه جهڙي سخت، پر اندر ڪومل مکڙي جهڙي نرم هجي ٿي. ان کان علاوه سندس افسانن جي عورت ڪنهن نه ڪنهن خاص خوبي جي مالڪ ضرور نظر ايندي. پوءِ اها معاشري جي بدڪردار يا بد زبان عورت ئي ڇو نه هجي، بقول ڊاڪٽر وزير آغا جي ته:

”عصمت چغتائی کے افسانوں کا مطالعا کریں تو اس میں ایک خاص پٹرن کا احساس ہوگا مثلا اسم کی سطح پر ان کے کردار جیسے "تل کی رانی" "امر بیل کی رخسانہ" "دو ہاتھ کی گوری" "چڑیا کی دکی" "لحاف کی بیگم جان" "ننهی کی نانی" وغیرہ بظاہر نارمل قسم کی ہستیاں ہیں جو کسی جسمانی یا نفسیاتی ناہمواری کی مثال نہیں ہیں۔ فکشن کے قدیم کرداروں کی طرح ان کی قوت غیر معمولی یا صورت انوکهی یا  ایبنارمل نہیں ہے“۔(3)

جڏهن ته شهزاد منظر عصمت جي سماجي شعور جي وضاحت هنن لفظن سان ڪري ٿو ته:

”عصمت سماجی اعتبار سے بہت باشعور جس کا ثبوت ان کے ہر افسانے سے ملتا ہے ان کا یہ سماجی شعور ہی تها جس نے ان کے افسانوں میں اتنی گہرائی پیدا کی اس کے ساتھ ساتھ وہ بلا کی تنزیہ نگار بهی تهی“۔(4)

عصمت نه صرف عورتن جي سماجي ۽ نفسياتي پهلو کي افساني جو موضوع بنايو، پر ان سان گڏ هي پهرين عورت اردو افسانه نگار هئي، جنهن جنس تي ”لحاف“ نالي سان پنهنجي افساني جو موضوع بنايو. هي افسانو سندس بدنامي سان گڏ شهرت جو سبب پڻ بڻيو. هن افساني ان وقت جي ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب کيس فحش نگار، عريانيت پسند ۽ جنس پسند جهڙن الزامن سان نوازيو ويو، پر تنهن هوندي به مخالف سندس فني پختگي کي ساراهڻ کان بغير رهي نه سگهيا. مثال ڪشن پرساد ڪول سندس ان افساني تي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته:

"ان کا افسانہ "لحاف" جس کا موضوع (ہومو سیکشوئلٹی) کو فنکاری کے لحاظ سے رد نہیں کیا  جاسکتا نئی ادب کے لکهنے والوں نے بهی ایسے ہی موضوع پر افراط سے لکها جسے پڑه کر کراہت سی ہوتی ہے لیکن عصمت چغتائی میں حسن کاری کا سلیقہ بہت ہی خوب ہیں وہ اس موضوع کو بهی خوب نبهالے گئی ہیں عریانی تو ضرور ہے لیکن ان کے کنایوں اشاروں نے تصویروں پر ہلکا سا پردہ ڈال دیا ہے“۔(5)

عصمت پنهنجي افسانن ۾ جنهن به موضوع تي قلم کنيو، ان ۾ ڪردارن ۽ انهن جي ٻولي به ماحول مطابق ڪم آندائين. انڪري سندس ڪهاڻين جا ڪردار رڳو عظمت جا پتلا ڪونه آهن، بلڪ عام انسانن جيان انهن ۾ ڪيتريون خاميون پڻ نظر اچن ٿيون. مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان سندس افسانا سماج جي بدلجندڙ قدرن ۽ لاڙن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا، جن ۾ سندس اندازِ بيان جي شوخي ۽ پر اثر مڪالما وڌيڪ حسن پيدا ڪندي نظر اچن ٿا. مثال سندس ڪهاڻي ”چوتهی کا جوڑا“ ۾ هوءَ سماج ۾ مروج ريتن رسمن جي پابند عورت جي جذبن جو اظهار ڪندي لکي ٿي ته:

”یہی تو مشکل تهی کوئی جوڑا  اللہ مار یا چین سے نا سلنے پایا جو کلی الٹ کٹ جائے تو جان لوٹی نائن کی لگائی ہوئی بات میں ضرور کوئی اذنگا لگے گا یا تو دولها کی کوئی داستان نکل آئی گی یا اس کی اماں ٹهوس کڑوں کا اڑ گڑا باندهے گی۔ جو گوٹ میں کان آجائے تو سمجھ لو یا تو مہر پر بات ٹوٹے گی یا بهرت کے پایوں کے پلنگ پر جهگڑا ہوگا چوتهی کا شگن بڑا  نازک ہوتا ہے“۔(6)

وقار عظيم سندس افسانوي فن، ڪردارن ۽ مڪالمن کي ساراهيندي لکي ٿو ته:

”عصمت بہت سی باتوں کو شدت سے محسوس کرتی ہیں۔ باتیں ان کے آس پاس کے سماج کے متحدہ فیصلوں اور من بهاتی عقیدوں سے بلکل مختلف ہوتے ہیں لیکن وہ ان اخلاقی فیصلوں کی پابندیوں سے بے نیاز ہوکر سچ کو جیسا دیکهتی ہے ویسا ہی لکھ دیتی ہیں اور اس صاف گوئی میں کبهی بے رحمی سے بی دردی سے کام لینے میں بهی انہیں کوئی تکلیف نہیں ہوتی، حق کے اظہار کے لیے انہوں نے ب ہت سے لطیف اور شدید حربوں سے کام لیا تیکهی تنز شوخ فکری شکر میں لپٹی ہوئی کڑویں باتیں ہنسی مذاق اور اسی ہنسی مذاق میں ہو، ملیح پہتان باتوں کی چسکیاں ہنس ہنس کر سب کچھ کہہ دینا ان کے فن کے تهوڑے سے حربے ہیں“۔(7)

مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻين کان علاوه سندس مشهور ڪهاڻين ۾ ”گيندا“ ”بهول بهليان“ ”ڪافر“ ”امر بيل“ ”جڙين“، هندو مسلم فسادن جي پس منظر هيٺ لکيل ڪهاڻي ”دهاني بانڪين“ وغيره شامل آهن، جن ۾ سندس قلم جي شوخيءَ سان گڏ سندس فن جي فڪري گهرائي ۽ سماج جي ڳوڙهي مطالعي جو عڪس نمايان طور تي نظر اچي ٿو. بقول ام عماره جي ته:

”عصمت ہر حال میں ایک آزاد فکر اور غیر منافقانہ رویے کی مالک تهی یہ عصمت ہی تهی جو ادب کی دنیا پر چار بڑے ناموں میں ایک بڑا نام تهی۔ جہاں کرشن چندر، بیدی، اور منٹو تهے عصمت بهی اس گروہ کا جز تهیں جن کے بغیر افسانا نگاروں کی یہ ٹولی مکمل نہیں ہوتی اوپر کے سارے ادیب اگر انسانیت کا پرچار کر رہے تهے تو عصمت کے ہاں بهی سب کچھ بڑه چڑه کر رہا تها“۔(8)

مجموعي طور تي نظر ڪجي ته سندس افسانا عورت جي سماجي شعور سان لبريز نظر اچن ٿا، جنهن ۾ سندس ٻولي خاص طور تي محاوراتي انداز ۽ سماجي ريتن ۽ رسمن جي قائل عورت جو ڪردار گهڻي ڀاڱي پيش ٿيل نظر اچي ٿو.
 

حوالا:

1.        ڈاکٹر ایم.سلطانہ عصمت چغتائی، 1992ء، شخصیت اصر فن ویزن پبلشر اسلام آباد، ڇاپو پهريون،  ص 12-13

2.       ”ننهی کی نانی“ عصمت چغتائی فن اور شخصيت: ص 368

3.       عصمت چغتائی کے نسوانی بردار:ايضا ً،ص 218، 217

4.       شہزاد منظر : عصمت کی دس بہترین افسانے،تخلیقات لاہور، ص 10

5.       کشن پر ساد کول، نئے ادب کے افسانانگار، نیا ادب، ص 218

6.       ”چوتهی کا جوڑا“: ننهی کی نانی، عصمت چغتائی فن اور شخصيت، ص 345

7.       وقار عظيم: عصمت چغتائی، نيا افسانہ،ص 25، 24

8.       ان عماره اردو افسانا ڪرڻ آگهی اور خواتين افسانا نگار ص 35، اپنی نگاه عورتون کی لکھی تخليقات تنقيدي جائزے ترتيب جويريہ خالد ثمين، رحمان

منٽو جي افسانن جو سنڌي افسانن تي اثر

        ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ ويجهو ڳانڍاپو آهي. معاشي حالتون ۽ سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعا سماج سان گڏ ادب تي به اثر انداز ٿيندا آهن. جهڙي طرح ادب ۽ سماج هڪ ٻئي تي پنهنجا اثر وجهن ٿا. ساڳيءَ طرح اديب پڻ هڪ ٻئي جي تحريرن جو اثر وٺن ٿا، ڇو ته سماجي حقيقتون حساس اديبن ۽ شاعرن تي اثرانداز ٿينديون آهن. هر ليکڪ سماج جي مسئلن کي پنهنجي انداز سان پيش ڪندو آهي. گهڻو ڪري همعصر اديب به هڪٻئي جو اثر وٺندا آهن. ان کان علاوه  مختلف ٻولين جا اديب هڪ ٻئي جي تحريرن ۽ موضوعن کان متاثر ٿيندا آهن ۽ ڪٿي وري ملڪي ۽ بين الاقوامي اديبن جا پڻ هڪ ٻئي جي فن ۽ فڪر تي گهرا اثر نظر ايندا آهن. سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن جي تحريرن ۾ فڪر توڙي موضوعن ۾ هڪجهڙايون نظر اچن ٿيون. منهنجي هن تحقيقي مقالي جو مقصد مشهور اردو اديب سعادت حسين منٽوءَ جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻين تي پيل اثرن جو جائزو وٺڻ آهي. 

منٽو اردو ادب جو اهو ليکڪ هو، جنهن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو ۽  گڏوگڏ ان کي تمام گهڻي تنقيد جو نشانو پڻ بنايو ويو. منٽو جنهن دور ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، اهو انگريزن جي حڪومت جو دور هو، جنهن ۾ روسي انقلاب ظهور پذير ٿيو، جنهن عام ماڻهوءَ ۾ شعور سان گڏ مزاحمت جو جذبو پڻ جاڳايو. عوام ۾ پنهنجي سياسي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انگريزن کان آزاديءَ وٺڻ لاءِ تحريڪون هليون، جن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کان علاوه ڪيتريون ئي سماجي ۽ فڪري تحريڪون پڻ شامل هيون. اهو ئي سبب آهي جو ويهين صديءَ کي گڏيل هندستان ۾ شعور جي صدي ليکيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اتي هر ظلم ۽ بربريت جي خلاف آواز بلند ٿيا هئا. ان دور ۾ ئي علم عام ماڻهن تائين پهتو. ماڻهو جڏهن جديد علمن کان متعارف ٿيا ته ڪائنات جا ڪيترائي لقاءَ ۽ راز علم ۽ عرفان جي مدد سان ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ عام ماڻهن تائين انهن جي رسائي ڪتابن ذريعي ممڪن ٿيڻ لڳي. عام ماڻهو ان بابت سوال ڪرڻ ۽ ان نظام جي سرشتي تي بحث مباحثا ڪرڻ لڳا. جديد علم ماڻهن کي سوچ ۽ سمجهه جا نوان زاويا ڏنا ۽ انسان پنهنجي زندگيءَ جي آجپي لاءِ هر قسم جي  جدوجهد لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو.

روس ۾ برپا ٿيندڙ ڪميونسٽ انقلاب 1917 ع ڪمزور ۽  ڏتڙيل طبقن جي ماڻهن ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ تمام گهڻو جوش ۽ ولولو اڀاريو. ساڳي ئي دور ۾ ادب پڻ ميدان جنگ ۾ مورچي جو ڪردار ادا ڪيو. اديبن عام ماڻهن کي پنهنجي لکڻين ذريعي سماجي توڙي سياسي حق تلفين خلاف نه صرف  شعور ڏنو، پر انهن کي نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجهد تي پڻ آماده ڪيو. منٽو تي روسي انقلاب  ۽ ادب جو وڏو اثر هيو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات روسي ادب جي ترجمن سان ڪئي. هن گورڪي، چيخوف ۽ فرائيڊ کي ترجمو ڪيو ۽ ان بعد افسانه لکڻ شروع ڪيا.  جيئن ته مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته، منٽو اردو ادب جو اهو افسانا نگار هو، جنهن کي وڌ ۾ وڌ تنقيد جو نشانو بنايو ويو، ڇاڪاڻ ته هن معاشري ۾ موجود گندگيءَ کي ڍڪڻ بجاءِ وائکو ڪيو ۽ مذهب  ۽ اخلاقيات جي آڙ ۾ اٻوجهه ماڻهن کي جهڙي طرح غلام بنايو پئي ويو، هن ان تي به پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي وار ڪيو. گڏوگڏ سياسي مفادن هيٺ جهڙيءَ ريت عام ماڻهو جو استحصال ڪيو پئي ويو، ان استحصالي نظام تي به هُن ڀرپور طنز ڪئي، ۽ بي پهچ ۽ سماج جي نظرانداز ڪيل ماڻهن جو سگهارو آواز بنجي، سندن درد ۽  دانهن کي قلم ذريعي بيان ڪيائين.  

منٽو معاشري جي محڪوم، نادار ۽ هيٺئين طبقي جي ڪردارن کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو. هن انهن ماڻهن جي نفسيات کي پرکي سندن اندر جي اجري ڪردار ۽ انسانيت پرور روح کي ظاهر ڪيو ۽ ان  مجبور طبقي سان وابستا ماڻهن جي مجبورين کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنائي، پڙهندڙن جي ذهن ۾ انهن لاءِ نه صرف نرم گوشو ۽  همدردي پيدا ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ هن معاشري جي بظاهر نظر ايندڙ شريف ۽ صاف سٿرن ماڻهن جي مُنهن تان شرافت جا نقاب لاهي، سندن اندر ۾ لڪيل غلاظتن کي ظاهر ڪيو ۽ انهن مفاد پرست ماڻهن جا اصل چهرا عام ماڻهن اڳيان پڌرا ڪيا، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هو تيار ڪونه هئا. ان سبب هن تي غدار، ملحد ۽ فحش نگار هجڻ جا الزام لڳا ۽ نتيجي ۾ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪيسن کي پڻ مُنهن ڏنو.

هو هڪ هنڌ  لکي ٿو ته: " مجهے آپ افسانا نگار کی حئٓیثیت سے جانتے ہیں؛ عدالتیں مجهے ایک فحش نگار کی حيثيت سے، حکومت مجهے کبهی کمیونسٹ کہتی ہے کبهی ملک کا بڑا ادیب ۔ کبهی میرے لئے روزی کے دروازے بند کیے جاتے ہیں تو کبهی کهول دیے جاتے ہیں۔"(1) (منٽو، 1952، 253)

        منٽو هر موضوع تي افسانا لکيا. پوءِ اهي سياسي موضوع هجن يا سماجي، مذهبي هجن يا عام رواجي، سندس شروعاتي افسانهن تي نظر وجهجي ٿي ته، اهي انگريز تسلط خلاف لکيل نظر اچن ٿا، جن ۾ نيا قانون، ”لائسنس ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان پوءِ جيئن ته  هندستان جو ورهاڱو عمل ۾ اچي ٿو، جيڪو بعد ۾ تاريخ ۾ هڪ المناڪ حادثي جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. مذهب کي بنياد بنائي هڪ قوم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڌار ڪيو ويو، جنهن سان نفرت جي اهڙي هوا ڀڙڪي، جنهن انسانيت مان ويساه ئي ختم ڪري ڇڏيو. ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ ۾ پيش ايندڙ فسادن ۾ قتل و غارت، لٽ مار ۽ عزتن لٽجڻ جا جيڪي روح کي ڪنبائيندڙ يا دل ايذائيندڙ واقعا رونما ٿيا، منٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي افسانا نگارن انهن واقعن کي پنهنجي افسانن جو موضوع بنايو، جن ۾ منٽو جا لکيل افسانهشريفن“، ”کول دو“، ”دو قومي نظريه“، ”هتڪ“، ٽوبه ٽيڪ سنگه“، ”ٽيٽ وال ڪا ڪتا وغيره شامل آهن، جيڪي انهن حالتن ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جي قبيح تصوير پيش ڪن ٿا.

 انهن افسانن سان گڏ منٽو سماج جي ڪمزور، ڌڪاريل طبقي يعني ڪوٺي تي ڌنڌو ڪندڙ عورتن کي پڻ پنهنجن ڪيترن ئي افسانن جو موضوع بڻايو، جن ۾ هن طوائف جي ڪردار، ان جي نفسيات ۽ انهن جي پنهنجي پيشي جون مجبوريون ۽ معاشري جي هنن کان نفرت ۽ ڌڪار ۽ ان جي ابتڙ وري اتي رهندڙ عورتن جو مذهب ۾ ايمان، انسانيت ۾ ويساه ۽ سندن ڪردار جي خوش اخلاقي، عزتِ نفس، روايتن ۽ رسمن جي پابندي جي منظر ڪشي اهڙي ته اثرائتي نموني سان بيان ڪئي آهي، جو پڙهندڙن ۾ انهن ڪردارن سان همدرديءَ سان گڏ عزت ڪرڻ جو جذبو به پيدا ٿئي ٿو.

شيخ اياز منٽو جي فن ۽ فڪر بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”سعادت حسين منٽو هندستان جو ڊي. ايڇ. لارينس آهي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪهاڻي ليکڪ طوائف خاني (وئشيا گهر) ۾ نه ويو آهي، سو ڪڏهن به سٺي ڪهاڻي لکي نه سگهندو. (2) (شيخ، 1998: 51)

        سندس اهڙن افسانن ۾ڪالي شلوار به مشهور آهي، جنهن ۾ سلطانه نالي هڪ طوائف جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي، جيڪا  هڪ شهر کان ٻئي شهر جڳهه مٽائڻ جي نتيجي ۾ گراهڪ نه اچڻ سبب پريشان آهي. مٿان وري محرم جو مهينو اچي وڃي ٿو ۽ ڪوٺي تي رهندڙ سڀئي عورتون محرم جي تياريءَ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿيون، پر سلطانه وٽ ايترا ڏوڪڙ به ڪونه آهن، جو هوءَ محرم ۾ پائڻ لاءِ ڪارا ڪپڙا خريد ڪري سگهي. منٽو ان عورت جي نفسيات ۽ ڪشمڪش کي هن طرح پيش ڪيو آهي:

        "محرم کا مہینا سر پہ آرہا تها مگر سلطانہ کے پاس کالے کپڑے بنانے کے لیے کچھ بهی نہ تها مختیارنے لیڈی ہیملیٹن کی ایک نئی وضع کی قمیص بنوائی تهی جس کی آستین کالی جارجٹ کی تهی، اس کے ساتھ میچ کرنے کے لیے کالی ساٹن کی شلوار تهی۔ انوری نے ریشمی جارجٹ کی ایک سفید ساڑهی خریدی تهی۔ اس نے سلطانہ سے کہا تها کہ وہ اس ساڑهی کے نیچے سفید بوسکی کا کوٹ پہنے گی۔ سلطانہ نے جب یہ تمام چیزیں دیکهیں تو اس کو اس احساس نے بہت دکھ دیا کہ وہ محرم منانے کے لیے ایسے لباس کی استطاعت نہیں رکهتی۔" (3) (ای بی اشرف، 2003: 116)

        انهيءَ پريشاني ۾ هوءَ پئسن جي اڻهوند سبب پنهنجي ڪنن جا ٽاپس وڪڻي محرم ۾ پائڻ لاءِ ڪاري شلوار خريد ڪري ٿي. منٽو هن ڪهاڻي ۾ انهن عورتن جي، مذهب لاءِ احترام ۽ يقين کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ سندن خواهشن، جذبن ۽ احساسن کي ظاهر ڪرڻ جي ڀرپورڪوشش ڪئي آهي.

        ان کان علاوه سندس ان موضوع تي لکيل ڪهاڻين ۾ جانڪي، خوشيا، هتڪ وغيره شامل آهن. منٽو انهن عورتن بابت ڪهاڻيون لکيون، جن کي معاشري ٺڪرائي ڇڏيو هو. ان کان علاوه منٽو جنسيات جي موضوع تي پڻ بهترين افسانا  تخليق ڪيا آهن، جن ۾ بُو،بلائوز، اوپر نيچي اور درميان“، بدصورت وغيره شامل آهن.

منٽو ڪل 234 افسانا لکيا آهن، جن ۾ هن جي هڪ مشهور ڪهاڻي هتڪ تي شعور تحقيقي جنرل جو پورو پرچو شايع ٿيل آهي.

ڊاڪٽر صادق سندس افسانن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

       "منٹو کے افسانے بےباکانا حقیقت نگاری اور فنی ضبط وتوازن کی بهترین مثال ہیں۔ یہیں خوبیاں عصمت چغتائی کے افسانوں میں بهی نظر آتی ہیں۔ منٹو کے ہاں سماج کے نچلے طبقے کے عموماً ایسے کرداروں کی کثرت ہے جو سماج میں اپنی اهمیت تو رکهتے ہیں لیکن عزت نہیں رکهتے، جس کی ضرورت تو محسوس کی جاتی ہے لیکن ان سے محبت نہیں کی جاتی،جنہیں سماج کا اعلئ طبقہ اپنے مفاد کے لیے استعمال کرتا ہے ، لیکن ذلیل اور پست سمجهتا ہے ۔ بظاہر ذلت و پستی میں گذارنے والے ان افراد کی معصومیت، نیکی،دردمندی اورانسانیت کو منٹو نے اپنے افسانوں میں پیش کیا ہے۔"(4) (صادق، 1994، 369)

        جهڙيءَ ريت نقادن جو خيال آهي ته، منٽو جي فن ۽ فڪر تي گورڪي، چيخوف ۽ فرائيڊ جي لکڻين جا اثر نمايان هئا، اهڙيءَ ريت سنڌي افسانه نگارن جي ڪيترن ئي افسانن تي منٽو جي افسانن جا اثر به نمايان نظر اچن ٿا. هيٺ اهڙا ڪجهه مثال ڪهاڻين جي  مختصرجائزي سان گڏ پيش ڪجن ٿا.

ورهاڱي کان اڳ منٽو جو لکيل افسانو نيا قانون ۾ انگريز سرڪار کان نفرت جو کليل اظهار ڪندي نظر اچي ٿو.  منٽو جي ان افساني جي ڀيٽ شيخ اياز جي افساني سفيد وحشي سان ڪجي ته ڪهاڻيءَ جي موضوع جي ٿوري مٽ سٽ کان سواءِ ساڳيو فڪر يعني انگريز سامراج سان نفرت جو اظهار ٻنهي جي ڪهاڻين ۾ نظر ايندو. مثال منٽو جي ڪهاڻي جون هي سٽون ته:

"استاد منگو کو انگریزوں سے بڑی نفرت تهی۔ اور اس نفرت کا سبب تو وہ یہ بتلایا کرتا تها کہ وہ ہندستان پر اپنا سکہ چلاتے ہیں۔ اور طرح طرح کے ظلم ڈهاتے ہیں۔ مگر اس کے تنّفر کی سب سے بڑی وجہ یہ تهی کہ چهاؤنی کے گورے اسے بہت ستایا کرتے تهے۔ وہ اس کے ساتھ ایسا سلوک کرتے تهے گویا وہ ایک ذلیل کتا ہے۔ اس کے علاوہ اسے ان کا رنگ بهی بالکل پسند نہ تها۔ جب کبهی وہ گورے کے سرخ وسپید چہرے کو دیکهتا تو اُسے متلی آ جاتی۔ نہ معلوم کیوں وہ کہا کرتا تها کہ ان کے لال جهریوں بهرے چہرے دیکھ کر مجهے وہ لاش یاد آ جاتی ہے جس کے جسم پر سے اوپر کی جهلّی گل گل کر جهڑ رہی ہو۔" (5) (بيگ، 1991ع، 514).

        پوءِ جڏهن منگو کي ٽانگي سواريءَ دوران ٻن وڪيلن جي گفتگو مان اها خبر ملي ٿي، ته پهرين اپريل تي هندستان ۾ نئون قانون لاڳو ٿيندو، جيڪو، هندستانين جي حقن جو ضامن آهي، تڏهن هو وڦلجي هڪ انگريز گوري کي، جنهن هن سان سال اڳ سواري دوران شراب جي نشي ۾ يا حڪومت جي زور تي، منگو جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي هئي، سو ان کي ڏسي منگو کي نئون قانون ياد اچي ويو، ۽ هن ان کي ڏاڍي مار ڪٽ ڪئي، جنهن سبب هن کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، جتي هن تي اها حقيقت آشڪار ٿئي  ٿي ته اهڙوڪوبه قانون ڪونهي، جيڪو غريب، بيوس ۽ بي پهچ ماڻهو جي سهائتا ڪري سگهي.

        شيخ اياز جي ڪهاڻي سفيد وحشي جو جائزو وٺبو ته اها به انگريز خلاف نفرت جو برملا اظهار نظر اچي ٿي، جنهن جو اندازو ڪهاڻي جي هنن سٽن سان ڪري سگهجي ٿو ته سفيد وحشي اسان جي عزت غيرت ۽ محبت جا خوني سفيد وحشي صديق جو مغز ڦري وڃي ٿو. هي صدريءَ جي کيسي مان چاقو ڪڍي در کي لت هڻي اندر ڌوڪي آيو .هڪ ٻيون ۽ ٽيون سولجر در ڪيرائي آدم مڇيءَ جيان در تي ڦٿڪڻ لڳو. (6)

منٽو جو افسانو ممد بهائي پڙهي ڏسبو ته هن ۾ ممد ڀائيءَ جو ڪردار جيڪو بظاهر هڪ غنڊي جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهن جي ڪردار کي منٽو ايڏي ته  ڪاريگريءَ سان چٽيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان هن ڪردار جي لاءِ نه صرف عزت پيدا ٿئي ٿي، پرمحبت جو جذبو پڻ بيدار ٿئي ٿو. منٽو بدمعاش جي نقاب ۾ هڪ اهڙي سچي، نيڪ ۽ نرم دل انسان جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن کي به تڪليف ۾ ڏسي نٿو سگهي، ايستائين جو هڪ ڏينهن هڪ عورت جي عزت لٽيندڙ شخص کي ان عورت جي فرياد تي قتل ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ جيل وڃي ٿو، پر پوءِ عرب گلي جي سڀني ماڻهن سان چڱائي ڪرڻ سبب ڪوبه هن خلاف شاهدي نٿو ڏئي ۽ هي باعزت بري ڪيو وڃي ٿو، پر هن کي اهو افسوس اندر ۾ ڳاري وجهي ٿو  ته هن جنهن ماڻهوءَ جو خون ڪيو هو، ان کي هن چاقو پيٽ ۾ پاسيرو هنيو هو، جنهن سبب هو دير تائين تڙپي تڙپي مُئو هو. هن کي جيئن ته چاقو هلائڻ تي مهارت حاصل هئي، ان ڪري هن کي ان شخص کي اهڙو ڏکيو موت مارڻ نه گهرجي ها. ۽ اها آنڌ مانڌ هن کي ايترو ته بيچين ڪري ٿي، جو هو عدالت مان  ته ڇٽي وڃي ٿو، پرپوءِ اها عرب گلي ڇڏي هليوٿو وڃي. ڪهاڻيءَ جون هي سٽون سندس ڪردار تي چٽي روشني وجهن ٿيون:

       "میں صبح سویرے اپنی کهولی سے نکل جاتا تها اور بہت رات گئے لوٹتا تها۔ لیکن مجهے ممد بهائی سے ملنے کا بہت اشتیاق تها۔ کیوں کہ اس کے متعلق عرب گلی میں بے شمار داستانیں مشہور تهیں کہ بیس پچیس آدمی اگر لاٹهیوں سے مسلح ہوکر اس پر ٹوٹ پڑیں تو وہ اس کا بال تک بیکا نہیں کرسکتے۔ ایک منٹ کے اندر اندر وہ سب کو چت کردیتا ہے۔ اور یہ کہ اس جیسا چهری مار ساری بمبئی میں نہیں مل سکتا۔ ایسے چهری مارتا ہے کہ جس کو لگتی ہے اسے پتہ بهی نہیں چلتا۔ سو قدم بغیر احساس کے چلتا رہتا ہے اور آخر ایک دم ڈهیر ہو جاتا ہے۔ لوگ کہتے ہیں کہ یہ اس کے ہاتھ کی صفائی ہے"۔ (7)

        ساڳي طرح اياز قادري جو افسانو بلو دادا ۾ پڻ اهڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جو پنهنجي پاڙي جي ماڻهن جي حفاظت هڪ دادا جي روپ ۾ ڪري ٿو ۽ ان ڪري پاڙي جا ماڻهو هن کي عزت جي نگاه سان ڏسن ٿا.

 ڪهاڻيءَ جون هي سٽون بلو جي ڪردار کي واضح ڪن ٿيون ته بلو هڪ موٽي سيٺ کي گردن کان جهليو بيٺو آهي. سالا حرامي، جيڪڏهن توکي ڪار نٿو هلائڻ اچي ته ڪار ڇو هلائين ٿو! سيٺ ڪرڙيءَ وانگر پئي ڦٿڪيو. ڇا اوهان سيٺيا دنيا جي نشي ۾ ايترو انڌا ٿي ويا آهيو، جو غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙهيو!‘ مون وڃي بلوءَ کي پٺيان ڀاڪر وڌو. منهن ورائي دانهن ڪيائين، سائين ڏسو، هي حرامخور ڪهڙو نه بيپرواهيءَ سان ڪارون ٿا هلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چاڙهيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران، ڪار ڀڄائي ٿو وڃي! ائين چئي هڪڙو زور سان چنبو وهائي ڪڍيائينس. مون کڻي سندس هٿ روڪيو. ڪجهه سندس جوش گهٽيو. سيٺ کي چيائين،کڻ هن ڇوڪري کي ڪار ۾.

ساڳي ڪهاڻي جي هڪ ٻي واردات ۾ بلو چئي ٿو ،”سائين، پهرين ڳالهه ته ٻُڌ، رات ڇا ٿيو. ٽي حرامزادا سوٽيل بوٽيل، پاڙي جي ڇوڪرين جي پٺيان پيا ڦرن. ڀلا سائين، تون چئو، اهڙي وقت، بلو بس ڪري وهي؟ ٻه ٽي لپاٽون هڻي، سالن کي سبق سيکاري ڇڏيم.  (8)

        مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا، بلو سچ مچ غنڊو هو؟

بلو دادا کان پوءِ اهو بدمعاش جي روپ ۾ شريف ماڻهوءَ جو ڪردار سنڌي ڪهاڻي اندر غلام رباني جي شيدو ڌاڙيل“، جمال ابڙي جي بدمعاش ۾ پڻ نمايان نظراچي ٿو.‎

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10  11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org